قاضي غلام علي
ٺٽو
مير
علي شير قانع
سنڌ جي تاريخ ڪئي انمول انسانن کي پنهنجي ڪُک مان
هميشه پي جنم ڏنو آهي، سنڌ جي تاريخ جا ورق ان تي
گواهه آهن.
ٺٽو پڻ انهن تاريخ ساز شخصيت جي جنم ڀومي رهيو
آهي. اهلِ قلم ۽ اهلِ علم دانشورن، شاعرن،
نثرنويسن، مؤرخن
جو مرڪز رهيو آهي. ٺٽي جي تاريخ جو اڱڻ ڪڏهن به
عالمن، اديبن ۽ محققن جي وجودن کان وانجهيل نه
رهيو، ٺٽو شهر علم ۽ ادب جي هٻڪار کان ڪڏهن به
خالي نه رهيو آهي، اهوئي سبب
آهي جو برصغير ۾ علم ادب جو چرچو ٺٽي جي حوالي کان
گهڻو مشهور آهي.
ٺٽي ۾ قدم رکندڙ ٻاهران ايندڙ خاندانن مان عالمن،
اديبن پنهنجي علم ۽ فن ذريعي سنڌ ۽ ٺٽي جي تاريخ
کي هميشه روشن رکيو آهي، اهڙن علمي خاندانن مان،
شيرازي، شڪرالاهي خاندان به آهي. هن خاندان جي
بزرگن مان سيد قاضي شڪرالله شاهه شيرازي کان وٺي
مير علي شير قانع تائين سڀني علم جي آبياري ڪئي
آهي. مير علي شير قانع اهو محسن انسان هو، جنهن
سنڌ ۽ ٺٽي جي تاريخ تي ڪيئي، ڪتاب لکي ٺٽي جو ڳاٽ
اوچو ڪيو آهي، اڄوڪي صحبت ۾ اسان پنهنجي هن عظيم
مورخ ۽ تاريخدان کي ياد ڪريون ٿا.
مير علي شير قانع ولد مير عزت الله شڪرالاهي
پنهنجي وطن ٺٽي ۾ 1140هجري ۾ اکيون کوليون، ”خلق
الانسانا من السلاله“
مان اهو سال برآمد ٿئي ٿو. مير علي شير قانع جي
پيدائش کان 30 ورهيه اڳ 111هجري ۾ هڪ انگريز سياح
هئملٽن ٺٽي آيو، جيڪو ٺٽي شهر جي برتري جو ذڪر
ڪندي لکي ٿو ته ٺٽي ۾ چار سـؤ
مدرسا ۽ دارالعلوم موجود آهن، جنهن ۾ هزارين
طالبعلم رات ڏينهن علم پرائين ٿا، ان زمان ۾ مير
علي شير قانع ٺٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي. مير صاحب ان
زماني ۾ جن استادن وٽ علم حاصل ڪيو ان جو ذڪر ڪندي
لکجي ٿو ته: (1) ميان نعمت (2) ميان محمد صادق،
ميان عبدالجليل جا فرزند جيڪي ديني ۽ دنيوي علمن ۾
انتهائي ڪامل انسان هئا، انهن ٻنهي بزرگن جو مشغلو
درس و تدريس هو، مير صاحب انهن جي مدرسي ۾ پڙهيو،
مقالات الشعراء فارسي ۾ پاڻ فرمائي ٿو ته ”فقير
بخدمت هر دوجهان نست تلميذي دارد.“
محمد صادق جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته، ”حقيرس کهين تل
نه کا اشان است“ ميان نعمت الله وٽ ’ميزان صرف‘
کان وٺي ’شرح ملا‘ تائين تعليم حاصل ڪيائين، ميان
صادق وٽ ڪتابن بابت ڳالهه معلوم نه آهي. انهن ٻنهي
بزرگن جو مدرسو سندس اهم تصنيف مقالات الشعراء
تائين قائم رهيو، انهن استادن کان سواءِ مير قانع
آخوند محمد شفيع وٽ به پڙهيو، ان جو ذڪر به ڪري ٿو
، اهو بزرگ 1156هجري ۾ وفات ڪري ويو، مير صاحب 16
ورهين جي ڄمار جو هو ته ان وقت آخوند صاحب انتقال
ڪري ويو، وٽس عرفئ جا قصيدا 13 يا 14 ورهين جي عمر
۾ پڙهيائين. آخوند ابوالحسن ”بي تڪلف“ ٺٽوي به
فارسي زبان ۾ سندس استاد هو، مولوي مرزا جعفر
شيرازي جڏهن ٺٽي ۾ آيو ۽ ڌاراجا جي زميندار راءِ
جمال وٽ ڪجهه عرصو رهيو. سندس علم ۽ ذاتي جوهر جي
ڪري سندس دوست ٿيو، سيد صاحب ان بزرگ وٽان به ڪجهه
پرايو.
شعر و سخن جي مشق:
مير علي شير قانع شعر و سخن جي مشق ماءُ پيٽان کڻي
آيو هو، ان عمر ۾ اَٺن هزارن شعرن جو ديوان مرتب
ڪيائين، جنهن ۾ سڀ اصناف سخن هئا، خبر نٿي پوي ته
اهو ديوان ڪهڙن سببن ڪري درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيائين.
ان کان پوءِ ٻن سالن تائين خاموش رهيو، 1155هجريءَ
۾ کيس شعر و سخن جو خيال اچي ٿو، 1155هه ۾ مير
حيدرالدين ابوتراب جهڙي ڪامل استاد سان ملاقات
ٿيس، ان بزرگ جي محبت ۾ شوق جاڳيس. سندس شاگرد ٿي
نئين مشق سخن شروع ڪيائين. مير قانع ڪجهه وقت
تائين ’مظهري‘ تخلص جاري رکيو ۽ ان کان پوءِ
’قانع‘ تخلص اختيار ڪيائين.
ملازمت:
سنڌ جي آزاد حڪمران ميان نورمحمد ڪلهوڙي
1167هجريءَ ۾ وفات ڪئي، سندس پٽ ميان مرادياب خان
تخت تي ويٺو، ميان مرادياب چار سال پورا نه ڪيا،
جو معزول ٿي وڃي جيل ۾ پيو. سندس ٻيو ڀاءُ ميان
غلام شاهه تخت نشين ٿيو. ميان غلام شاهه تمام
سمجهدار ۽ حڪمراني ڪرڻ جي لائق هو، هن پنهنجي
حڪمرانيءَ ۾ ڪيترا علائقا سنڌ ۾ شامل ڪيا، ان روشن
دماغ بادشاهه پنهنجي خاندان جي تاريخ نويسيءَ لاءِ
مير صاحب کي پاڻ وٽ مقرر ڪيو. مير قانع ”شاهه
نامه“ جي طرز تي فارسي نظم جي مفصل تاريخ نثر ۾
لکڻ شروع ڪئي، 1180هه ۾ مير صاحب تحفته الڪرام لکڻ
شروع ڪيو ۽ 1180هه کان مستقل ملازمت کان آجو ٿي
ٺٽي هليو آيو.
