قاضي غلام علي
ٺٽو
مخدوم ابوالقاسم نقشبندي ٺٽوي
سنڌ جي سرزمين صدين کان صوفي درويشن عالمن ۽ الله
وارن جو آستان رهي آهي، سنڌ جي هر تاريخي شهر واهن
۽ رستي بلڪ هِتان جي چپي چپي تي تصوف ۽ هدايت جا
مرڪز قائم رهيا، انهن قديم مرڪزن ۽ شهرن ۾ سيوهڻ،
بکر، ٽلٽي، پاٽ، مٽياري، هالا، نصرپور ۽ ٺٽي ۾
صوفي درويشن ۽ الله وارن جون خانقاهون هونديون
هيون، جتي نه صرف اخلاقي قدرن جي اصلاح ٿيندي هئي،
پر ان سان گڏ ايمان ۽ عمل جي قدرن کي به اُجاگر
ڪيو ويندو هو، نقشبندي سلسلي جو باني خواجه محمد
تاليسوي المتوفي 512 هجري هُو بعد ۾ خواجه عبدالحق
عجدواني المتوفي 575 هجري هن سلسلي کي اڳتي وڌايو،
جڏهن ته خواجه بهاؤالدين نقشبندي هن سلسلي کي وڌيڪ
زور وٺرايو، حضرت خواجه باقي بالله. ۽ حضرت مجدد
الف ثاني المتوفي 1034هجري هندستان ۾ ان سلسلي کي
گهڻو نروار ڪيو، برصغير جي ڪيترن علائقن ۾ ان جي
تبليغ ڪئي وئي. ٺٽي جي عالم ۽ درويش مخدوم آدم
ٺٽوي رحمته الله عليه حضرت مجدد الف ثاني جي هٿ تي
بيعت ڪئي. مخدوم آدم رحمته الله عليه جي مريدن ۾
مخدوم ابوالقاسم نقشبندي به هو. حضرت مخدوم
ابوالقاسم نقشبنديءَ جي والد جو نالو محمد ابراهيم
هو. پاڻ ذات جو درس هو، سائين ابوالقاسم نقشبندي
قرآن پاڪ ياد ڪري ظاهري علمن کان فارغ ٿي ٺتي جي
مشهور ڪامل بزرگ مخدوم آدم ٺٽوي جي صحبت ۾ تصوف
جون منزلون طئي ڪرڻ لڳو، مخدوم آدم سندس قابليت کي
ڏسي کين چيائين ته اوهان باقي روحاني منزلون مخدوم
خواجه سيف الدين سرهنديءَ جي مشعيت ۾ وڃي پوريون
ڪريو.
مخدوم ابوالقاسم نقشبندي ان کان پوءِ سرهند شريف
ويو، جتي خواجه سيف الدين سان ملاقات ٿيس، خواجه
سيف الدين رحمته الله عليہ مٿس وڏي ڪرم نوازي ڪئي،
مخدوم ابوالقاسم پنهنجي مرشد جي زير نظر رهي سڀ
روحاني منزلون پوريون ڪيون، ان بابت سندس پوٽو
مخدوم محمد ابراهيم خليل نقشبندي لکي ٿو ته مخدوم
ابوالقاسم نقشبندي، حضرت شاهه سيف الدين بن عروت
الوثقيٰ خواجه محمد معصوم بن امام رباني مجدد الف
ثاني شيخ احمد سرهندي فاروقي وٽان تمام گهڻو فيض
حاصل ڪيو، ان سلسلي ۾ مخدوم صاحب ٽي دفعا سرهند
شريف ويو پوءِ سندن مرشد فرمايو ته توهان هاڻي سنڌ
۾ وڃي نقشبندي سلسلي جي تبليغ ڪريو، پاڻ مرشد کي
فرمايائون ته سائين مون غريب کي هتي ڪير ٻڌندو، ان
تي شاهه سيف الدين فرمايس ته اوهان هن پٿر طرف
متوجهه ٿيو، پٿر ۾ نهارڻ سان پٿر ٽڪرا ٽڪرا ٿي
پيو، ان تي مرشد فرمايس ته جڏهن اوهان ۾ ايتري
روحاني طاقت آهي ته پوءِ دير ڇا جي آهي، پوءِ
مخدوم صاحب پنهنجي مرشد جي اجازت سان سنڌ موٽي آيو
۽ ٺٽي شهر ۾ پنهنجي خانقاهه جو بنياد وڌو، ائين
سندس خانقاهه جو خرچ غيب وسيلي هلندو هو. چون ٿا
ته ضرورت وقت مخدوم صاحب پنهنجو هٿ هوا ۾ هلائيندو
هو ته سندس مُٺ اشرفين سان ڀرجي ويندي هئي. سندس
نقشبندي سلسلي جو فيض سڄيءَ سنڌ تائين پکڙيل هو،
پاڻ ڪيترن ڀٽڪيلن کي نيڪي ۽ هدايت جي رستي تي
آندائون ڪيترا انسان الله جا صالح ۽ نيڪ ٻانها
بنيا. سندن خانقاهه جو دروازو سندن فيض لاءِ هر
عام ۽ خاص لاءِ کُليل رهندو هو. ميان محمد صديق
دهليءَ جي بادشاهه جو وزير مخدوم ابوالقاسم جي فيض
لاءِ ٺٽي آيو ۽ سموري حياتي پنهنجي مرشد جي فيض ۾
رهي گذاريائين ۽ پنهنجا آخري دم به ٺٽي ۾ پورا
ڪيائين.
احمد آباد ۽ سورت بندر ۾ به مخدوم ابوالقاسم
نقشبنديءَ جا گهڻي کان گهڻا مريد هئا. سنڌ جي قديم
شهر عمرڪوٽ ڀرسان به ميان ابوالحسن خشت نالي هڪ
الله وارو نيڪ بزرگ رهندو هو، ان بزرگ جي اها عادت
هئي ته ڪنهن نيڪ بزرگ جو ٻڌندو هو ته ان وٽ هلي
ويندو هو ۽ وٽس وڃي چِلو ڪڍندو هو، جڏهن مخدوم
ابوالقاسم نقشبنديءَ جي هاڪ ٻڌائين ته وٽس روحاني
فيض لاءِ آيو، مخدوم صاحب هن کي ٻن ڏينهن اندر سڀ
روحاني منزلون طئه ڪرايون ۽ کيس خلافت جو خرقو عطا
ڪري روانو ڪيو. مخدوم ابوالقاسم جي فيض مان ڪيترا
بزرگ مستفيد ٿيا، جن مان ڪجهه بزرگ سنڌ جي ٻين
علائقن طرف جا هئا.
مخدوم سائين ابوالقاسم نقشبنديءَ کي ٻه فرزند
مخدوم ابراهيم نقشبندي ۽ مخدوم فيض احمد نقشبندي
تولد ٿيا. سندن چار نياڻيون به هيون، شاباس آهي
پير سائين حمادالله سرهندي مجددي کي جنهن وڏي محنت
۽ ڪوشش وٺي سائين جن تي ڪتاب ڇپرايو آهي. اهو ڪتاب
مخدوم ابوالقاسم نقشبندي تي سنڌي ۾ ڇپيو آهي.
مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو هجرو مبارڪ جنهن کي
هجره حضوري به سڏين ٿا، اهو هجرو مبارڪ اڄ ڏينهن
تائين ٺٽي شهر جي نقشبندي محلي نزد شاهجهان مسجد
ٺٽو ۾ هر ايندڙ ويندڙ لاءِ فيض جو مقام رکي ٿو ۽
هِتي هر دعا الله جي فضل و ڪرم سان قبول ٿئي ٿي.
راقم الحروف جا جيڪي به بزرگ نقشبندي سلسلي ۾ داخل
ٿيا اهي اڄ ڏينهن تائين هن هجري مبارڪ ۽ درگاهه
سان وابسته آهن، شيخ محمد اعظم ٺٽوي ڪتاب تحفته
الطاهرين ۾ ٺٽي جي هڪ قديم بزرگ حضرت شاهه مسڪين
رحمته الله عليه بابت روايت آندي آهي ته ٺٽي ۾
حضرت شاهه مسڪين هڪ وڏو ڪامل اولياءِ الله ٿي
گذريو آهي. سندس اهڙي روايت درگاهه شريف جي ڪٽهڙي
مٿان فارسيءَ ۾ لکيل آهي، مخدوم ابوالقاسم
نقشبنديءَ جي وفات جو سال 1138هجري آهي.
مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي فيض مان ڪيترائي
بزرگ سهراب ٿيا، جن مان ڪن جا تفصيلي نالا ۽
ڪرامتون ڏجن ٿيون:
(1) مخدوم معين ٺٽوي:
هيءُ پنهنجي وقت جو هڪ وڏو جيد عام ٿي گذريو آهي،
پاڻ مخدوم عنايت الله جو شاگرد هو، حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليہ جو دوست هو، حضرت
شيخ جلال محمد ڪڪرالي واري علامه شيخ سعدالله
پوربيءَ کان به علمي استفادو حاصل ڪيائين. مخدوم
معين نقشبندي سلسلي ۾ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي جو
مريد ۽ وڏو خليفو هو پاڻ گهڻو وقت مخدوم صاحب جي
خدمت ڪيائين. مخدوم معين 1161هجري ۾ وفات ڪئي.
سندس وفات تي شاعر محسن ٺٽوي هن طرح شاعري ڪئي
آهي:
قطره در بجر واصل شد
1161هجري
معين دين احمد وقت صد حيف
1161هه
(2) مخدوم مقيم:
مخدوم محمد مقيم بن ميان سعدالله قدري بٺوري پرڳڻي
جي جهيجا ڳوٺ جو ويٺل هو. هيءُ به مخدوم ابوالقاسم
جو خليفو هو، مولانا دين محمد وفائي سندس جڳ مشهور
تصنيف ڪتاب تذڪره مشاهير سنڌ ۾ هن جون ڪرامتون
بيان ڪيون آهن.
(3) ميان محمد يعقوب:
هي ذات جو سمو هو ڪٻر ڳوٺ جو رهاڪو هو. حال ۽ قال
جو واقف هو، نقشبندي طريقي کي تمام گهڻو زور
وٺرايائين.
(4) شيخ يحيٰ:
هيءُ عرب جو باشندو هو، هن بزرگ مديني پاڪ ۾
نقشبندي سلسلي کي زور وٺرايو.
(5) سيد سلطان شاهه هندي:
هيءُ ٺٽي جي نواب خليل خان جو ڀاڻيجو هو، مخدوم
ابوالقاسم جو مريد ٿيو، انتهائي مرتبي کي رسيو،
ماڻهن جي رجوعات ڏانهس گهڻي ٿي.
(6) مخدوم ضياءالدين ٺٽوي:
مخدوم ضياءالدين 1038هجري ۾ ٺٽي ۾ ڄائو، ٺٽي جي
وڏي عالم مخدوم عنايت الله وٽان تعليم حاصل
ڪيائين، مخدوم صاحب پنهنجي دؤر جو وڏو عالم ۽ حضرت
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو استاد هو.
(7) سيد عبدالله شڪرالاهي شيرازي:
هيءُ بزرگ قاضي شڪرالله شيرازيءَ جي خاندان مان
سيد نعمت الله شڪرالاهيءَ جو پٽ هو، وفات کان پوءِ
ڪوبه اولاد نه ڇڏيائين.
(8) سيد محمد ناصر شڪرالاهي:
هيءُ سيد عبدالله شڪرالاهي جو ڀاءُ هو ۽
پرهيزگاريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.
(9) مخدوم عنايت الله واعظ ٺٽوي:
مخدوم عنايت الله واعظ ٺٽوي ٺٽي جو هڪ وڏو عالم ۽
پرهيزگار ٿي گذريو آهي. پاڻ پنهنجي وقت جو هڪ
ارشاد وارو بزرگ ٿي گذريو آهي، مخدوم 1144 هجري ۾
وفات ڪئي.
(10) مير مرتضيٰ رضوي بن مير ڪمال الدين رضوي:
هيءُ بزرگ هڪ وڏو عالم ۽ خطاط هو پاڻ ستن قسمن جا
خط لکندو هو، فن سپاهگيري کان چڱو واقف هو،
1120هجري ۾ عين جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين.
(11) سيد رحمت الله شڪرالاهي:
سيد رحمت الله عرف سيد مٺو بن سيد فضل الله
شڪرالاهي هڪ وڏو متقي ۽ پرهيزگار بزرگ هو، نقشبندي
سلسلي ۾ وڏي حيثيت جو مالڪ هو. پنهنجي پٺيان
عقيدتمندن جي وڏي جماعت ڇڏيائين.
(12) ميان عبدالباقي واعظ:
هيءُ بزرگ پنهنجي زماني جو هڪ وڏو عالم ۽ خطيب ٿي
گذريو آهي، پاڻ مٽيارين شهر جو رهاڪو هو. مخدوم
ابوالقاسم وٽان فيض حاصل ڪيائين، تحفة الڪرام جي
مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي جو قول آهي ته هر مجلس
۾ نبي ڪريم ﷺ جن جي جناب مان اجازت وٺي پوءِ وعظ
ڪندو هو.
(13) مخدوم ميئن ڏنو نصرپوري:
هيءُ پنهنجي زماني جو هڪ وڏو عالم ۽ باڪمال بزرگ
ٿي گذريو آهي، علم فقه ۽ تفسير جي وڏي ڄاڻ هئس.
مخدوم روح الله نصرپوري جي فوت ٿيڻ بعد شهر جو
قاضي مقرر ٿيو، مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۽
معيارِ سالڪان طريقت ۾ سندس شاندار خوبين ۽ خصلتن
جو ذڪر ڪيو آهي، مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة
الڪرام جي تصنيف وقت به مخدوم صاحب کي ڏٺو هو،
تمام وڏي عمر ۾ وفات ڪيائين. ٽي فرزند ڇڏيائين،
مخدوم عبدالله، مخدوم ميان عبدالحق ثاني، مخدوم
ميان نورمحمد. قاضي مقصود احمد مصنف تاريخ مٽياري
جو سندس اولاد مان آهي.
