سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 03/ 2021ع

باب:

صفحو:8 

پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو

شڪارپور

 

 

 

پريت جا پيچ

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جا  ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ڏانهن لکيل خط

(سَرسَري مطالعو)

 

پريت جا پيچ: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو سنڌي زبان جو بيمثال عالم ۽ اديب هو. ڪوبه اهڙو علم ڪونه هو جو وٽس ڪونه هجي! استادن جي استاد هئڻ جي ڪري ۽ عالمن سان بصف بيهڻ جي باوجود به اهڙي ڏِک ڏيندو جهڙي پَرندن ۾ مور! جهڙو هو سندس متانت ڀريو گفتگو، تھڙو هو سندس قلم ٽانگر جي ٽار!! لفظ جو استعمال هجي يا جملي جي جوڙ. جي ڪو ويهي ڇيد ڪندو ته ڇَهه ئي ڇڄي پوندس! حرف حرف حيرت جو پيڪر! نظم ته هوندوئي منظم، پر نثر ۾ به صرفي ۽ نحوي لاوازما لازوال، ته نظمي زمين جا به واهڙ پيا وهندا ڏسڻ ۾ ايندا. مقصد جي بيان ڪرڻ ۾ اظهار اهڙو پختو جو چئي چپ ڪر! ڀلا هر ٻوليءَ جو ٻول ٻول ٻڌو. ٻانهو ۽ ڪوشن جا ڪوش ڪاپار ۾ قابو هجن ته پو ڇو نه عبارتون عجيب ۽ قاري مجيب هجن. سندس جيڏن ۽ سَرتن ۾ ڪي ڳاڻ ڳڻيا ڳڻواڻ ئي سندس سنگتي ساٿي ۽ ڪچهريءَ جا مور رهيا. اهڙن ساڃاهه ۽ سرت وارن ۾ هڪ وڏو ودوان ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي به رهيو. جيٽلي صاحب به وديائن جو ويرُ ۽ ڄاڻ جي کاڻ آهي. مطلب ته ٻيئي ساهت جا ساگر مها ساگر! ٻنهي جي هر ڇولي علم ۽ ادب جي ٻولي. هو جيڏو هڪٻئي کان ڏور هئا، تيڏو ويجهو! پنهنجي اندر جا احساس هڪٻئي تائين قلم ۽ قرطاس رستي رسائي روحن ۽ ارواحن کي راحت پيا رسائيندا هئا. سن 1960ع کان سندن ”پريت جا پيچ“ پيا پختا ٿيندا رهيا، سندن خطن ۾ ميٺ محبت جو لطف ته دلڪش آهي، پر ٻنهي جي علمي، ادبي، لغوي ۽ ڪوشي ۽ پستڪي سهيڙ ۽ سڪ کان سواءِ ڄاڻ لاءِ ووڙ ووڙان ۽ ولوڙ ويچاري دنگ رهجي ٿو وڃجي. سندن لکت جي ڏانءُ کي ڏات ئي چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪوشش ته وديارتن جي وس هوندي آهي. هي ويرَ ته ودوان هئا.

”پريت جا پيچ“ ته جيٽلي صاحب جي پاٻوهه ڀرين پترن جو پستڪ آهي، جنهن ۾ جوهر به جيٽلي صاحب جا پيا جَرڪن. جي سنديلي صاحب جا به سڪ ڀر سنيها سمائجن ها ته هَتي! هانوئي ٺري پون ها، پر جيٽلي صاحب جي پترن وسيلي سنديلي صاحب جي سڪ ساهه تائين ۽ راحت روح تائين محسوس ٿئي ٿي. مثلاً جيٽلي صاحب، سنديلي صاحب کان پڇيو ته: ”جهڙي ڇالي تهڙي پني، هِن لاهي هُن کي ڏني. ان پهاڪي جو مطلب اوهان ڪيئن سمجهائيندا؟ اتي ’ڇالي‘ ۽ ’پني‘ انهن جي اکري معنيٰ ڪهڙي کڻڻ گهرجي؟ ان باري ۾ پنهنجو رايو لکندا.“ (ص 54) اهو خط پهرين فيبروري 1980ع تي لکيل آهي. ان متعلق وضاحت پڇندي جيٽلي صاحب جي ئي پنجويهين جولاءِ 1980ع تي لکيل خط مان هن طرح معلوم ٿيو! ”جهڙي ڇالي تهڙي پني....“ ان جي جيڪا سمجهاڻي اوهان لکي آهي، سا مون کي درست نظر اچي ٿي، هڪ شڪارپور طرف جي رهاڪو پروفيسر مون کي ان جي سمجهاڻي هن ريت به ڏني آهي ڇالي= ڇَلي، ٽوڪري پني= پنڊي، ٽوڪري، انڪري ٻئي شيون برابر آهن. ”جهڙي ڇالي تهڙي پني، هُن لکڻي هُن کي ڏني، خبر نه آهي ته ڇالي ۽ پني لفظ شڪارپور طرف اِنهن معنائن ۾ ڪتب اچن ٿا يا نه؟ ان جي پاڻ جاچ ڪري مون کي احوال لکندا.

هاڻي تشنگي پوءِ به اها رهي ته سنديلي صاحب جي وَرنديءَ ۾ ڪهڙا ويچار ڏنا ويا؟ ان لاءِ لازمي طور جيٽلي صاحب کان سنديلي صاحب جا به خط گهرائي ڇپايا وڃن ته هوند معلومات مڪمل ٿي پوندي، ورنه ڳالهه اڌوري پئي لڳندي. هڪ سئو اٺونجاهه صفحن جي هن شاندار ڪتاب ۾ ڪل ستونجاهه خط شامل ٿيل آهن، جي يارهن سالن اَٺن مهينن ۽ اُڻٽيهن ڏينهن جي مدت ۾ موڪليل آهن. ان ڏينهن ۾ سنڌ جي ادب جي تاريخ جي پهرين اَساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعر قاضي قادن جا هڪ سئو ٻارهن بيت هٿ اچڻ ۽ هيري ٺڪر پاران اهي ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿيڻ ڪري سنڌ ۽ هند جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي دنيا ۾ ڄڻ ڪنهن وڏي تهوار يا عيد جون خوشيون پئي ملهايون ويون. هرهڪ وات اهائي وائي هئي ته قاضي قادن جو ڪلام مليو آهي. اجهو ٿو ڇپجي اچي. جيئن هي هند مان سنڌ ۾ ڪجهه ڪتاب عالمن ۽ اديبن کي اچي مليا، تيئن اديبن ۽ عالمن پنهنجي بصيرت سارو اخبارن ۽ رسالن ۾ تبصرا ۽ تحقيقي مقالا لکيا، عالمن جون تحريرون ته ’مهراڻ‘ ۾ ڇپبيون رهيون، جي وڏن فني نُڪتن کي نروار ڪري، هرهڪ کي متوجهه ڪري ڳالهه مان ڳالهه نڪرڻ چواڻي ڪيئي مفيد معلومات جا خزانا پلٽجڻ لڳا.

