رسول ميمڻ
پنهنجو وجود-
پرايا هٿ
ڪڏهن بئريج روڊ تي عجيب منظر ڏسبا هئا. اهو سٺ
وارو ڏهاڪو هو. شهر ۾ اُٿل پٿل هئي. هندوستان کان
هجرت ڪري آيل ڪي ماڻهو خوش هئا ته ڪي غمگين ڪن کي
ڪليم ۾ ڪاروبار مليا ته ڪي اهڙي غنيمت کان محروم
رهيا.
بئريج روڊ ڪرتب ڏيکاريندڙ ماڻهن سان ڀريل هو.
آمدرفت گهڻي نه هئي، رستو صاف ۽ ويڪرو هو.
مداري، صلاجيت وڪڻندڙ پٺاڻ، ٻهروپيا، سانڊي جو تيل
وڪڻندڙ ڀيل عورتون ۽ ٻيا ڏندن، اکين ۽ جنس جون
ڦڪيون سُتيون وڪڻندڙ جن چوڌاري ماڻهن جا ميڙ هوندا
هئا.
جتي مهراڻ مرڪز آهي اُتي وڏو ميدان هوندو هو، جنهن
۾ جي گهر فقير ۽ موالي سمهيا پيا هوندا هئا. اُتي
هڪ مهاجر چادر وڇائي ويٺل هوندو هو، ان سامهون ڀڳل
شيشا رکيل هوندا هئا. شيشو کڻي وات ۾ وجهي
چٻاڙيندو هو ۽ اڳري پيٽ کي ڌڪ هڻندو هو ته اندر
شيشا کڙڪندا هئا.
ٿورو پري تماڪو بازار وٽ هڪ اهڙو مهاجر ويٺل هوندو
هو، جنهن کي گوڏي کان هيٺ ماس ۾ ڪوڪو پيل هوندو
هو، ان جو کٻو هٿ ڄڻ پنهنجو پاڻ حرڪت ۾ ايندو هو ۽
ڪوڪي وٽ پهچي ان کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو هو،
ساڳي وقت سڄو هٿ ڄڻ پنهنجو پاڻ مٿي ٿي کٻي هٿ کي
اهڙي حرڪت کان روڪيندو هو. اهڙي عمل سان ان جو
ڳاڙهو ماس ڇڪجي مٿي ٿيندو هو ته هجوم ۾ بيٺل ماڻهن
جي دل وات ۾ اچي ويندي هئي، ماڻهو رحم کائي پئسو
ٽڪو ان آڏو اُڇلائيندا هئا.
مان تن ڏينهن ۾ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس، اسڪول
کان موٽي شاهي بازار ڏاڏي ڏي ماني کڻي ويندو هئس،
جتي سندس ڪپڙي جو دوڪان هو. بئريج روڊ تي ايندي
ويندي مهاجر کي ضرور ڏسندو هئس، جنهن جي ڄنگهه ۾
ڪوڪو لڳل هوندو هو.
اهو سانوري رنگ جو مهاجر هو، جنهن کي هلڪي ڪاري
اڇي ڏاڙهي هئي. ميٽائي ڪڙتي پاجامي ۾ ملبوس چادر
وڇائي ويٺل ان مهاجر جي پاجامي جو هڪ پاسو مٿي
هوندو هو ۽ ماس ۾ لڳل ڪوڪو نظر ايندو هو. هر ٿوري
دير کان پوءِ ان جو کٻو هٿ ڪوڪي کي ٻاهر ڪڍڻ جي
ڪوشش ڪندو هو ۽ ان وقت جڏهن کٻو هٿ ڪوڪي ٻاهر
ڇڪيندو هو ته سڄو هٿ مٿي اُڀري کٻي هٿ کي روڪيندو
هو، بظاهر ائين ڪرڻ سان ان مهاجر کي ڪا تڪليف
محسوس نه ٿيندي هئي، پر هجوم جا سُوسٽ نڪري ويندا
هئا، اهي انکي ائين ڪرڻ کان روڪيندا هئا.
”اڙي ڀائي پاڻ سان اهڙو ظلم ڇو ٿو ڪرين؟“ ڪو ان کي
چوندو هو. اهو مهاجر ڳالهائيندو نه هو، ڪنهن به
سوال جواب نه ڏيندو هو. ڄڻ هڪ صدمي ۾ هجڻ ڪري
سندس اکيون بي جان ۽ ڪنهن به تاثر کان خالي
هونديون هيون.
ان ڀرسان هڪ پان چٻاڙيندڙ سنهڙو نوجوان چادر تي
اوڪڙو ويٺل هوندو هو، ماڻهن جي سوالن تي ڪڏهن اهو
جواب ڏيندو هو.
”ڇڏيو اهو نه پڇو“ ۽ ٿوري دير کانپوءِ وري ساڳيو
جواب ورجائيندو هو. ”ڇڏيو اهو نه پڇو.“
ماڻهو وڌيڪ ضد نه ڪندا هئا، ڪي ان منظر کي تماشي
طور ڏسندا هئا، ته ڪي اندر ۾ عذاب جيان محسوس ڪندا
هئا.
بئريج روڊ جا ٻه منظر ڪڏهن وساري نٿو سگهان. هڪ
ڪالو مڪراڻيءَ جو ڪيڏو پي ڄڃ اڳيان بينڊ ۽ باجن تي
مٺ ۾ جهليل ڀُڳڙن کي هڪ هڪ ڪري هوا ۾ اُڇلي وات
سان جهپي چيلهه لوڏي مدهوشيءَ ۾ نچڻ ۽ ٻيو ان
مهاجر جو ڄنگهه ۾ لڳل ڪوڪو.
مان اهو ڪوڪو پاڻ کي لڳل محسوس ڪندو هئس، لڳندو هو
ڪوڪو نڙيءَ ۾ ڦاٿل آهي ۽ اڳري نٿو سگهان. اهڙو
منظر ياد ڪيان ٿو ته گوشت کائڻ تي دل نه ٿي چوي.
ان مهاجر جي ڄنگهه جو ڳاڙهو گوشت ڪوڪي وٽ
ظاهرٿيندو هو، پر رت يا روڳ نه وهندو هو. اها حيرت
جي ڳالهه هئي، شايد ان جو زخم ڪوڪي کي برداشت ڪري
ويو هو ۽ ڪوڪو ان جي جسم جو حصو بڻجي چڪو هو.
جمعي جو ڏينهن شهر کي جاڳائي وجهندو هو، هرهنڌ
ماڻهن جا ميڙ هوندا هئا، مان ان مهاجر وٽ وڃي
بيهندو هئس، جنهن چوڌاري ماڻهو کيس اچرج مان ڏسندا
هئا. لڳندو هو، هن جا هٿ ڪنهن ٻئي شخص جا آهن ۽ هن
جي اجازت کانسواءِ سندس ڄنگهه ۾ پيل ڪوڪي کي اندر
ٻاهر ڪن ٿا.
