مخدوم سليم الله صديقي
پاٽ شريف
بخاري شريف ۽
ان جون شرحون
علم حديث جي دنيا ۾ بخاري شريف کي منفرد مقام حاصل
آهي. حديث جي هر محقق ان کي هنياءَ سان هنڊايو ۽
رهنمائي ورتي، امام بخاري رحه جي حديث
گڏ ڪرڻ واري ڪاوش کي ”فنا في الحديث“ جو عنوان ڏجي
ته وڌاءُ نه ٿيندو.
هِجي ٿي حديث، اوڍڻ ٿيو اسوه،
محمد سندي فتوه، موڙي ماڳ ملائي.
(سليم)
امام محمد بن اسماعيل بخاري (194هه- 656هه) هڪ جيد
عالم ابو عبدالله محمد بن اسماعيل بن ابراهيم جي
گهر ۾ بخاره ۾ جنم ورتو. سندس والد حديث جي ثقه
راوين مان هو. امام بخاري اڃان صغير هو جو والد
گذاري ويو. پوءِ سندس پرورش نيڪ سيرت والده ماجده
ڪئي.
سندس ابتدائي تعليم جن استادن وٽ ٿي سي پنهنجي دور
جا جليل القدر استاد هئا، جن ۾ محمد بن سلام
بيڪندي، محمد بن يوسف بيڪندي، عبدالله بن محمد
مسندي ۽ ابراهيم بن الاشعث جا نالا قابل ذڪر آهن.
پاڻ طالب علميءَ جي زماني ۾ ڪجهه ايام بغداد ۾
رهيو. جنهن دوران پندرهن هزار کان وڌيڪ حديثون حفظ
ڪيائين.
امام سڳوري حصول علم لاءِ شام، مصر ۽ جزيره جا ٻه
دفعا ۽ بصره جا چار دفعا سفر ڪيو. پاڻ ڇهه سال مڪي
مڪرمه ۾ قيام پذير رهيو. ڪوفي ۽ بغداد ۾ سندس اڪثر
اچڻ وڃڻ رهيو، پاڻ هڪ هزار کان وڌيڪ شيوخ کان حديث
مبارڪ لکي ۽ ڇهه لک حديثون جمع ڪيائين.
سندس ذهانت ۽ علم جو اعتراف نه رڳو ايندڙ دورن ۾
ٿيندو رهيو، پر همعصر مشائخ پڻ ان جو اعتراف ڪيو ۽
کيس قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا، ابن حجر عسقلاني
ته کيس حديث ۾ دنيا جو امام قرار ڏنو آهي، حديث گڏ
ڪرڻ ۽ ٻين کان حاصل ڪرڻ، سندس احتياط ۽ تقويٰ پڻ
انتهائي هئي.
بخاري کنيو بار، ڀلو تنهن ڀاڳ،
اهڙو ٿيس جاڳ، جرڪي اٿيو جهان.
---
اکر اکر اوتيائين، اچي پهتو هت،
ذري ذري وت، ڇڏيائين ڪونه ڇيڳرن لاءِ.
(سليم)
امام بخاري رحه نه صرف حديث جي موضوع
تي ڪم ڪيو، پر ان کان علاوه به سندس تحريرون قدر
جي نگاهه سان ڏٺيون وڃن ٿيون.
(1) ڪتاب الضعفاء (2) ڪتاب الڪني (3) التاريخ
الڪبير (4) التاريخ الاوسط (5) التاريخ الصغير (6)
الادب المفرد (7) رفع اليدين في الصلواة (8) القرأة
خلف الامام (9) ڪتاب الاشربـة (10) ڪتاب العلل
(11) ڪتاب البهة (12) برالوالدين (13) الجامع
الڪبير (14) التفسير الڪبير (15) المسند الڪبير
(16) خلق افعال العباد (17) قضايا الصحابة
والتابعين (18) ڪتاب الفوائد (19) ڪتاب المسبوط
(20) اسامي الصحابة (21) الجامع الصحيح (22) ڪتاب
الوحدان.
يقيناً سڀني ڄاڻايل ڪتابن ۾ صحيح بخاري جي اهميت ۽
انفراديت هر اهلِ علم جي نظر ۾ واضح آهي. ان اهم
ڪتاب جي تاليف جو سبب ڄاڻائيندي شاهه عبدالعزيز
محدث دهلوي لکي ٿو: هڪ ڏينهن امام بخاري اسحاق بن
راهويه جي مجلس ۾ موجود هو. جتي دوران بحث اها
ڳالهه اُٿي ته ”ڪيڏو نه ڀلو ٿئي جيڪڏهن ربّ ڪريم
جلشانه ڪنهن کي اها توفيق ڏي جو هو سنن ۾ هڪ اهڙو
مختصر تيار ڪري جنهن ۾ فقط اعليٰ پايي جون صحيح
حديثون هجن. جيئن عمل ڪندڙ بلاخوف ۽ شڪ ان تي عمل
پيرا ٿي سگهي.“ امام بخاري رحه جي دل ۾
پنهنجي معلم جي اها ڳالهه اهڙي ته اثر ڪري وئي جو
سورهن سالن جي محنت ۽ ڪاوش سان گڏ ڪيل انهن 6 لک
حديثن جي ذخيري مان جيڪو وٽس گڏ ڪيل هو. صحيح
بخاريءَ جي تاليف سامهون آئي، جنهن ۾ صحيح ترين
حديثن تي اڪتفا ڪري مجموعو تيار ڪيو ويو.
