حافظ حبيب سنڌي
چوهڙ جمالي
ڪَڪرالا جو جاگرافيائي ۽ تاريخي پَسمنظر
(الف) ”ڪڪرالي“ بابت وضاحت:
هن علائقي کي يونانين؛ ’اليگزينڊرهيون.‘
سڏيو آهي پَر ڪن مورخن وري. ’ڪروڪل‘ ڪري به لکيو
آهي. جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب: ’سنڌ جو ڇوڙو وارو
علائقو‘ ۾ لکي ٿو ته: ’نيوڪسَ‘ ڇهه ڏينهن هاڪاري،
اچي پورالي نديءَ جي ڇوڙ وٽ پهتو، مان ان احوال کي
هتي ورجائڻ چاهيان ٿو. مون کي پڪ آهي ته:
اليگزينڊر رهيون وارو ماڳ ڪراچيءَ جي اپسنڊ ۾
موجود هو، پر ان جاءِ تي نه جتي ڪراچي بندر آهي.
هيءَ ڳالهه ’ڪروڪالا‘ واري ماڳ سڃاڻڻ تي مدار رکي
ٿي. جئين ته ڪرو ڪالا۽ ڪڪرالا جا لفظ ذري گهٽ هڪ
جهڙا آهن ۽ سندن اچارن ۾ هڪ واضح هڪ جهڙائي ڏسڻ ۾
اچي ٿي. تنهن ڪري ڪرنل هالڊڪ اهڙي هڪ جهڙائيءَ کي
گهٽ اهميت ڏئي رهيو آهي. هُو لکي ٿو ته، اها ڪا اڻ
ٿيڻي ڳالهه به ڪانهي جو ان وارياسي ٻيٽ جو نالو
ڪڪرالا هجي ۽ يونانين ان کي ڦيرائي ڪرو ڪالا بڻائي
ڇڏيو هجي. هُو وڌيڪ لکي ٿو ته؛ منهن جي خيال ۾ هن
سڄاڻ ماڻهوءَ لاڙ واري علائقي ۾ ڪڪرالا
(Kakrala)
جي معنيٰ ’زمين جي پڄاڻي‘
(Land End)
ڳولهي لڌي هجي. مان سمجهان ٿو ته اِها ڏکي ۽
پيچيده معنيٰ آهي. جنهن کان ڪي ٿورا ماڻهو واقف
هوندا. پر عام سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ڪڪرو‘ لفظ جي معنيٰ
ننڍي پٿري آهي. ڪڪرالو ان جي صفت آهي. جنهن جي
معنيٰ آهي پٿرالو يا ڪڪري وارو. جيڪڏهن اِهو سمنڊ
اندر ٻيٽ هوندو ته ان جو نالو سونهين ٿو. (1) جڏهن
ته: ڪن فارسي مؤرخن ’ڪڪراره‘ ۽ ڪن، ڪڪراله به ڪري
ڄاڻايو آهي. ازانسواءِ سنڌي جي مؤرخن ۽ محققن وري
هن لفظ کي سنڌي صورتخطيءَ جو لباس پهرائيندي؛
’ڪڪرايو‘،’ڪڪراڙو‘ ۽
’ڪَنڊڪڪر اڙو‘ لکيو آهي. (2)
اسان جي سرموڙ محقق ۽ ڏاهي مرحوم ومغفور محترم
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن جي راءِ مطابق: به
مذڪوره بالا جنرل هيگ جي خيال وانگيان: (الف)
’ڪڪراڙو‘ يا ’ڪَنڊ ڪڪراڙو‘. اصل صاف سنڌي صورت
وارو نالو آهي. ’ڪڪراله‘ سنڌي نالي علمي (فارسي)
صورت آهي. جنهن کي ’ڪڪراره‘ جي صورت ۾ به لکي
سگهجي ٿو.
(ب) ’ڪڪراڙو‘ اسم خاص آهي، ان جي اصليت بابت لکت ۾
مون ڪا تحرير ڪانه ڏٺي آهي. البته ٿي سگهي ته اها
ايراضي پٿرائين هجي ان ’ڪڪراڙو‘
سڏيو ويو هجي؛ ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته اِها ايراضي
سال جو ڪجهه حصو جهُڙ ۽ ڪڪرن سان ڇانيل رهي ٿي.
انهيءَ ڪري ان کي ’ڪڪراڙو‘ چيو ويو هجي......
(ج) ’ڪَنڊ‘ وارو علائقو شايد ’ڪڇ‘ وارو آهي ۽ ٻنهي
جي لاڳيتي هئڻ سبب گڏيل نالو ’ڪَنڊ ڪڪراڙو‘ رائج
ٿيو هجي. (3)
علاوه ازين مؤرخن کان سواءِ هن علائقي کي صدين کان
وٺي ڪڪرالوئي لکيو ۽ سڏيو وڃي ٿو. ڪن تاريخدانن هن
علائقي جي لڳ ڀڳ، ’مگد‘ درياءِ ٻين علائقن کي گڏي
’سگد‘ وارو علائقو پڻ قرار ڏنو آهي. ليڪن سگه،
سڳنڌ، مڳد اِهو هڪ ئي علائقي يا دريا جو نالو آهي؛
بلڪ مذڪوره مڳڌ دريا اڄ به ڇاڙ جي علائقي جو هڪ
دريا آهي. جيڪو اڄ به سر زمين تي موجود آهي. اتي
ٻيٽن ۽ ڀرپاسن تي بيهندڙ ٻيڙياتا ۽ مڇي مارڻ وارا
ملاح اڄ به انهيءَ درياءَ جي نسبت جي ڪري ’مڳڌا يا
بگدا‘ سڏجن ٿا.(4)
(ب) ڪڪرالي جون حدون:
هڪ معلوم تاريخ مطابق؛ هيءُ سنڌ جي هڪ طويل سرحدي
حدون رکندڙ سرزمين وارو خطو آهي، جنهن جون حدون
مؤرخن، ارضياتي تاريخ جي ڄاڻون ۽ جاگرافيڪل
ڊڪشنريءَ جي ماهرن جي ڪَٿيل حدن موجب؛ هيءُ خطو:
ڪراچيءَ کان ڪڇ ڀڄ تائين ڄاڻايون ويون آهن. ڇاڪاڻ
جو آڳاٽي زماني ۾؛ جنهن وقت ايشيا کنڊ ۾، هن طرف
مهرڳڙه، موهن جو دڙو، ٿرڙي، ڪاهوءَ جو دوڙ، ڪڙييءَ
گنهور لڳ قديم تهذيب جا اهڃاڻ ۽ هاڻي قمبر (ضلع
لاڙڪاڻو) ڀر سان ڪارو هو جو دڙو (5) ۽ ڪڪراله ۾
پاليڻي تهذييب (ٽپالا) جي آبادڪاريءَ جا حوالا
اسان کي ڏاکڻي سامونڊي پٽيءَ تي زندگيءَ جا آثار
ملن ٿا.
