مايا ساگر اوڏ
ٽنڊوالهيار
وائي
دربدر ٿي دل چري
سڏڪي سارو ڏينهن،
دربدر ٿي دل چري.
توبن ڪهڙو مانَ مون،
نيڻ وسائن مينهن،
دربدر ٿي دل چري.
منهنجي مٺڙي ڏاتڙي،
من ۾ آهي ريهه،
دربدر ٿي دل چري.
گڏجي توسان مان هلان،
وقتُ ته ٿورو بيهه،
دربدر ٿي دل چري.
هڏڪي هانوَ ته ڏاريون،
جيئاري ٿو نينهن،
دربدر ٿي دل چري.
روبينه ابڙو
لاڙڪاڻو
آتم ڪٿا....
پاڻيءَ منجهان ٿي پيدا،
ماڻهو ڦُٽو مٽيءَ مان!
ماڻهو دنيا ۾ ذرڙو،
پر خود ذرن ۾ ذرڙو،
پنهنجي اندر ٿو کولي،
دل جي دردن جي دنيا،
گُنبذ مان گُم ٿيو ۽، ظاهر ٿيو گهٽيءَ مان!
ڳولا جي هر ڳَليءَ ۾،
پل پل هُيو نهاريو،
جنهن هٿ هو ڇڏيو،
پاڇو مليو انهيءَ جو، اگر ’ڀريا سٽيءَ‘ مان!
ننڍپڻ ۾ وڇڙي وياسين،
پوڙها ٿي ٻئي ملياسين؛
مون کي ويو سُڃاڻي،
هُو چال پدمڻيءَ مان،
هُن کي هو مون سڃاتو، ڏاڙهي اڇي چِٽيءَ مان!
سِڪَ جو سمورو سانوڻ،
بادل بڻان ٿي آئون؛
پوکيان ٿي پاڻ کي ۽
پاڻ ئي ڇڻان ٿي آئون؛
چهرو پَسان ٿي پنهنجو، پنهنجي ئي ڀائٽيءَ مان!
پاڻي منجهان ٿي پيدا
ماڻهو ڦُٽو مٽيءَ مان!
فخرالدين شاهه
سوڀارو/ڇاڇرو
غزل
مُند آئي مينهن جي من آهي مونجهار ۾،
دل جلي ۽ دل پچي پئي يادگيري يار ۾.
چوڏهين چانڊاڻ چنڊ جي چؤطرف چمڪن وِڄون،
وڄڙيون وسن تيئن ٿيون روئن اکڙيون آهن آزار ۾.
جيئن وسي پوٺن تي پاڻي تيئن پلٽ پنبڙين منجهان،
سڀ سرها سانگي ڏسان پر ساهه مون سنگ سار ۾.
هت گنگهر ڏينهن گهاريان، گهوڙا وڍي گوندر پيو،
حال هيڻا هينئن هجر ڪيا هير هن هُٻڪار ۾.
هي ساوڪون سُهڻيون سُٺيون سي ڪيئن سِبائن ساهه کي،
دل ’فخرالدين‘ ويئي ڦٽجي برهه جي بازار ۾.
غزل
وياسين جي وڇڙي، نه موٽي ملياسين،
جتي تو ڇڏيو هو، اتي ئي رهياسين.
سفر زندگي جو اڌورو اڌورو،
نه تنهنجا ٿياسين، نه پنهنجا رهياسين.
سڀئي سانگا ٽوڙي، اسانگا پلياسين،
تڏهن حال پنهنجا وڃائي ڇڏياسين.
ڏٺوسين مزو ملڪ تنهنجي ۾ ناهي،
ڇڏي شهر تنهنجو اجها ٻيا اڏياسين.
’فخرالدين‘ اهڙي فراقن ڦٽي دل،
مري جِي، مري جي، مري جِي، بچياسين.
بيتاب ناپر
شڪارپور
غزل
جنهن کي ٺاهي، جنهن کي ڊاهي، مرضي اَٿس!
جنهن جي اک مان ڳوڙهو واهي، مرضي اَٿس!
