سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2023ع

باب:

صفحو:4 

ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘

عمرڪوٽ

 

 

 

        ’لوڪ ادب اسڪيم‘ جي سهيڙ ۾

       ’محمد عمر ’معمو‘ر يوسفاڻي‘ جو حصو

 

حڪومت سنڌ مارچ 1955ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ کي هڪ خودمختيار ادارو قرار ڏنو ۽ ان جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ آئين منظور ڪيو، هن نئين تشڪيل ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙو بورڊ جو پريزيڊنٽ ۽ سائين جي.ايم.سيد وائيس پريزيڊنٽ مقرر ٿيا، هيٺيان صاحب ميمبر مقرر ٿيا: (1) پير علي محمد راشدي، (2) آغا عبدالنبي (3) مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، (4) الله بخش سرشار عقيلي، (5) حسام الدين راشدي، (6) مولوي خيرمحمد نظاماڻي، (7) ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، (8) آغا تاج محمد، (9) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (آغا صاحب ۽ بلوچ صاحب ٻئي سنڌ يونيورسٽي جا نمائندا)، (10)- (11) سنڌ پراونشنل لئبرري ۽ ميوزم جي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ، ٻئي ايڪس آفيشو ميمبر مقرر ڪيا ويا.

بورڊ جي هنن صاحبن اڳيان 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ سنڌي لوڪ ادب جو سهيڙ واري اسڪيم پيش ڪئي ويئي. ايندڙ سال 1956ع ۾ هيءَ اسڪيم منظور ٿي، هن سهيڙ جو ذمو اسان جي سنڌ جي نامياري، عالم، اديب، مترجم، محقق، مورخ ۽ شاهه لطيفؒ جي رسالي ۽ سوانح تي سنڌي ادب کي 10 جلد ارپيندڙ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي حصي ۾ آيو، جيئن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو ڊسمبر 1951ع کان ميمبر رهندو پئي آيو، تنهنڪري وٽس هن اسڪيم کي پايئه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ بهتر منصوبه بندي هئي. 1957ع ۾ پاڻ لوڪ ادب اسڪيم تي ’لوڪ ادب‘ جي آفيس پنهنجي ٽيم سميت ڪم شروع ڪيو.

بلوچ صاحب سنڌ جي سڀني ساڃاهه وندن کي لوڪ ادب ’بورڊ‘ جي ’لوڪ ادب‘ واري آفيس ۾ موڪلڻ جي اپيل ڪئي. سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ ’لوڪ ادب اسڪيم‘ جا نمائندا مقرر ڪيائون، ڪجهه ضلعن ۾ 2-2 يا 3-3 نمائنده به مقرر ڪيائون. مواد موڪليندڙن کي اختيار هو ته هو ضلعي جي نمائندي معرفت يا سڌو مواد موڪلين، مواد جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۽ معيار بابت فيصلو ڪرڻ بعد، موڪليندڙن کي ڪجهه اجورو پڻ ادا ڪيو ويندو هو، اهڙي طرح سڄي سنڌ مان جن صاحبن کي پاڻ نمائنده مقرر ڪيائون، انهن ۾ شيخ محمد سومار، شيخ فاضل قائمي، معمور يوسفاڻي، محمد حسين ڪاشف، احمد خان آصف، رائچند هريجن، عبدالرحمٰن مهيسر، محمد عثمان ميمڻ، حافظ محمد بخش خاصخيلي، غمٽار مهر، ولي محمد طاهرزادو، عبدالله گندرو، منگهارام اوجها، ۽ وريام نقرچ سان ٻين به ڪيترن سُگهڙن ۽ سڄاڻ شخصن جا نالا ’لوڪ ادب اسڪيم‘ جي مختلف ڪتابن ۾ درج ٿيل آهي. هتي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي ذهانت ۽ ايمانداري جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه اهلِ دل رهي نه سگهندو جو اگر مناست اجورو ڏيڻ بعد راوين بجاءِ صرف علائقن جا نالا ڏجن ها ته هرج ڪونه هو، پر پاڻ عاليشان محققانه انداز سان نه صرف راوين جا نالا پر پاڻ جتي جتي سنڌ ۾ پاڻ ڪچهريون ڪيائون ۽ جن جن ڇاپي خواه قلمي مسودن تان مواد ورتائون، سڀني جا تفصيلي حوالا ڏنائون. هن اسڪيم تحت هڪ روايتن جو انعامي مقابلو ’لوڪ ادب انعامي اسڪيم‘ پڻ منظور ڪرايائون ۽ ججن جي فيصلي موجب پهرين نمبر انعام جو حقدار محمد عمر معمور يوسفاڻي صاحب ٿيو، جنهن کي انعام سان گڏ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو، جيڪو سندس پونيئرن وٽ لئبرري موجود آهي. ان سان گڏ ڪيترن ئي روايتن جون پُهچون ۽ رسيدون پڻ لئبرري جي فائلن ۾ موجود آهن، جيڪي مواد جي ترسيل جي ياد ڏيارين ٿيون.