آخري دور ۾ هيءُ علائقو ڪڪرالي جي ڪيهرن جي آزاد
رياست رهيو. پوءِ به هيءُ علائقو: ڪيٽي بندر کان
موجوده هندوستان جي ڪڇ ڀڄ تائين پنهنجي حدن جو
بارآور رهيو، جڏهن انهيءَ جو وچ ۽ مرڪزي سينٽر
موجوده پراڻي ٺٽي ۽ نئين سجاول ضلعي جي تعلقن:
ڪيٽي بندر شاه بندر، کاروڇاڻ ۽ باقيءَ وارو سمورو
حصو اچي وڃي ٿو. اسان انهيءَ وِچ واري پوري خطي کي
’سينٽر‘ ان ڪري ڄاڻايو آهي جو آڳاٽي ڄُڳَ ۾ انهيءَ
وچواري خطي ۾ ئي؛ ’پاتال‘ شهر ۽ ’پاتال بندر‘
قائم هئو، جتي سورج ونسي راجا اڪشوا ڪوڪل جي وسيع
راڄڌاني هئي. مذڪوره راجا جي نالي مان به هڪ اِهو
تاثر ان جي شاهدي طور ملي رهيو آهي ته: ان کي
’ڪڪراله‘ به چئي سگهجي ٿو ته: انهيءَ راجا جي
مذڪوره نالي جو چوٿون لفظ ’ڪوڪل‘ جيڪو اڳتي هلي
ڪوڪل مان ڪروڪل ٿي پيو ۽ زماني گذرڻ بعد اِهو وري
’ڪڪرالو‘ ٿي پيو هجي.....! انکانپوءِ، پونئين دور
۾ اِهو ئي ڪڪرالو ڪيهرن (سَمن) جي وقت ۾ اِها هڪ
آزاد رياست جي حيثيت ۾ مشهور ٿيو. انهيءَ رياست کي
سنڌ جي حڪمران ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾
سنه: 1757ع ڌاري سنڌ سان گڏايو ويو. (6)
پٽالا- پاتال ياپٽالني:
تاريخدانن سنڌ جي هن قديم ترين شهر ۽ هڪ پراڻي
تهذيب جي مالڪ شهر کي پنهنجي، پنهنجي طور تي مختلف
دورن ۾ جدا، جدا نالن سان پئي لکيو آهي، ايراني ۽
يوناني محققن هن شهر جو نالو پنهنجي تاريخ جي
ڪتابن ۾: ’پٽالا‘ لکيو آهي.(7) جڏهن ته: هڪ ٻئي
محقق: ڊيو ڊرس (ريڪ ڪونڊل)، وري پٽالا کي، ٽٽولا“
ڪري سڏيو آهي.(8) ڪتاب: پٽاليني، راوڙ ۽ پالي جو
مصنف پنهنجي مذڪوره تصنيف ۾ پٽالا بابت پنهنجا
ويچار ونڊيندي ڪجهه هن طرح بيان ٿو ڪري: سڪندراعظم
جي مورخن سنڌ جي آخري ڏکڻ واري پرڳڻي جو نالو
پٽاليني ڪري ڄاڻايو آهي ۽ شهر جي نالي يا گاديءَ
واري هنڌ کي پڻ پٽالا لکيو اٿائون، تاريخ ۾ اهو
نالو هندن جي بيان ۾ ’پاتال ديش‘ جي نالي سان آيو
آهي. سڪندر اتي وڏي بحري بندرگاه جوڙڻ جو حڪم ڏنو
۽ درياه جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي وارين ڇاڙن کي وڃي
پاڻ پرکيائين ته ڪهڙي ڇاڙ سندس واپسي ۾ بحري فوج
لاءِ وڌيڪ ڪارائتي ۽ سهولت واري هوندي ڇاڪاڻ ته
سندس موٽ لاءِ بحري فوج ۾ تمام وڏيون ۽ بيشمار
ٻيڙيون شامل هيون. هُو پاڻ ته رڻ پٽ رستي وڏا
ڪشالا ڪڍي ’سبيلان‘ پهتو ۽ سندس اميرالبحر نيئرڪس
سمنڊ رستي هلندي ساڻ وڃي گڏيو. پٽالني جي بادشاهه
کي سڪندر جي مورخن ’مورليس‘
ڪري لکيو آهي جيڪا سنڌي لفظ ’موريا‘ جي يوناني لکت
آهي، ’مورليس‘ سڪندر جي خلاف اٿيو مخالفت ڪيائين،
پر پوءِ ٺاهه ڪري ورتائين. (يوناني مؤرخن سندس آڻ
مڃڻ جي يا پيش پوڻ جي تصديق چٽيءَ طور تي ڪونه ڪئي
آهي، ماڻهن جي ذهن مان پٽالا نالي وارو شهر ته
دريا جي اٿل ڪري مٽجي ويو، وري ٻيهر آباد ٿيو ۽
وري مٽجي ويو ٽيون ڀيرو پڻ آباد ٿيو ۽ ڊبليو ڊبليو
ٽاڊ جي تحقيق موجب ٽيون ڀيرو يوناني شهر جي طور تي
اڏيو ويو. (9)
مٿين معلومات مان بخوبي پتو پوي ٿو ته: جنهن اهڃاڻ
۽ پارن پتن سان اڳئين تاريخدانن صاحبن اسان کي
پنهن تحقيق وتدقيق سان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته:
پٽالا- توڙي ڪڪرالا جنهن جاءِ تي هئڻ کپن ها اُها
موجوده تعلقي شاهبندر ۽ کارو ڇاڻ (ضلع سجاول) جي
انهيءَ ڇوڙ واري علائقي ۾ ئي موجود آهي. اسان جي
لاڙ واري علائقي ۾ اڄ به هن قديم شهر ۽ بندر کي
عام طور: ’پاٽار‘ ۽ ’پاتال‘ چيو وڃي ٿو. ۽ لوڪ
داستانن ۾ خاص ڪري ۽ عام طور عورتون پنهنجي لوڪ
گيتن ۾ ڪجهه هن طرح اچارين ٿيون؛
”کاري جي مڇي. پاتالَ جا پَلا- ڳنو ٻايون ڳنو.“
جڏهن ته: وري ”بندر“ کي کاري ۽ شاهبندر جي جهوني
عورتن توڙي مون وٽ اهو اُچار مختلف ڪچهرين ۾
الفاظن جي ٿورڙي ڦيري گيريءَ سان اِجهو هن طرح ٻڌڻ
۾ آيو آهي؛ پاٽاربندر، پاتال بندر، لاه کارو بندر،
لاکارو بندر، لاکَ وارو بندر، لاڙ وارو بندر ۽
لَهَوارو بندر وغيره. (10)
سڪندر جي چڙهائي:
سرزمين ’ڪڪراله‘ پنهنجي اندر انيڪ تاريخي ۽ نيم
تاريخي داستان رکي ٿي. سمنڊ جي ساحلي ڪَنڊ هئڻ جي
ناتي هن ڪئين انقلاب ڏٺا آهن. هن سر زمين تي دنيا
جي وڏن وڏن حاڪمن حملا ڪيا ته هتان جي راجائن ۽
مهاراجائن به وقت بوقت انهن کي منهن پئي ڏنو آهي.
هتي ڪڏهن ايران جي دارا جون چڙهايون ته ڪڏهن وري.
هن ڀلاري ڀونءَ تي يونانين جون يلغارون هيون.
دارا ٽئين کي شڪست ڏيڻ بعد سڪندر سنڌ ڏي رُخ ڪيو.
سندس انهيءَ سفر جو پيرو کڻون ٿا: جيئن قارئين
ڪرام کي هن علائقي ’ڪڪراله‘ نسبت ڪجهه هٿيڪي ڄاڻ
ملي سگهي.
محترم ايم.ايڇ پنهور پنهنجي تحقيقي ڪتاب: ”پيرائتي
سنڌ ڪَٿا“ ۾ سڪندر جي تاريخدانن: ائرسين ، ائنا
بيس ۽ مڪ ڪرنڊل جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”سنه 330 ق.م ۾ جڏهن دارا ٽئين سڪندر سان وڙهڻ
لاءِ پنهنجي حاڪميت هيٺ هند جي سنڌ سميت علائقي
مان سپاهه ۽ هاٿي گڏ ڪيا، ساڳئي سال سڪندر کيس
شڪست ڏني ۽ سندس گاديءَ واري شهر پرسيپولس کي
ساڙيو.“ (11)
واضح رهي ته: سڪندر دارا کي شڪست ڏيڻ کان اڳ هُو
قنڌار فتح ڪري چڪو هو ۽ هن پنهنجي ماڻهن مان اويسي
ڪرسٽيس کي سنڌ جي ماڻهن بابت رپورٽ لاءِ مقرر ڪيو
هو. هن صاحب رپورٽ ڏني ته: سنڌ ۾ ٻوڌي ٻاوا يا
ڀڪشو ڏاڍا طاقتور آهن. ملتان ۽ الور ۾ سورج ديوتا
جا مندر آهن. ۽ سيوهڻ ۽ ’پٽالا‘ ٻوڌين جا ڳڙه
آهن.(12) مذڪوره بالا رپورٽ موجب سڪندر، قنڌار،
هندوڪش جبل ٽپي هو ڏکڻ پنجاب تي چڙهايون ڪندي.
بهاولپور سميت اُتر سنڌ جي حاڪم موسيڪنيس کي آڻ
مڃائيندي. اولاهين جبلن کي لتاڙيندي هن طرف
اُسهيو.(13) مگر ان کان اڳ هُن مُوسيڪَنس جي ملڪ ۾
هوندي ئي پنهن لشڪر کي ٽوڙي ٽي ڀاڱا ڪيو، هڪ حصو
ڪوئٽروس جي مهنداريءَ ۾ ڪراچي، سراوان ۽ سيستان
رستي موٽي پوئتي وڃڻو هو. ۽ ٻيا ساڻس گڏ، ”’پٽالا‘
ڏانهن هلڻا هئا. اها حقيقت سنه، 325 ق.م جي وچڌاري
جي آهي.(14) جڏهن ته ٽئين ڀاڱي جو ذڪر تاريخون
ڪونه ٿيون ڄاڻائين.
