سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2023ع

باب:

صفحو:17 

 

ڊاڪٽر رام لوهاڻو

هالا شريف

سائين مخدوم خليق الزمان صاحب

(ڪجهه يادون)

مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته منهنجو مخدوم هائوس سان ننڍپڻ کان لاڳاپو آهي، اڃان هاءِ اسڪول مان (مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول) ۾ 1977ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري 1979ع ۾ سروري اسلاميه ڪاليج ۾ انٽر پاس ڪيم ته اسان جي ان وقت جي مکيه سيٺ ڊرميانومل سان گڏ قبله سائين جن مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ سائين جن جي حاضريءَ ۾ ويندو هئس ۽ MBBS پاس ڪرڻ کان پوءِ 1990ع ۾ مون کي نوڪري به قبله سائين جن ڊاڪٽر ڪامل راڄپر ان وقت جي سيڪريٽري صحت کي فون ڪري وٺي ڏني، ان کان پوءِ سائين جن جي طبيعت جي ناسازيءَ سبب قبله شفيق سائين جن جي حاضري ۾ رهيس. اهو حڪم به قبله طالب الموليٰ ڪيو ته منهنجي طبيعت ٺيڪ رهي ڪانه ٿي. انڪري هاڻ ڪم ڪار جي سلسلي ۾ شفيق سائين سان ملجي. قبله شفيق سائين به هر وقت هر قدم تي منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ شفقت جو هٿ رکيو، ان کان پوءِ آءٌ قبله مخدوم خليق الزمان سائينءَ جي حاضريءَ ۾ حاضر ٿيس، جيڪو سائين جن جي زندگيءَ تائين رهيو.

مون کي ان ڳالهه جو احساس ۽ فخر آهي ته آءٌ تمام خوشنصيب آهيان، جو مون کي مخدوم خاندان جو هر فرد اهو چاهي قبله مرحوم مخدوم امين فهيم سائين هئا يا قبله مخدوم جميل الزمان، قبله مخدوم محبوب الزمان، قبله مخدوم رفيق الزمان، قبله مخدوم سعيدالزمان، قبله مخدوم رفيق الزمان، قبله مخدوم حبيب الزمان، قبله مخدوم فخرالزمان، قبله مخدوم احمد الزمان، سائين جن ۽ ٻيا سڀ مون کي ڀائيندا آهن ۽ تمام گهڻو خيال رکندا آهن ۽ مون کي ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪرايو اٿن ته ”آءٌ هاڻ نڌڻڪو آهيان.“

سڀني سان منهنجو سڌو رابطو رهندو هو ۽ اڃان تائين به سڌو رابطو آهي، فون جي ذريعي، ڪوبه نوڪريءَ بابت مسئلو هجي يا ٻيو ڪو، قبله خليق سائينءَ کي رڳو هڪ دفعو عرض ڪندو هئس ته سائين جن بي چين ٿي ويندا هئا ۽ ايستائين آرام سان پاڻ کي ڪونه رکندا هئا جيستائين ان مسئلي جو حل نه نڪرندو هو. هتي پاڻ قبله خليق سائين سان گهاريل گهڙين جو ذڪر ڪريون ٿا.

ساروڻيون زميندري مطابق:

قبله خليق سائينءَ سان گڏ منهنجي زندگيءَ جو ڪافي عرصو يعني تقريباً 20 سال گذريو.

-      فقير منش، مدبر، عقلمند ۽ سلجهيل شخصيت هئا، هو ذات پات، مذهبي مت ڀيد جا قائل نه هئا، امام بارگاهه هجي، مندر هجي يا مسجد اتي حاضري ڏيندا هئا، ۽ هميشه زمين تي ويهندا هئا اها مخدوم خاندان جي خاصيت آهي ته هُو زمين تي ويهڻ پسند ڪندا آهن.

-      سياست کي الوداع ڪرڻ کان پوءِ سائين جن جو سمورو ڌيان سندن زمين جيڪا ضلع سانگهڙ ۽ نوابشاهه ۾ هئي ڏانهن رهيو ۽ هر مهيني هڪ چڪر زمين تي هڻبو هو، جنهن ۾ سيد جمن شاهه اجناڻي، سائين شاهه ڏنو شاهه، غلام مصطفيٰ عمراڻي ۽ آءٌ گڏ هوندا هئاسون، سائين عمران شاهه به ڪڏهن ڪڏهن گڏ هلندا هئا.

