ڊاڪٽر نواز علي شوق
ڪراچي
غزل
سڀ مَڏي ذرو ذرو ٿي، وئي لُڙهي،
هر خوشي ذرو ذرو ٿي، وئي لُڙهي.
مينهُن ڇا وٺو، ڪو قهر ڄڻ ٿيو،
لانڍڙي ذرو ذرو ٿي، وئي لُڙهي.
ڏاج ويو، امڙ وئي، ابو ويو،
ڇورڙي ذرو ذرو ٿي، وئي لُڙهي.
گل گلاب جو هئي هيءَ گورڙي،
هُوءَ پڙهڻ اچي، هي بدنظر رکي،
ٽيچري ذرو ذرو ٿي، وئي لُڙهي.
هُوءَ دعا پني ۽ هي ٿو اک ڀڃي،
مُرشدي ذرو ذرو ٿي، وئي لُڙهي.
حج ڪري وري اچي ٿو مَڌ پيئي،
بندگي ذرو ذرو ٿي، وئي لُڙهي.
دشمني وڌي، وڌي آ دوستو،
دوستي ذرو ذرو ٿي، وئي لُڙهي.
ذڪر زلف جو رقيب جو رڳو،
شاعري ذرو ذرو ٿي، وئي لُڙهي.
ڏوڪڙن پٺيان رڳو رهي ٿو هو،
ليڊري ذرو ذرو ٿي، وئي لُڙهي.
وچ گهرن ۾ ڀِت ڪڍي آ ڀائرن،
ڀائپي ذرو ذرو ٿي، وئي لُڙهي.
ٿورڙي ئي ڳالهه تي وڙهون پيا،
مائٽي ذرو ذرو ٿي، وئي لُڙهي.
مطلبي رڳو ملن پيا پرين،
مخلصي ذرو ذرو ٿي، وئي لُڙهي.
چور ويو ڇُٽي ۽ بند ڀاڳيو،
منصفي ذرو ذرو ٿي، وئي لُڙهي.
زر وئي ته هُوءَ ڇڏي هلي وئي،
عاشقي ذرو ذرو ٿي، وئي لُڙهي.
بندگي نه ڪائي ٿي سگهي سڄڻ،
زندگي ذرو ذرو ٿي، وئي لُڙهي.
]ٽماهي
’مهراڻ‘ نمبر 4/2022ع ۾ ڇپيل محترم علي عاجز شر جي
غزل کان متاثر ٿي لکيو ويو[
سرفراز راڄڙ
کپرو
غزل
جي پڌري سندم مدعا ٿي پوي ها،
ته هن کان بلاشڪ عطا ٿي پوي ها.
جي نڪري زبان مان ها حرفِ تمنا،
جا تنهنجي سا منهنجي رضا ٿي پوي ها.
انهي عيد کي عيد ڄاڻان ها بيشڪ،
اچڻ تنهنجو ڪارِ قضا ٿي پوي ها.
چڱو ٿيو جو پردي ۾ پوشيده آهين،
وگرنھ ڪو محشر بپا ٿي پوي ها.
هئو ڏينهن اڄ هي گلي سان ملڻ جو،
اچين ها اسان وٽ ته ڇا ٿي پوي ها.
’فراز‘ کي اچي جي ڪري يار پنهنجو،
ته ڪجهه هن دل جي دوا ٿي پوي ها.
غزل
اک جن اڙائي هليا ويا هليا ويا،
ڏئي سڀڪَ سوائي هليا ويا هليا ويا.
رکيم جن مان اُميد وفا جي گهڻي،
ڪري سي جدائي هليا ويا هليا ويا.
اکيون جن لئه هردم وڇائي ڇڏيم،
تِن ڇڏي آشنائي هليا ويا هليا ويا.
ڏنا درد دل کي جن ها گهڻا،
ڪري بيوفائي هليا ويا هليا ويا.
’فراز‘ هاڻ ڪنهن سان سورن کي سلبو،
هو ٿي رڻ جا راهي هليا ويا هليا ويا.
غلام حسين’مشتاق‘سچاروي
حيدرآباد
جستجو جاري رهي
جانب بطحي جنون جي جستجو جاري رهي،
عشق جي اهڙي ادا ۽ آرزو جاري رهي.
زندگي ڀر جو ذخيرو آهي ذڪرِ مصطفيَ،
يا خدا هي منهنجي خصلت خوبرو جاري رهي.