سڪندر جو ڪڪرالا جي پٽالا ڏي سفر:
سڪندر اعظم جي هن طرف اچڻ بابت مؤرخن جا مختلف
رايا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ڪن لکيو آهي ته؛ پٽالا ڏي
سڪندر جڏهن آيو ته پٽالا نواب شاهه جي ’ڏکڻ‘ ۾ هو
۽ ڪن ميرپور بٺورو ته ڪن وري مڪلي ٽڪريءَ جي
اترئين ٽاڪرو جبلن کان اولهه طرف ويندي. راس ماتري
کان ٿيندي وري پير ٺپي ۽ مڪليءَ جي ڏاکڻي پاسي کان
هن طرف ايندي لکيو آهي، بهرحال تقريباً سڀئي مؤرخ
انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته ’پٽالا‘ ’ڏکڻ‘ طرف
پٽالا يعني ڪڪرالا طرف ئي آيو هو. هن طرف ايندي،
سڪندر جيڪي ڏيهي ماڻهو سونهان ڪري پاڻ سان کنيا
هئا، تن کيس ٻڌايون ته درياءَ جي اصل منهن وٽ پهچڻ
کان اڳ ۾ هڪڙي ٻيٽ تي وري پڳهه هڻڻا پوندا، ۽ هن
جيڪي ماڻهو جانچ لاءِ موڪليا هئا. تن اچي ٻڌايس
اِهو ٻيٽ چڱو وڏو آهي ۽ نالو ڪلوٽا
(Kiluta)
اٿس، ٻيٽ تي پاڻي به آهي ته پتڻ به تنهن هُن
سُونهن جي صلاح مڃي. پوءِ هُو پاڻ سُٺي ۾ سُٺا
غورابَ کڻي وڌيڪ جانچ لهڻ لاءِ اڃا اڳتي ويو،
پهرين ٻيٽ کان ڪي ٻه سؤ اسٽيڊيم پري نڪري آيا ته
هڪڙو ٻيو ٻيٽ ڏٺائون، جو چڱو پنڌ سمنڊ اندر هو.“
بادشاهه موٽي آيو ۽ آر ماڙ کي، ’ڪلوٽا‘ جي آخري
ڇيڙي وٽ آڻي بيهاريائين ۽ ٻئي ڏينهن اُتان هاڪاري
وڃي ٻئي ٻيٽ تي لنگر انداز ٿيو، جنهن ٻيٽ بابت
اسان کي وري ٻڌايو وڃي ٿو ته ’اهو اُنهي سمنڊ ۾
هو.‘ آئون سمجهان ٿو ته اهو تفصيل انهن ڪار گذارين
جي هنڌ جو پڪو ڏس ڏئي ٿو. (15)
ايڇ.ٽي لئمبرڪ صاحب ته مٿئين بيان جي وڌيڪ وضاحت
ڪندي لکي ٿو ته: ”هڪڙو ٻيٽ، جو سنڌوءَ جي هڪڙي ڇوڙ
کان پرتي کليل سمنڊ ۾ چڱو اندر هجي، سو انهن گپ
دڙن ۽ ٻيٽن کان ته وڌيڪ پختو ۽ نهرو هوندو جي خشڪي
(Main Land)
کان کارين رستي ڌار ٿيل هئا ۽ جي هاڻوڪي ڊيلٽا جو
سمنڊ وارو پاسو ٺاهين ٿا. تنهن کان سواءِ اسان جي
سڀني ۾ معتبر راويءَ موجب، سڪندر جي ڏينهن ۾ ڊيلٽا
جي الهندي ڀاڱي جو ڪَپر، جي ڏکڻ ۾ مڪلي
(Makli)
ٽڪرين ۽ پير پٺي
(Prpatho)
کان پرتي ويندو به هوندو، ته گهڻو نه. هاڻي پير
پٺي کان اٽڪل يارهن مهل ڏکڻ- اوڀر ۾ ذري گهٽ اٺهٺن
ڊگهائي ڦاڪَ تي، ابن شاهه
(Aban shah)
نالي هيڪلي ٽڪري آهي جا ڏيڊ ميل کن ڊگهي ۽ اڌ ميل
کن ويڪري آهي ۽ پٽ کان ڪي 75 فٽ اوتاهين ٿيندي.
آئون سمجهان ٿو ته اها ئي اهو اونهي سمنڊ اندر ٻيٽ
هو، جنهن تي سڪندر پڳهه ٻڌا هئا (16). لئمبرڪ:
مذڪوره بالا تذڪري ۾ ’ابن شاه جي ٽڪرن کي ’ڪيُوٽا‘
سڏي ٿو ته ايم.ايڇ پنهور مرحوم وري، پلوٽارڪ، ميڪ
ڪرنڊل جي حوالي سان وري هن ٻيٽ کي ’سيوسيٽس‘ ٿو
سڏي. (17) اهي ابن شاهه جا ٽَڪَرَ اڄ به اسان جي
تعلقي شاهنڊر جي تپي گونگاڻيءَ جي ديهه بچل
جماليءَ ۾ مختلف ننڍين، ننڍين ٽڪرين جي صورت ۾
موجود آهن. انهن ٽڪرين ۾ ابن شاهه واري ايراضيءَ ۾
ٽي ٽڪريون آهن جن تي ڪڪرالي جي ڪيهرن جو قبرستان ۽
مقبرا آهن، جيڪي بزرگ ابن شاه قريشي (متوفي،
804هه) واري وڏي ٽڪر کان اوڀر- ڏکڻ طرف ٻه ٽڪريون
موجود آهن. جڏهن انهيءَ جي اولهه ۾ راڄن شاهه
قريشيءَ (متوفي: 1151هه) ۽ مخدوم جلال کٽي (متوفي:
1150هه) واري ٽڪري، چَراخَ واري ٽڪري، وٽوڙ واري
ٽڪري، لال ڇتو شاهه رح واري ٽڪري ونيهه ڪوهيارو
واري ٽڪري، قاضي زمرالدين واري ٽڪري موجود آهن.
مٿي آندل ذيلي تفصيل اسان انڪري ڏيڻ جي ضرورت
محسوس ڪئي ته: جيئن عام قاري ان جي روشنيءَ ۾ مزيد
لاڀ حاصل ڪري سگهي. بهرحال سڪندر اعظم جو هن طرف
اچڻ واري سفر کي اڃا اڳتي وڌائيندي ٻڌائيندا هلون
ته: سڪندر اعظم ڪلوٽا يعني ابن شاهه جي ٽڪري کان
اڳتي وڃي ڪري پاتل (پاتال) طرف وارو پنهنجو رستو
پاڻ ڳولهي لڌو هو. ياد رهي ته: سڪندراعظم پاتال
طرف اُنهيءَ وڏي ڇاڙ جو اُلهندو پاسو؛ يعني هاڻوڪي
کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر تعلقن واري ڇاڙ وٺي آيو
هوندو ته پوءِ وري کاٻي پاسي واري يا اڀرندي شاخ
جي جانچ لهي ڏٺائين. احوال وڌيڪ مختصر آهي. اسان
کي اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته: ڪجهه پنڌ هاڪارڻ کان
پوءِ هُو درياه جي ڇوڙوٽ هڪڙي وڏي ڍنڍ ۾ اچي نڪتا.
اها ڍنڍ درياه جي پکڙڻ جي ڪري ٺهي هئي يا شايد
ڀرپاسي کان وَهي ايندڙ پاڻي انکي وڏو بڻائي ٿو.
ايترو وڏو جو اها بنهه اهڙي ٿي لڳي، جهڙي ڪا
سامونڊي نار، ٻيو ته ٺهيو، ان ۾ سامونڊي مڇيون به
هيون، جي ايگُئين
(Aegean)
کان به وڏيون هيون سڪندر ڍنڍ ۾ آرماڙ جا پڳهه اتي
ٻڌڻ جو حڪم ڏنو، جتي سونهي چيو، ۽ پاڻ ڪجهه ٻيڙا
ساڻ ڪري کُلئي سمنڊ ڏي هاڪاري ويو. (18)
مذڪوره احوال مان سڪندر جي پاتال طرف پهچڻ ۽ اتي
جاکوڙ ڪرڻ ۽ اتي سامونڊي ڇوڙ وٽ هڪ وڏي ’ڍنڍ‘ جو
حوالو ملي ٿو. انهيءَ مان موجوده صورتحال ۽ مقامي
روينيو جي نقشن ۽ سرزمين تي اڄ به موجود ’واڙي
نار‘ جو هجڻ اسان کي ٻڌائي ٿو ته سمنڊ جي منهن ۾
واڙيءَ جهڙي نار جيڪا 70 وام اونهي هجي ۽ اڄ به
انهيءَ مان سمنڊ جون وڏيون مڇيون مرنديون آهن.
واڙيءَ جي اونهائيءَ سبب سانوڻي وير چڙهڻ ڪري ان
جي گُڙڻ جا آواز ٻيڙياتن کي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ
مان ڀليءَ ڀت اهو ثابت ٿئي ٿو ته: غالباً قديم تر
پاتال‘ شهر يا ’بندر‘ ڪڪرالا جي خطي ۾ اتي ڪٿي
موجود هئڻ گهرجي!..... مذڪوره بالا ’ايگئين سمنڊ‘
جو تذڪرو اچي چڪو آهي معنيٰ ته اسان جو علائقو
هزارين سال اڳ به وڏين، وڏين مڇين جو مرڪز هو،
مانگر مڇ ۽ سينسار جهڙيون تمام وڏيون مڇيون
مرنديون هُيون. (19)
لئمبرڪ لکي ٿو ته: ايرئين هت هڪڙي عجيب ڳالهه ڪري
ٿو. اها هيءَ بادشاهه پڳهه ٻڌرائي ٿورا سوار کڻي،
ڪَپر وٺي، ٽن ڏينهن جو پنڌ ڪري، اهو ڏسڻ ويو ته
اهو ملڪ ڪپرائتي مسافريءَ لاءِ سڻائو ٿيندو يا نه؟
واٽ تي کوهن کڻڻ جا حڪم به ڏيندو آيو. ته جيئن
خلاصين کي پيئڻ جو پاڻي ملندو رهي.“ اهو پڻ چيو
وڃي ٿو ته هن ”پاتال“ موٽي وڃي لشڪر جو هڪڙو ڀاڱو
اوڏانهن ڏياري موڪليو ته وڃي اهي حڪم پورا ڪن.