-      سائين جن جو طريقه ڪار هو ته زمين تي چڪر هڻي پوءِ اوطاق تي اچبو هو، سندن مئنيجر اڪبر حسين وزٽ بوڪ کڻي ايندو هو ۽ گذريل مهيني جي نوٽ پڙهندو هو ته ان ۾ اڳ واري چڪر ۾ جيڪي هدايتون يا صلاحون ڏبيون هيون ان تي ڪيترو عمل ٿيو؟ ان کان پوءِ تازه ترين هدايتون ۽ صلاحون ان بوڪ ۾ لکبيون هيون ۽ سڀ ميمبر جيڪي سائين جن سان گڏ هوندا هئاسون اهي صحيح ڪندا هئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ سائين جن پاڻ ان تي صحيح ڪندا هئا ۽ اهي سمجهو ته آفيشل منٽس وانگر هميشه محفوظ ٿي ويندا هئا، عمل درآمد لاءِ.

ڊاڪٽر رام بگٽي:

جڏهن به ٻنيءَ تي وڃبو هو ته سائين جن هٿيار ضرور کڻندا هئا، اهو هٿيار گهڻو ڪري عمراڻي صاحب کڻي هلندو هو.

هڪ دفعي پاڻ حڪم ڪيائون ته اڄ هٿيار ڊاڪٽر رام کڻي هلندو، هاڻ انڪار ڪير ڪري؟ سو سائين جن کي عرض ڪيم ته قبله سائين آءٌ واڻيو ۽ ڪڏهن مون هٿيار کي هٿ به نه لاٿو آهي، خدا نه ڪري ته ڪجهه ٿي پوي ته پوءِ آءٌ ڇا ڪندس، پاڻ وڏو ٽهڪ ڏئي فرمايائون ته ڊاڪٽر تون واڻيو نه پر اڄ کان ڊاڪٽر رام بگٽي آهين ۽ ڪو هٿيار به، وٺ اها وقت جي ضرورت آهي، ان کان پوءِ مون سائين جمن شاهه کي عرض ڪيو ته قبله مون کي ڪو پسٽل وٺي ڏيو، سائين جن مهرباني ڪري مون کي حيدرآباد مان هڪ T.T.Pistle ۽ 100 گوليون وٺي ڏنيون.

ڊاڪٽر توهان نوڪر نه آهيو:

قبله خليق سائين جن جو مون سان حد کان وڌيڪ پيار هو، فون تي تقريباً روزانو رابطو رهندو هو ۽ جڏهن به ڪراچيءَ کان هالا ايندا هئا ته مون کي گهڻو ڪري واڌو واهه گيٽ حيدرآباد گهرائيندا هئا پوءِ سيد جمن شاهه اجناڻي وٽ حيدرآباد ۾ هلندا هئا، ۽ اتي چانهه پي هالا روانا ٿيندا هئاسون.

مان پاڻ کي تمام گهڻو خوشنصيب ٿو سمجهان جو مون سان گڏ منهنجي امڙ ۽ سائينءَ جن جون دعائون سدائين گڏ هيون ۽ اڃان به آهن.

سائين جن هڪ دفعو فرمايو ته ڊاڪٽر رام توهان پاڻ کي ڪڏهن به ڌاريو يا نوڪر نه سمجهجو. بلڪه منهنجو ڀاءُ سمجهو ۽ ڪنهن به وقت مون سان رابطو ڪري سگهو ٿا. هميشه منهنجي ماتا، پٽن جا نالا وٺي پڇندا هئا ته انجنيئر اجئه ڪمار ۽ ڊاڪٽر مهيش ڪمار ٺيڪ آهن؟ اها سائين جن جي انتهائي محبت هئي مون سان، دعا آهي ڌڻيءَ در ته قبله سائين جن کان پوءِ سندن فرزند قبله مخدوم انيڪ الزمان ۽ قبله مخدوم لبيب الزمان اهو رشتو نڀائيندا رهندا.

2010ع واري مها ٻوڏ:

2010ع ۾ جيڪا ٻوڏ آئي ۽ تقريباً سڄو پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ تمام گهڻي متاثر ٿي، ان ۾ هالا نوان، هالا پراڻا، سعيدآباد، مٽياري جتان S.M.Bund آهي ان جي ٽٽڻ جو امڪان تمام گهڻو هو، پر ان سلسلي ۾ مخدوم صاحبان جو ڪردار ۽ محنت هڪ مثال آهي، جيڪي رات ڏينهن بندن جي دوري ڪرڻ ۾ مصروف رهيا.

پاڻ شهر وارن کي صلاح ڏنائون ته ٻار ٻچا ۽ ضروري ڪاغذ وغيره پاڻ سان کڻي ڪٿي عارضي طور محفوظ جڳهه تي شفٽ ٿيو ۽ الله پاڪ جي ڪرم سان جڏهن درياهه بادشاهه خير خوبيءَ سان گذري وڃي ته پوءِ واپس اچجو. ان تي ڪجهه شهر وارن ماڻهن جو خيال هو ته جيڪڏهن اسان گهر خالي ڪري هليا وينداسون ته پوءِ پويان چوري چڪاري ته نه ٿيندي؟ مخدوم صاحبان کي ان ڳالهه جو احساس هو انڪري پنهنجي مريدن ۽ ڪجهه ماڻهن جي سڄي شهر ۾ رات ڏينهن ڊيوٽي لڳايائون ته ڪنهن به محلي، گهر، دڪان مان ڪنهن جو ڪک به چوري نه ٿئي۽ ٿيو به ائين. تقريباً مهيني کان پوءِ ماڻهو واپس آيا ته جيڪا شيءِ جيئن هئي تيئن موجود هئي، مخدوم صاحبان جو اهو ڪردار ۽ ماڻهن جو خيال ڪوبه ماڻهو وساري نٿو سگهي.