جيڪا مشيت، جيڪا مصلحت مالڪ جي،
ان ۾ پيارا! پنهنجو ڇا هي، مرضي اَٿس!
ويٺو ڏِس تون رَنگ رازي جا اي، جوڳي!
مسجد ٺاهي، مَندرُ ٺاهي، مرضي اَٿس!
درياهَن مان ڪيئي واهَڻ وهَندا پيا،
هاري ناري جيڪو ڪاهي، مرضي اَٿس!
طالب ڪيئي تخت نشينيءَ جا آهن،
راجا بڻبو جنهن کي چاهي، مرضي اَٿس!
ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻارهن، تيرهن پُٽَ اولادُ،
ڪنهن ماڻهوءَ کي پُٽُ ئي ناهي، مرضي اَٿس!
امر اقبال
خيرپورميرس
سهيڙيل رهيو ساهه سندءِ سار ۾،
کپي ئي ڀلا ٻيو ڇا سنسار ۾؟!
تصور سڄو ڏينهن تنهنجو پرين!
سڄو ڏينهن منهنجو آ ٿڌڪار ۾.
ثوابن جي دنيا، ڪئي حيرتون،
ايڏا گل ٽِڙيا ها گنهگار ۾.
اهو فن سائين! ڏسون ڇا ڏسون،
ٻئي نيڻ ٻوڙياسون فنڪار ۾.
اهو هوت تنهنجو هتي ئي هيو،
وڃائي ڇڏيئي واٽ وڻڪار ۾.
زماني ۾ بيدل رهياسين اسان،
هئي دل اسان جي ته دلدار ۾.
يوسف
سولنگي
ڪوٽ غلام
محمد
غزل
سراسر يار جو سهڻو،
شھر هو شاعري جهڙو،
گذاريم گڏ پرين سان پل،
پهر هو شاعري جهڙو.
غزل جهڙيون گليون ساريون،
تِنهنجون واٽون وري وايون،
بهارن جيئن بيهڪ ۾
سو،
بحر هو شاعري جهڙو.
مٺو مصرع ته
نالي جي،
سڄي تجنيس تنهن تارا،
سراسر سونهن تنهنجي ۾،
سحر هو شاعري جهڙو.
حسن جي حد پرين جو قد،
قسم سان قافيي وانگي،
اکين ڪارين اندر رکيل،
قهر هو شاعري جهڙو.
سڏن ۾
’سولنگي يوسف‘،
هئس ڄڻ گيت باغي جو،
رقيبن لئه
رکيل تنهن ۾،
زهر هو شاعري جهڙو.
فقير محمدبخش ’ضامن‘
کاڻي (کپرو)
ڪافي
ڀورا ڪيم ڪي ڀُلُ، هليو هَلُ، واٽ وٺيو تون وحدت
واري.
سِٽ آهي جا تن سمجهائي، پوءِ به پروڙ نه توکي آئي،
موڳا رهه مَ مُنڌلُ، هليو هَلُ، پاڻهي پاڻ ڪندا
پوئواري.
غفلت ۾ ڇو وقت گذارين، قالو بلا جا قول وسارين،
ايندئي ڪيئن عَقُلُ هليو هَلُ، ثابت ڳالهه سمجهج
ساري.
نالو پنهنجو نيڪ سڏائين، عمل جي پاسي مُور نه
آهين،
معافيءَ جي آ مهل، هليو هَلُ، ڪنبي ڪجان تون توبهه
زاري.
وحدت واريءَ واٽ هليا جي، هت ذرو ئي ڪين ڀُليا سي،
پس مرد اهي ڪامل، هليو هَلُ، سي ئي توسان ڪندا
ستاري.
سام سندي هت ڪين ڇڏيندا، ساجهر تنهنجا ’ضامن‘
پيندا،
ڪندا سي پاڻ ڪهل، هليو هَلُ، دل سان ڏيندا اچي
دلداري.
اسد ’جمال‘ پلي
عمرڪوٽ
ڪافي
چئجان وڃي هيءُ حال سڀ،
ساري سندم سنگهار کي.