جنرل هيگ آبڪلاڻيءَ ۾ ڊيلٽا تان سُڪيءَ جي ان
مسافريءَ کي هڪ ڇُسي ڏندڪٿا ٿو ڪوٺي. ان مند ۾
کوهن جي کوٽائي به اجايو احتياط هئي، ۽ اهو پڻ اڻ
ٿيئڻو ٿو لڳي ته ڪو انهن کوهن جو پاڻي درياه جي
لهڻ کان پوءِ به سٺو رهيو هوندو هوڏانهن وري
لئمبرڪ صاحب پڻ ٻئي محقق: اسٽرابو جو حوالو ڏيندي
لکي ٿو ته.
”اونيسڪولٽيس سمنڊ جي ڪپر کي گپ، وِيرين ۽ سمنڊ
کان لڳندڙ هوائن جي ڪري ڌٻڻين وارو ڄاڻائي ٿو.
(20)
لئمبرڪ صاحب. ۽ جنرل هيگ جي بيان جي تائيد اسان جي
محقق: مرحوم ايم.ايڇ پنهور صاحب پنهنجي ڪتاب:
پيرائتي سنڌ ڪٿا ۾ ڪئي آهي هُو صاحب به لکي ٿو ته:
”اهو وسهڻ جوڳو نٿو لڳي ته پٽالا جي چوڌاري کوهه
اڏي سگهجن ٿا. جتان جو پاڻي کارو آهي. ان جي اُتر
۽ اولهه ۾ پيئڻ جهڙو آهي.‘ (21).
ان ڳالهه کي جيتوڻيڪ هزارين سال گذري چڪا آهن:
جنرل هيگ، ميجرراورٽي، ايڇ- ٽي لئمبرڪ ۽ تازو وري
محترم پنهور صاحب جي حوالي سان اها ڳالهه ملي آهي
ته؛ الحمدلله! اڄ به سر زمين تي وڃبو ته: ڪڪرالي
جي ٻيٽن جزيرن، شيخ سليمان صاحب حاجي ابراهيم رحه
واڙيءَ واري، ميان لال رحه جي اَڇ لنياري، سانولي
فقير رحه ۽ ٻئين جزيرن تي مِٺي پاڻيءَ جا هئينڊ
پمپ لڳل آهن، ۽ اتي لڳندڙ ميلن ملاکڙن ۾ هزارين
ماڻهو ٻارين، ٻچين وڃن ٿا ۽ انهن هئنيڊ پمپن مان
ماڻهو استفادو ڪن ٿا. هتي هڪ اهو سوال به ڪَرَ
کنيو بيٺو آهي ته اُن قديم دور ۾ پاتال جا ماڻهو
اڄ کان هزارين سال اڳ جيڪڏهن مٺو پاڻي مهيا نه هو
ته پوءِ اُهي پنهنجو گذر معاش ڪهڙيءَ طرح ڪندا
هئا؟!
بهرحال: سڪندر اعظم جو هن طرف اچڻ جو ٻڌي ۽ انهيءَ
جي ٺاٺ ٺانگر ۽ دَٻدٻي بابت ٻڌي ڪري هتان جا ساده
لوهه عوام ۽ اُتان جو حاڪم اڳ ۾ ئي سندس آڻ مڃي
چڪو هو. جڏهن پاڻ سنڌ جي اولاهين جابلو پٽيءَ جي
حاڪم ’سامَبس‘ کي ناس ڪرڻ ۾ رُڌل هو. (22) پر جيئن
ئي سڪندر سنڌ جي ڏکڻ طرف، ”پٽالا“ ڏي وڌيو ته
اِتان جي حاڪم: ائيرين جي لکت موجب‘ موئيرس‘ هو.
جنهن کي تاريخن: راجا اڪشوا ڪوڪل سڏيو آهي. اهڙو
تذڪرو اسان مٿي به ڪري آيا آهيون. (23)
مذڪوره راجا ۽ اتي جا رهواسي سڀ جا سڀ پنهنجي
راڄڌاڻي ڇڏي شهر کان ٻاهر هليا ويا هئا. آگسٽ ۾
پٽالا پهچڻ تي سڪندر شهر توڙي ڀر پاسي وارا علائقا
ويران اچي ڏٺا. مؤرخن جو اِهو به چوڻ آهي ته؛
سڪندر هڪ سئو کان به مٿي اهڙيون بستيون ويران اچي
ڏٺيون جيڪي اڳ هن ساحلي پٽيءَ تي آباد هيون. اهو
پڻ تاريخدانن جو چوڻ آهي ته؛ سڪندر جڏهن پٽالا کي
فتح ڪيو ته اُهو اهو ٽيون نمبر پٽالا هو. اهڙو
بيان اسان مٿي به بيان ڪري چڪا آهيون.يعني هن کان
اڳ ٻه پٽالا سامونڊي ويرن چڙهڻ جي ڪري تباه ٿي چڪا
هئا ۽ تمام وڏو نقصان به ٿيو هو.
واضح رهي ته: سڪندراعظم جي کوهن کوٽرائڻ دوران؛
مقامي ويڙهاڪ ٽولين سڪندر جي کوه کوٽڻ وارن فوجين
مٿان حملا به ڪيا. موٽ ۾ ڪافي افراتفريءَ ۽ زيان
ڪاريءَ جو منهن ڏسڻو پيو هو. اُتان سڪندر وري وڏي
انگ ۾ ٻاڪرو مال ماريو ۽ اَنُ به هٿ ڪيو. (24)
سڪندر جي واپسي: سڪندر پٽالا کان واپسيءَ کان اڳ
ڇا ڪيو جو پٽالا ۾ بندرگاهه ۽ جهاز ٺاهڻ لاءِ هڪ
دِڪو به اَڏيو ۽ سمنڊ ڏانهن وڃڻ لاءِ درياءَ جي وڌ
۾ وڌ ڪنهن مناسب واهڙ جي ڳولا ۾ نڪتو. يوياني لاڙ
سنڌ ۾ سامونڊي وير چڙهڻ، لهڻ کان اڻواقف هئا. جنهن
پهريان ته سندن جهازن کي پوئتي ڌِڪيو ۽ لهندي مهل
وري انهن کي درياءَ جي سُڪين ڪنڌين تي ٺوڪي کين
وڏو نقصان پهچايو.(25)
تاريخدانن اها ڳالهه؛ آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهينن ۾
سن 325 ق.م جي لکي آهي. انهيءَ طرح سڪندراعظم
ڪڪرالا جي علائقي ۾ پنهنجو يادگار، پٽالا بندر
جنهن کي مؤرخن ”’سڪندر بندر‘ به ڪري لکيو آهي.
لئمبرڪ لکي ٿو ته؛
”منهنجي خيال ۾ ’سڪندر جي بندر‘ جي بيهڪ اِها هئي،
هِتان وارو لٽاسئو پٽ سمنڊ جي مٿاڇري کان ٿورو
مٿي! آهي ۽ گمان آهي ته گذريل ٻاويهين صدي اندر
ٺهيو هوندو.“ (26)
سڪندر جي بندر مان نڪرڻ کانپوءِ مسافريءَ جو
پهريون مرحلو ننڍو هو، يعني 60 سٺ اسٽيڊيم. لئمبرڪ
جي بيان موجب؛ هو صاحب لکي ٿو ته؛ منهنجي ڪاٿي
موجب، اهو مفاصلو اُڪرڻ کانپوءِ آرماڙ اهڙي هنڌ
اچي پهتو هوندو، جتان گهارو ٽي ميل پري هوندو.
(27) هتي ڳالهه غور جوڳي آهي ته: جڏهن ڪلوٽا يعني
ابن شاه جا ٽڪر پاتال (سڪندر بندر) کي صرف 6 ميل
هئا ته اُهو گهاري کان بلڪل ويجهو هو پوءِ هتي
گهارو سڪندر بندر کان 3 ميل ڄاڻايو ويو آهي. راقم
جي خيال ۾ لئمبرڪ صاحب جو اهو تجزيو ٺهڪي ڪو نه
ٿو.
