سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2023ع

باب:

صفحو:8 

يوسف سنڌي

حيدرآباد

 

 

 

يونس ايمري:

عشق، انسان دوستي ۽ ڀائيچاري جو شاعر

[1320- 1238ع]

 

*

 حاڪم جڏهن سنئين واٽ وٺندو،

ته ماڻهو به سُڌري ويندا،

جيڪڏهن تون پاڻ شاطر مڪار آهين،

ته پوءِ هو ڪيئن نيڪوڪار بنجندا.

*

محبت جو جذبو سج وانگر آهي،

جيڪو سڀني کي روشني ڏي ٿو،

جڏهن دل ۾ پيار نه آهي،

اُها پٿر کان به سخت آهي،

۽ پٿر دلين تي ڪجهه به نه ٿو ڦُٽي،

نه ڪو اثر ٿئي ٿو.

*

سڄي خدا جي مخلوق کي،

هڪ نظر سان نه ڏسندڙ،

ڀلي شريعت جي پابندي جو نمونو هجي،

پر هو پوءِ به گناهگار ئي آهي.

*

مونکي نماز نه پڙهڻ جو طعنو نه ڏي،

مونکي خبر آهي پنهنجي نماز جي!

آءٌ نماز پڙهان يا نه،

منهنجو مولا ڄاڻي ٿو منهنجي نوڙت کي.

مٿيان خيال، ترڪيءَ جي مشهور صوفي شاعر ’يونس ايمري‘ جا آهن، جيڪو نه رڳو ترڪي، پر وچ ايشيا ئي ملڪن آذربائيجان، بلقان ۽ البانيا وغيره ۾ مولانا روميءَ کان به وڏو شاعر مڃيو وڃي ٿو.

ترڪيءَ جي صدر رجب طيب ايرودان جو چوڻ آهي ته،”يونس ايمري جي نقشِ قدم تي هلي اسين دلين کي ڳنڍي سگهون ٿا، يونس اسان کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو آهي. يونس ايمري جهڙي گرمي رومي جهڙو فڪر ۽ حاجي بڪطاش جهڙي تحمل ۽ وقار کان سواءِ قوم جي خدمت ڪري نه ٿي سگهجي.

طيب ايرودان وڌيڪ چوي ٿو، ”مون کي پڪ آهي ته اسان جا سڀ شهري پنهنجي زبان جي تحفظ ۽ سگهه جو بندوبست ڪندي يونس ايمري، مولانا رومي، حاجي بڪطاش ۽ ٻين صوفي اڪابرن جي پيغامن کي ايندڙ نسلن تائين پهچائيندا.“

جيڪڏهن پاڻ وٽ ننڍي کنڊ ۾ ڪنهن کان پڇيو وڃي ته ترڪيءَ جو سڀ کان وڏو ۽ مشهور صوفي شاعر ڪهڙو آهي، ته انجي زبان تي هڪدم مولانا جلال الدين روميءَ جو نالو ايندو، پر اهو ساڳيو ئي سوال جيڪڏهن ڪنهن ترڪيءَ جي رهاڪوءَ کان پڇيو ته ان جو جواب ڪو ٻيو هوندو.

عالمي سطح تي ته تيرهن صديءَ عيسوي جي مشهور صوفي شاعر ۽ مفڪر جلال الدين روميءَ کي هڪ منفرد مقام حاصل آهي، ترڪي، ايران ۽ ننڍي کنڊ ۾ رومي جي شاهڪار تصنيف ’مثنوي‘ نهايت اهم ڪتاب جو درجو رکي ٿي، روميءَ جي شاعري دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي، آمريڪا ۾ ته روميءَ جو ڪلام بيسٽ سِلر يعني سڀني کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ڪلام ۾ شامل آهي.

پر اوهان کي اهو ڄاڻي گهڻي حيرت ٿيندي ته ترڪيءَ ۾ هڪ صوفي شاعر اهڙو به آهي، جنهن کي رومي کان به وڏو شاعر مڃيو وڃي ٿو، جيڪو گذريل ست سـؤ سالن کان ترڪ رهاڪن جو محبوب ۽ مشهور شاعر آهي، اهو آهي ’يونس ايمري‘.

يونس ايمري Yunus Emre ]1338- 1238ع[ کي عربي لهجي ۾ يونس امر به لکيو ۽ سڏيو وڃي ٿو.

تصوف ۽ روحانيت جي حوالي سان پُرُ ’يونس ايمري‘ جو ڪلام رباعي، گيت، نظم ۽ غزل تي مشتمل آهي، اهو نه رڳو وچ ايشيائي ملڪن، پر بلقان، آذربائيجان ۽ البانيا ۾ به عام ماڻهن جي زبانن تي عام جام آهي.