ان کان علاوه هاڻ اچون ٿا اصل ڳالهه تي ته ماڻهو ته گهڻا درياهه جي چاڙهه کان پوءِ محفوظ هنڌن تي شفٽ ٿي ويا، پر مخدوم صاحبان هت هالا ۾ ئي رهيا.

درياهه جي چاڙهه وارن ڏينهن ۾ روزانا جو معمول هوندو هو ته S.M.Bund جي هڪ پاسي (ضلعي مٽياريءَ جي حدن ۾) قبله مخدوم امين فهيم صاحب جن صبح جو سوير نڪرندا هئا ته ٻئي پاسي قبله مخدوم خليق الزمان صاحب جن مٽياري جي حد مان نڪرندا هئا، پاڻي ۽ ماني به ساڻ هوندي هئي ۽ سڄو ڏينهن بند تي چڪر هڻندا هئا ته ڪٿي روڻ وغيره پوندي هئي ته اتي جو اتي ان کي بند ڪرائيندا هئا، درياهه بادشاهه جي دهشت ۽ گجگوڙ ڏسي آءٌ تمام گهڻو ڊڄندو هئس، پر سائين جن چوندا هئا ته ”ڊاڪٽر گهٻراءِ نه، ڪجهه نه ٿيندو، پنهنجي ماتا کي چئو ته دعا گهري ته درياهه شاهه خير سان گذري ويندو.“

هڪ دفعي سيکاٽ وٽ بند تي حسب معمول چڪر هڻي رهيا هئاسون ته اڳيان هڪ ڇوڪري جنهن جي عمر 9 يا 10 سال هوندي ان گاڏيءَ کي روڪرايو ۽ سائين خليق سائينءَ کي جيڪي لفظ چيائين مون کي اڄ به ياد آهن ته ”سائين اسان کي بچايو، اجهوئي پاڻي آيو“ قبله خليق سائين ان وقت گاڏيءَ مان لٿا ۽ ڏٺوسون ته هڪ هنڌ روڻ پئي آهي ۽ پاڻي بند هيٺيان وهيو پئي، هت گل محمد پنهور جو ذڪر نه ڪرڻ زيادتي هوندي جو هو 24 ڪلاڪ بند تي موجود هوندو هو ۽ ساڻس گڏ ماڻهو ۽ هيوي مشينري وقت بوقت موجود هوندي هئي، ان کي فون ڪرايائون، مون گل محمد پنهور کي فون ڪري چيو ته فوري طور تي مشينري هت سيکاٽ وٽ شفٽ ڪرايو ۽ پاڻ به پهچو ۽ روڻ بند ڪرايو، اهو قبله خليق سائين جو حڪم آ. شابس آ گل کي بروقت پهچي روڻ بند ڪرايائون.

پير ڳوٺ ۾ وڏي پاڳاري صاحب جي فاتح ۽ قبله امين سائين، قبله خليق سائينءَ جو پنهنجن ماڻهن سان پيار ۽ سارسنڀال:

10- جنوري 2012ع تي سيد شاهه مردان شاهه پير پاڳارو صاحب جن جي رحلت ٿي، پير ڳوٺ هلي فاتحه جو پروگرام ٺهيو، قبله مخدوم امين فهيم صاحب ۽ مخدوم مخدوم خليق الزمان صاحب جن هالا آيا ۽ پروگرام فائنل ٿيو اها شايد 13 يا 12 جنوري 2012ع هئي، هڪ گاڏيءَ ۾ قبله امين فهيم سائين حاجي علي مرد راڄڙ (ايم.پي.اي) صوفي علي اڪبر سومرو، ۽ ٻي گاڏي ۾ قبله مخدوم خليق سائين سان گڏ روشن جوڻيجو، سيد جمن شاهه، سيد غلام حيدر شاهه ۽ آءٌ هئاسون. استاد ڪمن سائين جن جو ڊرائيور سيٽ تي ويٺو ته قبله امين سائينءَ خليق سائين کي چيو ته ”توهان منهنجي گاڏيءَ ۾ اچو“ سائين خليق سائين هڪدم گاڏيءَ مان لٿا ۽ سائين قبله امين فهيم جي گاڏيءَ ۾ ويٺا ۽ ڊرائيونگ هالا کان پير ڳوٺ تائين پاڻ ڪيائون ۽ گاڏين جو قافلو پير ڳوٺ لاءِ روانو ٿيو.

