ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
مترجم: محمد اسلم پلي
الاتقان في علوم
القرآن
جلال الدين عبدالرحمان السيوطيٰ
جلال الدين عبدالرحمان السيوطي آفريڪا کنڊ جي ملڪ
مصر سان تعلق رکندڙ جامع العلوم شخصيت جو مالڪ هو.
جو 1445 ۾ مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ ڄائو ۽ هو
1505 ۾ وفات ڪيائين. هن قاهره مان تعليم حاصل ڪئي
۽ فقيهه، حافظ ۽ محدث جي حيثيت سان مشهور ٿيو ۽ ان
سان گڏوگڏ پنهنجي همعصر ساٿين کان گوءِ کڻي ويو.
هن چاليهه سالن جي ڄمار ۾ تنهائي اختيار ڪئي ۽
درياءِ نيل جي ڪناري هڪ جڳهه جنهن کي ’روضـﺔ
المقياس‘ سڏيو وڃي ٿو اتي رهائش پذير ٿيو ۽ پنهنجي
پاڻ کي لکڻ پڙهڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. علامه
سيوطي صاحب اعلى اختيار وارن ۽ وڏن وزيرن جون
دعوتون قبول نه ڪندا هئا، پر اگر صاحبان اختيار
وٽان ڪو تحفو ملندو هو ته شڪريي سان واپسي ڪندا
هئا. مختلف موضوعن تي ڇهه سو کن ڪتاب تصنيف ڪيا جن
۾ ڪجهه اهڙن ڪتابن جا نالا به ملن ٿا، جيڪي هاڻ
ناپيد آهن، ان ڪري علامه سيوطي جي ڪم جي اهميت
تمام وڏي آهي.
قرآن پاڪ جيئن ته خدا جو ڪلام آهي، جيڪو رسول الله
ﷺ جن تي نازل ٿيو، سندن زندگيءَ ۾ ئي اصحابي سڳورن
جي توجهه جو مرڪز بنجي ويو. ان ريت قرآني آيتن کي
ياد ڪرڻ سان گڏوگڏ خبرداريءَ سان لکيو به ويو، ۽
مسلمانن جي ٽئين خليفي حضرت عثمانؓ جي دورِ خلافت
۾ ملڪ جي مختلف علائقن ڏانهن موڪليو ويو. جيئن ته
قرآن مجيد الله پاڪ جو ڪلام آهي جيڪو علم حاصل ڪرڻ
تي زور ڏئي ٿو، تنهنڪري مسلمانن دل و جان سان ان
جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. قرآن پاڪ علم جو اهڙو
سرچشمو آهي جيڪو وڌ کان وڌ علم حاصل ڪرڻ، سوچڻ،
مشاهدو ڪرڻ ۽ وري سوچڻ جي ترغيب ڏي ٿو. قرآن پاڪ
جو وڏي شوق ۽ عقيدت سان مختلف زاوين کان مطالعو
شروع ڪيو ويو جنهن سان ان جي مطالعي ۾ آساني پيدا
ٿي ۽ اهو پڻ محسوس ڪيو ويو ته هن تي اڃان وڌيڪ
جامع ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪتاب ”المرشد الوجيز
الى علوم تتعلق في ڪتاب العزيز“ (مقدس ڪتاب جي
مطالعي لاءِ صحيح هدايت) اهو پهريون اهم ڪتاب هو
جنهن کي ستين صدي ۾ ابوالشام المقدسي 1266ع تصنيف
ڪيو ويو.
ان کان پوءِ ايندڙ صدي ۾ بدرالدين زرڪشي
1392ع/794هه ۾ هڪ عالمانه ڪتاب تصنيف ڪيو جنهن کي
”البرهان في علوم القرآن“ (قرآني سائنس جي واضح
تشريح) سڏجي ٿو. هن ڪتاب ذريعي علامه سيوطي کي
نئون اُتساهه مليو ۽ پاڻ الاتقان جهڙو اهم ڪتاب
تصنيف ڪيائين.
علامه سيوطي جي توجهه جو مرڪز اهي علوم هوندا هئا،
جن جو قرآن مجيد سان سڌو سنئون تعلق هجي. انهيءَ
ڏس ۾ هن اڌ درجن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا. انهن منجهان
”الاتقان في علوم القرآن هن قرآني سائنس تي خصوصي
اهميت جو حامل آهي. هن پهرين اهو ارادو ڪيو ته
قرآن مجيد جو تفسير لکيو وڃي. جنهن جو ”مجمع
البحرين و مطلع البدرين“ جو نالو رکيو وڃي ها ۽ ان
جو هڪ تعارف به لکيو، جنهن کي ’التفسير في علوم
التفسير‘ سڏيو ويو جيڪو 1367ع/ 972هه ۾ لکي پورو
ڪيو.
پر جڏهن سندن نظر زرڪشيءَ جي ڪتاب البرهان في علوم
القرآن تي پئي ته پنهنجي ڪتاب جو نالو التخبير مان
ڦيرائي الاتقان رکيائين. اتقان انهن سڀني علومن کي
واضح ڪري پيش ڪري ٿو هن جو تعلق قرآن مجيد جي پڙهڻ
لکڻ ۽ سمجهڻ سان آهي. ڪتاب ۾ واضح طور تي حروف،
ڪلمات، نزول، اوقات، ارباب، وحي جي نزول جو جڳهون،
ڪتابت، ايجاز، اعراف، تجويد، ناسخ ۽ منسوح ۽ ٻين
اهڙن ڳالهين جو بيان ڪيو ويو آهي. جيڪي قرآن شريف
سان لاڳاپيل آهن ۽ ان سان گڏوگڏ انهن سڀني اهڙن
قاعدن ۽ قانونن کي به شامل ڪيائين، جن سان قرآن
مجيد کي سمجهي سگهجي. آخر ۾ تفسير جي علوم ۽
مفسرين جا درجا پڻ بيان ڪيا اٿس، اتقان انهن مڙني
علوم جو احاطو ڪري ٿو جيڪي سيوطيءَ کان اڳ وارن
عالمن ڇڙوڇڙ انداز ۾ زيربحث آندا هئا.
دانش نبي بخش
شر
(قسط پهرين)
ٺري ميرواهه
مير معصوم بکريءَ ۽ مير صفائي جي مزارن جا ڪتبا،
انهن جي پڙهڻي ۽
ترجمو
پراڻي زماني ۾ جيئن ته هر مسلمان معاشري تي اسلام
۽ اسلامي تهذيب جو باقائده اثر هوندو هو انڪري
مسلمانن طرفان پنهنجي زندگيءَ جي هرعمل کي مذهبي
رنگ ڏيڻ جي مڪمل طرح ڪوشش ڪئي ويندي هئي. اهوئي
سبب هو جو اڪثريت جو لباس به نجو پجو اسلامي هوندو
هو. اٿڻي ويهڻي به اسلامي هوندي هئي. گفتگو جو
انداز به ڪوشش ڪري اسلامي اختيار ڪرڻ تي لوڪ جو
زور هوندو هو. ڪتاب لکيا ويندا هئا ته انهن جي
شروعات اعوذ بالله، بسـم الله ۽ خدا جي حمد و ثنا
۽ حضرت رسول خداﷺ ۽ سندس آل و اصحاب تي درود سان
ڪيو ويندو هو. تان جو جنگي اوزارن تي به اهڙي قسم
جون عبارتون ڪَنده ڪرايون وينديون هيون. شاگردن کي
پڙهائڻ واري مڪتب جا به خاص اصول هوندا هئا.