جنهن جي هر جنبش اندر عشق بني اُڌما ڏئي،
منهنجي رڳ رڳ ۾ سدا اهڙو لُهو جاري رهي.
سلسلو ثابت سلامن ۽ صلاتن جو سدا،
ساهه سر ۾ ۽ سرير ۾ سوبسو جاري رهي.
من ۾ جنهن آهي محبتِ مصطفيَ سانڍي رکي،
شال شاهي شان شوڪت هوبهو جاري رهي.
جنهن جي رحمت سان رهيو رب ساڻ آهي رابطو،
ان جي صدقي جڳ ۾ عزت آبرو جاري رهي.
ساهه سڏڪن ۾ هجي يا لڙکڙائي ٿي زبان،
پر لبن تي صلّ عليَ گفتگو جاري رهي.
درد دل جا دلڪشا دلبر جي در تي دانهيان،
مدعا ’مشتاق‘ من جي هوبهو جاري رهي.
غزل
ڀلي ڏس آزمائي زور، بازو فيصلا ٿيندا،
تنهنجي تير و ڪمان آڏو سرن جا سلسلا ٿيندا.
متان
سمجهين ته ڊيڄارينديون شيرن کي
گدڙ ڀڀڪيون،
تون ڏسندين هر طرف گجگوڙ غوغا غلغلا ٿيندا.
جهڪائيندي نه تنهنجي هيءَ زبان بندي ۽ پابندي،
مگر مضبوط ظلمن ساڻ همت حوصلا ٿيندا.
جيارينداسون سنّت مرڪندي منصور و سرمد جي،
سدا مقتل ڏي جاري اهلِ دل جا قافلا ٿيندا.
پهاڙن کان به اونچا ڳاٽ رهندا عشق وارن جا،
جي ٿيندا امتحان تي امتحان وڌ حوصلا ٿيندا.
نه رهندو تنهنجو جو ڪو نام و نشان ۽ نام ليوا ڀي،
مگر ’مشتاق‘ جا چـؤطرف چرچا برملا ٿيندا.
دين محمد ’سُجاڳ‘ پلي
لطيف نگر، عمرڪوٽ
نظم
حضرت علي مرتضيٰ رضه
جنھن تي رب جون رحمتون رحمان جو حضرت علي،
دادلو دوست سچي سبحان جو حضرت علي.
جان کان جاني مٿي
جنهن کي نبي آخرالزمان،
ساھ سڪ سان صاحب-قرآن جو حضرت علي.
رھنما استاد جنهن جو مرحبا خيرالبشر،
شان بيشڪ علم جو عرفان جو حضرت علي.
صاحبِ
ڪوثر سندو ساٿي گهڻو بااعتماد،
يار چوٿون محسنِ
انسان جو حضرت علي.
فيض ڪل فرقان جو جنهن کي نبي سائين ڏنو،
فيض سان پُر فيضور فرقان جو حضرت علي.
صاحبِ
لولاڪ جو دل جان گهوريندڙ غلام،
معتمد وڻندڙ نبين سلطان جو حضرت علي.
گهر اندر خاتونِ جنت جيجل امامن جي امان،
پيءُ شهيدن جي مٿانهين مان جو حضرت علي.
خاص اصحابي ولي غازي نمازي ۽ شهيد،
نام اعليٰ دين جي ايوان جو حضرت علي.
شير رب جي راھ جو بانڪو بهادر پهلوان،
مرد مانجھي جنگ جي ميدان جو حضرت علي.
نيٺ مرحب کي وڃي ماري ڪئين خيبر فتح،
حسن سچ پچ فن حزب جي شان جو حضرت علي.
جنهن سوالي جي ڇڏي خالي نه هڪڙي ڀي صدا،
ٿي رهيو گهورو سدا مزمان جو حضرت علي.
زندگي جي زلزلن ۾ صاف سالم ٿي رهيو،
استقامت جو جبل ايمان جو حضرت علي.
دين تان قربان ٿي جنهن دين جي خدمت ڪئي،
پڙ ڳڙو اسلام جي ميزان جو حضرت علي.
باعمل عالم سخي داناءُ زندہ دار شب،
پائبند اسلام جي ارڪان جو حضرت علي.
بحر
ڳڻ
جو بي ڪران لک منقبت بيشڪ "سجاڳ"،
حسن آهي منقبت عنوان جو حضرت علي.
يوم شهادت 21 رمضان الڪريم
حضرت علي ڪرم الله رضي الله تعالى عنه
پــيــر مـجــدد سرهندي
مٽياري شريف
غزل
هٿ هٿن مان ڇڏائي ڇڏيا ٿئي،
مون تان ماڻهو کِلائي ڇڏيا ٿئي.