هنن ٻنهي عالمن جي دلچسپيءَ جا خاص علم، ادب ۽ لغت رهيا، ٻنهي کي مطالعي جو شوق چوٽيءَ جو رهيو، تنهنڪري ڪو چرندو ڪتاب پڙهڻ کان سواءِ نه ڇڏيائون. نتيجي ۾ سندن لئبررين ۾ ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتابن جا گهڻا ذخيرا موجود آهن. سندن وچ ۾ ڪتابن موڪلڻ جا سلسلا سدائين قائم رهيا. جيسين هڪ ٻئي کي گهربل ڪتاب نه موڪليندا، تيسين هردي ۾ هورا کورا پئي هلندي. اچو ته هنن خطن ۾ آيل اهڙن ڳالهين سان گڏ ڪي ٻيون ڳالهيون به مختصر پيرايي ۾ پڙهي ڏسون:

جيٽلي صاحب 1979-01-26 جي خط ۾ لکيو ته: ”توهان جا موڪليل ٻه املهه رتن، ”ساميءَ سنديون سپون“ ۽ ”ڏهس نامون“ پهتا. ڪجهه ڏينهن اڳ ”سامي ڌاتو ڪوش“ به مليو. اهي پڙهي سچ پچ ته منهنجو سِر توهان جي عام ۽ ڄاڻ اڳيان جهڪي ويو. سنڌ ۾ حقيقت ۾ توهان جهڙا عالم آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به مشڪل ملندا، جن سنسڪرت، پراڪرت، اپڀرنش، هندي وغيره ٻولين جو گهرو اڀياس ڪري، نور نچوئي سنڌي لفظن جي ويتپتي ويهي ڳولهي ڪڍي هوندي.“ (ص 31)

چئن مهينن کان پوءِ ستين مئي 1979ع جي خط ۾ ”قاضي قادن“ جي ڪتاب تي ڇپيل تبصرن سان گڏ هڪ ڪوش متعلق لکيو اٿس ته ”راجسٿاني شبدڪوش، سمپادڪ سيتارام لالس جو ڇپيو آهي. اهو ڪل ڏهن ڀاڱن ۾ آهي، ان مان ست کن ڀاڱا شايع ٿيا آهن، منجهس ويتپتي سڀني لفظن جي ڏنل نه آهي ۽ ڪيترا هندي لفظ جيڪي راجسٿانيءَ ۾ به ملن ٿا سي به ان ۾ درج ڪرڻ ڪري ڊڪشنريءَ جو آڪار وڌي ويو آهي.“ (ص 33)

ساڳي خط ۾ هُن کيس صلاح ڏيندي لکيو آهي ته: ”ويتپتيءَ جي خيال کان توهين ٽرنر جي ڊڪشنري ضرور ڏسو. A Comparative Dictionary of Indo- Aryan Language By: R.L.Turner هيءَ ڊڪشنري ڏهه ٻارهن سال اڳ لنڊن مان شايع ٿيل آهي. رالف للي ٽرنر 1930ع ڌاري نيپالي- انگريزي شبدڪوش ٺاهيو هو. ان جي آڌار تي ۽ وڌيڪ ريسرچ ڪري هن مٿيون ڪوش ٺاهيو آهي. جنهن ۾ سنسڪرت لفظ ۽ ان جي معنيٰ اُن کان پوءِ ان مان سڀني ڀارتيه ٻولين ۾ آيل لفظ به هن ڏنا آهن، منجهس ڪيترا سنڌي لفظ به آهن، جن جا پراڪرت، سنسڪرت، پاليءَ ۾ روپ ۽ ٻين ٻولين ۾ Congnates توهان کي سولائيءَ سان ملندا.“ (ص 34) پنجين جولاءِ 1979ع جي خط ۾ سنديلي صاحب جي لکيل قاضي قادن واري مضمون کي وڌيڪ وزندار لکيو آهي. ٻيو سنت پراڻناٿ به سترهين صديءَ جو هو ۽ ان جي گرنٿ موڪلڻ لاءِ چيو ويو آهي. (ص 36) تيرهين نومبر 1979ع ۾ جوڌپور مان ڇپيل ”راجسٿاني شبدڪوش“ (5 ڀاڱا) جو اطلاع ڏيڻ ۽ ملڻ شرط موڪلڻ جي دلجاءِ ڏنل آهي.

ڏهين ڊسمبر 1979ع تي لکيل خط طويل آهي، جنهن ۾ خاص ڳالهين ۾ ريتن رسمن بابت اصطلاح: پاڻ ۾ ڏتر (تِرَ) سنوان نه هئڻ (جهڳڙو هئڻ)، جُڃ تي بيهڻ (فضول خرچ ڪرڻ)، پڳڙيون ٿي وڃڻ (گهڻو نقصان ٿيڻ، سورهان ئي سراڌ پورا ڪرڻ (ٽوڪ ۾ استعمال ٿئي، يعني ڪجهه به نه ڪرڻ، اڻپورا ڪم ڪرڻ) حقو پاڻي بند ڪرڻ، ڀت مان ڪڍي ڇڏڻ، ٿالهيون لاهڻ، ٽانڊو ٽوپي بند ڪرڻ، گنگا سنان ڪرڻ، اڳتي لکيو اٿس ته ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت هيتري محنت ڪندي به غلط نتيجا ڪڍيا اٿائين. ان جو مکيه سبب اهو آهي ته کيس سنسڪرت، پراڪرت، اپڀرنش وغيره ٻولين جي ڄاڻ نه آهي.

ڇويهين ڊسمبر 1979ع جي خط ۾ سن 1958ع ۾ ”راجسٿاني ڪهاوتين“ نالي شايع ٿيل پي.ايڇ.ڊي ٿيسز موڪلڻ، رام چند ورما جي ”هندي- مانڪ ڪوش“ پنجن ڀاڱن ۾- برهد هندي شبد ساگر جي ٻيهر سڌاري ۽ وڌايل ٻارهن ڀاڱن ۽ سنديلي صاحب پاران موڪليل ڪتابن: هو ڏوٿي هوڏينهن، لطف الله قادريءَ جو ڪلام، سسئي پنهون ۽ عمر مارئي ملڻ جو اطلاع آهي، سال 1979ع ۾ اَٺ خط لکيا ويا.

نائين جنوري 1980ع جي خط ۾ ٽن ڪتابن: راجسٿاني ڪهاوتين: ڊاڪٽر سهل، پراڪرت ڀاشائون ڪا وياڪرڻ- ڊاڪٽر ڀشيل  ۽ محاورا ميمانسما ڊاڪٽر اوم پرڪاش گپتا موڪليا ويا آهن، جو اطلاع آهي.

اٺاويهين جنوري 1980ع: سوامي پراڻ ناٿ تي پي.ايڇ.ڊي جي ٿيسز موڪلڻ- تاريخ مظهر شاهجهاني ۽ ببليوگرافي پهچڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي سماجي ڪارج تي مضمون موڪلڻ جون ڳالهيون ڪيل آهن.