شاگردن جو مٿو ڍڪيل هوندو هو. استاد جي هڪ مخصوص
انفراديت ۽ عظمت هوندي هئي. شاگرد جو استاد سان يا
استاد جو شاگرد سان پيش اچڻ پڻ مخصوص آداب ۽ هڪ
خاص انداز تي مبني هوندو هو. ڪلاس ۾ ويهڻ وقت
استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ هڪ معين فاصلو رکيو ويندو
هو. شادي مرادي، موتي فوتي تان جو تدفين ۽ تدفين
بعد قبر توڙي مقبري جوڙڻ جهڙن عملن کي به سراسر
ديني اصولن تحت بجا آندو ويندو هو. اهوئي سبب آهي
جو اسان جي سنڌ ڌرتيءَ تي قائم آثار قديمه کي ڏٺو
وڃي ته خاص ڪري مقبرن ۽ چؤکنڊين ۾ محراب جڙيل نظر
ايندا ۽ قبرن توڙي مقبرن تي قرآني آيتن، حديثن،
روايتن ۽ ماضيءَ جي بزرگ شاعر حضرات جا شعر نهايت
ئي ديده زيب، دلفريب ۽ خطاطي جي فن جو شاهڪار ڏسڻ
۾ ايندا. جن ۾ لافاني درس، نصيحت ۽ عبرت سمايل
آهي. اهي سڀ تاريخي شاهڪار برک عالمن جي زير
نگراني ۽ انهن جي انتخاب سان زبردست ڪاريگرن کان
جوڙايا ويندا هئا. جن جي هنر نمائي ۽ ڪم سان
سچائيءَ جو اهو عالم هو جو صدين گذرڻ کان پوءِ ۽
ڪيترن ئي ماحولياتي هاڃيڪار صدمن سهڻ ۽ انهن سان
لاڳاپيل حڪومتي ادارن جي بي ڌيانيءَ جي باوجود به
توهان اسان جي نظرن اڳيان اڃان تائين سربلند بيٺا
آهن.
اهڙن عظيم تاريخي اهڃاڻن مان هڪ اهڃاڻ سنڌ سکر شهر
۾ مغل شهنشاھ اڪبر اعظم جي زماني جو ميرمحمد معصوم
ترمذي، حسيني بکريءَ جو منارو ۽ مقبرو آهي جيڪو اڄ
به لوڪ جي نظرن جو مرڪز بڻيل آهي. اها عمارت هڪ
مجموعي جي صورت ۾ ٽن ڌار، ڌار حصن تي مشتمل آهي،
جن مان هڪ منارو، ان سان گڏ هڪ قبو ۽ ان جي ڀر ۾
مير معصوم جو خانداني قبرستان آهي. سموري عمارت
عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتبن سان سينگاريل
آهي، جن جي مطالعي مان پروڙ پوي ٿي ته هتي
۹۹۱هجري (1583ع) سڀ کان پهريان مير معصوم جي والد
مير صفائي ۽ هڪ ٻئي امير نالي مير ابوالقاسم جون
قبرون جوڙيون ويون هيون. ان کان پوءِ سنه ۱۰۰۲ ھ
(مطابق1593ع) ۾ ان ئي جڳھ تي پٿر جي ٺلهن ۽ قبن
واري عمارت جوڙي وئي هوندي. جيڪو درحقيقت مير
معصوم جو خانداني قبرستان آهي. ان جي تعمير جو سال
“عمارت سر کوه” ۾ (۱۰۰۲ھ) سمايل آهي. ان ئي سال
مناري جي تعمير شروع ٿي ۽ سنه ۱۰۱۳ھ (1604ع) ۾
مڪمل ٿي. گهڻو ڪري ان دوران مير معصوم اڃان ايران
جي سفارت تان موٽيو نه هو انڪري مناري جي تعمير جو
ڪم سندس وڏي پٽ مير بزرگ پنهنجي ذميواريءَ تي مڪمل
ڪرايو.
اٺ ڪنڊي عمارت جي تعمير ۱۰۰۴ھ ۾ پايهءِ تڪميل تي
پهتي، جنهن جي تاريخ تي مشتمل ”مکان با فيض“ (سنه
۱۰۰۴ھ) جملو چيو ويو. سنه ۱۰۱۹ھ ۾ خود مير معصوم
کي ان قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
جيئن ته ان تاريخي عمارت ۾ نصب سمورا ڪتبا عربي ۽
فارسي ٻولين ۾ آهن ۽ اهي ٻوليون عام طرح اسان جي
معاشري ۾ تمام گهٽ لکيون پڙهيون ۽ سمجهيون وڃن
ٿيون انڪري رٿيم ته تاريخ جي شعبي سان دلچسپي رکڻ
وارن محققن توڙي شاگردن جي سهولت ۽ ڄاڻ لاءِ سنڌي
ترجمي سان پيش ڪريان. ان ارادي تحت هيءَ ننڍڙي
محنت قدردانن جي خدمت ۾ پيش آهي اميد ته لاڀائتي
ثابت ٿيندي.
مير معصوم جو منارو:
هيءُ منارو مخروطي شڪل ۾ ڳاڙهين سرن سان تعمير ٿيل
آهي. هن جي بنياد واري حصي جي ويڪر 84 فٽ ۽ اوچائي
لڳ ڀڳ هڪ سؤ (100) فٽ آهي. هيٺان کان مٿي تائين
ڏاڪڻ اٿس ۽ مٿي چڙهڻ واري جي سهوليت خاطر روشني ۽
هوا جي فراهمي لاءِ ٿوري، ٿوري فاصلي تي روشندان
به رکيل اٿس. چوٽيءَ تان ڪِرڻ کان بچاءَ لاءِ تڏهن
ئي لوهي سيخن جو هڪ جهنگلو جوڙي نصب ڪيو ويو هو سو
اڃا تائين پنهنجي اصلي صورت ۾ قائم آهي. جيئن ته
هيءُ منارو سکر شهر جي مٿاهين جاءِ تي ٺهيل آهي
انڪري ان جي چوٽيءَ تان سڄي شهر جو نهايت ئي
خوبصورت نظارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. مناري تي مٿي چڙهڻ
واري دروازي جي ڀر ۾ فارسي ٻوليءَ ۽ نستعليق
لکڻيءَ ۾ هڪ ڪتبو لڳل آهي جنهن جي عبارت هن طرح
آهي:
بني هذا المينار في زمان سلطان جلال الدين محمد
اڪبر بادشاھ غازي
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
بدر فلک علا محمد معصوم کز
وي بزمانه صيت نيکو ناميست
افراشت چنين بناء عالي که ز قدر
افراخته سر بچرخ مينا فاميست
تاريخ بناي او ملايک از عرش
گفتند جهان نما منار ناميست
۱۰۰۲ھ
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
مير معصوم آن رفيع القدر که
ازو کار دين بآمين است
کرد طرح مينار تا گويند کين
پي يادگار ديرين است
پير چرخ از براي تاريخش
طاق عرشي
برين بگفت اين است
۹۵۲ + ۶۱ = ۱۰۱۳
ــــــــ
قايله مير بزرگ بن سيادت پناه مير محمد معصوم
ترجمو: هن مناري جو بنياد غازي سلطان
جلال الدين محمد اڪبر بادشاھ جي زماني ۾ وڌو ويو.
