پرويز
حيدرآباد
اسان
کي به جڳ ۾ جاءِ ٺاهڻي پوندي
شادي جو کاڄ هو.
وڏي ڳوٺ جي هڪڙي مانيءَ مڇيءَ واري گهر جو ڪاڄ هو.
اڳي ڳوٺاڻين شادين جا سمورا ڪاڄ ڳوٺن ۾ ئي ٿيندا
هئا. هاڻي به ٿين پيا، پر هاڻي ڪي ڪي سَرندي
پُڄنديءَ وارا ويجهي شهر ۾ موجود شادي هال بُڪ
ڪرائين ٿا. ڪي ته رڳو مردن جو وليمو شادي هال ۾ ڪن
ٿا، باقي زنانو ڪاڄ ڳوٺ ۾ ئي ڪن ٿا، پر ڪي ڪي وري
زنانو ڪاڄ به شادي هال ۾ ڪن ٿا، جتي سموريون
زنانيون ريتون رسمون پوريون ڪيون وڃن ٿيون ۽
ٻهراڙيءَ جي عورتن کي به شادي هال جو مزو وٺرايو
وڃي ٿو.
اهڙوئي هڪڙي شاديءَ جو عورتاڻو فنڪشن ننڍي شهر جي
شادي هال ۾ ٿي رهيو هو. رات جو پهريون پهر هو.
گهوٽيتيون، ڪنواريتيون ۽ ڄاڃي عورتون پهچي چڪيون
هيون. هال جي لائيٽنگ رنگين روشنين سان سڄي هال کي
جڳمڳائي رهي هئي. ڊيڪ تي فل آواز ۾ خوشيءَ جا گانا
وڄي رهيا هئا. ٻه نو عمر ناچو ڇوڪرا وسيع اسٽيج ۽
ڪرسين جي وچ ۾ خالي جاءِ ۾ جديد قسم جي ڊانس ڪري
پنهنجي جسم جا مختلف حصا لوڏي لهرائي، ٺينگ ٽپا
ڏيئي نچي رهيا هئا، هر طرف خوشي ۽ شادمانيءَ جو
ماحول هو.
اوڏيءَ مهل، اُنهيءَ ئي ڳوٺ جي هڪڙي وڌيڪ سَرندي
واري شخص جي هڪڙي وڏي گاڏي اچي هال جي مکيه گيٽ وٽ
بيٺي. ڊرائيور گاڏي بند ڪري هيٺ لٿو ۽ تڪڙو تڪڙو
ڦري اچي گيٽ کوليائين. پهريائين هڪڙي خوبصورت،
نوخيز ۽ نوجوان ڇوڪري لٿي، جيڪا ڪپڙن، زيورن،
سجاوٽ ۽ ٺاهه ٺوهه جي حوالي سان مالڪياڻي ٿي لڳي.
پٺيان ٻي به نوجوان ڇوڪري لٿي، جيڪا نوڪرياڻي ٿي
لڳي. گيٽ تي بيٺل پهريدار ڇوڪرا پنهنجي ذميواري
سنڀاليو بيٺا هئا. اندر داخل ٿيندي ئي ڪاڄ ڌڃاڻين
ڳوٺ جي سريال ڇوڪريءَ جي اڳتي وڌي آجيان ڪئي ۽ کيس
وٺي اچي ڪنوار جي پاسي ۾ ويهاريائون ۽ کيس گهربل
عزت ۽ توجهه پئي ڏنائون. شمسه راڻي به ساڻس ملندڙ
هر ننڍي توڙي وڏي عورت سان انتهائي عزت ۽ پنهنجائپ
سان ملي، کِلي خوش خير عافيت ڪري رهي هئي. جيڏي
مهل ناچو ڇوڪرن ڏٺو ته اُن نوجوان ڇوڪريءَ کي ٻين
کان گهڻي اهميت ڏني پئي وڃي. تڏهن اُهي ٻئي نوجوان
۽ خوبصورت ڇوڪرا خاصو انعام مولڻ جي آسري تي،
اسٽيج تي چڙهي وڌي اچي شمسه راڻيءَ جي اڳيان
پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لڳا. انهن ٻنهي مان جيڪو
وڏو ڇوڪرو هو، سو به 18-20 سالن جو مس هوندو، پر
کيس ڊانس جي فن تي چڱو خاصو عبور حاصل هو. تنهنڪري
هُن اُجايا ٺينگ ٽپا ڏيڻ ڇڏي سنجيدگيءَ سان نچڻ
شروع ڪيو ۽ داد طلب نگاهن سان اُن خاص مهمان
نوجوانڙيءَ ڏانهن اشارو ڪري کيس پاڻ ڏانهن متوجهه
ڪرڻ لڳو:
او سهڻن جي سرڪار، تنهنجي حُسن جو خير هجي،
مور مٺا ماڻهو منٺار، تنهنجي حُسن جو خير هجي،
اسان ڀي قرب جي هڪ نگاه جا طالب آهيون،
جي قرب ٿئي قربدار، ته تنهنجي حسن جو خير هجي.
ڊيڪ تي وڄندڙ تعريفي ڪلام کي ناچو ڇوڪري طرفان چپن
۾ ورجائڻ ۽ شمسه راڻيءَ طرف اشارو ڪري کيس ڀيٽا
طور پيش ڪرڻ واري عمل شمسه راڻيءَ کي گاهي وڌو.
هوءَ دل ۾ ڏاڍي سُرهي ٿي رهي هئي، پر بظاهر هوءَ
ڪنوار سان ڳالهائي پنهنجو ڀرم رکي رهي هئي. تڏهن
پاسي کان ويٺل نوڪرياڻيءَ کيس ڪن ۾ ڪجهه چيو ۽
پوءِ ٻئي کِلي ماٺ ڪري ويهي رهيون. ڪجهه ئي لمحن
بعد شمسه راڻي پنهنجو پرس کولي سئو سئو جا ڪجهه
نوٽ ڪڍيا ۽ رسمي طور اُٿي بيهي ڪنوار تان گهورڻ
لاءِ سندس مٿان جهلي بيٺي. ٻئي ناچو ڇوڪرا انهيءَ
ئي انتظار ۾ هئا. سي هڪدم نچندا ٽپندا ويجها آيا ۽
کانئس واري واري سان انعام طور وصول ڪرڻ لڳا، جڏهن
آخري نوٽ وٺڻ لاءِ وڏو ناچو ڇوڪرو شمسه راڻيءَ کي
ويجهو ٿيو ۽ نئڙت ۽ نيازمنديءَ مان نوٽ وٺندي حسرت
ڀري نگاهه سان شمسه جي اکين ۾ نهاريائين، تڏهن
شمسه تي ڄڻ سحر طاري ٿي ويو هو. هوءَ ته بنهه حسين
هئي ئي، پر کيس ناچو ڇوڪري جي حُسن جي جادوءَ منڊي
وڌو هو. کيس ڇوڪري جي صحتمند، ڳُتيل ڳوري بدن ۽
سندس قهر جهڙين ڪارين اکين گهائي وڌو هو. ڇوڪرو
آخري نوٽ وصول ڪري احسانمنديءَ سان هٿ جوڙي سندس
شڪريو ادا ڪري ورڻ وارو ئي هو ته شمسه راڻيءَ بي
اختيار کانئس پڇي ورتو: ”نالو ڇا اٿئي؟“
”مِٺو.“
”ڪير آهين؟“
”مڱڻهار.“
”ڪٿي رهندو آهين؟“
”هن ئي شهر جي ڪچي آباديءَ ۾.“
”ڪم ڪهڙو ڪندو آهين؟“
”انٽر سائنس ۾ پڙهندو آهيان، اسڪول ۽ ڪاليجن جي
فنڪشنن ۾ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ههڙين دعوتن ۾ نچندو به
آهيان.“
”ڏاڍو سُٺو ٿو نچين، زبردست!“
”همت افزائيءَ لاءِ مهرباني، توهان جا اِهي ٻه ٻول
منهنجي لاءِ وڏي ۾ وڏو انعام آهن. ٿينڪ يُو سو
مچ.“
”اِٽ از اوڪي.“ ائين چئي هُوءَ پنهنجي جاءِ تي
ويهي رهي ۽ مِٺو مڱڻهار وري وڃي اسٽيج کان هيٺ نچڻ
لڳو.
هُوءَ جيڪا سريال گهر جي نياڻي هئي، سا ميٽرڪ پاس
ڪري گهر ۾ ويهي رهي هئي. سندس پيءُ زمينداري ڪندو
هو، ٻه ڀائر سرڪاري ملازم هئا. خوشحال ڪٽنب هو.
ٻئي ڀائر پرڻيل هئا. اڄ سندس ٻئي ڀاڄايُون برادر
جي ٻئي ڪاڄ ۾ ويل هيون. ماڻس ۽ پاڻ هِن ڪاڄ تي
اچڻيون هيون، پر اوچتو ماڻس کي مٿي ۾ سور ٿي پيو،
تنهنڪري هُوءَ هِن ڪاڄ ۾ نوڪرياڻيءَ سان گڏجي آئي
هئي.
خير سان ڪاڄ جون سموريون ريتون رسمون پوريون ٿيون
۽ مهمان موڪلائڻ لڳا، تڏهن هُوءَ به گاڏيءَ ۾ ويهي
ڳوٺ رواني ٿي ويئي.
هُوءَ گهر پهتي، چينج به ڪيائين. سمهڻ لاءِ بستري
تي ليٽي. پر.... پر سندس نيڻن ۾ ننڊ جي ڳهر اچڻ
بدران مٺو مڱڻهار ناچو ڇوڪري جو نماڻو چهرو ۽ سندس
التجا ڀريون اکيون ڦرڻ لڳيون. ڇا ته ڇوڪري جو حُسن
هو، ڇا ته ڇوڪري جي اکين ۾ نينهن جي نينڍ هئي ۽ ڇا
ته ڇوڪري جو نچڻ جي فن تي عبور حاصل هو، ۽ وڏي
ڳالهه ته اڪثر مڱڻهارن وانگر هُو رڳو نچڻ ڳائڻ ۽
دُهل وڄائڻ وارو ناچو ڪونه هو، پر هُو انٽر جو
شاگرد به هو، اِها ڳالهه شمسه کي ڏاڍي وڻي هئي:
”اِهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي ته سڀ ٺيڪ. پر آئون
ڇو پئي مٺو مڱڻهار جي باري ۾ سوچيان؟!“ شمسه
پنهنجو پاڻ کي اندر ئي اندر سوال ڪيو. سندس دل جي
هڪ پاسي مان آواز آيو: ”هُو سهڻو به آهي، نچي به
سٺو ٿو، پڙهي به پيو، وڻي به ٿو، پر تنهن ۾ منهنجو
ڇا؟! آئون ڇو پئي سوچيان!؟ هونئن.... چري ڇوڪري!