آخر اهڙو وقت به آيو جو اهو مهاجر بئريج روڊ تي
نظر نه آيو. مان ايندي ويندي تماڪو بازار جي ڪُنڊ
وٽ ڏسندو هئس. اها جاءِ خالي هوندي هئي. ڪجهه
مهينا گذريا، هڪ ڏينهن شاهي بازار ۾ ڏاڏي جي دوڪان
تي ويٺل هئس ته اهو نوجوان نظر آيو، جيڪو ان مهاجر
جي ڀرسان ويٺل هوندو هو. سندس حالت خراب هئي. ڪپڙا
ميرا ۽ ڦاٽل هئا. مون کي پاڻ ڏانهن تڪيندو ڏسي وڌي
مون وٽ آيو ۽ ڪجهه به ڳالهائڻ کانسواءِ هٿ کڻي وات
ڏانهن اشارو ڏنائين. مان سمجهي ويس ته بکايل آهي ۽
مانيءَ لاءِ پئسا ٿو گهري. مون کيس دوڪان اڳيان
صندل تي ويهاريو، ڪجهه پئسا ڏنا ۽ ان مهاجر لاءِ
پڇيو، جنهن کي ڄنگهه ۾ ڪوڪو لڳل هو. منهنجي پڇڻ تي
سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ ان ٻڌايو. ”اهو
منهنجو وڏو ڀاءُ هو، ورهاڱي وقت فسادن ۾ هن کي مٿي
جو ڌڪ لڳو ۽ ذهني توازن وڃائي ويٺو، سندس زال ۽
ڌيءَ فسادن جي ور چڙهي ويا. ٻارن جي ڳولها سبب
پاڪستان اچڻ ۾ دير ٿي وئي، سڀ ملڪيتون ڪليمن ۾
ورهائجي ويون، هتي اچڻ کان پوءِ ريلوي ڪالونيءَ ۾
رهڻو پيو.
صدمي سبب منهنجو ڀاءُ هڪ عجيب بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي
ويو، هن جا هٿ جسم جو حصو هوندي به ان جوحصو نه
رهيا. اهي هن جي ارادي کان سواءِ ڪم ڪندا هئا. هڪ
هٿ جيڪو ڪم ڪندو هو، بيو هٿ ان کي ائين ڪرڻ کان
روڪيندو هو.
هڪ دفعي کٻي هٿ سندس ڳچيءَ کي رسو ٻڌو ۽ سڄي هٿ
ڇوڙي ڇڏيو، ڪڏهن کٻو هٿ هن جا ڪپڙا ڦاڙي منهن ۾ ڌڪ
هڻندو هو، ته سڄو هٿ کٻي هٿ کي پڪڙي پري ڪندو هو.
منهنجو ڀاءُ رڙيون ڪري روئندو هو، هُو صفا مرڻ
ويجهو ٿي ويو، اکيون ٻوٽيون ۽ آخري ساهه کڻڻ لڳو
ته اوچتو سندس سڄو هٿ حرڪت ۾ آيو ۽ ان پٽ تي پيل
ڪوڪو کڻي هن جي ڄنگهه ۾ وهائي ڪڍيو. ڪوڪو جيئن
اندر ويو ته هُو هڪ آهه ڀري جاڳي پيو. سندس اکيون
کُلي ويون ۽ زندگي موٽي آئي. منهنجي ڀاءُ مون کي
ٻڌايو ته، اهو ڪوڪو منهنجي حياتي آهي. جيستائين
ڄنگهه ۾ لڳل هوندو جيئرو هوندس، جڏهن ٻاهر نڪتو
مري ويندس.
مون سمجهيو هن جي دماغي حالت ٺيڪ نه آهي، ائين
ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته جيڪڏهن ڪوڪو هُن جي جسم ۾ لڳل
هوندو ته هُو جيئرو هوندو ۽ نڪري ويندو ته موت
ويجهو ٿي ويندو، مون سندس حال تي ڇڏي ڏنو.
اسان وٽ ايترا پئسا نه هئا جو گذر بسر ٿي سگهي،
مون سوچيو جيڪڏهن ڀاءُ کي بئريج روڊ تي ويهاريان
ته انجي حالت ڏسي ماڻهن کي رحم ايندو ۽ ڪجهه پئسا
ملي پوندا، اهو سوچي مون ڀاءُ کي تماڪو بازار
ٻاهران ويهاريو ۽ ماڻهو اهرو دلسوز تماشو ڏسي ڪجهه
پئسا ڏئي ويندا هئا.“
هن ٻڌايو ۽ چپ ٿي ويو، مان تجسس مان ٻڌي رهيو هئس،
هن جي چپ ٿيڻ تي تجسس وڌي ويو ۽ پڇيو.
”پوءِ ڇا ٿيو، تنهنجو ڀاءُ ڪٿي آهي؟“
هن ڳوڙهن ڀريل اکيون مٿي کنيون ۽ ٻڌايو.
”اهو ڪوڪو واقعي ئي هن جي زندگي هو. جيستائين
ڄنگهه ۾ لڳل هو، هُو جيئرو هو، هڪ ڏينهن مان ڪمري
۾ ويس ته هُو مئل هو، ۽ ڪوڪو هن جي ڄنگهه کان ٻاهر
پٽ تي پيل هو.
بانو محبوب جوکيو
محرابپور
بوندون بس نه ڪن
هُن جو وهنجڻ ڇا هوندو هو ڄڻ غريب جي شادي، هيءَ
شيءِ به کُٽل هوءَ شيءِ به کُٽل آهي، ڄڻ مون لاءِ
ٽِيپ هوندي هئي، وهنجندو به ائين هو، ڄڻ مينهن
وهنجندي هجي، نلڪو گيڙي گيڙي سهڪي پوندي هئس، پر
گرم يا ٿڌو پاڻي نڪرڻ سبب يا ته مزو ايندو هئس، يا
وري تنگ ڪرڻ خاطر ’بس‘ لفظ ته زبان مان نڪرندو ئي
نه هئس.
غسلخاني ۾ وهنجڻ جي عادت نه هئس، اگر قرب ڪري
وهنجندو به هو ته رڙ پئي پوندي هئس. ”نيڻان! شلوار
۾ اَڳٺ ته وجهي رک!“
هُو غسل خاني ۾ وڃي رڙ نه ڪري ته: ’نيڻان! تيل ته
آهي ڪونه، اهو ته ڏجانءِ، وار صفا بُهه ٿي ويا
آهن.‘ تيل پهچڻ کان اڳ ئي غسلخاني جي ٿوري کُليل
دروازي مان هن جو هٿ نڪرندو هو.