(14) بلال درس:
هيءُ بزرگ آمريءَ جي آسپاس پراڻ واهه تي رهندو هو،
مخدوم ابوالقاسم جي مريدن ۽ خليفن مان هو.
(15) شيخ محمد ابوالمساڪين ٺٽوي:
شيخ محمد بن مخدوم اشرف بن مخدوم آدم نقشبندي
پنهنجي زماني جو روحانيت جو صاحب هو. مخدوم
ابوالقاسم جي مريدن مان هو مخدوم ابوالقاسم کيس
مماتي ۾ روحاني فيض سان نوازيو هو. پاڻ خواجه محمد
زڪي نقشبندي وٽان به فيض حاصل ڪيو هئائين. خواجه
ابوالمساڪين جي لقب سان مشهور ٿيو، سلطان الاولياء
خواجه مخدوم محمد زمان لواري وارو سندس خليفو ۽
مريد هو، خواجه ابوالمساڪين 1149هه ۾ وفات ڪئي.
مددي ڪتاب:
1.
تڪمله مقالات الشعراء، فارسي مخدوم ابراهيم خليل،
ايڊٽ حسام الدين راشدي، مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ
2.
تحفة الڪرام، شيخ محمد اعظم ٺٽوي، ترجمو:
عبدالرسول قادري، مطبوعه، سنڌي ادبي بورڊ.
3.
تذڪره صوفياء سنڌ، ابوالخير زبير.
4.
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، سيد حسام الدين راشدي.
5.
تحفة الڪرام سنڌي، مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ.
6.
معيارِ سالڪان طريقت سنڌي، مير علي شير قانع،
مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ.
7.
حديقة الاولياء سنڌي، عبدالرسول قادري، مطبوعه
سنڌي ادبي بورڊ.
8.
ڪتاب خورشيد مڪلي، مخدوم ابوالقاسم نقشبندي،
ابوخليل محمد حامد الله سرهندي مجددي.
9.
تذڪره مشاهير سنڌ، مولانا دين محمد وفائي.
10.
مقالات خانائي، قريشي حامد علي خانائي، مطبوعه
سنڌي ادبي بورڊ.
شاهد علي صوف ابڙو
ڪراچي
مخدوم محمد اسماعيل پريالوي
مخدوم محمد اسماعيل ابڙو ان وقت جي ولي ۽ درويش
مخدوم ميان
آجد
رحمة الله عليه
جي (1) بهاول نگر لڳ
’سرو‘
ڳوٺ واري گهر ۾ اک کولي، بنيادي تعليم پنهنجي والد
محترم ۽ ان وقت جي عالمن ۽ استادن کان حاصل ڪئي ۽
بعد ۾ ان وقت جي برک ڪامل بزرگ حضرت قطب بهاؤالدين
ذڪريا رحه جي خدمت ۾ ملتان وڃي بيعت قبول ڪئي ۽
سلسله روحاني نقشبندي جي تعليم حاصل ڪئي ۽ سخت
جفاڪشي ۽ پنهنجي ڪامل مرشد جي دعائن سان وڏي اوج
تي پهتو ۽ حقيقت ۽ معرفت جو اعليٰ عهدو حاصل ڪيو
علمي منزلون مڪمل ٿيڻ کان پوءِ مرشد جي حڪم سان
هجرت ڪري ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ ٽڳڙ باغبان ۾ اچي
ويٺو ۽ اسلام جي تعليم پکيڙڻ لڳو. سن 1200 هجريءَ
۾ تبليغ اسلام خاطر پريالو شريف ۾ سڪونت اختيار
ڪيائون ۽ اسلامي تعليم جو فيض ورهائڻ لڳا، سندن
فيض ۽ علم جي هاڪ هوندي هئي. سنڌ جي مشهور خاندان
پيران پير پاڳارو رحمة الله عليه
جي (2) هڪ ڪامل بزرگ ۽ عالم عالي مقام حضرت سيد
محمد بقا شاهه شهيد (ولادت 1135 هجري وفات 1198
هجري) پڻ مخدوم محمد اسماعيل پريالوي جي مريدي
قبول ڪندي سلسله نقشبنديءَ ۾ اعليٰ اوج حاصل ڪيو ۽
هن دوريش جي دعائن سان پاڳاري خاندان جي اولاد
حقيقت ۽ معرفت ۾ اعليٰ درجو ماڻيو. مخدوم محمد
اسماعيل شريعت جو سخت پابند هوندو هو، سندس
ڪيترائي معجزا ۽ ڪرامتون پڻ مشهور آهن، پاڻ بت
پرستيءَ جو سخت مخالف هوندو هو، سندن همعصر مخدوم
عبدالرحمٰن شهيد کهڙن وارو به شريعت جو سخت پابند
هوندو هو ۽ شرعي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سخت تعزير ڏيندو
هو ۽ مخدوم محمد اسماعيل رح ۽ (3) مخدوم
عبدالرحمٰن شهيد هڪ آواز هوندا هئا.
مخدوم محمد اسماعيل پريالوي ذات جو ابڙو ۽ پاڙو
جوڻيجو اٿس. سندس اصل رهائش موجوده پنجاب جي
بهاولنگر لڳل سرو ڳوٺ آهي،
جتي ميان اَجد ابڙو رحمة الله عليه جي وڏي درگاهه
به موجود آهي ۽ آجداڻي ابڙا خاندان به موجود آهي،
بعد ۾ ڏوڪري تعلقي جي ٽڳڙ ڳوٺ ۾ ويٺو ۽ بعد ۾
اُتان لڏي وڃي خيرپورميرس ضلعي جي ڀرالو ڳوٺ
(پريالوءِ) ۾ پنهنجي مرشد سڳوري حضرت سيد حاجي
جمال الله شاهه وٽ رهيو. حضرت سرتاج اولياءَ مخدوم
محمد اسماعيل رحه کي ٽن فرزندن جو اولاد عطا ٿيو،
سندن وڏو فرزند ميون عيسيٰ رحه به وڏو بزرگ ۽ عالم
۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحب جو خاندان
پنهنجي جد امجد ڏاڏي ميان آجد رحه جي نسبت سان
آجداڻي سڏجن ٿا ۽ هن خاندان جا فرد هن وقت
’سرو‘
ڳوٺ بهاولنگر پنجاب، مانجهند، خاڻوٺ، هالا، پريالو
۽ ٽڳڙ ڳوٺ ڏوڪري تعلقي ۾ آباد آهن. عظيم اولياءَ،
بزرگ ۽ صاحب ڪرامات مخدوم محمد اسماعيل ابڙو جا
هزارين شاگرد علم حقيقت ۽ معرفت جو فيض پرائي ويا،
اڄ به سندن فيض جاري وساري آهي، سندس درگاهه تي
روزانو سوين ماڻهو حاضري ڀري فيض حاصل ڪري رهيا
آهن. سندن وصال 1174 هجري بمطابق 1760ع ۾ ٿيو سندن
آخري آرامگاهه پريالو شهر ۾ آهي.
