پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون
راڄو ڳوٺ- سال
مولانا
عبدالغفور سيتائي
مولانا عبدالغفور سيتائي جو نالو علمي دنيا ۾ ڪنهن
کان مخفي ۽ ڳجهو نه آهي، بلڪه ائين چئجي ته صحافت
۽ قلم جو تذڪرو مولانا سيتائي جي ذڪر کان سواءِ اڻ
پورو ۽ اڌورو هوندو، ان کان اڳ جو آءٌ سندس ان
عظيم پورهئي ۽ خدمتن جو ذڪر ڪريان، چند ڳالهيون
لکڻ ضروري ٿو سمجهان. تقسيم کان پهريائين يا ان
کان پوءِ برصغير ۾ گهڻي حد تائين جيڪي رسالا يا
اخبارون نڪرنديون هيون، مون کي خود به حيرت ٿي ٿئي
ته گهڻي حد تائين انهن اخبارن ۽ رسالن جا ايڊيٽر
علماء حضرات هئا، يعني ديني مدرسن جا تربيت يافته
مثال جي طور مولانا محمد علي جوهر (ڪامريڊ)
ابوالڪلام آزاد، (الهلال)، عامر عثماني (تجلي)،
مولوي محبوب عالم (پيسه اخبار لاهور)، مولانا
اسدالله شاهه ٽکڙائي، (بهارِ اخلاق)، مولانا خير
محمد نظاماڻي، (سنڌ زميندار)، مولانا عزيزالله
(رسالو قِرآني ولهيٽ عمرڪوٽ)، مولانا دين محمد
وفائي رسالو الوحيد، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي،
(الوحيد)، (نواءِ سنڌ)، وغيره مٿي ذڪر ڪيل بزرگ
عالم سڀ جا سڀ ديني ادارن جا تربيت يافته فارغ
التحصيل عالم هئا، جن پنهنجي وس آهر هن ملڪ جي
آزادي ۽ قوم جي ڀلي لاءِ پنهنجون عمريون ۽
صلاحيتون صرف ڪيون.
الوحيد، ۽ نواءِ سنڌ جو ايڊيٽر مولانا عبدالغفور
سيتائي دادو ضلعي جي مشهور ڳوٺ بچو واهڻ نزد سيتا
(رحماني نگر) ڪچي واري علائقي ۾ 15- جنوري 1915ع
گل محمد سولنگي جي گهر ۾ جنم ورتو، سنڌ جي ڪچي ۽
ٻهراڙي واري علائقي ڪيترين ئي اهم علمي ادبي
شخصيتن کي جنم ڏنو، جن اڳتي هلي قوم ۽ ملت جي بي
لوث خدمت ڪئي ۽ سندن زندگي ايندڙ نسلن لاءِ روشن
مينار ۽ سنگ ميل ثابت ٿي. مولانا عبدالغفور سيتائي
ذات جا سولنگي هئا، پاڻ کي سيتائي جي طرف منسوب
ڪندا هئا، ڇو جو سندن ڳوٺ سيتا شهر کي ويجهو هو،
جتي اڄ به سولنگي برادري جا تمام گهڻا ڳوٺ آهن،
مولانا عبدالغفور موحد آزاد فڪر ۽ سوچ هئڻ جي
باوجود مٿن ديني ۽ مذهبي فڪر هميشه غالب رهيو، ان
جو اصل سبب اهو هو جو پاڻ پنهنجي ابتدائي تعليم
کان وٺي آخر تائين ان وقت جي رواج ۽ روايتن مطابق
ديني مدرسن مان حاصل ڪيائون، ابتدائي تعليم سنڌ جي
مشهور شهر پاٽ مان حاصل ڪيائون، جن ۾ سندن وڏو
ڀاءُ نثار احمد سيتائي هو، مولانا محمد صديق کڏي
وارو مولانا محمد صديق ڪڇي به شامل آهن. مزيد
تعليم جي حصول لاءِ انوقت ۽ ماحول جي مطابق دهلي ۽
ديوبند جو سفر ڪيائون، جيڪو ان وقت اعليٰ تعليم جي
حصول جو سڀ کان وڏو مرڪز هو. 1970ع کان پهريائين
يا ان کان پوءِ به اوهان سنڌ جي اعليٰ آفيسرن جي
نالن کي ياد ڪندا ته گهڻي حد تائين انهن جا والد
دارالعلوم ديوبند جا عالم ۽ فارغ التحصيل هئا،