هن جي گهرڻ جي آزار کان تيل اڳواٽ رکندي هئم ته به
رڙ پوندي هئس ته ’صابڻ ٻاهر رهجي ويو آهي.‘ وهنجڻ
وارو کونچو ڪونهي اهو ته ڏجانءِ. ٻُڪ ڀري تَڙ ڪندم
ڇا؟“
پوتڙو (ٽوال) ٻاهر رهجي ويو آهي اُهو ته ڏي، لڱ
پاڻيءَ سان اُگهندم ڇا؟“
بس هن جو وهنجڻ نسوري چَٽي هوندي هئي، آءٌ ته سندس
وهنجڻ جو ٻڌندي هئس ته وهنجڻ جي لاءِ ساهه پيو کڻي
ته سڄو ساهه وڃي پيرن ۾ پوندو هو. نيٺ ڪوڙو مُنهن
ڪري سندس رڙين کان بچڻ لاءِ تيل، کونچو، صابڻ
وغيره يا پاڻي جو پورو انتظام ڪري ايندي هئس ته
وري نه ڪاڪڙي تي زور رکي ۽ منهنجا ڪَن ئي نه پچائي
ڇڏي، يا ڪم کي اڌ ۾ ڇڏي اُٿڻ جي آزار کان ڪَن
لاٽار به ڪندي هئم، پر، هُو پورن ڏينهن جو ڄاول
ڪاٿي ٿو مُڙي، هن جون رڙيون بنان لائوڊ جي ڪَن
ڦاڙڻ جي سگهه رکنديون هيون يا وري مون ۾ ڪچائي
هوندي هئي جو روح ۾ رحم پئجي ويندو هو، جو اُٿي
وڃي هن جو ڪم ڪندي هئس.
سندس سڀ اهي عمل ۽ انگل مون کي تنگ ڪرڻ لاءِ ئي
هئا، پر وري به رڙ پئي پوندي هئس ”گهوڙا گهوڙا!
مري ويس.“ مان ۽ امان حيران، پريشان ڀڄي وڃي
غسلخاني جي در وٽ بيهي پُڇندا هئاسين ته آخر ڇا
ٿيو ته امالڪ چوندو هو: ”نيڻان! ڏاڍو سيءُ آهي،
ڇوري نڀاڳي ناتر! هاڻ تون ڪم جي ناهي رهين پاڻي به
گرم ڪرڻ نه ٿو اچئي. صفا قلفي ٿي ويو آهيان، چاچي
صحيح چوندي اٿئي ته ڏسڻ جي سهڻي آهين، پر لڇڻن جي
بي تالي آهين.“
مان جيڪا گهر ۾ رکيل هڪ، اڌ آيل ڪاٺيءَ کي ٻاري ۽
ڦوڪي، ڦوڪي باهه مچائڻ خاطر نور پئي نچوڙيندي هئس
شاباس ته ڇُٽي ورندو ههڙا ويڻ ٻڌڻ لاءِ ملندا هئا
ته منهنجا آنڊا، پِتا ئي سڙي ويندا هئا.
هڪ ڏينهن چيومانس: ”ڪاٺيون هيون ئي ايتريون ڪونه،
باقي پاڻي سج تي ٽهڪائي ڏيائين ها ڇا؟“
”اڳتي پٽ! ڏسان ڪير ٿو ڪم اچئي، گرم پاڻيءَ لاءِ
سِڪندين، ڀلي تنهنجي ڪرتوتن جي بدلي، خدا دوزخ مان
پاڻي اوٻاري موڪلئي، پوءِ جيئن تن تي لڳندءِ اڳو
پوءِ گوين فنڪارن جيان پڪا راڳ پيو آلاپجان، پوءِ
نه امان ۽ نه ئي مان لِڙي به نهارينداسين توکي.“
ڪجهه چوڻ بجاءِ امان کي مخاطب ٿيندي چيائين ”چاچي
او چاچي!“
هيءَ انڪري منهنجو ڪم بي دليو ٿي ڪري جيئن مان تنگ
ٿي جلد هن کي پرڻائي ڇڏيان، ۽ مٿان ئي هڪ لوڪ گيت
ڳائيندو رهيو: ”ڪونه گهري ٿي اِها نيڻان ڪوئي
گُل…. اها گهُري ٿي ڪنڊو….. ڪنڊو، ڪنڊو ڪانه گهري
ٿي، مڙس گهُري ٿي منڊو، اِها منڊي جي جوءِ ٿئي!
الاڙي…. الا.“
سڄو ڏينهن اسان جي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي ٿڌِي،
ڪوسِي جنگ پئي هلندي هئي، ڪڏهن هٿ سان ڪڏهن زبان
سان، ويتر جو امان هن جو بدر کڻندي هئي ته تيئن
مون کي ڄڻ وڌيڪ چِڙ لڳندي هئي.
امان کي به اسان تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، هونئن ئي هوءَ
اسان جي هيرن هدرن ۽ ڪِرڪِر کان بيزار هوندي هئي
تنهن رڙ ڪندي چيو : ”ٻار آهيو جو اهڙيون حرڪتون
پيا ڪيو، سڄو ڏينهن وڙهڻ کان واندڪائي نه اٿو، سڄو
ڏينهن سانن ۽ هنومانن وانگر پيا وڙهو.
ايڏي ويڙهه ۽ ڏند چڪن کان پوءِ اسان وري ”ساڳيا
لاٽون، ساڳيا چُڳهه“ ائين ڄڻ ڪجهه ٿيوئي ناهي،
ٻارن وانگر اُتي ئي وڙهندا هئاسين ۽ اُتي ئي
پرچندا هئاسين.
بابا جي وفات کي ڪافي عرصو گذري چڪو هو، شايد تڏهن
مان ڇهين يا ستين ڪلاس ۾ پڙهندي هئس، ان بعد اسان
جي خرچ پکي جو ڪوبه ذريعو نه هو، بابا ڏهاڙيءَ تي
ڪم ڪندو هو، بابا ويو ته روزگار به ويو، هونئن به
چاچا جي اسان کي ٽيڪ هئي، بابا جي وڃڻ کان پوءِ ته
سڄو بار چاچا تي اچي ويو ۽ چاچا کي شابس هجي ته هن
ڪڏهن به مُنهن نه گُنجايو ۽ ماستريءَ جي نوڪري هجڻ
سبب اسان کي ويتر ئي ڄڻ سکيو ٽُڪر کارايائين.
بابا هئو ته امان کي به چاچا جي احساسن جي ڪابه
سمڪ نه پئي، پر بابا کان پوءِ هوءَ چاچي جي احساسن
۾ ئي دٻجي وئي هئي، جنهن اسان کي اَجهو ڏنو هو ۽
ٻيون به سڀ ضرورتون پوريون ڪيون هيون، ايستائين جو
امان بعد ۾ منهنجي پڙهائي به ختم ڪرڻ پئي چاهي، پر
چاچا جي ڀلائي هئي جو هن منهنجي تعليم جاري رکي ۽
پڻ همٿائيندو رهندو هو.
هڪ نڀاڳي ڏينهن جڏهن چاچا به هيءُ جهان ڇڏي ويو ته
اسان جو واحد سهارو غازي ئي بچيو، سندس ميڙي پونجي
ايتري هئي جو مس ڪجهه مهينا ڪاٽي سگهياسين، ڪمائڻ
جو ڪو ذريعو نه هجڻ سبب امان به ڳڻتين ۾ بيمار ٿي
پئي، مان گهر ۾ ڪجهه سلائيءَ جو ڪم ڪرڻ به شروع
ڪيو.