جيتوڻيڪ يونس ايمريءَ جي زندگيءَ ۽ شخصيت جي باري ۾ معلومات ڪا ايتري گهڻي ڪونهي، پر محققن جي تحقيق موجب يونس 1238ع ۾ ترڪي جي شهر ’ايسڪي‘ جي ساري قوئي (Sari koy) نالي ڳوٺ ۾ جنم ورتو، سندس ڪٽنب هڪ غريب هاريءَ جي حيثيت سان ڪم ڪندي گذر سفر ڪندو هو، انهي هنڌ تي يونس ايمري جو هڪ يادگار قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو افتتاح 6 مئي 1949ع ۾ باقاعده طور تي ڪيو ويو، ايمري جي لغوي معنيٰ دوست، محبوب ۽ عاشق آهي.

چيو وڃي ٿو ته يونس ايمري اڃا ننڍو ئي هو ته اناطوليا ۾ سخت ڏُڪار اچي منهن ڪڍيو، جنهن کان سندس ڳوٺ به متاثر ٿيو، يونس کي پاڻ کان وڌيڪ ٻين جو اُلڪو هو، يونس ترڪيءَ جي هڪ مشهور صوفي بزرگ حاجي بڪطاش وليءَ جي آستاني ڏانهن روانو ٿيو، پئسو ڏوڪڙ ته وٽس نه هو ۽ پاڻ بزرگ وٽ هٿين خالي وڃڻ به نه پي گهريائين، تنهنڪري هن جهنگ مان ڪجهه جهنگلي ميوا ٽوڙيا.

حاجي بڪطاش هڪ پهتل بزرگ هو، هن پنهنجي هڪ خاص مريد کي چيو ته اڄ هڪ ڇوڪرو يونس اچڻ وارو آهي، تون کانئس پڇج ته ڇوڪرا توکي اناج گهرجي يا برڪت.

جڏهن يونس درويش حاجي بڪطاش جي درگاهه تي پهتو ته حاجي بڪطاش پاڻ ئي يونس کان پڇيو: پُٽ! ڪڻڪ کپي يا برڪت.

اهو سوال هن ٽي ڀيرا پڇيو. يونس ننڍي وهيءَ وارو هو، سو ان لفظ کان واقف نه هو، پڇيائين.

”ڇا برڪت ايتري جاءِ والاريندي.... جيتري اناج.“

جواب مليو، ”نه! برڪت ته صفا ننڍي جاءِ ۾ اچي ويندي.“

يونس کي خيال آيو ته هتي ته ماڻهو بکن وگهي مري رهيا آهن، اهڙيءَ حالت ۾ ايتري ننڍي شئي وٺي ڇا ڪندس، يونس اتان ڪڻڪ ۽ اناج جون ٻوريون کنيون ۽ خوشيءَ مان پنهنجي ڳوٺ روانو ٿي ويو، پر اڃا ٿورو پرتي ويو ته سندس ذهن ۾ خيال آيو ته ٿي سگهي ٿو ته برڪت ڪو هيرو يا سون هجي، جيڪو وڪڻي تمام گهڻو اَن وٺي سگهجي.

اهو سوچي يونس واپس خانقاه موٽي آيو ۽ ٻيهر حاضر ٿي برڪت گهريائين، يونس کي جواب مليو ته سندس حصي جي برڪت ته بڪطاش سلسلي جي صوفين جي ٻي شيخ طابطوق ايمري (Tap duk Emre) کي موڪلي ويئي آهي. قصو ڪوتاهه حالتن ڪجهه اهڙو رُخ اختيار ڪيو، جو ڪجهه ئي سالن ۾ جڏهن يونس ايمري اناطوليا جي هڪ شهر ’ناليجان‘
۾ قاضي جي عهدي تي مقرر هو ته اتي سندس ملاقات صوفي بزرگ طابطوق سان ٿي.

يونس ايمري ’ناليجان‘ شهر جو قاضي هو، عدل قائم ڪرڻ سندس ذميواري هئي انصاف جي معاملي ۾ يونس ڪنهن به قسم جي رعايت جو قائل نه هو، قاضي يونس ايمري جي فيصلن ۽ کنيل ڪيترن ئي قدمن سان جلدئي ’ناليجان‘ شهر جي عوام ۾ يونس ايمري جي وڏي هاڪَ ٿي، ناليجان شهر ۾ ئي صوفي بزرگ طابطوق جي خانقاهه هئي، قاضي جي حيثيت سان يونس ايمري جون طابطوق سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون.