انهن پنهنجن پٽن کي جديد تعليم سان وقت جي ضرورت
مطابق آراسته پيراسته ڪيو ۽ هو اڳتي هلي اعليٰ
ايماندار آفيسر بنيا، سفارشي ڪلچر 1970ع کان پوءِ
ايو ڇو ته اڻويهه صديءَ جي شروعات ۾ اعليٰ تعليم
جا مرڪز ئي برصغير ۾ ٻه هئا، عليڳڙهه ٻيو ديوبند
مولانا عبدالغفور سيتائي کي ٻن عظيم ادارن يعني
پاٽ ۽ ديوبند جو فيض مليو، هتي آئون ان وسريل باب
جو به ضرور ذڪر ڪندس، جنهن مولانا عبدالغفور
سيتائي جي زندگيءَ تي تمام وڏو اثر ڪيو، اُهو سندن
مامون آهي، جو هڪ متقي پرهيزگار عالم اديب مولانا
محمد صديق سولنگي رحه، مولانا غلام صديق
شهدادڪوٽيءَ کان علاوه مولانا حسن الله پاٽائيءَ
جي اوائلي شاگردن مان هو نه صرف سيتا پر آسپاس جي
ڪچي جي علائقن ۾ اڄ ڏينهن تائين سندس علمي ۽
روحاني حلقن جو وڏي احترام سان تذڪرو هلي ٿو، پاڻ
سيتا جي بالڪل پاسي ۾ سندن آبائي ڳوٺ آهي جتي ان
زماني ۾ هڪ وڏو مدرسو قائم ڪيائون، جنهن جا آثار
اڄ تائين ان ڳوٺ ۾ موجود آهن، تازو منهنجو دوست
محترم مختيار احمد مرکيو جي والد مرحوم وڏيرو
عبدالحميد مرکيو جي تدفين ۾ وڃڻ ٿيو، جتي مختيار
احمد جي رسم دستاربندي به ٿي. اهي سولنگي مختيار
احمد مرکيو جا ناناڻا به آهن. سمورو قبرستان
سولنگي برادريءَ جو آهي جن کي اڄ ڏينهن تائين اتي
جا ماڻهو مولوي جي لقب سان ياد ڪندا آهن، ۽ کين
ڪارا مولوي سڏيندا آهن، فاتحه خوانيءَ کان پوءِ
صرف هڪ قبر تي ڀڳل ڪتبو جنهن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪيم
ته لکيل هو مولانا محمد صديق سولنگي جنهن جو تذڪرو
۽ تعارف کان آئون واقف هئس، مولانا دين محمد وفائي
۽ ڊاڪٽر جمن ٽالپر به سندس علم ۽ تقويٰ ۽ ديني
خدمتن جو تذڪرو ڪيو آهي، مون ڪوشش ڪري مولانا محمد
صديق سولنگي رحه جي قبر جو ڪتبو ۽ فوٽو محفوظ ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي جيئن ته اڄ جي نوجوان کي هن سولنگي
برادري جي عظيم عالمن ۽ محققن جي خدمتن جي خبر
پئجي سگهي. هتي اهو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته مولانا
محمد صديق رحه جو سيتا جي ان ڳوٺ ۾ وڏو مدرسو هو،
جنهن جا آثار موجود آهن، سندس وفات کان پوءِ اهو
مدرسو سندس لائق شاگرد مولانا محمد قاسم ملاح رحه
سنڀاليو جيڪو پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه ملاح جو ڏاڏو
هو.
هتي هي چند سٽون تاريخ جي حوالي سان لکڻ ضروري ٿو
سمجهان ته مولانا محمد صديق سولنگي مرحوم لنواريءَ
وارن بزرگن جو خانداني مريد هو، جن ڏينهن ۾
لنواريءَ جي حوالي سان انگريز سرڪار جي منافقانه
پاليسيءَ سبب مذهبي اختلاف ۽ تحريڪ جي ابتدا ٿي ته
مولانا محمد صديق پنهنجي هن ڀاڻيجي عالم مولانا
عبدالغفور سيتائي کي گڏ وٺي ويو ته جيئن هو اُتي
ڏسي سگهن ته زميني حقائق ڇا آهن.