پير ڳوٺ پهچڻ کان پوءِ قبله سائين امين فهيم، قبله سائين خليق الزمان، سيد جمن شاهه ۽ روشن جوڻيجو پير صاحب جي بنگلي ۾ اندر ويا ۽ آءٌ، سائين غلام حيدر شاهه ۽ ٻيا ٻاهر ئي هئاسون ته ڪجهه دير کان پوءِ هڪ ماڻهو ڀريل پنڊال ۾ اعلان ڪري رهيو هو ته مخدوم صاحبان سان گڏ جيڪي ماڻهو آيا آهن انهن کي اندر پير صاحب ياد ڪري رهيو آهي، اهي اندر اچن، ان کان پوءِ اسان جيئن ئي اندر داخل ٿياسون ته ڏٺوسون ته پير صبغت الله شاهه راشدي، قبله امين سائين، قبله خليق سائين ۽ ٻيا ڊائننگ ٽيبل تي ماني رکيل هئي ۽ ڪرسين تي ويهي ماني پئي کاڌائون، قبله خليق سائين منهنجو ۽ سائين غلام حيدر شاهه جو تعارف ڪرايو.

پير صاحب حڪم ڪيو ته توهان ٻئي اسان سان گڏ ويهو ۽ ماني کائو. اسان به حڪم موجب ۽ قبله مخدوم صاحبن جي اجازت سان گڏ ويهي ماني کاڌيسون، جيڪو منهنجي لاءِ هڪ اعزاز آهي ته ٻن وڏين گادين جي وچ ۾، قبله خليق سائين ۽ ٻين سان گڏ هڪ جاءِ تي ويهي ماني کاڌم. ماني کائڻ دوران قبله خليق سائين فرمايو ته ڊاڪٽر رام منهنجو تمام ويجهو ۽ پيارو آهي ۽ دوا درمل ۽ علاج موجب صلاح مشورو ۽ هالا جي ميڊيڪل علاج معالج جيڪو بنگلي تي (هالا ۾) نوڪر وغيره آهن، انهن جو ذمو ڊاڪٽر حوالي آهي، ۽ ٻاهران آيل مهمان جيڪي هالا ۾ ايندا آهن انهن جي کاڌي پيتي ۽ هالا گهمائڻ جو ذمو سائين عمران شاهه ۽ ڊاڪٽر رام تي هوندو آهي، ان کي پير پاڳاري صاحب به فرمايو ته اسان وٽ به هڪ ديوان اسان جو خاص ماڻهو آهي ۽ اهو پڻ فرمايائون ته ڊاڪٽر! مخدوم خليق سائين توهان کي هت گهرايو آ، توهان پاڻ هلي اچو ها جو سائين جن سان توهان گڏ هئا، انهن توهان جو ذڪر ڪيو ته هڪ سيد ۽ هڪ ديوان به اسان سان گڏ آهن.

آيل مهمانن جو خيال:

قبله خليق سائين جن وٽ اڪثر ڪري ملڪي يا غير ملڪي مهمان جڏهن به ايندا هئا ته سائين جن ٻين سڀني ڪم ڪارين کي ڇڏڻ جو چئي فرمائيندا هئا ته مهمان جيڪي به اچن ٿا انهن کي ڪابه شڪايت نه ٿئي، ۽ هر طرح جو خيال رکيو وڃي ۽ ڪنهن به شيءِ جي هو طلب نه ڪن بلڪه هر شيءِ حاضر هجي. ڪمري جي صفائي، واش روم، بيڊ، صابڻ، ٽوال، بيڊ شيٽ، وهاڻن جون ڇئون، هميشه نين مان تبديل ڪرائيندا هئا، کاڌ خوراڪ، چانهه پاڻيءَ جو حد کان وڌيڪ خيال رکندا هئا.

لنچ يا ڊنر هجي مهمانن لاءِ ته اها ذميواري مون تي هوندي هئي ته گوشت وغيره بيهي تازو ڪٽرائبو هو ۽ جيستائين مهمان خير خيريت سان واپس روانا ۽ هالا جي حدن مان خيرخيريت سان نڪري ويندا هئا ته پوءِ سائين جن اطمينان جو اظهار ڪندا هئا. غير ملڪي مهمانن سان گڏ جيڪو اسٽاف ايندو هو ته انهن جو به هر طرح خيال رکڻ لاءِ حڪم ڪندا هئا ۽ بار بار پڇندا هئا ته ڪا ڪمي ته ڪانه رهجي وئي آ، سائين جن جو بورچي خانو سدائين کليل هوندو آهي، چاهي سائين جن هت هجن، ڪراچي هجن يا ملڪ کان ٻاهر، مهمان چانهه، ٿڌو، مانيءَ کان سواءِ نه ويندو آهي.