يونس تي صوفي طابطوق جي صحبتن جو ايترو ته اثر ٿيو، جو هن طابطوق جي شاگردي اختيار ڪرڻ ۽ کانئس علم پرائڻ جي لاءِ قاضي جو عهدو ڇڏي ڏنو.

يونس طابطوق کان قرآن ۽ حديث جا علم سکڻ جي لاءِ چاليهه سال سندس خدمت ۾ گذاريا، طابطوق، يونس کي ڪيترن ئي مجاهدن مان گذاريو، يونس ڪيترائي سال خانقاهه جي لاءِ ڪاٺير جا فرض ادا ڪندو رهيو، ان دوران يونس جي شادي طابطوق ايمري جي ڌيءَ سان ٿي.

مولانا روم جو جهڙو لاڳاپو حضرت شمس تبرير سان هو، اهڙوئي طابطوق جو يونس ايمري سان آهي، طابطوق جي تربيت ۾ يونس سلوڪ جي راهي طور ڪيترائي ڏکيا لڪ لنگهيا ۽ پوءِ وستي وستي واهڻ واهڻ فقيراڻي صدا هڻندو هلندو رهيو.

يونس ايمري جو دؤر ڏاڍو ڏکيو ۽ آزمائش جو دؤر هو، منگولن مٿان بغداد جي تباهي کان پوءِ قونياتي سلجوق حڪمران هئا، ان وقت قونيا ۽ اناطوليا جو ڀرپاسائون علائقو وچ ايشيا جي پناهگيرن جي واحد پناهه گاهه هو، جن جي اباڻن وطنن کي منگولن جي حملن ۽ قتل ۽ رتوڇاڻ تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو هو.

سلجوق ۽ منگول ۽ ٻيا مختلف قبيلا لڙاين ۾ مصروف هئا، ان دور ۾ يونس ايمري انسان دوستي ۽ ڀائيچاريءَ جو پيغام پکيڙيو ۽ سڀني کي ٻَڌي ۽ ڀائيچاري ۽ پاڻ ۾ گڏجي سڏجي رهڻ جي تلقين ڪئي.

يونس ايمري جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هُو نهايت شيرين گفتار ۽ لحن دائودي جهڙو ڪمال رکندو هو. ان وقت مولانا روميءَ جو ڪلام ترڪيءَ جي شهري اشرافيه جي مروجه ادبي زبان فارسيءَ ۾ هئڻ جي ڪري خاص ماڻهن تائين هو، پر يونس ايمري وٽ اظهار جي زبان ترڪيءَ جي عام ماڻهن يعني ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڳالهائي ويندڙ ترڪي زبان هئي، سندس ٻولي سادي، عام سمجهه ۾ ايندڙ هئي، انڪري عام ماڻهن ۾ گهڻي مقبول هئي، يونس جي ڪلام ۾ غنائيت ۽ نغمگيءَ جو وهڪرو ايترو ته هو، جو جڏهن صوفياڻين محفلن ۾ ڳايو ويندو هو ته ماڻهو وجد ۾ اچي ويندا هئا، يونس ايمري کي اناطوليا جو ’صوفي درويش‘ به چيو ويندو آهي، مشهور ترڪ شاعرن ’احمد‘ ولد ۽ ’احمد يسوي‘ کان پوءِ يونس فارسي ۽ عربي جي بدران ترڪي زبان ۾ شاعري ڪئي.

يونس ايمري 1320ع ۾ وفات ڪئي، هُن جي مدفن جو يقيني علم ڪونهي، پر امڪان اهوئي آهي ته پاڻ ”ماري قوئي“ ۾ دفن آهي، يونس وچ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا سفر ڪيا، سندس عقيدتمند ڪيترن ئي ملڪن ۾ پکڙيل آهن.