ماٺ ڪري سمهي پئو!“ تيستائين وري سندس دل جي ٻئي
پاسي کان ٻيو خيال اُڀريو: ”ها، برابر مٺو مڱڻهار
۾ منهنجو ڪجهه ڪونه ٿواچي وڃي، پر پوءِ به ڪجهه ته
آهي، جنهن مون کي هُن جي خيالن ۾ وچڙائي رکيو آهي.
جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته جيئن ٻئي ناچو ڇوڪري جو
خيال ذهن تي نٿو اچي، تيئن هن جو خيال به نه اچي
ها! ڇو ته ٻيو ڇوڪرو به ته حسين هو، نوجوان ۽ سٺو
نچيو پئي، پر ان جو خيال نٿو اچي. رڳو مِٺوءَ جو
خيال دل تان لهي ئي نٿو. معنيٰ ڪجهه ته آهي نه!
سوچبو به ته اُن لاءِ آهي، جنهن ۾ ڪا نه ڪا دلچسپي
هوندي آهي. ائين ٿوروئي ڪو ڪنهن جي لاءِ پريشان
ٿيو آهي.“ وري دل جي ٽئين خاني مان سوال اُڀريو:
”ڀلا منهنجي ڪهڙي مٺو مڱڻهار ۾ دلچسپي ٿي سگهي ٿي!
ڪٿي هُو نچڻ وارو ڇوڪرو، دهل وڄائڻ وارو ناچو! ۽
ڪٿي آئون....! آئون سرنديءَ واري گهر جي وڏي حيثيت
واري! اسين وڏا مانُ مرتبي ۽عزت وارا ماڻهو ۽ هُو
پنڻ کائڻ وارا! سو منهنجي ڪهڙي دلچسپي ٿي سگهي ٿي
ڀلا مٺو مڱڻهار ۾!“ وري دل جي چوٿين ڪُنڊ مان سوال
ڪَرَ کڻڻ لڳا: ”پوءِ ڀلا جي اِهي سڀ ڳالهيون
ڪونهن، ته پوءِ هيءُ جو ڪلاڪ کن ٿيو آهي، رڳو پيئي
مِٺوءَ جي باري ۾ سوچئين ۽ پاسا ورائين، اِهو
سڀڪجهه ڇا آهي؟! هڻينس ڍنڍ ۾، ٻڏي وڃي مري، تون ڇو
پريشان آهين، تنهنجي ڇو ننڊ ڦٽي پيئي آهي؟ تون ڇو
آتر ويلي ٿي پيئي آهين؟! هيڏي ساري ٿڪ ۽ اوجاڳي جي
باوجود به تنهنجي ننڊ ڪيڏانهن اُڏامي ويئي آهي؟ ته
تنهنجو ساڻس ڪوبه تعلق يا دلچسپي نه هجڻ جي باوجود
به هُو تنهنجي حواسن تي ڇانيو پيو آهي، سڀ ڇا آهي؟
.... چري! اِهوئي ته نينهن آهي. اهي ئي ته نينهن
جا نياپا ۽ نينڍون آهن، اِها من ۾ هورا کورا....
اِهو نه چاهيندي به ڪنهن جو دل تي تري اچڻ....
اِهو ڪنهن جو اکين اڳيان ڦرڻ.... پوئين رات جو ننڊ
ڦٽائي ايترو ڪنهن جي لاءِ سوچڻ.... اِهي ئي ته عشق
جي آمد جا آثار آهن. اِتان ئي ته دل لڳيءَ جون
تارون پاڻ ۾ ڳنڍجن ٿيون. اُتان ئي ته ارٿ ۽ ڪرنٽ
جي ملڻ ڪري ڪو ڀنڀٽ بڻجڻ جا امڪان پيدا ٿين ٿا.
تنهن کان پوءِ لڳي، ”انڌي“ ٿيندي آهي. اُها اِهو
ڪونه ڏسندي آهي ته ڪنهن جي ڪهڙي حيثيت ۽ ڪنهن جو
ڪهڙو مانُ مرتبو اهي. اُها اِهو به ڪانه ڏسندي آهي
ته ڪو پينو فقير آهي يا ڪو شاهي محل جو واسي آهي.
لڳيءَ جي اڳيان اونچ نيچ يا اميري ۽ غريبيءَ جي ڪا
اهميت ڪانه هوندي آهي. ياريءَ ۾ ليکا ڪونه ڪبا
آهن. ياري جنهن سان به ٿئي. عشق جو ڪوبه مذهب ۽
دين هوندو آهي. عشق چاهت آهي، چاهت لاءِ ڪابه
حدبندي ڪانه هوندي آهي. چاهڻ وارو رڳو چاهيندو ئي
آهي. ڪنهن کي ٿو چاهي؟ تنهن سان سندس ڪوبه غرض
ڪونه هوندو آهي. سو ڪنهن جي به چاهڻ ۽ ڪنهن کي نه
چاهڻ جا معيار مقرر ڪونه هوندا آهن. مٺو ناچو آهي
ته ڇا ٿي پيو! ۽ نچڻ به ته ڪو عيب ڪونهي، فن آهي.
هُو نوجوان آهي، خوبصورت آهي ۽.....۽ مون کي پهرين
نگاهه ۾ وڻي ويو هو..... الا! سندس نگاهن ۾ ڪيڏي
نه التجا هئي.....!“ ائين سوچيندي سوچيندي شمسه کي
رات جي پوئين پهر ننڊ وٺي ويئي.
هوءَ جا سُتي، سا يڪوئي سُتي پيئي هئي. رات ويئي،
صبح ٿيو، سج اُڀريو ۽ مٿان اچي منجهند ٿي، جڏهن
ڏينهن جو هڪ اچي ٿيو، تڏهن ماڻس اچي کيس اُٿاريو،
”امان، هاڻ ته اُٿي، ڏينهن جو هڪ ٿي ويو آهي.“
”امان، سمهڻ ڏي، ڀلا منهنجي لاءِ ڪهڙو ڪم کريو پيو
آهي.“ هُن جاڳندي، پاسو ورائيندي ۽ ڪَرَ موڙيندي،
آرس ڀڃندي چيو.
”ڪم ته خير ڪوبه ڪونهي تنهنجي لاءِ، پر اُٿي تيار
ٿي، ماسهين واريون آيون آهن. انهن سان مل، ماني به
تيار ٿي پيئي آهي.“ ماڻس مامتا ڀريئي لهجي ۾ چيو.
”ائي گهوڙا! ماسيءَ جن ڪيڏي مهل آيون آهن؟ ماسات
تانيا به آئي آهي ڇا؟“ شمسه ٽپ ڏيئي اُٿي ۽ ڊُڪ
پائي واش روم ڏانهن ڀڳي. ٿوريءَ ئي دير ۾ هوءَ
تيار ٿي اچي ماسيءَ وارين سان ملي ۽ ڪچهريءَ ۾
جنبي ويون. تانيه سندس گهري سهيلي هئي، پوءِ ماني
به گڏجي کاڌائون. شام جو موڪلائڻ مهل شمسه راڻيءَ
جي ماسيءَ ماڻس کي آهستڙي آهستڙي ڪن کڻايو ته
”شمسه اسان جي آهي اسان جي ظهور جي لاءِ متان ڪنهن
ٻئي طرف لئونڻو به ڦيريو.“
رات جو جڏهن شمسه جي ماءُ ۽ پيءُ نويڪلا ٿيا، تڏهن
ماڻس ڳالهه چوري ۽ کيس ٻڌايو ته ڀيڻس، شمسه پنهنجي
پٽ ظهور لاءِ گهري آهي. ”اِهو ظهور وچ ۾ ڪٿان اچي
ٽپڪيو. هوڏانهن منهنجو ڀاءُ سندس پٽ ذڪريا لاءِ
مون کي چيو ويٺو آهي. هاڻ ته معاملو ڏکيو ٿي
پوندو. ڪنهن کي پٺيرو ڪبو، تنهنجي ڀيڻ کي يا
منهنجي ڀاءُ کي! خير، اُهي ڏينهن به اچن، پوءِ
ڏسنداسين. پٽن ۽ ننهرن کان به صلاح وٺبي ۽ خود
شمسه جي به مرضي ڏسبي ته هوءَ ٻنهي مان ڪنهن کي ٿي
کڻي.“ شمسه جي پيءُ کِلندي في الحال ڳالهه ٽاري
ڇڏي.
ٻئي طرف شمسه راڻيءَ جي حواسن تي رڳو مِٺو مڱڻهار
ڇانئجي چڪو هو، پر هُو ته مرڳو شمسه جي دل جون
تاڪيون کولي اندر وڃي ديرو ڄمائي ويهي رهيو هو.
هوءَ هڪ پل به مِٺوءَ جي سٻاجهڙيءَ صورت وساري نه
پئي سگهي، پر سندن گهر ۽ سندن ڳوٺ جو اهڙو ماحول
هو جو هوءَ سواءِ دل جو دل ۾ کيس ياد ڪرڻ جي، دل
جو دل ۾ ساڻس روح رچنديون ڪرڻ جي، عملي طرح هوءَ
ڪوبه قدم کڻي نه پئي سگهي. ان ڏينهن شادي هال ۾
جيڪو هُن مِٺوءَ کان سندس نالو وغيره پڇيو هو، سو
به هُن وڏي جرئت ڪري ڪمال ڪري ڇڏيو هو. تنهنڪري
هاڻي هُوءَ ڪجهه به ڪرڻ جي حيثيت ۾ ڪانه هئي،
سواءِ دل جو دل ۾ کيس پوڄڻ جي. اِن عرصي دوران هڪ
ٻه ڀيرا هُن سوچيو به هو ته هوءَ همت ڪري گهر جي
ڪنهن نه ڪنهن ڀاتيءَ سان دل جو حال اوري، پر هُوءَ
ائين به نه ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته گهر جا سڀئي ڀاتي
کيس تمام گهڻو ڀائيندا هئا. سوکيس خدشو هو، بلڪه
پڪ هئي ته اِها ڳالهه ڪري نه رڳو هُوءَ پنهنجو
مقصد ماڻي نه سگهندي، پر مرڳو سندس لاءِ بي انتها
گهر ڀاتين جو پيار ۽ عزت به وڃائي ويهندي. تنهنڪري
هُن دل جو سُور دل ۾ سانڍي رکيو ۽ خاموش رهي.