اڄ وري ڪنهنجيون خواهشون ٿو ڪُهين،
در تي مقتل سجائي ڇڏيا ٿئي.
ڪهڙي تنهنجي آهي مسيحائي،
داغ دل جا مچائي ڇڏيا ٿئي.
ڏات ۽ ڏانءُ بي گسا آهن،
گس جڏهن کان مٽائي ڇڏيا ٿئي.
آئينن کي به ويٺو تڙپائين،
گهر جا شيشا لڪائي ڇڏيا ٿئي.
ڪي صديون ٿيون جلاوطن آهن،
چين دل مان لڏائي ڇڏيا ٿئي.
ننڊ نيڻن جي دربدر آهي،
خواب منهنجا وائي ڇڏيا ٿئي.
جو به تو ۾ فنا ٿيو تنهن کي،
ڪُن جا ڪلمه پڙهائي ڇڏيا ٿئي.
آئون اڪيلو نه پيو رلان جاني،
راڄ رڻ ۾ رلائي ڇڏيا ٿئي.
حد ڪري تو ڇڏي آهي سهڻا،
اڇا ڪارا گڏائي ڇڏيا ٿئي.
تنهنجي نيڻن جي ميڪدي ۾ اچي،
هوش زاهد وڃائي ڇڏيا ٿئي.
خوشبئون پاڻ ٿيون اچن تو وٽ،
گل به پاڳل بنائي ڇڏيا ٿئي.
چنڊ تارن جي لٺ لڳي پئي آ،
اهڙا ڪرتا ڇرائي ڇڏيا ٿئي.
شهر جا ڇوڪرا سڀئي جانان،
مائٽن کان وڃائي ڇڏيا ٿئي.
تنهنجي قدمن جي آرزو ۾ ڏس،
پوپٽن پر وڇائي ڇڏيا ٿئي.
ڪنهن چيئي وهنجي ڪنڌ ڌوڻي ڏس،
اڄ ته بادل ڀڄائي ڇڏيا ٿئي.
ملڪ ٻوڙڻ جو ٿئي ارادو ڇا،
زلف ٻيهر پسائي ڇڏيا ٿئي.
حسن جي حد ٽپي ويو آهين،
ساهه سڀن جا سڪائي ڇڏيا ٿئي.
سرمئي رنگ بادلن کان ڇني،
پنهنجي نيڻن ۾ پائي ڇڏيا ٿئي.
ڪير ڪنهن جو نه آهي نوڪر پر،
’پير‘ مون جيئن جهڪائي ڇڏيا ٿئي.
’جمال‘
مراد گبول
ميرپور- ساڪرو
نظم
ڏُکن ۽ سُک ۾، ٿي گڏجي رهياسين،
پَري ڪين هڪڙي، ٿي ساعت ٿياسين،
ڪڏهن سير ڪينجهر، سندا ٿي ڪياسين،
حُڪم ۾ ته تنهنجي، هميشه هئاسين،
وجهي ڳل ڳراٽيون، مون کان موڪلايو،
اُهو دور مون کي، وري ياد آيو.
مزيدار موسم، ۽ اکڙين اشارا،
اڃان ياد آهن، سي سهڻا سونهارا،
نه وِسرن اُهي ٿا، پرين اڄ پيارا،
ڏيندا شاهدي پيا، چمن چنڊ تارا،
حُسن، سونهن ۾ هو، سو سُهڻو سُوايو،
اُهو دور مون کي، وري ياد آيو.
سدا ياد رهنديون، اوهان جون وفائون،
جفائن جي بدلي، ڪيون ٿي عطائون،
ٻَڌان ٻئي ٿو ٻانهون، اڳيان تنهنجي آئون،
ڪجو معاف مون کي، ڪيم جي خطائون،
اوهان نينهن ناتو، هو نازڪ نڀايو،
اُهو دور مون کي، وري ياد آيو.
ٿين سبز ساوا، ٻنيون ٻيٽ ٻارا،
۽ مهراڻ موٽي، وَهي سالَ سارا،
پوکي پوک پنهنجي، ڪريون ڪي لابارا،
نه دلگير ٿي تون، اي دلبر دُلارا،
سوين سُهنج ٿيندا، نه ڪر غم اَجايو،
اُهو دور مون کي، وري ياد آيو.