هن اسڪيم جي ٻارهين نمبر ڪتاب شايع ٿيڻ بعد هن شاندار اسڪيم ۾ ڪن بيسمجهه ۽ ڪوتاهه عقل ماڻهن رڪاوٽون وڌيون ۽ بلوچ صاحب کي ڪورٽ ۾ داخل ٿيل ڪيس جي دفاع ۾ چڪر ڪاٽڻا پيا، پر پاڻ همت نه ڇڏيائون. پاڻ ٻڌائيندا هئا ته منهنجي هن ڪيس ۾ مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي صاحب دفاع طور في سبيل الله شاهدي ڏني جنهن سان ڪيس کٽڻ ۾ آساني ٿي، پاڻ ڏيپلائي صاحب جي هن گُڻ جي هميشه تعريف ڪندا هئا، هن داستان جا تفصيل گهڻا آهن انهن کي ڪنهن ٻئي هنڌ آڻبو. بلوچ صاحب پنهنجي ڪتابن جي مهاڳن ۾ لکيو آهي ته قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جيڪو 1961ع کان سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين هو، ان جو دلي تعاون ۽ ذاتي دلچسپي شامل حال نه هجي ها ته لوڪ ادب تجويز هن مرحلي تي نامڪمل رهجي وڃي ها. الله پاڪ جون رحمتون انهن سڀني شخصيتن جي مرقدن تي وسنديون رهن جن هن اسڪيم جي تڪميل تائين بلوچ صاحب جو مڪمل ساٿ ڏنو ۽ اسڪيم جا 40 ڪتاب 1991ع ۾ مڪمل ٿيا.

جيئن ته معمور يوسفاڻي صاحب جو هنن سڀني ڪتابن ۾ هڪ ذميوار ورڪر (نمائنده- والنٽيئر) طور ڪم شامل آهي. ان ڪري اسين هن مضمون ۾ سندن سهيڙيل مواد جي فهرست ترتيب وار شامل ڪريون ٿا. جن ڪتابن ۾ سندن نالو راوي جي حيثيت سان شامل نه آهي. انهن ڪتابن ۾ بلوچ صاحب يا ته روايتن جا علائقا لکيا آهن مثال طور عمرڪوٽ تعلقي مان پهتل ڳالهه وغيره. يا وري ڪجهه ڪتابن ۾ موڪليل مواد جو ٻيو ذريعو يا ٻيا راوي يا ڪتاب پڻ آهن. ان طريقي سان ڪجهه روايتن ۾ سندن نالو شامل نه ڪيو ويو آهي. اگر سڀني روايتن جا حوالا آيل هجن ها ته هنن چاليهن ڪتابن مان اهڙو ڪوبه ڪتاب نه هجي ها جنهن ۾ حوالو نه هجي ها. لوڪ ادب اسڪيم حضرت مل محمود پلي جو جيترو به احوال ۽ ڪلام آيو آهي ان جا ٽي خاص ذريعا آهن. پهريون ذريعو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جون ڳموري ڳوٺ جي حاجي برهان راڄڙ سان ڪچهريون. حاجي برهان راڄڙ مرحوم، مل محمود جو دوست ۽ ڪاتب پڻ هو. ٻيو ذريعو معمور يوسفاڻي صاحب جون موڪليل روايتون هيون جيڪي پاڻ مل مرحوم جي ڳوٺ وارن سڄاڻ شخصن کان حاصل ڪيائون. ٽيون حوالو مل محمود مرحوم جا ڇپيل جدا جدا ڪتاب آهن، جن مان اڪثر ليٿو ڇپائي آهي ۽ پروفن جون غلطيون آهن، ڊاڪٽر صاحب ٽنهي ذريعن کان مليل مواد کي ڀيٽي صحيه ۽ درست ڪاپي تيار ڪئي ۽ ڪتابن جو حوالو رکيائين. ٻي طرف مل محمود جي فرزند طالب پلي جي مواد جو ٻيو ڪوبه ذريعو ڪونه هو، تنهنڪري سائين معمور يوسفاڻي جي موڪليل مواد کي حوالن سان رکيائين. اهڙيءَ طرح پوئين دور ۾ ڪجهه ڪتابن جي ٻئي ۽ ٽئين ايڊيشنن مان راوين جا نالا هٽايا پڻ ويا آهن.