۽ هيڏانهن وري سندس سوٽ ذڪريا ۽ ماسات ظهور لاءِ
هر ڪا ڌُر ور کنجيو ڪوشش ۾ لڳي پئي هئي. هرڪا ڌُر
پئي چاهي ته شمسه اسان جي گهر جي نُنهن بڻجي.
ڳالهيون چپن مان نڪري ڪنن تائين پهتيون ته هر طرف
کان سندرا ڇڪجي ويا. هاڻ ڇا ڪجي!؟ هڪڙي ڌُر گهران
نڪتي ٿي، ته ٻي ڌُر پهتي ٿي. شمسه جا ماءُ، پيءُ ۽
ڀائر مرڳو مُنجهي پيا ته ڪنهن کي راضي ڪجي ۽ ڪنهن
کي رنج، نيٺ گهر وارن سڄو بار اُڇلي کڻي شمسه تي
وڌو، ته تون ئي ٻنهي مان چونڊ ڪري ڪو هڪڙو پاڻ
لاءِ کڻ.
شمسه کي چڱيءَ طرح خبر هئي ته سندن برادر، پنهنجي
برادريءَ کان ٻاهر ڇوڪري وٺڻ يا ٻاهر ڇوڪري ڏيڻ کي
نه رڳو عيب پر ناقابلِ معافي ڏوهه سمجهندي آهي.
شمسه، جيڪا گذريل مهيني کن کان سندن گهر ۾ چاچي ۽
ماسيءَ جن جي اچ وڃ ۽ ٿيندڙ آهستي آهستي ڳالهين
مان لُطف اندوز ٿي رهي هئي. تنهن جڏهن ڏٺو ته
فيصلو منهنجي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، تڏهن منجهس جرئت
پيدا ٿي پئي. تنهن سڌو جواب ڏيڻ بدران مرڳو سڀني
کان سوال پڇيو ته: ”ڀلا رڳو انهن ٻن اميدوارن مان
چونڊ ڪرڻي آهي يا ڪو ٻيو به آپشن ٿي سگهي ٿو؟!“
شمسه جي اِن سادي سودي سوالَ جهڙوڪر گهر وارن مٿان
ايٽم بم ڪيرائي وڌو هو. جنهن سمورن گهر وارن جا
جسم ته نه، البت سندن هوش حواس، سوچ ۽ سمجهه کي
ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو هو. ٻيا ته ٻيا، پرسندس پيءُ ۽
ڀائر ائين ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺا، ڄڻ کين ڪنهن ڪاري
چيلاٽي ڏنگي وڌو هو. پڻس هينئان ڦاڙ رڙ ڪري پڇيو:
”ٻيو آپشن وري ڇا؟؟؟ اِهو جن توکي وري ڪنهن مٿي ۾
وڌو آهي؟؟ توکي خبر ڪانهي ڇا ته مرضي پڇڻ جو مطلب
فقط اِهو هو ته ذڪريا ۽ ظهور مان ئي ڪنهن هڪڙي جي
چونڊ ڪر. توکان پڇڻ جو اِهو مقصد هرگز ڪونهي ته
تون حد کان اُڪري ٻاهر وڃ ۽ پنهنجي مرضي هلائي ۽
پنهنجو آپشن ڏي! سمجهيئه!! پر هاڻ ظهور ۽ ذڪريا جو
فيصلو به اسين پاڻ ڪنداسين.“ ائين چئي هُو سڀ شمسه
جي ڪمري مان نڪري ويا ۽ پٺيان شمسه کي هيڪلو،
اُٻاڻڪو، بيوس ۽ لاچار ڪري ڇڏي هليا ويا.
۽ اُها رات شمسه ٻاٻرن ٽاندن تي اُگهاڙن پيرن
هلندي گذاري هئي. اهڙي بيوسي ۽ لاچارگيءَ جي
صورتحال ۾ هن پئي سوچيو ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي!؟
ڇا مون کي به اهڙي صورتحال ۾ گهيريل ٻين هزارين
ڇوڪرين وانگر همت هاري پنهنجي زندگيءَ جو خاتمو
ڪرڻ گهرجي؟ يا نه ته پوءِ گهر ڇڏي ڀڄي وڃي پاڻ کي
رُسوا ڪجي ۽ آخر ۾ ڪاري ٿي مرجي. يا مائٽن سامهون
ناڪام بغاوت ڪري مائٽن هٿان ئي مارجي وڃجي. يا
مائٽن جو چيو مڃي سندن مرضيءَ مطابق ئي شادي ڪري،
سڄي عمر پنهنجي دل جي درد جو کاڄ بڻجي، نه پاڻ سک
ماڻجي ۽ نه گهر وارن کي ڪو سک ڏيئي سگهجي ۽ ائين
پنهنجي ئي پيدا ڪيل روڳ ۾ چڳي چڳي مري وڃجي.
نه.... بلڪل نه....! مون کي اهڙو ڪوبه پراڻو
آزمايل، فرسوده ۽ ناڪاره قدم هرگز نه کڻڻ گهرجي.
مون کي پاڻ مرادو مرڻ جو گَس ڪڏهن به اختيار نه
ڪرڻ گهرجي. مون کي جيئڻ گهرجي، مون کي پنهنجي
زندگي جيئڻ گهرجي. پنهنجي مرضيءَ واري نئين زندگي
جيئڻ گهرجي، فرسوده، موتمار، مُدي خارج ۽ پراڻين
هاڃيڪار ريتن رسمن جي جاءِ تي نيون روايتون قائم
ڪرڻ گهرجن. نوان گس ۽ نوان پيچرا ٺاهڻ گهرجن، جن
تي عمل ڪري، جن تي وِک کڻي سک، سلامتي، پيار ۽ قرب
ڀريو معاشرو اَڏڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ۽ پوءِ هُن
فيصلو ڪري ورتو....!
صبح جو اُٿي ماڻس کي تانيا جي ڀاءُ، سندس ماسات
ظهور لاءِ رضامنديءَ جي خبر ڏنائين. جنهن سان
راتوڪي پيدا ٿيل تلخي رات جي پيٽ ۾ ٿي ختم ٿي ويئي
۽ ڳوٺ ۾ شادمانا ٿيڻ لڳا. ٻن مهينن اندر ئي سندس
شادي ظهور سان ٿي ويئي.
۽ پوءِ هوءَ ڪم تي چڙهي ويئي. سڀ کان پهريائين هُن
پنهنجي سڀني کان پياري سهيلي تانيه سان رابطو ڪيو
۽ کيس پنهنجو سمورو منصوبو سمجهايائين ته اسان کي
ڪهڙين پراڻين هاڃيڪار ريتن رسمن جي ور چڙهي اسان
جي زندگي زهر ٿي بڻائڻي پوي. کيس اهو به
سمجهايائين انهن موتمار شخصي، قبيلائي ۽ برادري
اَنائن مان ڪيئن جند ڇڏائجي، جن کي سريالَ پنهنجي
مرضيءَ مطابق اسان تي مڙهيو ويٺا آهن. آخر ۾ کيس
سندس ساٿ ڏيڻ ۽ هر قدم تي ساڻس گڏ بيهڻ جي به
گذارش ڪيائين. ٻنهي ڄڻين هٿ ملائي، ڀاڪر پائي توڙ
نڀاهڻ جو واعدو ڪيو. پوءِ آهستي آهستي سندس
ڀاڄائين کي اعتماد ۾ ورتائين. پوءِ سندس ڀائرن سان
گڏيل ڪچهريون ڪيائين. اڳتي هلي ظهور سميت تانيا جي
ٻين ڀائرن ڀينرن، ۽ پوءِ پنهنجي سَس سهري سان
خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين. ان بعد ذڪريا جي گهر ۽
پوءِ پاڙي جي ٻين برادريءَ وارن گهرن ۾ به آهستي
آهستي نئين روشن راهه جا پيچرا پهچڻ لڳا. پنهنجي
ماءُ کي ته اڳيئي همخيال بڻائي ڇڏيو هئائين. باقي
ڄاڻي واڻي پڻس کان اِها ڳالهه ڳجهي رکي هئائين.
انهيءَ عرصي دوران کيس ٻه پٽ ۽ هڪڙي ڌيءَ جو اولاد
به ٿي چڪو هو. زندگي پنهنجي معمول مطابق هلي پئي.
پر پوءِ ڳوٺ ۾ تڏهن هڪڙو مسئلو کڙو ٿي پيو، جڏهن
ظهور جي ننڍي ڀاءُ ڪاليج ۾ پڙهندڙ هڪڙي مسڪين
برادريءَ واري ڇوڪريءَ کي پسند ڪيو ۽ زور ڀريو ته
مون کي اُن ڇوڪريءَ سان ئي شادي ڪرڻي آهي. تنهن
کان ٻه ٽي مهينا اڳ ماروءَ جي ڌيءَ سڪينه به زور
پئي ڀريو ته مون کي به ڪاليج پڙهايو. آئون
ڊاڪٽرياڻي ٿيڻ ٿي چاهيان. جڏهن ٻنهي مسئلن گڏجي
زور پڪڙيو ۽ ڳالهه سڄي ڳوٺ ۾ عام ٿي ويئي، تڏهن
شمسه جي پيءُ کي، جيڪو هاڻي ڳوٺ جو اڪيلو سريال
هو، وَڍَ پوڻ لڳا. ”ائين وري ڪيئن ٿيندو؟! ڌارين
ڇوڪري، سان به مسڪين برادريءَ جي، جيڪي جهوپڙين ۾
پيا رهن، سا اچي اسان جي بنگلن ۾ راڻي ٿيندي! ۽
هيءَ وري عاروءَ جي ڇوڪريءَ، سا ٿي ڊاڪٽرياڻي ٿئي!
جن وٽ کائڻ لاءِ پورو ساروگراهه به ڪونهي. منهنجي
هوندي ائين وري ڪيئن ٿيندو؟!!“
شمسه راڻيءَ جي پيءُ کي، ڳوٺ جي سريال کي مُنهن تي
چڙهي روبرو ته ڪنهن به ورندي ڪانه ٿي ڏني ۽ ڪوبه
بحث مباحثو يا دليل دلائل ڪونه ٿي ڏنا. پر سريال
جي ڳالهه ٻڌيو ماٺ ٿيو ٿي ويا. پر سريال جي پري
مار ڪندڙ نگاهن، سندن چهرن تي هڪ پُراسرار اطمينان
۽ سندن چپن تي هڪڙي معنيٰ خيز مُرڪ ڏسي ٿي ورتي.
جنهن کي هيڪاري آپي مان ٻاهر ڪڍي ٿي ڇڏيو. خير،
هُو اِهو سڀ ڪجهه ڏسندو رهيو. ڳوٺ وارن به ڄاڻي
واڻي ڍِرَ پئي ڪئي ته ڀلي سريال ڳوٺاڻن طرفان
ٿيندڙ ڳالهيون ٻڌي ۽ پنهنجو ذهن ٺاهي.
۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن ظهور، شمسه ۽ ظهور جو پيءُ گڏجي
سريال جي گهر آيا ۽ اچي عرض ڪيائون ته ڳوٺ جا ٻه
مسئلا آهن. اسان جو خيال آهي ته اوهان ڪو ٽائيم
رکوته جيئن سڀ ڳوٺ جا مرد توڙي عورتون اچي اوهان
وٽ گڏجي ويهن. پوءِ اوهان جي صلاح سان ڪوحل ڳولي
سگهجي.
”سڄي راڄ کي گڏ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. جن جا
مسئلا آهن، رڳو اُهي ڌُريون اچن ۽ پنهنجا مسئلا
ٻڌائين.“ سريال سڄي ڳالهه سمجهندي چيو.
”پر سريالَ، جيڪڏهن سڀ گڏجي فيصلو ڪنداسين، ته
پوءِ فيصلي جا جيڪي به سٺا يا اگرا نتيجا نڪرندا
ته پاڻ سڀ ذميوار هونداسين. هينئر ته هرڪو رڳو
اوهان تي ٿو گند اُڇلي ته اَبا، سريالَ فيصلو ڪيو
هو. تنهنڪري اسان جو خيال آهي ته ڀلي سڀ گڏجي ويهن
ته وڌيڪ بهتر ٿيندو.“ ظهور جي پيءَ پنهنجي راءِ
ڏني.
”چڱو ائين به ٺيڪ آهي. ڀلي ائين به ڪري ڏسو، پوءِ
سڀاڻي رات جي ماني کائي ڀلي سڀ اچن.“ سريالَ هنن
کي ته اِها ورندي ڏني. پر دل ۾ سڙي ٻري رهيو. کيس
پڪ ٿي ويئي ته ڳالهه هٿن مان ڇڏائيندي وڃي.
ٻيءَ رات سڀ اچي گڏيا، مرد عورتون، ڇوڪرا ڇوڪريون،
ننڍا توڙي وڏا. سڀ کان اڳ ۾ ظهور جي پيءُ اُٿي
بيهي چيو ته: ”منهنجي ننڍي ڇوڪري ساڻس ڪاليج ۾ گڏ
پڙهندڙ هڪڙي مسڪين برادريءَ جي ڇوڪري پسند ڪئي آهي
۽ ضد ڪريو بيٺو آهي ته مون کي ان سان شادي ڪرايو.
هاڻ جيڪا راڄ جي صلاح هجي.“ تيستائين وري عارو
اُٿي بيٺو ته ”منهنجي ڇوڪري سڪينه ڏاڍي هوشيار
آهي. هينئر ميٽرڪ به اي.گريڊ ۾ پاس ڪئي اٿس. سا
چوي ٿي ته مون کي ڪاليج پڙهايو. آئون ڊاڪٽرياڻي
ٿيڻ ٿي چاهيان. سو جي راڄ موڪل ڏي ته کيس ڪاليج ۾
داخلا وٺي ڏجي.“
اِهي ڳالهيون ٻڌي سريالَ ڀڙڪي پيو ۽ ٽپ ڏيئي اُٿي
بيٺو: ”هيءُ سڀ ڇا آهي؟ هِن کان اڳ ڪڏهن اسان جي
ڳوٺ ۾ يا برادريءَ ۾ ائين ٿيو آهي ڇا؟ انهن فضول
ڳالهين لاءِ اوهان سڄو راڄ گڏ ڪيو آهي؟ اهڙين غلط
ڳالهين جي نه اسان جي وڏن اجازت ڏني هئي ۽ نه اسين
ڏينداسين. بس!“
”پر بابا، راڄ کان به رايو وٺو. من ڪو گس نڪري
پوي.“ هن ڀيري شمسه برجستي انداز ۾ چيو.
شمسه جي اِها ڳالهه ٻڌي، پڻس سريالَ جي ڳالهائڻ
کان اڳ ۾ ئي سڄي راڄ، مردن توري عورتن، ننڍن توڙي
وڏن گڏجي چيو: ”اسان سڀني جي راءِ آهي ته سڪينه کي
ڪاليج پڙهايو وڃي ۽ ظهور جي ڀاءُ کي به اُن
ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جي موڪل ڏني وڃي. ها ها، اهو
صحيح آهي.....!“ گوڙ مچي ويو، تڏهن وري شمسه
راڻيءَ ڳالهايو: ”بابا، ٻيو ڪوبه آپشن ڪونهي. وقت
بدلجي ويو آهي. اسان کي به وقت سان گڏ هلڻو پوندو.
وقت جون تقاضائون پوريون ڪرڻيون پونديون. پراڻا
نڪتل ليڪا ڊاهڻا پوندا. نين حدن ۾ اسان کي وسعت
آڻڻي پوندي. پنهنجي برادريءَ کان ٻاهر به وڏو جهان
آهي. اسان کي به جڳ سان گڏجي هلڻو پوندو ۽ جڳ ۾
جاءِ ٺاهڻي پوندي. هن مقابلي جي دور ۾ اسان تڏهن
ئي مقابلو ڪري سگهنداسين. جڏهن مقابلي جي قابليت
اسان ۾ هوندي ۽ اِها قابليت اسان کي اعليٰ تعليم
حاصل ڪرڻ سان ئي ملي سگهي ٿي.“ پوءِ شمسه راڻي وڌي
وڃي پڻس کي پيرن پئي، ۽ تڏهن پڻس کيس پيرن مان
اُٿاري ڀاڪرن ۾ ڀري چيو: ”شمسه ڌيءَ، تو برابر
پوئين ملهه مون کي ماري. تو ملاکڙو کٽيو ۽ مون
هارايو. آئون اوهان سڀني سان گڏ آهيان.“ اِهو ٻڌي
سڀني تاڙيون وڄايون ۽ ”مبارڪ مبارڪ“ جو
شور مچڻ لڳو.
مير سجاد اختر ٽالپر
ٽنڊو جان محمد
رَتُ
جڏهن کان الله بچايو، سياسي آشيرواد جي بُنياد تي
شهر جو چئرمين ٿيو هو، تڏهن کان هن جمعدار ڀيمي
گجراتيءَ تي ڏمر لائي ڇڏيو هئس. ڀيمون، پنج ست سال
اڳ، مٺي شهر ڇڏي، پنهنجن سهريجن وٽ اچي رهيو هو،
مئي شهر ۾ صرف پنهنجي ماءُ جي ڪري رهيل هو، پر ان
جي ديهانت کانپوءِ زال جي زور ڀرڻ تي، پنهنجو
مٺيءَ وارو پلاٽ وڪڻي، هتي اچي گجراتين جي پاڙي ۾
ننڍڙو گهر وٺي رهيو هو، سندس سهري کي پُٽيلو ڪو
اولاد ڪو نه هو سو پنهنجي ريٽائرمينٽ کانپوءِ
پنهنجي نوڪريءَ جي ڪوٽا تي ڀيمي کي نوڪريءَ تي
رکايائين.
گجراتين جي پاڙي ۾ گهڻا گهر نشي جي وَرَ چڙهيل
هئا، تنهنڪري آئي ڏينهن پاڙي ۾ جهيڙي جو ممڻ متل
هوندو هو، موالي مرد پنهنجا پيسا وڃائي پوءِ
پنهنجين زائفائن تي مار جو ڪٽڪو لائي انهن جي به
ڪمائي جوا ۽ شراب ۾ وڃائي ايندا هُئا. ڀيمي ۾ اهي
عادتون ڪونه هيون، پر تڏهن به هن کي پنهنجي گهر جي
بچاءَ لاءِ آئي ڏينهن جهيڙي کي منهن ڏيڻو پوندو
هو، پنهنجي ننڍڙي ۽ اڪيلي پٽ کي انهي ڀوءُ وچان
پاڙي جي ٻارن وٽ به ڪين ڇڏيندو هو، اسڪول ۾
ويهاريو هئائين پٽ کي انهي ڀوءُ وچان پاڙي جي ٻارن
وٽ به ڪين ڇڏيندو هو، ۽ اسڪول پاڻ روز ڇڏڻ ويندو
هو ۽ پاڻ ئي وٺڻ ويندو هو، هڪ لڱا، هن جي گوپال جو
جهيڙو، هڪ ڇوڪري سان ٿي پيو، گوپال به ٻاراڻي ۾
هڻي هن جو مٿو ڦاڙي وڌو. ڌڪ لڳڻ سان رَتُ ٺينڊيون
ڪري وهڻ لڳو. اسڪول ۾ ٻائيتال مچي ويو، ٻائيتال
مچي به ڇو نه آخر شهر جي معزز الله بچائي خان جي
ڇوڪري جو مٿو ڦاٽو هو ڪا معمولي ڳالهه، ٿوري هئي،
بس پوءِ ڇا، اسڪول ۾ پوليس پهچي ويئي، ڀيمو به
ڊوڙي اسڪول پهتو. پر الله بچايو ڪو ٽري ڇا؟
’اڙي هن ڀنگي ڍينڍ جي ايتري جرئت جو اسان جي ڇوڪرن
کي ماري.............‘
هُو گاريون به ڏيندو پئي ويو ۽ گوپال کي ماريندو
به پئي ويو، ٻيا وري الله بچائي جي سامهون سرخرو
ٿيڻ لاءِ انهي مارماران ۾ گوپال تي سٽڪو لاهيو
بيٺا هئا، ڀيمي پنهنجي سيڪلڌي ٻچڙي کي ائين مار
کائيندي ڏٺو ته پنهنجي ٻچي سان چنبڙي پيو بس پوءِ
ڇا....... تهائين وڌيڪ لٺيون لَتون مُڪون وسائڻ
لڳا. ڀيمون ته سڄو ڦٽجي پيو، پر انهيءَ مار ماران
۾ گوپال کي ڪو پيٽ واري ڪا ڪنهن جي اهڙي لت لڳي،
جو گوپال رَتُ جون الٽيون ڪرڻ لڳو، پر تڏهن به
ڪنهن کي ڪو رحم ڪو نه آيو. ڀيمي جو پنهنجي پٽ جي
اها حالت ڏٺي ته پنهنجي پٽ کي کڻي اسپتال ڏانهن
ڀڳو. پويان هن جي گار جي وٺ وٺان لڳايو بيٺا هئا،
پر اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي گوپال، پنهنجي پيءُ جي
ٻانهنِ ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ کليل اکين سان
ڄڻ پيءُ کي نهاري چوندو هجي. ’بابا، مون ايڏو وڏو
ڪو ڏوهه ڪيو هو ڇا.........؟‘ ڀيمي کان اوڇنگار
نڪري ويئي، زمين تي ويهي ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو، پر
ڪير آٿت ڏيڻ به ڪونه آيو، ڀيمون ڪري به ڇا ٿي
سگهيو ايڏي سگهاري ماڻهوءَ کي. تنهنڪري ماٺ ميٺ
پنهنجي مٺڙي پٽڙي کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري رت جا
ڳوڙها ڳاڙي صبر ڪري ويهي هو، پر الله بچائي جي من
۾ اڃان به ڀيمي لاءِ ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ڪا رهيل هئي، جو
شهر جي چئرمين ٿيڻ سان ئي هن ڀيمي کي تڪليفون ڏيڻ
شروع ڪري ڏنيون هيون، ڪڏهن ڀيمي جون چار چار مهينا
پگهارون بند ڪرايو ڇڏي ته ڪڏهن هر گهڙيءَ بيگر
ڏينهن جا ڏينهن وٺندو رهي، ڀيمون دانهن ڏئي ته
ڪنهن کي ڏئي.........