ولي، ڪامل، عالم، عامل، فاضل جليل مخدوم محمد
اسماعيل جوڻيجو ابڙو سنڌ ۾ نقشبندي طريقي جو امام
ٿي گذريو آهي، تصوف ۽ عرفان سان گڏ هُو
بزرگ ظاهري علمن جو به وڏو عالم هو، هميشه ظاهري
علم جي درس جو سلسلو جاري رکندو ايندو هو. هُو
خوشخطه به هڪ ئي هو. معقول ۽ منقول جا سمورا درسي
ڪتاب پنهنجي قلم سان لکي پنهنجي ڪتب خاني ۾ جمع
ڪيا هئائين، مريدن کي فيض، تلقين ڏيڻ ۽ درس پڙهائڻ
سان گڏ روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب جي هڪ يا ٻه جز
لکندو هو. روايتن موجب ته پاڻ ڏينهن جو آرام ڪندو
هو ته سندس قلم خودبخود لکندو رهندو هو. مخدوم
محمد اسماعيل پريالوي جو لقب عبدالرسول هو، سڄي
ڄمار الله تعاليٰ جي عبادت ۽ خلق کي دعوت ۽ ارشاد
۾ گذاريائون، متد اول درسي ڪتاب سڀ جو سڀ پنهنجي
هٿن سان لکيائون ۽ انهن تي مفيد حواشي به لکيائون،
سڄي ڄمار قرآن ڪريم جي لکڻ ۾ صرف ڪيائون،
جڏهن به قرآن شريف لکندا هئا ته ان جي پهرين صفحي
تي اسماء الحنسيٰ ڳاڙهي مس سان لکندا هئا. مخدوم
صاحب جي سلسلي جي سند شيخ احمد سرهندي مجدد الف
ثاني رحمة الله
عليه
سان چئن واسطن سان ملي ٿي.
مخدوم محمد اسماعيل مريد آهي. مخدوم جمال الله
سنڌي پريان لوئي واري جو، اهو حافظ ايوب سنڌي جو،
اهو شيخ محمد سعد لاهوري (وفات 1152) اهو شيخ سيد
آدم بنوري (وفات 1034) جو مريد هو. مخدوم محمد
اسماعيل صاحب سنڌ جي اڪثر مسلمانن جو ڏاڏا پير ۽
مرشد آهي. اهو ان ڪري ته سنڌ ۾ اڪثر درگاهن ۽
خانقاهن جو سلسلو حضرت مخدوم صاحب تي پهچي ٿو.
مثلاً امروٽ شريف، ڀرچونڊي شريف، هاليجي شريف،
سوئي شريف، بائيجي شريف، ٿريچاڻي شريف وغيره انهن
سڀني درگاهن جي پيرن جا پير حضرت سائين محمد راشد
(روضي ڌڻي) رحمة الله
عليه
آهي. حضرت سائين محمد راشد روضي ڌڻي وري فيض ورتو
سراج الساڪين محبوب العارفين حضرت مخدوم محمد
اسماعيل پريالويءَ رحمة الله
عليه
کان.
ان مان معلوم ٿيو ته مخدوم محمد اسماعيل صاحب سنڌ
جي اڪثر مسلمانن جا پير ۽ مرشد آهن (1) سندن
خلفاءِ مان محمد بقا شهيد هاشمي والد ماجد حضرت
محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله
عليه
آهي. پير سائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله
عليه
جو والد محترم پير سيد محمد بقا شهيد مخدوم صاحب
جي اجازت لڌل خليفن ۽ مريدن مان هو، نقشبندي طريقي
۾ سڀ ڪجهه اتان حاصل ڪيو هئائين. هر سال سياري جي
موسم ۾ افغانستان جا مريد به مخدوم صاحب وٽ ايندا
هئا ۽ ٽي مهينا رهي ذڪر اذڪار ڪندا هئا ۽ فيض حاصل
ڪري ويندا هئا. جڏهن احمد شاهه ابدالي سنڌ آيو هو
تڏهن مخدوم محمد اسماعيل صاحب جي ملاقات لاءِ
پريان لوءِ به ويو ۽ دهلي جي فتح لاءِ دعا
گهرايائين. مخدوم صاحب شاعر به هو، سندن شعر الله
تعاليٰ جي وحدانيت سرور ڪائنات
ﷺ
جي صفت، خلق جي نصيحت ۽ تصوف جي نڪتن تي مشتمل
سنڌي ۽ فارسي ۾ هوندا هئا. پاڻ خطبو به لکيائون
جنهن کي خطيب جمع جي ڏينهن خطبي طور پڙهندا هئا.
هن خطبي ۾ ڌڻي تعاليٰ جو حمد ۽ سندس وحدانيت، حمد
۽ شڪر ڪرڻ، صفات سرور ڪائنات نبي ڪريم
ﷺ
جن جي تعريف شامل آهي.
مخدوم محمد اسماعيل رحه جو خاندان. . . . .؟
مخدوم صاحب جي خاندان ۽ حسب نسب بابت وڏا مونجهارا
آهن. هالا ۽ مانجهند ۾ آباد اَبڙا خاندان جيڪي
پنهنجي وڏي ڏاڏي ميان مخدوم
آجد
رحمة الله
عليه
(مدفون سرو لڳ بهاول نگر پنجاب) جي نسبت سان
اَجداڻي سڏائين ٿا. ابڙو حاجي محمد عيسيٰ مغموم
هالائي پنهنجي مضمون
’هالا
جو اَجداڻي ابڙا خاندان‘
جيڪو روزاني نئون سج ڪراچي جي 24 ڊسمبر 1997ع ۾
(2) ڇپيل آهي. لکي ٿو ته مخدوم محمد اسماعيل حضرت
عاجد رحه
جو پٽ هو، مخدوم محمد اسماعيل رحه
پنهنجي پيءُ وانگر دوريش صفت ۽ نيڪ انسان هو، هن
وقت جي برک ڪامل بزرگ حضرت قطب بهاؤالدين
زڪريا
رحه
وٽ ملتان وڃي سندن جي خدمت ۾ حاضر ٿي بعيت قبولي ۽
سلسله روحاني نقشبندي جي تعليم حاصل ڪئي.