هجن شاد آباد، ڪينجهر ڪِنارا،
سُکيو ساڪرو ٿئي، ۽ ڳاڙهو، ٻُهارا،
عُمرڪوٽ، هالا، اُتر لاڙ وارا،
ٿين سنڌ ساريءَ جا، نُوري نظارا،
وري منهنجي واليءَ به ٿر بر وسايو،
اُهو دَور مون کي، وري ياد آيو.
اسين سنڌ جا وارث، صدين کان سمورا،
ڦٻائي ويا ديس دشمن دغارا،
اسين مُلڪَ پنهنجيءَ، ۾ آهيون ويچارا،
ڀَلائي ڪا ڪر تون، اسان تي ڀَلارا،
وطن ويرين کان، هي پنهنجو بچايو،
اُهو دَور مون کي، وَري ياد آيو.
جڏهن مون سان ٿيو تون، هُئين هم ڪَلامي،
تڏهن کان ئي تنهنجي، مَڃي مون غلامي،
’جمال‘ آهي تنهنجو، هي نوڪر مُدامي،
صبح شام تنهنجي، ٿي ڀَريم سَلامي،
طلب تات تنهنجيءَ، ٿي تن مَن تپايو،
اُهو دَور مون کي، وَري ياد آيو.
الله بچايو ’مشتاق‘ آريسر
ميرپورخاص
غزل
عشق وارن تي ڄڻ عتاب آيو،
ڏيڍ نيزي تي آفتاب آيو.
جيڪو دل تي ڪري حڪومت ٿو،
اڄ سو آ ياد بي حساب آيو.
جي رخِ يار تان کڄي پردو،
ڄڻ لهي هيٺ ماهتاب آيو.
نيڻ مون ڏي کڻي نهاريو هُن،
پاڻ ڄڻ اوتجي شراب آيو.
لطف ئي ٿو اچي ستائڻ ۾،
ايترو بس اتان جواب آيو.
هن جي آمد ٿي ڄڻ بهارن ۾،
باغ ۾ گل ٽڙي گلاب آيو.
مون کي دانائي نه کپي ’مشتاق‘،
اهلِ دانش تي، ڏس، عتاب آيو.
غزل
پِرين کان پيار جو پيغام آيو،
تڏهن مَس مَس وڃي آرام آيو.
ميارون نينهن وارن جون ٻڌيون سين،
وفائن تي وري الزام آيو.
ڪنبي ويا انگ محبوبن جا هيڪر،
کڻي جو سِر هو طشت ازبام آيو.
ملايون ماه
وش نظرون شرابي،
لبن تي اوتجي ڄڻ جام آيو.
ڀڄي مقتل مان سڀ سڌڙيا، جڏهن ويا،
صنم کي ياد منهنجو نام آيو.
سرِ مقتل ڪيم جو سر جو سودو،
ڀڄڻ جو هڪ خيال خام آيو.
سٺو ٿيو هوش سالم سان رهياسين،
گهڙي کن لاءِ جڏهن گُلفام آيو.
مٺي محبوب جا ’مشتاق‘ آهيون،
ڪري هو وصل جو انجام آيو.
ڊاڪٽر فتح علي ٽالپر مخلص
غزل
باهه ڏئي، تيل، مٿان هاري پيو قسطن ۾،
حڪمران منهنجو، مون کي ماري پيو قسطن ۾.
منهنجي وڻراهه وئي، چاهه ۽ اُتساهه ويو،
منهنجي فطرت کي به هُو کاري پيو قسطن ۾.
هاڻ هڪ ساهه به ناقابلِ برداشت بنيو،
روح ڀي عمر هتي گهاري پيو قسطن ۾.
ڪجهه اٽو، ڪوئي لٽو، ڪوئي اجهو ناهي بچيو،
منهنجي هستيءَ کي هُو ميساري پيو قسطن ۾.
جانِ بس جسم جي ڦندي ۾ مڙئي اٽڪيل آ،
جاءِ هِتِ موتُ به والاري پيو قسطن ۾.
پيار ڪنهن مهل، ته ڪنهن مهل پئي مار ملي،
وقتُ، ’مخلص‘! مون کي ڊيڄاري پيو قسطن ۾.
غزل
هرڪو مشتاق غرضي آ تنهنجي پٺيان،
حسن تي هرڪو حرضي آ تنهنجي پٺيان.
مون کي خلقت خدائيءَ جي ناهي خبر،
پر هتي هرڪو عرضي آ تنهنجي پٺيان.