هن مضمون ۾ اسين صرف انهن روايتن جو ذڪر ڪريون ٿا، جن ۾ سندن نالو ڇپيل آهي. هتي لوڪ ادب اسڪيم ۾ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جي دلچسپي جو هڪ ٻيو مثال به پيش ڪريون ٿا، جو پاڻ هن اسڪيم جي فهرست تيار ڪرائي 1991ع ۾ علحده ڪتاب جي شڪل ۾ شايع ڪرايائون، جيڪو تمام اهم قدم آهي، ’لوڪ ادب اسڪيم‘ تحت شايع ٿيل ڪتابن ۾ معمور صاحب جي روايتن جو تفصيل هيٺين ريت آهي:

نمبر

ڪتاب جو نالو

سلسلو

ڇاپو ۽ سال

روايت ۽ عنوان

صفحو

1.        

مداحون ۽ مناجاتون

پهريون

پهريون 1959ع

نوٽ: مداحون، مولود، مناقبا ۽ معجزا، هنن ڪتابن ۾ موڪليل مواد کي جڏهن مولودي اڳواڻن کان سندن شغل جون ڪاپيون مليون ته ساڳي مواد هئڻ سبب، انهن لاءِ ڪاپين جا حوالا ڏنا ويا

 

2.       

مناقبا

ٻيو

پهريون 1960ع

 

3.       

معجزا

ٽيون

پهريون 1960ع

 

4.       

مولود

چوٿون

پهريون 1961ع

”        ”            ”

 

5.       

ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

پنجون

پهريون 1960ع

روايت ڏنل نه آهي

 

6.       

ٽيهه اکريون (ڀاڱو ٻيو)

ڇهون

ڇاپو پهريون

سال 1961ع

ٽيهه اکري نصيحت ”چيل طالب پلي جي“

135

7.       

”          ”         

ٽيهه اکري مارئي طالب پلي

140

8.       

”          ”         

ٽيهه اکري مناجات باري تعاليٰ (چيل مير محمد عنصري جي)

251

9.       

”          ”         

ٽيهه اکري: مارئي چيل عبدالمجيد ”ماجد“ اهروي

300

10.   

هفتا، ڏينهن راتيون ۽ مهينا

ستون

پهريون 1961ع

هفتو: مارئي

(سالار پلي)

26

11.    

”        ”           

ٽيهه ڏينهن: مارئي

(عبدالمجيد ”ماجد“ اهروي)

83

12.   

جنگناما

اٺون

پهريون 1961ع

ٻيو 1984ع

روايت ڏنل نه آهي

 

13.   

واقعاتي بيت

نائون

پهريون 1961ع

ڪانڀو ۽ راڄي جو جهيڙو چيل محمد صديق بنگلاڻي

35

14.   

واقعاتي بيت

جوالا سنگهه جو مارجڻ چيل (مل محمود پلي

82

15.   

واقعاتي بيت

سيد جلال شاهه کيجراڙي واري جي شادي چيل (مل محمود پلي)

104

16.   

واقعاتي بيت

صوفي قلندر بخش جي شهادت (فقير يارو شرجا چيل بيت)

213

17.   

واقعاتي بيت

صوفي قلندر بخش جي شهادت (صوفي ڏاتار بخش جا بيت)

288

18.   