محمّدؐ مڻيو ماڻِ، محدث ٿي ماڳ،
اندر اها جاڳ، جيئڻ سجايو ڪري.
(سليم)
امام بخاري رحه پاڻ فرمائي ٿو: ”مون هن ڪتاب کي
ڪعبي ۾ ويهي مرتب ڪيو هر حديث تي قلم کڻڻ کان اڳ
پهريائين استخاره ٿي ڪيم، پوءِ جڏهن يقين ۽
اطمينان حاصل ٿيو ٿي ته ان حديث کي ”الجامع
الصحيح“ ۾ شامل ڪندو ويس، ان کان بعد جڏهن انهن
حديثن کي عنوان جي حساب سان ترتيب ڏيڻ جو وقت آيو
ته مديني پاڪ روانو ٿيس، جتي قبر مبارڪ ۽ منبر
رسولؐ جي وچ ۾ ويهي ان ڪم کي سرانجام ڏنم.“
ان جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان کي پنهنجي شيخ علي بن
مديني، احمد بن حنبل، ابن معين وغيره جي آڏو
رکيائين ته سڀني کيس مبارڪ ڏني.
جت خلوص خرار، خلل اچي ڪين،
توڙي ڪن جي نه، نيت نئين سڀن کي.
(سليم)
امام سڳوري جي اها سهڻي نيت ۽ ڏينهن رات جي محنت
هئي جيڪا عشقِ رسول ؐ جو واضح دليل آهي. اهوئي
ڪارڻ آهي جو سندس اهو ترتيب ڏنل ڪتاب سندس حياتيءَ
۾ ئي ايترو ته مقبول عام ٿيو جو 90 هزار ماڻهن
کانئس سامهون ويهي ٻُڌو. دارقطني فرمائي ٿو: ”اصح
الکتب بعد کتاب الله الباري الجامع الصحيح
البخاري“ اڪثر علماء ان ڪتاب کي قرآن حڪيم کان
پوءِ ”صحيح ترين“ جي عنوان سان ياد ڪيو آهي. صحاح
سته ۾ بخاريءَ کي هميشه فوقيت حاصل رهي آهي.
بخاري شريف ۾ هر باب جي شروعات قرآن حڪيم جي ان
آيت سڳوريءَ سان ڪئي وئي آهي، جنهن سان ان فقهي
باب کي تسلسل ڏنو وڃي ٿو.
ان جي علمي حلقي ۾ افاديت ۽ اهميت جو اندازو ان
مان لڳائي سگهجي ٿو ته هر دور ۾ ان ڪتاب جا
تعليمات، حواشيه ۽ شرحون لکيون ويون آهن، هڪ
اندازي مطابق ان جي شرحن ۽ حواشن جو تعداد ٻه سئو
کان به وڌيڪ آهي. حافظ ابن حجر العسقلاني جي شرح
”فتح الباري“ کي منفرد مقام حاصل رهيو آهي. ضرورت
پٽاندر موجوده دور ۾ صحيح بخاري جا مختصر نسخا به
تيار ڪيا ويا آهن، ۽ ترجمن طرف پڻ توجه رهيو آهي،
جيئن اردو زبان ۾ مولوي وحيدالزمان ان جو ترجمو
ڪيو.
سنڌ جتان لڳندڙ ٿڌڙي هير جو ذڪر پاڻ ڪريمن ؐ جن
ڪيو آهي، اها سڳوري ڀونءِ محدثن ۽ فقيهن جو مسڪن
رهي آهي. جيئن ابومعشر نجيح بن عبدالرحمٰن سنڌي
صحاه سته جي ڪن مولفن جو شيخ رهيو. ساڳي طرح 11
صدي هجريءَ ۾ قاضي محمد اڪرم نصرپوري صحيح بخاريءَ
جي عربيءَ ۾ شرح لکي. سندس هڪ ٻي تحرير اصول حديث
به ”امعان النظر“ هئي جيڪا شاهه ولي الله اڪيڊمي
حيدرآباد مان شايع ٿي. اهڙي طرح 12 صدي هجري جي
اوائل ۾ صحيح بخاريءَ تي جيڪي حاشيه محدث ابوالحسن
ڪبير سنڌي تحرير ڪيا. اهي مصر ۽ تاشقند مان ڪئي
دفعا ڇپجي چڪا آهن. جنهن کان پوءِ مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي رحه صحيح بخاري جي اطراف تي عربيءَ ۾ ”حيات
القاري“ تحرير ڪيو. ان ساڳئي دور ۾ محدث محمد عابد
سنڌي ”حيات القاري“ جي طرز تي عربي ۾ تحرير ڇڏي.