هوڏانهن وري محترم: ايم.ايڇ پنهور مرحوم پنهنجي
ڪتاب: ”پيرائتي سنڌ ڪٿا‘ ۾ سڪندر اعظم جي واپسيءَ
بابت پنهنجا ويچار ڪجهه هن طرح ونڊي ٿو:
”سنه: 325 ق.م سيپٽمبر جي مهيني سڪندر پنهنجو بحري
آرماڙ ٽرٽس جي مهنداريءَ ۾ سنڌوءَ جي اُلهندي واهڙ
رستي سمنڊ ڏانهن روانو ڪيو ۽ پهرين سيپٽمبر تي پاڻ
پوئتي گهر موٽڻ وارو سفر ’پٽالا‘ (گهڻو ڪري هاڻوڪا
ڪراچي ۽ ٺٽو تعلقا) رستي شروع ڪري حب نئين تي منزل
ڪيائين. ٽوٽس سنڌوءَ جي منهن ويجهو ڪِلوٽا (ابن
شاه) وٽان 2- اڪٽوبر 325 ق. م تي سمنڊ ۾ گهڙيو؛
ٻيٽ تي 24 ڏينهن گذارڻ کان پوءِ سڪندر سنڌوءَ
درياءَ جي اڀرندي واهڙ جو جائزو ورتو، جيڪو انهن
ڏينهنِ ۾ ڪڇ نار يا رڻ پٽ (رڻ ڪڇ) ۾ وڃي ٿي پيو،
کيس هي واهڙ دريائي سفر لاءِ وڌيڪ بهتر لڳو.(28)
ڪڪرالي جا اڳوڻا قديم رهواسي:
سنڌ جو نامور محقق: ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ
پنهنجي ڪتاب: ’قديم سنڌ‘ ۾ آندو آهي ته، ”ڪراچي
ضلعي ۾ شاهبندر طرف ”ستاه“ نالي واه آهي. اُن جي
پريان سنڌونديءَ جو هڪ ڀاڱو ”مگدو“ سڏبو هو، ڇاڪاڻ
ته انهيءَ پاسي درياهه جو ڪنٺو اصل ”مگدو“ ذات جي
ٻروچن وسايو هو. انهيءَ مگدي جي پريان سنڌونديءَ
جو ٻيو ٿورو ڀاڱو ”پوپٽ“ ڪوٺبو هو. ”پوپَٽ“ معنيٰ
”طوطو يا ’چتون‘. اسان جي درياهه تي اهو نالو پيو
ڪيئن؟ سنڌ بابت متفرقه احوال بمبئي سرڪار جي دفتر
مان چونڊي ٻن ڀاڱن ۾ ڇپايا اٿن جن مان ٻئي ڀاڱي ۾
گهڻو ذڪر سنڌونديءَ ۽ ان جي ڦردين گردين جو آهي.
سنڌونديءَ جي جدا جدا ڀاڱي تي اڳي جيڪي نالا رکيل
هئا، تن جي ذڪر ڪندي ڄاڻايو اٿن، ته سنڌونديءَ جي
انهيءَ ڀاڱي تي ”پوپٽ“ نالو هن ڪري پيو، جو قديم
زماني ۾ انهيءَ طرف جا ميربحر دريا ۾ گهڙڻ مهل
پنهنجي پير لاءِ هڪ پوپٽ (چتون) قربان ڪندا هئا.!!
(29)
ڪاڪي ڀيرومل جي مٿين لکت موجب،
”ڪڪرالي“ جي هن علائقي سان وابستگيءَ جو ثبوت
بخوبي ملي ٿو. ڇاڪاڻ جو ”ستاه“ وارو وهڪرو اڄ به
تعلقي شاهبندر ۾ موجود آهي. اهو ستاه وارو درياه
تعلقي گهوڙا ٻاريءَ ۽ شاهبندر جي سنگم وٽ قديم
ناره، ناره قلعي وٽان ۽ چارڻن ۽ سومرن جي ڳوٺ وٽان
اهو درياه وَهي اچي شاهبندر جي حاجي صالو سمگهڻ جي
ڳوٺ وٽان لنگهي وڃي موجوده ڪوسٽ گارڊ جي چوڪيءَ وٽ
شاهبندر ۾ پوي ٿو. انهي جا پراڻا آثار توڙي وهڪري
جا نشان اڄ به هتي موجود آهن.
سرڳواسي ڪاڪو ڀيرومل”مگدو“ ڀاڱي جو تذڪرو ڪري ٿو.
اهو ڀاڱو پڻ هڪ درياه جي صورت ۾ کارو ڇاڻ تعلقي
(ضلعي سجاول) ۾ موجود آهي. ۽ مگدا بلوچ اڄ به هتي
رهن ٿا.“ انهيءَ نالي جي صورتخطيءَ سان ملندڙ لفظ
”مگدو“ به ملي ٿو. ۽ اهي ”مگدا ملاح“ آهن جيڪي هاڻ
به کاروڇاڻ ۾ رهائش پذير آهن. اڳتي هو صاحب. ”پوپٽ
يا چتونءَ“ جو ذڪر ڪري ٿو ته: انهيءَ لاءِ به ثبوت
طور انهيءَ تعلقي کاري ڇاڻ ۾ هڪ ڍوري جو نالو آهي.
ان کي ”پوپٽ وارو يا چتونءَ وارو ڍورو چيو وڃي ٿو.
۽ جيستائين تعلق آهي ”پير تي“ چتونءَ جي قرباني جو
ته اهو به سچ آهي. جو هاڻ نه ته پر ڪجهه عرصو اڳ
به اتان جا ماڻهو ائين ڪندا هئا. هِتان جي درگاهن
جي مالارين اندر ڪپڙي جا چتون ٺهيل انهن ۾ اڳڙين
جو ڪُٽ يا ڪپهه ڀري ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ انهن تي
ڀرت ڀري ٽنگي ڇڏيندا هئا.
هو صاحب پنهنجي تحرير کي چتونءَ جي قربانيءَ واري
قصي کي اڳتي وڌائيندي بيان ٿو ڪري ته: سنڌ ۾ طوطن
يا چتن جي قربانيءَ جو رواج نڪي هندن نڪي مسلمانن
۾ آهي. ڪولن ۽ سنٿالن بابت عالم چون ٿا ته اهي
آسٽرليا طرفان چين ولايت واري واٽ وٺي آيا هئا.
آسٽرليا ۾ بِک ڪڍڻ ۽ ٻَلين چاڙهڻ جو رواج نڪي اڳي
هو. نڪي هاڻي آهي. انهيءَ ساڳيءَ ڪتاب (بمبئي
سرڪار واري دفتر) ۾ ڄاڻايل آهي، ته اهو رواج چين
ولايت ۾ آهي. جنهن صورت ۾ ڪولن ۽ سنٿالن بابت عالم
چون ٿا ته اهي چين ولايت واري واٽ وٺي، هندوستان
آيا هئا، تنهن صورت ۾ ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو
ته اهو چتن جي قربانيءَ جو رواج انهن لوڪن چين
ولايت کان ايندي ڏٺو هو، جو سنڌ ۾ چالو ڪيائون ۽
سندن اولاد پوءِ به هلائيندو پئي آيو.“ (30)
چتن (طوطن) جي قربانيءَ جو رواج ته هن وقت ته اسان
جي علائقي ۾ لڀي ڪونه ٿو. پر ايترو ضرور مشاهدي
آڌار چئي سگهون ٿا ته اڄ به اسان جي سموري لاڙ جي
علائقي ۾ طوطا: باس ۽ بِک طور ٺاهي هتان جا ڪول،
ڀيل ۽ سامي پنهنجي پيرَ جي درگاهه تي ڪپڙي مان
ٺاهي رکندا آهن. اهڙو ذاتي مشاهدو راقم خود وڃي
ڪيو آهي. (31)
پاتال جي اهميت ۽ افاديت:
ڪاڪو ڀيرومل پنهنجي تصنيف: ”قديم سنڌ“ ۾ ”پاتال“
بابت رقم طراز آهي؛ ”سنڌ ۾ آرين مان هڪڙا سورج
ونسي ٻيا چندر ونسي هئا. سورج ونسي گهراڻي مان
پهريون راجا اِڪشواڪوڪل هو. سنڌ جو واسطو ٻنهي
گهراڻن وارن سان آهي. هتي اول ايترو ڄاڻائجي ٿو
ته: سورجونسي گهراڻي وارا؛ جن مان مذڪوره راجا
اڪشواڪوڪل کان گهڻو گهڻو پوءِ راجا دسرٿ ۽ سري رام
چندر پيدا ٿيا، سي قديم زماني ۾ سنڌ ۾ به هئا.