سندس ڀاڻيج مولانا عبدالغفور سيتائي مرحوم لنواري
وڃي اهو سمورو معاملو اکين سان ڏٺو، جنهن جو احوال
10- اپريل 1934ع ۾ ’بيداري‘ شماري ۾ ڇپيو، پاڻ اهو
مضمون ۽ لنواريءَ جو دورو مولانا خير محمد نظاماڻي
ان تي هڪ اداريو به لکيو جنهن تي لبرٽي بوٽ هائوس
جي مالڪ ڪورٽ ۾ مقدمو داخل ڪيو ۽ مولانا خير محمد
نظاماڻي گرفتار ٿيو، جيڪو بعد ۾ آزاد ٿيو، انهيءَ
ساڳئي دور ۽ تحريڪ جي ڏينهن ۾ مولانا حاجي احمد
ملاح مدرسه انوارالعلوم بدين محله غريب آباد ۾
کوليو جنهن ۾ مولانا عبدالغفور سيتائي مدرس ٿي
رهيو، اهو سندس جوانيءَ وارو زمانو هو.
اسين مولانا محمد صديق سولنگيءَ جي تربت تي فاتح
پڙهي واپسيءَ ۾ اچي وڏيري حاجي مختيار جي اوطاق تي
ويٺاسين، جتي هڪ پيرسن بوسڪيءَ جي پٽڪي سان ويٺل
هو، هو تمام زماني شناس ۽ ڳالهير ٿي لڳو.
هڪ وڏي گهر جي طرف اشارو ڪري چيائين ته سائين هيءُ
منهنجي ناني جي والد جو مدرسو هو، هتي حڪيم فتح
محمد سيوهاڻي، علامه عمر بن محمد دائودپوٽو
بختيارپور ۽ پاٽ جا عالم به پڙهي چڪا آهن، يعني
مولانا محمد صديق وٽ هاڻي اهو علم، ادب ۽ دين هتان
لڏي چڪو آهي، اسان وٽ به صرف ڳالهيون وڃي رهيون
آهن، مولانا عبدالغفور به هتان جو شاگرد هو، هن
وقت هيءُ سمورو ڳوٺ قبائلي جهيڙن جي ور چڙهيل آهي
۽ رات جو اسان نڪري نه سگهندا آهيون، سولنگي
برادري جا ڪافي خدمتگار اسان جي ميزباني ڪري رهيا
هئا، ديني اسلامي فڪري حوالي سان ڪو نشان ئي نه
هو، تعارف جي خاطر هڪ سولنگيءَ کان نالو پڇيم
چيائين، عدل الله، مونکي حيرت ٿي تڏهن چيائين اسان
جا نالا سائين اڄ به ان طرح آهن، اهل الله، برڪت
الله، فضل الله، اهل الله، سندن چوڻ هو ته وڏن جا
نالا هلندا پيا اچن، دراصل اهي اُهي نالا هئا جيڪي
پشت بشت مولانا محمد صديق رکيا سي هلندا پيا اچن،
سائين مولانا عبدالغفور سيتائي به ان بزرگ جو فيض
يافته هو.
مولانا سيتائي هڪ نيڪ متقي خدا ترس انسان دوست
عالم هو، پاڻ سنڌ جي پهرئين سنڌي اخبار، زميندار،
الوحيد ۽ اصلاح جو پاڪستان ٺهڻ کان پهريائين ۽
پوءِ به چيف ايڊيٽر رهيو، بلڪه ائين چئجي ته ان
اخبار جا ٽي ايڊيٽر عالمِ دين رهي چڪا آهن، تقسيم
کان پوءِ جلد مولانا جا اخبار جي بورڊ سان اختلاف
ٿي پيا ۽ پاڻ الوحيد کي ڇڏي پنهنجي چند دوستن جي
مدد سان جن ۾ غلام محمد وساڻ ۽ مرحوم محمد ايوب
کهڙو به شامل هو، هڪ نئين اخبار روزانه نواءِ سنڌ
جي نالي 1952ع ۾ جاري ڪيائون، هن جو صدر دفتر
ڪراچي ۾ هو، هن اخبار ۾ مولوي صاحب اداريا ۽ ڪالم
سنڌي ماڻهن جي سجاڳي ۽ انهن جي حقن متعلق خوب
لکيا، مولوي صاحب هڪ فقير منش انسان ۽ علم پرور
شخصيت هئا، مالي وسيلن لاءِ جيڪي ملڪ جا مروج
طريقا هئا پاڻ ان کان گهڻو پري رهيا نيٺ مالي
وسيلن جي ڪمزور هجڻ جي بنياد تي ۽ گڏوگڏ ان وقت جي
حڪومتي جبر ۽ سختيءَ جي ڪري ڪجهه عرصو کڏي مدرسه
مظهرالعلوم ۾ مدرس به رهيا. هيءَ اخبار 1969ع ڌاري
بند ٿي ويئي. پاڻ هڪ سچا مخلص ۽ درد دل رکڻ وارا
فرد هئا ۽ پاڻ پنهنجي صحافتي پيشي ۾ ڪيترا شاگرد
پيدا ڪيائون، بلڪه ائين چئجي ته آخري وقت تائين
