شبير’هاتف‘
ڪراچي
ڪيئين حياتيءَ جو هي سفر گذريو؟
بس! ڏکيو يا سکيو مگر گذريو.
توکي هر روز خواب ۾ ڏسندي،
رات جو آخري پهر گذريو.
ان کان بهتر ڪو وقت جو مصرف؟
تنهنجي يادن ۾ بيشتر گذريو.
تون خيالن ۾ ساڻ آهين سدا،
ڪو به لمحون نه تو بگر گذريو.
ڪو سنيهو نه ڪا چٺي آئي،
بارها گهر کان نامه بر گذريو.
تو سوا وقت ڄڻ بيهي رهيو،
شام گذري نه ڪي سحر گذريو.
ساڳيا چُڳهَه ساڳيا لاٽون،
ساڳيو حال جيڪو پر گذريو.
شهر جي رولڙي مان ڪجهه نه وريو،
سوئي پل ٿيو سڦل جو گهر گذريو.
ڊوڙندا جت هئا ڀلا گهوڙا،
اُتان سونن سنجن سان خر گذريو.
موت کان پوءِ ملي پذيرائي،
جو سخنور به نامور گذريو.
روز اکيون وڇائي راهن ۾،
تنهنجي ’هاتف‘ جو هر پهر گذريو.
پــيــر مـجــدد
مٽياري شريف
غزل
منھنجي پُرعزم ارادن جو سبب تون آھين،
دل جي پرڪيف نظارن جو سبب تون آھين.
راھِ الفت جي سمنڊ ۾ ڪئين سھڻيون ھونديون،
منھنجي ڪشتي جي ڪنارن جو سبب تون آھين.
پل ۾ آباد وري پل ۾ ٿو برباد ٿيان،
بيقرارين ۽ قرارن جو سبب تون آھين.
خون آشام, جگر سوز، زھر آلوده،
شھرِ
زندان ۾ عذابن جو سبب تون آھين.
گرچه تاحد نظر آھيان اڪيلو پو ڀي،
مون ۾ موجود جھانن جو سبب تون آھين.
جو جتي آھي اتي تو ۾ ٻڏو پيو آھي،
بزمِ رندان ۾ خمارن جو سبب تون آھين.
ڪنھن لا ڪھڙو ڪنھن لا ڪھڙو مگر اي جان من،
مون لئي ڪعبي جي طوافن جو سبب تون آھين.
آئون به صحرا جي مسافر جيئان بن بن پيو
رلان،
منھنجي جيون جي سرابن جو سبب تون آھين.
ڪير ٿو خون جگر ڏيئي جلائي تن من،
منھنجي راتين جي چراغن جو سبب تون آھين.
ڪير برباد ڪري سگھندو اھا دل جانان،
جنھن
جي آباد حوالن جو سبب تون آھين.
ڪوئي مجذوب ڪوئي مون
کي
’مجدد‘
ٿو چوي،
مونسان منسوب خطابن جو سبب تون آھين.
سرفراز راڄڙ
کپرو
غزل
ڇڏيِ جانين جي جفا ڪينڪي،
وساري اسان پڻ وفا ڪينڪي.
گهرڻ ريءَ گهوري ڏبو ساهه سِر،
محبت ۾ ليکا ڪبا ڪينڪي.
بهار آهي آئي ته ڇا ٿي پيو،
قفس مان ٿياسون رِها ڪينڪي.
زماني ۾ انسان اهڙو به آهِه،
وڻي جنهن کي ناز و ادا ڪينڪي.
جَواني انهيءَ کي جَواني نه چئو،
ڪئِي عشق جي جنهن خطا ڪينڪي.
اسين هڪ ئي سهڻي جا سائل رهون،
ڪا در در هڻون ٿا صدا ڪينڪي.
توَڪل جي تُرهي سدا جي ترن،
انهن کي ڇڏيندو خدا ڪينڪي.
لڪايئين لڪو ڪين عشقِ ’فراز‘،
ڪسر هُن ڇڏي هئي ته ڪا ڪينڪي.
غزل
جَام و مِينا جو ڪاروبار ڪَبو،
خوب دامن کي داغدار ڪَبو.
هن جو هڪڙو به وعدو ٿيو نه وفا،
هاڻ هن تي نه اعتبار ڪَبو.
تنهنجو هر هڪ ستم سهي دل تي،
هَر جفا کي گلي جو هار ڪَبو.