مير صاحب جو ذريعه معاش:
قديم خانداني دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته سيد
شڪرالله 927هه ۾ جيئن ٺٽي پهتو ته ارغونن طرفان
سندس وظيفو مقرر ٿيو، همايون بادشاهه جي فرمانن
مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب کي ۽ سندس گهر کي هن
جي طرفان بطور ”سِورغال“
وظيفي ۾ ساڪري پرڳڻي ۾ ڪجهه زمين مدد معاش طور
مليل هئي، اهڙي طرح جيڪي ترخاني طور جا دستاويز
ملن ٿا، جنهن ۾ انهن وظيفن ۽ جاگيرن جي تصديق ٿيل
آهي. مرزا جاني بيگ ترخان جي هڪ فرمان 1007هه مان
معلوم ٿئي ٿو ته جوڻ پرڳڻي ۾ ڪي ڳوٺ ان خاندان کي
مدد معاش لاءِ مليل هئا، 1029هه جي هڪ فرمان مان
معلوم ٿئي ٿو ته جهانگير بادشاهه سيد ظهيرالدين
ثاني خلف سيد شڪرالله ثاني لاءِ به ٻه سئو خوار
سارين جا بطور وظيفي ساليانه مقرر ڪيا. مير علي
شير جي والد مير عزت الله کي 540 بيگا زمين ملي.
قاضي محمد ٺٽوي وٽ فرمانن ۽ سَندَن جو هڪ مجموعو
آهي، جيڪو ٺٽي جي ڪنهن بزرگ انگريزن جي اچڻ کان
پوءِ مرتب ڪيو، ٺٽي جي مختلف خاندانن جي سلسلي ۾
منجهس شاهي فرمان هن لاءِ نقل ڪيا ويا آهن ته اهو
مجموعو انگريزن کي ڏيکاري انهن کي سندن حڪومت ۾ به
جاري ڪرائجي. ڪلهوڙن ۽ ميرن جي پروانن مان چڱي
معلومات ملي ٿي.
مير صاحب جي دؤر جو سياسي پسمنظر:
مير علي شير قانع، ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾
پيدا ٿيو، سنڌ جي ماڻهن دهلي جي بالادستي کان نجات
حاصل ڪئي، نادر جي اچڻ سان سندس ڦُرلُٽ ۽ آخر ۾
افغانستان جو ڏن ڀَرُو بڻائي وڃڻ سنڌين کي آزادي
ماڻڻ ڪونه ڏني، مير علي شير تاريخ نويسي ۾ پنهنجو
سٺو وقت گذاريو.
اها خوشحالي ۽ اها عزت آبرو انگريزن جي ابتدائي
زماني تائين قائم رهي، چوڏهين صدي هجري جي شروعات
۾ مير علي شير جو پوٽو مير سيد صابر علي شاهه ثاني
زندهه هو جنهن کي نه رڳو شهر ۾ عزت حاصل هئي، پر
کيس انگريز سرڪار وٽ به گهڻي عزت حاصل هئي، جيئن
ته انگريزن هندستان جي مکيه ماڻهن بابت اَٺن جُلدن
۾ ضخيم ڪتاب شايع ڪيو، ان ۾ سيد صاحب جو فوٽو به
ڏنو ويو.
سير و سفر:
مير صاحب جي سڄي زندگي سراسر علمي هئي، هن دنيا جي
مشغلي ۾ پنهنجو فضول وقت نه وڃايو، گهڻو ڪري گهر ۾
رهي تصنيف و تاليف ڪندو رهيو. تحفته الڪرام ۽
مقالات الشعراء مان معلوم ٿئي ٿو ته 1160هجري ۾
سورٺ ويو، سيد سعدالله سورتي ۽ سندس فرزند مير
عبدالولي عزلت سان سندس ملاقات ٿي، ان سفر دؤران
سندس ٻين اهل علم بزرگن سان رهاڻيون ۽ صحبتون
ٿيون، جيئن رضائي شاعر ساڻس سورت کان لاهري بندر
تائين ٻيڙيءَ ۾ گڏ آيو، (مقالات الشعراء صفحو
109).
محمد اڪرم ٺٽي جو شاعر هو، مگر سندس زندگي دهلي
دکن ۽ سورت ۾ مختلف عهدن تي گذري ان وقت محمد اڪرم
به ساڻس گڏ هو، واٽ ۾ ٽي ڏينهن سندس ٻيڙو طوفان جي
گرداب ۾ ڦاٿو، اهڙي نااميدي جي حالت ۾ مير صاحب ان
کي”حادثه عظيم“ لکي ٿو:
تحفـﺔ الطاهرين جي مؤلف شيخ محمد اعظم ٺٽويءَ جي
ملاقات ساڻس سورت ۾ ٿي، ان سفر دوران سندس ملاقات
محمد عاقل ”ابله“ جهوناڳڙهي سان ٿي، جڏهن سيد صاحب
ڀڄ نگر پهتو ته سندس ملاقات هڪ ايراني شاعر
”هوشيار“ اصفهاني سان ٿي جيڪو ٺٽي آيو، اتان وري
هندستان هليو ويو. (مقالات الشعراء، ص 311). سورت
بندر کان موٽندي سيد صاحب سان مفلس شاعر به ٻيڙي ۾
گڏ سوار هو، جيڪو ٻيڙي ۾ حضرت لال شهباز قلندر جي
زيارت لاءِ ٿي آيو. (مقالات الشعراء، ص 260)
مطالعي جو شوق:
مير صاحب جي دور ۾ ٺٽي ۾ سوين مدرسا علم آموزي
لاءِ موجود هئا، هرهڪ عالم وٽ جدا جدا ڪتبخانو هو،
هڪ ئي وقت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي وفات 1174هجري
مخدوم معين ٺٽوي، دوست شاهه عبدللطيف ڀٽائي وفات
1161هجري، مخدوم ضياءالدين، ميان نعمت الله، ميان
محمد صادق، آخوند محمد شفيع، مير محسن وفات
1163هه، بالچند آزاد، منشي شيوڪرام عطارد، شيخ
محمد محفوظ ”سرخوش“، غلام علي ”مومن“، محمد پناهه
رجا، مير ابوالقاسم ”بهروعلي“، مير ابوتراب ڪامل
جهڙا بزرگ نغز گو شاعر ٺٽي شهر ۾ موجود هئا. مير
صاحب جو پنهنجو ڪتبخانو ايڏو ته عظيم الشان هو ان
۾ ايترا نادر نسخا موجود هئا، تاريخ فرشته، طبقات
اڪبري، منتخب التواريخ، دهه ساله عالمگيري، آئين
اڪبري، روضة الصفا، مراة احمدي، مراة عالمگيري،
مراة سڪندري، خزانه ”عامر“، ”يدبيضا“، تذڪره
الداغستاني، ”هفت اقليم“ ابن رازي، ”ڪلمات
العشراء“ ۽ مجالس المومنين تصنيف و تاليف وقت مير
صاحب جي مطالعي هيٺ هئا. ايراني ۽ هندستاني شاعرن
مان ڪيترن محققن جا ديوان، مير صاحب وٽ هئا.
ٺٽي جي ڪتبخاني جون فهرستون ايلٽ جي فائلن ۾ موجود
آهي، مير صاحب جي ڪتبخاني جا ڪيترا ڪتاب سنڌي ادبي
بورڊ ۾ محفوظ آهن.
اهڙي طرح سنڌ جي تقريباً سڀني مصنفن جون تصنيفون
سندن پيش نظر رهيون، ملفوظات مخدوم جهانيان، منهاج
العباد شيخ سعدالدين، تحفة البرر شيخ مجدالدين
بغدادي، بحرالدقائق ”شافعي“
ڪتاب استفاد لاخره، انهن ڪتابن جي ماخذن مان آهن.