يونس ايمري، جلال الدين رومي (1273-1207ع) جو همعصر هو، هُو روميءَ کان ايڪٽيهه سال ننڍو هو، هُن به، روميءَ جيان ئي عالمي سوچ رکندڙ عظيم شاعر آهي، کيس روميءَ کان جيڪا شيءِ ڌار ڪري ٿي، اها سندس استعمال ڪيل زبان آهي، مولانا پنهنجي شاهڪارن ۾ ترڪي زبان جي اصطلاحن، محاورن ۽ فلسفي کي فارسي زبان ۾ پيش ڪيو آهي، پر يونس ايمري پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي مادري زبان ترڪي کي اوليت ڏني آهي، روميءَ پنهنجي ڪهاڻين ۽ حڪايتن جو مجموعو لکيو آهي، جنهن جو اثر شهر جي عالمن فاضلن ۽ صوفين تي وڌيڪ هو، بنيادي طور تي سندس لکڻيون ادبي زبان يعني فارسيءَ ۾ هيون، ٻي طرف يونس ايمري ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ وستي گهمي ڦري، غريبن جي لاءِ شعر چوندو هو، سندس گيت سولي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ ترڪي زبان ۾ هوندا هئا، ان ڪري عوام ۾ تيزيءَ سان مقبول ٿيندا ويا. ترڪيءَ ۾ يونس ايمري کي نهايت عزت ۽ احترام حاصل ٿيو، ايستائين جو کيس رومي کان به وڏو عوامي شاعر مڃيو ويندو آهي.

يونس ايمري پنهنجو اثاثو لکت ۾ نه ڇڏيو آهي، سندس سمورو ڪلام سيني در سيني هلندو پيو اچي. سندس اهو ڪلام ’عبدالباقي گل پٽياري‘ نالي هڪ عالم نهايت محنت ۽ عرقريزي سان مرتب ڪيو، ان ۾ 1308ع ۾ لکيل 1575 شعرن تي ٻڌل هڪ مثنوي ’رساله النصيحه‘ به آهي، جيڪا فارسي بحر وزن تي مشتمل آهي، ان کان سواءِ 350 شعرن تي ٻڌل ديوان به شامل آهي، يونس ايمري جي ڪلام جو وڏو حصو زماني جي لاهين چاڙهين ۾ زيان ٿي ويو آهي.

ان حوالي سان هڪ واقعو مشهور آهي ته صوفي بزرگ طابطوق ايمري جو هڪ مريد
ملا قاسم، جيڪو گهڻو تنگ نظر، دقيانوسي ۽ انتهاپسند سوچ جو مالڪ هو، هڪ ڏينهن پنهنجي پيرڀائي يونس ايمري جي لکيل ڪلام کي درياهه ۾ ڦٽو ڪرڻ جو ارادو ڪيو، چيو وڃي ٿو ته ملا قاسم درياهه جي ڪنڌيءَ تي ويٺو يونس ايمري جي شاعري پڙهي رهيو هو، هُو هڪ هڪ صفحو اُٿلائيندو پڙهندو ويو ۽ پوءِ بڙ بڙائڻ ٿي لڳو، ”اهو ته خرافات آهي.“ ۽ پوءِ اهو صفحو ڦاڙي پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪري ٿي ڇڏيائين. نيٺ هُو ان صفحي تي پهتو، جنهن ۾ يونس ايمري پاڻ کي مخاطب ٿي لکيو هو.

”ايمري يونس، تون حق جي ڳالهه ڪر، ڇاڪاڻ ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن ملا قاسم توتي تبرو ڪندو.“

اهو پڙهي ”ملا قاسم“ کي هوش آيو ۽ انهن صفحن کي ڦاڙڻ تي گهڻو پڇتاءُ ٿيس ۽ روئڻ لڳو، چيو وڃي ٿو ته اڄ يونس جو جيترو به ڪلام ايندڙ نسل تائين پهتو آهي، اهو يونس جي ڪليات جو اهو حصو آهي، جيڪو ملا قاسم کان بچي ويو هو.

يونس ايمري، ترڪيءَ تصوف جي وڏن استادن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، سندس شاعريءَ ۾ عربي ۽ فارسي ترڪيبون ۽ قرآن شريف جي آيتن جا حوالا ڪثرت سان موجود آهن، يونس ايمري وڏو عالم به هو، کيس ترڪيءَ ۾ ’جديد لٽريچر‘ جي بانين ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.

ترڪي زبان ۽ ادب تي يونس ايمريءَ جا نهايت ڳوڙها اثر آهن، پاڻ جيڪا زبان پنهنجي شاعري ۽ لکتن ۾ استعمال ڪئي اٿائين، اها اڄ جي ترڪي زبان جي شروعاتي شڪل هئي، يعني يونس جو شمار ترڪ ادب ۽ زبان جي بانين ۾ ٿئي ٿو.

يونس ئي اها پهرين شخصيت آهي، جنهن جي تحرير ۽ ڪلام سڀ کان پهرين تحريري صورت ۾ ترڪ زبان ۾ گڏ ڪيو ۽ ڇپيو ويو.

يونس ايمري جو ڪلام ٻن ڪتابن تي مشتمل آهي، سندس هڪ ڪتاب نصيحتن تي مشتمل ’رسالته النصيحه‘ آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ سٺ نظم آهن، ٻيو ڪتاب سندس ڪلام جو مجموعو ’ديوان يونس ايمري‘ آهي، محقق يونس جي ڪلام جو تعداد 350 ٻڌائين ٿا.