وقت اسان جو ڪافي تنگ ٿي ويو هو، انهن ڏينهنِ ۾
غازيءَ جا امتحاني فارم به ڀرجن پيا، پر اسان وٽ
ايترا پئسا نه هئا، ڪو ڪمائي جو ذريعو نه هجڻ سبب
به ڪو اڌارا پئسا به نه پيو ڏئي، نيٺ هن سال بچائڻ
خاطر مزدوري به شروع ڪئي، پر هو ڪٿان مزدوري ڪري
سگهي ها، ڪجهه ڏينهنِ ۾ ئي هُو بيمار ٿي پيو ۽ اچي
کٽ ورتائين.
هن کي ائين ڏسي هانوَ کي چَڪ پيو ۽ ڇِڙٻون ڏيندي
چيومانس: ”ڪم تي وڃڻ جو ڪهڙو سُتو پيو هيئه! پئسا
ته پئسا ورندو خرچ ڪراءِ! امان جي بيماريءَ تي خرچ
ٿيو ۽ هاڻي وري توکي ريس جاڳي.“
تنهن تي غازي به تيز لهجي ۾ چيو: ”نه ته ڪهڙو ڦاهو
کاوان، بابي جا به پئسا روڪيل آهن، جيسين ڪو هٿ
پير هلايون ۽ مُئن ڪامورن جا کيسا گرم ڪيون تيسين
ذري جو به ڪم اڳتي نه ٿا وڌائن. اسان جا حالتون
ڏسي ڪو اوڌر به نه ٿو ڏئي، ڪم نه ڪندم ته ڪٿان
پئسا ايندا. فيس نه ڀري ته سال ضايع ٿيندو، اگر
دير سان به انتظام ٿيو ته ليٽ فيس ۾ وڌيڪ پئسا
ڏيڻا پوندا، ڪيان ته ڪيان ڇا؟ پاڻ کي گروي ته نٿو
رکي سگهان ڪم ڪندم ته پئسا ايندا نه!“
”تنهنجا فارم ڀريا پئي ته مون کي پهرين ڇو نه
ٻڌايئي!“ مان ڪاوڙ ڪندي چيومانس.
”توکي ٻڌائي ڇا ڪيان، تون ڪهڙي فارم جي تاريخ
ملتوي ڪرائين ها.“
مان وڏڙين وانگر سمجهائيندي چيومانس:
”ڏس! تنهنجا امتحان به ويجها آهن، تنهنڪري پنهنجي
صحت جو به خيال ڪر! سڀ ڪم ڇڏي پنهنجي پڙهائيءَ ڏي
ڌيان ڏي، گهر جو خرچ ۽ تنهنجي امتحان جو خرچ
منهنجي بلي آهي.“
منهنجي ذهن ۾ ان ويل اهوئي خيال هو ته امان جيڪو
مون لاءِ واحد سونو سيٽ جيڪو شادي لاءِ رکيو آهي،
اهو وڪڻي به هن جو مونجهارو مٽائيندم، هن کان وڌيڪ
اُهو سونو سيٽ ته ناهه، پر اگر کيس حقيقت ٻڌايان
ها ته هُو ويتر باهه ٿي وڃي ها، انڪري کيس چيم ته
ڪجهه ماين وٽ منهنجي سلائيءَ جا پئسا رهيل آهن،
اهي اوڳاڙيندم ته تنهنجو ڪم ٿي ويندو.“
نيٺ امان جي منع ڪرڻ جي باوجود به امان ۽ مون ان
سيٽ جو هار وڪڻي هن کي پئسا ڏنا باقي والا رکي
ڇڏيا.
جڏهن مون هن کي سڀ پئسا ڏنا ته هن جي اکين ۾ چمڪ ۽
چهري تي خوشي تري آئي. ”ايترا پئسا! نيڻان هي ته
گهڻا پئسا آهن، ڇا تو ايتري محنت ڪئي آهي. هن جي
اکين ۾ مون لاءِ پيار سان گڏ همدردي به هئي، جيڪي
هار جي وڪڻڻ جي پڇتاءُ يا ان جي مليل قيمت کان
انتهائي گهڻي هئي.
هن کي خوشيءَ منجهان مذاق سُجهيو ۽ پئسا مون طرف
وڌائيندي چيائين: ”هل! هل! وٺ پنهنجا پئسا. چوندا
آهن ته پوءِ ڍائي کان پئسو نه وٺجي توڙي لک
لُٽائي، توکان به پئسا وٺندم ته پيو اجايو مهڻا
ڏيندينءَ.
”ڪونه ڏينديمائين، جڏهن نوڪري ملئي تڏهن کڻي واپس
ڪجانءِ، آخر مان به مسڪين آهيان ۽ مون کي يقين آهي
ته چاچا جو تو ۾ خون آهي انڪري مسڪينن جو حق نه
کائي سگهندين.“
”نه ابا! هر پگهار تي پئي پئسا وٺندينءَ ۽ تنهنجو
اهو واڻئي وارو قرض سڄي عمر ئي ڪونه لهندو.“
”مهڻا ڪيئن ڏيندي مائين، تون به ته اسان لاءِ گهڻو
ڪجهه ڪندو آهين، ائين سمجهه ته مان تنهنجو اهو قرض
پئي چُڪايان.“
صبح جو چانهه اڪثر ڪري ڳُڙ مان ٺاهيندا هئاسين،
کير مَس اَڌ پاءُ هوندو هو، جنهن مان ڇڊي چانهه
ٺاهي پيئندا هئاسين، جنهن کي غازي ’تتو پاڻي‘ يا
’دوزخ جو اُٻريل ڪارو پاڻي‘ ڪوٺيندو هو. مٿان وري
امان پئي ڪُرڪندي هئي ته ’ٿورو کير بچايو، اجايو
بي گناهه ايڏي گهاٽي چانهه ڇو ٿي ٺاهين، منجهند جي
وقت ڏاڍي ٻاڙ ٿي لڳي، کير چُڪو جيڪر بچاءِ!“
غازي کِلي چوندو هئس: ”چاچي! ايڏي ناانصافي نه ڪر،
توتي ته صفا نه ٿي سونهي، اگر اها گهاٽي چانهه
آهي، ته ڇِڊي الائي ڪهڙي شيدي مهانڊي جي هوندي.“
ڪڏهن پيالي ۾ اوتيل چانهه کي گهوري ڏسي چوندو هو:
”چاچي! ٻيلي آهين تون سچي، چانهه آهي ته گهاٽي پر
نيڻان جي هٿ چڙهي ته اصل ارڪانن، افعالن کان وئي
آهي هلي، جهڙو نالي جو پاڻي.“
غازيءَ کي چاچا جا پئسا جڏهن مليا ته ڪپڙن ۾ نه
پئي ماپيو، پهرئين ئي ڏينهن گوشت، مڇي، فروٽ وٺي
آيو. پوءِ کير به جهجهو آڻيندو هو، نوان ڪپڙا
ورتائين پنهنجا به ته اسان جا به. گهر جو ٻيو
ٿانوَ ٿڦو، ڪمبل، رلهيون. امان گهڻوئي ڪِر، ڪِر
ڪندي هئس ته هي سڀ ڇا ڪنداسين ته چوندو هو، نيڻان
جي شاديءَ لاءِ رکي ڇڏجان. هن کي ڏاج به ته ڏيڻو
آهي. کاڌي، پيتي تي به ڪِروڌ ڪندي هئس ته هروڀرو
فضول خرچي نه ڪر، پوئتي لاءِ به ڪجهه بچاءِ، چوندو
هو ”چاچي! هڪ دفعو ٻيهر سڀ ڪجهه ڍئو تي کائي ڏسون
ته ڪهڙي شيءِ جو هن جديد دور ۾ ڪهڙو ذائقو وڃي
رهيو آهي، ڪٿ مٽجي ته نه ويو آهي.