وقت ويو جو گُلن سان ياري هئي،
هاڻ خارن کي خوب پيار ڪَبو.
آهه موسم جو رنگ ابتڙ ڪجهه،
خامشيءَ کي کڻي شعار ڪَبو.
هو نه اچڻو هو ڪين آيو بس،
ڪيترو هُن جو انتظار ڪَبو.
طوطا چشمي ٿا يار ڪن اي ’فراز‘،
هاڻ ڪنهن سان اکين کي چار ڪَبو.
نياز پنهور
ڄام
شورو
وڃي ها
هو وڃي ها ڀلي دل دکائي وڃي ها،
منهنجا خواب مون کي ورائي وڃي ها.
سڀئي راز کولي ڪيائين پئي پڌرا،
ڍڪي ها کڻي ڪجھ لڪائي وڃي ها.
اگر غم گهٽائڻ ئي مشڪل لڳس پئي،
ڀلي درد ئي ڪجھه وڌائي وڃي ها.
اچڻ جي نه خواهش اگر دل ۾ هئس ڪا،
اکين سان اهو سڀ سڻائي وڃي ها.
اکين جو اشارو، ڪُڏي جان ڏيان ها،
هئس شڪ ته پوءِ آزمائي وڃي ها.
ڪيترو جڳ سان آئون وضاحت ڪندس پيو،
پنهنجي فيس بوڪ تي ٻڌائي وڃي ها.
اگر مان نه هن کي مڃائي سگهيو هئس،
اچي ها ۽ مونکي مڃائي وڃي ها.
ڪري ٽڙ پکڙ ها مگر خواب منهنجا،
منهنجي در جي آڏو سجائي وڃي ها.
غلام حسين’مشتاق‘سچاروي
حيدرآباد
غزل
عشق ۾ آسائشون چاهين ته پوءِ اُلفت نه ڪر،
باهه جي شعلن ۾ ويهي خواهشِ راحت نه ڪر.
حُسن فطرت کي ضرورت ناهه ڪنهن سينگار جي،
زيب و زينت ساڻ بي توقير هي نعمت نه ڪر.
ٿو زبان بندي گهرين تير و ڪمان جي زور تي،
هن طرح ناڪام ڪوشش جي ڪڏهن زحمت نه ڪر.
سيم و زر جي زور تي يا رنگ و بؤ جي نانء تي،
پاره پاره حضرتِ انسان جي عظمت نه ڪر.
حور و غلمان جي دلاسن سان نه تون ريجهاءِ رند،
واعظا بي لوث سجدن جي اها قيمت نه ڪر.
پاڻ ڪجهه ناهين پڏائين ٿو اَبا ڏاڏا رڳو،
ريت تي محلات ٺاهڻ جي عبث عادت نه ڪر.
جيسين خونِ دل جگر شامل نه آهي شعر ۾،
تڪبندي سان شعر کي ’مشتاق‘ بي وقعت نه ڪر.
سيف الله خالد يوسفاڻي
عمرڪوٽ
غزل
يارب مَتاع، درد جو بدلو اگر ملي،
ٻيو ڪجهه نه مون کي منهنجو فقط چاره گر.
آوارگيءَ دشت جو، جيڪر ثمر ملي،
وارن جي ڇانوري ۾ سندس، مون کي گهر ملي.
جنت ڪدي جي عيش و نشاطن کي ڇا ڪري،
تنهنجو فقير عشق کي سنگِ در ملي.
شب هاءِ انتظار جي پيڙا لهي وڃي،
بانگ وصالِ يار جي وقتِ سحر ملي.
هر اهلِ دل بتن جي ننگر ۾ ڪرب زده،
هر شخص تنهنجي شهر اندر چشمِ تر ملي.
سو شهر ڪشتِ ناز سان بيدادگي اٿو،
هر لفظ جنهن جو خونِ جگر ساڻ تر ملي.
رسوا ڪيو وفا کي سندس ڪج شبيرگي،
هر پل ٿو وسوسن جي نذر همسفر ملي.
ڪنهن کي ڏکن سان چور حياتي نه شل ملي،
موليٰ اگر هلي ته صفا مختصر ملي.
ڪجهه حال دل سڄڻ کي ٻڌايان مان روبرو،
هڪوار ئي ملي کڻي کن پهر ملي.
رشڪ ارم چمن کي، الهيڙن دڙي ڇڏيو،
اي ڪاش گلستان کي ڪوئي ديده ور ملي.