قلم جي پورهئي ۽ پيشي سان ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان
مصروف رهيا، ڪراچيءَ جي مسلم سوسائٽي ۾ سندن رهائش
هئي ۽ پاڻ ڪثيرالعيال شخص هئا، ان لاءِ هميشه
پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت ۾ ڪوشان رهندا هئا،
اردو ايڪسپريس جي سابق ايڊيٽر سردار قريشي جي ڪافي
سال اڳ لکيل هڪ مضمون، سندن صحافتي حوالي سان هي
واقعو سندن زندگي جي بي باڪي وضعداري علم ادب جي
حوالي سان هڪ مڪمل تصوير آهي، 1960ع جو واقعو آهي
آئون روزنامه نواءِ سنڌ جي ادارتي بورڊ ۾ نئون
نئون شامل ٿيو هئس، هيءَ اخبار پڪي قلعي مان
نڪرندي هئي، سنڌ جا ٻه وڏا زميندار يعني غلام محمد
وساڻ ۽ ايوب کهڙو هن جا فنانسر هئا. اخبار جو
ايڊيٽر مولوي عبدالغفور سيتائي صاحب هو، ڪلين شيو
هو پر مون کي ماڻهن ٻڌايو ته دارالعلوم ديوبند جو
شاگرد اهي، ادارتي عملي جي گڏجاڻي ۾ سندس چيل هيءَ
ڳالهه مون کي اڄ به ياد آهي. هيءَ گڏجاڻي ان ڏينهن
جي شماري ۾ اندر جي صفحي تي لڳل هڪ خبر جي متعلق
هئي، پاڻ چيائون ته هيءَ خبر ڪنهن ۽ ڇو لڳائي آهي،
اوهان مان ڪو ٻڌائي سگهي ٿوته اها خبر ڇو ۽ ڇالاءِ
لڳائي وئي آهي پاڻ شفٽ انچارج کان باز پرس به نه
ڪيائون بلڪه هڪدم سواليه انداز ۾ پڇايائون ته
اوهان کي خبر آهي ته خبر ڇا هوندي آهي، سب ايڊيٽر
چيو هر اُها ڳالهه جيڪا ماڻهن کي ٻڌائڻ جي لائق
هجي ۽ اهڙو اطلاع جيڪو ماڻهن جي دلچسپيءَ جو سبب
به هجي، مولوي صاحب ان ڳالهه سان اتفاق نه ڪيو ۽
چيائين ته ڇا ڪو ڪُتو ڪنهن ماڻهوءَ کي کائي وجهي
ته خبر ٿي ويندي. نه ڇو ته اهو معمول آهي ڪُتا
ماڻهن کي کائيندا رهندا آهن، ها جي ڪو ماڻهو ڪُتي
کي کائي وجهي ته پوءِ اها خبر آهي ڇو ته عام طور
تي ائين نه آهي ٿيندو.
اهڙي طرح پاڻ هڪ بهادر دبنگ ايڊيٽر هئا، سندس وصفن
مان هيءَ وصف جيڪا منهنجي لاءِ هميشه مشعلِ راهه
رهي ۽ اڄ به ياد آهي.
هڪ دفعي اخبار جي پروف ريڊر جڏهن سندس قابليت ۽
اختيار کي چئلينج ڪيو پاڻ ان کي انا ۽ عزت جو
مسئلو نه بنايائون، بلڪه خاموشيءَ سان تسليم
ڪيائون، اهو سندن وڏماڻهپو هو، جيڪو مون کي اڄ به
ياد آهي، پاڻ هڪ ميٽنگ گهرائي ان جي تعريف ڪيائون،
صحافتي دنيا اڄ اهڙن عظيم مخلص علمي ماڻهن کان
خالي ٿيندي پئي وڃي، مون کي ياد آهي جڏهن آئون وٽس
نوڪريءَ لاءِ ويو هئس، ته مون کان پڇيائين انٽرنشپ
ڪٿي ڪئي آهي، مون قاضي اڪبر ۽ قاضي عابد جي اخبار
عبرت جو نالو ورتو، ته پاڻ اُهي سڀ ڳالهيون
ٻڌائيندا رهيا، جيڪي مون کي ٽريننگ جي دوران عبرت
پريس ۾ قاضين جي حوالي سان آهيون، منهنجو انٽرويو
هن طرح ٿيو جو پاڻ مون کي هڪ خبر ڏنائون، جنهن جو
چيائون ترجمو ڪري ڏي مون کي اڄ به ياد آهي ته اُها
خبر ايوب خان جي ڪابينه جي هڪ وزير عبدالصبور خان
جيڪو بنگالي هو ان جي هڪ سياسي بيان جي حوالي سان
هئي پاڻ ان ترجمي کي ڏسي منهنجو تقرر ڪري ڇڏيائون،
مون کي پنهنجي صحافتي پيشي سان اڄ فخر آهي ته مون
هڪ عظيم هستيءَ جي ادارت ۽ سرپرستيءَ ۾ ڪم ڪيو آهي
جيڪو منهنجي لاءِ باعث فخر آهي.