قبله خليق سائين جن جا دوست تمام محدود تعداد ۾ باقي رهيا (سياست ڇڏڻ ۽ زميندار ٿيڻ وقت) انهن ۾ ڪامريڊ رفيق صفي منشي، جاويد قاضي صاحب، بابل خان جکراڻي، لطفي صاحب، ممتاز شاهه، قطب جمالي صاحب، غلام حيدر شاهه شامل آهن. انهن سان سائين جن جو تمام گهڻو قرب هو ۽ خاص طور تي ڪامريڊ رفيق صفي صاحب.

ڪامريڊ جي باري ۾ هڪ دفعو ڳالهه ڪيائون، ان وقت سائين جمن شاهه اجناڻي، سائين عمران شاهه به موجود هئا ته رفيق صفيءَ سان ڪابه ڳالهه ڪيو ته پوءِ ان ڳالهه جي سيڪيورٽي جا ضامن توهان آهيو، ڪامريڊ صفا صاف دل جو مالڪ آهي ۽ هُو ڪابه ڳالهه دل ۾ نه آهي رکندو، پر شيئر ضرور ڪندو. پاڻ هڪ دفعي ڪامريڊ کي چيائون ته ڪامريڊ هڪ ڳالهه چوان ٿو، پر ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجانءِ ته ڪامريڊ هڪدم چيو ته ”سائين مهرباني ڪري مون سان ڳالهه نه ڪيو، آءٌ نه رکي سگهندس.“ ان وقت اسان ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.

شڪار جو شوق:

هر سال ٻه دفعا سائين جن شڪار لاءِ اُسرندا هئا، هڪ شڪار جو بندوبست ڀلو جمالي ڪندو هو ۽ ٻيو شڪار منگواڻن وٽ ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيندو هو.

شڪار ۾ سائين جن سان گڏ سائين جمن شاهه اجناڻي، سائين ارشد شاهه سائين، عمران شاهه، سائين ممتاز شاهه، سائين غلام حيدر شاهه ۽ آءٌ مستقل هوندا هئاسون، پر ڪڏهن ڪڏهن اسان سڀني کان علاوه سائين امير شاهه، سائين عدنان شاهه، سائين فيصل شاهه گڏ هلندا هئا.

يا وري ڪڏهن ڪڏهن ڪو ٻاهريون ملڪ جو وفد به گڏ هوندو هو، ٿيندو ائين هو ته هالا مان سڀ تياريون يعني شڪار جو سامان، هٿيار وغيره سان ليس ٿي نڪربو هو ۽ سڌو سائين ممتاز شاهه جي بنگلي تي سانگهڙ ۾ وڃي رات رهبي هئي، ۽ صبح جو ناشتو وغيره ڪري شڪار تي روانو ٿبو هو.

سائين جن جي آخري سالن يعني جڏهن کان طبيعت ناسازي طرف وڃڻ لڳي ته سائين جن کي پنهنجو شوق ته بنهه ڪونه هوندو هو پر فرمائيندا هئا ته آءٌ نه ويندس ته منهنجا ساٿي ضرور شڪارکي مِس ڪندا، انڪري مون کي هلڻو پوي ٿو.

ڪرونا ۽ ملازمن جو خيال:

قبله سائين خليق الزمان صاحب جي ڪراچيءَ واري رهائشگاهه تي جيڪي به ملازم آهن انهن کي مهيني ۾ 6 ڏينهن موڪل هوندي آهي، ته هو پنهنجي گهران ٿي اچن.

ڪرونا بيماريءَ دوران جيڪي به ملازم ڳوٺ ويندا هئا انهن جو خيال رکڻ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ڪراچيءَ مان سائينجن سندن گاڏي ۾ موڪليندا هئا ته جيئن پبلڪ ٽرانسپورٽ ذريعي اهي ملازم ان بيماريءَ ۾ متاثر نه ٿين ۽ واپسيءَ ۾ منهنجي اها ڊيوٽي هئي ته ملازم جڏهن موڪل پوري ڪري ايندا هئا ته انهن جي ڪرونا ٽيسٽ ڪرائي جيڪا نگيٽو هوندي هئي ته انهن کي وري به خاص گاڏيءَ ذريعي ڪراچي موڪلبو هو، پر جيڪڏهن پازيٽو نتيجو هوندو ته ان کي واپس پنهنجي ڳوٺ موڪلبو هو ۽ نگيٽو ٿيڻ تائين وري واپس ڪراچي موڪلبو هو.