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
بلنديءَ جي آسمان جو چنڊ، جنهن وسيلي هن لوڪ
ڀلي شهرت ماڻي. تنهن هيءَ اهڙي ته زبردست عمارت
تعمير ڪرائي جو هن جي اوچائي آسمان سان ٿي ڳالهيون
ڪري. ان جي تعمير جي تاريخ لاءِ عرش تان ملائڪن
چيو: “جهان نما منار ناميست” (ناميءَ جو لوڪ کي
ڏيکارڻ جهڙو منارو آهي)
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
ترجمو: مير معصوم جيڪو اوچي شان وارو آهي جنهن جي
ذريعي دين جو ڪار و بار قبول پيل آهي. تنهن هيءُ
منارو انڪري تعمير ڪرايو ته جيئن لوڪ چوي ته هي
صدين تائين قائم رهڻ وارو يادگار آهي. هن جهان جي
وڏي چيو : هيءُ ئي ته عرش عُلا جي عمارت آهي.
ــــــــــــــــــــــــــــــــــ
ترجمو: چوندڙ مير بزر گ بن سيد مير محمد معصوم.
اٺ ڪنڊو قبو
هيءَ عمارت معصوم شاھ جي مناري سان گڏ، مناري
۽ خانداني قبرستان جي وچ تي آهي. جيڪا ۱۰۰۴ھ
(1595ع) ۾ تعمير ٿي. چار در ۽ چار بند محراب اٿس.
اندرئين حصي ۾ مڪمل طرح ڪاشي ڪاري جو ڪم ٿيل اٿس.
دروازن جي مٿان اتر ۽ ڏکڻ ۾ روشندان اٿس جن جي
مٿان نستعليق لکڻيءَ ۾ رباعيون کوٽيل صورت ۾ لکيل
آهن جيڪي فرش کان به سولائي سان پڙهي سگهجن ٿيون:
ڏاکڻئي روشندان جي مٿان
سر منزل درد ما هوايي دارد ويرانه غم نيز
صفايي دارد
ديوانه دل مرا ملامت نکنيد اين وادي نيز ره
بجايي دارد
ترجمو: اسان جي دکن جي دنيا جو به هڪ ماحول
آهي، غم جي برپٽ جو به هڪ صاف سٿري فضا آهي. اي دل
جا ديوانؤ! منهنجي نندا نه ڪريو جو هن واديءَ مان
اڳتي نڪرڻ جو ڪو نه ڪو رستو [ضرور] آهي.
ــــ
اترئين روشندان جي مٿان
فرياد رحيل از همه کس مشنوي آواز دراز پيش
و پس مشنوي
کرده همه شبگير بسر منزل دور تو خفته بره بانگ
جرس مشنوي
ترجمو: هر شخص واتان سفر تي اسهڻ جو
پڙهو پيا ٿا ٻڌو، اڳيان پويان وڏي ڪوڪار به سڻو
پيا، سڀني کي هڪ رات جي ڊاٻي منزل کان ڏور ڪري
رکيو آهي. تون توڙي جو مسافرن جي وهٽن جي چڙن جو
آواز پيو ٿو ٻڌين پوءِ به اڃان ستو پيو آهين!!
ان اٺ ڪنڊي قبي جي درن مٿان هيٺيون ڪتبو
لاڳيتي صورت ۾ لکيل آهي:
اي بنده نواز ذره پرور
از لطف تو ذره مهر انور
روزي که چو سبزه سر بر آرم ز
ابر کرمت اميدوارم
هر چند که خار بوستانم
بخشا بطفيل گلستانم
نوري بدلم فگن خداي تا
با تو رسم بروشنايي
من بي خود و رفته دل ز دستم دستي! که
بخاک مانده پستم
صد ديو گريزد از برونم زين
ديو که هست در درونم
کو ديده که هرچه اوست بينم بکشايم
و روي دوست بينم
هر چند که چشم ماست ناپاک يک رشحهءِ لطف
بس برين خاک
ترجمو: اي خصيص ٻانهن کي نوازڻ وارا!
تنهنجي هڪ لطف جي نظر سان ذرڙو به نوراني چنڊ
بڻجيو پوي. مان جنهن ڏينهن گاهه جيان زمين مان ڦٽي
اٿندس ان گهڙيءَ مونکي تنهنجي مهر جي ڪڪر جو آسرو
هوندو. مان توڙي جو گلستان ۾ هڪ ڪنڊي جي حيثيت ٿو
رکان تنهن هوندي به گلستان جي مهابي مونکي معاف
ڪر! مان بيوس آهيان ۽ منهنجي دل به منهنجي وس ۾
ناهي، تون ئي ڪو سهارو ڏي جو هن ڪني مٽيءَ ۾ ڪريو
پيو آهين. منهنجي اندر جي ڀوت کي ڏسي ٻاهريان سوين
ڀوت ڀڄي ٿا وڃن. مون وٽ اهڙي اک ئي ڪاٿي آهي جو
رڳو ان (حق) کي ڏسان، تون ئي ڪا ديد عطا ڪر ته
جيئن پنهنجي محبوب جو چهرو پسي سگهان. توڙي جو
منهنجي نظر خراب آهي تنهن هوندي به پنهنجي لطف جي
هڪ ننڍڙي عنايت هن خاڪ تي ڪج!
اڀرندي ٻانهين تي
چون مو بتن ار گناه رويد عفو
تو ز ابر لطف شويد
بخشش بود ار به نيک کاران پس
واي بما تبه کاران
هر چند گناه، رحمتت بيش زان روي
اميدوارم از خويش
من خفته و دشمنم نگهبان از دشمن
خانه چون برم جان؟
ترجمو: جيئن جسم تي وار تيئن ئي گناھ
ڇونه هجن، پر پوءِ به تنهنجي ٻاجھ جو ڪڪ ڌوئي لاهي
ڇڏيندو. جيڪڏهن تون رڳو ناڪن کي ئي بخشيندين ته
پوءِ اسان جهڙا گنهگارن جو ته ٻيڙو ئي ٻڏو. ڀلي
گناھ ڪيڏا به هجن پوءِ به تنهنجي رحمت انهن کان
گهڻي وسيع آهي، ان جي ڪري ئي اميد وار ٿيو ويٺو
آهيان. مان غفلت جي ننڊ ستو پيو آهيان ۽ منهنجو
ويري منهنجو نگهبان بڻيو ويٺو آهي. ان گهرو دشمن
کان بچي به ڪيترو بچي سگهندس؟!