يونس ايمري جي حيثيت کي نظر ۾ رکندي 1991ع ۾ ايمري جي 750هين جنم ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي تعليمي، علمي ۽ ثقافتي تنظيم يونسيڪو [UNESCO] سندس خدمت جي اعتراف ۾ سهمتي راءِ سان Yannus Emre Love Year (يونس ايمري: عشق جو سال) طور ملهايو ويو.

يونس ايمري جي شاعري نه رڳو پنهنجي دور جي تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ زبان جي عڪاسي آهي، بلڪ ڪائنات جي خالق سان دل لڳائڻ، وحدانيت، عشق، حقيقي، دنيا جي بي ثباتي، تصوف جا گهرا نقش، انسان دوستي، هڪ ٻئي جو لحاظ برداشت، صبر، محبت ۽ پيار، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ملي ٿو، سندس ڪلام ۾ زندگي، موت، فقيري، فنا، ڪائنات، توحيد، اخلاص، عبادت، الاهي رضا، جنت ۽ جهنم جي صوفياڻي تشريح آهي.

يونس ايمري کي جيڪا شيءِ تصوف سان واسطو رکندڙ ٻين شاعرن کان ڌار ڪري ٿي، اُها سندس عوامي شاعر هئڻ آهي، يونس ايمري جي شاعري بنهه سادي، تصور سان ڀرپور ۽ سنئون سڌو مقصد تائين رسائي رکي ٿي، سندس اهائي خوبي کيس عام ماڻهن ۾ مقبول بنائي ٿي، سندس شخصيت، تعليم ۽ ڪارنامن جي باري ۾ دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، يونس ايمري جي شاعري ترڪن جي قومي مزاج جي سهڻي عڪاسي ڪري ٿي. هاڻ انگريزي ترجمي جي ڪري دنيا جي ماڻهن جو وڏو تعداد يونس ايمري جي فن ۽ ڪلام جي سادگي برجستگي ۽ فلسفي کان به متاثر ٿي رهيو آهي.

 

زاهد ڪنڀار

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

مير حاجي خدا بخش خان ٽالپر

 

مير حاجي خدا بخش خان ٽالپر ولد مير حاجي عبدالله خان جئنداڻي نک مان بهاراڻي ٽالپر هئا، پاڻ 1910ع ۾ ٽنڊوجان محمد موجوده تعلقو ڊگهڙي ضلعي ميرپورخاص ۾ جنم ورتائون، پاڻ سخي مير جان محمد خان ٽالپر جي چوٿين پيڙهيءَ ۾ ملن ٿا، پاڻ پنهنجي والدين جا اڪيلا اولاد هئا، پاڻ جاگيردار گهراڻي جا هئڻ ڪري سندن پرورش نهايت لاڏڪوڏ سان ٿي، مير صاحب ننڍپڻ ۾ ئي نيڪ سيرت ۽ سادا ۽ سچار هوندا هئا، هميشه سچائي ۽ صاف گوئي پسند ڪندا هئا، ننڍي هوندي کان ئي سٺي خوبين وارو مير حاجي خدا بخش خان ٽالپر جڏهن وڏو ٿيو ته سندس نيڪنامي به مشهور ٿيڻ لڳي، اِهو سندن وڏڙن جو اثر هو جو ڀلائي جا ڪم ڪرڻ ۽ سخاوت جو سڪو ڄمائڻ به سندس ڄڻ ورثي ۾ آيل هو. مير حاجي خدا بخش خان ٽالپر ستن سالن جي ڄمار ۾ سخي مير جان محمد جي جامع مسجد ۾ هلندڙ مدرسي مان قرآن پاڪ جي تعليم ورتي ۽ 1917ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان 1922ع ۾ ٽي درجا پاس ڪيائين، پاڻ وڌيڪ تعليم پرائي نه سگهيا، پر ان وقت شهر جي سياسي ۽ سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن جو مٿس اثر پيو، اڳتي هلي پاڻ هن علائقي ۾ علم جي مشعل روشن ڪري حسن علي آفندي (ڪراچي) خانصاحب سائينداد ڇورو (پٿورو) سيد الهندوشاهه (نوشهروفيروز) وڪيل نورمحمد لاکير (حيدرآباد) خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر (ٽنڊو باگو) جهڙن املهه انسانن جي صف ۾ شامل ٿيا.