بي عيب عاشقيءَ کي لڙاٽي هَوَس ڇڏيو،
ڪو هو ممڪن نه ٿيس ٿو آشفته سر ملي.
هر روز تنهنجي وصل جي اميد تي ڪٽيان،
هر رات انتظار سندو ٿو زهر ملي.
بي حس بتن جي شهر ۾ عرصي دراز کان،
حسرت فقير عشق جي ٿي دربدر ملي.
پيغامبر ئي ناهي ميسر ته پوءِ ڀلا،
ڪيئن منهنجي هيڻي حال جي هن کي خبر ملي.
در کول مئيڪدي جا اي ساقيءِ خوش نظر،
هن درد خوار رند کي دُردِ گوهر ملي.
چاره پذير آهي سندم سوزنِ جگر،
دستِ شفاءِ يار کان مرهم اگر ملي.
چئجو اُداس شهر نگاران آ تو سواءِ،
جيڪر ڪٿي به ’سيف‘ سر رهگذر ملي.
ثناءُ سرهندي
گلزار خليل
(سامارو)
غزل
زمانا ويا لنگهي پر ڪي زمانا ياد ايندا ويا،
اوهي ڳالهيون اوهي دل جا فسانا ياد ايندا ويا.
جمالِ همنشين جهرڪيو تصور جي جهروڪن مان،
گل و بلبل جا سڀ وسريل ترانا
ياد ايندا ويا.
بسنتي باک جون هيرون گهليون جيئن جيئن اسانکي ات،
وصالِ يار جا سپنا سهانا ياد ايندا ويا.
جڏهن سوچيم ته ڪيئن ريڀي ڪريان دردن کان دل آجي،
مونکي تنهنجا ئي او سنگدل بهانا ياد ايندا ويا.
ڪٿي مسجد ڪٿي مندر وڃايل گس اتان نڪتا،
جتي ساقي سندءِ ساغر ميخانا ياد ايندا ويا.
ڪنارا ڇو ڪيا مونکان ڀلا اي موت اڄ توڀي،
لنگهي هڪ لاش تان توکي بيگانا ياد ايندا ويا.
شڪر ٿيو بزم ياران ۾ کلي سڄڻن جڏهن ساريو،
’ثنا‘ جهڙا سوين ان دم ديوانا ياد ايندا ويا.
اگر مان نه هن کي مڃائي سگهيو هئس،
اچي ها ۽ مونکي مڃائي وڃي ها.
ڪري ٽڙ پکڙ ها مگر خواب منهنجا،
منهنجي در جي آڏو سجائي وڃي ها.
ادل سومرو
سکر
بيت
سوچن ٿا ڀوتار، هوائن جي ڦيري تي،
آهن سجدن ۾ گهڻا، ڪامورا ڪمدار،
ڪٿان جي وسڪار، آهي ڪڙڪي اوچتو.
خواهشن جو پنڌ، ڪٿي کٽي ڪين ٿو،
ڪا جي پوري ٿي ٿئي، ٻي کڻي ٿي ڪنڌ،
هڪڙو هجي هنڌ، ته پهچي اچي آدمي.
جاڳيو ڀوڏيسر، ماڻهو سُتا ئي رهيا،
اڄ به اُهي ئي حالتون، ساڳيو اُجڙيل ٿر،
ڳولين آريسر، اکيون عمرڪوٽ جون.
ساڳي آهه هوا، جاوا ۽ جهمپير تي،
سورج سڀ تي ٿو ڪري، روشنيءَ جي ورکا،
ڇو هي ماڻهو ٿا، کسي کائين ٻين کان.
غربت ڪانه گهٽي، اڃا به پنهنجي ديس مان،
ڀرڻي پئي ٿي لوڪ کي، چٽيءَ مٿان چَٽي،
هرهنڌ هڪ هٽي، آهي سرمائيدار جي.
هرهنڌ اونداهي، ائين به ناهي سومرا،
اُڀيون آهن مشعلون، جاڳڻ آگاهي،
راهي ڪا ساهي، نٿا پَٽين واٽ تي.
پنهنجي ئي تصوير، هر ڪنهن هڻائي شهر ۾،
ڪن وڪڻيو قلم کي، ڪن کپائي تقرير،
ڌرتيءَ جي تقدير، رهي رولاڪين ۾.
دين محمد سُجاڳ پلي
لطيف نگر
دعا
وڻ کي ميوي سان سٿيندڙ پاڪ پالڻهار پال،
گل کي خوشبو سان ڀريندڙ پاڪ پالڻهار پال.