اتر طرف
نامي که چو خاک آستان است زان خاک سرش بر
آسمان است
اي خاک بر آن خاک نبود بر خاک
درت هلاک نبود
ترجمو:
نامي ته تنهنجي آستاني جي خاڪ آهي ۽ خاڪ منجهان ئي
سندس ڳاٽ آسمان طرف اوچو آهي. شال ڪا خاڪ ان خاڪ
مٿان نه پوي، تنهنجي در واري خاڪ ۾ ته هلاڪت آهي
ئي نه.
الهندي پاسي
اين گنبد با شکوه نامي کز قدر شد
آسمان فيض
چون بود محل فيض ازان رو تاريخ شدش
مکان با فيض
۱۰۰۴ھ
ترجمو:
ناميءَ جو هي شاندار قبو عظمت جي ڪري فيض جو آسمان
بڻجي پيو آهي. جيئن ته هي هڪ فيض پهچائڻ وارو آهي
انڪري سندس تعمير جي تاريخ به “مڪان فيض” ۾ ئي
سمايل آهي.
مير معصوم جو خانداني قبرستان
هيءَ عمارت اٺڪنڊي گنبذ جي ڀر ۾ ۽ سموري پٿر
جي ٺهيل آهي. ان جي وچ ۾ قبرون آهن. مير صفائي مير
معصوم ۽ مير ابوالقاسم جي قبرن تي ڪتبا لڳل آهن.
وچ واري گنبذ دار حصي جي آس پاس پٿر جي ٺهيل ٺلهن
تي ورانڊو قائم آهي. انهن ٺلهن تي به ڪتبا لکيل
آهن. قبرن جي آس پاس وارا اٺ ٺلھ ڇڏي باقي سمورن
تي چئني پاسن کان ڪتبا اڪريل آهن. مير صفائي جي
قبر ۽ ٻين قبرن جي تعمير ۾ کٽو نالي پٿر ڪتب آيل
آهي ۽ سمورا ڪتبا (عربي توڙي فارسي) نستعليق
لکڻيءَ ۾ آهن. انهن مان صرف ڏکڻين ٺلهن جا ڪتبا هن
ريت آهن:
الناس عليٰ اربعه اقسام الاول سعيد في الحال
و المآل يعني يعيش مؤمنا و يموت مؤمنا و الثاني
شقي في الحال و المآل يعني يعيش کافرا و يموت
کافرا و الثالث شقي في الحال [و] سعيد في المآل
يعني يعيش کافرا و يموت مؤمنا و الرابع سعيد في
الحال [و] شقي في المآل يعني يعيش مؤمنا و يموت
کافرا.
ترجمو: ماڻهن جا چار قسم آهن: هڪ، هر
طرح سعادتمند يعني جيڪو جيئي به مؤمن ٿي ۽ مري به
مؤمن ٿي. ٻيو، هرطرح بدبخت يعني جيڪو جيئي به
ڪافر ٿي ته مري به ڪافر ٿي. ٽيون، جيڪو جيئري
بدبخت پر پڇاڙيءَ ۾ ڀلارو يعني جيئي ڪافر ٿي پر
مري مؤمن ٿي. چوٿون، جيڪو جيئري ڀلارو پر عاقبت ۾
بدبخت يعني جيئي مؤمن ٿي پر مري ڪافر ٿي.
ــــــــ
سالت الدار اخبرني عن الاحباب ما فعلوا
فقالت لي اقام القوم ايما و قد
رحلوا
فقلت: اين اطلبهم و اي منازل
نزلوا
فقالت فنوا في القبور لقوا والله ما
عملوا
ـــــــــ
ترجمو: مان پنهنجي گهر کان پڇيو:
منهنجي پيارن ڇا ڪيو؟ وراڻيائين: سڀ هتان لڏي هليا
ويا. چيومانس: انهن کي هاڻي ڪاٿي ڳولهي لهان؟
الائي جي ڪاٿي منزل ڪئي هوندائون؟ چيائين: اهي ته
وڃي قبرن ۾ پهتا، پنهنجي رب سان وڃي ملاقي ٿيا ۽
اهو ئي ڪجھ پاتائون جو ڪجھ هت ڪري ويا هئا.
و عن بعض الحکماءِ: الدنيا دار و داير ها دايرة و
ذخايرها بايرة و لذتھا فانية و عاعتھا [غايتھا]
باقية، حاصلھا فوت، و آخرها موت، غناؤها فقر، و
قصرها قبر، اصلھا سم و مالھا غم، فاحذروا حتيٰ اذا
جائکم الموت.
ترجمو: ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي: هي دنيا
هڪ اهڙو گهر آهي جنهن جو مڪين گهيري ۾، جنهن جا
خزانا کٽڻ وارا، جنهن جون لذتون فاني، جنهن جا
نتيجا باقي، جنهن جو نتيجو فنا، جنهن جي انتها
موت، جنهن جي مالداري ـــ جو نتيجو آخرت ۾ ــــ
فقيري ۽ جنهن جي محلات قبر آهي. هن جي پاڙ زهر۽ هن
جي دولت ڳڻتي آهي، توهان کي اهڙي شيءِ کان مرندي
گهڙيءَ تائين پاڻ بچائڻ گهرجي.
عن سليمان داراني: اصل کل خير في الدنيا
والآخرة الخوف. مفتاح الدنيا الشبع و مفتاح الآخرة
الجوع.
ترجمو: سليمان داراني کان نقل ٿيل
آهي: دنيا ۽ آخرت جي هر چڱائي جي پاڙ ”خوف“ آهي.
دنيا جي چاٻي ”پيٽ ڀرائي ۽ ڍؤ“ آهي. آخرت جي
ڪنجي”بک“ آهي.
و عن حاتم الاصم رحمة الله عليه ما من صباح
الا و يقول الشيطان لي: ما تاکل و ما تلبس و اين
تسکن فاقول له: آکل الموت و البس الکفن و اسکن
القبر.
ترجمو:
حاتم اصم رحمة الله عليه کان نقل ٿيل آهي: هر صبح
جو مون کان شيطان پڇندو آهي: کائندو ڇا آهين، لباس
ڪهڙو اٿئي ۽ گهر ڪهڙو اٿئي؟ مان چوندو آهيانس: موت
منهنجي خوراڪ آهي، ڪفن منهنجو لباس آهي ۽ قبر
منهنجو گهر آهي.
وعن ابن عمر[؟] رضي الله عنه: عز الدنيا
بالمال و عز الآخرة بالاعمال.