مولانا عبدالغفور سيتائي نام نمود، نمائش کان
هميشه پري رهندو هو، حتيٰ الامڪان سندس ڪوشش هئي
ته سنڌ جي ماڻهن ۾ بيداري پيدا ڪئي وڃي، ۽ کين علم
جي زيور سان آرائسته ڪيو وڃي، آخري عمر ۾ پاڻ
پنهنجي اولاد ڀائيٽن ۽ ڀاڻيجن جي تعليم ۽ تربيت ۾
هميشه ڪوشان رهندا هئا، سندن وڏو فرزند سردار اشرف
سولنگي جيڪو ضلعي دادو جو ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين
به رهي چڪو آهي، هڪ نيڪ صوم صلوات جو پابند تبليغ
جماعت سان واڳيل ڄڻ وڏن جي يادگار آهي. سندن
ڀائيٽو سنڌ جو مشهور عالم اديب خالد سيتائي
انفارمينشن ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر رهيو، سندس ڀاءُ
فاروق احمد سولنگي ورلڊ هسٽري جو آمريڪا مان
پي.ايڇ.ڊي ڪئي ڪيترن ڪتابن ۾ مصنف آهي، سندس ٽيون
ڀاءُ محمد اقبال سولنگي بزنس ايڊمنسٽريشن ۾
پي.ايڇ.ڊي آهي. ۽ طويل عرصو ابوظهبي ۾ پاڪستان جو
سفير رهيو آهي. اهڙي طرح سندس پوٽاڻ ۽ ڏوهٽاڻ به
اعليٰ تعليم يافته آهن. هي سمورا افراد سيتا جي
ڪچي واري علائقي پر
مولانا عبدالغفور سيتائي مرحوم جي تربيت يافته ۽
فيض يافته هئا، علامه اقبال صحيح چيو آهي:
فطرت کے
مقاصد کی
کرتا ہے
نگہبانی-
یا
بندہ صحرائی،
یا
مرد کوھستانی.
يقيناً مولانا انهي فطرت جو امين هو، نه صرف سندس
اولاد پر پوري سنڌ لاءِ هڪ نقش راهه ڇڏي ويو آهي،
پوءِ انهن اهل علم جو تعلق علمي دنيا سان هجي يا
صحافت جهڙي عظيم پيشي سان هن مضمون لکڻ مهل به
منهنجي اڳيان پاٽ جي آخري بزرگ حسن الله پاٽائي
جون علمي خدمتون سامهون ڦري رهيون آهن، خاص طور تي
ان علائقي جي ان عظيم شخصيت جنهن جي ڪردار، علم
تقويٰ ۽ خدمتن کان نئون نسل اڃان بي خبر آهي، جتي
مولانا محمد صديق سولنگي مرحوم محو خواب آهن، تربت
مان ائين پي لڳو ته سالن کان ڪو هن قبر تي فاتحه
پڙهڻ به نه آيو آهي، ۽نه ئي اڄ جي ليکڪن کي ان جي
ڪا ضرورت آهي، بقول شاه صاحب:
نڪو اير نه ڀير، نڪو اوٺي آيو،
مون وٽ آيو ڪينڪي ڀائران ڀري پير،
ڪتابتون ڪري آڻي ڏيندم ان ڏيهه جون.