جيڪا پونجي هُئي، پوري ٿي پيار ۾،
هاڻ عاشق هي قرضي آ تنهنجي پٺيان.
جيڪو توکي پُڇي، تون نه تنهن کي پُڇين،
ڄڻ ڪو ڪردارُ فرضي آ تنهنجي پٺيان.
پنهنجي مرضيءَ جو مالڪُ ته آهين سدا،
پر اسان جي به مرضي آ تنهنجي پٺيان.
عرضدار آهي هرڪو ئي عاشقُ هِتي،
سو هي ’مخلص‘ به عرضي آ تنهنجي پٺيان.
فقير محمدبخش’ضامن‘
کاڻي (کپرو)
ڪافي
ٿيا عشق جي راهن جا، ڪردار گهڻا آهن،
گمنام رهيا ڪيئي، نروار گهڻا آهن.
ڇا عشق جي چاڙهي آ، سا چڙهڻ آهي اوکو،
ٿئي نظر ڪرم جن تي، ان لاءِ ٿئي سؤکو،
منٺار ٿئي ڪو ڪو، حبدار گهڻا آهن.
ان راهه تي جي هليا، سي ڪين ذرو ڀليا،
اهي ماڻي منزل کي، محبوبن سان مليا،
وس هر ڪنهن جو ناهي، اسرار گهڻا آهن.
ٿيو عشق جي مڪتب ۾، آ پاس ٿيڻ مشڪل،
رهبر جي رفاقت سان، ٿئي مشڪل سوئي حل،
ٿيا سمجهه وارا ڪي ڪي، بيڪار گهڻا آهن.
جن ساڻ آهي ’ضامن‘، نڪي راهه ۾ سي رڪجن،
گهٽ گهيڙ اچن اُڪري، پڪ پار اهي پهچن،
رکي طلب جتي تن لاءِ، وهنوار گهڻا آهن.
غزل
دلبر کي پرچائڻ جي، اڄ اهڙي ڪجي اٽڪل،
پاڻهي سو پرين پرچي، ڪنهن کي نه پوي ڪا ڪل.
مرضي ڪا سندن وٺجي، مرضيءَ تي سندس هلجي،
راضي سو رهي هردم، ڪا اهڙي ٽلجي ٽل.
آخر سو سڄڻ سرچي، مون ساڻ ملڻ ايندو،
ڪوشش سان ٿئي آسان، ڀل ڪيڏي هجي مشڪل.
ڪنهن سان ڪو مسئلو آ، ڪنهن سان ڪو مسئلو آ،
مشڪل ۾ هتي آهي، هر ماڻهو ڄڻ ڦاٿل.
پيو ڪوڙ ڪپت ڪاهي، محبت وئي ماڻهن مان،
ڪو ڪرم ڪري قادر، ماحول هي مٽجي شل.
’ضامن‘ آ سندم اهڙو، مايوس ٿجي ڇا لاءِ،
هر ڪنهن ته مسئلي جو، ڪوئي آ هوندو حل.
عاجز ڪريمُ پوري
دڙو
هيل ته وَسيون اَورڪُون گهاٽيون
هيل ته وَسيون اَورڪُون گهاٽيون،
طوفاني مينهن، ٻوڏيون آنديون!!
آهي مُتاثر، سنڌ ٿي ساري،
وَر سيلاب جي چَڙهيون ٻَنيون!!
مُشڪل ۾ هَن، مارو سارا،
ڪون ٻَرن ٿيون گهر ۾ چُلهيون!!
خوني کنوڻين ماڻهو ماريا،
کيلَ ڪري تِن جانيون کانيون!!
جهوپا جُهري پيا، جهانگين جا ڏِس،
ڪِن جون اُڏاڻيون، گهر جون ڇتيون!!
ناسُ فصل ٿيا، زرعي سارا،
ٻُڏي پاڻيءَ ۾ سڙيون ساريون!!
ڳوٺ ٻُڏي ويا، راڄ رُلي ويا،
سختيون جت ڪي سَٺيون ڏاڍيون!!
ڪي ته سَرهه ٿيل ڪاڇي ٿر ۾،
لاڙ اُتر ۾، ٻوڏيون آيون!!
ڏيهه ڏُڪاريو، ڏوٿين جو اڄ،
ڪيئن وڌي سي ڏين واڌايُون!!
برسات متاثر ماڻهن جون،
خيرَ ۾ کُتل، آهن اکيون!!