انهيءَ ڳالهه جو پتو هن ريت پيو آهي.“
نهايت قديم زماني ۾ سنڌ ۾ ”پاتال“ نالي هڪ ناميارو
بندر هو، جو پُراڻن ۾ ذڪر آهي. عيسوي سَن کان سوا
ٽي سؤ کن ورهه اڳي سڪندر اعظم جي وقت به اهو بندر
مُکيه هو، تنهنڪري يوناني تاريخ نويسن به ان جو
ذڪر ڪيو آهي، ۽ نالو به ساڳيو ’پاتال‘ بندر ڄاڻايو
اٿن. ان بابت جيڪي ڏس ڏنا اٿن، تن مان صفا ظاهر
آهي ته اهو بندر ڪراچي ضلعي (۽ موجوده وقت ۾
پهريائين ٺٽي ۽ پوءِ سجاول ضلعي) واري لاڙ ۾ هو،
جتان سنڌو ندي ٻه وڏيون شاخون ٿي وهندي هئي. اها
ٻه درياهي اڄ تائين گهوڙاٻاري تعلقي ۾ آهي جتان هڪ
شاخ ڪيٽي بندر ۽ ٻي شاهبندر ڏي وڃي ٿي؛ پر اڳي
سمنڊ گهڻو اور ڀرو هو، تنهن ڪري پاتال بندر به
ضرور گهوڙا ٻاريءَ کان اورڀرو يعني طرف يا اڃا به
شاهه ڪپور طرف سمجهبو، جتان اڳي دريا وهندو هو
ميجر جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ’انڊس ڊيلٽا ڪنٽري‘ جي
صفحي 20 ۾ (۽ سنڌي ترجمي واري ڪتاب جو صفحو (38)
انهيءَ پاتال بندر جي ذڪر ڪندي ڄاڻايو آهي ته ٿٻيٽ
مان هڪ ڏند ڪٿا ملي آهي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته
اڪشسوا ڪوڪل وارا (سورج ونسي) انهيءَ پاتال بندر ۾
رهندا هئا، ۽ آريه لوڪن جون سڀ کان آڳاٽيون بيٺڪون
سمنڊ جي ڀر ۾ هيون. مطلب ته سري رامچندر جا اَبا
ڏاڏا ڪنهن وقت سنڌ ۾ به هئا. (32)
هوڏانهن وري جنرل هيگ هن شهر بابت پنهنجو رايو
ڪجهه هن طرح لکي ٿو ته:
”يونان وارن جنهن شهر کي ”پٽالا“ جي نالي سان سڏيو
آهي تنهن جي صحيح نالي ڏانهن به اشارا ڪيا ويا آهن
مون کي سمجهه ائين اچي ٿو ته ٿٻيٽ ۾ موجود هڪ
روايت هن منجهيل مامري کي سموهي ۽ سهيڙي ڇڏيو آهي.
’ڪسومادي ڪوروس‘ نالي هن ڏاهي ماڻهوءَ پٽالا بابت
هن ريت لکيو آهي.“
پوٽالا يا پوٽالا ڪارگرو دسين يا ولگو ڪُرود سين.
(ٻيڙين جو هنڌ بندر يا بهشت) سنڌو درياءَ جي ڇوڙ
وٽ هڪ قديم شهر آهي. اڪشاواڪو ۽ ’سورياوسا‘
جي ڦري (پُريءَ) جا ماڻهو ان شهر ۾ رهندا آهن. چار
راجڪمار، جن کي بعد ۾ شاڪيه سڏيو ويو، تنکي سندن
پيءَ هن شهر مان لوڌي ڪڍي ڇڏيو. انهن ’ڀاڳاراٿي‘
دريا جي ڪناري ’ڪوسالا‘ ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي.
(اهو علائقو موجوده روهيل کنڊ ۾ آهي.) ۽ پوءِ
ڪپلوستوءَ جي شهر جي اڏاوت ڪيائون. لاسا ۾ دلائي
لاما (جيڪو ٻارهين صدي جي وچ ڌاران ٿيو.) جي رهائش
گاه کي به پوٽالا جي نالي سان سڏيو ويندو هو.
ڇاڪاڻ ته ٿٻيٽ جو وڏو مذهبي اڳواڻ ۽ آمتياڀا جو
روحاني پٽ چنيويزيڪ لاءِ چيو ويندو آهي ته هو ڪنهن
زماني ۾ قديم پٽالا شهر ۾ رهندو هو ۽ اُتان ٿٻيٽ
پيو ايندو ويندو هو.“ (33)
جنرل هيگ مٿئين بيان جي وضاحت ڪندي اڳتي لکي ٿو
ته: هن روايت کي ڪير کڻي ڇا به سمجهي پر مذڪره
روايت جي ناتي سان اسان کي هن قديم شهر جي صحيح
نالي جي ڄاڻ پئي آهي. جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌوءَ جي
ڇوڙ واري علائقي جي راڄڌاني هو. نالو تمام سَوَلو
آهي يونان وارن هرو ڀرو ان کي بگاڙي کاري ڪو نه
ڇڏيو هوندو. هن کان علاوه اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته
پٽالا شهر جو بنياد ڪنهن قديم زماني ۾ رکيو ويو هو
۽ حقيقت به اها آهي. شايد آرين جو اهو قديم شهر
جو، جيڪو هن سمونڊ جي ڪناري سان اچي وسايو هو.
(34)
هيگ صاحب جي مٿئين بيان جي تصديق انهيءَ ڪتاب جي
حوالن واري حصي ۾ لکيل آهي ته: نقشي 11 ۾ پٽالا جو
شهر سنڌوءَ جي ٻَه درياهيءَ جي وچتي ڏيکاريو ويو
آهي. هن صورتحال مان ٽالميءَ جي بيان جي پُٺڀرائي
ٿئي تي ته مذڪوره شهر درياه جي وچ تي هڪ ٻيٽ تي
اَڏيل هو. (جاگرافي-
Lib،
جلد
vii،
سي.آءِ، حاشيو، ص 59) معلوم ائين ٿو ٿئي ته نقشي ۾
سنڌوءَ ۽ سندس لاهن چاڙهن کي، ٺٽي جي اولهه ۾ يا
پُراڻ کان ٿورو پري ۽ ڪڇ جي صفا اتر ۾ ڪن ٿورن حصن
کان سواءِ سڄو صورتحال اٽڪل ۽ اندازي تي تيار ڪيل
آهي. (35)
هيگ صاحب جي ڪيل مٿين وضاحت ۾ اِهو ڄاڻايو ويو آهي
ته: ’پٽالا‘ سنڌوءَ جي درياهي دوآبه جي وچتي هو.
انهيءَ جو اهو نقشو نمبر 11 ڏسڻ سان اسان کي البته
ايتري ڄاڻ ضرور ملي ته: اهو شهر ٻه درياهي ڇوڙ جي
منهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي مگر انهيءَ جي حدن بابت
ڄاڻ ڪونه ڏني ويئي آهي ته انهيءَ شهر جي چوڌاري
ڪهڙا، ڪهڙا علائقا جيڪي سامونڊي پٽيءَ جي ويجهو
هئا. غالباً اها تحقيق ڪونه ڪئي وئي آهي. پٽالا
وارا اُهي ٻئي ڇوڙ اڄ به سر زمين تي موجود آهن. هن
شهر جي جاگرافيڪل مَک اولهه ۾ ڪيٽي بندر تعلقو ته
کارو ڇاڻ ۽ شاهنڊر تعلقا ۽ ان جي آس پاس واري
ساحلي پٽي شامل ڪري سگهجي ٿي. اهڙو نقشو اسان به
پنهنجي هن مضمون ۾ ڏئي ڇڏيو آهي.
پٽالا يا پاتال بندر:
دنيا جي مورخن هن بندر گاه کي ڪڏهن ”سڪندر بندر“ ۽
ڪڏهن وري ”پاتال بندر“ جي نالي سان ته: ڪٿي وري
’ٻيڙين جو بهشت‘ جو نالو ڏنو آهي. ۽ اهو به ڄاڻايو
ويو آهي ته هيءَ تاريخ جي دور کان اڳ جو عاليشان
بندر هُيو. جيئن اسان جي هڪ مهان مورخ پنهنجي هئا
شعر ۾ چيو هو:
”هيءَ شهر ڪڏهن ڪو شهر هيو،
۽ شهرن جو ڀي شاه هيو،
ماضي ان روشن ائين جيئن؛
تارن ۾ ڪو ماه هيو. (36)
تاريخدانن پنهنجي تحقيق سان اهو ثابت ڪيو آهي ته
هي بندر گاه واپاري لحاظ کان پوري دنيا ۾ ريڙهه جي
هڏيءَ ۽ هڪ مرڪز جي حئيثت رکندو هو. ڏيساور جا
تقريباً قديم شهر وَڻج ۽ واپار سانگهي هن ئي
بندرگاه تي پنهنجا واپاري جهاز کڻي ايندا هئا.
مؤرخ لکن ٿا ته: ايراني نار يا ڳاڙهي سمنڊ مان
جڏهن واپاري ٻيڙا هندوستان ايندا هئا، ته سِڌو اچي
سنڌوءَ ڇوڙ واري علائقي ۾ بيهندا هئا. اهڙي ريت
هيءَ ڳالهه به پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته تاريخ جي
دور کان گهڻو اڳ ڪلداني واپاري جن لاءِ چيو ويندو
آهي ته اهي سمنڊ رستي واپار ڪندا هئا، سي به گهڻو
ڪري هلي اچي سنڌوءَ جابندر ڀيٽيندا هئا. ساڳيءَ
ريت مصر ۽ عربستان جا واپاري به هندوستان سان
واپاري ڏيتي ليتي سنڌوءَ جي بندرن معرفت ڪندا هئا.
اهو به چيو ويندو آهي ته حضرت سليمان عليه السلام
جو ٻيڙو به سنڌوءَ جي ڇور وارن بندرن ۽ بازارين ۾
وکر وهائيندو ۽ وڻجيندو هو. (37)
هيگ پنهنجي ڪتاب ۾ اڳتي لکي ٿو ته: اگا ٿارڪيڊس
جيڪو ٻي صدي. ق.م يونان جو مورخ هو. تنهن اسڪندريا
۾ اهڙي قسم جا انگ اکر گڏ ڪيا هئا ۽ اهو واپار
سندس زماني ۾ هلندڙ هو. سندس بيان آهي ته عربستان
جي بندرن ايشيا جا گهڻا جهاز مال کڻي ايندا هئا.