ڀيمون مٺيءَ ۾ ڪي چار درجا سنڌي جا پڙهيو هو، پر
پيءُ جي ديهانت کانپوءِ هنکي اسڪول ڇڏڻو پيو ۽
پوءِ ماءُ سان گڏ، ماڻهن جي گهرن جا واش روم ڌوئڻ
لڳو، هڪ ته ڪارو ڪوجهو ۽ مٿان وري صاف سٿرا ڪپڙا
پهري ته شهر جي معززين کي تهائين مٺيان لڳي ته
’ڀنگي، ڀنگيءَ جو پٽ، اسان سان ٿو ڪُلهو هڻين. وري
سندس ماءُ سان سڌريل سماج جا، سڌريل ۽ پڙهيل لکيل
ماڻهو اهڙو ورتاءُ ڪن ڄڻ هي بدتر درجي جا انسان
هجن، ڀيمي کي هر ڌڪار، هڪ نئون سبق ٿي سيکاريو،
تڏهن هن دل تي دل ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته ڇا به ٿي
پوي هُو پنهنجي اولاد کي اهو ڪم ڪرڻ نه ڏيندو، هنن
کي هر حالت ۾ پڙهائيندو، پر چوندا آهن ته بندي جي
من ۾ هڪڙي مالڪ ٻي ڪري، سو ڀيمي سان به اها ڪار ٿي
هئي جو هڪڙو پٽڙو سڪ پن سان ٿيس سو به اڻڄاتي ڏوهه
۾ مارجي ويس.
الله بچائي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته هن کي نوڪريءَ مان
ڪڍجي، پر هيءُ ته ايمانداري سان نوڪري ڪندڙ هو
ڪڏهن گسائڻ ته ٺهيو، پر ڪڏهن حقي موڪل به ڪونه
ورتي هئائين. بيماريءَ ۾ به پنهنجي ڊيوٽي ڏيندو هو
ايسيتائين جو جڏهن پنهنجي ٻچڙي کي مٽيءَ ماءُ
حوالي ڪيائين تڏهن به ڊيوٽيءَ تان ڪين نه
گسايائين، پنهنجي پاڙي جي هر گجراتيءَ جي هڙان
وڙان جيڪا مدد پڄندي هئس سا ڪندو رهندو هو، اها
ڳالهه به الله بچائي کي ڏاڍي ڏکي لڳندي هئي. هُو
بالا آفيسرن جا ڪن ڀريندو رهندو هو ته هي هنن
گجراتي ڀنگين جو ليڊر ٿيڻ ٿو چاهي، اوهان کي ۽
اسان کي بليڪ ميل ڪرڻ ٿو چاهي، تنهنڪري ڀيمون گهڻو
ڪري آفيسرن جي آڏي پڇاڻي جي ور چڙهيل رهندو هو.
ايترو ڪجهه ٿيندي به هن ڪڏهن ڪنهن سان ڪا شڪايت
ڪونه ڪئي.
هڪ ڏيهاڙي ڀيمون جيئن ڪم تان لٿو ۽ ريڙهو ۽ ٻهارو
جمع ڪرڻ آفيس آيو ته آفيس ۾ ٻڙڌڪ متل ڏٺائين ته
هُو حيران ٿي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو ته ڪنهن
کان پڇي ته ڇا ٿيو آهي، تيسين ڀيمي جي يار رامي،
پٺيان کان اچي، ڀيمي جي ڪلهي تي هٿ رکي، ڪَن جي
ويجهو اچي چيو: ”ڀيمان ڀڳوان جي گهر دير آهي انڌير
ڪونهي، صاحب جي ڇوڪري جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو اٿئي،
اسپتال ۾ حياتي ۽ موت جي چئو واٽي تي پيل آهي.“
ڀيمي اها ڳالهه ٻڌي، حيرت وچان رامي ڏانهن نهاريو،
جنهن جي چپن تي اڻ لکي مرڪ هئي. ڀيمي، رامي جي
ڳالهه جو ڪو جواب ڪونه ڏنو ۽ خاموشيءَ سان آفيس
مان نڪري، اسپتال هليو آيو، جتي ڊاڪٽر شهر جي
چئرمين الله بچائي کي چئي رهيا هئا ته ”سائين
جيڪڏهن او نيگٽو رَت نه مليو ته ڇوڪري کي بچائي نه
سگهنداسين، رَتُ تمام گهڻو وهي ويو آهي..........“
رَتَ ڪارڻ الله بچائي پنهنجي وسان ڪين گهٽايو.
چؤگرد هن جا ماڻهو پڇائون ڪرڻ لاءِ نڪري ويا هئا ۽
پاڻ به گاڏي کڻي او نيگيٽيو رَتُ هٿ ڪرڻ لاءِ نڪري
پيو هو ۽ فون تي ڊاڪٽرن کان بار بار پڇندو به رهيو
نيٺ ڊاڪٽرن هن کي چيو ته: ’بس سائين، هاڻي رَتَ جي
ضرورت ڪونهي........!‘
الله بچائي جي هٿ مان فون ڇڏائجي ويو هو. چرين
جيان اسپتال ڏانهن ڀڳو. اسپتال پهچندي ئي رڙ ڪري
ڊاڪٽرن کي چيائين ”ڊاڪٽر صاحب، ائين ڪيئن ٿو ٿي
سگهي.......؟“
”سائين خير آهي....... ڇوڪري کي رت ملي ويو آهي،
ڇوڪرو هاڻي خطري کان ٻاهر آهي.“
الله بچايو ڊوڙي پنهنجي ڇوڪري وٽ آيو، جيڪو اڃان
بيهوشيءَ جي حالت ۾ هو. رَتَ جي بوتل مان حيات جو
ڦُڙو ڦُڙو ڇوڪري جي جسم ۾ وڃي رهيو هو.
الله بچائي هڪدم پڇيو:
”’رَتُ ڪٿان مليو.........؟“
ڊاڪٽر پريان بيڊ تي سُتل شخص ڏانهن اشارو ڪيو،
الله بچائي جي نظر جڏهن بيڊ تي ستل شخص ڀيمي تي
پئي ته سندس هٿ جا طوطا ڇڏائجي ويا، ۽ هُو ندامت
جا ڳوڙها ڳاڙي ڀيمي کي ڏسندو رهيو.
نياز مسرور بدوي
شڪارپور
سيلفي گرل
هوءَ
گذريل ٻن ڏينهن کان وٺي سرمد جي نگاهن جو
محور ۽ مرڪز بڻيل هئي. ڀُوري
باهه جهڙي ڇوڪري، جيڏانهن ٿي ويئي، تيڏانهن سرمد
جون نگاهون سندس پيرو کڻندي ٿي ويون. اها ڪيفيت
خود سرمد کي به پنهنجي سمجھه ۾ نه اچي رهي هئي،
ته آخر ان ٽلندڙ، ٽهڪندڙ، ڇوڪريءَ ۾ ڪهڙي مڻيا
رکيل آهي، جنهن جي جادوئي سحر ۾ هُو
ڦاسي پيو آهي. جيڪڏهن جھٽ گھڙيءَ جي لاءِ اها
معصوم الهڙ دوشيزه سندس نظرن کان غائب ٿي پئي وئي،
ته سرمد جو مَنُ ننڍڙي ٻار جيان صفا اٻاڻڪو ٿي وڃي
پيو، ڄڻ ته ڪنهن کانئس من پسند رانديڪو کسي ويو
هجي. سندس پيشانيءَ ۾ پوندڙ گهنج ڳڻتيءَ جو اظهار
ڪري رهيا هئا ۽ هن جون پياسي، ملول ۽ مرجھايل
اکيون کيس ڏسڻ لاءِ ڳوليندي رهنديون هيون. جڏهن
سندس اکيون مشتاق جي ديدار جون مشروب پيئنديون
هيون ته سندس روح جون اداسيون ڪافور ٿي اڏامي
وينديون هيون. خود سرمد کي به پنهنجي بي ديد ۽ بي
حيا ٿي ويل اکين تي حيراني ٿيڻ لڳي هئي ته ڇو هو
ننڍ وڏائي ۽ ڀرم جا سڀ رشتا ٽوڙي هن کي تڪيندو رهي
ٿو.