پهرين فيبروري 1980ع تي لکيل خط ۾ نائونمل جون يادگيريون ۽ سسئي پنهون پهتا ان کان علاوه سوامي پراڻ ناٿ متعلق ڏنل مفيد معلومات مان ماخذ پيش ڪرڻ لازمي ٿو ڀانئيان: ”پراڻ ناٿ جي اها واڻي ڪڇي ۽ لاڙي سنڌيءَ ۾ آهي. اڄڪلهه ان جو پنٿ ”پرنامي“، نالي سان سڏجي ٿو. مٺ جي پرمپرا موجب پيڙهي به پيڙهي پراڻ ناٿ جا شش اها واڻي اتاري ان جا گرنٿ پوين کي ڏيندا آهن. ڏهه پنڌرهن سال اڳ کان وٺي پراڻ ناٿ جي واڻي ڇپجي شايع ٿيڻ لڳي آهي، نه ته اها فقط دستخط پوٿين ۾ درج ٿيل هئي. عام مڃتا اها آهي ته پراڻ ناٿ وجد ۾ اچي نچڻ لڳندو هو ان وقت جيڪو الهام ٿيندو هوس اهو هو بي خوديءَ جي حالت ۾ ڳائيندو هو ۽ شش اهو هڪدم نوٽ ڪندا ويندا هئا. “ (ص 54 ۽ 55)

چوڏهين فيبروري 1980ع جي خط ۾ ڪتابن: ”ليلا چنيسر، نڙ جا بيت ۽ مير معصوم بکري پهتا مهرباني. گذريل خط ۾ اوهان رام گلام ڪوش لاءِ لکيو. ان لاءِ پنج ڇهه دڪان ڏٺم، پر اُتي نه مليو. مانڪ هندي ڪوش (پنجن ڀاڱن ۾) رامچندورما جو خريد ڪيو اٿم هفتي ۾ موڪليندس. ”هندي شبد ساگر“ کان پوءِ هنديءَ جي اها سٺي ۾ سٺي ڊڪشنري آهي.“ (ص 56 ۽ 57)

ڇهين مارچ 1980ع: اوهان جا موڪليل ڪتاب: ”شاهه جو رسالو، سنڌالاجيءَ جا ٻه پرچا، عرب ڪنگڊم آف منصوره، سنڌي لوڪ ادب جي ارتقا، هسٽري آف ارغونس، سنڌي الف بي، ڍول مارو، شاهه شريف ڀاڏائي، دائري وارن جي سنڌي“ مليا آهن.

هن خط سان گڏ پدماوت- ملڪ جائسي ۽ شاهپوري، ڪانگري گلاسري (ولسن) موڪليا اٿم. (ص 58) ان ئي مهيني جي ڏهين تاريخ تي لکيل خط جي ٽين حصي ۾ آهي ته: ”قاضي قادن تي مهراڻ ۾ سراج جو ۽ اوهان جو تنقيدي ليک پڙهيم. لفظن جي جڙ پڪڙ ۽ انهن جو بنياد ڳولي لهڻ ۾ اوهان بيشڪ مهارت حاصل ڪئي آهي، سنڌ ۾ لڳي ٿو ته فقط اوهان کي ئي ناگري اکرن لکڻ پڙهڻ جو علم آهي، ٻيا سنڌي عالم ان لکاوٽ جي ڄاڻ نه هئڻ ڪري اوهان کان گهڻو پٺتي آهن.“ (ص 61)

اَٺين اپريل 1980ع جي خط ۾ ڌيءَ جي شادي جو احوال هن ريت رقم ڪيو اٿس: ”ستين مئي تي منهنجي ڪِڪيءَ پونم جي شادي طئه ٿي آهي، ان جي تيارين ۾ مشغول آهيان، پنجين مئي تي هِتان بمبئي روانا ٿينداسين جو گهوٽيتا بمبئيءَ ۾ رهندا آهن. پونم وڏي آهي ۽ سنسڪرت ادب ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪري رهي آهي. ٻيو ڪِڪو اٿم جنهن جو نالو آهي سڌير، هو بي.اي جي پهرين سال ۾ پڙهندو آهي.“ (ص 63)

ٻارهين سيپٽمبر 1980ع جي خط ۾ آهي ته: ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ چوڪن سان ڀريو پيو آهي، ڪيترن لفظن جي معنيٰ جو اشتقاق ڌُڪي بازيءَ تي ٻڌل آهي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جا شايع ٿيل مونوگراف به گهڻو ڪري ڪچا ڦڪا آهن.“

ايڪٽيهين آڪٽوبر 1980ع جي خط ۾ سنديلي صاحب پاران موڪليل ڪتابن جي پنجن بنڊلن ملڻ جي پهچ آهي جن ۾: پراڻي وٿ وگيان جي ڪتابن جو بنڊل، مهراڻ 1974ع، اردو سنڌي ۽ سنڌي اردو ڊڪشنريون، مهراڻ ۽ ساڻيهه وارو پئڪيٽ ۽ آفتاب ادب ۽ هنگلاج وغيره.

چوويهين سيپٽمبر 1980ع تي هي ڪتاب موڪلڻ جو اطلاع آهي: سنسڪرت ڌاتن تي ٻه ڪتاب، ڀاشا شاستر پوپٽي جو، دادو ديال جي واڻي، سنڌالاجي، ڀاشا ۽ سنڌي ڀاشا، دلپت جي واڻي.”ڀاشاگيان تي پوپٽي جو ڪتاب بلڪل ٻاراڻو آهي ۽ ڪيترين غلطين سان ڀريل آهي. ڇاڪاڻ ته هن بنا سمجهڻ جي فقط ڪن هندي ۽ انگريزي ڪتابن مان نقل ڪري سنڌيءَ ۾ ڏنو آهي.“

”سنڌي ٻوليءَ جي بيهڪ Structure ان تي جديد لسانيات جي اصولن تي هڪ ڪتاب لکڻ لاءِ مون کي مليو آهي، جنهن تي ڏينهن رات لڳو پيو آهيان، اهو سنڌيءَ ۾ پيو لکان جو سرڪار پاران شايع ٿيندو. منهنجي پي.ايڇ.ڊي جو موضوع به اهوهو “Morphology of Sindhi”

اڻٽيهين ڊسمبر 1980ع تي لکيائين: ”تازو اوهان جي ”تحقيق لغات سنڌي“ جو نئون ڇاپو به پهتو، ان گرنٿ جي عالمن سچيءَ دل سان قدرشناسي ڪئي آهي. ان جو ثبوت ان ڊڪشنري جو وري شايع ٿيڻ آهي، منهنجي ويچار ۾ هاڻي اوهين وقت ڪڍي ان لغات ۾ لفظن جو اڃا به واڌارو ڪريو، جنهن لاءِ ڪافي گنجائش آهي.