سخت محنت جفاڪشي ۽ پنهنجي ڪامل مرشد جي دعائن سان
وڏي اوج تي پهچي حقيقت ۽ معرفت جو اعليٰ عهدو حاصل
ڪيو ۽ مرشد جي حڪم جي پيروي ڪندي ڳوٺ پريالو ضلع
خيرپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ روحاني تعليم جو فيض
ورهائڻ شروع ڪيو. (3) مخدوم ميان شيرل سجاده نشين
درگاهه عاليه مخدوم محمد اسماعيل رحه
واقع پريالو شريف جي لکيل توليت نامي جو جيڪو هن
مخدوم مرحوم محمد زمان طالب المولا جن جي جواب ۾
لکيو هو، جيڪو هالا جي ابڙن وٽ محفوظ آهي جنهن
مطابق سندن والد مخدوم محمد اسماعيل رحه
ذات جو ابڙو ساڪن ڳوٺ ٽڳڙ باغبان تعلقي ڏوڪريءَ جو
سن 1200 هجريءَ ۾ تبليغ اسلام خاطر پريالو شريف ۾
سڪونت اختيار ڪيائين، هالا جي ابڙن وٽ موجود شجري
موجب مولانا ميان اَجد ابڙو ان جو پٽ مخدوم محمد
اسماعيل ابڙو ۽ ان جا 3 پٽ حضرت مخدوم حاجي ميان
محمد عيسيٰ عرف ميون عيسو، ٻيون ميان محمد اسحاق
ٽيون ميان جاڙو خان ڄاڻايل آهن، اهو شجرو به ڪتاب
۾ موجود آهي. جڏهن ته مخدوم محمد اسماعيل رحه
جي وڏي فرزند مخدوم ميان محمد عيسيٰ رحه
جي سوانح حيات بابت سنڌ جي محققن وقت به وقت
ڪوششون ڪيون آهن،
پر اڄ تائين مخدوم ميان عيسيٰ عرف ميون عيسو رحه
جي حسب نسب ۽ خاندان جي باري ۾ چٽو نه لکي سگهيا
آهن، انهن ليکڪن جن ۾ علامه دائود پوٽو، ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ، ممتاز مرزا، مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ ۽ ٻيا شامل آهن. سڀ کان مستند صرف مخدوم
محمد اسماعيل رحه
جي سجاده نشين ميان شيرل جو اهو توليت نامون آهي
جيڪو هن مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي ڏنو هو ۽
اهو هن وقت به هالا جي ابڙن وٽ محفوظ آهي، هن
توليت نامي موجب ته مخدوم محمد اسماعيل رحه
ذات جو ابڙو ويٺل ڳوٺ ٽڳڙ باغبان تعلقو ڏوڪري آهي
۽ سن 1200 هجريءَ ۾ تبليغ اسلام خاطر پريالو ويو ۽
اتي ئي سڪونت اختيار ڪيائين. ان لکت کان سواءِ
محققن وڌيڪ سوانح بابت ڪجهه به هٿ نه ڪيو آهي.
1951ع ۾ علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي هن
بزرگ جي باري ۾
’شاهه
کان اڳ جا شاعر‘
نالي سان مقالو لکيو،
جنهن ۾ پهريون ڀيرو شاهه جي رسالي ۾ آيل ٻين شاعرن
جي حوالي سان ميان عيسيٰ رحه
جو ذڪر ڪندي سُر
سارنگ جي هڪ بيت جي نشاندهي ڪئي آهي ته:
ڍٽ ڍري پٽ پيئون، وڄن ڪيا وَرن،
اونهي ٿي عيسو چوي ڇاڇر سڀڪا ڇن،
جن محب اندر من سي پرين پيهي گهر آيا.
مخدوم محمد عيسيٰ عرف ميون عيسو ولد مخدوم محمد
اسماعيل پريالوي رحه
بنيادي تعليم پنهنجي ولد بزرگوار کان پريالوءِ
شريف ۾ سندس ئي نظرداري ۾ حاصل ڪئي، ديني علوم ۾
مهارت حاصل ڪري ديني مسئلن کي اسلامي شريعت مطابق
اڪلائڻ جو طريقو اپنايو ۽ اهڙي طرح پاڻ وقت جي برک
عالمن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ميون عيسيٰ رحه
علم جو اڪابر ڪلاسيڪل شاعري ۾ صف اول جو شاعر مڃيو
ويندو هو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه
جو وڏو همعصر هو ۽ قدرت ننڍي ڄمار ۾ ئي علمي
روحاني صلاحيتن سان مالا مال ڪري ڇڏيو هوس. هيءُ
درويش پنهنجي والد برزگوار وٽ بعيت حاصل ڪري سلسله
نقشبندي ۾ معرفت جو روحاني درجو حاصل ڪري وقت جو
ڪامل بزرگ بنجي ويو. ميون عيسيٰ جي هالا ۾ مستقل
اَچي آباد ٿيڻ بابت مليل معلومات موجب ته پاڻ حج
جي سعادت حاصل ڪري دريائي سر ذريعي هالا لڳ ڳوٺ
خاڻوٺ جي پتڻ وٽ پهتا ته کين هالا جي سڪ محسوس ٿي
ان وقت هالا جو شهر بزرگن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن
جي سرزمين هئڻ سبب ڏيهان ڏيهه مشهور هو، هڪ پاسي
سرور نوح رحه
ته ٻئي پاسي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه
مطلب ته روحاني فيض عام پلٽبو آيو آهي. جڏهن مخدوم
محمد عيسيٰ هالا پهتو ته ان موقعي تي سروري جماعت
جي ان وقت جي سجاده نشين حضرت مير پير رحه
کين دعوت جو پيغام موڪلي پاڻ وٽ گهرايو ۽ سروري
خاندان جي اولاد کي سلسله نقشبندي ۾ ۽ روحاني
تعليم ڏيڻ لاءِ روحاني تعليمي استاد مقرر فرمايو ۽
کين خانداني سَنَدَ
پڻ پيش ڪئي. کين رهڻ لاءِ گهر جي جاءِ، مسجد ۾
حجرو ۽ ٻين ضرورتن جو ذمو به کنيو. مخدوم سرور نوح
جي خاندان ميان عيسيٰ جي روحاني، علمي ۽ ادبي خدمت
جي مڃتا طور هڪ مسجد تعمير ڪرائي ڏني،
جنهن تي ڪڪا مسجد جو نالو پيو ان سان گڏ کيس قاضي
گلچين جو لقب ڏئي سروري جماعت جي معاملن جي شرعي
فيصلن لاءِ قاضي مقرر ڪيو. اهڙي طرح ميان عيسيٰ رحه
هالا ۾ مقيم ٿي ويو ۽ سروري جماعت سان لاڳاپجي
هميشه لاءِ هالائي بنجي ويو، ڪاڪا مسجد اڄ به
موجود آهي ۽ ڪڪا ابڙن جو پاڙو به آهي. مخدوم محمد
اسماعيل پريالوي رحه
جي خاندان ۽ حسب نسب بابت مخدوم عبدالرحمٰن شهيد
کهڙڻ واري جي پونيئرن مطابق ته مخدوم محمد اسماعيل
رحه
ٽڳڙ باغبان جو ويٺل هو ۽ کيس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ
جو اولاد هو. سندس پٽ شرارتي هوندا هئا. پاڻي
ڀريندڙ عورتن جا دلا ڀڃي ڇڏيندا هئا وغيره جنهن
سبب مخدوم صاحب کين پاراتو ڏنو جنهن سبب ٻئي ننڍپڻ
۾ ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته سندس نياڻي جي مخدوم
احمد کهڙن واري جي فرزند محمد عاقل سان شادي ڪرائي
ڏني هئائين، ان مان ضياءُ الدين نالي فرزند پيدا
ٿيو،
پر اهو جواني جي زماني ۾ وفات فرمائي ويو.