قسمت ڇڏيو قابو ڪري،
مارو ويا مون کان پري،
صاحب سبب پيدا ڪري،
پهچان وڃي پنهوار کي!
ڏس مينهن پيڙا ڏيهه تي،
سانگي رهيا هُن ڇيهه تي،
ڏلجي ويا پرڏيهه تي،
سارين سدا سڪار کي!
ڪڪرن جا ڪارونڀار ڏس،
وڄڙين وراڪا وار ڏس،
دل ٿي چوي هُن پار ڏس،
سانوڻ سندي ڇنڊڪار کي!
اڄ ’اسدالله‘ جا اهنج ويا،
مارو مڙيئي ماڳن رسيا،
دلبر سندا ديدار ٿيا،
وريا وصل وهنوار کي!
نسرين
الطاف
حيدرآباد
گيت
آڻيندا ڪا پرڀات منهنجا گيت اُڃارا
ڳائيندا مٺڙي لات منهنجا گيت اُڃارا.
ٿري ڇو آهي اُڃ
ڌرتي ساري آ رُڃ.
هر پاسي پاڻيءَ پڪارَ
مارو ٿيا آهن مُڃ.
تڙپي ٿي منهنجي ڏات
منهنجا گيت اُڃارا.
آڻيندا ڪا پرڀات منهنجا گيت اُڃارا،
ڳائيندا مٺڙي لات منهنجا گيت اُڃارا.
کارا ٿيا سارا کوهه
روئن ٿا چارا کوهه.
ڇا پاڻي ڏيندا هاڻ،
آهن تسيارا کوهه.
گهايل جوڳين جذبات،
منهنجا گيت اُڃارا.
آڻيندا ڪا پرڀات منهنجا گيت اُڃارا،
ڳائيندا مٺڙي لات منهنجا گيت اُڃارا.
مور مُئو روئي ڊيل
هاءِ! ڏڪر آيو هيل،
هاءِ! کسي ويا درياهُه
مارُن کان اڄ ڌاڙيل.
ٻڌ سندي ڏک جي بات، منهنجا گيت اُڃارا،
آڻيندا ڪا پرڀات، منهنجا گيت اُڃارا.
ڳائيندا مٺڙي لات، منهنجا گيت اُڃارا.
سک آڻيندو ڏاتارُ
ڪوبه نه هوندو لاچارُ
پيار ته پنهنجو منشورُ،
جيڏا اچ پکيڙيون پيارُ
’نسرين‘ اندر ۾ تات، منهنجا گيت اُڃارا،
آڻيندا ڪا پرڀات، منهنجا گيت اُڃارا،
ڳائيندا مٺڙي لات، منهنجا گيت اُڃارا.
بانو محبوب جوکيو
محرابپور
ڪيڏو ٿڪ آهي!
نثري نظم
ڪيڏو ٿڪ آهي! روئڻ ۾،
۽ روئي وري کلڻ ۾
ڪيڏو ٿڪ آهي! پيار ۾،
پيار کان پوءِ واري نفرت ۾.
ڪيڏو ٿڪ آهي! بک ۾،
۽ پنهنجي بک کان وڌ ٻچن جي بک ۾.
ڪيڏو ٿڪ آهي! مزدور جي ڪُلهن ۾،
۽ ٿڌي ڇار جو، انهن جي چُلهن ۾،
ڪيڏو ٿڪ آهي! رشتن سان نڀائڻ ۾.
۽ نڀائيندي پاڻ کي ٽوڙڻ ۾.
ڪيڏو ٿڪ آهي! جاڳ ۾،
۽ جاڳ جي خوابن کي پورو ڪرڻ ۾
ڪيڏو ٿڪ آهي! زمين تي ڌارين جو،
۽ ڌارين کان وڌ ڌرتيءَ جي غدارن جو.
ڪيڏو ٿڪ آهي! ظالم، قاتل جي آزادي ۾،
۽ مظلوم جي بي گناهه باندي هئڻ ۾.
ڪيڏو ٿڪ آهي! اڇي کي ڪاري ڪرڻ ۾،
۽ ڪاري کي ڳاڙهي ڪرڻ ۾.