سرمد جڏهن هن کي مرڪندو ڏسندو هو ته پاڻ گد گد ٿي ويندو هو، ڄڻڪ هن ساڻس ٿي
کليو ۽ مرڪيو. دل ئي دل ۾ هن کيس پوپٽڙي سڏڻ شروع
ڪيو. هئي به ته پوپٽڙيءَ جھڙي. اڏامندي ٿي رهي
ڪنهن وقت ڪهڙي گل سان، ته وري ڪنهن وقت ڪهڙي گل
سان روح رچنديون ٿي ڪيائين. سندس چوطرف گل ئي گل
هئا. هر گل پاڻ کي پوپٽڙيءَ جي ويجھو آڻڻ ٿي چاهيو
۽ پاڻ اگھائڻ ٿي چاهيو. پوپٽڙيءَ جي سهڻن پرن ۽
سندس رنگن کي ڏسڻ تي چاهيو. جيتوڻيڪ اهي گلڙا پاڻ
به حسين، رنگين ۽ معصوم هئا ۽ انيڪ رنگن جا مالڪ
هئا، پر پوءِ به گلن جي پوپٽڙيءَ سان چاهت
ڏسي، سرمد کي قدرت جي ان عجيب نيرنگينيءَ تي اچرج
ٿي آيو ته ڪٿي پوپٽڙي ۽ ڪٿي گلَ. پوپٽڙيءَ سان اهو
عجيب، گلن جو پيار، پوپٽڙيءَ کي ڏسڻ لاءِ سرمد کي
هيڪاري وڌيڪ هرکائي رهيو هو. هن ٻه ٽي دفعا پنهنجي
ڀر ۾ ويٺل ڏاهي دوست اياز کان به پڇيو، پر هن کي
به شايد ان پوپٽڙيءَ بابت ڪا ڄاڻ نه هئي جنهن پڻ
پنهنجي لاعلميءَ جو اظهار ڪيو ۽ کيس چيو ته 'درويش
صفت جا مالڪ سرمد! ڪڏهن کان وٺي پوپٽڙين کي پنهنجي
اکين ۾ اوتڻ شروع ڪيو اٿئي. هاڻ تنهنجي اکين ۾ نه
اها جوت رهي آهي، جو حسن جي جلون جو ڌڪ پچائي
سگھين، مورڳو نور نه چٽ ٿي وڃئي؟ نه وري جوانيءَ جو اهو جوش اٿئي، جو ڪا
حور پري تو ڏانهن نگاهه کڻي نهاري. ماٺ ڪيون ويٺو،
حسن جا لقاءَ ڏس. حسن کي اسان جھڙا اکين سان ئي
داد ڏيندا آهن. هي اها پوپٽڙي آهي، جنهن کي ڇهڻ
سان سندس رنگ اڏامي ويندا ۽ هن جو نور صبح بي نور
ٿي ويندو.'
سرمد عجيب انداز سان مرڪي اياز ڏانهن نهاريو. ۽ چيائينس ته 'اياز سائين!ڏس
ته سهي ڪيئن نه معصوم هرڻيءَ جيان ڇال ڏيندي ٿي
وتي، اٿس ڪائي پرواهه شڪارين جي. توکي شايد خبرنه
آهي ته هن جي انهيءَ معصوميت ۽ بي پرواهي ۽ بي
فڪريءَ ۾ مون کي ڇا ٿو نظر اچي. سندس بيباڪانه حسن
کي مان ڪهڙي نظر سان ڏسي رهيو آهيان؟'
'اها ڳجھارت تون ئي سل آءٌ ڪو ماهر فلاسفر نه آهيان، جو ويهي ڪائنات جي رازن
جي الجھيل سٽ کي ويهي سلجھايان ۽ نه وري ڏور. بيت،
هنر، ڏٺ، پرولي جو ماهر سگھڙ به، ته نه آهيان، جو
تنهنجيون بي معنى ڳالهين تي ذهن سوزي ڪري پنهنجو
پاڻ کي ٿڪايان. نه سهڻا نه اهو اسان کان ڪو نه
پڄندو. تون پاڻ ڄاڻ ۽ تنهنجي پوپٽڙي ڄاڻي. چڱو ٿيو
آهي جو تون آيو آهين. بس منٽ کن پنهنجي ڳالهه کي
اتي ٽڪائينس ته مان چانهه وٺي اچان ۽ پوءِ تنهنجي
فرياد ٻڌڻ جوڳو ٿيندس. ٿي سگھيو ته تنهنجي داد رسي
ڪرڻ جي چنتا ڪندس. هينئر آءٌ ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان.
چانهه پيئڻ سان ڪيفين ملندي ته تازو توانو ٿي
ويندس.'
'يار!ڏس ته سهي جو ڪنهن سان به انڪار نه ٿي ڪري، جو آيو سو اگھيو. مٺا
منهنجي به دل چاهي ٿي ته مان انهن گلن جي ميڙ ۾
ڪانڊيرو بڻجي ساڻس گڏ رهي سندس حفاظت ڪريان.'
'پنج منٽ ماٺ ڪر ويهه ڪانڊيرا ته مان چانهه ۽ سگريٽ وٺي اچان. هتي انتظام ته
ڏاڍا بهترين آهن چانهه به ملي ٿي، پر سگريٽن لاءِ
ٻاهر وڃڻو پوي ٿو. ڏاڍي ٻاڙ لڳي آهي. بس هيئن ويس
۽ هيئن آيس.' آڱوٺي ۽ وچين آڱر سان چپٽي وڄائي
ڏيکاريائينس ۽ وڌيڪ چيائينس ته 'تون به ڇا ياد
ڪندين ته ڪهڙي سخيءَ سان پاند اٽڪيو، پاڻ کي ته
شرم نه ٿو اچي، ائين نه، ته ٻه ٽي سگريٽ ئي وٺي
اچين.'
/يار! مون کي ڪهڙي خبر ته تو وٽ سگريٽن جي ڀينگ لڳي پيئي، آءٌ ته سگريٽ
پيئان ڪونه. هونئن به توکي سگريٽ گھٽ پيئڻ گھرجن،
گھڻا ٿو پيئين، ٻه ٽي دفعا ته دل جي وارڊ جون
دلبريون ته ڏسي آيو آهين، اڃا ڪونه پيو مڙين، وري
ٿئين نه دل جي وارڊ ۾ داخل.'
'ويهه. ويهه. نصيحتون نه ڪر. مان چانهه ۽ سگريٽ وٺي اچان ٿو. تون ٿورڙي
نظرداري ڪر. جيڪڏهن ڪا ڳالهه سمجھه ۾ نه اچئي ته
ديدار کان پڇجانءِ.'
پوپٽڙي ڇا هئي بس قدرت جو ڪرشمو هئي. زندگيءَ سان ڀرپور، جوانيءَ جي سرڪش
جوڀن سان سرشار، چهري جا خوبصورت ۽ دل نشين نقش و
نگار، منهن ٻٽونئـڙا پر ٿورڙو مستطيل نما، پيشاني ڪشادي جيڪا
هن جي ذهين ۽ روشن خيال هجڻ جو ڏس ڏيئي رهي هئي.
اکيون چيرويون، روشن ۽ چمڪدار جيڪي سندس تيز طرار
هئڻ جي نشاندهي ڪري رهيا هئا. ڇپر، اکين اڳيان ڍال
بڻيل، ڀرون خنجر نما هر وقت قتل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي
ڏٺا، سنهڙو ڊگهو هلال جھڙو نڪ، چپ زندگيءَ جي
ملاحت ۽ حرارت سان مرڪون وکيريندڙ، جڏهن مرڪي پئي،
ته ڏند کنوڻ جيان سرمد جي دل تي بجلي ڪيرائي رهيا
هئا. رخسار لالائيءَ
سان سڄي محفل کي منور ڪيون بيٺا هئا. وار ڊائي هئڻ
ڪري سون جيان جرڪي رهيا هئا. ائين پئي لڳو، ته ڄڻ
ڪنهن عظيم ماهر سنگتراش هن پٿر جي مورت کي پنهنجي
عشق جي ڇيڻيءَ سان، سوز آتش سان تڪميل جي مرحلي
مان گذاري، هڪ اهڙو شاهڪار تخليق ڪيو هجي، جنهن جي
آڏو خود ڪائنات سجدو ڪندي هجي ۽ قدرت طرفان کيس
امر جل جو امرت پياري ڪُنُ چئي، هن کي روح سان
سيراب ڪري حشر برپا ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آندو ويو هجي.
هئو
به ته سرمد جي دل تي حشر برپا. جنهن جو اظهار
کانئس نه پئي ٿيو. انهيءَ اڻ تڻ سندس دماغ جون سڀ
ڪلون ٿيڙي ڇڏيون هيون. جڏهن به هن جي نظر انهيءَ پوپٽڙي تي ٿي پيئي،
ته سندس بدن تي پهريل ميڪسي نما پوشاڪ ڏسي، ان جي
رنگن ۾ گم ٿِي ٿي ويو. اها پوشاڪ سندس حسن کي وڌيڪ
نکاري هئي. هاڻ اها سرمد کي اکين ۾ چڀڻ لڳي هئي.
ان پوشاڪ جي حسناڪي اها هئي جو ان کي پوپٽڙي گذريل
ٻن ڏينهن کان پنهنجي زيب جي زينت بڻايو هو. لباس
مڪمل طور تي جديد ۽ قديم جو سهڻو ميلاپ هو. گج نما
ميڪسيءَ تي رنگين ڀرت سان ڀريل شيشن تي جڏهن روشني
پوي پئي، ته روشنيءَ جا ڪرڻا جهڳ مڳ ڪندي، چوطرف
انڊلٺي رنگن جيان ڦهلجي پيا وڃن. اڃا سرمد انهيءَ
نظارن کي ڏسي رهيو ته اياز چانهه وٺي آيو ۽ ٻئي
ڪاغذ جي گلاس ۾ بي رنگ ۽ بي مزي چانهه پيئندا
رهيا.
”ها، سرمد صاحب ڪيڏانهن وئي تنهنجي پوپٽڙي؟ ۽ ها توکي ان جي مرڪ ۾، ان جي
معصوميت ۾، ۽ ان جي حسن ۽ بي فڪريءَ ۾ ڇا نظر اچي
رهيو آهي؟“
”يار گذريل ٻن ڏينهن کان وٺي مان کيس ڏسي رهيو آهيان. سچ پڇين ته هاڻي مون
کي انهيءَ جي معصوميت ۾ اڻپورين خواهشن جو عڪس نظر
اچي رهيو آهي. لڳي ٿو ته هي جيڪو ڪجھه ڪري رهي
آهي، اها سندس خواهش نه پر مجبوري آهي. پوپٽڙيءَ
جي مرڪ ۾ مون کي ارمان ڏسجي رهيا آهن، جنهن کي
هوءَ پنهنجي مصنوعي مرڪ سان لڪائي رهي آهي. هي
جيڪي گل ساڻس گڏ گڏ بيٺا آهن، تن سان هو پنهنجو
مَنُ سرهو ڪري رهي آهي. هن جي اکين ۾، جيڪا روشني
جرڪي رهي آهي ان جي پويان ڪيئي ڪلپنائون، زندگيءَ
جي روشنيءَ ۾ اچڻ لاءِ تڙپندي نظر اچن ٿيون“
”او ڀائو! ٿورو حقيقت جي دنيا ۾ آباد ٿيءُ. تصوراتي دنيا مان ٻاهر نڪري اچ.