مير حاجي خدا بخش خان ٽالپر قد جو ننڍو، جسم پورو پنو، رنگ جو ڳورو، لباس ۾ سفيد شلوار ۽ قميص، مٿي تي سفيد لياقت ڪيپ، پيرن ۾ سليپر يا بوٽ پائيندا هئا، ۽ اڪثر ڪارو ڪوٽ به زيب تن ڪندا هئا. عيد برات يا ڪنهن قومي ڏينهن تي ڪاري رنگ جي شيرواني پڻ پائيندا هئا.

پاڻ خوش پوش، خوش خوراڪ، ۽ خوش طبع شخصيت جا مالڪ هئا. مير حاجي خدا بخش ٽالپر جيئن ته پاڻ به سمجهدار ۽ ذهين هوندا هئا، پر شهر جي معاملن ۾ شهر جي معززين سان مشاورت ضرور ڪندا هئا، انهن کي گهرائي شهر جي بهتري عوام جي ڀلائيءَ لاءِ راءِ وٺڻ کان ڪين لهرائيندا هئا، ان وقت سندن خاص مشاورت ۾ قاضي محمد اشرف ساند، مير حاجي جان محمد ٽالپر، مير حاجي مراد علي خان ٽالپر، سيٺ محمد حسن آرائين، ڊاڪٽر علي محمد آرائين، مکي منو مل مالهي، سيٺ صوفي نٿومل رچواڻي، سڀاڳو فقير خاصخيلي جڏهن ته قانوني مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ مير خان محمد ٽالپر ”صائم“ کي اڪثر پاڻ وٽ گهرائيندا هئا.

جناب ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مير خدا بخش خان ٽالپر

مير حاجي خدا بخش ٽالپر، انتهائي مخلص، مهربان مهمان نواز ۽ يار ويس انسان هوندا هئا، سندن احبابن ۽ دوستن جو دائرو تمام وسيع هو، سندن خاص ۽ مشهور دوستن ۾ سابقه وزيرِ دفاع مير علي احمد خان ٽالپر سندس ڀاءُ گورنر سنڌ مير رسول بخش خان ٽالپر، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن غلام رضا ڀٽو، مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ، نوابزاده مير علي بخش خان ٽالپر، حضرت پير گل حسن صديقي نقشبندي، حڪيم سيد پير محمد شاهه لکوي، سندس ڀاءُ سيد باغ علي شاهه لکوي، خانصاحب عطا محمد پلي، وڏيرو محمد سگهو، فقير حاجي محمد صوفي، صوفي قلندر بخش شهيد، سابقه وزيرِ تعليم درمحمد اوستو، خانبهادر غلام محمّد وساڻ، پير غلام رسول شاهه جيلاني جن هوندا هئا.

مير حاجي خدا بخش ٽالپر غريب پرور ۽ پنهنجي علائقي جي ترقي، فلاح ۽ ڀلائيءَ لاءِ هر وقت تيار هوندا هئا، پنهنجي علائقي جي خدمت ڪرڻ کي تمام گهڻي اهميت ڏيندا هئا، انڪري پاڪستان جي سربراهن، صدر، وزيرِاعظم، فوجي جرنلن ۽ وقت جي گورنرن جي نظر ۾ وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺا ويندا هئا، پنهنجي دور ۾ جن اعليٰ شخصيتن سان سندن ملاقات ٿي انهن ۾: صدر فيلڊ مارشل جنرل محمد ايوب خان، صدر آغا محمّد يحييٰ خان، وزير خارجه، صدر ۽ وزيرِاعظم ذوالفقار علي ڀٽو ۽ اولهه پاڪستان جو گورنر ملڪ امير محمد خان (نواب آف ڪالاباغ) شامل هئا.

نواب آف ڪالاباغ پنهنجي صوبائي ميمبرن ۾ مير حاجي خدا بخش ٽالپر جو سڀني ميمبرن کان وڌيڪ احترام ڪندو هو ۽ چوندو هو ته ماڻهو پنهنجي مفاد لاءِ مون وٽ ڪم کڻي ايندا آهن، واحد مير حاجي خدا بخش ٽالپر آهي جو پنهنجا نه پنهنجي شهر جي ڀلائي جا ڪم کڻي ايندو آهي، اهوئي سبب هو جو مير صاحب جي عوامي خدمتن جي بدلي 1965ع ۾ ”تمغهِ ستاره خدمت“ سان نوازيو ويو، اهو هن پسمانده علائقي لاءِ هڪ وڏو اعزاز هو.