ڪيڏو ٿڪ آهي! لکڻ ۾،
۽ لکڻ چاهيندي، به نه لکڻ ۾.
ڪيڏو ٿڪ آهي!
ولي محمد وفا هوت
چرواڻ
غزل
ڪاهلي سستي ڇڏي، ڪم ڪار جون ڳالهيون ڪريون،
هم نشينو وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون.
هو وڃي دنيا ڪڏوڪي، چنڊ کان اڳتي پڳي،
پاڻ پيا گابي گڏهه، واپار جون ڳالهيون ڪريون.
لاڙ ٿر ڪاڇو سڌو، مون لئي وچولو معتبر،
کير ٿر ٺوڙهي ڀڳي، هالار جون ڳالهيون ڪريون.
مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون، نعرو جنهن جو ٿيو نشان،
تنهن جنگي جوڌي جري، جونجهار جون ڳالهيون ڪريون.
جنهن لکيو ويهي سراسر، سنڌي ٻولي ۾ قرآن،
ڀرجهلي تنهن ڀٽ ڌڻي، سرڪار جون ڳالهيون ڪريون.
سر ڏيئي جنهن سنڌ مٿان، سورهيه سڏايو بادشاهه،
پير تنهن پياري پنهل پڳدار جون ڳالهيون ڪريون.
باشريعت، بافضيلت، بامروت باوفا،
تنهن ’پلي پارس عمر‘ وينجهار جون ڳالهيون ڪريون.
(سائين معمور يوسفاڻي جي ورسي تي پڙهيل)
اُداس لنڊ
غزل
ڪيڏي تڪليف ۾ جان آهي،
زندگي آ يا زندان آهي.
ڳالهه آهي نڀائڻ جي يارو!
نينهن لائڻ ته آسان آهي.
ڪشتي ڪيئن ڪونه لُڏندي او سائين،
تار پاڻي ٻيو طوفان آهي.
هو نه آ ڳوٺ ۾ اِئن لڳي ٿو،
ڳوٺ جو ڳوٺ ويران آهي.
تون ڏکائڻ ئي آئين پر آئين،
هي به تنهنجو ٿيو احسان آهي.
ظلم ڪشمير سان ڏس ٿئي پيو،
چُپ ڇو عرب ايران آهي.
جو ٻين ڪاڻ جڳ ۾ جيئي ٿو،
تنهن کي ئي چئبو انسان آهي.
اي مسيحا اوهان وٽ ڀلا ڪو،
درد منهنجي جو درمان آهي.
الله بچايو مشتاق آريسر
ميرپورخاص
غزل
وفا جا قول، وفا سڀ، وفا شعار ڪريون،
وساري سارو جهان اچ، اسين پيار ڪريون.
اچو ته پاڻ ۾ گڏجي، هي ظلمتون ميٽي،
وفا جي شمع کي ٻاري ۽ جان نثار ڪريون.
اسان جو حال اوهان کان ڪو ڳجهو ڪونهي،
اچو ته عشق جي دشمن کي شرمسار ڪريون.
سڪونِ قلب جي خاطر، اسان ڪيو ڇا ڇا؟
اچو ته نفس جو هرهڪ عمل شمار ڪريون.
براءِ نام وفا جي، مذاق ۾ ڦاسي،
هزارين بار ٿا وعدن تي اعتبار ڪريون.
ڪڏهين نه ٻيرَ، ڪي ٻَٻُرَن کان ٿي سگهيا حاصل،
وري به چال اِها ئي ٿا، اختيار ڪريون.
نظامِ دهر جا فرسوده طوق سڀ ٽوڙي،
شبِ سياه جي دامن کي تار تار ڪريون.
ٿيو رقيب جڏهين روبرو، چيو ’مشتاق‘،
اسين ٿا پيار ڪريون، ڏس اسين ٿا پيار ڪريون.
زاهد ڪنڀار
ٽنڊو جان محمد
اهڙي ڪريو ڪا يار عنايت وري وري،
جيئڻ جي ٿئي جسم ۾ جسارت وري وري.