دل جي دفتر ۾ هزارين حيرتن حيرانين،
خواب خيالن کي ڇپيندڙ، پاڪ پالڻهار پال.
پن کي ساوڪ، گل کي صورت سونهن ميوي کي سواد،
۽ هوا کي گيت ڏيندڙ، پاڪ پالڻهار پال.
تون خطا پويان خطا کي پيو ڪرين ٿو درگذر،
روز عيبن کي ڍڪيندڙ، پاڪ پالڻهار پال.
تون پکين کي ويس پر جا ٿو ڍڪائين لک لباس،
۽ اُڏڻ جا فن ڏسيندڙ، پاڪ پالڻهار پال.
ٿو ڪرين ولڙين وڻن ۾ ٻور ٻج جو اهتمام،
ٻور سان ٻيلا ٻکيندڙ، پاڪ پالڻهار پال.
نيڻ نازڪ نرڙ هيٺان ناز وارا ٿو ڏئين،
تون نظر کي نور ڏيندڙ، پاڪ پالڻهار پال.
ٿو چوين مون کان گهرو آڌي اسر بنجي ’سجاڳ‘،
روز عيبن کي ڍڪيندڙ، پاڪ پالڻهار پال.
خليل عارف سومرو
جوهي
غزل
هاڻ ڪنهن وٽ به خواب ئي ناهي،
اچڻو ڪو انقلاب ئي ناهي.
چنڊ چهرا، گلاب چهرا، پر،
جاني تنهنجو جواب ئي ناهي.
درد جهڙا سبق ڏنا، اهڙا،
ڏيندو ڪوئي ڪتاب ئي ناهي.
دل به تنهنجي ته سَر به تُنهنجو آ،
مُنهنجو توسان حساب ئي ناهي.
ماڻهو درويش ۽ وَلي ٿي ويا،
نِينهن جهڙو نصاب ئي ناهي.
شَرم ٻُوٽي جيئان ٿي شرمائين،
اهڙو ڪنهن ۾ حجاب ئي ناهي.
ياد راحت، سُڪونَ بخشي ٿي،
ياد کان وڌ عذاب ئي ناهي.
مان گُنهگار ئي چڱو آهيان،
مون کي کٽڻو ثواب ئي ناهي.
جيترو هي، ’خليل عارف‘ آ،
ايترو ڪو خراب ئي ناهي.
’جمال‘
مراد گبول
ميرپور- ساڪرو
رات ڏينهن دل ۾ رَهي ٿي، سڪ سڄڻ سردار جي،
مَن ڪري مون تي عنايت، دلرُبا ديدارَ جي.
مورَ، ڊيلُون، قُمريون، طوطا تنوارون ڪن پيا،
وڻ وطن جا واديون، تعريف ڪن ٿا يارَ جي.
عَرش، ڪُرسي، لوح قَلم، واکاڻ ٿو ’واحد‘ ڪري،
اُڀ، زمينون ڪن ثنا، عالمَ اَجهي آڌارَ جي.
بُلبُلون، ڪُونجون، ڪبوتَر، مُرغَ ۽ چيها،
چَڪُورَ،
هنجَ، هَرڻ، تاڙي کي تن ۾، آهي هينئڙي هارَ جي.
ڪن مَلائڪ ذڪر ٿا، صَلوات ٿو پَرورَ پَڙهي،
خُد خدا قُرآن ۾، ساراهَه ڪئي سرڪار جي.
پنهنجي روضي جي مِٺا، مون کي زيارت ڪَر نَصيب،
منهنجي مَن جا مَرض لاهي، ڪر دَوا بيمارَ جي.
پاڻ وَٽ پيارا گهُرايو، هِن بندي بيڪارَ کي،
گهُرج نوڪر جي هُجي ڪا، ڪنهن ٻُهاريدارَ جي.
مَن مَدينو ۽ مَڪو، جيئري ڏِسان جاني ’جمالَ‘،
آرزو آهي اِها، هِن ٻانڙيءَ جي ٻارَ جي.
فضل الله ’فدا‘ چانڊيو
ڪُنري
(نطم)
هِت پيار هجي- نظم
هي سنڌ سڄي آباد هجي، هي سچو منهنجو خواب هجي،
نه ڪنهن سان ڪو تڪرار هجي، هت پيار هجي بس پيار هجي،.