مخدوم محمد اسماعيل رحه
جي ڳوٺ ٽڳڙ باغبان تعلقي ڏوڪري ۾ هن وقت به درگاهه
مخدوم محمد قاسم موجود آهي، جيڪو مخدوم محمد
اسماعيل جو والد صاحب ٻڌايو پيو وڃي، تاريخي شهر
’ٽڳڙ
باغبان‘
جيڪو ويهڙ شهر کان هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي درياءَ
جي بند جي بلڪل ڀر ۾ آهي، هتي محمد بن قاسم ۽ ٻيا
به ڪيترائي ڌاريا حملا آور اچي رهيا آهن، علائقي ۾
مشهور آهي ته هتي موجود مٽيءَ جي دڙن ۾ 12 مڻ سون
دفن ٿيل آهي جيڪو محمد بن قاسم دفن ڪرايو هو، جنهن
سبب هن علائقي ۾ مختلف لالچي ۽ مهم جو قسم جا
ماڻهو اچي کوٽائي ڪندا رهندا آهن. هن وقت هي شهر
تباهه ۽ برباد ٿيل آهي صرف مٽيءَ جي دڙن جي صورت ۾
آثار موجود آهن. مخدوم قاضي اشفاق احمد جوڻيجو
موجب ته اسين مخدوم محمد اسماعيل رحه
جي خاندان مان آهيون، هنن وٽ موجود شجره نسب موجب
مخدوم عبدالله جوڻيجو ان جو پٽ مخدوم محمد قاسم ۽
ان جا ٻه پٽ مخدوم محمد اسماعيل رحه
۽ مخدوم محمد ابراهيم جوڻيجو ڄاڻايل آهن. ڏوڪري جي
قاضي خاندان ۽ هالا جي ابڙا خاندان جي شجرن ۽
ڳالهين ۾ وڏو فرق آهي. ٻئي شجره هڪ ٻئي کان مختلف
آهن. ڏوڪري وارن قاضين جي شجري ۾ به مخدوم محمد
اسماعيل رحه
جا 3 پٽ ڄاڻايل آهن. مخدوم عبدالله جوڻيجو، مخدوم
محمد يعقوب جوڻيجو ۽ مخدوم محمد اسحاق جوڻيجو شامل
آهن، جڏهن ته هالا واري شجري ۾ به ٽن پٽن مخدوم
حاجي ميان محمد عيسيٰ، ميان محمد اسحاق ۽ ميان
جاڙو خان جو ذڪر آهي.
مخدوم محمد اسماعيل جڏهن ٽڳڙ باغبان مان پريان
لوءِ وڃي رهيو هو ته ان وقت سندس عمر 65 سال هئي ۽
هتان اڪيلو ئي ويو هو.
ساڻس گڏ گهر جو ڪو به ٻار ٻچو نه هو، مخدوم محمد
اسماعيل جي ٽڳڙ باغبان مان پريالوءِ وڃڻ جو سبب
ڪجهه خانداني ۽ شرعي مسئلا هئڻ ٻڌايو پيو وڃي،
مخدوم صاحب جي پونيئرن گهڻي ڪوشش ڪئي ته مخدوم
صاحب هتان نه وڃي، کين روڪيو ويو،
پر مخدوم صاحب سفر جو ارادو پڪو ڪري ڇڏيو هو ان
ڪري پريالوءِ ۾ وڃي رهي پيو، مخدوم محمد اسماعيل
جي پيدائش بابت مخدوم قاضي اشفاق احمد جوڻيجو ساڪن
ڏوڪري وٽ موجوده چارٽ موجب سومر 9 ذوالحج 1072
هجري ۾ جنم ورتو هئائين.
مخدوم محمد قاسم ولد مخدوم عبدالله جوڻيجو جنهن جي
درگاهه
’ٽڳڙ
باغبان‘
۾ موجود آهي جتي هر 14 صفر تي خطبو ڏنو ويندو آهي،
جنهن ۾ درگاهه مخدوم محمد اسماعيل پريالوي جا
فقير، مريد ۽ سوين عقيدتمند اچي حاضري ڀريندا آهن.
جڏهن ته مخدوم محمد هاشم جو نالو به ملي ٿو،
جيڪو مخدوم محمد اسماعيل جو ڀاءُ ڄاڻايو پيو وڃي،
جيڪو پڻ مخدوم محمد قاسم سان گڏ دفن ٿيل آهي، هتي
هڪ ٻئي بزرگ ولي ۽ ڪامل سيد صوفن شاهه جي درگاهه
به موجود آهي. هيءُ
به پهتل بزرگ هئو ۽ مخدوم محمد اسماعيل رحه
جو گهاٽو دوست ۽ ساٿي هو.
مونجهارو ڪٿي آهي. . . . . .؟
مخدوم محمد اسماعيل رحه جي حسب ۽ اولاد بابت پيدا
ٿيل مونجهارا اڃان تحقيق طلب آهن. اصل حقيقتون
اڃان به لڪيل آهن. ڇو ته هالا جي ابڙن جي دعويٰ
موجب هُو
مخدوم صاحب جي فرزند مخدوم ميان محمد عيسيٰ عرف
ميون عيسو جو اولاد آهن. هنن وٽ موجود دستاويزن ۾
به هي مخدوم محمد اسماعيل جو اولاد آهن. هنن وٽ به
’ٽڳڙ
باغبان‘
جو حوالو موجود آهي،
پر مخدوم محمد اسماعيل جي والد بابت هنن وٽ موجود
شجري ۽ ٻين دستاويزن ۾ مولانا ميان آجد ابڙو
(مدفون سرو بهاولنگر) مخدوم صاحب جو والد ڄاڻايو
پيو وڃي ۽ مرشد ۾ غوث بهاؤ الدين ذڪريا رحه
ڄاڻايل آهي. جڏهن ته ڏوڪري جي قاضي (جوڻيجه
خاندان) وٽ موجود شجري ۽ ٻين دستاويزن موجب مخدوم
محمد اسماعيل رحه
جي والد جو نالو محمد قاسم ڄاڻايل آهي. جڏهن ته
ٻنهي ڌرين ۾ مخدوم صاحب جي ڏنل اولاد جي نالن ۾ به
فرق آهي. جڏهن ته کهڙن جي مخدومن جي خانداني
دستاويزن موجب مخدوم محمد اسماعيل جڏهن پريالوءَ ۾
اچي رهيو هو ته سندس شادي ڪرائي وئي هئي،
جنهن مان کيس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو، پٽ
ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويا ۽ نياڻيءَ
جي شادي کهڙڻ جي مخدوم گهراڻي ۾ ٿي هئي.