بيماري وغيره جي صورت ۾ نوڪرن جو علاج، بهترين ڊاڪٽرن کان ۽ سڀ ٽيسٽون جيڪي ڊاڪٽر صاحبان تجويز ڪندا هئا ته اهي ٽيسٽون پرائيويٽ لئب مان ڪراڻيون هيون ۽ علاج جو ٽوٽل خرچ سائين جن پاڻ ڪندا هئا ۽ پگهار مان ڪڏهن به نه ڪٽيندا آهن، ايتري حد تائين جو نوڪرن جي فيمليءَ جي علاج وغيره جي  خرچ جيڪو ڪيترو به هجي سائين جن پنهنجي کيسي مان ڪندا هئا، نوڪرن جو انچارج هالا ۾ محمد عثمان سولنگي ۽ ڪراچيءَ ۾ گل محمد مهر هئا، جيڪي هالا يا ڪراچيءَ جي بنگلن جي نوڪرن بابت ڄاڻ ڏيندا هئا.

گادي نشين جو احترام ۽ عزت:

مون کي اهو اعزاز حاصل آهي ته قبله خليق سائين جڏهن هالا ايندا هئا ته ڪڏهن ڪڏهن قبله امين سائين، قبله رفيق سائين، قبله سعيد سائين، قبله نويد سائين، يا قبله محبوب سائين، فخر سائين، احمد سائين، ديدار سائين، شفيق سائين، ڪنهن صلاح مصلحت ايندا هئا ته آءٌ به موجود هوندو هئس، بشرطيڪ اهڙو اشو هجي جيڪو ذاتي نوعيت جو هجي ته پوءِ سائين جن پاڻ ۾ مشورو ڪندا هئا.

قبله امين فهيم سائين جڏهن واپس روانا ٿيندا هئا ته قبله مخدوم خليق الزمان سائين جن انهن کي سندن بنگلي تائين ڇڏي ايندا هئا، پر هڪ ڳالهه ته سدائين سائين جن جي پويان هلندا هئا ۽ ڀُل ۾ به هڪ قدم اڳيان نه هلندا هئا، اها خوبي نه صرف خليق سائين پر سڀني مخدوم صاحبان ۾ آهي ته پاڻ کان عمر ۾ وڏن يا گادي نشين جي هميشه احترام سبب پويان هلندا هئا، قبله امين فهيم جي وصال کان پوءِ قبله جميل سائين جي به  هميشه پويان هلندا هئا. حالانڪه قبله خليق سائين عمر ۾ قبله جميل سائين کان وڏا هئا، پر ڇاڪاڻ جو سائين جميل الزمان گادي نشين آهن انڪري جڏهن به جميل سائين جن ايندا هئا ته سائين جن ڪچهري کان پوءِ جڏهن اُسرندا هئا ته قبله خليق سائين کين سندن بنگلي تائين ڇڏي واپس ايندا هئا.

 

معمور يوسفاڻي

عمرڪوٽ

 

فقير رحيمڏنو  پلي

 

پلي ذات ۾ هونئن ته ڪيترائي شاعر ٿي گذريا آهن، پر انهن سڀني ۾ فقير رحيمڏني ۽ مل محمود فقير جو درجو اتاهون آهي. فقير رحيمڏنو پنهنجي دور جو نه صرف نيڪ سيرت، ولي الله ۽ بزرگ شخص هو، پر بهترين بيت گو شاعر پڻ هو. مختلف سُرن ۾ سندس بيت سنڌي شاعريءَ جي جان آهن.

رحميڏنو سومريجا پلين جي الياساڻي پاڙي مان هو. ديهه ڪُنر جو رهاڪو هو. سندس گذر معاش جو ذريعو چوپايو مال هو. جنهن جي سک، سهوليت ۽ سانگ خاطر هي ٿر بر پيو لتاڙيندو هو. اهوئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ ۾ ڳوٺن جي منظرنگاري عروج تي پهتل آهي.

رحميڏنو جو دور 1741ع کان 1798ع تائين چوڻ ۾ اچي ٿو. رحميڏني جو پٽ نعمت الله عرف نمرو پلي هو، جنهن جو اولاد جمال وارا موجود آهن. سندس شاعريءَ جي فصاحت، بلاغت، سلاست ۽ سادگي عام آهن. جدائي پوڪارون اميد، ياد، ڳوڙها ڳاڙڻ ۽ نصيحت سان به سندس ڪلام لبريز آهي.

فقير رحيمڏني جو گهڻو ڪلام گردشِ دوران ۾ ضايع ٿي ويو ۽ تمام گهٽ ڪلام ميسر ٿي سگهيو آهي، سندس ڪلام مان نموني طور ڪجهه بيت پيش ڪجن ٿا:

بيت

 ”سُر سسئي“

ڪيچئون ڪيچي آئيا، ليڙن مٿي لال،

گهوريان جيءَ جتن تان، گهوريان مڏيون مال،

پنهل منجهن پڌرو جنهن جي ڪلهن سائي سال،

بيبي چڙهيو بنگلي، ٿي کيرون ڏي خوشحال.

جڏهن ڀلي ڪئڙا ڀال، تڏهن مڪي آيو مان گهرين.

*

ڪيچئون ڪيچي آئيـــــــا، ليڙن مٿي لال،

ٻاروچاڻيءَ ٻوليءَ ۾ اوريائون احوال.