مير حاجي خدا بخش ٽالپر پنهنجي وڏن بزرگن وانگيان درگاهه لنواري شريف جو خاص مريد ۽ عقيدتمند هو، پاڻ ٽنڊو جان محمد جي علائقي ۾ پنهنجي محبوب مرشد ۽ روحاني رهبر سلطان اولالياء خواجه محمد زمان لنواريءَؒ ۽ سندن خاص خليفي حضرت مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جي روحاني تعليم کي عام ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، مير صاحب لنواري شريف جي جماعت جا صدر پڻ هئا، ساڻس گڏ سيد احمد شاهه گرهوڙي سجاده نشين درگاهه گرهوڙ شريف، حضرت باغ علي شاهه لکوي، پير فيض محمد، قاضي محمد اشرف ساند، مير اميد علي خان ٽالپر جهڏو، مير الهبچايو خان ٽالپر جهڏو سندن لنواري جا خاص احباب هئا.

مير صاحب جن جا خاص معالج حڪيم ۽ ڊاڪٽر هئا جن کان پاڻ اڪثر اَگهائي سگهائيءَ ۾ علاج ڪرائيندا هئا، جهڙوڪ حڪيم سيد پير محمد شاهه لکوي، حڪيم سيد باغ علي شاهه لکوي، حڪيم مولوي حيات علي غوري ڪشميري، ڊاڪٽر عبدالحميد آرائين ڊگهڙي، ڊاڪٽر احمداڻي ۽ ڊاڪٽر ڊريگو ميرپورخاص.

مير صاحب روزي نماز جو پابند هو. پاڻ سخي مير جان محمد جي جامع مسجد ۾ پابنديءَ سان نماز پڙهندو هو، 1973ع ۾ حج جي سعادت حاصل ڪيائين، پاڻ بحري جهاز رستي سعودي عرب پهتو، ساڻس سندس خاندان سميت ٻارهن ڄڻا شامل هئا، ان ۾ مير حاجي عبدالغفار ٽالپر، مير حاجي جان محمد ٽالپر، مير حاجي شاهه محمد ٽالپر، حاجي قاضي عبدالرحمان خاصخيلي، حاجي محمد يوسف خاصخيلي شامل هئا، مير صاحب ڪعبته الله جي اذان به ٽيپ ڪرائي آيو جو پاڻ اڪثر مسجد جي پيش امام مولوي مير جان محمد ٽالپر کان عشاء جي نماز جي وقت اها لائوڊ اسپيڪر تي لڳرائي شهر واسين کي ٻڌائيندو هو.

پاڪستان ۽ هندستان جي ورهاڱي کان پهرين هڪ ورتل يادگار تصوير جنهن ۾ شهر جون اهم شخصيتون نظر اچي رهيون آهن.

1- خليفو مير خدا بخش ٽالپر، 2- سيٺ نانڪ مل 3- مير خدا بخش ٽالپر 4- مير عبدالله خان ٽالپر 5- هيڊ ماستر 6- مير احمد خان ٽالپر 7- مير ڏتل خان 8- ڊاڪٽر نند لال 9- ڊاڪٽر شير محمد 10- ڊاڪٽر بهاري 11- سيٺ نارومل ۽ ٻيا استاد ۽ شاگرد تصوير ۾ نظر اچي رهيا آهن.

مير حاجي خدا بخش ٽالپر 1952ع کان سياست جي ابتدا ڪئي، 1958ع ۾ صدر جنرل محمد ايوب خان جي دورِ حڪومت ۾ مير حاجي خدا بخش خان لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جي چونڊن ۾ عبدالصمد ڪاڇيلو کي شڪست ڏيئي ڪامياب ٿيو، 1959ع ۾ ٽنڊوجان محمد کي يونين ڪائونسل جو درجو ڏنو ويو، 27 آڪٽوبر 1959ع تي صدر محمد ايوب بنيادي جمهوريت جو انعقاد ڪيو، مير خدا بخش خان 9 مارچ 1960ع کان 17 جنوري 1966ع تائين بحيثيت چيئرمين يونين ڪائونسل ٽنڊو جان محمد ٿي رهيو، 1964ع ۾ مير حاجي خدا بخش خان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تان سيد عبدالرحمان شاهه جهڏي واري کي اليڪشن هارائي اولهه پاڪستان جي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو.

1966ع ۾ يونين ڪائونسل ٽنڊو جان محمد کي ٽائون ڪميٽي بنايو ويو ته 17 جنوري 1966ع کان 15 جولاءِ 1971ع تائين ٽائون ڪميٽي ٽنڊوجان محمد جو پهريون چيئرمين ٿي رهيو، پاڻ ٻه ڀيرا چيئرمين چونڊيا ويا ۽ ساڍا يارنهن سال شهر ۽ ڀرپاسي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا.