ترجمو: ابن عمر رضي الله عنه کان
روايت آهي: دنيا جي عزت مال سان ۽ آخرت جي عزت
اعمال سان آهي.
و عن سفيان الثوري: انه قال: کل معصية في
الشھوة فانه يرجيٰ غفرانھا و کل معصية في الکبر
فانه لا يرجيٰ غفرانھا. الا ان معصية ابليس کان
من الکبر و معصية آدم [عليه السلام] کان اصلھا من
الشھوة.
ترجمو: سفيان ثوري کان روايت آهي: هر
گناھ شهوت ۾ سمايل آهي پر ان جي به مغفرت ۽ معافي
جي اميد آهي. اهڙي طرح هر طرح جي برائي تڪبر ۾
سمايل آهي جنهن مان ڇوٽڪاري جي ڪابه اميد ناهي.
خبردار شيطان جو ڏوھ به تڪبر هو جڏهن ته حضرت آدم
(عليه السلام) جو ترڪ اوليٰ (پيٽ جي ) شهوت هئي.
و عن بعض العباد انه قال في المناجات: الٰھي
طول الامل غرني و حب الدنيا اهلکني و الشيطان
الرجيم اضلني و النفس الامارة عن الحق منعني، قرين
السوءِ عليٰ المعصية اعانني، فاغثني يا غياث
المستغيثين! فان لم تفعل فمن ذا الذي يرحمني؟
ترجمو: الله جي ڪنهن ٻانهي هڪ مناجات
۾چيو آهي: اي منهنجا رب مونکي پنهنجي ڊگهين اميدن
موهي وڌو آهي، دنيا جي محبت هلاڪ ڪري ڇڏيو آهي،
تڙيل شيطان گمراھ ڪري ڇڏيو آهي، نفس اماره حق کان
روڪي رکيو آهي، بڇڙن ساٿين پاپن جي بجا آوريءَ ۾
مونکي ٽيڪ ڪرائي آهي، انڪري تون اي فريادين جي
فرياد ٻڌڻ وارا منهنجي به فرياد سڻ! جيڪڏهن تون
ايئن نه ڪندين ته پوءِ ٻيو ڪير مون تي رحم ڪندو؟!
عن بعض الحکماءِ: من اذنب و هو يضحک فوالله
اذا کان يوم القيامة يدخل النار و هو يبکي و من
اطاع الله و هو يبکي فوالله يدخل الجنة و هو يضحک.
ترجمو: ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي: خدا جو
قسم جيڪو گناھ ڪرڻ وقت کلندو، جڏهن قيامت جو ڏينهن
ٿيندو کيس باھ ۾ اڇليو ويندو ته دانهون ڪري روئندو
۽ جيڪو الله جي اطاعت ۾ روئندو ته ان کي جنت ۾
داخل ڪيو ويندو ۽ هو کلندو هوندو.
و عن علي رضي الله عنه: من اشتاق الي الجنة
يسارع اليٰ الخيرات و من اشفق عن النار نھي عن
الشهوات و من تفکر الموت نھي عن اللذات و من عرف
الدنيا هانت عليه المصيبات.
ترجمو: علي رضي الله وٽان نقل ٿيل
آهي: جنهن کي جنت هنڍائڻ جو شوق هوندو اهو تڪڙيون
نيڪيون ڪندو ۽ جنهن کي دوزخ کان بچڻ جو اونو هوندو
اهو شهوت پرستيءَ کان پاسو ڪندو ۽ جيڪو موت کي
ساريندو رهندو اهو لذتون ڇڏي ڏيندو ۽ جنهن دنيا کي
سڃاڻي ورتو ان لاءِ ڏک ڏاکڙا برداشت ڪرڻ سولا بڻجي
پوندا.
و عن بعض الحکماءِ: لا تحقرن الذنوب الصغاير
فانھا تنشعب منھا الذنوب الکبائر.
ترجمو: ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي: ننڍڙن
گناهن کي هلڪو نه سمجهندو ڪر انڪري جو انهن مان ئي
وڏا گناھ جنم وٺندا آهن.
و عن عثمان بن عفان رضي الله عنه: هم الدنيا
ظلمة في القلب و هم الآخرة نور في القلب.
ترجمو: عثمان بن عفان رضي الله تعاليٰ
عنه کان نقل ٿيل آهي: دنيا جي ڳڻتي دل جي انداهي
جو سبب آهي ۽ آخرت جو فڪر دل جي نورانيت جو ڪارڻ
آهي.
و عن يحيٰ بن معاذ الرازي انه قال: ما عصي
الله کريم و ما آثر الدنيا عليٰ الآخرة حکيم.
ترجمو: يحيٰ بن معاذ رازي وٽان نقل
ٿيل آهي: عزت وارو ڪڏهن به الله جي نافرماني نه
ڪندو ۽ ڏاهو ڪڏهن به دنيا کي آخرت تي ترجيح نه
ڏيندو.
و عن علي رضي الله عنه: کن عندالله خير الناس
و کن عند نفسک شر و کن عند الناس اجلا من الناس،
ترجمو: علي رضي الله کان نقل ٿيل آهي:
الله جي حضور ڀلو انسان ٿي رھ پر پنهنجي لاءِ ڀلي
ڀلو ٿي نه رھ ۽ لوڪ ۾ لوڪ کان معتبر ٿي وقت گذار.
و عن علي رضي الله عنه: ان من نعيم الدنيا
يکفيک، الاسلام نعمة و ان من الشغل يکفيک الطاعة
شغلاً و ان من العبرة يکفيک الموت عبرة.
ترجمو: علي رضي الله کان نقل ٿيل آهي:
هن دنيا جي نعمتن مان تو لاءِ هي ڪافي آهي ته تون
اسلام جهڙي نعمت تي جيڪڏهن پابند رهئين ته توکي ٻي
ڪنهن جي به اطاعت جي لوڙ نه پوندي ۽ تنهنجي عبرت
حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته تون موت مان ئي عبرت
حاصل ڪر.
و عن الاعمش رضي الله عنه: من کان راس ماله
التقويٰ کلت الالسن عن وصف خسران دينه.
ترجمو: اعمش کان نقل ٿيل آهي: جنهن جو
ثمر تقوا آهي ماڻهو ان جي ديني ڪمزوريءَ جي باري ۾
گهٽ ڳالها ئيندا)
و عن ابراهيم النخعي رحمة الله عليه انه قال:
انما هلک من هلک من قبلکم بثلٰثة اشيآءِ بفضل
الکلام و فضول الطعام و فضول المنام.
ترجمو: ابراهيم نخعي رحمة الله عليه
کان نقل ٿيل آهي: توهان کان اڳ وارا ماڻهو ٽن سببن
جي ڪري هلاڪ ٿي ويا: هڪ گهڻي ڳالهائڻ جي ڪري، ٻيو
گهڻي کائڻ جي ڪري، ٽيون گهڻي سمهڻ جي ڪري.
و قال عليه السلام: المقر بالتقصير محمود و
الاقرار بالتقصير علامة القبول.