پنهنجي ايراني بزرگن جون سڀئي تصنيفون پڙهيائين.
امير غياث الدين جا ڪيترا ڪتاب سندس مطالعي هيٺ
رهيا. طبقات ابن سعد جهڙو ناياب قلمي نسخو مير
صاحب جي مطالعي هيٺ رهيو. مقالات الشعراء ۾ فرمائي
ٿو ته، 25 ربيع الاول 1169ع مخدوم ضياءالدين ٺٽوي
کان طبقات ابن سعد جو ٻيو جلد پڙهڻ لاءِ ورتم.
(مقالات الشعراء، ص 212)
مير صاحب جو علمي ورثو:
مير علي شير جي زندگي جو مقصد فقط تصنيف ۽ تاليف
هو، جيئن ته ٻارهن ورهين جي ڄمار کان مرڻ گهڙي
تائين ان کي هٿ مان نه ڇڏيائين. صحيح پتو نه پئجي
سگهيو آهي ته ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪيائين، پر مقالات
الشعراء فهرست ڪتبخانه
Or-207
۽ تحفة الڪرام مملوڪ مولوي شفيع لاهور“ مان جن
ڪتابن جا نالا ملن ٿا ان جو تعداد 41 آهي:
مير قانع جي لکيل ڪتابن جي فهرست:
1.
ديوان علي شير 1150هه
2.
مثنوي از ”قدرت حق“ 1165هه
3.
مثنوي قضا قدر 1167هه
4.
نو آئين خيالات 1169هه
5.
مثوي قصه ڪامروپ 1169هه
6.
ديوانِ قال غم 1171هه
7.
ساقي نامه 1174هه
8.
واقعات حضرت شاهه 1174هه
9.
چهار منزله 1174هه
10.
تزويح نامه (حسن و عشق) 1174هه
11.
اشعار متفقه در صنايع و تاريخ 1174هه
12.
بوستان بهار معروف به مڪلي نامه 1174هه
13.
مقالات الشعراء فارسي 1174هه
14.
تاريخ عباسيه 1175هه
15.
تاريخ عباسيه 1175هه
16.
تحفة الڪرام 1181هه
17.
اعلانِ غم 1192هه
18.
زبدة المناقب 1192هه
19.
مختارنامه 1194هه
20.
نصب البلغاءِ 1198هه
21.
مثنوي ختم السلوڪ 1199هه
22.
طومار سلاسل گزيده 1202هه
23.
شجره اطهر اهلبيت 1202هه
24.
معيارِ سالڪان طريقت 1202هه
25.روضة
الانبياء
26.
زينت الاخلاق
27.
غوثيه
28.
قصاب نامه
29.
ميزان الافڪار
30.
تذهيب طباع
31.سرفراز
نامه
32.
حديقة البلغاء
33.
مثنوي کان جواهر
34.
ميزان (فارسي)
35.
رساله معمائح شرح (نظم و نثر)
36.
لبِ تاريخ ڪلهوڙه
37.
بياض محک الشعراء
38.
ديوانِ اشعار
39.
قصائد و منقبت
40.
انشاء قانع
مير علي جي ڇپيل ڪتابن جو تفصيل:
(1) تحفة الڪرام:
هن ڪتاب جا ست ايڊيشن نڪري چڪا آهن، 58-1957ع ۾
مخدوم امير احمد صاحب هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪيو ۽
سنڌي ادبي بورڊ ان کي شايع ڪرايو. هن ڪتاب جو
فارسي ايڊيشن مشهور محقق ۽ تاريخدان حسام الدين
راشدي ايڊٽ ڪيو، اهو به هڪ دفعو سنڌي ادبي بورڊ
شايع ڪرايو. تحفة الڪرام جو اردو ترجمو جناب اختر
رضوي ڪيو، اهو به سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي.
تحفة الڪرام ۾ سنڌ جي تاريخ تي ڏاڍو بهترين ڪم ڪيو
آهي ۽ پڙهندڙ هن مان گهڻو فيض حاصل ڪري سگهن ٿا.
(2) بوستان بهار (معروف مڪلي نامه) 1174هه
هيءُ ڪتاب فارسيءَ ۾ هو، جنهن کي سيد حسام الدين
راشدي سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ايڊٽ ڪيو، هن ۾ مڪليءَ
جي قبرستان ۽ قبن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏنل آهي. هن
ڪتاب جو اردو ترجمو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو
آهي. هن ڪتاب جو قلمي نسخوسنڌي ادبي بورڊ وٽ محفوظ
آهي. سيد حسام الدين راشدي بوستان بهار (مڪلي
نامه) تي مضمون رسالي ’مهراڻ‘ 2-4/1956ع جي شماري
۾ شايع ڪرايو آهي.
(3) مقالات الشعراء (فارسي):
هن ڪتاب جو قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ محفوظ آهي،
سيد حسام الدين راشدي هن کي سنڌي ادبي بورڊ لاءِ
فارسي ۾ ايڊٽ ڪري شايع ڪرايو آهي.
(4) معيارِ سالڪان طريقت:
هن ڪتاب تي سيد خضر نوشاهي همدرد يونيورسٽيءَ کان
Ph.D
ڊگري حاصل ڪئي، ڪتاب کي اردو ۾ ايڊٽ ڪيو، هن ڪتاب
جو اردو ترجمو ڪلچر ڊپارٽمينٽ شايع ڪرايو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ هن ڪتاب کي سنڌيءَ ۾ شايع ڪرائي
پڙهندڙن لاءِ سهوليت فراهم ڪئي آهي، هن ڪتاب ۾ سنڌ
۾ ڪافي بزرگن جو احوال آهي.
(5) مثنويات قصائد و قانع:
هيءَ مثنوي سنڌي ادبي بورڊ نظم ۾ فارسي ۾ شايع
ڪرائي آهي.
(6) مير علي شير قانع جي طريقت جو سلسلو:
مير علي شير قانع سيد عبدالاحد جو مريد هو، اهو
مريد پنهنجي والد غلام معصوم جو اهو مريد شيخ محمد
اسماعيل جو وري اهو مريد حضرت قيوم جهان محمد صبغت
الله جو اهو مريد خواجه محمد معصوم مجدد الف ثاني
جو سندس والد مير عزت الله مخدوم آدم جي ڏهٽي ميان
محمد جو مريد هو. مير صاحب کي 1160هجري تائين ڪوبه
نرينو اولاد ڪونه هو. 1160هجري ۾ پاڻ سورٺ ويو،
جتي سندس ملاقات سيد سعدالله سورتي سورت بندر واري
سان ٿي، اهو بزرگ جيدعالم ۽ معلومات ۾ بينظير هو،
کيس ٻه پٽ هئا: مير عبدالعلي ۽ مير عبدالاولي،
انهن ٽنهي نالن مان اها رمز رکيل هئي، ٽنهي نالن
جا آخري لفظ گڏ ڪبا ته ”علي“ ولي الله جو فقرو
ٺهندو، مير قانع کي اها ترڪيب پسند آئي ۽ اهو
ارادو ڪيائين ته جيڪڌهن مٿس الله پاڪ فضل ڪندو ته
۽ کيس اولاد ٿيندو ته نالا پاڻ به ان ترڪيب سان
رکندو، ان جو ذڪر تحفة الڪرام ۾ به ڪيو اٿس، ان
کان پوءِ کيس پهريون فرزند 1167هه ۾ تولد ٿيو.