هونئن غازي ۽ مان اڪثر گهر ۾ ٻوڙ جا ديڳڙا چٽي،
چٽي کائيندا هئاسين، يا تري جي کُرڙ رهڙي، رهڙي
ڪڍي کائيندا هئاسين، امان هن لاءِ هميشه بيهي سرس
ٻوڙ ڪڍرائيندي هئي ۽ مان امان جو به ٻوڙ سرس ڪڍي
رکندي هئم، باقي ديڳڙيءَ ۾ پنهنجي لاءِ ڇڏيندي
هئم، هُو تاڙي وٺندو هو ۽ ديڳڙي جي کٽ پٽ هلندي
هئي.“ مان چوندي هئي مانس: ”ڇوڪرا ديڳڙا ناهن
چَٽيندا. چوندا آهن ته جيڪي ڇوڪرا ديڳڙا چَٽيندا
آهن انهن جي شادي ۾ مينهن وسندو آهي، اسان غريبن
جي شادي وارا ڪپڙا پُسائيندين ڇا؟“
”هل! وهمڻ ڪراڙي، ديڳڙن چٽڻ تي ٿا مينهن وسن.“
”سچي!“
”لڳي شرط!“
”لڳي....“ مون غيرت ۾ اچي چيو.
”ڇا تي لڳي شرط، تو ڀينگي وٽ آهي ڇا؟ هل! قياس
کائي توتي هلڪو بار ٿو رکان، اگر منهنجي شاديءَ تي
مينهن نه وسيو ته تون مون کي ڪڙڪ چانهه
پياريندينءَ.“
ائين اسان ڪافي دفعا شرط لڳائي ڪڏهن کٽيندا به
هئاسين، ته ڪڏهن هارائيندا به هئاسين، امان جا ڪڙڪ
دڙڪا به کائيندا هئاسين، پر ڪچهري ۽ ڪِر ڪِر واري
ڪِرت کان مُڙندا به نه هئاسين.
هڪ ڏينهن غازيءَ جي غير موجودگيءَ ۾ امان مون کي
ويهاري ۽ سمجهائيندي چيو: ”چري! هن سان نه وڙهندي
ڪر.
تون هاڻ جوان آهين ننڍي ناهين رهين، هن کي لک
شابسون اٿس جو اسان کي کارائي به ٿو ته اسان جي
سهي به ٿو، مذاق به حد اندر چڱو ٿو لڳي، اگر هُو
ناراض ٿي ويو ته ڪير آهي اسان جو سهارو، شابس اٿس
جو ڏک، سک ۾ اسان کي ڇڏيو ڪونه اٿائين. ماڻهن جا
سڳا پُٽ به ته ڇڏي ويندا آهن. هن معاشري ۾ مرد کان
سواءِ جيئڻ حرام آهي ته ڪونه. پر حرام ڪيو ضرور ٿو
وڃي. ڏس! ڏاهي ٿي، بلڪ توکي ته هن جي دل کٽڻ کپي ۽
ان لاءِ توکي هن سان عزت ۽ احترام سان پيش اچڻ
کپي، مون کي اهو سڀ چوندي نيڻان! شرم ته ٿئي ٿو پر
چوندا آهن ته ”شرع ۾ ڪهڙو شرم“. تون هن جي سؤٽ
آهين تون هن سان ايترو قرب ڪر جو هن جي ’ها‘ ۾
’ها‘ ملائيس، هن سان اگر تنهنجي شادي ٿي وئي ته
سون جهڙي زندگي گذاريندينءَ، ۽ مان مُئي کان پوءِ
به قبر ۾ آسودي هوندم. چري! مرد سان مقابلي ۾ محبت
ناهه ملندي، هن سان هيٺاهين ڪندين پوءِ ئي هن جي
من ۾ گهر ٺاهي سگهندينءَ.“
امان جون ڳالهيون ٻڌي مان ڇِرڪجي ويس. منهنجو ته
ڌيان اهڙين ڳالهين ڏي ويوئي ڪين هو، ان ۾ ڪو شڪ نه
هو ته اگر هُو گهر ۾ هوندو هو ته منهنجي روح ۾ ذري
به راحت نه هوندي هئي. هُن کي نه ڏسندي هئم يا نه
ڳالهائيندي هئم ته عجيب بي چينيءَ ۾ ورتل هوندي
هئس. هن کانسواءِ ماني نه وڻندي هئي، پر ان جو
مطلب ڇا هو، ان تي مون ڪڏهن به غور نه ڪيو هو، پر
جڏهن امان اهي ڳالهيون ڪيون ته منهنجو سڄو ڌيان
غازيءَ ڏانهن هليو ويو. مون کي ته پرواهه پوءِ ٿيڻ
لڳي، پر غازي پوءِ به لاپرواهه هو ۽ لاپرواهه ئي
رهيو.
مان ڏاڍي وکري وئي هئس ۽ هن جي خيالن ۾ ورهائجي
وئي هئس، پر هن کان پري ٿي وئي هئس، هن سان
ڳالهائڻ، وڙهڻ گهٽ ڪري ڇڏيو هو.
هُو به ڏاڍو مصروف ٿي ويو هو، هن کي هڪ خانگي
اداري ۾ نوڪري ملي وئي. ان اداري جي مالڪ غازيءَ
جي ذهانت، اخلاق ۽ ڪم سان دلچسپي ڏسي هن کان ڏاڍو
متاثر ٿيو ۽ هن کي ترقي پڻ ڏني، جنهنڪري هن جي ڪم
ڪرڻ جي رفتار تيئن تيز ٿي وئي.
غازي مون لاءِ ڇا هو؟ اهو مون کي پوءِ عيان ٿيو،
مان اندروني طور هن جي ويجهو ٿيندي ويس ۽ هُو
جسماني طور مون کان پري ٿيندو ويو. هر وقت ڪم جي
ڳڻتي هوندي هئس، جا گهڙي ويهندو هو پنهنجي باس جون
ڳالهيون ڪندو هو ۽ ان جون ئي تعريفون ڪندو هو.