ترجمو: ... عليه السلام فرمايو:
غلطيءَ جي اقرار ڪرڻ وارو ڀلو ليکبو، غلطيءَ جو
اقرار ڪرڻ قبول (۽ استغفار) جي علامت آهي.
و عن بعض الحکماءِ: طوبيٰ لمن کان عقله اميرا و
هواه اسيرا. و الويل لمن کان عقله اسيرا و هواه
اميرا.
ترجمو: ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي: خوشنصيب
آهي اهو شخص جنهن جو عقل بادشاھ ۽ سندس خواهشون ان
جي ماتحت هجن ۽ بدبختي آهي ان شخص لاءِ جنهن جو
عقل ماتحت ۽ نفساني خواهشون حاڪم هجن.
اری
طالب الدنيا و ان طال عمره و ن ال من الدنيا
سرورا و انعما
کبان بنی
بنيانه فاتمه . . . نوی
ما قد بنی
و تھدما.
ترجمو: دنيا جو اهو پوڄاري جنهن وڏي عمر ماڻي
هر مزو ماڻيو هجي ۽ سڀ ڪجھ هنڍايو هجي مونکي ايئن
ڏسڻ ۾ آيو جيئن ڪنهن عمارت ٺاهي مڪمل ڪئي هجي ۽
وري ان کي پنهنجي ئي هٿن سان ڊاٿو هجي.
عزيزي را گفتند دلهاي ما خفته است و سخن تو
درو اثر نمي کند چه کنيم؟ گفت: کاش که خفته بودي
که چون خفته را بجنباني بيدار شود و دلهاي شما
مرده است هر چند مي جنبانيد بيدار نمي شود.
ترجمو: ڪنهن الله واري کان پڇيو ويو: اسان جون
دليون ستل آهن ڪهڙو سبب آهي جو تو واري نصيحت اثر
ئي نٿي ڪري؟ وراڻيائين: اي ڪاش توهان جون دليون
ستل هجن ها، ستل کي لوڏو ڏبو ته جاڳي پوندو آهي پر
توهان جون دليون ته مرده آهن توهان انهن کي ڪيڏو
به ڌوڻيو ٿا پرپوءِ به اٿن ئي نٿيون.
قال عليه السلام: خصلتان لاشيء افضل منهما
الايمان بالله و النفع للمسلمين.
ترجمو: . . . عليه السلام فرمايو: ٻه اهڙيون
خصلتون آهن جن کان مٿي ڪا به شيءِ ناهي: هڪ، خدا
تي ايمان. ٻي مسلمانن کي فائدو پهچائڻ.
مير محمد معصوم جي قبر تي قائم مقبري جا ڪتبا:
مقبري جي اندروني حصي ۾ مٿان کان هيٺ هڪ ٻئي
سان مليل ڏهن ڀاڱن ۾ ڪتبا درج ٿيل آهن، جن مان
مٿيان ٽي ۽ هيٺيان ٽي اڀريل اکرن ۾ آهن جڏهن ته وچ
وارا چار کوٽيل اکرن سان نستعليق لکڻيءَ ۾ لکيل
آهن. گنبذ جي هيٺان ۽ بنيادي ٺلهن جي مٿان اٺاس
ٺهيل آهي جنهن تي گنبذ ويٺل آهي.
مٿي بيان ڪيل ڀاڱن ۾ درج ٿيل ڪتبن جو ڀاڱن کي
نظر هيٺ رکندي ڳاڻيٽو مٿئين ڀاڱي کان هيٺ شروع ڪيو
ويو آهي. هر قول جي قائل (چوڻ واري) جو نالو تِرڇو
لکيو ويو آهي. بيت ڪتبن ۾ لاڳيتا آيل آهن. يعني
نثر واري طريقي تي پر هتي نظم جي صورت ۾ ڏجن ٿا:
1 قال بعض البلغآءِ الامل حجاب الاجل. (ڪنهن
خوش بيان شخص جو چوڻ آهي: اميد موت کان رڪاوٽ جو
سبب آهي).
قال سعيد بن المسيب ليس قبل الموت شيء اشد
منه و ليس بعد الموت شيء الا الموت ايسر منه.
(سعيد بن مسيب فرمايو: موت کان پهريان موٽ کان
وڌيڪ ڪا به شيءِ ناهي ۽ موت کان پوءِ موت کان وڌيڪ
ڪا به شيءِ آسان ناهي).
2 قال الآخر: من حاسب نفسه ربح و من اغفل
عنھا خسر.
ترجمو: هڪ ٻئي چيو: جنهن پنهنجي نفس
جو حساب ڪتاب ڪيو ان کٽيو ۽ جيڪو ان کان غافل
رهيوان نقصان پاتو).
قال وهب بن منبه: مثل الدنيا و الآخرة مثل
ضرتين ان ارضيت احدهما استخط الاخريٰ.
ترجمو: وهب بن منبه جو چوڻ آهي:
هيءَ دنيا ٻن . . . جيان آهي، هڪ کي راضي ڪندين ته
ٻئي کي ناراض ڪرڻو پوندئي .
قال عيسيٰ بن مريم: الدنيا قنطرة فاعبرو ها
و لا تعمرو ها.
ترجمو: حضرت عيسيءِ بن مريم جو فرمان
آهي: هي دنيا پُل آهي هن تان ٽپي وڃو، هن جي ٺاھ
ٺوھ نه ڪريو.
3. ني گل برخ باد صبا مي خندد
ني ني همه بر عفلت ما مي خندد
گويم گويم که او چرا مي خندد
بر يک دمه عمر بي وفا مي خندد
ترجمو:
گل، باد صبا تي نٿو کلون ڪري بلڪي اسان جي غفلت تي
ٿو کلون ڪري ۽ مان ٿو توهان کي ٻڌايان ته کلون ڪري
ڇوٿو، اهو هڪ گهڙي پل جي بي وفا عمر تي ٿو کلون
ڪري.
ـــــــ
از تفرقه دهر اگر رستي هيچ
در جاي شدت بلند در پستي هيچ
چون آخر کار بايدت خاک شدن
دانستي هيچ ور ندانستي هيچ
ترجمو:
زماني جي تفرقي مان بچي نڪتين ته به فرق نه پوندو،
ڪنهن هيٺاهين يا مٿڀري جڳھ زندگي گذاريئي تڏهن به
ڪو فرق نه هوندو ڇو ته نيٺ مري مٽي ٿيڻو آهي، ان
کي ڄاتئي ته ڇا جي نه ڄاتئي ته به ڇا؟!
4 قال النبي صلي الله عليـﮧ وسلم: الذنب لاينسيٰ و
البر لا يبليٰ. الديان لايموت فکن کما شئت فکما
تدين تدان.
ترجمو: حضرت رسول خدا (ص) جن ارشاد فرمايو:
گناھ ڪڏهن به ناهي وسرندو ۽ چڱائي ڪڏهن به ڪني
ناهي ٿيندي. [پڻ فرمايو:] ديندار ڪڏهن به ناهي
مرندو. هاڻ تنهنجي مرضي جو ڪجھ ڪندين اهو ئي
پائيندين.