پنهون وٺي ويا پاڻ سان ڪهي ويا ڪالهه،

روئان رڙان ”رحميڏنو“ چئي سوين ڪريان سوال.

هيڻا ٿئڙم حال، جانب بنان ڙي جيڏيون.

*

جانب بنان ڙي جيڏيون مون کي ٻارڻ ۽ ٻارو،

سڄڻ منهنجو سانگ ويو جيءَ جو جيارو.

روح منهنجو ”رحميڏنو“ چئي ونجهلي ويچارو،

سڄڻ سوڀارو، ســـــاهه وٺي ويو سر سان.

*

ساهه وٺي ويو سر سان مون آڌي اڪيريو،

جهڙو ٿيو ڙي جيڏيون، هئي هئي حاديثو،

جهليان پليان نه رهي. وسان حال ويو،

روح منهنجو ”رحميڏنو“ چئي، ڏهيون ڏيل ٿيو.

سڄڻ سانگ وَهيو، آئون ڀڻي ڏونگر ڏوريان.

*

ڀُڻي ڏونگر ڏوريان، جيجان لار جتن،

وارث منهنجا ولايت ويا، ڏوريان نه ڏسجن.

سڌ لڏيندي ساٿ جي، ڪل نه پيئي ڪن،

روح منهنجو”رحميڏنو“چئي، من چيٺي چڱو ڪن.

منهنجو نيو جيءُ جتن، مون وٽ جي مهمان هئا.

*

مون وٽ جي مهمان، هئي هئي هت هئا،

ڇڏي نماڻي ننڊ ۾، ويچاري ويا.

پيغام اهي پريت جا، سڀئي سڻجا،

ڪافن ۾ ڪوهيار لئي، مون پٿون پير ڪيا.

مون کي سانڍڻ سور پيا، ڳالهيون ڳڻ پرين جا.

*

الله الله ڪريان، ڪو جو واء وريو،

جدائيءَ جو جيءَ ۾، ٻارڻ اچي ٻريو.

روئي رڙي ”رحميڏنو“ چئي، ٿيو چت چريو.

سرتيون ميڙ ڪريو، هلي هوت پنهون کي.

*

سُر مومل راڻو

چڙهيا ڄڻا چار هئا، سوڍي ساڻ شڪار،

پرهه جو پيدا ٿيو، جوڳي ڪنهن جنسار.

راول ٿو روئي گهڻو، نيڻين وهائي نار،

سامي سوڌا ساريو، پيو پاڻهين ڏئي پار.

”ته ٻيٽيون راجا نند جون، جن جڙي ڪيو جنسار،

جهوڙا، جهاٻا، جهانئيون، سهسين ٻيا سينگار.

کٿوري کٽن تي، هيرا لک هزار،

چرخا چندن، عاج جا، چٽن سان چوڌار.

ڪڙيون، ڪٺمالون، ڪيوٽيون، هيرن جڙيا هار،

ڪئين سندن ڪوڏيا، صوبا ۽ سردار.

پرڏيهين جو ”پلي“ چئي، آهي ناتر نگهوسار،

کن ۾ کپائي ڇڏي، تال ڪري تڪرار.

اهي آهن پار، مومل جـــــي مذاق جا.“

*

مومل جي مذاق جو، پرو ڪونه پيو،

سوڍيون وڏي شان سان، موهين ملڪ مِڙو.

پڌرو آهي ”پلي“ چئي هو گام گجرن جو،

کٿوريءَ سان کٽن جو، ٻهه ٻهه آهه ٻهڪو.

عطر عام اتهين، اچي ٿو آڏو.

هيرا لعل هندرون ۾، جوهر جال جڙيو

نڪو سنڌو سينگار جو ۽ نڪو سونهن سنڌو

آهه عشق امارو ٿـــــو، ماري ملوڪـــــن کي.

*

داستان ٻيو

مومل جي ماڙيءَ ڏي، سوڍو سنڀريو،

رکي آس الله جي، هوڪاري هليو.

اڪري ويو اڪير مان، درياهه جو دڌڪو.

ڪائو تنهن ڪمال سان، ڀڃي ڀورا ڪيو.

راٺوڙين کي ”رحميڏنو“ چئي، وڃي راڻو روء ٿيو.

هوڪو هُل اٿيو، ته مومل ماڻي مينڌري.

*

داستان ٽيون

مومل ماڙيءَ جهل، اڀي ائين چيو،

ته سوڍي ساڻ سرتيون، منهنجو نئون نيهن لڳو،

محبت موڙ مس ڪيا، تاسين راڻي رنج رکيو،

هينئڙو منهنجو هور وجهي، وري وير ويو،

سوڍل جي سنگت جو، مون کي پرو ڪونه پيو،

روئان رڙان”رحميڏنو“چئي، منهنجو جڏو جيءَ ٿيو،

وس کان حال ويو، ڪڙهي ڪاڪ ڪنڌيين.