جنهن جو نالو غلام علي رکيائين. نالي مان تولد جو
سال برآمد ٿئي ٿو. 1163هه ۾ کيس ٻيو فرزند تولد
ٿيو، جنهن جو نالو غلام ولي الله رکيائين. جنهن
مان ٻه ڄم جو سال نڪري ٿو. مير صاحب کي ٽيون پٽ
1171هه ۾ ٿيو جنهن جو نالو امير علي رکيائين.
شاگرد:
مير علي شير پنهنجي شاگردن جو ذڪر نه ڪيو آهي،
مقالات الشعراء ۾ فقط ٻن شاگردن جو ذڪر ڪيو اٿس،
هڪ پراسرام ”مشتري“ جنهن لاءِ لکي ٿو ته پراسرام
مشتري ڀاٽيو ولد دوارڪاداس ابن سبحان سنگ اهي ٻئي
صاحب مير ڪمال الدين احمد وٽ مير منشي هئا، مير
محمود صابر جو هندي جو شاگرد هو، فارسيءَ ۾
”مشتري“ ۽ هندي ۾ ”ڀيريل“
تخلص ڪندو هو ۽ فارسي ۾ مير قانع کان اصلاح وٺندو
هو، اهو ذڪر ”مقالات الشعراء“ صفحي 290 تي آهي، ان
مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته مقالات الشعراء جي
تالف 1169هجري ۾ ٿي.
مير صاحب جو ٻيو شاگرد شيخ حسن بخش ”اظهر“ جيڪو
هندو هو، پوءِ پنهنجي والد جهوڙي مل سميت اسلام
قبول ڪري مسلمان ٿيو. ۽ سندس والد عبدالسلام نالو
رکرائونس.
فارسي شعر جي اصلاح اهو مير قانع کان وٺندو هو.
وفات:
مير صاحب پنهنجي عمر جا پويان حصا مختلف بيمارين ۾
گذاريا، جنهن جو اشارو هن معيارِ سالڪان طريقت جي
ديباچي ۾ ڪيو آهي، 1202هجري ۾ سندس عمر ٽيهٺ ورهيه
هئي بيماري ۽ ڪمزوري هوندي به هُو پنهنجي علمي
مشغلي تصنيف و تاليف ۾ مشغول رهيو، ان هڪ سال ۾ ٽي
ڪتاب تيار ڪيائين، ايندڙ سال يعني 1203هه ۾ سندس
انتقال 64 ورهين جي ڄمار ۾ ٿيو، افسوس جو سندس
مزار تي ڪوبه ڪتبو نه هنيو ويو، سندس مقبرو
شڪرالاهي خاندان جي قبرستان ۾ آهي.
سندس مزار تي ڇٽي نما گنبذ هيريٽيج کاتي طرفان
اڏرايو ويو آهي.
مددي ڪتاب:
1)
|
الوحيد اخبار، مولانا دين محمد وفائي،
لاهور، 1936ع |
2)
|
تحفة الڪرام (فارسي) حسام الدين راشدي
مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ، 1971ع |
3)
|
تحفة الڪرام (اردو) مطبوعه سنڌي ادبي
بورڊ، 1961ع |
4)
|
تحفة الڪرام سنڌي، مخدوم امير احمد،
مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع |
5)
|
مقالات الشعراء فارسي، حسام الدين
راشدي، 1957ع |
6)
|
مڪلي نامه، حسام الدين راشدي مطبوعه
سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع |
7)
|
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، مطبوعه انجمن
تاريخ سنڌ ڪراچي، 1981ع |
8)
|
مثنويات قصائد قانع فارسي، مطبوعه
سنڌي ادبي بورڊ |
9)
|
سنڌ جو تاريخ نويس، مير علي شير قانع،
ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، سنڌي ادبي
بورڊ |
10)
|
رسالو ٽماهي ’مهراڻ‘ ، مضمون حسام
الدين راشدي 1956ع |
11)
|
پرفيڪٽ اسڪول سسٽم، مضموني مير علي
شير قانع، ڊاڪٽر عبدالحسين شاهه
شڪرالاهي. |
12)
|
تاريخ سنڌ (اردو) جلد دوم، مولانا
اعجاز الحق قدوسي مطبوعه لاهور، 1974ع |
13)
|
مقالات قاسمي، مولانا غلام مصطفيٰ
قاسمي، سنڌي ادبي بورڊ. |
14)
|
ڪلهوڙا سنڌي دورِ حڪومت، ڊاڪٽر غلام
محمد لاکو، انجمن اتحاد عباسيه ڪراچي،
2004ع |
ڪتاب:
وڻجارن وايون
مصنف: عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي
ايڊيٽنگ ۽ واڌارا: ڊاڪٽر اسد جمال پلي
ڇاپو ٻيو: 2022ع
قيمت: -/400روپيا
تعداد: 500
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
حيدرآباد
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ بابت
ڇپيل ڪتاب هڪ نظر
هن مضمون معرفت مرزا صاحب بابت لکيل مواد جو مختصر
جائزو پڙهندڙن اڳيان رکجي ٿو. مرزا صاحب جهڙي
يگاني عالم جنهن سوين ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي جھول ۾
وجھي هن ٻوليءَ کي معياري ٻولين وانگيان سرمائيدار
بڻايو، ان بابت جيترو ڪم ٿيڻ گھرجي اڃان تائين
سامهون نه
آيو آهي (چند ايم فل ۽ پي.ايڇ.ڊي جا مقالا موجوده
دؤر ۾ لکجي رهيا آهن. انشاءالله ضرور ظاهر ٿيندا)
مرزا صاحب بابت ٿيل ڪم ۾ چند ڪتاب ۽ ڳچ سارا مضمون
۽ مقالا ۽ ڪجھ رسالن جا خاص نمبر شمار ٿين ٿا.
محمد صديق ”مسافر“ پهريون ليکڪ شمار ٿئي ٿو، جنهن
”قرب قليچ“ نالي سان ڪتاب لکيو، جو سنڌ مسلم ادبي
سوسائٽي 1936ع ۾ شايع ڪيو.
انهيءَ کان پوءِ ”حياتِ قليچ“ مرزا همايون بيگ جو
1937ع ۾ ڇپيو. ”قليچ“ عنوان سان مرزا اسد بيگ
ماهنامو لکيو جو ”ادارهِ قليچ“ شايع ڪيو. مرزا اسد
جو ”ڪلامِ قليچ“ (ترتيب) 1941ع ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر
قاسم ٻگھيو، ”مرزا قليچ بيگ“، (سنڌي ادب جو سدائين
روشن سج) مختصر سوانح لکي 1984ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي شايع ڪئي. 1990ع ۾ ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“،
”مرزا قليچ بيگ“ عنوان سان ڪتاب لکيو جو سنڌ ثقافت
۽ سياحت کاتي ڇپايو.
پهريون پي.ايڇ.ڊي جو مقالو مرزا حبيب الله لکيو
”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ بحيثيت نثر نويس“
عنوان سان لکيو.