قال عيسيٰ بن مريم: الدنيا لايبس مزرعه و اهلها
حراث.
ترجمو:
حضرت عيسيٰ بن مريم فرمايو: هي دنيا هڪ اهڙي کيتي
آهي جيڪا سُڪندي ئي ناهي ۽ ماڻهو هاري آهن.
قال ابو حازم: نحن نريد ان نموت حتيٰ نتوب و نحن
لانتوب حتيٰ نموت.
ترجمو:
ابو حازم جو چوڻ آهي: اسان رٿيو ويٺا آهيون ته
توبه ڪرڻ کان اڳ نه مرون جڏهن ته توبه ايسيتائين
نه ڪنداسين جيتري تائين مرون نه.
قيل: الفقر ملک ليس فيه محاسبة.
ترجمو: ڪنهن چيو آهي: غربت هڪ اهڙي
شاهي آهي جنهن جو حساب ڪتاب آهي ئي نه)
5
نامي که ز دست دهر در تاب شده
پز مرده گليست کز رخش آب شده
زودست که بنگري تو آن غمزده را
آسوده بزير خاک و در آب شده
ترجمو:
نامي، هن زماني جي گردش جي ڪري پريشان ۽ هڪ اهڙي
ڪوماڻيل گل جيان ٿي پيو آهي جنهن جو پاڻي سڪي ويو
هجي، اجهو توهان کي پتو پئجي ويندو ته ويچارو اهو
غمگين وڃي مٽيءَ پاڻيءَ حوالي ٿيو.
ـــــــ
جز غم دل اهل درد خندان که کند
جز ناله دوامي مستمندان که کند
جز گريه نوازش حزنيان که کند
جاروب مزار خاکساران که کند
ترجمو:
سواءِ اندر جي سور جي دردمندن کي ٻيو ڪير
کلائيندو؟غريبن سان سواءِ دانهن جي ٻيو وفا ڪير
ڪندو؟ سواءِ روئڻ جي غمگينن تي ٻاجھ ٻيو ڪير ڪندو؟
خاڪ نشينن جي قبر تي ڪير آهي جيڪو اچي ٻهاري ڏئي؟
ـــــــ
6
در دهر اگر گدا و گر محتشم است
آخر همه را روي بسوي عدم است
عمر تو اگر بيش بود کم ز کم است
زيرا که چو نيک بنگري يک دو دم است
ترجمو:
هن دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو گداگر ۽ امير آهي، مڙني جو
پنڌ فنا ڏانهن آهي، تنهنجي عمر ڪيڏي به هجي پوءِ
به ٿوري آهي، جيڪڏهن ٿورو ڌيان ڪري ڏسندين ته هڪ
ٻه گهڙيون ڏسڻ ۾ ايندئي.
ــــــــ
روزي که دلم ز دهر نوميد شود
جان نيز بسر منزل جاويد شود
ذرات وجودم که بمهرش شده خاک
کمتر ذره ازو چو خورشيد شود
ترجمو:
جنهن ڏينهن منهنجي دل هن دنيا مان آسرو لاهي ويٺي
ان ڏينهن هي ساھ به هميشه رهڻ واري ڏيھ طرف روانو
ٿي ويندو. منهنجي هن جسم جا ذرڙا جيڪي مٽي ٿي ويا
آهن تن مان هڪ ذرڙو به سندس مختصر عنايت سان سج
بڻجي پوندو.
ـــــــــ
7 قال اميرالمؤمنين علي: مثل الدنيا مثل
الحية لين مسها و قاتل سمها.
ترجمو: اميرالمؤمنين علي عليه السلام
هيءَ دنيا نانگ جي مثال آهي جيڪو هٿ هڻ ته نرم
لڳندو پران جو زهر موتمار هوندو آهي.
ما آمده بوديم درين باغ بگشت
چون ابر بروي سبزه چون باد بدشت
چون نرگس پر خمار ناگاه از خواب
تا چشم گشاديم ز همه عمر گذشت
ترجمو:
اسان ته هن باغ ۾ ايئن سير ڪرڻ آيا هئاسين جيئن ڪو
ڪڪر ڪنهن ساوڪ تان گذري وڃي، نرگس گل جيان جڏهن
ننڊ مان اچانڪ اک کولي سين ته سموري عمر فنا ڏٺي
سين.
ـــــــ
هان نامي هان بخويش يک دم پرواز
مردانه بساز توشهءِ رفتن ساز
داري در پيش بس ره دور و دراز
اي کاش اميد آمدن بودي باز
ترجمو:
اي نامي! ڌيان ڪر پنهنجي دڪ گهڙي پل واري پرواز
دوران مڙس ماڻهو ٿي سفر جو ڪو سامان جوڙي وٺ،
اڳيان ڏاڍو ڏورانهون ۽ اڙانگو پنڌ اٿئي. اي ڪاش ان
سفر تان موٽڻ جي ڪا اميد هجي ها!!
ـــــ
در موسم گل رخ آتش گون کرد
دل ديده بياد دوستان پرخون کرد
سبزه نبود بخاک ما غم زدگان
غم سبز شد وز خاک سر بيرون کرد
ترجمو: بهار جهڙي موسم ۾ به چهرو تپي باھ ٿي
پيو، پنهنجي سنگتين کي ساري دل رت جا نير وهائڻ
لڳي، اسان غم جي مارين جي ڌرتيءَ تي ڪا ساوڪ ئي نه
هئي ان جي بدلي غم سائو ٿي منجهانئس ڦٽي پيو!
ـــــــ
اين اهل قبور بين بخواب اند همه
آسوده ز دادن جواب اند همه
از نشاي جام واپسين تا دم حشر
در زير زمين مست خراب اند همه
ترجمو:
ڏس، هي قبرن وارا سڀ ستا پيا آهن، جواب ڏيڻ کان به
ڇٽا پيا آهن، زندگيءَ جي آخري پيالي جي نشي سبب
سمورا ڌرتيءَ جي پيٽ ۾ مست ۽ ڊٿا پيا آهن.
ــــــ
نامي من ازين دير پشيمان رفتم
ناچيده گل ازين گلستان رفتم
بودم دو هزار آرزو در دل بيش
نا کرده يکي ازان بسامان رفتم
ترجمو:
اي نامي! مان ته هن سراءِ مان شرمندو ۽ نادم ٿي
نڪري ويس، گل چونڊئي بنا گلستان مان هليو ويس. دل
۾ ته هزار کان به وڌ اميدون هيون انهن مان ڪابه هڪ
پاڻ سان ثمر طور کڻي نه سگهيم.
ــــــ
اي آنکه جهان گرفته خويش بکنار
داني که ترا بوقت کار آيد کار
گر ملک حبش داري ور ملک تتار
با خود نبري هيچ بغير از کردار.