*

سُر مارئي

هي ڀونگا، هي ڀيڻيون، هي جي هنڌ سندن،

سانگيئڙا ڪنهن سانگ ويا، ٿا سفر منجهه سُڄن.

وٺا مينهن ملير تي، هو اڃا تان نه اچن،

جڪس انهيءَ جوءَ جا، آيا مامرا مٿن،

ويا ويڙهيچا نه وريا، هو ڊوهيا حڪمن،

”پلي“ پنوهارن جا، اڌميو سور اٿن،

قضا جـــــي ڪمن، بـــــت هتي ئـــــي بنديو.

*

بت هتيئي بنديو، اڃان منهنجو آهه،

وَنهين، ويڙهيچن ريءَ، کٽ مون کي ٿي کاءِ،

پيا هوندا پٽ ۾ گهوڙا مال متاع،

اوڏو ايندو ڪون ڪو، ڀڄي ويندا ڀاءُ،

بنان سرور شاهه، ڪنڌي هوندي ڪانه ڪا.

*

ڪنڌي هوندي ڪانه ڪا، سڻ ادا ڳالهه عمر،

هڪ سختي سڪرات جي، ٻي جا ڪوڀ قبر.

اپر اونڌاهي گهڻو، ٻيون ڀڪون هڻن ڀر،

ڏسيو دهشت دوزخ، جي ڏريو پون ڏونگر،

هي وڄائون ۽ ور، ويندئي مڙئي وســـــري.

*

ويندئي مڙئي وسري ادا عمر ڄام،

ڪڍ بندياڻي بند مان ڪنبي ڀر قيام.

ڏيئي آراڙا آنهن کي، هينئين پليان هام،

ڪنڌي ساريان ڪانه ڪا، بنان ماروءَ ڄام.

وڃـــــــي پـــــوان ســـــام، عـــــمر اباڻـــــن جي.

*

عمر اباڻن جي، ماريس ميٺ ذري،

ساريو سانگيڙن کي، ڏکن ڏيل ڏري.

رتولين ۾ ”رحميڏنو“ چئي، ساعت مون نه سري،

الله ايئن ڪري، جو پپون پاساڙن چونڊيان.

*

پپون پاساڙن ڪنڌيين، ٿيون کاوا ٿيو کاڄن،

ڳڙ کان مٺا ڳانڱيا، ٻيا پيرون لال پچن.

تنهنجون مٺايون ملهه سوا ماڳهين ڪين ملن،

پر هت نڪو وس واڻئي جو، نڪو مُلهه مٿن.

ايڏا رنگ”رحميڏنو“چئي ٿا، ساڻيهه منجهه سجهن،

مون کي اوڀالا آئيا، جي مڪا ماروئڙن.

”تون ڪيئن وساري ويڙهه کي، ٿي گذاريين گلمن.“

انهـــــن اوڀالـــــن، عمر مـــــاري آهيـــــان.

*

 

عمر مران ٿي سومرا، ڏسان نه ڏاڏاڻا،

ويل نه وسرن ٿا مون کي، اوٺي اباڻا.

چڙهيا آهنم چت تي، هو ٿانڪون ٿاڻا،

 

سڌر سور سرير ۾، سرجي ساماڻا.

ڀنيءَ جو ڀڙڳ ڪري، آڌيءَ اڏاڻا،

پٽ پٽيهر ”پلي چئي، وهه ٿيا وهاڻا.

سڀ راڄ به ريساڻا، جو وساريو مون ويڙهه کي.

*

جن وساريو ويڙهه کي، حيف تنين حالا،

جاڙ مڪائون جيڏيون، مون کي اتان او ڀالا،

باهه ڏيان تنهنجن بنگلن کي، کايان کٽولا،

رتولن ۾”رحميڏنو“چئي، مون کي خوشي نه خيالا،

سدا سنڀالا، مـــــن ۾ مـــــاروئڙن جي.

*

من ۾ ماروئڙن جي، اٿم سڪ سچي،

ڦوڳن آ ڦوڳي جهلي، ڪرڙن ڪونر ڪچي.

پکا پائر ڏيهه جا، آڻيو اوڏا، اڏين اچي،

منجهان پريت ”پلي“ چئي، ڪَتين اُنَ اَڇي.

پئڙم پٽ پچي، سهسين ڏٿ ساڻيهه ۾.

*

سهسين ڏٿ ساڻيهه ۾، ٿوڪ ٿئڙم ٿر،

مٺا ميوا مٺايون، مون کان پلاهون پري ڌر.

پر ڏيهياڻيءَ سان ”پلي“ چئي، هاڃا هڏ نه ڪر،

ڪين مٽينديس ڪڏهن، پکن سندي پر.

وڃي گهيٽا ٻڌان گهر، ته لهي مهڻو مارن تان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org