ارڙهين جون 1981ع جي خط ۾’ميگهدوت‘
جون چار ڪاپيون موڪلڻ سان گڏ ڪاليداس جي ان ڪتاب جي هڪ ڪاپي شيخ اياز کي پڻ موڪلڻ لاءِ لکيو ويو  آهي.

ٽيويهين فيبروري 1982ع تي لکيو ويو آهي ته: ”فيڊرل ڪائونسل جي ميمبريءَ لاءِ اوهان کي سرڪار چونڊيو آهي، اهو پڙهي نهايت خوشي ٿي، اها قدرشناسي گهڻو اڳ ٿيڻ کپندي هئي. ادب ۽ تعليم جي کيتر ۾ اوهان جيڪي ڪجهه سرجيو آهي، هاڻي ان جو اختياريءَ وارن مان ڪيو آهي. خدا ڪندو ته اوهان جي شيوائن جو اڃا به وڌيڪ ۽ وڌيڪ قدر ٿيندو.“ (ص 100)

ٽيويهين جولاءِ 1982ع: ساهتيه اڪاڊميءَ وارا ”انسائيڪلوپيڊيا آف انڊين لٽريچر“ تيار ڪرائي رهيا آهن. ان لاءِ به اٽڪل سَٺ کن سنڌي ادب سان لاڳاپو رکندڙ وشئن تي داخلائون پيون لکان. (ص 104)

ڏهين آڪٽوبر 1984ع: ”سچل لغات“
ڪتاب مهينو کن ٿيو ته پهتل آهي، اوهان جي قدرشناس ٿي ۽ ”سونو ٻِلو“ انعام ۾ حاصل ٿيو. ان لاءِ لک لک واڌايون، اوهان کي ۽ ڊاڪٽر بلوچ کي سنڌي ادبي بورڊ تي ميمبر طور مقرر ڪيو اٿن، اها نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، مبارڪون هجنوَ (ص 118)

يارهين جولاءِ 1987ع: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي لغات ۾ سنسڪرت، پراڪرت مان آيل سنڌي لفظن جي اشتقاق جاچڻ لاءِ مون کي لکيو آهي،. جيئن جامع سنڌي لغات جي نون ڇاپن ۾ انهن ۾ گهربل سڌارا، واڌارا ڪري سگهجن، ان خيال کان ٻيو ڀاڱو هٿ ۾ کنيو اٿم. انهيءَ ۾ سنڌي لفظن جا سنسڪرت پالي- پراڪرت ۾ اصلوڪا روپ ۽ اشتقاق ڳولهي نوٽ ڪندو پيو وڃان. (ص 132 – 133)

تيرهين اپريل 1989ع: اوهان جو مضمون جامع سنڌي لغات جلد-5 تي پڙهيم، مس مس اوهان دوستيءَ جو لحاظ نه ڪري، پاسخاطري ڪرڻ کان سواءِ ان ڀاڱي کي اوڻاين طرف ڌيان ڇڪايو آهي. (ص 144)

اڃا به ڪجهه خط آهن، جن مان چونڊ ان ڪري ڪونه ٿو ڪريان ته جيئن پڙهندڙ به انهن مان پنهنجي اُڃ اُجهائين ۽ ڪتاب ڏسڻ ۽ پڙهڻ وارو شوق ۽ اشتياق وڌندو رهي.

هنن خطن ۾ جو گهڻن پاسن جو علم آيل آهي، سو اسان شاگردن جون اکيون ته کولي ٿو، پر عمل لاءِ آمادگي پيدا ڪري، من ۾ ڌيرج ۽ ڌيان ڌرڻ به سيکاري ٿو. ان وقت اندر سنڌ ۽ هند جي علم ادب جي ماحول جي سموري سُڌ پوي ٿي.

پريت جا پيچ جهڙي اهم ڪتاب جو ’مهاڳ‘ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جي اکين جي نور ۽ دل جي سرور ڊاڪٽر محمد اسلم سنديلي لکيو آهي. هن جي لکڻ جو ڏانءُ ڏس پيو ڏئي ته سندس سرير سونهن ڀري سهڻي سنڌيءَ جو مخزن آهي، ويهن صفحن جي ان تحرير جوتاڃي پيٽو اهڙو تُز ۽ تڙنگ آهي، جو مجال آهي ته ڪٿي ڪو آڱر رکي چئي سگهي ته هتي معمولي...... آهي، سائين ڊاڪٽر سنديلي صاحب جو روح  پنهنجي وڏڙن جي ارواحن جي وچ ۾ راحتن سان هوندو جو سموري علمي ۽ ادبي ورثي جي واچ ڪرڻ سان گڏ اَبي ڏاڏي جي قائم ڪيل روايتن ۽ ريتن سان نباهيندو پيو اچي.

ڊاڪٽر محمد اسلم صاحب ڳڻي ڳوتي ڳالهيون ڪيون آهن: خطن جا مقصد ماهيت ۽ ڪارج، عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي هستيءَ جي اهميت، لغت جي فيلڊ، ڊاڪٽر جيٽلي جو جنم، تعليم، منصب، عالمانه حيثيت، تصنيفون، تحقيقون ۽ مقالا، ادبي خدمتن جو شاندار ڍنگ ۽ رنگ سان وستار، اٺيتاليهن سالن پڄاڻان پرين جي پار ورڻ ۽ 1986ع ۾ سکر لطيف ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ. ٻنهي عالمن جي طبيعتن جي توازن ۽ برابري نروار ڪرڻ بيشڪ وڏي قابليت جو دليل آهي. هت اهي پيش ڪرڻ لاءِ نه قلم جهڙو بلم ٿو بيهڻ ڏي نه روح ئي روڪ ۾ ٿو اچي:

ٻئي اديب، مزاج جا سادا، سپت ۽ سلڇڻي سڀاءُ جا مالڪ آهن.

ٻنهي همه پايئه محققن جي طبيعت ۾ نياز نوڙت ۽ نمرتا تمام اوچي پد تي پهتل ۽ خيالن ۾ همسري نظر اچي ٿي.

ٻئي صوفي منش، ڏيک ويک، خودثنائي، خودپسندي، ڪوڙ ڪپت، ڪِرڪِر ڪروڌ ۽ دوئيءَ جا دشمن.

ٻنهي اسڪالرن جي تحقيق ڪرڻ جو رنگ ڍنگ نرالو ۽ سچي لگن سان ادبي پورهيو ڪرڻ جا هيراڪ، اَجائي آڪار کان پري ”ٿورا ڪڻا ٿالهيءَ ۾ چڱا“ جي مصداق: ادب ۾ مايه داريءَ کي اُتم سمجهندا آهن.

ٻنهي هم قلم اديبن جا پسنديده موضوع: سنڌي ٻولي ۽ ان جو بڻ بڻياد، سنڌي لفظن جي بيهڪ ۽ انهن جي فني بناوت: لغات ۽ لفظن جا ويتپتي، لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعري آهن. جڏهن ته هي صنفون جيڪي رواجي ۽ عام تخليقي ادب جي تاڃي پيٽي ۾ گهڻو گهٽ شمار ٿين ٿيون.