بي شمار ٿي آ، امداد حاصل،
خوش ٿي کائون، ڪاميٽيون ٺاهيون!!
هَڙ کائي ويا، مال ڪامورا،
مسڪينن کي سَريون مِهريون!!
حقدارن کي حق نه مليو ڪو،
جيئڻ لئه جن پاتيون جهاتيوُن!!
لِسٽون وڏيرن پنهنجون ٺاهيون،
راشن وڪڻي ورتيون گاڏيون!!
احساس نه تن تي، آيو ڪنهن کي،
ڪونه ڪيون ڪنهن ڀَلا ماڻيوُن!!
وات وِجهن پيا ماڻهو بُک ۾،
خالي تن جون رهيون جهوليوُن!!
ڪين گهٽايو آهي حڪومت،
ڪڍيون پاپين، پنهنجون پَتيوُن!!
آهي ڏَمر هي ڏاتر جو ڏس،
تڏهن قدرتي آفتون آيون!!
شال هُجن سڀ سکيا سانگي،
ڪين ڏسن ڪي ’عاجز‘ اوکيوُن!!
فضل الله ’فدا‘ چانڊيو
ڪُنري
غزل
جدا جنهن کان گهڙي هڪڙي، نٿي منهنجي سري آيو،
مهربانيون ڪري سو ماهرو، مون تي وري آيو.
تصوّر ۾ ڪيم ديدون، ته عيدون اڄ ڪيون اکڙين،
ڪيم جو بند نيڻن کي ته تارن ۾ تري آيو.
مان کوليان پنبڻيون ڪيئن جو صنم تن ۾ سُتل آهي،
اٿم اڄ اوچتو محبوب اکڙين ۾ ڍري آيو.
اهو اعزاز بخشيائين ته دنيا دنگ رهجي وئي،
ڪري هو ڀال مون تي ۽ ڀلائي جي ڀري آيو.
قريبن جي قرب سان دنيا، عقبا ٻئي ’فدا‘ ٿيون هن،
جدائي جنهن جي ۾ جندڙي هئي ڳڻتين ۾ ڳري آيو.
غزل
جڏهن زندگيءَ جو اختتام ٿيندو،
تڏهن کان سندئي نام گمنام ٿيندو.
نه نالي سان توکي پوڪاريندا پنهنجا،
سندئي نالو، فوتي سَرعام ٿيندو.
رڳو رسم ۾ ٿيندي فاتح خواني،
ڪٺو مال ڪيو تو، سو نيلام ٿيندو.
ڇڏي قرض وئين سو، نه ڪوئي ڀريندو،
سندئي نام دنيا ۾ بدنام ٿيندو.
مَٿي بيهي توتي، مِٽي پيا مليندا،
عمل ڪهڙا آندءِ، هي الهام ٿيندو.
کڻي نيڪ اعمال ويندين قبر ۾،
ته جنت جي فرحت جو انعام ٿيندو.
خليل عارف سومرو
جوهي
غزل
درد بي پيرَ ۽ اڪيلائي،
جيءُ کي جهير ۽ اڪيلائي.
صبح، سانجهي وري وري گهائي،
ياد جي وير ۽ اڪيلائي.
هاڻ شايد گهڻو نه جِي سگهبو،
ساهه کي سِير ۽ اڪيلائي.
يا خدا ڏي نه ڪنهن به دُشمن کي،
اهڙي تقدير ۽ اڪيلائي.
تو سوا منهنجا ساٿي آهن بس،
تنهنجي تصوير ۽ اڪيلائي.
رات ساري ’خليل عارف‘ سان،
بي پليا نير ۽ اڪيلائي.
غزل
هڪ گهر نه ڊٺو آهي، هي دل به ڊهي پئي آ،
ويراني اُداسائي، هن دل ۾ رهي پئي آ.
اکڙيون ڪي چَريون ناهن، ائين پاڻي نه هارينديون،
ڪو خواب ڇُٽي پيو آ، ڪا ياد وهي پئي آ.
الزام گهڻا آهن، ڪنهن ڪنهن جي صفائي ڏيان،
هڪ ڳالهه کي ڊاهيان ٿو، ٻي ڳالهه ٺهي پئي آ.
تڪليف ڏسي هرڪو، مُنهن موڙي هليو ويو آ،
غُربت جو قسم آهي، عزت ئي لهي پئي آ.
’عارف‘ جي حياتي تي، حيرت کي به حيرت آ،
دردن جي ڌنڌوليل آ، ڳڻتين ۾ ڳَهي پئي آ. |