مرزا
حبيب الله جو لکيل مقالو نون بابن تي آڌاريل آهي،
باب پهريون آباء و اجداد، باب ٻيو زندگيءَ جو
شروعاتي دؤر ۽ سندس تعليم حاصل ڪرڻ جو زمانو، باب
ٽيون نوڪريءَ جو زمانو ۽ رٽائرمينٽ، باب چوٿون
مرزا جون علمي ۽ ادبي خدمتون، باب پنجون شمس
العلماء جي نثر نويسي، باب ڇهون مرزا جي لکيل
ڪتابن تي تبصرو، باب ستون ناول ”زينت“ تي تبصرو،
باب اٺون سوانح عمري باب نائون فنِ تصنيفات ۽ مرزا
صاحب جي مهارت.
جنهن وقت ۾ هيءُ مقالو 1979ع ۾ پيش ٿيو هو، اهو
وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تحقيقي مقالن جو شروعاتي
دؤر هو. هيءَ ٿيسز مرزا صاحب جي ڪم تي تحقيق جي
حوالي سان بنيادي ڪم ۾ شمار ٿئي ٿي.
نعيمه
جمع تيجائيءَ هڪ ايم فل جو مقالو مرزا صاحب جي فن
بابت لکيو جو پڻ اڻ ڇپيل آهي. سندس ڪجھ مضمون ۽
مقالا مختلف مخزنن ۾ شايع ٿيا آهن جيئن ”مرزا قليچ
بيگ-هڪ بي مثال عالم ۽ اديب“ نئين زندگي، اپريل
1987ع ۾ ڇپيو. سندس ٻين مقالن ۾ ”مرزا قليچ بيگ
سنڌ جي اوپن يونيورسٽي“ نئين زندگي جولاءِ 1979ع،
”انڪوائري آفيسر تي هڪ نظر“ پيغام جولاءِ 1980ع،
”مرزا قليچ بيگ اڳ به
رھبر اڄ به
رهبر“ پيغام مئي 1983ع، ”مرزا قليچ بيگ ۽ غلام علي
چاڳلا“ نئين زندگي نومبر- ڊسمبر 1984ع، ”مرزا قليچ
بيگ جي شاعري ۽ نثر“ مقالو نئين زندگي قليچ نمبر
1991ع ۾ ڇپيو، ان کانسواءِ ”شمس العلماء مرزا قليچ
بيگ جي ڊرامن جو جائزو“ حاڪم چانڊيو ايم.اي سنڌيءَ
جو مونوگراف لکيو.
”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ سندس خاندان جون
ادبي خدمتون“، مرزا اسد بيگ جي پٽ مرزا اعجاز بيگ
مقالو ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگرانيءَ ۾ لکيو.
چند رسالن جا خاص نمبر پڻ ڇپيل آهن جيئن: نئين
زندگي 1964ع سيپٽمبر ۾ مولوي عبدالواحد سنڌيءَ جي
نگرانيءَ ۾ خاص نمبر ڪڍيو ۽ 1991ع ۾ علي محمد چنا
جي ادارت ۾ نئين زندگي قليچ نمبر ڪڍيو.
اپريل 1987ع جي ۾ نئين زندگيءَ ۾ قليچ بابت اهم
مقالا شايع ٿيل آهن. ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
هڪ بي مثال عالم ۽ اديب“ نعيمه
تيجاڻي، ”سنڌي ادب جو پهريون سماجي حقيقت نگار شمس
العلماء مرزا قليچ بيگ“ مراد علي مرزا، ”مرزا قليچ
بيگ ۽ ٻيا سنڌي سنگيت ڊراما نگار“ ڊاڪٽر غلام رسول
بلوچ آهن. ڊاڪٽر رسول موجب ته:
”سنڌي ٻولي“ ٽماهي جرنل قليچ نمبر
1997ع ۾ جاري ڪيو جو تاج جويو ۽ امين لغاري مرتب
ڪيو، جنهن ۾ آيل مقالا، ”شمس العلماء مرزا قليچ
بيگ“، شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو،
”مرزا قليچ بيگ“، جي.ايم.سيد، ”اچو ته
ريڪارڊ رکون“ (تقرير) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
”مرزا قليچ بيگ انسان دوست اديب“ محمد ابراهيم
جويو، ”مرزا قليچ بيگ: سنڌي نثر جو ابو“ ڊاڪٽر
غلام علي الانا، ”قليچ ساڌوسنت“ دادي ليليٰ وتي
هرچنداڻي، ”لطيفيات ۾ مرزا قليچ بيگ جو حصو“ ڊاڪٽر
نواز علي شوق، ”قليچ: جيئن ٻڌو هو مون“ ايم.ايڇ
پنهور، ”مرزا قليچ بيگ ۽ خيرپور رياست“ محمد علي
حداد، ”سنڌي ٻوليءَ جو محقق مرزا قليچ بيگ“ ڊاڪٽر
هدايت پريم، ”مرزا قليچ بيگ ۽ سنڌي ٻولي“ ڊاڪٽر
محمد قاسم ٻگھيو، ”قليچ جا صوفياڻا ۽ فڪري لاڙا“
محمد حسين ڪاشف، ”مرزا قليچ بيگ: هڪ شخصيت“ سڪندر
علي لاڙڪ، ”قليچ ۽ اڄ جو آفيسر“ ڊاڪٽر غلام قادر
سومرو، ”قليچ بيگ ۽ افسانوي ادب“ ڊاڪٽر شمس الدين
عرساڻي، ”قليچ بيگ ۽ اسٽيج ڊرامو“ مراد علي مرزا،
”مقالات الحڪمت جو مطالعو“ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد،
”قليچ: سنڌي شاعريءَ ۾ نون لاڙن جو ترجمان“ نصير
مرزا، ”مرزا قليچ بيگ جي غزل گوئي“ ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو، ”مرزا قليچ بيگ ۽ سنڌي رباعي“
مرزا ڪاظم رضا بيگ، ”قليچ ۽ سندس قلمي مسودا“ محمد
حبيب بيگ، ”مرزا قليچ جنم ڏينهن“ شفيق احمد کوسو،
”قليچ ادبي سيمينار“ (اکين ڏٺو احوال) امين لغاري،
هن شماري ۾ ”قليچ ادبي سيمينار“ 4 آڪٽوبر 1992ع جا
مقالا به
شامل ڪيل آهن.
”ڪينجھر“ قليچ نمبر
(ريسرچ جرنل) پروفيسر هدايت پريم جي صدارت ۾ 1999ع
۾ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ پاران جاري ڪيو ويو.
ڪينجھر جو اهو ستون نمبر شمارو 130 صفحن تي ٻڌل
آهي جنهن ۾ آيل مقالا هن ريت آهن ”شيڪسپيئر جو
مترجم“ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ”شاھ جي رسالي جو
محقق“ ڊاڪٽر الياس عشقي، ”مرزا قليچ بيگ جي ناول
نگاري“ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، ”قليچ سنڌي ناٽڪ جو
باني“ ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور، ”ٻه
تقريرون“ (تنقيدي مضمون) عبدالقيوم صائب، ”سائو پن
يا ڪارو پنو“ (اڀياس) ڊاڪٽر نورافروز خواجه،
”مرزا قليچ بيگ جي اولاد جون ادبي خدمتون“ ڊاڪٽر
قمر جهان مرزا، ”مرزا قليچ بيگ بحيثيت آکاڻي نويس“
ڊاڪٽر تهمينه
مفتي، ”مرزا قليچ بيگ شڪارپور ۾“ ڊاڪٽر انور فگار
هڪڙو، ”شاھ جو محقق-مرزا قليچ بيگ“ غلام مصطفيٰ
کهڙو. هن شماري جي آخر ۾ ڊاڪٽر قاضي خادم جو جديد
سنڌي افساني بابت مقالو ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
پاران ڪينجھر جرنلز ۾ آيل مقالن جي فهرست ڏنل آهي.