جيڪو قلمي نسخو مدينه منوره جي حرم ۾ موجود آهي.
نائين صدي هجري جو مصنف شيخ ابوالعباس زبيدي يمني
صحيح بخاريءَ جي حديثن جي تلخيص ڪري ”تجريد الصريح
لجامع الصحيح“ جي عنوان سان تحرير ڇڏي. جنهن کي
بخاري شريف جو تت چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، جنهن
جو سنڌي ترجمو مولانا دين محمد وفائي ڪيو.
بخاري شريف جي عام مقبوليت ئي ان جي شرحن لکڻ جو
پڻ ڪارڻ بڻي آهي. عربي، فارسي ۽ اردو ۾ ڪيتريون ئي
شرحون لکيون ويون آهن، جيئن (1) شرح فتح الباري به
زبان عربي، حافظ ابن حجر عسقلاني (2) عمدة القاري
حافظ بدرالدين محمود بن احمد العيني (3) شرح تيسير
القاري شارح نورالحق محدث دهلوي بن شيخ عبدالحق
محدث دهلوي به زبان فارسي (4) اهڙي طرح اردو ۾
”تفهيم البخاري“ جيڪا علامه رسول رضوي رحه ۽ (5)
نزهـة القاري علامه مفتي محمد شريف الحق امجدي رحه
تحرير ڪئي (6) فيوض الباري شرح صحيح بخاري جيڪا پڻ
اردو زبان ۾ علامه محمود احمد رضوي تحرير ڪئي.
اهڙي طرح سنڌي زبان ۾ جيڪو جاکوڙي جامع شرح جو ڪم
محترم عبدالرزاق مهراڻ سڪندري جو ڇپجي طالبن جي
هٿن ۾ پهتو آهي. تنهن جي انفراديت ان جي مطالعي
سان ئي سمجهي سگهجي ٿي. جيئن امام بخاري رحه صحيح
بخاري جي تحرير دوران وضو ۽ ڪامل پاڪائي جو اهتمام
ڪيو. محترم سڪندري صاحب به ”افهام القاري شرح صحيح
بخاري“ تحرير ڪرڻ وقت ساڳي واٽ ورتي:
وضوءَ سين وينجهارَ، وائکو ڪن وجود،
پاڻان ڪري پاڪ، ويجهو ٿين يار،
اهڙائي پار، پهچائن پرين ڏي.
(سليم)
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيل ان معياري ۽ قيمتي ڪم جي اهميت
جو اندازو ٻڌڻ سان نه پر پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو:
سڪندري سانڀاهه، سوري ڏني ساهه،
ورق ورائي چاهه، سولي سنڌيءَ پڙهجن.
(سليم)
هن نيڪ بزرگ باوجود دل جي عارضي ۽ ٻين تڪليفن جي
افهام القاري شرح صحيح بخاري به زبان سنڌي جو ڪم
1431هه/2010ع ۾ شروع ڪيو ته تنهن جي ستين جلد کي
سيپٽمبر 2019ع تي مڪمل ڪري عام پڙهندڙن لاءِ مهيا
ڪيو.
اندر جن عشق، آسرو تن الله،
اوکي سوکي واه، پاڻ پير چمي.
(سليم)
سندس اَٺين جلد جي سنڌي ترجمي جو ڪم پڻ گهڻي ڀاڱي
اُڪلائجي چڪو آهي. جيڪو ڪم ڪنهن اداري يا تنظيم جي
ڪرڻ جو هو، سو اڪيلي سر نڀائڻ عشق جي اعليٰ منزل
کي ظاهر ڪري ٿو. پاڻ عام پڙهندڙن جي ضرورت کي
اڳيان رکندي صحيح بخاريءَ جو شرح ”افهام القاري“
بزبان سنڌي ڪجهه ان ترتيب ۽ سمجهاڻيءَ واري انداز
۾ تحرير ڪيو اٿن، جو ان جي گهڻ رخي معلومات ترتيب
وار سامهون اچي وڃي. جنهن سان گهٽ ڄاڻ رکندڙ ٿوري
مطالعي سان گهڻو ڪجهه ڄاڻي وڃي ٿو. جيئن هر حديث
سڳوريءَ جو عربي متن سان سنڌي ترجمو. راويءَ جو
مختصر تعارف، جيڪڏهن ڪٿي وضاحت جي ضرورت پئي آهي
ته فقه حنفي جي ڪتابن مان حوالا ڏئي سمجهاڻي ڏني
وئي آهي، اهوئي ڪارڻ آهي جو بخاري شريف جو هي سنڌي
ترجمو ۽ شرح عشقِ رسولؐ ۾ مبتلا سنڌي پڙهندڙن لاءِ
عاشق رسولؐ حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري طرفان
عظيم تحفو سمجهيو ويندو.
ڇاڪاڻ جو هيءُ علمي ذخيرو هڪ عام پڙهندڙ کان وٺي
محقق ۽ فقيه لاءِ ڪارائتو آهي. |