ڏوڪريءَ
جي قاضين موجب جڏهن مخدوم صاحب پريالي ويو هو ته
تڏهن سندس عمر 65 سال هئي ۽ کيس ٽن پٽن جو اولاد
هو، جڏهن ته مخدوم محمد اسماعيل رحه جي ڪل عمر 102
سال ٿي هئي مخدوم صاحب 9 ذوالحج 1072 هجري سومر
ڏينهن جنم ورتو ۽ 8 ربيع الاول 1174 هجري ڇنڇر
ڏينهن رحلت ڪئي هئي. منهنجي خيال
۾
ته مخدوم صاحب ٻئين شادي پريالوءَ ۾ ڪئي هوندي،
جنهن مان به کيس ٽن پٽن ۽ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو
هوندو باقي اهو غلط آهي ته مخدوم صاحب پنهنجي ٻن
پٽن کي پِٽَ ۽ پاراتو ڏئي ماري ڇڏيو هو. ڇو ته هڪ
ڪامل بزرگ ۽ ولي سخت کان سخت وقت ۾ به ڪنهن کي
پاراتو نه ڏيندو آهي ۽ پنهنجي اولاد کي صرف عورتن
جي دلن کي ڀڃڻ يا ٻين ٻاراڻين شرارتن سبب پِٽ ڏئي
سندن موت جي دعا گهرڻ واري ڳالهه ۾ ڪا به صداقت
ناهي.
ڏوڪري ۽ هالا وارا ابڙا هڪ ئي پيءُ ڏاڏي جو اولاد
آهي شايد سندن مائرون الڳ الڳ آهن، بهرحال هي هڪ
تحقيق طلب مسئلو آهي ۽ حقيقتن کي منظر تي آڻڻ لاءِ
وڌيڪ تحقيق ۽ جستجو جي ضرورت آهي ته جيئن ٻه
خاندان هڪ ٻئي سان ڳنڍجي سگهن ۽ مخدوم محمد
اسماعيل ابڙو بابت اصل حقيقتون ظاهر ڪري سندس خلاف
جوڙيل هٿ ٺوڪين ڳالهين کي رد ڪري سگهجي.
مخدوم محمد اسماعيل رحه صاحب ڪرامات به هو سندس
لاتعداد ڪرامتون ظاهر ڪيل آهن، مضمون جي طوالت سبب
انهن جو ذڪر ڪنهن ٻئي موقعي تي ڪبو.
مخدوم محمد عيسيٰ عرف ميون عيسو رحه
مخدوم ميان محمد عيسيٰ عرف ميون عيسو ولد سرتاج
اولياء مخدوم محمد اسماعيل ابڙو، جو جنم پريالوءِ
۾ ٿيو، پاڻ بنيادي تعليم ۽ تربيت به پنهنجي والد
بزرگوار جي نظرداريءَ
۾ حاصل ڪئي، مخدوم ميان محمد عيسو جا ٻه ڀائر ٻيا
به هئا، جن جا نالا ميان محمد اسحاق ۽ ميان جاڙو
آهن. ميان جاڙو بي اولاد هو، باقي ميان محمد اسحاق
۽ مخدوم ميان محمد عيسيٰ جو جھجھو اولاد ٿيو جيڪي
هن وقت ڏنئر، ڪڪا، جوڻيجه، آجداڻي ابڙا سڏجن ٿا.
جيڪي مانجھند ۽ هالا ۾ آباد آهن. مخدوم ميان محمد
عيسيٰ کي ٻن پٽن جو اولاد ٿيو، جن ۾ مولانا محمد
اسماعيل ۽ مولانا الهه اوڀايو شامل آهن. مخدوم
ميان محمد عيسيٰ به پنهنجي وقت جو ناميارو عالم ۽
بزرگ ٿي گذريو آهي. هن درويش پنهنجي والد بزرگوار
جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ سلسله نقشبندي ۾ معرفت جو
روحاني درجو حاصل ڪري وقت جو ڪامل بزرگ بڻجي ويو.
هن پريالوءِ شريف ۾ پنهنجي والد بزرگوار جي هٿ ۽
نظرداريءَ هيٺ ديني علمن ۾ مهارت حاصل ڪئي. مسئلن
کي اسلامي شريت مطابق اُڪلائڻ جو طريقو اپنايو.
پاڻ وقت جي برک عالمن ۾ شمار ٿيندو هو. هي علم جو
اڪابر ڪلاسيڪل شاعريءَ
۾ صف اول جو شاعر مڃيو ويندو هو. سندس شاعريءَ
۾ علمي عظمت جو وڏو ثبوت آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾
گهڻو ڪري بيت جي صنف کي اظهار جو ذريعو بڻايو آهي.
سندس ڪلاسيڪل شاعريءَ
جي مختلف صنفن مان بيت خاص اهميت رکي ٿو. مخدوم
ميان محمد عيسيٰ رحه جي شاعريءَ جو مجموعو
’ٽيهه
اکري‘
جي نالي سان مشهور آهي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ ڪوٽڙيءَ
جي ٻن عقيدتمندن سيد بشير احمد شاهه ۽ سيد امام
علي شاهه ڇپرائي پڌرو ڪيو.
’ٽيهه
اکري‘
جي هڪ ڪاپي هالا جي ابڙن وٽ موجود آهي. 1960ع ۾
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ادبي بورڊ طرفان
’ٽيهه
اکري‘
ڀاڱو پهريون ڇپرايو هو،
جنهن ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته هن ٽيهه اکريءَ
۾ اھي لفظ ملندا جيڪي شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ به
ملندا:
ڪِري ڪَن نه پاڻ، ويڄ
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ به ميان محمد
عيسيٰ رحه جا به ڪجهه بيت شامل آهن. ان سلسلي ۾
1951ع ۾
’شاهه
کان اڳ جا شاعر‘
جي عنوان سان مقالو لکي ميون عيسو جي شاهه جي ڪلام
۾ آيل بيتن جي نشاندهي ڪئي آهي.
ممتاز مرزا مرحوم به هڪ ڪتاب
’ميئين
عيسيٰ رحه جا سنڌي بيت‘
1993ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان ڇپرايو هو.
مخدوم ميان محمد عيسيٰ جي هالا ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ
بابت مليل ڄاڻ موجب ته پاڻ حج جي سعادت حاصل ڪري
درياءَ رستي هالا پهتا،
جتي عالمن، بزرگن ۽ سروري بزرگن جي فيض جي پالوٽ
جاري رهندي آئي آهي. مخدوم سرور نوح ۽ شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ
جي روحاني فيض جي رحمتن واري برسات جاري هئي.