ڊاڪٽر هدايت پريم لکيو آهي ته:
”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ تصوف جي باري ۾ پنهنجو
ڪلام جابجا بيان ڪيو آهي ان سلسلي ۾ سندس هڪ اهم
موضوع عشقِ الاهي به
رهيو آهي. اها حقيقت آهي ته
مرزا قليچ بيگ هڪڙو سچو صوفي ۽ عاشق الله هو،
روحانيت تصوف ۽ عشق حقيقي جي اُپٽار ۾ مرزا صاحب
شعر چيو آهي.
اچي دنيا ۾ عشق ٿيو نروار،
ظاهري باطني سندس اطوار،
وحدت آئي وڌائين ڪثرت ۾،
جسم ۾ جان ڪيو اچي اظهار.
عشق ري جي ڪو روح ويندو هتان،
ٿيندو بيشڪ حق اڳيان سو شرمسار.
ٽماهي مهراڻ مرزا قليچ بيگ نمبر:
سنڌي ادبي بورڊ ڊسمبر 2003ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي
مهڙ ۾ مرزا قليچ بيگ جي تصوير آهي ته
مئگزين جي پڇاڙيءَ ۾ مرزا صاحب جي هٿ اکرن جو عڪس
جو سندن ئي آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ جي
ديباچي مان ڏنل آهي. هيءُ مهراڻ قليچ نمبر ايڊيٽر
نفيس احمد ”ناشاد“ جي نگرانيءَ ۾ تيار ٿيو. 264
صفحن جي هن نمبر ۾ 38 ليک مرزا صاحب بابت آهن جنهن
۾ سندس زندگيءَ جا دلچسپ واقعا، روزنامچي مان
چونڊ، مشاهيرن جا خط ۽ ڪلام قليچ (حمد، نعت، 6
غزل، 7 رباعيون ۽ 4 ڪافيون آهن). ان کانسواءِ
چاليھ نمبر تي مرزا صاحب جي تحريرن مان آتم
ڪهاڻيءَ مان ٽڪرو ۽ سنڌي شعر تي مضمون ۽ ڏاڙهياري
جبل جو سير (مضمون) شامل آهن. آخر ۾ سنڌي ادبي
بورڊ پاران مرزا قليچ بيگ جي ڇپيل 51 ڪتابن جا عڪس
آهن، جن مان تقريباً سڀني ڪتابن جا نوان ڇاپا پڻ
ڇپيا آهن، ادبي بورڊ طرفان ڇپيل ڪتابن جا نالا هن
ريت آهن؛
”سائو پن يا ڪارو پنو“، ”ديوانِ قليچ“،
”تقريرون ۽ تحريرون“، زينت“، ”ڪيميائي سعادت“،
”لغاتِ لطيفي“، ”گلن جي ٽوڪري“، ”حشرات الارض“،
”نيڪي ۽ بدي“، ”باغ ۽ باغباني“، ”تحفة النسوان“،
”املھ ماڻڪ“، ”حسنا-دلدار“، ”چندن هار“،
”غلاميءَ مان مٿي چاڙهو“، ”جولئن هوم“، ”عجيب
جواهر“، ”مقالات الحڪمت“، ”خود ياوري“، ”انڪوائري
آفيسر“، ”سنڌي ويا ڪرڻ“ (پنج ڀاڱا الڳ الڳ، انهيءَ
کان پوءِ انهن ڀاڱن کي ادبي بورڊ گڏي شايع ڪيو
آهي)، ”شاھ ايليا“، ”شهزادو بهرام“، ”فيروز دل
افروز“، ”گليور جو سير ۽ سفر“، ”ٽي گھر“، ”عجيب
ڳالهيون“، ”سچي محبت“، ”ايرڪ“، ”مصيبت ماريا
سائينءَ سنواريا“، ”حاجي بابا اصفهاني“، ”وامق
عذرا“، ”عجيب طلسم“، ”نيلو پکي“، ”ٽي ديو يا
راڪاس“، ”رستم“، ”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“،
”شيطان جي ناني“، “قدم برگ شهزادي“، ”پائي وائي
پائي وضو“ ۽ ٻيا آهن.
سٽاءُ جي شروع ۾ مرزا قليچ تي نظم ۾ مرزا اسد بيگ
۽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ پاران خراجِ عقيدت پيش
ڪيل آهي. اسد بيگ مرزا چوي ٿو ته:
علم جو گھر شاھ هو ۽ ان جو دروازو قليچ،
ڄڻ هو تعمير ادب جو سنڌ ۾ رازو قليچ،
خلق جو بي لوث خادم ٿي بڻيو مخدومِ قوم،
ٿيو برابر ائين، ٿئڻ آخر ٿي جئن چاهيو قليچ.
’مهراڻ نمبر‘ ۾ مرزا صاحب ۽ سندن خاندان جون
تصويرون ڏنل آهن ته
سندن استعمال جون شيون جيئن پين، قلمدان، نالي
واريون مهرون، مشاهيرن جي خطن جا عڪس، ڪتب خانو ۽
ٻيا فوٽو آهن. اٺٽيهن مضمونن ۽ مقالن جا عنوان ۽
لکندڙ هن ريت آهن؛
”محسنِ سنڌ-مرزا قليچ بيگ“ جي.ايم سيد، ”شمس
العلماء مرزا قليچ بيگ“ پير علي محمد راشدي، ”مرزا
قليچ بيگ جي ڪتب خاني ۾ ٻه
ٽي گھڙيون“ سيد حسام الدين راشدي، ”مرزا قليچ بيگ
کي مودبانه
سلام“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”مرزا قليچ بيگ-
انسان دوست اديب“ محمد ابراهيم جويو، ”مرزا قليچ
بيگ سنڌي علم ادب پيش امام“ علي احمد بروهي، ”شمس
العلماء مرزا قليچ بيگ-جديد سنڌي ادب جو باني“
ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”شمس العلماء مرزا قليچ
بيگ-ڪامل اديب“ مظهرالحق صديقي، ”سنڌ جو آفتابِ
ادب-مرزا قليچ بيگ“ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، ”مرزا
قليچ بيگ- هڪ نئين ادبي روايت“ ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو، ”سائو پن يا ڪارو پنو“ (هڪ اڀياس) ڊاڪٽر
قاضي خادم، ”مرزا قليچ بيگ جي لکيل سنڌي ڪتابن جو
تذڪرو“ ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، ”مرزا قليچ بيگ جا
ناٽڪ“ حميد سنڌي، ”مرزا قليچ بيگ-سنڌي ادب جو
پهريون سماجي حقيقت نگار“ مراد علي مرزا، ”مرزا
قليچ بيگ-سنڌي ترجمي جي هنر جو محرڪ“ وليرام ولڀ،
”مرزا قليچ بيگ-جديد سنڌي ادب جو بنبياد رکندڙ“
شوڪت حسين شورو، ”مرزا قليچ بيگ ۽ سنڌ جي تاريخ“
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ”شمس العلماء ۽ سائين
جي.ايم سيد“ ڊاڪٽر قمر جهان مرزا، ”پائي وائي ۽