ٻئي عالم اديب، کوجينڪ، ڪتابن کي ڪَٺي ڪرڻ جا ڪوڏيا،  ڪتابن جو اکنڊ ڀنڊار هوندي به پستڪ جي پني پني تي پيا ساهه گهوريندا.

ٻنهي ساهتيڪارن کي سنڌي ٻوليءَ کان علاوه، هندي، سنسڪرت، پالي، پراڪرت، مراٺي، گجراتي، فارسي، عربي ۽ انگريزي ڀاشائن جي لکاوٽن تي آڙيءَ وارو عبور حاصل هو.

ٻنهي اعليٰ شخصيتن پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز، تعليم کاتي ۾ اسڪولي استاد جهڙي مقدس منصب سان ڪيو ۽ سموري زندگي درس وتدريس جي شعبي سان وابسته رهيا، ايم.اي ۽ پي.ايڇ.ڊي به سنڌي ٻوليءَ سان منسلڪ وشيه تي ڪيائون ۽ هن وقت به شاگردن لاءِ آدرشي استاد جي حيثيت رکن ٿا.

ڊاڪٽر مرليڌر 7 نومبر 1930ع مطابق 22 ڪتي 1987 بڪرمي ڏڻ آرتوار تي پنڊت ڪشنچند ٽوپڻ مل جيٽلي جي گهر حيدرآباد ۾ ڄائو، چار درجه نو ودياليه ۾ پڙهي نولراءِ هيرانند اڪيڊميءَ مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين ته آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان ٿيڻ سبب امتحان ڏيئي نه سگهيو ۽ هندستان هليو ويو. 1948ع ۾ بڙودا ڪيمپ جي سنڌ هند هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. آخر 1965ع ۾ لسانيات ۾ پي.ايڇ.ڊي Morphology of Sindhi Language ڪئي. مختلف ادارن ۾ استاد رهندي 6 نومبر 1995ع تي رٽائر ٿيو. سندس ڪتاب: ”سنڌي ڀڳت“، ”سنڌي ڀاشا“ ڪاسنسڪشپ وياڪرڻ“، ”سنڌي ساهتيه ڪي وِوِڌ آيام“، ”سنڌي ڀاشا وياڪرڻ ايوم پريوگ“، ”سنڌي لوڪ  ڪهاڻيون“،
”ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ“، ”سنڌي ڌوني وگيان (سنڌي صوتيات)“ ”ڀارتيه ڪهاوت ڪوش“، ”هندي سنڌي شبدڪوش“، ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا‘، ’ڀارتيه ساهتيه ڪوش‘، ’سنڌوءَ جون لهرون‘ ۽ ’سنڌي شبد مهراڻ‘ گهڻو مقبول آهن. انهن کان علاوه ڪيترائي معياري مقالا لکيائين.

ڊاڪٽر جيٽلي جهڙو مهاوگياني سنڌ هند ۾ ٻيو ڪونه ملندو، سندس مطالعي ۽ لکڻ پڙهڻ جا موضوع اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪا آهن. سندس قلم جو علم سنڌي ساهت جي ميدان ۾ پيو لهرائيندو ۽ بلند ٿيندو، شال صحتمند ۽ سگهارو رهي.

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي لاءِ هيئن لکيو آهي:

ABDUL KARIM SANDILO (1919-1990) Lexicographer, Folk-lorist and writer, coming from Larkana, He was Professor of Sindhi and Principal, Government Degree College, Larkana, Sindh (Pakistan).

He was mostly written on Folk-lore and literature in this Field. He is also known as a Lexicogh rapher in Sindhi. He is the only Muslim writer in Sindhi, who claims to know Sanskrit,. His important publications are  as Follows:

Winjhar (A book on various forms of Sindhi Folk- songs i-e, Singar) Piroli (Hindi- Paheli, Hunar and Dor etc).

Sindh Jo Singar (a collection of Sindhi- Singar- Baits 1956) Tahiqiiq Lughat-e-Sindhi (Sindhi Lexicon, 1955), Pahakan Ji, Para (1966) Schal, Lughat (Dictionary of Schal’s Poetry) Sami Dhato kosh (An Etymological Dictionary of Sami’s Poetry), Loka adab jo Tahiqiqi Jaizo (Critical Survey of  Sindhi Folk Literature, Ph.D Thesis 1986). Dahasnamo (P.P- 1-2)

M.K.Jetly

International Encycolopaedia

Of Indian Literature

Volume VIII

Sindhi

زاهد ڪنڀار

ٽنڊو جان محمد

سنڌ جو تاريخي قبرستان-آمري

 

ضلعي ميرپورخاص ۾ تاريخي ماڳ ته تمام گهڻا آهن، پر تاريخي قديم قبرستانن جو به هڪ تمام وڏو انگ آهي ۽ انهن قبرستانن جو تاريخي اڀياس ڪنداسين ته هر قبرستان تي الڳ الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو، جيئن ته ضلعي ميرپورخاص ۾ شهيد عبدالرحيم گرهوڙي جو قبرستان، چٽوڙي جو قبرستان، لشڪر شاهه جو قبرستان، درس عثمان ڪاڇيلوي جو قبرستان، ميان محمود فقير جو قبرستان، سوڍل شاهه جو قبرستان، لاکي پير وارو قبرستان، ابراهيم ناگوراڻي وارو قبرستان، ميان محمد کڏ وارو قبرستان، درس عبدالصمد فقير جو قبرستان، خواجا سداتوري جو قبرستان، سيد حيدر شاهه وارو قبرستان، جهنڊو پاتڻي وارو قبرستان، سيد گل شاهه وارو قبرستان، مائي بگي وارو قبرستان، خاڪي پير وارو قبرستان، درس راڄ پار وارو قبرستان، ۽ ٻيا به کوڙ سارا قبرستان آهن جن تي لکي، انهن ۾ مدفون تاريخي شخصيتن جو ذڪر نروار ڪرڻ گهرجي. مثال طور سيد لال شاهه ڇتي وارو قبرستان جنهن ۾ نوحاڻي قوم جا بهادر شهيد سپاهي مدفون ٿيل آهن، هن قبرستان مان وڏي تاريخي ڄاڻ ملي سگهي ٿي، پر هتي آئون صرف آمريءَ جي قبرستان جو ذڪر ڪندس، جيڪو تعلقي ڊگهڙي جي شهر ٽنڊو جان محمد جي لڳ قديمي ۽ تاريخي وهڪري ’پراڻ درياء‘ جي اوڀر ڪنڌي ديهه بالو جا ڪنب ۾ موجود آهي، هن جي صحيح ايراضي جي خبر نٿي پوي، پر هن وقت به هڪ بلاڪ جي ايراضي کان مٿي نظر اچي ٿو، هن قبرستان ۾ ڪيترن قبن جا آثار موجود آهن، جن مان هڪ شمن فقير ڪلوئي وارو قبو ڊهڻ واري صورت ۾ اڃان ڪر کنيو بيٺو آهي، جڏهن ته نندي جکري وارو قبو ڊهي ويو آهي جنهن جي بنياد جون سِرون اڃان به نظر اچن پيون. ميهار فقير نهڙي وارو قبو به ڊهي ويو آهي، جنهن جا نشان ظاهر آهن، ان جي قبي سان گڏ ڪنهن ٻئي درويش جو به قبو آهي، جنهن جا نشان به ظاهر آهن، هن ئي قبرستان ۾ سلطان محمود غزنوي جي سپاهين جون اجتماعي قبرون آهن، جڏهن  سلطان محمود غزنوي سومناٿ فتح ڪري صحراءِ ٿر وارو رستو ڏيئي نئون ڪوٽ واري علائقي وٽ پڳو ته سندس سپاه، مال ۽ ماڻهو اُڃ ۽ بُکن جي ڪري بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا. سلطان محمود غزنوي ڪجهه وقت هاڪڙي ۽ پراڻ جي ڪنارن تي ترسيو ۽ سندس سپاهه اتي آرام ڪيو، هن جا جيڪي سپاهي فوت ٿي ويا انهن جي تدفين اجتماعي قبرن جي صورت ۾ آمري جي قبرستان ۾ ٿي. انهن جا نشان اڃان موجود آهن(1).