ڳالهين ۾ تنهنجي آه فصاحت عز و هنر
بيشڪ بيان بيان ۾ بلاغت وري وري.
منزل تي پيار پنهنجو پڄي ها ضرور پر،
آڏو رهي عدو جي عداوت وري وري.
مدهوش مئڪدي ۾ سندئي رند بيشمار،
پيرِمغان ڪرين پيو سخاوت وري وري.
پنهنجي غريب رند کي ڀرسان سڏي ويهار،
ساقي پيار جامِ محبت وري وري.
هڪ تون کِلي نهار ڀلي لوڪ پيو سڙي،
’زاهد‘ کپي ٿي تنهنجي رفاقت وري وري.
بشير احمد ڪنڀار
ٽنڊوجان محمد
غزل
وئين سڄڻ تون دل کڻي، ايمان سان ايمان سان،
وئين جهان ۾ تون وڻي، ايمان سان ايمان سان.
پل گهڙي ۾ دلربا وئين گهور سان گهائل ڪري،
واهه ڪجل جي سا اَڻي، ايمان سان ايمان سان.
حسن تنهن جي جي مٺا ٿيندي به ڇا مون کان ثناء،
حيرت هزارن کي هئي، ايمان سان ايمان سان.
لال لبڙن تي ڪيل لالاڻ قدرت جو ڪمال،
وار ڪارن تي ڦڻي، ايمان سان ايمان سان.
ناز ۽ انداز تي مستان بيحد ٿيو ’بشير‘،
بات ڇا آهي بڻي، ايمان سان ايمان سان.
عبدالغني’غني‘ هاليپوٽو
ثابت آباد
اويسي پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري کي خراب
تحسين
ڇڏي ساٿ سنگت ٿيو ڌار عابد،
چئي الوداع اڄ ڇڏيو دار عابد.
سڄڻ سون ورنو سچو پيار ڏيندڙ،
بلاشڪ محبّت جو مينار عابد.
نسب ۾ به نالو نوابن ۾ لکجي،
جهانِ ادب جو به وينجهار عابد.
سچو دين جو هو سپاهي اويسي،
مسلمان موحد قلمڪار عابد.
نثر ۾ نمايان هو لالڻ لغاري،
ڀڳي چيلهه باطلِ جي اشعار عابد.
قلندر لڪياري ۽ معمور قاضي،
رهيا گڏ سدائين پڪا يار عابد.
حيا حلم وارو شرافت جو پيڪر،
عقلمند اڪابر ۽ هوشيار عابد.
مليو محب مرڪي جتي ڀي مليو ٿي،
ڪندو هو کلي خوب کينڪار عابد.
چکي سرڪ هڪڙي هو مدهوش ٿي ويو،
شفادار ساقيء جو ميخوار عابد.
خدا جو بندو هُو لٿو جيئن لحد ۾،
وڌا حور و غلمان گلن هار عابد.
رهي روح ۾ ٿو ’غني‘ راس وارو،
نٿو مُور وسري وفا شعار عابد.
عاجز ڪريم پوري
دڙو
وائي
آهي عشق شيرُ! نه ته جبل جهاڳي ڪير!؟
پُنهون جي پيار ۾، پِٿون ٿيس پيرَ،
نه ته، جبل جهاڳي ڪير!؟
ڪَري سُڃ سَسُئي سان، ڏاگها هليا ڏير،
نه ته، جبل جهاڳي ڪير!؟
ڏئي مُنهن مِرون کي، وڌي پئي مَٿير،
نه ته، جبل جهاڳي ڪير!؟
پُڳي ڪين ڪيچَ کي، آڏو آيُس غيرَ،
نه ته، جبل جهاڳي ڪير!؟
آريءَ جي اولاد ۾ پُنهل ۾ نه ڦيرو،
نه ته، جبل جهاڳي ڪير!؟
هلي هيڪلي هوت ڏي، هڻي ڏونڪو ڀيرُ!
نه ته، جبل جهاڳي ڪير!؟
وٺي واٽ وندر جي ڪاهي پئي ڪهيرُ!