هن جي رُخيءَ ۾ واهه جي اذيت هوندي هئي. پوءِ
سِڪندي هئم ته هُو مون کي سڏ ڪري، مون کي ڪو ڪم
چوي، بهاني، بهاني سان پُڇندي هئي مانس ته ”تو مون
کي سڏيو ڇا؟“ هُو حيرت مان ”نه“ ڪندو هو ۽ پوءِ
پنهنجي ڪم ۾ گُم ٿي ويندو هو.
منهنجي گز جيڏي زبان سُسي تِر جيتري ٿي وئي هئي.
هونئن رات جو دير سوير ايندو هو پرواهه نه هوندي
هئي، ورندو ڪاوڙ ڪري مُلهه ڪندي هئي مانس، پر پوءِ
جيسين گهر نه ايندو هو ننڊ ئي نه ايندي هئي، جيئن
ئي هُو گهر اچي ٿڪجي کٽ تي غش ٿي سُمھندو هو پوءِ
به منھنجا خيال هن جي چؤڦير هن جو طواف ڪندا هئا.
مان اگر مٽجي وئي هئس ته هُو به مٽجي ويو هو، هاڻ
هن کي منهنجي ڪابه پرواهه نه هئي، هاڻ هُو مون کي
تنگ به نه ڪندو هو، پنهنجا جيڪي ڪم ڪري سگهندو هُو
پاڻ ئي ڪندو هو.
هڪ ڏينهن امان ۽ مون سان ائين ويٺي پنهنجي باس جون
تعريفون ڪندي چيائين: ”چاچي! جيئن ماءُ، پيءُ
پنهنجي پٽ کي ڏسي ٺرندو آهي. منهنجو باس ائين مون
تي مهربان آهي، (وري مون سان ڳالهائيندي) خبر ٿئي
نيڻان! باس بهاني سان مون کي اڪثر پنهنجي گهر ڪم
ڪار سان موڪليندو آهي، نيڻان! هن جون ڌيئر ڏسندين
ته ڇا ته حسين آهن ۽ ڇا وري انهن جا اخلاق آهن ذري
جو به غرور نه اٿن، ويندو آهيان گهر ته پاڻي به هٿ
۾ ڏينديون آهن ۽ نوڪرن وانگر بيٺيون هونديون آهن،
تيستائين جيستائين گلاس خالي ڪري نه ڏيان، لڳنديون
ئي ناهن ته ايڏي امير پيءُ جون ڌيئر آهن.“
هن جون اهي ڳالهيون ٻُڌي مون کي ائين لڳو ڄڻ دنيا
جون سڀ بلڊنگون ڪنهن منهنجي مٿان ڪيرايون هجن.
پر هُو مون سان گڏ منهنجي تاثراتن کان به بي خبر
رهيو، امان کي ٻڌائيندي چيائين: ”چاچي! تنهنجي
دعائن سان منهنجا ڀاڳ کُلڻ وارا اٿئي، مون کي باس
چيو آهي ته مان تومان ڏاڍو خوش آهيان، مون کي پُٽ
ناهي، انڪري اڄ کان پوءِ تون منهنجو پٽ آهين.“
”ها! ابا! شڪر آهي، الله اڃان خوشيون ڏيندءِ!“
”چاچي! باس مون کي پنهنجي ڌيءُ جو سڱ به ڏيڻ ٿو
چاهي، چئي پيو پنهنجي ماءُ کي اسان ڏي موڪل. جنهن
نياڻي تي هٿ رکندين مان خوشي سان ان جو سڱ توکي
ڏيندم، گهر چوندين گهر وٺي ڏيندومائين گاڏي چوندين
گاڏي وٺي ڏيندومائين. (خوشيءَ منجهان) چاچي!
منهنجا ڀاڳ کلي ويا اٿئي، اسان هاڻ غربت جو مُڙي
منهن به نه ڏسنداسين. چاچي! مان باس کي ٻڌايو آهي
ته منهنجي ماءُ ناهي، پر چاچي آهي، مان ان کي وٺي
ايندم، هلندينءَ نه چاچي!؟“
”ها! ابا! پيرن سان نه دل سان هلندم، تنهنجي ترقي
۽ خوشيءَ ۾ اسان جي خوشي آهي.“ امان خوشي ظاهر ڪرڻ
جي باوجود به وساميل، وساميل لڳي رهي هئي.
”چاچي! تون هلجانءِ باقي هن کي مذاق منجهان مون
ڏانهن اشارو ڪندي) نه وٺي هلجان، چوندا هيءَ ڪٿان
چُهڙي وٺي آيا آهن. منهنجي عزت کي ڌڪ رسندو اگر هن
پنهنجي زبان جي واڳ ڇوڙي ڇڏي، ائين نه ٿئي ته
منهنجو ڍينگو ئي ڍير ٿي وڃي.“
منهنجي اکين ۽ چهري مان ڇڻيل اُداسي ۽ مايوسي ڏسي
چيائين: ”اڙي! مذاق پيو ڪيان، دل ۾ نه ڪجانءِ، تون
ڪونه مون سان گڏهه جهڙي ڪندين آهين، پوءِ مان به
ته کِلي کلي ڌڪ پچائيندو هان! هاڻ تنهنجو وارو
آهي.“
مان چپ چاپ اُتان اُٿي آيس، جو هن جو ڌڪ پچائي نه
سگهي هئم.
ائين هُو شادي ٿيڻ تائين ڏاڍو خوش هو ۽ مان ڏاڍي
اُداس، هُو بس اُڏامي پيو ۽ مان ڪنهن سامان جيان
پاسي کان پئي هوندي هئس، جنهن جو هن کي ڪوئي احساس
به نه رهيو هو. انڪري جو هن وٽ منهنجي ڪائي اهميت
ئي نه رهي هئي. هن پاڻ کي ته منهنجي لاءِ اهم
بڻائي ڇڏيو هو، پر مان هن جي لاءِ ڪجهه به نه هئس
صفا ڪجهه به نه.
اڳي جيان بنا چئي هن جا ڪم ڪندي هئس، پر زبان
ڳالهائي، ڳالهائي ايڏو ته ٿڪجي پئي هئي جو هڪ قدم
به هن آڏو ڊڄي، ڊڄي کڻندي هئس ته ڪٿ ناراض نه ٿي
وڃي، پر هُو ته مون کي کنگهندو به نه هو. پوءِ به
اندر ۾ هڪ آس هئي ته جيڪر! هن جي ڪنوار مان ٿيان
باس جي ڌيءَ نه، هردم، هر وقت اکين مان ميگهه
ملهار پئي وسيا، هردم هڪ معجزي جو اوسيئڙو هو ته
جيڪر! منهنجي حق ۾ ڪو فيصلو ٿي وڃي، ۽ هُو صرف
منهنجو ئي منهنجو ٿي وڃي.