آمري جي قبرستان تي ’آمري‘ جو نالو تڏهن پيو جڏهن ستين صدي عيسوي ۾ حضرت غوث بهاءُالحق زڪريا رحه دين جي تبليغ خاطر سنڌ ۾ آيو هو. پاڻ آمري واري هنڌ ڪجهه ڏينهن دين جي تبليغ ۽ ماڻهن جي تربيت به ڪيائون ۽ هڪ آمريءَ جو وڻ به پوکيائون. جنهن کي ٻين لفظن ۾ گدامڙيءَ جو وڻ چيو ويندو آهي. اها جاءِ اڳ ۾ ’سمن ۽ صالحن‘ جي نالي سان سڏبي هئي ”يعني نيڪ ماڻهن جي رهڻ جي جاءِ“ روايتن موجب هن جاءِ تي غوث بهاءُالحق رحه چِلو پڻ ڪڍيو هو. وقت گذرڻ کان پوءِ آمريءَ جو وڻ وڏو ٿيو ۽ مقامي ماڻهن ماڻهو دفنائڻ شروع ڪيا ۽ آمريءَ جو قبرستان سڏجڻ شروع ٿيو.(2)

هن قبرستان ۾ شهيد عبدالرحيم گرهوڙي آمري وارو جيڪو وڻ وڍيو هو ان بابت روايت هن ريت آهي ته غوث پاڪ جيڪو آمري وارو وڻ پوکيو هو تنهن جا ٻه ٿُڙ ٿيا ٻيئي ٿڙ اهڙي نموني سان گڏاڻا جو هڪ دري نما شڪل اختيار ڪري ويا، چون ٿا ته هڪ جادوگر اتي اچي رهيو، جيڪو ماڻهن کي انهي دريءَ واري وڻ مان لنگهائي حرامي ۽ حلالي جي پرک جو ڍونگ ڪندو هو، ماڻهو انهيءَ دريءَ مان نفسياتي دٻاءُ سبب نه لنگهيندا هئا بلڪه انهي دريءَ ۾ جهجهو نذرانو رکي ڇڏيندا هئا، جيڪو سڀ انهيءَ جادوگر جي ملڪيت هوندو هو. اهو سلسلو ڪافي وقت جاري رهيو ۽ مُلڪين ڳالهه پکڙجي ويئي، ملڪن جا ماڻهو اچڻ لڳا ۽ اتي ميلو لڳڻ شروع ٿي ويو. پراڻ جي پٽن تي رهندڙ ماڻهن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هڪ ٽولي جي شڪل ٿي ان وقت جي عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کي وڃي سڄي ماجرا ٻڌايائون، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي فرمايو ته اهو پاسو عبدالرحيم گرهوڙي جو آهي ۽ اهو ڪم انهي تي ٿا رکون. روايت موجب مخدوم صاحب هڪ خط لکي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ ڏي موڪليو، تنهن کان پوءِ گرهوڙي صاحب آمري واري هنڌ پڄي هڪ ٿُڙ کي وڍيو ته ان مان هڪ نانگ نڪتو جنهن کي ٿڏي تي ئي ماري وڌائين ۽ ٻئي ٿُڙ وڍڻ کان پوءِ ٻيو نانگ نڪري وٺي ڀڳو جنهن کي گرهوڙي صاحب پراڻ جي ٻئي ڪپ تي وڃي پاڻ ماريائين. ان جاءِ کي اڄ به ماڻهو گرهوڙي واري زمين سڏيندا آهن، ان کان پوءِ آمري وارو اهو جادوگري وارو ميلو ختم ٿي ويو ۽ انهيءَ بدعت جو بنياد نه رهيو(3).

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، پراڻ درياءَ جي پٽن تي سير سفر ڪندي اوليائن، درويشن سان روح رهاڻيون ڪندي سماواتي درويشن ۽ پيرن تي قُل پڙهندي جڏهن آمري واري هنڌ پهتو تڏهن پراڻ کي مخاطب ٿيندي چيائين ته:

جهوني تون پراڻ، جڳ ڇٽيهه سنڀرين،

تو ڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيڙا!

ڀٽائي گهوٽ جيڪا پراڻ کان ڳالهه پڇڻ ٿو چاهي اها ڳالهه هن ريت آهي ته لاکو ڦلاڻي هن پراڻ واري گهيڙ کان ڄاڃين سميت اچي مٽيو هو، لاکو ڦلاڻي ڪڇ جو رهاڪو هو وڏو سخي ڏاتار هو، ظالمن کان مال کسي غريب مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، جڏهن لاکو سردار مهر راڻي پرڻجڻ کان پوءِ انهي پراڻ واري گهيڙ کان مٽيو تڏهن ڄاڃين جا ڪپڙا پُسي پيا جن کي سڪائڻ لاءِ وڻن تي ٽنگي ڇڏيائون، ڪجهه دير کان پوءِ جڏهن پسيل ڪپڙا وري ڄاڃين وڻن تان ٿي لاٿا ته کين لاکي منع ڪئي ۽ چيائين ته اهي ڪپڙا پراڻ جي پٽن جي وڻن کي اسان جي طرفان اوڍاڻيون آهن. ٻئي بيت جي جواب ۾ پراڻ جي پاران شاهه صاحب وري پاڻ ئي جواب ٿو ڏي:

لاکا لکين آئيا، انڙ ڪروڙيون اُٺ،

هيم هيڙائوَ هيڪڙو آيو هو مون وٽ.