مناظرا

ڏهون

پهريون 1961ع

مناظرو سسئي ۽ سهيلين جو چيل (طالب پلي جو)

 

62

19.   

مناظرا

مناظرو سهڻي ۽ سهيلين جو چيل (طالب پلي)

73

20.  

مناظرا

مناظرو (ليلان چنيسر جو) چيل (طالب پلي)

90

21.   

مناظرا

مناظرو ڪنڊي ۽ ڄار جو چيل (حاجي منٺار پلي)

171

22.  

مناظرا

مناظرو زال ۽ مڙس جو چيل (حاجي مهوال خاصخيلي جو)

208

23.  

مناظرا

مناظرو مهتي ۽ مڪڙي گهوڙي جو چيل (حاجي علي بخش پليءَ جو)

495

24.  

مناظرا

مناظرو مجيد ۽ ٻليءَ جو چيل (مجيد خاصخيليءَ جو)

453

25.  

مناظرا

مناظرو مرزي ۽ چِٻَ جو چيل (مرزي نوحاڻيءَ جو)

613

26.  

مناظرا

مناظرو مل محمود ۽ ڳيريءَ جو چيل (مل محمود پليءَ جو)

622

27.  

مناظرا

مناظرو پيرو ڪلوئي ۽ بصر مينگهواڙ جو چيل (علي بخش ڪلوئيءَ جو)

685

28.  

سنڌي سينگار شاعري

يارهون

1986ع

حوالو ڏنل ڪونهي

29.  

پروليون، ڏٺيون معمائون ۽ ٻول

ٻارهون

پهريون 1965ع

کوهه مٿي ٿي کڙن کڙن

کوهه مٿي کڙن کڙن

202

30.  

”              ”          ”

روئي لڙڪ لوئي لُڙڪن

سان مُنهن ڌوئي ڙي

205

31.   

”              ”          ”

گهمُن سي ويجهو،

ڇا گهمن سي ويجهو!

200

32.  

ڳجهارتون ڀاڱو پهريون

تيرهون

1969ع

روايت ڪونهي

 

33.  

ڳجهارتون ڀاڱو ٻيو

چوڏهون

1969ع

روايت ڪونهي

 

34.  

ڏور

پندرهون

1970ع

روايت ڪونهي

 

35.  

ڳيچ

سورهون

1963ع

نوٽ: هن ڪتاب ۾ ڪافي روايتون تعلقي عمرڪوٽ جي حوالي سان ڏنل آهن قريب از امڪان آهي ته اُهي روايتون به سائين معمور صاحب جن جون ئي آهن.

 

36.  

لوڪ گيت

سترهون

ٻيو 2006ع

همرچو

253

37.  

”              ”          ”

عام روايتي همرچو

358

38.  

”              ”          ”

مجازي همرچو

255

39.  

”              ”          ”

لَکيو

211

40.  

”              ”          ”

(ڀئيئو)

219

41.   

”              ”          ”

جدائي ٿي جهوري

213

42.  

”              ”          ”

وڻجارو

217

43.  

”              ”          ”

لمڪيان ڙي لو

303

44.  

”              ”          ”

ٽرڙ ڙ ٽڙڙڙ

395

45.  

”              ”          ”

وڻجارو

217

46.  

”              ”          ”

عام روايتن ۾ همرچو

258

47.  

بيت

ارڙهون

پهريون 1971ع

پاهڙ دل- سسئي

165

48.  

”              ”          ”

پاهڙ دل- مارئي

168

49.  

”              ”          ”

پاهڙ دل- رامڪلي

176

50.  

”              ”          ”

پاهڙ دل- مجاز

176

51.   

”              ”          ”

حاجي پلي

141

52.  

بيت

لونگ

191

53.  

”              ”          ”

مرزو نوحاڻي

196

54.  

”              ”          ”

صالح گهراڻو

151

55.   

”              ”          ”

حاجي مهوال خاصخيلي

211

56.  

”              ”          ”

جهنڊو کمالاڻي مارئي

260

57.  

”              ”          ”

طالب پلي سسئي

152

58.  

”              ”          ”

سومار مڱريو

77

59.  

نڙ بيت- سانوڻ فقير ۽ سندس ساٿياري

اوڻيهون

پهريون 1970ع

ٻيو 1995ع

سسئي

27

60.  