مولانا محمد صديق سولنگي جي تربت جو ڪتبو
مولانا عبدالغفور سيتائي مرحوم 24- مئي 1981ع تي
هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃي هميشه لاءِ ابدي
دنيا ۾ آرامي ٿيا، حسن اتفاق سان مولانا عبدالغفور
مرحوم جي ولادت بروز ڇنڇر تي ۽ وفات به بروز ڇنڇر
ٿي. سندن وفات حيدرآباد ۾ ٿي، سندس آخري آرامگاهه
ڳوٺ مريد لاکير قبرستان علي مرتضيٰ شاهه ۾ آهي.
آخر ۾ آئون سندس پوين جي خدمت ۾ اهو عرض ضرور
لکندس ته هو مولانا مرحوم جي حيات، خدمات خاص طور
تي تحريڪِ آزادي جي حوالي سان سندس ڪم تي ڪو ڪتاب
شايع ڪن ته جيئن نئون نسل سندن ذات کان واقف ٿي
پنهنجي لاءِ ڪا راهه متعين ڪري سگهي.
مددي ڪتاب:
1-
جوڳيئڙا جهان ۾، محمد امين مگسي، دادو.
2-
سنڌ جا اسلامي درسگاهه، محمد جمن ٽالپر.
3-
سنڌي انسائيڪلوپيڊيا، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار
ادارو، حيدرآباد.
4-
ذاتي مشاهدو ۽ ملاقاتون ڳوٺ بچو واهڻ/سيتا
5-
روزانه ايڪسپريس، (اردو) ايڊيٽر: سردار قريشي، 30-
نومبر 2016ع، ڪراچي اداره
6-
مهان ماڻهو ميهڙ جا، مولانا اعجاز علي سومرو،
ميهڙ.
7-
حاجي احمد ملاح جون ديني خدمتون، ص 83، 2000ع،
ليکڪ: ڊاڪٽر اسماعيل ميمڻ.
8-
خانداني روايتون، رجب آزاد سولنگي،
استاد هاءِ اسڪول دادو.
غزل کي شاعريءَ جي وڌ ۾ وڌ لطيف ۽ نفيس صنف سمجهيو
ويندو آهي ۽ حسن ۽ عشق جي وارداتن جي ترجماني ڪندڙ
صنف سڏيو ويندو آهي. غزل گو شاعر جي ڪلام ۾ هڪ خاص
قسم جي فضا ملي ٿي، جيڪا ان شاعر جي داخلي ڪيفيتن
۽ تمدني ماحول، جنهن ۾ هو وڌيو ۽ وڏو ٿيو هوندو
آهي، جو نچوڙ هوندي آهي. غزل ۾ شاعر وارداتِ قلبي
۽ شخصي بيان ڪندو آهي ۽ نهايت لطيف پيرائي ۽ پُر
اثر انداز ۾ پنهنجي انفرادي ڪيفيتن کي اهڙيءَ طرح
بيان ڪندو آهي، جو هن جي اندر جي امنگن ۽ اُڌمن کي
ٻيا ماڻهو پنهنجي اندر جا اُمنگ ۽ اُڌما سمجهڻ
لڳندا آهن. ان حالت ۾ غزل انفرادي حدون اورانگهي
اجتماعي دلين جي ترجماني ڪرڻ لڳندو آهي ۽ ڪلاسڪ جو
درجو حاصل ڪري وٺندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو
فارسيءَ ۾ سعدي ۽ حافظ، اردوءَ ۾ مير، غالب،
سنڌيءَ ۾ گل، سانگي ۽ ڪيترن ٻين شاعرن جي غزل کي
ڪلاسڪ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.
ڪلاسيڪي شاعريءَ جون جيڪي خاص خوبيون ٿين ٿيون،
اُنهن ۾ اندازِ بيان، اسلوبِ زبان، فصاحت، بلاغت،
سلاست ۽ ٻين شعري خوبين کي خاص اهميت حاصل آهي.
حسن ته بهرحال حسن آهي، پر جڏهن اُن کي سنواريو ۽
سينگاريو وڃي ٿو ته ان جي ڪشش ۾ وڌيڪ نکار پيدا
ٿئي ٿو. جهڙيءَ طرح هڪ نقاش پنهنجي تصوير ۾ مختلف
رنگ ڀري اُن کي وڌيڪ جاذب بنائي ٿو، اهڙيءَ طرح هڪ
شاعر تشبيهن، استعارن، صنائع لفظي ۽ معنوي جو
استعمال ڪري پنهنجي ڪلام ۾ دلاويزي پيدا ڪري ٿو.
ڊاڪٽر اياز قادري
رسالو مهراڻ سنڌي ادب سيمينار نمبر2
2/1984ع تان کنيل |