مون کي ڇو ائين محسوس ٿي رهيو آهي، ته تنهنجي دل
جو مرگھه ترشنائون، ۽ وياڪل تمنائون ناسور بڻجي
لفظن جي صورت ۾ انهن رَسَڻُ شروع ڪري ڏنو آهي. تون
به فراريت جي راهه ڳولي رهيو آهين ۽ تنهنجي
ڳالهائڻ مان، مون کي الائي ڇو لڳي رهيو آهي ته تون
به ناڪام حسرتن جو اشتهار بڻجي، رحم جي خيرات گهري
رهيو آهين.“
اڃا هو ڳالهائي ئي رهيا هئا ۽ چانهه پي پوري ئي مس ڪئي هئائون، ته ميلي جي
منتظمين مان هڪ سوٽيڊ بوٽيڊ ڳچيءَ ۾ ڪارڊ لڙڪايون
مٿن نازل ٿيو ۽ اياز کيس پنج هزار رپيا ڏنا. سرمد
کيس حيرانيءَ مان ڏسندو رهيو. ان جي وڃڻ کان پوءِ
سرمد کان رهيو نه ٿيو ۽ پيسن ڏيڻ جو سبب پڇيائين.
“ادا! هي جيڪو اسٽال لڳايو اٿم، هي ان جي في آهي.“
”يار! هيءَ
ته ڏاڍي زيادتي آهي، هيڏي ساري اين جو او، ان کي
هنن پنجن هزارن مان ڇا ملندو، هي وڏا ماڻهو ته فقط
هڪ وقت جي مانيءَ تي ان کان گھڻا پيسا خرچ ڪندا
آهن.“
”يار سرمد! ڏاڍو ڪو سادو آهين، جنهن ڪرسيءَ تي ويٺو آهين اها مفت ۾ ناهي
ملندي، هي جيڪي شاميانا ۽ قناتون لڳل آهن، سي ڀاڙي
جون آهن، انهن تي کين پيسا ڏيڻا آهن نه؟ ان ڪري به
پيسا وٺندا آهن “
”پر هنن وٽ ڪهڙي کوٽي آهي، ڪروڙن رپين جي فنڊنگ ٿيندي اٿن، اهي پيسا ڪيڏانهن
ٿا وڃن؟“
”مٺا! انهن کي به پنهنجا ٻچا ۽ پيٽ آهن، هي جيڪي مزا ڏسين ٿو اهي سڀ
امداد ۾ آيل پيسن کي کپائڻ جا طريقا آهن.“
اڃا هنن جو پاڻ ۾ اهو بحث مباحثو جاري ئي هو، ته محترم دانش کانئن موڪلائڻ
آيو ۽ هن ٻڌايو ته اسان جي هينئر ئي پنهنجي شهر
ڏانهن واپسي آهي. ان سان به ساڻس پيسن وٺڻ جي
معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن کي هن پڻ غير
مناسب ڄاتو ۽ جنهن جو هن پڻ پنهنجي لفظن ۾ اظهار
ڪيو.
سرمد، دانش صاحب کان پوپٽڙيءَ بابت پڇيو، جنهن کيس ٻڌايو ته هيءَ اسان جي
آرگنائيزيشن ۾ ڪم ڪندي آهي. ائين چئي مسٽر دانش
کانئن موڪلايو.
سرمد ڏٺو ته سڀئي گلڙا آهستي آهستي ٻاهر نڪري رهيا هئا ۽ پنڊال خالي ٿيڻ لڳو
هو. هن جون اکيون پوپٽڙيءَ کي ڳولڻ لڳيون. پوپٽڙي
ڪن شڪارين کان بچڻ لاءِ اياز جي اسٽال جي ڀرسان
آئي ۽ پاسي ٿي بيٺي. سرمد کي ائين لڳو مٿس مهتاب
اچي روشن ٿيو هجي. پوپٽڙي موبائل تي ڪي ميسيج ڪري
هئي ۽ سرمد کي اها غلط فهمي ٿي، ته پوپٽڙي شايد
پنهنجي پسند جي ڪو ڪتاب ڏسڻ آئي آهي، پر درحقيقت ۾ پوپٽڙي ٻن وحشي ڪراري نگاهن جي حملن کان بچڻ
لاءِ پناهه وٺڻ آئي هئي. سرمد کيس خاموشيءَ سان
ڏسڻ لڳو، پوپٽڙيءَ کي به سرمد جي اکين جي تکاڻ
محسوس ٿي ۽ هن اکيون مٿي کڻي سرمد ڏانهن ڏٺو.
اکين چار ٿيڻ سان سرمد کيس چيو ته :
“ڏسڻ جا پيسا ناهن.“
پوپٽڙي ڀڙڪو ڏيئي اڏامي وئي ۽ سرمد کي ائين محسوس ٿيو، ته ڄڻ ڪنهن قنڌاري
ڏينڀوءَ کيس چڪ هنيو هجيس. پريان ٻه ڏاڙهيل ڇورا
مرڪي رهيا هئا ۽ سرمد کي چيائون ”اسان کيس ڏسڻ
لاءِ آيا هئاسون، اوهان کيس ڀڄائي ڇڏيو.“
سرمد شرمندگيءَ جي احساس ۾ ٻڌي ويو ۽ پنهنجي چيل جملي جي معنى تي غور ڪرڻ
کان پوءِ، ته صفا پاڻي پاڻي ٿي ويو.
محمد قاسم ڪلوئي
ٽنڊو جان محمد
تصويرون
بند ڪمري ۾، سگريٽ دُکائي، سامهون ڀِت تي ٽنگيل
تصوير کي ڏسي رهيو هو، جيڪا عورت جي هئي.
وِکريل وار،
اکين ۾ لُڙڪ،
ڦاٽل ڪپڙا.
جنهن کي هو هر هر ڏسندي، سگريٽ ائشٽري تي رکي، ٿڌا
ساهه ڀري رهيو هو. ۽ پنهنجي شاهڪار تصوير کي ڀِت
تان لاهي، سامهون پيل ٽيبل تي رکي ڇڏيائين ۽
ڪُرسيءَ کي ويجهو ڪري ويهي رهيو، سگريٽ دُکائي،
تصوير کي غور سان ڏسڻ لڳو. پاڻ ئي وري سگريٽ جو
وڏو ڪش هڻي، پهرين پيل سگريٽ جي پاسي ۾ دُکايل
سگريٽ کي رکي، پنهنجي ٺاهيل تصوير سان مخاطب ٿيو.
”تون خاموش ڇو آهين؟“
”تنهنجين اکين ۾ لُڙڪن جون بندون ڇو آهن؟“
”تنهنجا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڇو آهن؟“
”اُف! مون کي جواب ڏي.....!“
هُو ٻنهي هٿن سان پنهنجو مٿو جهلي ويهي رهيو، ڪجهه
دير ائين ويٺو رهيو، وري اُٿيو.....
ڀِت تان پنهنجي ٻي ٺاهيل تصوير کي، اُن ليڙون
ليڙون پاتل عورت واري تصوير جي ڀر ۾ رکي، وري
پنهنجي مُنهن تصويرن سان ڳالهائڻ لڳو.
”هي ڏِس.....!“
”....ڪيڏي نه خوبصورت آهي.... موتين جهڙا ڏند،
جنهن سان هوءَ مُرڪي پئي.... ڪارا زلف.... ۽ ....
۽ زُلفن ۾ خوبصورت گل سجايل.... اکين ۾ ڪجل....
ٻانهن ۾ چوڙيون.... سهڻو ويس....، تو ۾ هُن ۾ ڪيڏو
نه فرق آهي!؟ جيئن کنڊر ۾ نئين عمارت ۾....!!!“
هُو ٿڌو ساهه ڀري ٿو.
هُن جو ساهه مُنجهي رهيو هو، هُن آزاد رهڻ ٿي
چاهيو.
هُن پنهنجي ڪمري جي دري کولي، ۽ ٻاهر نهارڻ لڳو.
ٻاهر هِن کي سڀ خوش نظر اچي رهيا هئا، گلن جون
قطارون، سائي ڇٻر، جنهن مٿي فرشتن جهڙا ٻارڙا راند
کيڏي رهيا هئا، گل هڪٻئي سان هوا جي آڌار تي
رانديون ڪري رهيا هئا. هُن وري پنهنجي ڪمري جي
پٺئين دري کولي ته ڏٺائين ته لوڙهن وارن گهرن ۾
خالي ٿانءُ چُلهن تي چڙهيا پيا هئا، اُگهاڙن لڱن
سان ننڍڙا ٻارڙا، اُداس چهرن سان، اُنهن ٿانون
ڏانهن نهاري رهيا هئا. ٻارن جي چهري تي نه ڪا
خوشي، نه ڪا مُرڪ ۽نه ئي وري ڪي ٺينگ ٽپا....
هن کي هر شيءِ اُداس نظر اچڻ لڳي.
هن سوچيو،
ڇا هي مُرده آهن؟؟
بي جان، بيڪار، اڻ واقف، اڻڄاتل، اُڃايل، هر خوشي
کان وانجهيل، نه نه نه.... هي.... هي مُرده ناهن!
هي سڀ فريب آهي.... سراسر دوکو....!
پر.... پر دوکا به انسان ۾ ئي هوندا آهن.
مگر.... مون ته ڪڏهن به، ڪنهن سان دوکو نه ڪيو
آهي، پوءِ.... پوءِ، منهنجون تصويرون نمائش لائق
ڇو نه آهن؟؟
شايد.... شايد منهنجين تصويرن ۾ ڪڙو سچ سمايل آهي.
پر سچ ته بيٺو نچ....!
جي ائين آهي ته پوءِ....
منهنجون سچ ۾ سمايل تصويرون بند ڪمري ۾ ڇو آهن؟
مون اوهان جي سچي عڪاسي ڇو ڪئي؟
هن سماج ۾ ڪهڙي وقعت آهي سچ جي....
اوهان کي ڪير پيو ڏسي،
اوهين ته مورڳوئي مون کي چيڙائي رهيون آهيو.
ها.... اڄ فيصلو ٿيڻ گهرجي....
هُو اُٿيو ۽ پنهنجون تصويرون ميڙي سيڙي بازار جي
وچ ۾ کڻي آيو، هڪڙي ڪلاڪ اندر سڀ تصويرون وڪامي
ويون.
ڪا ڪنهن جي بيڊ روم لاءِ!
ڪا ڪنهن جي ڊرائينگ روم لاءِ!
ڪا ڪنهن جي هوٽل لاءِ!
ڪا ڪنهن جي اوطاق لاءِ!
ته ڪا ڪنهن جي ڊائينگ هال لاءِ!
بس منهنجي سچ جو اهو ڪارج ۽ قدر....
سوَن جا چند نوٽ....
هُو چرين وانگر پنهنجي منهن چئي ٿو: ”ڇا ڪريان هي
نوٽ....“
”بي حسو منهنجون تصويرون مون کي واپس ڏيو؟“
هُو روئي پيو.
”منهنجون تصويرون مون کي واپس ڏيو.... واپس
ڏيو....“
هُو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو.
هُو ٽٽي پيو هو....
.... ۽ سچ، نوٽن جي آڌار تي اَگهامي ويو.