ترجمو:
اي سڄي دنيا قبضي ۾ ڪري پنهنجي ڀر ۾ رکڻ وارا!
توکي خبر آهي ته اهو توکي اڙي ويل ڪم ايندو؟ ڀلي
تو وٽ حبش ۽ تاتارستان جو ملڪ به هجي تنهن هوندي
به انهن مان ڪو ذرو به پاڻ سان نيئي نه سگهندين.
ـــــــ
ما قصه نگفتيم کلام آخر شد
حرفي ننوشتيم پيام آخر شد
صبح طربم نا شده شام آخر شد
چون نوبت ما رسيد جام آخر شد
ترجمو:
اسان داستان شروع ئي نه ڪيو ته ڳاھ ٻولھ ئي بند
ٿي وئي. اڃان هڪ اکر ئي نه لکيوسين ته پيغام ئي
پورو ٿي ويو. اڃان خوشيءَ وارو صبح ٿيو ئي نه هو
ته اڳي ئي شام ٿي وئي. جيڏي مهل اسان جو وارو آيو
ته جام به پورو ٿي ويو!!
ــــــ
زد شيشه چرخ سنگ بر ساغر ما
خون شد چو انار دانه دل در بر ما
گردي ننشسته بود بر افسر ما
اکنون بنگر خاک سيه بر سر ما
ترجمو: زماني جي شيشي اسان جي ساغر کي اهڙو
ته پٿر ته پٿر هڻي ڪڍيو جو اسان جو هينئون
ڏاڙهونءَ جي داڻي جيان اندران ٻاهران رت سان ريٽو
ٿي پيو. اسان جي پٽڪي تي ڪڏهن مٽيءَ جي دز به نه
ويٺي هئي [پر] هاڻ ته ڏس! ڪاري مٽي اسان جي مٿان
پيل آهي.
ــــــ
قال امير المومنين علي [عليه السلام]: الناس
نيام اذا ماتوا انتبھوا.
ترجمو: ميرالمؤمنين علي [عليه
السلام]جن فرمايو: انسان [در حقيقت] ننڊ ۾ آهن
جڏهن مرندا تڏهن سندن اکيون کلنديون.
[و عنه] لاشفيع انجح من التونه.
ترجمو: علي رضي الله جن فرمايو: توبه
کان مٿي ڪو سفارشي ئي ناهي.
و عنه: بع الدنيا بالآخره.
ترجمو: علي رضي الله جن فرمايو: آخرت
جي عيوض وڪڻ.
و عنه: بقيه العمر لاقيمه لها.
ترجمو: علي رضي الله جن فرمايو: عمر
جي پوياڙي ٽڪو به نه لهي.
و عنه: تدارک في آخر العمر ما فاتک في اوله.
ترجمو: علي رضي الله جن فرمايو: عمر
جي آخري ڏينهن ۾ جواني ۾ رهجي ويل واجبات جو
پورائو ڪريو.
و عنه: تطرف بترک الذنوب.
ترجمو: علي رضي الله جن فرمايو: گناهن
کي ترڪ ڏئي هڪ پاسي ٿي وڃ.
و عنه: ثواب الآخرت خير من نعيم الدنيا.
ترجمو: علي رضي الله جن فرمايو: آخرت
جو ثواب دنيا جي نعمتن کان ڀلو آهي.
و عنه: خف الله تامن بغيره.
ترجمو: علي رضي الله جن فرمايو: ا
لله کان ڊڄندين ته غير الله [جي نقصان] کان محفوظ
رهندين.
و عنه: خالف نفسک تسترح.
ترجمو: علي رضي الله پنهنجي نفساني
خواهشن جي مخالفت ڪر ۽ زندگي سک سان گذار.
و عنه: قيل اي عيش يطيب و ليس للموت طبيب.
ترجمو: علي رضي الله هڪ چوڻي آهي:
زندگي ڀلي وري ڪٿي آه؟ موت جو ته ڪو دارو ئي
ڪونهي.
قال النبي صلي الله عليـﮧ وسلم: من تامل ان
يعيش غدا فانه تامل ان يعيش ابداً.
ترجمو:
نبي صلي الله عليـﮧ وسلم جن فرمايو: جنهن سڀاڻي جي
جيئڻ لاءِ فڪر ۽ رٿا بندي ڪئي ان ڄڻڪه هميشه جيئڻ
لاءِ سوچ ڪري ورتي. قبي (گنبذ) جا ڪتبا پورا
ٿيا.
قبي ۽ ٺُلهن جي وچ ۾ پٿر جون چار سرون آهن جن
تي اٺاس جوڙي ان جي مٿان قبو ٺاهيو ويو آهي. مٿان
۽ هيٺان وارين سرن تي فارسي شعر کوٽيل آهن. هيٺين
سرن تي چئني طرفن کان پندرهن شعر آهن جن جي اتر ۽
ڏکڻ واري طرفن وارا شعر هيٺين ريت آهن:
اتر طرف
امير سيد فاضل محمد معصوم
بروي کوه بنا کرد منزلي بشکوه
عجب خجسته مقامي که خلق مي آيند
پي زيارتش از هر طرف گروه گروه
چو از دبير خرد سال اين بنا جستم
قلم گرفت و رقم زد عمارت سر کوه
۱۰۰۲ هجري
ترجمو: مانائتي امير سيد محمد معصوم پهاڙيءَ
تي هڪ شاندار عمارت جوڙائي جيڪا نهايت کي مشهور
آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ هر پاسي کان خلقون ٽولا،
ٽولا ڪري ٿيون اچن. جڏهن عقل جي دفتردار کان ان
جي تعمير جو سال پڇيم ته قلم هٿ ۾ ڪري لکيائين
“عمارت سر کوه” (پهاڙ تي عمارت).
ڏکڻ طرف
نامي ز گنه روي سياه آورده
وز کرده خود با تو پناه آورده
گويند بعاصيان بود مغفرتت
تو غفاري و من گناه آورده
نامي گناهن جي ڪري نه ڏيکارڻ جهڙو منهن کڻي
حاضر ٿيو آهي ۽ جيڪي خطائون ڪيون اٿس انهن کان بچڻ
خاطر تو وٽ اچي سام ٿيو آهي. ٻڌڻ ۾ ٿو اچي ته تو
وٽ ڏوهارين لاءِ معافي آهي. تون غفار ۽ مان
گنهگار آيو آهيان.
ـــــ
نامي! بگشا چشم بصيرت، در ياب
بنياد زمانه همچو نقش بر آب
با تو گويم که حاصل دنيا چيست
بيداري يک زمان باقي همه خواب
ترجمو: اي نامي! پنهنجي دانائي جي اک کول ۽
سمجهي وٺ ته هن دنيا جو بنياد ايئن آهي جيئن
پاڻيءَ تي ليڪو. مان ٿو توکي ٻڌايان ته دنيا جو
نتيجو ڇا آهي، گهڙيءَ جي سجاڳي باقي ٻي ڪل ننڊ
|