غازي باس جي ڌيءَ نور کي پسند ڪيو هو، ۽ جڏهن هنن
جو نڪاح پڙهجي ويو ته هُو ان ويل امان سان پيرين
پئي مليو. مون کي نظر پوندي مذاق ۾ ئي چيائين:
”خدا جا لک احسان جو هن نور کي منهنجي زندگي ۾
آندو، نه ته مون کي هِن ڀوريءَ ٻليءَ سان شادي
ڪرڻي پوي ها، جيڪا چنبا هڻي، هڻي منهنجو رت ئي ڪڍي
ڇڏي هان.“
منهنجو وساميل مُنهن ڏسندي چيائين:
”معاف ڪجان مذاق ٿو ڪيان، متان! دل تي وٺين،
پنهنجا اهي مقابلا اڃا هلندا پيا جيسين تنهنجي
شادي نه ٿي ٿئي. جڏهن تنهنجا هِتان ٽپڙ گول ٿيندا
پوءِ هاءِ! هاءِ! سڪون ٿي ويندو. (اوچتو ڪجهه ياد
ايندي چيائين) ٻڌ! جيڪو پاءُ پاڻي جو رهيل اٿئي!
مون سان چُڪتو ڪجان منهنجي زال کي ڪجهه نه
چئجانءِ، نه ته پري پئجي وينداسين.
مان دوڏا ڦاڙي کيس ڏسندي ئي رهيم، امان چيو: ”ابا!
الله نه ڪري وائي سڻائي ڪڍ، هي هاڻ ٻار ناهه،
سياڻي ٿي وئي آهي وقت ويتر سيکاري ڇڏيندس، اگر هاڻ
به ٻاراڻي ڪندي ته کٽنس ڀاڳ.“
ڀاڳ ته نور جا کٽي ويا هئا جو غازي کيس مليو هو،
رات جو مهمانن کان پاسو ڪري ڪمري ۾ اچي ويهي رهيم.
ڪنوار کي مسهريءَ ۾ ويهاري غازي ڳولهيندو مون ڏي
آيو ۽ چيائين: ”هت ڇو ويٺي آهين، ڪهڙو کنڊ جو جهاز
ٻُڏي ويو اٿئي جو ايڏو مُنهن لٿل اٿئي، طبيعت صحيح
اٿئي.“ منهنجي ها ڪرڻ تي چيائين: ”شڪست جو سور
اٿئي ني؟“
مان حيران هن کي ڏٺو ۽ سوچيم ته ڇا هُو منهنجي حال
کان واقف آهي؟ ڇا هن کي خبر آهي ته مان هن
کانسواءِ ڪجهه به ناهيان؟ ڇا هُن ضد ۾ محض مون کي
شڪست ڏيڻ لاءِ ائين ڪيو آهي؟
هن ٻانهن کان لوڏي چيو: ”مٺڙي! شڪست کي ايڏو دل تي
نه وٺ.“ لڙهي نه وڃين. شرط هارايئه! ني؟“
”شرط؟“ مان حيران ٿي ويس.
”تو شرط لڳائي هئي ني ته جيڪو مرد ديڳڙا چٽيندو
آهي ان جي شاديءَ تي مينهن وسندو آهي، شڪي هيڙو!
شڪي هيڙو.... (هن ننڍپڻ وانگر چيڙائيندي چيو). هاڻ
وڃ! ۽ مون لاءِ منهنجي پياري ڪنوار لاءِ چانهه
ٺاهي اچ. مان هن سان تنهنجي چانهه جي تعريف به ڪئي
آهي، اُٿ شاباس! (هن ٻارن وانگر ٻچڪاري ڏيندي پيار
جتائيندي چيو). ۽ ها! بس هڪ ڳالهه جو خيال رکجان
چانهه ڏاڍي گرم ۽ ڪڙڪ هجي، صفا تنهنجي زبان جهڙي.“
مان چپ چپات کيس نهاريندي رهيم ته چيائين: ”تون
اهو مون کي ۽ منهنجي ڪنوار تي احسان ڪو نه ٿي ڪرين
تو شرط هارائي آهي، انڪري اهو ڏنڊ ۾ آهي، منهنجي
شاديءَ تي مينهن ته ڇا هڪ بوند به ناهه وسي ۽ نه
ئي پري، پري تائين ڪي آثار ئي آهن، اُٿ شاباس!“
هُو اندروني خوشي منجهان کِلندي پنهنجا ٽهڪ اُتي
ڦِٽا ڪري هليو ويو ۽ مان پنهنجي اکين مان بنا
ساهيءَ نڪتل ڳوڙهن کي لڪائڻ ۾ پوري هئس، هن کي وقت
نه هو اُت بيهڻ جو ۽ مون کي ڏانءُ نه هو پنهنجي
اکين مان وهندڙ مينهن کي ڏيکارڻ ۽ روڪڻ جو.
بهادر ٽالپر
بدين
وقت کي
سنگهرون لڳي ويون!
”شروع کان انسان وبائن پٺيان آهي.... هُو ڊوڙي
ٿو.... سهڪي ٿو.... وري ڊوڙي ٿو.... وبائون کيس وٺ
ئي نه ٿيون ڏين.... نه ته هُو انهن کي اهڙو ته
قابو ڪري.... جو وري اهي سندس ويجهوئي نه اچن!
وبائن اڳيان انسان اهڙو بيوس رانديڪو بڻجندو....
ان ڪڏهن اهو سوچيو به نه هو....!!“
سوچن مٿان سوچون هئس.... ڪا اُميد کڻي ڪنهن ويل
گهر مان ٻاهر نڪتو ته شهر جي اُداس رستن، گهٽين ۽
بند بازارن سندس سواگت ڪيو....!! هن کي هر گهڙي
فرسٽريشن جي دور جي سوغات لڳي.... پراون ۽ پنهنجن
۾ ڪو تفاوت نه رهيو.... هرڪو بيگانو.... هرڪو
اڪيلو.... هر ڪنهن جي بيگانگي ۽ اڪيلائيءَ سان
ياري.... اڳي عورتون مُنهن تي ماسڪ لڳائي گهر مان
نڪرنديون هيون.... پر هاڻ مرد به ماسڪ سان نڪ، وات
۽ چهرو ڍڪي جڏهن گهران ڪنهن اهم ڪم سانگي نڪرن
ٿا.... ته هن دور جي عجب پڻي تي سوچي احساس ئي سُن
بڻجڻ لڳن ٿا....!!