”              ”          ”

مومل راڻو

57

61.   

”              ”          ”

ليليٰ مجنون

128

62.  

”              ”          ”

پورب

128

63.  

”              ”          ”

سامونڊي (وڻجارو)

138

64.  

”              ”          ”

نوٽ: ڪافيون ۾ (وڻجارن وايون جا حوالا آهن)

148

65.  

ڪافيون جلد پهريون

ويهون

پهريون 1985ع

رامڪلي

 

66.  

ڪافيون جلد ٻيو

پهريون 1987ع

سلسلي جو مواد وڻجارن وايون‘ لاءِ ۽ لوڪ ادب لاءِ موڪليو ويو. پهرين وڻجارن ۾ چيو ته ان جو حوالو رکيو ويو.

 

67.  

قافيون جلد ٽيون

پهريون 1987ع

 

68.  

قافيون 1+2

 

69.  

قافيون جلد ٽيون

ڇاپو پهريون 1990ع

عبدالمجيد ”ماجد“ اهروي (سوانح ۽ ڪافيون)

1398

70.  

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-1

ايڪيهون

پهريون 1960ع

راوين جا نالا ڏنل نه آهن

 

71.   

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-2

ٻاويهون

پهريون 1963ع

ٻيو 1977ع

 

72.  

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-3

ٽيويهون

پهريون 1963ع

ٻيو 1987ع

 

73.  

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-4

چوويهون

1961ع

 

74.  

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-5

پنجويهون

چوٿون

1994ع

عالي ڇوڪرو

395

75.  

”        ”            ”

اِٽَر مِٽر

420

76.  

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-6

(جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون (جلد پهريون)

ڇويهون

ڇاپو ٻيو

آڪٽوبر 1989ع

سهو، شينهن ۽ گدڙ

47

77.  

”        ”            ”

گدڙ ۽ شينهن

55

78.  

”        ”            ”

گدڙ ۽ مُئل اُٺ

64

79.  

”        ”            ”

گدڙ ۽ ڪُتا

88

80.  

”        ”            ”

گدڙ ۽ واڳون

86

81.   

”        ”            ”

گدڙ ۽ ڪُڪڙ

93

82.  

”        ”            ”

گدڙ ۽ جهرڪ

102

83.  

”        ”            ”

ڪنگ ۽ ناني

155

84.  

”        ”            ”

ٻگلو ۽ ٻگلي

160

85.  

”        ”            ”

ڪٻر ۽ ڪانگ

71

86.  

”        ”            ”

هولو ۽ ڪانءُ

174

87.  

”        ”            ”

جهرڪي ۽ ڪٻر

186

88.  

”        ”            ”

جهرڪي ۽ ڪُئي

192

89.  

”        ”            ”

ڪُئي ۽ جهرڪي

195

90.  

”        ”            ”

من موسڙي جو موت

204

91.   

”        ”            ”

جهرڪيءَ جا ٻچا

209

92.  

لوڪ ڪهاڻيون-7

ڳاهن سان ڳالهيون

ستاويهون

ڇاپو پهريون

1964ع

ڏمڻ سونارو-1

01

93.  

”        ”            ”

پُونا راء ۽ ليلا

54

94.  

”        ”            ”

صابر ۽ نوران

253

95.  

”        ”            ”

عمر بادشاهه ۽ نيرل راڻي

279

96.  

دودو چنيسر رزميه داستان

اٺاويهون

پهريون 1976ع

روايت ڏنل ناهي.

 

97.  

مشهور سنڌي قصا-1

اوڻٽيهون

ڇاپو ٻيو 2021ع

بوبنا ۽ ڄام جراڙ

241

98.  

”        ”            ”

دولهه دريا خان ۽ همون راٺوڙ

298

99.  

سهڻي ميهار ۽ نوري- ڄام تماچي

ٽيهون

پهريون 1972ع

سهڻي ميهار- طالب پلي جا بيت

111

100.         

”       ”       ”

مل جي روايت تي ”سهڻي دِلي کان سواءِ تري ويندي هئي)

34

101.          

مشهور سنڌي قصا

عشقيه داستان-3 ليلا چنيسر

ايڪٽيهون

ڇاپو پهريون

1971ع

معمور صاحب جي موڪليل روايت نمبر 9

 

102.         