پرججهائي ”پوٽانا (پٽالا) مان ايندڙ جهازن جي
هوندي هئي. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته هي شهر سنڌوءَ جي
ڇوڙ وٽ واپار جي وڏي منڊي آهي. (38)
دستور مطابق: هونءَ به شهر کان بندر پري هوندو آهي
انهيءَ طرح پٽالا جو بندگاه شهر کان اوريان ٺهيل
هو. اسان کي اهڙا ڪئين حوالا ملن ٿا. تاريخ ۾ ته:
جڏهن ”پٽالا“ جو ڏيساوري واپاري بندر طور نالو
کنيو وڃي، ته اسان کي ائين سمجهڻ گهرجي ته ولايت
جي واپارين جو سامان سمنڊ کان پوءِ درياهي ٻيڙين
وسيلي مٿي پٽالا تائين پهچندو هو. هيءُ سامونڊي
مال برداريءَ وارو طريقو آڳاٽي زماني کان وٺي اڄ
تائين رائج آهي. ڇوڙواري علائقي ۾ هندوستان جي
هرهڪ علائقي جا جهاز بيٺل نظر ايندا هئا. انهن مان
ڪي ايراني نار ته ڪي ڀونچ سمنڊ مان آيل هوندا هئا
۽ هتي اچي مال جي مٽا سٽا ڪندا هئا. هن طريقي جو
واپار پهرين صدي عيسوي تائين هليو. ان وقت تائين
پٽالا پنهنجي پوري اوج تي هو. ان کانپوءِ منجهس
اڳين اهميت ڪانه رهي. ناکئن ۽ سکاڻن مان سمنڊ ۾
ٻيڙين هلائڻ وارو هنر ڄڻ موڪلائي ويو. (39)
پٽالا جي تباهي: ”سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو“ جو
مصنف: جنرل هيگ پنهنجي تحقيق سان، پيري پلس جو
حوالو ڏيندي پٽاڻي يا پٽالا“ جي ڦٽي وڃڻ بابت لکي
ٿو ته: هي مورخ سنڌو ماٿري واري هيٺئين حصي کي
”سَٿيا“ سڏي ٿو. توڙي جو هو پاڻ ئي ٻڌائي ٿو ته:
”پار ٿيا“ جي حمله آوارن هلان ڪري انڊو سٿين
علائقن تي پنهنجي سياسي سگهه ڄمائڻ جا جتن ڪيا
هئا. پراچرج جهڙي ڳالهه اِها آهي ته هن يوناني
مصنف ڪڏهن پٽالا يا پٽالڻي جو نالو وٺي سندس ذڪر
ڪو نه ڪيو آهي. هن حقيقت مان اهو لکي سگهون ٿا ته
سنڌوءَ جي راڄڌاني وارو مکيه شهر اُن دور ۾ يا ته
موجود ئي ڪونه هو. يا وري ايترو غير اهم ٿي ويو
هوندو، جو سندس ذڪر ڪرڻ جي لوڙئي ڪونه پئي هوندي.
قديم شهر پٽالا جي جاءِ تي نئين راڄڌاني قائم ڪئي
وئي هوندي ۽ حقيقت به اِها آهي.
اسان کي ڇوڙ واري علائقي وٽ هڪ نئين سامونڊي بندر
جو نالو ملي ٿو. سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته گريڪو-
بئٽڪرين، گريڪو- انڊين ۽ انڊو- سٿين جي ڪاهن ڪري
وڏي اٿل پٿل آئي جيڪڏهن ان ڇول ۾ سنڌوءَ جي ڇوڙ
واري ايراضي جي راڄڌاني ”پٽالڻي“ ڀيلجي بُٺ ٿي وئي
ته ڪا اچرج جهڙي ڳالهه به ڪانه آهي. (40)
پٽالا يا پٽالڻيءَ جي ڦٽڻ جو هڪ ٻيو سبب ڄاڻائيندي
هيگ صاحب لکي ٿو ته: اهڙي ريت جڏهن درياه جو وهڪرو
مٿان کان ئي الهندي ڏانهن رُخ ڪرڻ لڳو ته ان جو
لازمي نتيجو اهو ٿيو هوندو، جو پٽالا جي پَٽن کان
پاسو ڪري ويو هوندو ۽ سامونڊي بندر سان سندس لهه
وچڙ ۽ لاڳاپو ڇڄي ويو هوندو. اڳئين جيئان ماڻهو ته
منجهس کڻي رهندا به هوندا. پر ڏيساوري واپاري جي
وڏي منڊي واري سندس اڳين حيثيت ڪانه رهي هوندي
پهرين عيسوي صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ اسان کي پٽالا جو
ڏس پتو يا ڪو پنڌ پيچرو ڪونه ٿو ملي پر پَڪ سان
چئي سگهجي ٿو ته اهو شهر پنهنجي دور جو مشهور
معروف بندر هو. دنيا جي هن مشهور شهر جو نالو
ٽالمي جي جاگرافيءَ ۾ به موجود ڏسون ٿا. هُن صاحب
پيري پلس کان اڌ صدي کن پوءِ پنهنجو ڪتاب لکيو
آهي.(41)
اسان جيڪڏهن اندازو لڳايون ته به ”پٽالا“
پندرنهن سئو سال اڳ به نالي جي اعتبار سان ڄاتو
سڃاتو ويندو هُو. ليڪن؛ ان کانپوءِ هن شهر بابت
صرف نالي جي بنياد تي مقامي ماڻهو؛ جيڪي ڪيٽي
بندر، کارو ڇاڻ ۽ شاهبندر ۾ رهندڙ هئا. انهن پوڙهن
مردن ۽ عورتن جي ذهنن ۽ سينن ۾ اڄ به هن عظيم
الشان بندرگاه جو نالو محفوظ آهي. جاگرافيائي ۽
ارضياتي، تبديلين توڙي سامونڊي طوفانن، زلزلن ۽
آفتن جي ڪري به هيءُ شهر تباهه وبرباد ٿي ويو. اڄ
جي مشاهدي سان اهو پڻ ثابت ٿي چڪو آهي ته؛ لاڙجي
هن ساحلي پٽيءَ تي بعد ۾ قائم ڪيترائي ڪوٽ ۽ قلعا-
بندرَ ۽ بازايون، محل ۽ محلاتون جيڪي تمام گهڻو
پوءِ اڏايا ويا ۽ آباد به ٿيا. ليڪن اُهي به سمنڊ
جي منهن زور لهرن جو مقابلو نه ڪري سگهيا ۽ دنيا ۾
پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهيا ۽ عدم جي واريءَ
۾ هميشه هميشه لاءِ گم ٿي ويا.
حوالا ۽ واڌارا:
(1) ڏسو: ’سنڌوءَ جو ڇوڙ‘ وارو علائقو، از: جنرل
هيگ، سنڌي ترجمو، عطامحمد ڀنڀرو، ص 218-219،
ڇپائيندڙ: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،
حيدرآباد سنڌ.
(2) ڏسو: سنڌ جي تاريخ جي هيٺيان ڪتاب؛ تاريخ
معصومي فارسي (قلمي) ص 268، تاريخ معصومي سنڌي ص
255، تاريخ طاهري فارسي ص 239-240، تاريخ طاهري،
سنڌي ص 139، تحفة الڪرام فارسي، مطبع ناهري سال
1304هه ص. تحفة الڪرام سنڌي، ص 156، ص 185، ص 251-
252 ۽ 360، چچ نامه سنڌي، ص 438، بيگلار نامه
فارسي ص. 195. بيگلارنامه سنڌي 87.
(3) مرحوم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جو راقم کي لکيل خط
مورخه 4- فيبروري 1989ع حيدرآباد.
(4) ڏسو: روزانه ’ڪاوش‘ تاريخ 3- فيبروري 2021ع ۾
آيل ’ڪاروهر دڙي جي کوٽائيءَ‘ بابت خبر.
(5) مرحوم ايم.ايڇ.پنهور صاحب پنهنجي ڪتاب:
’پيرائتي سنڌ ڪٿا‘ جي ص 106 تي به هن علائقي کي
’ڪرو ڪلا‘ ڪري لکيو آهي. اهو حوالو هن صاحب
سڪندراعظم جي مورخ ۽ سامونڊي آرماڙ جي اڳواڻ: نرخس
جي حوالي سان، ص 171-172 ۽ 174 طور ڏنو آهي.
(6) ڏسو: ’پيرائتي سنڌ ڪٿا‘، از: ايم.ايڇ پنهور
مرحوم ص 98، بحواله: نارائڻ انڊو گريڪس ص 123 ۽
181
(7) ڏسو: ’پيرائتي سنڌ ڪٿا‘، از: مرحوم
ايم.ايڇ.پنهور، بحواله: ڊيوڊرس (مڪ بحواله: ص 296.