لاڪ ڊائون جا ڏينهن.... وقت کي سنگهرون لڳي
ويون.... جيڪي شينهن گوشت کائيندا هئا.... اهي ڊڀ
چرڻ لاءِ مجبور ڪيا ويا.... گهر نظربندي جا مسڪن
بڻايا ويا....! ”ڪوبه ماڻهو ڪنهن به اهم ۽ ضروري
ڪم بنان گهر کان ٻاهر نه نڪري.... ڇاڪاڻ ته اڳي
انسان ۽ ان جي سائنس وبائن پٺيان هئا.... پر هاڻ
وبائون انسان پٺيان آهن.... انسان لاءِ هاڻ بچاءَ
جي جڳهه صرف هن جو پنهنجو گهر آهي....!!“ وقت جي
سرڪار جو حڪم ٻُڌي هن جا تاڪ لڳي ويا....!!
هن ڏٺو: سندس ٻنهي هٿن کي اڄاتل سنگهرون هيون....
۽ وقت جو سفاڪ مصور سندس ڀيانڪ تصوير جي نقش و
نگار چِٽي رهيو هو....!! هن ان سفاڪ مصور کان
ڪيترائي سوال ڪيا.... پر ڪوبه جواب نه مليس....
اٽلندو سندس اکين مان اُٿلندڙ آب کي مصور پنهنجي
برش جي رنگن طور استعمالڻ شروع ڪيو....! وبا
پهريان بازارن ۾، دڪانن ۽ هوٽلن ۾، رستن تي ۽ انهن
تي هلندڙ گاڏين ۾ هئي.... ۽ هر طرف وبا جي ئي
حڪمراني هئي.... هن کي پڪ هئي ته سندس گهر ئي اهڙي
پناهگاهه هو.... جيڪو ان کان بچيل هو.... هُو گهر
کي جنت طور ڏسي رهيو هو.... پر اندر ۾ اجگر دوزخ
هئس.... جنهن ۾ سندس احساس، جذبا ۽ اُمنگون شعله
فگن هئا....!!
هن وقت گذاري لاءِ گهر جي صحن جي ڪا خالي ڪُنڊ ڏسي
ان ۾ هڪ ٻوٽو پوکيو.... ۽ ان کي اکين جي نير سان
ريجڻ لڳو.... وقت پوءِ به ڏاڍو سست هو.... صديءَ
جي ڪنهن پيرِ مرد جي وِک جهڙو.... هُو پاڻ به
صديءَ جي پيرِ مرد جهڙو ڏسجڻ لڳو هو.... جنهن کان
دوست احباب، مٽ مائٽ توڻي گهڻگهرا پري پري ٿي ويا
هئا....!!
جگري دوست ڪريم بخش اوچتو بازار ويندي سامهون
آيو.... کيس هٿ ڏيڻ ۽ حال احوال وٺڻ جي ڪيم ته جهٽ
۾ گوهي هڻي ڪٿان نڪري ويو.... ڄڻ ڪنهن ڊرامي جو
سِين هو.... جيڪو اکين اڳيان اوجهل ٿي ويو....
هن ان ڏينهن بازار مان واپس گهر ۾ داخل ٿيندي ئي
ٻاهرئين در کي ٻه ٽي دفعا بند هئڻ جي تصديق لاءِ
ڏٺو هو.... ته ڪٿي ڪا وبا سندس گهر (جنت) ۾ داخل
نه ٿي وڃي.... ۽ ان جنت مان کيس پوءِ بي دخل نه
ٿيڻو پوي....!!
هن وقت کي پيل سنگهرون ٽوڙڻ لاءِ پاڻ کي گهر اندر
مصروف رکيو....! هن ’لسانيات‘، ’تاريخ‘،
’نفسيات‘، ’ميڊيڪل سائنس‘ توڻي ٻين موضوعن تي ڪتاب
پڙهيا.... ۽ انهن مان حظ حاصل ڪيو....! هن جي
لائبريريءَ ۾ ’ڪسرت‘ جي موضوعن تي پڻ ڪتاب هئا....
جن کي هن پڙهيو.... ۽ گهر جي دائري اندر ڪسرتون پڻ
ڪيائين....!!
هڪ ويل هن کي پنهنجي ساڄي هٿ جي اشهد آڱر تي خارش
محسوس ٿي.... اکين تي لينس چاڙهي جو ڏٺائين ته هڪ
جرثومو هو، جنهن جي شبيهه انساني مٿي تي سُونهڻ
واري تاج جهڙي هئي.... هُو ان کي ڏسندي ئي ڏڪي
ويو....! هن ٻي آڱر سان جوثومي کي مارڻ جي ڪوشش
ڪئي.... ته اهو گُم ٿي ويو....!!
نه.... نه.... اهو منهنجو وهم هو.... اهو جرثومو
نه ٿو ٿي سگهي گهر جهڙي جڳهه.... اتي اهو نه ٿو ٿي
سگهي.... مون جهڙو پاڳل ۽ وسوسيو شايد ئي ڪو شهر ۾
هجي.... جيڪو اهڙين بيوقوفين پويان ڊُڪندو هجي....
وري کيس نڪ ۾ شديد خارش ٿي.... جيڪا آسانيءَ سان
ڳلي ۾ لهندي وئي.... ٽنگن ۾ اچي سور پيس.... مٿو
ڦاٽيس پيو....!!
”شايد مون کي ٿي ويو آهي.... اهو جرثومو ڪو وهم نه
هو.... وبائن جا جراثيم ماڻهو کي ڌوڪو ڏئي ويندا
آهن.... ۽ ماڻهو خوش فهمي ۾ رهجي ويندا آهن....“
جوڻس هن جا ڳالهايل اهي لفظ ٻڌا ته هڪ ٽهڪ نڪري
ويس.... جوڻس ته ڪيترن ڏينهن کان پئي چوندي آئي:
”اهو ته انسان سان هڪ وڏو مذاق آهي.... ڇڙواڳ
انسانن کي قابو ڪرڻ لاءِ اهو ته هڪ بهانو آهي....
ڪٿي آهن وبائون.... ۽ ڪٿي آهن انهن جي نتيجي ۾
ٿيندڙ موت....“
هن اهي لفظ وري وري ٻڌندي آخر ڪاوڙ مان ٻاهر گيٽ
کوليندي ئي ڊوڙ پاتي سُنسان روڊ ڏانهن.... پريان
کان ڪجهه ماڻهو مُنهن تي ماسڪ سان هڪٻئي کان ڇڊا
ڇڊا پئي ويا.... هنن پويان جو هن کي ڊوڙندو
ڏٺو.... ته هُو وبا کان پاڻ بچائڻ لاءِ پاسي وارين
گلين ۾ هڪ هڪ ٿيندا لهندا ويا.... هُو اڃا به مُٺ
ڀيڙي روڊ تي ڀڄي رهيو هو.... پويان هڪ ساعت نگاهه
وڌائين.... پوليس سندس پيڇي ۾ هئي.... اڳتي ڊوڙندي
ڊوڙندي هن کي سڌ ئي نه پئجي سگهي ته هُو ڪنهن ويل
روڊ تي ڪِري سخت زخمي ٿيو.... ۽ پوليس هٿان اسپتال
پهچي وينٽيليٽر تي ويو.... ۽ سندس فائل تي مرض جي
تشخيص طور
Covid-19
لکيو ويو....!! |