شوپيس ۽ ڊيڪوريشن پيس جيان.
آدرش ٿهيم
۽ نيٺ مون اظهار ڪري ڏنو
”خديجہ اڄ ڪهڙين سوچن ۾ گُم آهين؟“ مون پڇيو.
”بس ڪي ته هونديون.... هُن وراڻيو.
”ها پر مون کي به خبر پوي ته ڳالهه ڇاهي؟“
”زبير ياد ٿي اُها ڳالهه.“
ڪهڙي ڳالهه....؟“
”جڏهن پاڻ سنڌالاجي هليا هئاسين....“
”ها بلڪل هليا هُئاسين....“
”تڏهن تو مون کي ڪجهه چيو هو....“
”اُن ڏينهن ته مون گهڻو ڪجهه چيو هو، پر تون
اَلائي ڪهڙي ٿي ڳالهه پُڇين؟“
”جڏهن پاڻ ٻيئي سنڌالاجي گهُمي پوءِ علامه آءِ.آءِ
قاضي ۽ ايلسا قاضيءَ جي مزارن تي هلياسين ته اُتان
موٽندي جهڙي مهل ڏاڪڻ تان هيٺ پيا لهون ته مون کي
چيو هو خديجہ تون ڀلي ڄمار ۾ ٻه سال مون کان وڏي
آهين پر تنهن هوندي به....“
سندس جملو ڪٽيندي وراڻيم.
”ها چيو هيم.“
”اُن جي وضاحت ڪر...“ هن چيو.
”ها خديجہ..... ڀلي تون مون کان ڄمار ۾ ڪيتري به
وڏي هجين پر اُلفت واري نگاهه سان مون کان الاهي
ننڍي ٿي لڳين.“
”معنيٰ ته محبت واري نگاهه ۾ تون مون کان وڌ آهين
۽ آئون گهٽ....؟“
”مون ڪڏهن چيو؟“
”هاڻي هيءُ پاڻ ڇا چيو ٿي؟“
”ته ان ۾ توکي ڪهڙي ڳڻتي اچي ورايو آ؟“
”جيئن آئون عمر ۾ ٻه سال توکان وڏي آهيان تيئن ئي
توکي وڌيڪ ڀائيندي آهيان.“
”هائو سانئڻ هائو مڃيوسين.“
”الائي متان ڪٿي شڪ ۾ هجين.“
”اڳ ۾ ڪڏهن توتي شڪ ڪيو آ؟“ مون پڇيو.
”نه....“ هن وراڻيو.
”پوءِ به....؟“ مون چيو.
”اڙي نه يار، کِل ڪَندي آهيان توسان.“ منهنجا ٻئي
هٿ پنهنجن هٿڙن ۾ ڏيندي هن چيو.
”سا ته مون کي به خبر آهي“ مون سندس نرم هٿڙن جي
آڱرين ۾ پنهنجون آڱريون ڏيندي چيو.
خديجہ ۽ منهنجي وچ ۾ هلندڙ ڪچهريءَ ۾ ڪجهه گهڙين
لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي، ٻنهي جي ڳالهائڻ ۾ جُمود
اچي ويو، ڪجهه پَل خاموش رهڻ کان پوءِ مان جُمود
ٽوڙي خديجہ سان مخاطب ٿيس ” خديجہ.....“ اهو چئي
وري گهڙي کن لاءِ ماٺ ٿي ويس.
”جيءُ چوانءِ....“ هن وراڻيو.
” خديجہ....“ هڪ ٻيهر ڀيرو چيم.
”ها ها.... ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آه؟“ هن پڇيو.
”توسان هڪ ڳالهه ڪريان....؟“ مون پڇيو.
”ڀلي ڪر“ هن وراڻيو.
”بس ڇڏ....“ مون چيو.
”وري ڏس هاڻي...“ هن چيو.
”بس ڪنهن ٻي مهل ڪندس....“
مون چيو.
”ڇو ڀلا؟ هاڻي تو وٽ ٽائيم ڪونهي؟“ هن پڇيو.
”آهي....“ مون وراڻيو.
”ته پوءِ....؟“ هن چيو.
”ڪنهن ٻي ٽائيم ڪندس.“ چيم.
”هاڻي ڇا آهي؟“ هن پڇيو.
”گهڻي وقت کان ڳالهه لڪائيندو پيو اچان ته توسان
ڪيئن ڪريان؟“ مون چيو.
”سچ پچ؟“ هن تعجب وچان چيو.
”ها خديجہ....“ ڪجهه پل خاموش رهي وري چيم ”ڳالهه
ئي اهڙي آهي.“
”ها ته پوءِ ٻڌاءِ نه، اجايو انتظار ۾ رکيو
ٿي“خديجہ بي صبريءَ وچان چيو.
” خديجہ تنهنجا مائٽ تنهنجو سَڱ ڪهڙي هنڌ ٿا ڪن؟“
مون پڇيو.
”اڃان ته ڪا اهڙي ڳالهه ڪونه ٿي آ“ هن وراڻيو.
”جيڪڏهن ڪن ته....؟“ مون پڇيو.
”جڏهن وقت آيو ته ان ڳالهه کي ڏسنداسين.“ هن چيو.
”تنهنجي ويجهن مائٽن ۾ ضرور ڪو تنهنجو چاهيندڙ ته
هوندو؟“
”الائي ڪهڙي خبر....“
”جي هُجي ته....؟“
”ويلڪم...“
”پوءِ هن سان تون لانئون لهندئين؟“ مون پڇيو.
”.....۽ جيڪڏهن لهان ته؟“ هن پڇيو.
”جيڪا تنهنجي مرضي“ مون وراڻيو.
”تون ڇا ٿو چئين؟“ هن پڇيو.
”مون سان....؟“ مون چيو.
”مون نه سمجهو....“
”مون سان لانئون نه لهندئينءَ؟“ مون اهو وزنائتو
لفظ چئي ڏنو، خديجہ اهو ٻڌي خديجہ خاموش ٿي وئي
شايد اندر ۾ ڪجهه سوچيندي رهي، مون سمجهيو ته هن
کي اها ڳالهه نه وڻي آ تڏهن خاموش ٿي وئي آهي،
اندر ۾ پڇتائڻ لڳم ته مون کي اهي لفظ نه چوڻا هئا
جنهن سان خديجہ رنجيده ٿي آهي ايتري ۾ هن وراڻيو.
”قسمت چاهيو ته ائين به ٿيندو.“
”پر تون نه ٿي چاهين“ مون چيو.
”اڃان به شڪ اٿئي مون تي....“ مُرڪندي چيائين، هن
جو مُرڪندڙ چهرو ۽ اهي لفظ ٻڌي مون به کِلي ڏنو ۽
کِل واري حالت ۾ چيم.
”ڇا ٿو چئي سگهجي....؟“
”تون، بابا ۽ امان وارن ڏي اچ ۽ کين منهنجي سڱ جي
گهُر ڪر.“ هن چيو.
”ڇو ٿي مون کي مارائين....“
”نه نه..... ماريندا ڇو؟“ هن پڇيو.
”ته ٻيو باقي گُلن جا هار پارائيندا؟“ اهو جملو
ٻڌي هوءَ ڏاڍو کِلي جڏهن کِل گهٽ ٿيس پوءِ
وراڻيائين: ”ٿي سگهي ٿو متان پارائين به....“
”مون کي نٿو لڳي.“
”پوءِ اهي تنهنجا ڀاڳ آهن....“
” خديجہ، سچ ٿو چوانءِ تنهنجي نماڻپ ۽ سنجيده
طبيعت مون کي پنهنجو ڪري ڇڏيو آهي.“
”اهڙي ڪهڙي خوبي مون ۾ سمايل آهي جنهن کي ڏسي تون
موهت ٿيو آهين؟“
”گهڻو ڪجهه آهي.“
”ڪجهه به ناهي مون ۾.“
”سڀڪجهه آهي.“
”هاءِ هاءِ.....“
”صدقو وڃانءِ اهڙي ورتاءُ تي.“
”ويلڪم ڊيئر ويلڪم....“
”ٿئنڪس ڊيئر.....“
”جيڪڏهن تنهنجا مائٽ راضي ٿي وڃن ته پوءِ؟“ مون
پڇيو.
”ان کان وڌ ٻيو ڇا کپي؟“
”۽ تنهنجي ڳوٺ وارا مائٽ اعتراض ڪن ته پوءِ ڇا
ٿيندو؟“
”ڪجهه ڪندا پر گهڻي ڀاڱي نه ڪندا.“
”تنهنجي امڙ راضپو ڏيکاريندي؟“
”ها بالڪل ڏيکاريندي، ان کي پنهنجي خبر آهي هڪڙي
ڀيري مون پنهنجي موبائيل ۾ تنهنجو فوٽو امڙ کي
ڏيکاريو هو.“
”پوءِ ڇا چيائين؟“
”بس ڪجهه به نه....“
خديجہ جون هاڪاريءَ ۾ ڪيل ڳالهيون منهنجو ڊپ
گهٽائينديون ويون، هن به اڻسڌي طرح پنهنجو سمورو
راز ٻُڌائي ڇڏيو هو، ان ڏينهن تي مون ڪجهه وڌيڪ
ڄاتو ۽ هن کي پنهنجي ويجهو محسوس ڪيم.
خديجہ موبائيل ۾ ٽائيم ڏسي پوءِ مون کي چيو؛
”زبير هَل ته هلون پوائنٽس واري اسٽاپ تي پنهنجي
ٽنڊي آدم واري پوائنٽ جو ٽائيم ويجهو ٿيو آهي.“
”ڀلي..... جيڪا توهان جي صلاح.“
”اچ ته هلون....“
”ڀلي ڀلي.....“
اسان ٻئي ڄڻا آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڀر واري ميدان تي
اسٽاپ تي پهتاسين ته اتي ٻين پوائنٽس سان گڏ ٽنڊو
ڄام واري پوائنٽ به بيٺي هئي پوءِ اسان ٻئي ڄڻا ان
۾ ويٺاسين. اسان ٻئي انگريزي شعبي ۾ فائينل ايئر ۾
پڙهندا هئاسين، ٻئي گڏ ٽنڊي ڄام واري پوائنٽ تي اچ
وڃ ڪندا هئاسين.
گهڻن ئي ڏينهن کان پنهنجو پاڻ ۾ ويچار ڪري رهيو
هئس ته ڪيئن خديجہ سان اظهار ڪريان؟ ڇا چوان؟ ڪٿان
ڳالهه شروع ڪريان؟ اهڙي قسم جا ويچار منهنجي ذهن ۾
گهُمندا رهيا ۽ نيٺ مون اظهار ڪري ڏنو. |