هتي شاهه سائين جيڪا هيم واري ڳالهه ٿو ڪري، هيم جي لفظي معنيٰ ئي سون آهي، سون جو واپاري سيف الملوڪ جڏهن پنهنجي زال بديع الجمال سان گڏ هن آمري واري هنڌ پهتو ۽ تڏهن لاکي ڦلاڻي واري وڻن جي اوڍاڻي واري ڳالهه ٻڌائين ته اتي پاڻ ٻيڙا بيهاري وڻن کي ننڍا ننڍا زيور پارايائين، ڪتاب ’تحفته الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع لکي ٿو ته سنڌ ۾ دلوراءِ بادشاهه جي حڪومت هئي ۽ هو وڏو ظالم بادشاهه هو، سندس فطرت هوندي هئي ته ڪوبه مسافر سندس حد اندران مٽيندو هو ته هو سندس اڌ ملڪيت کسي وٺندو هو، ۽ جيڪڏهن ڪا خوبصورت عورت ڏسندو هو ته اها به کسي وٺندو هو، سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال حج جي نيت سان وڃي رهيا هئا، دلوراءِ بادشاهه کي خبر پئجي ويئي، تنهن سندن گهيرو تنگ ڪيو. قدرتي اروڙ واري بند کان درياءَ ڦاٽ کاڌو ۽ پراڻ جي رستي هي صحيح سلامت بچي نڪري آيو، سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جون قبرون ننڍي ڍير جي لڳ منڌرن جي ڀڙي جي سامهون پراڻ جي ڪنڌي تي اڄ به موجود آهن(4).

تون ابل سندي آمري ڪي تون لاکي سندي لال.

          (شاهه)

شاهه صاحب جي مذڪوره بيت ۾ سنڌ جي ٽن تاريخي ڪردارن ڏانهن اشارو آهن، جن مان ٻن جو ذڪر ڪري آياسين ۽ ٽيون ڪردار آهي ابل سومرو.

ابل سومرو يارهين صدي جو سردار هو، جنهن جي ڪوٽ جا کنڊر ٽنڊوالهيار شهر جي اُتر ۾ شيخ موسيٰ آهيداڻي جي مقبري جي اوڀر ۾ آهن، جيڪو ڍولي نَرَور جي داشته مومل جي ڀيڻ عمرڪوٽ مان کڻي ويو هو جتي مومل جي رهائشي محل جا کنڊر عمرڪوٽ شهر ۾ موجود آهن، جن کي مومل جي ماڙي سڏيو وڃي ٿو.

محترم معمور يوسفاڻي پنهنجي ڪتاب
’لطيف جا ٿر تي ڀيرا‘ ۾ لکي ٿو ته پراڻي وقت ۾ توڙي شاهه صاحب واري دور ۾ پراڻ، درويشن، فقيرن، عالمن ۽ شاعرن جي لحاظ کان مشهور هئي، جنهنڪري ڪيئي بزرگ تمام پري پري کان ڪهي انهن جي ملاقات ۽ زيارت لاءِ ايندا هئا، شاهه صاحب پهرين پوراڻ سان مخاطب هو، هن بيت ۾ وري خود آمري سان مخاطب ٿيندي فرمايو اٿس ته:

”تون ابل سندي آمري ڪِ تون لاکي سندي لال.“

۽ وري پاڻ ئي جواب ٿو ڏي ته:

مون ۾ لاکي لالون ٻڌيون آئون لاکي سندي لال،

ابل اچي ڪالهه هو مون ۾ مانجهاندو ڪيو(5).

شاهه صاحب جي مذڪوره بيت منجهان ظاهر آهي ته لاکي جي ڄڃ جيڪي ڪپڙا سڪايا هئا اهي ٺلها ڪپڙا نه هئا، انهن ڪپڙن ۾ لعلون به لڳل هيون. يا ائين چئجي ته ڄڃ جا اُهي چَمڪ وارا ڪپڙا، وڻن ۾ ائين ٿي لڳا ڄڻ لعلون پيون لڏن.

پراڻ جا پير هن ضلعي جي ٽن تعلقن، ميرپورخاص، جيمس آباد، ۽ ڊگهڙي تعلقن ۾ ڏسجن ٿا جن کي ”پوراڻ جا پٽ“ سڏيو ويو آهي، شاهه صاحب پراڻ جي پٽ کي دعا ڪندي فرمايو:

مون کي کنوڻين خوش ڪيو جي ڪڪر ۾ ڪاري،

وٺا پٽ پراڻ جا وٺيون ساماري،

لکن کي لطيف چئي پلر پياري،

وڄڙين واري، کڻي ڪعبي تي ڪَر نائيا.

(شاهه)

مامويا فقير: مامويا فقير به ٽنڊو جان محمد جي لڳ قديم قبرستان آمريءَ ۾ آرامي آهن، هنن درويشن جي باري ۾ چون ٿا ته هي ست درويش هئا، جيڪي سمان دور جا هئا، هنن درويشن جا بيت ملن ٿا، جيڪي پيشنگوين تي ٻڌل آهن، هي درويش ڪير هئا ۽ ڪٿان جا هئا ڪو به ليکڪ راءِ نٿو ڏئي، هنن درويشن بابت ڪجهه ليکڪ لکن ٿا ته هت هي ذات جا مامويا هئا غور طلب ڳالهه اها آهي ته هنن جو هڪ بيت راجا ڏاهر جي دور جو ملي ٿوته ٻيو بيت وري ڪلهوڙا دور جو ملي ٿو، انهن ٻنهي دورن ۾ وڏو فاصلو آهي. جيڪو اها ڳالهه واضح ٿو ڪري ته هي فقير تايخ جي مختلف دورن ۾ هئا، هتي آمريءَ ۾ سمان دور جي ڪن بزرگن جي تدفين ٿيل آهي. اصل ۾ هڪ مام جي ڳالهه ڪندڙ کي مامويا چيو ويندو آهي، اها ڳجهي راز واري ڳالهه جيڪا اڳ ٿيڻي آهي، ۽ ٻئي ڳالهه جيڪا پنهنجي پر ۾ ٿئي پئي، پرعام ماڻهوءَ کي ان جي خبر نه آهي، اهڙن پيشنگوئين ڪندڙ درويشن کي مام وارا يا مامويا فقير ڪري سڏيندا هئا.