پائي وزو“ ۽ ”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“ (هڪ
اڀياس) ڊاڪٽر تهمينه
مفتي، ”مرزا قليچ بيگ-هڪ علمي، ادبي ۽ سماجي
ادارو“ ڊاڪٽر نورافروز خواجه،
”مرزا قليچ بيگ-هڪ اعليٰ ڪردار“ پروفيسر ڊاڪٽر
ممتاز ڀٽو، ”ديوانِ قليچ-ٻولي ۽ فن جو شاهڪار“
ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ”گرجي نامه“
(هڪ تعارف) ڊاڪٽر حسن لغاري، ”مرزا قليچ بيگ ۽
شڪارپور“ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ”مرزا قليچ بيگ ۽
لاڙڪاڻو“ امام راشدي، ”شمس العلماء جي ڪتاب پکي جو
مطالعو“ آزاد قاضي، ”مرزا قليچ بيگ جي مواد جي
ببليوگرافي“ مخمور بخاري، ”مرزا قليچ بيگ ۽ ٻاراڻو
ادب“ ايوب عمراڻي، ”مرزا قليچ بيگ-هڪ تاريخ ساز
شخصيت“ عنايت ميمڻ، ”روشن ضمير قليچ بيگ“ فهيم
نوناري، ”مرزا قليچ بيگ-سنڌي ادب جو محسن“ خليل
الرحمٰن شيخ، ”قومي رهنما قليچ“ چاچا محمد علي
لغاري، ”مرزا قليچ بيگ ۽ خدمت خلق“ (سندس هٿ اکر
خط ۽ ان جو ترجمو) نفيس احمد ناشاد، ”شمس العلماء
مرزا قليچ جون تصنيفات ۽ انهن جي اشاعت ۽ قلمي
نسخن جو آئيندو“ اعجاز علي بيگ مرزا، ”قليچ ۽ قلمي
مسودا“ محمد حبيب بيگ مرزا، ”ماهنامه
قليچ“ قزلباش مرزا، ”مرزا قليچ بيگ-سنڌي شاعريءَ ۾
نون لاڙن جو ترجمان“ نصير مرزا آهن. انهيءَ
کانسواءِ مرزا صاحب جي زندگيءَ سان واسطو رکندڙ
مکيه
ڳالهين جو سالوار نقشو پڻ 144 صفحن تي ڏنل آهي جو
سندن سوانح ”سائو پن يا ڪارو پنو“ تان ورتل 1853ع
کان 1923ع تائين جو وچور آهي.
هن مخزن جا لکندڙ اهلِ قلم شمار ٿين ٿا. مرزا صاحب
جي خاندان جي فردن ڪارائتي ۽ مدلل معلومات پيش ڪئي
آهي. مرزا قليچ بابت هن مهراڻ نمبر جي هڪ خاص
اهميت آهي. محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته:
”مرزا صاحب جي نظر ۾ زندگيءَ جو خاص مقصد هو ۽ آخر
عمر تائين اڻٿڪ ۽ اڻ ورچ بنجي، هن پوري جوش ۽ جذبي
سان ان کي مڪمل ڪيو، سنڌي ادب ۽ زبان جي مستقبل کي
روشن ڪرڻ لاءِ بيشمار تصنيفون تيار ڪرڻ سندس
زندگيءَ جو زبردست ڪارنامو آهي ۽ اُن جي ذريعي
اسين سندس خالص انسان دوستيءَ جي جذبي جو اندازو به
چڱيءَ طرح لڳائي سگهون ٿا.
اڄ جڏهن هڪ طرف سنڌي زبان جو دامن هر قسم جي علمي
۽ ادبي سرچشمن سان مالامال آهي ۽ ٻئي طرف ساڳئي ئي
وقت، پنهنجي زبان ۽ ادب جي ترقي ۽ حفاظت جي تقاضا
عام طرح محسوس ڪئي وڃي ٿي تڏهن به
اهڙي دردمندي ۽ جفاڪشي نظر نٿي اچي جهڙي مرزا صاحب
۾ ٿي آئي. هن جنهن رفتار ۽ مستعديءَ سان نثر توڙي
نظم ۾، هرطبقي ۽ هر خيال جي ماڻهن لاءِ، هر صنف ۽
هر موضوع تي ايڏا ڪتاب لکيا آهن، انهن مان ايئن
پيو ڀانئجي ڄڻ ته
هن ڪئين صدين تائين فقط پاڻ کي ئي موجود سمجھي،
سموري ايندڙ عرصي جي نين نين ضرورتن جي پورائيءَ
جو اڪيلي سِر قصد ڪيو هو. جن موضوعن ۽ صنفن ۾ لکڻ
جي هاڻي ابتدا ٿي آهي بلڪه
اڃان ڪجھ لکيو ئي نه
ويو آهي، تن جا شروعاتي مثال به
هُو
پيش ڪري ويو آهي. داستان، قصا، ناول، ناٽڪ، شعر،
تنقيد، تاريخ، سوانح، اخلاق، مذهب، طب، صحت، لغت،
سائنس، گرامر، موسيقي، مطلب ته
علم ۽ ادب جي هر شاخ کي هن سيراب ڪيو. ذهن جي تمام
بلنديءَ تي پهچي، هو علم ۽ فڪر جا دقيق مسئلا به
ويچاري ٿو، ته
تمام هيٺ اچي ٻارڙن جي وندر جون ڪهاڻيون ۽ شعر به
لکي ٿو، نوجوانن جي اخلاقي ۽ علمي زندگيءَ جي
سڌاري لاءِ ناٽڪ ۽ ناول به
لکي ٿو ته
عورتن ۽ نينگرين جي تربيت ۽ تعليم لاءِ نصيحتون به
قلمبند ڪري ٿو.“
مهراڻ قليچ نمبر جا سڀ ليک علمي، ادبي ۽ معلوماتي
آهن. جن جي معرفت مرزا صاحب جي سوانح، شخصيت ۽ فن
جو جائزو ملي ٿو.
2009ع جي آڪٽوبر 3-4 تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي قليچ
چيئر طرفان شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ٻولي،
ادب ۽ سماج لاءِ ڪيل خدمتن تي بين الاقوامي
ڪانفرنس سڏائي ويئي، جنهن بابت تفصيلي احوال اڳيان
ايندو، انهيءَ ڪانفرنس جي موقعي تي مرزا صاحب جا
لکيل ۽ سندن بابت چار ڪتاب قليچ چيئر طرفان شايع
ڪيا ويا جن ۾:
1.
زينت
(انگريزي ترجمو) جو زنيرا يوسف رنڌاوا ڪيو. هن
ناول جو پهريون انگريزي ڇاپو قليچ چيئر جي معرفت
سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي شايع ڪيو آهي.
2.
تقريرون ۽ تحريرون
هن ڪتاب ۾ 15 تقريرون ۽ تحريرون ڏنل آهن جو 2009 ۾
سنگم پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان مرزا قليچ بيگ شايع
ڪرايو.
3.
ڪيفي قليچ
4.
قليچ البم
ڪتابن ”ڪيفي قليچ“، ”قليچ آلبم“ ۽ ”مقالا“ ۾ آيل
مواد جو جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو.
5.