(8) ڏسو: پٽالني، ’راوڙ ۽ پالي‘، مضف: محمد صلاح
الدين، رٽائرڊ سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو سنڌ، ص
15-16، نوٽ: هتي ’سبيلان‘ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪن
مورخن ’بباڪتا‘ لکيو آهي. ليڪن اڄ به کاروڇاڻ
(ڪڪراله جي هڪ ديهه جو نالو ”تببلو“ موجود آهي
(راقم)
(9) اهي نالا اسان کي کاري جي ۽ شاهبندر جي مختلف
عورتن ۽ مردن کان مليا آهن. هن لاءِ ٿورڙي وضاحت
اها آهي ته؛ لاڙ وارو بندر. لاهوري بندر مراد نه
آهي ۽ پاٽار جو لفظ اڄ به اسان وٽ هڪ ديهه جو نالو
۽ درياءَ جو نالو: جهور پاٽار نالي سرزمين تي
موجود آهي. هتان جي هڪ جهونڙي چاچا علي محمد
مِلڪائي ونگرو (حال ريڙهي مياڻ ڪراچي (1890ع) ۾
ورتل انٽرويو، ۽ مختلف موقعن تي عورتن کان ٻڌل
ڳيچ. (راقم)
(10) ڏسو: ’پيرائتي سنڌ ڪٿا‘، از: ايم.ايڇ.پنهور،
ص 95، بحواله: ائرين، ائنابيس، جلد اله ص 6-8، ص،
13 ۽ مڪ ڪرنڊل، ص، 4.
(11) ڏسو: ’پيرائتي سنڌ ڪٿا‘، از: ايم.ايڇ.پنهور،
ص 96، بحواله: بنبوري، هسٽري آف ائنشينٽ جاگرافي،
ص 351 ۽ اَرلي هسٽري آف انڊيا ص 104 ۽ ڪيٿ جرنل
رائل ايشيائڪ سوسائٽي 1909، ص 567، نوٽ: پنهور
صاحب سيوهڻ ۽ پٽالا کي ٻوڌين جا ڳڙه ڪري لکيو آهي؛
ليڪن اهو سندن اندازو غالباً غلط ٿو محسوس ٿئي ان
ڪري جو پٽالا جي پالني تهذيب جا ماڻهو ٻڌ قوم جا
باشندا نه هئا ڇاڪاڻ جو هو خود ان کان اڳ هزارين
سالن کان ڌرمي ماڻهو هئا. انهيءَ لاءِ جو رُگ ويد
۽ پراڻن ۾ هتان جا رهواسي چندرونسي کتري هئا. ۽
شري رامچندر جا اَبا ڏاڏا به هن ئي علائقي؛ پٽالا
جي سر زمين جا رهاڪو هئا. اُهي ’برتا‘ ۽ ’شِوِ‘
ديوتائن جا پوڄاري هوندا هئا.
(12) ڏسو: ’پيرائتي سنڌ ڪٿا‘، از: ايم.ايڇ.پنهور،
ص 96؛ بحواله ايرين ائنابيس. جلد عه 111، ص 27 ۽
بنبوري، هسٽري آف ائنشينٽ جاگرافي ص 351 ۽ ايرين
ترجمو؛ سيلنڪوٽ، ص 201.
(13) اها ڳالهه؛ اَرلي هسٽري آف انڊيا جي حوالي
سان ص 119 تان جناب ايم.ايڇ پنهور صاحب پنهنجي
ڪتاب؛ ’پيرائتي سنڌ ڪَٿا‘ جي 27 تي ڏني آهي. ۽
انهيءَ سان گڏ هن صاحب وري مڪ ڪرنڊل، اليگزينڊر، ص
160 جو حوالو پڻ ڏنو آهي.
(14) ڏسو: ايم.ايڇ. پنهور صاحب ’پيرائتي سنڌ ڪٿا‘،
ص 97، پڻ ڏسو: ايڇ.ٽي لئمبرڪ سنڌ هڪ عام جائزو. ص
202.
(15) ايڇ.ٽي لئمبرڪ جو ڪتاب: ’آڳاٽي سنڌ‘، ص 194 ۽
ص، 195.
(16) ايڇ.ٽي لئمبرڪ، ’سنڌ هڪ عام جائزو‘، ص 95،
بحواله؛ بلانفورڊ جي ڪتاب؛ اُلهندي سنڌ جي
اَرضيات؛ ص، 168.
(17) ڏسو: ’پيرائتي سنڌ ڪَٿا‘، از: ايم.ايڇ.پنهور
ص 98، بحواله؛ مڪ ڪِرنڊل ص 316 ۽ ص 326
(18) ڏسو: ’آڳاٽي سنڌ‘، از: ايڇ.ٽي لئمبرڪ- ص 196.
(19) ڏسو: ’پيرائتي سنڌ ڪٿا‘، از: ايم.ايڇ. پنهور
ص 98 بحواله: اسٽرابو، الا، باب 11، ص 1 ۽ نارائڻ؛
ص 122، ص 181 ۽ ص 178، نوٽ؛ ايجسيٽن سمنڊ، ڀوُنڇ
سمنڊ جو حصو آهي.، اهو يونان ۽ اناطوليه جي وچ تي
آهي. اهو سمنڊ مارمره ۽ بوسيپورس سمنڊ جي اترئين
پاسي واقع آهي. دهوڊس ۽ ڪريڪ جا وڏا ٻيٽ هن سمنڊ
جي ڏکڻ ۾ آهن.
(20) ڏسو: ’پيرائتي سنڌ ڪٿا‘، از: ايم.ايڇ پنهور
صاحب ص 98. بحواله نارائڻ، انڊو. گريڪس، ص 123، ص
181 ۽ پڻ ڏسو: ايڇ. ٽي لئمبرڪ، آڳاٽي سنڌ، ص
166-167
(21) ڏسو: ’پيرائتي سنڌ ڪٿا‘، ايم.ايڇ.پنهور صاحب.
ص 98 بحواله؛ ديو درس مڪ ڪِرنڊل، ص 296، انهيءَ
صاحب وري، پٽالا کي ٽٽوٽالا، ڪري سڏيو آهي.
(22) ڏسو: ’پيرائتي سنڌ ڪٿا‘، از: ايم.ايڇ.پنهور
صاحب ص 27، بحواله: مڪ ڪرنڊل، اليگزينڊر، ص 161 ۽
ص 165 ۽ اَرلي هسٽري آف انڊيا. ص 119.
(23) ڏسو: ’قديم سنڌ‘ از: ڪاڪو ڀيرومل مهرچند
آڏواڻي ، ص 180 ۽ 181.
(24) ڏسو: ’پيرائتي سنڌ ڪَٿا‘، از. ايم. ايڇ.
پنهور صاحب. ص 28 ، بحواله؛ اسٽرابو،
xi،
به 11 ص 1 ۽ نارائڻ، ص 122، ص 181 ۽ 178.
(25) ’پيرائتي سنڌ ڪٿا‘، از: ايم.ايڇ.پنهور، ص 98.
(26) ڏسو: ’آڳاٽي سنڌ‘، از: لئمبرڪ، ص 204، ص 206.
(27) ڏسو: ’سنڌ آڳاٽي زماني ۾‘، از: لئمبرڪ، ص
206، ص 207.
(28) ڏسو: ’پيرائتي سنڌ ڪٿا‘، از: ايم.ايڇ.پنهور
صاحب، ص 98.
(29) ڏسو: ’قديم سنڌ‘، از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ص
65. ص، 64.
(30) ڏسو: ص 65.
(31) ڪولن مان تازو مسلمان ٿيل؛ چاچا نديم احمد
شيخ صاحب ورتل روبرو انٽرويو ۽ درگار راڄسين
سومراڻي رح جي خليفي ۽ مجاور نوجوان؛ ميان احمد
کٽي (ڇنڇره واحداڻيءَ کان ورتل احوال: واضح رهي هن
درگاهه جا ڪول، ڀيل ۽ سنٿيال وغيره ڪافي عقيدتمند
آهن. راقم خود آهي چتون (طوطا) جيڪي ڪپڙي جا ٺهيل
هئا. ڏٺا هئا جيڪي پنهنجي مراد طور اُهي اُتي
درگاه جي مالاريءَ ۾ ٽنگي ويا هئا (راقم)
(32) ڏسو: ’قديم سنڌ‘، از: ڀيرومل ص 179-180.
(33) ڏسو: ’ڇوڙ وارو علائقو‘، از: جنرل هيگ ترجمه
عطا محمد ڀنڀرو، ص 38، 39 ۽ 40.
(34) ڏسو: حوالو ساڳيو: ص 40.
(35) ڏسو: حوالو ساڳيو: ص 238.
(36) اهو شعر جو ٽڪرو مرحوم و مغفور جناب عزيز
جعفراڻي صاحب جو آهي. جيڪو پاڻ 28 فيبروري 1982ع
تي چيو هئائون (راقم)
(37) ڏسو: ’ڇوڙ وارو علائقو‘، از: جنرل هيگ. ترجمه
عطاء محمد ڀنڀرو، ص 38-39
(38) ڏسو: ص 48.
(39) ڏسو: ص 49.
(40) ڏسو: ص 50 ، ص 51.
(41) ڏسو! - - -- - -- ص 52، ص 51.
|