’مامويا‘ جي لفظ ۽ ڪردارن تي بنيادي تحقيق سائين معمور يوسفاڻي ڪئي آهي. سندن انهيءَ تحقيق ۽ نشاندهي تي ٻيا محقق پوءِ هليا آهن. جن مان ڪيترن صاحبن معمور يوسفاڻي صاحب جي تحقيق جو حوالو نه ڏيئي پنهنجي علمي ڏيوالپڻي جو مظاهرو پڻ ڪيو آهي ۽ ادبي خيانت جا مرتڪب ٿيا آهن. مامويا لفظ تي سائين معمور يوسفاڻي صاحب تفصيل سان لکيو آهي، هو ’ماءُ‘ جي معنيٰ ’پاڻي‘
جي حوالي سان مامويا ذات جو ذڪر ڪري ٿو جيڪا ’پاڻي‘ جي نسبت سان آهي. اهڙي طرح ساڳي نسبت سان ’مويا دريا‘ مويا بندر، مويا شهر، موين جو دڙو، جو ذڪر ڪرڻ پڻ ڪري ٿو ۽ مومل راڻي جي سُر مان هيٺين سِٽ ورجائي ٿو ته:

پرين کان پاسي ٿيا، ماموين مثال.(6)

سائين معمور يوسفاڻي مٿئين بحث مان اهو نتيجو ٿو ڪڍي ته ’مامويا سنڌ جي قديم دؤر جو قبيلو‘ آهي، جنهن جي نسل جا پيرا تاريخ ۾ اسان کان ڪٿي گُم ٿي ويا آهن جن کي ڳولڻو پوندو.

هنن درويشن جا ڪجهه بيت هيٺ ڏجن ٿا:

ڀڄندي ٻنڌ اروڙ هاڪ وهندو هاڪڙو،

بيهه مڇي ۽ لوڙهه سمي ايندا سوکڙي.

 

وسي وسي آر جڏهن وڃي ڦٽندو،

ٻاروچاڻو ٻار، پنجين ڌرمين وڪبو.

نيرا گهوڙا ڏٻرا اُتر کان ايندا،

گهاگهيريون گسن تي ورهائي ويندا.

 

ڪاري ڪاٻاري جهيڙو لڳندو ڇهه پهر،

مرمچي ماري، سک وسندي سنڌڙي.

شاهه عنايت رضوي رحه پڻ آمريءَ جي قبرستان بابت هڪ مشهور وائي چئي آهي:

سمن صالحن، توڙان طالبن، اصل آهي آمري،

زاهه، عابد، اوليا، آڳي ات اچن اصل آهي آمري،

هليو سڪ حبيب جي سي ٿا پراڻ پسن اصل آهي آمري،

سوين سروري آيا ملتاني مرڪن، اصل آهي آمري،

اتر اسانهين ٿيو منجهان موحدن، اصل آهي آمري،

جکري ننڌوءَ جيئن ستا پٽ سونهن اصل آهي آمري،

تني واس نه ڇڏيو جي تريا منجهه ترن اصل آهي آمري،

عفو ڪرين عنايت کي شال برڪت تن تنن اصل آهي آمري(7).

جکرو نندو: دشت باران جو بزرگ جکرو ننڌو جي باري ۾ محقق ۽ تاريخدان محترم معمور يوسفاڻي پنهنجي ڪتاب ”لطيف جا ٿر تان ڀيرا“ ۾ لکي ٿو ته دشت باران جو بزرگ جکرو ننڌو پراڻ جي پٽن تي آيو ۽ وري واپس نه ويو، هميشه لاءِ پراڻ جي پٽن تي رهي پيو. هن پراڻ جي پٽن تي رهي پراڻ جي پيرن جي خدمت ۾ سڄي زندگي گذاري ڇڏي، سندس مزار به پراڻ ڪنڌي تي آمري جي قبرستان ۾ آهي.

ميهار فقير نهڙي:  هيءُ بزرگ به ٽنڊو جان محمد لڳ قديمي قبرستان آمريءَ ۾ مدفون آهي.  سندس مقبرو هن وقت ڊهي دڙي جي شڪل بچيو آهي، جنهن کي ميهار جو ڀڙو سڏيندا آهن، ميهار فقير ذات جو نهڙي هو. هيءُ درويش شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو همعصر ۽ صحبتي هو، ميهار فقير پنهنجي وقت جو سٺو شاعر پڻ هو.

درويش هاله سهتو: هي درويش پراڻ جو رهاڪو هو، هي درويش ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو آهي، سندس آخري آرامگاهه به آمريءَ جي قبرستان ۾ آهي.

هن قبرستان جي سارسنڀال نه هئڻ جي ڪري تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، ڪجهه لالچي ماڻهن ملڪيت جي تلاش ۾ قبرون ئي کوٽي ڇڏيون اٿن، قبرن ۽ مقبرن جا قيمتي پٿر به سڀ کڄي ويا، وڻڪار سان ڳُتيل هن قبرستان ۾ هاڻ وڃي پراڻ درياءَ ڪناري ڪي چند ڄارين جا وڻ رهيا آهن، باقي سڀ ماڻهن وڍي وڪرو ڪري ڇڏيا.

وقت جي اهم ضرورت آهي ته اسان جي هن تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي اهڃاڻن کي بچائڻ لاءِ سول سوسائٽي، مقامي رَڄُ چڱا مڙس، متعلقه عملدار ۽ يونين، تعلقي ۽ ضلعي جا سياسي نمائندا تحرڪ ۾ اچن، هن قديم قبرستان جي حدبندي ڪرائي، چوديواري ڏيارين ۽ منجهس موجود بچيل آثارن جي مرمت ڪرائين ۽ تحفظ جا اُپاءُ وٺن. قبرستان ۾ فوٽ پاٿون ٺاهي نالي وارا بورڊ لڳائين ۽ برساتي پاڻيءَ جي نيڪال جا نالا ٺهرائين ته جيئن وڌيڪ نقصان نه ٿئي ۽ اسان جا ايندڙ نسل پنهنجي تاريخ کان آگاهه ٿين.

مددي ڪتاب:

1.       لطيف جا ٿر تان ڀيرا، معمور يوسفاڻي، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور.

2.      (الف) گرهوڙي جو ڪلام، شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽو.

(ب) ٽماهي تخيل جولاءِ- سيپٽمبر 2016ع، مقالو- گرهوڙي جي سوانح ص 109، معمور يوسفاڻي.

(ج) پراڻ جا پير- پُراڻ اڪيڊمي ٽنڊو جان محمد، مصنف: زاهد حسين ڪنڀار.

3.      (الف) تحفة الڪرام، ترجمو مير علي شير قانع، سنڌي ادبي بورڊ.

(ب) ست سورهيه ڏهه ڏاتار، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، معمور يوسفاڻي.

(ج) وٺا پٽ پراڻ جا، مير اصغر حسين ٽالپر، صائم اڪيڊمي ٽنڊو جان محمد.

 (د) پراڻ درياءَ جي مشاهداتي تاريخ، زاهد ڪنڀار، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور.

4.      ست سورهيه ڏهه ڏاتار، محقق: معمور يوسفاڻي، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور

5.      ٿرپارڪر جو مطالعو، محقق: معموريوسفاڻي، مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.

6.      ڪائو ڪمايوم- محقق: معمور يوسفاڻي، مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور.

7.      ٿرپارڪر جو مطالعو، محقق: معموريوسفاڻي، مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.

8.      شاهه عنات رضوي جو ڪلام، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

9.      تصويرون- محترم نم ناز جي ٿورن سان.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org