مخدوم ميان محمد عيسيٰ کي سروري جماعت جي ان وقت
جي سجاده نشين مير پير رحه دعوت ڏيئي کين پاڻ وٽ
گهرايو ۽ سروري خاندان جي اولاد کي سلسله نقشبندي
۾ تعليم ڏيڻ لاءِ روحاني تعليمي استاد مقرر
فرمايو ۽ کين خانداني سَنَدَ
پڻ عطا ڪئي ۽ کين رهڻ لاءِ گهر، مسجد ۾ حجرو ۽ ٻين
ضرورتن ۽ گُهرجن
پوريون ڪرڻ جو ذمو کنيو. کيس قاضي گلچين جو لقب
ڏئي سروري جماعت جي معاملن جي شرعي فيصلن لاءِ
قاضي مقرر ڪيو. مخدوم محمد عيسيٰ جي روحاني، علمي
۽ ادبي خدمتن جي اعتراف طور هڪ مسجد تعمير ڪرائي
ڏني ۽ ان جو نالو ڪڪا مسجد رکيو ويو. ڪڪا ابڙن جو
پاڙو به آهي. 1955-1956ع ۾ هالا جي ميمڻن سيشن ۽
هاءِ ڪورٽ ۾ دعويٰ داخل ڪئي ته ڪڪا مسجد ۽ حجرو
ميمڻن جي ملڪيت آهي. ڪڪا مسجد لڳ ڪڪا محلي جي
نالي سان هڪ وڏي آباديءَ وارو پاڙو آهي. هتي پهرين
صرف ابڙا رهندا هئا،
پر اڄ ڪلهه هتي ميمڻن جي گهڻائي آهي. اڄ به ڪڪا
محلي سان گڏ قاضي گليچن جي پڙپٽاڻ جو گهر موجود
آهي. دراصل ڪڪا محله ڪاميٽي ۾ ابڙا ۽ ميمڻ گڏيل
طور ميمبر رهيا آهن. هن پاڙي تي ڪڪا محلو نالو به
ابڙا خاندان جي رهائش سبب پيو آهي. ابڙا خاندان
جو بزرگ ۽ ڏاڏو قائم الدين به هن پاڙي ۾ رهندو هو،
جيڪو درويش ۽ بزرگ شاهه اويس قرني رحه سميت لڏي
وڃي مانجھند ۾ ويٺو. جتي بزرگ درويش مخدوم قائم
الدين ۽ سندس نُنهن
۽ پوٽو وفات ڪري ويا. جنهن کان پوءِ اڪيلائي محسوس
ڪرڻ سبب سندس پونير ٻيهر لڏي وڃي هالا ۾ ويٺا ۽
ابڙا محلي جي نالي سان هڪ الڳ رهائشي پاڙو جوڙيو.
مخدوم قائم الدين ۽ سندس پوٽي رئيس قائم الدين کي
شاهه اويس قرني جي قدمن کان دفن ڪيو ويو. ميمڻن
طرفان داخل ڪيل دعويٰ جي موٽ ۾ سيشن ۽ هاءِ ڪورٽ
جي ججن اهو قرار ڏنو ته مسجد الله جو گهر آهي، مگر
مسجد جو حجرو ابڙا خاندان جي ملڪيت رهندو ۽ ان جو
متولي ابڙو خاندان رهندو. ان حوالي سان ابڙا
خاندان وٽ 8.1.1955ع ۾ مخدوم صاحبن کان مليل سَنَد
۽ مجموعه ٽيهه اکري به شهادت طور موجود آهن. اُن
کان سواءِ هالا جي ابڙا خاندان درگاهه سروريه جي
ڏکڻ ۾ جتي گادي نشين کان علاوه مخدوم خاندان جي
ٻين فردن جي آخري آرام گاهه سان بلڪل لڳ ابڙا
خاندان جي درويشن ۽ ٻين فردن جي آخري آرام گاهه
(مقام) لاءِ زمين مخدوم صاحبن طرفان مفت ۾ عطا ڪئي
وئي. پهرين هيءُ
هڪ ئي قبرستان هو، پر بعد ۾ درگاهه شريف جي
بائونڊري واري پڪي ڀت تعمير ٿي ته مخدوم خاندان ۽
ابڙا خاندان جا مقام الڳ ٿي ويا. اهو مقام صرف
ابڙا خاندان لاءِ آهي ۽ ٻئي ڪنهن خاندان کي اجازت
نه هوندي هئي ته ان مقام ۾ ڪو مردو دفنائي سگهي.
هن مقام ۾مخدوم ميان عيسيٰ عرف حاجي حافظ جمن،
مخدوم اسماعيل (ٻيون) ۽ ٻيا درويش ۽ خاندان جا
ماڻهو دفن ٿيل آهن. مخدوم محمد عيسيٰ عرف ميون
عيسو رحه وڏو درويش ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس
ڪيترائي مريد هئا مگر انهن سان گڏ شاهه جنات پڻ
سندس مريد بنجي کانئن روحاني تعليم حاصل ڪئي.
مخدوم محمد عيسيٰ عرف ميون عيسو رحه جي رحلت بعد
کين درگاهه سروريه جي چوکنڊي اندر سامهون دروازي
لڳ دفن ڪرايو ويو ته جيئن خاندان وارا مخدوم سرور
نوح رحه جي حضور ۾ حاضريءَ لاءِ پيش ٿين ته پنهنجي
روحاني استاد حضرت مخدوم ميان عيسيٰ رحه جي سلاميءَ
کان پوءِ کين دعائي مغفرت پيش ڪري سگهن. مخدوم
ميان عيسيٰ رحه جي خاندان جا فرد هن وقت به هالا ۾
موجود آهن. منجهن عالم، اديب، شاعر، استاد،
پروفيسر، جج، قانوندان، ڊاڪٽر ۽ آفيسر وغيره شامل
آهن.
ٽڳڙ باغبان (ويهڙ لڳ) رهائش وقت مخدوم محمد
اسماعيل پريالوي جا همعصر دوست صوفي ۽ روحاني بزرگ
صوفن شاهه، ٺارو شاهه، صالح شاهه سوائي ۽ حاجنا
شاهه هئا.
ٽڳڙ باغبان ۾ موجود مٽيءَ جا وڏا دڙا جيڪي درياهه
جي ٻيٽ ۾ ڪناري سان آهن. جتي محمد بن قاسم به اچي
رهيو هو، اهو مغلن جو ڪوٽ سڏبو هو.
حوالا:
1.
’تذڪره
پيران پاڳار‘،
جناب تبسم چوڌري ڇاپو پهريون جولاءِ 1975ع
2.
’مقالا
۽ مضمون‘،
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز
3.
’ٽيهه
اکرين‘،
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،
ڀاڱو پهريون 1960ع سنڌي ادبي بورڊ
4.
’هالا
جو اَجداڻي ابڙا خاندان‘،
ابڙو حاجي محمد عيسيٰ ع ۾ هالائي، روزاني نئون
سج، 24 ڊسمبر 1997ع
5.
’شاهه
کان اڳ جا شاعر‘،
علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، مقالو 1951ع
6.
’علامه
دائودپوٽي جي خط جو جواب‘،
مخدوم محمد طالب الموليٰ، ماهوار نئين زندگي جون
1973ع
7. بهاولنگر ان وقت سنڌ جو حصو هوندو هو، ماضيءَ
۾ موجوده پنجاب جو نالو جاٽڪي (حضرت جاٽ رح پٽ
حضرت سنڌين سام بن نوح عليه السلام) هو ۽ اهو سنڌو
تهذيب جو حصو رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ملتان ۽
اُچ شريف سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيا آهن.
8.
’تذڪره
پيران پاڳارا‘،
تبسم چوڌري، ڇاپو اول جولاءِ 1975ع
9.
’پرين
پريان لوءِ جو‘،
مخدوم عبدالخالق عرف شفيع محمد الهاشمي، مرتب:
مخدوم نديم احمد هاشمي، ڇپائيندڙ: مخدوم
عبدالرحمٰن شهيد اڪيڊمي درگاهه الخاديم کهڙا ضلع
خيرپور، ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشن ڪراچي، ڇاپو:
پهريون 2000ع
|