ڪيفي قليچ
112 صفحن جو پڪي ٽائيٽل سان ڪتاب پروفيسر زيب
سنڌيءَ ترتيب ڏنو 2009ع ۾ شايع ٿيل هن ڪتاب بابت
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو لکي ٿو ته،
هن ڪتاب ۾ مرزا صاحب جي مختلف علمي، ادبي، سماجي
پهلوئن ۽ شخصيت بابت انٽرويوز جي شڪل ۾ گفتگو آهي،
هيءُ انٽرويو زيب سنڌي صاحب، پاڪستان ٽيليويزن
ڪارپوريشن لاءِ ڪيا هئا ۽ پي.ٽي.وي تان ٽيلي ڪاسٽ
ٿيا هئا. اهي سمورا انٽرويو پهريون ڀيرو هن ڪتاب ۾
ڇپجي پڌراٿي رهيا آهن“. (8)
ڪيفي قليچ هڪ ٽماهيءَ جو هفتيوار پروگرام هو جو
پهرين 2001ع ۾
KTN
تان ۽ 2003ع ۾
PTV
تان پيش ٿيو. زيب سنڌيءَ ريڪارڊنگس تان هيءُ ڪتاب
تيار ڪيو جنهن ۾ ڇهن پروگرامن جون ٽيپس خراب ٿي
وڃڻ سبب اهي پروگرام
PTV
ٻيهر ڪرايا. هن ڪتاب ۾ اهي چوڏهن انٽرويوز مرزا
صاحب بابت شامل آهن. جن ليکڪن کي گھرايو ويو انهن
سان ڪيل گفتگو کي عنوان ڏنو ويو آهي جيئن ”شاھ جو
سهيڙيندڙ“ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ”لطيفي لغات جو
ماهر“ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”سوانح نگار“ ڊاڪٽر
محمد قاسم ٻگھيو، ”تاريخ نويس“ ڊاڪٽر غلام محمد
لاکو، ”شاعر“ شمشيرالحيدري، ”ناٽڪ نويس“ آغا سليم،
”سفرناما نگار“ نصير مرزا، ”ترجما نگار“ ولي رام
ولڀ، ”ٻارن جو ليکڪ“ ادل سومرو، ”ٻارن جو ليکڪ“
نثار حسيني، ”شخصيت ۽ مجموعي خدمتون“ حميد سنڌي،
”شخصيت ۽ ذاتي زندگي“ تاج جويو، ”مرزا قليچ بيگ جا
قلمي نسخا“ حبيب بيگ مرزا، ”مرزا قليچ بيگ جي
خاندان جون ادبي خدمتون“ اعجاز بيگ مرزا. پنهنجي
موضوع، ترتيب، تدوين ۽ نواڻ جي ڪري هن ڪتاب جي پڻ
قليچ بابت لکيل ڪتابن ۾ هڪ حيثيت آهي. پندرهن منٽن
جي ”ڪيفي قليچ“ پروگرام ۾ گھرايل اهلِ ادب شخصيتن
مرزا صاحب جي شخصيت ۽ فن بابت ويچار ونڊيا جي هن
ڪتاب ۾ تحريري طور ڇپجي هميشه
لاءِ محفوظ ٿي ويا.
6.
قليچ-آلبم
هن ڪتاب کي نصير مرزا ترتيب ڏنو آهي جو نالي مطابق
مرزا صاحب ۽ سندن خاندان ۽ ٻين ساڻن واسطي ۾ آيل
معتبر شخصيتن جي ناياب ۽ تاريخي فوٽن تي مشتمل
آهي. هيءُ تصويرون هڪ قومي اثاثي جي حيثيت رکن
ٿيون. ڏيڍ صدي اڳ نڪتل انهن تصويرن مان ڪيترين کي
ٻيهر سنواري پيش ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب جو پيپر اعليٰ ۽ تصويرن جي لحاظ کان چلڪڻو
۽ سنهري حاشيي سان آهي. ڪل تقريباً 150 فوٽوز آهن
جن ۾ چند رنگين باقي بليڪ اينڊ وائيٽ آهن، ڪي فوٽو
انگريز عملدارن ۽ سندن دور جي معززين جا آهن ته
ٽالپر حڪمرانن جون پڻ تصويرون هن ڪتاب ۾ شامل آهن.
هن آلبم کي ڏسڻ سان مرزا صاحب جي اُٿ ويھ، خاندان،
سندن استعمال جي سامان ۽ انهيءَ دور بابت ڄاڻ ملي
ٿي. هڪ لحاظ کان هيءُ آلبم هڪ تاريخي وٿ شمار
ٿيندو جنهن معرفت نادر مواد هڪ هنڌ گڏ ٿي ڪتابي
صورت ۾ آيو آهي. نصير مرزا قليچ-آلبم جي مهاڳ ۾
لکيو آهي ته:
”قليچ صاحب جي پنهنجي هٿن سان جوڙيل هن ”قليچ
آلبم“ ۾ ڇا ڇا آهي؟ يا ڪهڙين هستين جون تصويرون
پاڻ هن آلبم ۾ چسپان ڪرڻ پسند ڪيون اٿن. اھي ته
اوهين پاڻ ايندڙ صفحن ۾ ملاحظه فرمائي سگهو ٿا،
هتي آگاھ رڳو مون وٽان انهيءَ ڳالھ کان ٿيو ته
هن آلبم جون ڪيتريون ئي تصويرون، خود اسان جي قليچ
صاحب جون ئي ڇڪيل ۽
Develop
ڪيل آهن. جن ۾ خاص طرح سان خاندان جي مستورات،
پنهنجين ڀيڻن، ڀائرن، ٻارن، نوڪرن، ٽنڊي ٺوڙهي جي
اندروني ۽ بيروني منظرن جون تصويرون ۽ املداس جي
وڻ تي وسرام ۽ لکڻ پڙهڻ لاءِ هن جيڪو آکيرو ٺاهيو
هو ۽ ان کانسواءِ ٻيون به
ڪيتريون ئي تصويرون خود هن جون پنهنجون ئي ڇڪيل
ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ قطع نظر انهن تصويرن جي، مرزا
صاحب جون ڪُتب خاني اندر لکڻ پڙهڻ واري پوز ۾ جيڪي
تصويرون آهن، انهن بابت وري خاندان وارن جو خيال
آهي ته
اهڙيون اڪثر تصويرون هن پنهنجي وڏي فرزند نادر بيگ
مرزا يا پنهنجي پيارن ڀائيٽن مان منوجھر بيگ مرزا
يا سڊني بيگ مرزا کان ئي ڇڪرايون آهن“. (9)
مٿي ته
آهي مرزا نصير طرفان هن آلبم بابت وضاحت مان مختصر
حوالو جنهن مان اها ڄاڻ پوي ٿي ته
هيءُ آلبم مرزا صاحب جن پنهنجي هٿن سان ئي جوڙيو
هو ۽ جنهن ۾ سندن وڏنظري اها هئي جو اهڙي دور ۾
جڏهن اڃان ڪئميرا جي ايجاد ئي نئين ٿي هئي تصويرون
ڪڍڻ جو هنر سکڻ ۽ انهيءَ کان پوءِ اهي تصويرون
ڪڍي، ڊيولپ ڪرائي، سنڀالي ترتيب سان رکڻ، جو اڄ
تقريباً سوا سؤ سالن کان پوءِ به
اهي نادر فوٽو محفوظ صورت ۾ موجود آهن. |