مشهور سنڌي قصا

عشقيه داستان-4 سسئي پنهون

ٻٽيهون

پهريون 1976ع

حوالو ڏنل نه آهي

 

103.         

مشهور سنڌي قصا

عشقيه داستان-5 مومل راڻو

ٽيٽيهون

پهريون 1975ع

حوالو ڏنل نه آهي

 

104.         

ٻاهريان قصا ۽ عشقيه داستان

چوٽيهون

ڇاپو پهريون 1964ع

ليليٰ مجنون

384

105.         

مشهور سنڌي قصا عشقيه داستان ڍول مارو

پنجٽيهون

ڇاپو ٻيو 2020ع

ڍول مارو روايت نمبر 8

115

106.         

مورڙو ۽ مانگر مڇ

ڇٽيهون

 

حوالو ڏنل نه آهي

 

107.         

عمر مارئي

ستٽيهون

پهريون 1976ع

 ٻيو2020ع

روايت-1

85

108.         

”        ”            ”

روايت-2

86

109.         

”        ”            ”

روايت-3

128

110.          

”        ”            ”

روايت-4

138

111.           

”        ”            ”

روايت-5

286

112.          

”        ”            ”

روايت-6

241

113.          

”        ”            ”

روايت-7

244

114.          

”        ”            ”

روايت-8

289

115.          

مشهور سنڌي قصا:

عشقيه داستان-4

سورٺ راءِ ڏياچ، هير- رانجهو

اٺٽيهون

پهريون 1976ع

حوالو ڏنل نه آهي

 

116.          

رسمون رواج ۽ سوڻ ساٺ

اوڻيتاليهون

ڇاپو پهريون 1978ع

مڱڻيءَ جون رسمون

71/70

117.          

”        ”            ”

نينڍ موڪلڻ يا سڏ ڏيڻ

90

118.          

”        ”            ”

ڪوٺ ڪرڻ

 

119.          

”        ”            ”

ڪاڄ جو ڪم

95

120.         

”        ”            ”

ڇنو مهمان لاءِ

97

121.          

”        ”            ”

وناهه

113

122.         

”        ”            ”

ميندي

125

123.         

”        ”            ”

اهنر/ اڻوهر/ اڻهيار

130

124.         

”        ”            ”

مانيءَ جي گهور

135

125.         

”        ”            ”

ڄڃ

142

126.         

”        ”            ”

پڙ ڄڃ

142

127.         

”        ”            ”

ڄاڃين سان ڀوڳ چرچا

142

128.         

”        ”            ”

ڄاڃين سان ڀوڳ چرچا

150

129.         

”        ”            ”

کير وٽي

151

130.         

”        ”            ”

پَچِي

161

131.          

رسمون ۽ رواج ۽ سوڻ ساٺ

تارو ڪپڻ

167

132.         

”        ”            ”

گهڙي ڀرڻ

171

133.         

”        ”            ”

ٻِٽ چُنيءَ جي (ٻه چُنيون)

176

134.         

”        ”            ”

تيلاڙي جو ساٺ

180

135.         

”        ”            ”

گهوڙي جو ساٺ

194

136.         

”        ”            ”

ننگهه ڀڃڻ يا گهٻڻ ڀڃڻ

197

137.         

”        ”            ”

لانئون

210

138.         

”        ”            ”

ڦُل چونڊڻ

216

139.         

”        ”            ”

ڳنڍ يا پلو ڇوڙڻ

217

140.         

”        ”            ”

کير پيارڻ

219

141.          

”        ”            ”

مُنهن ڏسڻ(1)

221

142.         

”        ”            ”

مُنهن ڏسڻ(2)

222

143.         

”        ”            ”

موڪلاڻي يا ڄڃ جي واپسي

224

144.         

”        ”            ”

نکيٽي/نيکيٽي

228

145.         

”        ”            ”

مڙس لاءِ پار

293

146.         

”        ”            ”

ڪنواري عورت لاءِ پار

299

147.         

هنر

چاليهون

پهريون 1991ع

”        ”          ”

 

148.         

 

چاليهون

 

پرڻيل عورت لاءِ

300

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org