7 ڊسمبر 1970ع تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ مير صاحب جن جو مسلم ليگ سان اختلاف ٿي پيو، جنهنڪري اليڪشن جي آخري ڏينهنِ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي دعوت ڏيئي ٽنڊو جان محمد گهرايائين، ۽ پيپلز پارٽيءَ جي حمايت ڪندي ارباب امير حسن جي مقابلي ۾ آزاد اميدوار جي طور تي چونڊ وڙهيو.

مير صاحب پنهنجي شهر لاءِ لازوال خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس دور ۾ 1958ع کان اڳ تائين شهر جو انتظام صفائي سٺائي جي لاءِ سينٽري ڪميٽي ڪم ڪندي هئي، 1959ع ۾ ان کي يونين ڪائونسل جو درجو مليو، 1960ع ۾ شهر اندر روشنيءَ لاءِ بجلي آندائين، 1965ع ۾ ڊگهڙيءَ کان ٽنڊو جان محمد روڊ پڪو ڪرايائين، 1966ع ۾ يونين ڪائونسل مان شهر کي ٽائون جو درجو ڏياريائين، 1967ع ۾ رورل هيلٿ سينٽر ۽ ريسٽ هائوس منظور ڪرايائين، 1969ع ۾ واٽر سپلائي اسڪيم منظور ڪرائي، ۽ شهرن جي رابطي لاءِ ٽيليفون ايڪسچينج ۽ پوسٽ آفيس آندائين. ۽ روڊ ۽ رستا منظور ڪرايائين. شهر ۾ پڪيون ناليون ٻڌائي ڊرينج سسٽم جو بنياد وڌائين، شهر جا پڪا روڊ ٺاهي فرش بندي ڪرائي برسات جي موسم ۾ آساني ڪرايائين.

مير صاحب شهرين جي وندر لاءِ سخي جان محمد سٽيزن ڪلب سخي جان محمد پبلڪ پارڪ، شاگردن جي راند روند لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج گرائونڊ، ان کان علاوه ٽائون ڪميٽي، واٽرسپلائي، ٽيليفون ايڪسچينج، اسڪول و ڪاليج ۽ هاسٽل لاءِ بنا معاوضي زمينون ڏنيون ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڀارت مان لڏي ايندڙ مسلمان ڀائرن کي پنهنجي پلاٽن ۾ آباد ڪري شهر کي وسارو ۽ وسيع ڪيو.

مير صاحب 1964ع واري طوفاني برسات ۽ ٻوڏ دؤران به اهم خدمتون سرانجام ڏنيون، پنهنجا پنج سـؤ هاري ۽ شهري وٺي جهڏي لڳ پراڻ درياهه جي ڍوري کي ڏنل ڳنڍو کولرايو ۽ 1965ع ۾ جنگ جي دوران ٽنڊوجان محمد ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن ۾ ڪئمپون قائم ڪري انهن ۾ نوجوانن کي رضاڪارانه طور ڀرتي ڪيائين ۽ شهر لاءِ چوڪيداري نظام متعارف ڪيائين، پاڻ پنهنجي شهرين جي پيرين پيادو مزاج پرسي ڪندا هئا ۽ شهر جا سڀ فيصلا پاڻ ڪندا هئا حد جي ايس.ايڇ.او صرف نالي ماتر هوندو هو، جنهن جو ڪم ٿاڻي تائين محدود هوندو هو.

مير صاحب جو شهر ۽ تر جي علمي ادبي شخصيتن ۽ صحافين سان تمام گهرو لڳاءُ هو. هو وقت بوقت وٽن ڪچهريون ڪرڻ ويندو هو ۽ سندن اوطاق تي علمي ۽ ادبي ماڻهن جو اڪثر اچڻ وڃڻ رهندو هو، پاڻ سندن مدد به ڪندا هئا ته همٿائيندا به هئا.

مير صاحب 1395هه تي هن جهانِ فاني مان لاڏاڻو ڪيو. سندس آخري آرامگاهه پنهنجي آبائي قبرستان ربو (لڳ ٽنڊو جانمحمد) ۾ آهي، الله پاڪ کين مرهي ۽ اڳئين جهان ۾ آباد رکي. آمين

اهڙن ئي بيمثال ڪارنامن جي ڪري مير حاجي خدا بخش خان ٽالپر اڄ به ٽنڊو جان محمد ۽ پسگردائي جي عام ۽ خاص ماڻهن جي دلين ۾ اڄ به راڄ پيو ڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org