نه ته، جبل جهاڳي ڪير!؟
محبت ۾ مڃتا! پلي پيس پيرُ!
نه ته، جبل جهاڳي ڪير!؟
ٿيندي ڪونه جڳ ۾، ’عاجز‘ ٻي دلير،
نه ته، جبل جهاڳي ڪير!؟
ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ
شڪارپور
غزل
جيئرا آهيون پر مُئن وانگر،
سنڌ ۾ ٻرندڙ ته مسئلن وانگر.
زندگي نااُميد ناخوش آ،
ڪنهن ته اُجڙيل صفا چمن وانگر.
هاڻ ٽڪرا وجود سارو ٿيو،
جڳ ۾ پن پن ٿيل وڻن وانگر.
دل ته ڪومل گلن ڦلن جهڙي،
ڪنهن لتاڙي ڪچن سلن وانگر.
دربدر ۽ رليل رليل تن من،
هر جڳهه دفتري ڪمن وانگر.
ڪنهن جي ڪم پاڻ ڪونه آياسون،
بي ثمر خشڪ ڪن وڻن وانگر.
ذهن خالي اُداس جيون آ،
ڪنهن گهٽيءَ ۾ رکيل مٽن وانگر.
محبتي مَنُ سدا ڏچن ۾ آ،
روڊ وچ ۾ پيل کڏن وانگر.
پاڻ ڪنهن جا نه ٿي سگهيا ’عادل‘،
ڪنهن ته محبوب جي وچن وانگر.
قائم الدين قائم ماڇي
لطيف ننگر
ڪافي
ڪيو جادو جاني هڪ اشاري سان،
هاڻ دور نه ٿي دل واري سان.
سڪندي ٿي ويا سال مٺا، ڪر ڪا ملڻ جي مقال مٺا،
ڪري ڀلايون اچ ڀال مٺا، اچي سگهو مل سڪ واري سان.
تنهنجي مٺا ڏاڍي تانگهه اٿم ڪوڙين اڏايا ڪانگ اٿم،
توکان سواءِ نه سانگ اٿم، اچي ويجهو ٿي ويچاري
سان.
’قائم‘ سان قول پار سڄڻ، ڪا گهڙي گڏ گذار سڄڻ،
مونکي تون نه وسار سڄڻ، اچي مهر ڪر مون پاري سان.
ڪافي
منجهه سار سدائين سنگهارن کي ساري،
ڪري مَهر مارن تي ڏي ويچارن کي واري.
عمر طعام تنهنجا پري ڪر پٽولا،
وڻن ڪين مونکي خوشيون ۽ کٽولا،
سنگهارن سوا هت هنجون ٿي هاري.
باسين ڇو ٿو بخمل اهي پنوهاريون نه پائن،
ويهي ڪين ويتر جيڏيون منجهه جاين،
ڪري قيد قابو وڌو ڏيل ڏاري.
’قائم‘ چئي ڪوٽن ۾ ڪڏهن ڪين ويهندس،
وڃان ملڪ موٽي جيڏين ري نه جيئندس،
نماڻي نيئرن ۾ ڳوڙها پئي جا ڳاري.
طالب ڀنڀرو
غزل
سفر ۾ شام ٿيڻ تائين، اسان سان گڏ رهو پيارا،
نئون ڪو چنڊ ڏسڻ تائين، اسان سان گڏ رهو پيارا.
روئڻ واريون اکيون منهنجون، تنهنجي قدمن تي ڪِريل
آهن،
منهنجي ڳوڙهن سڪڻ تائين، اسان سان گڏ رهو پيارا.
هي ڄاڻو ٿا خزان موسم، اسان کي خوف ڏياري ٿي،
بهارن جي اچڻ تائين، اسان سان گڏ رهو پيارا.
هن کان پو جڏهن چاهيو، جتي چاهيو هليا وڃجو،
ساهن جي ٽُٽڻ تائين، اسان سان گڏ رهو پيارا.
’ڀنڀري‘ جون وفائون ياد ايندئي پو وري روئيندين،
دعا جا هٿ کڻڻ تائين، اسان سان گڏ رهو پيارا. |