هت قرآن گيتا ويد هجي، هت دشمني ناپيد هجي،
نه ڪنهنجو ڪنهن تي کيڌ هجي، نه ڪنهن کي ڪو آزار هجي،
هت پيار هجي بس پيار هجي.
هت ناري ڪا ڪاري به نه ٿئي،
ڪو
جرڳو ڀوتاري به نه ٿئي،
هت قابض ڌر ڌاري به نه ٿئي، نه ظالم ڪو ڀوتار هجي،
هت پيار هجي بس پيار هجي.
هت موجن
۾ مهراڻ هجي،
خوش
ٻڍو ٻار
۽ جواڻ هجي،
لوئي
۽ پٽڪو ساڻ هجي، هر ڌاريون ڌوتو ڌار هجي،
هت پيار هجي بس پيار هجي.
هت نياڻين نيلامي نه ٿيئي، ڪو ڌارين جو حامي نه ٿيئي،
ڪا غيرن غلامي نه ٿيئي، نه دهشت جي ڌڌڪار هجي،
هت پيار هجي بس پيار هجي.
ڪو شيطانن کي شرم ٿيئي، هت نوڪر شاهي نرم ٿيئي،
هن قوم تي
’چانڊيا‘
رحم ٿيئي،
نه ڏاڍن جو ڏهڪار هجي،
هت پيار هجي بس پيار هجي.
گلبدن جاويد
حيدرآباد
نثري نظم
گھايو ھرھڪ اندر ھوندو
توکي تڙپائي ھيسائي
جوڀن تنھنجو مرجھائي
ديپ جيون جو اجھائي
۽ ٻچڙا يتيم بڻائي
ھن ڇا حاصل ڪيو ھوندو
ھن ڇاحاصل ڪيو ھوندو
مان ڀي تولئه تڙپان ٿي
جڏھن مان توتي سوچان ٿي
دل ٽانڊن تي ڄڻ پڄري ٿي
ڌرتي پيرن مان نڪري ٿي
سانگيئڙن جون آھون ٻڌي
ماروئڙن جون دانھون ٻڌي
ڏار وڻن جا ڀڄي پون ٿا
آسمان ڀي لرزي وڃن ٿا
تنھنجي ڦوھه جواني کي
تنھنجي چنڊ پيشاني کي
ڇا ھن ڪڏھن گھوريو نه ھوندو
سحر تنھنجي ۾ رھيونه ھوندو
عڪس معصوم مرڪن جا
سرگم تنھنجي ٽھڪن جا
ھن ڪڏھن ٻڌا ته ھوندا
تولئه گيت چيا ته ھوندا
تنھنجي دلھن روپ کي
سندر تنھنجي سروپ کي
دنيا ڪيڏو ساراھيو ھوندو
شاهه مردان شاهه
ڇاڇرو
ڪافي
عمر بادل ڀٽن پاسي، وسن ھو پيا ولھارن تي.
وريو وڄڙيون ٿيون ڪن وارا، اچيو سڪ مان
سنگھارن تي.
وُٺا مارن مٿي مينھڙا، روئان راتيون ھتي ڏينھڙا.
پنھوارن جا پُسي پيئڙا، لٽا ھو ڏس ليارن تي.
وڃي سانگي ٿيا سوڙھا، ڪاھيو جھانگي وڃن جوڙا.
رھيس آئون ھتي گھوڙا، وڃي پھچان مان پارن تي.
ڏکيا ڏينھڙا ھلي ويندا،
قهري هي ڪوٽ ڪري پوندا،
وصالي واءُ وري ورندا، ٿيندو راضي پنھوارن تي.
آھيان
’مردان‘
مان مارن جي، اصيلن تن اَباڻن
جي.
سُٺن سھڻن سنگھارن جي، آھيان دل جي ڌنارن تي.
ڪافي
وُٺا مينهن ملڪين، ٿيا سهنج سارا،
وطن ڏي وڃن پيا، هو سانگي سونهارا.
ڏجان منهنجي مارن، وڃي هي نياپو،
اوهان سان ئي آهي، منهنجو سنڱ سياپو،
جڏيءَ جو جياپو، آهيوَ جيءَ جيارا.
ڏکي جو ڏوراپو، هي ڏوٿين کي چئجو،
ڪري يادگيري، سگها مون ڏي اچجو،
وٺي مون کي وڃجو، او پارس پيارا.
ڏکيا ڏينهن ڪاٽي، وطن جلد وينديس،
اَباڻن جي آهيان، اَباڻن جي ٿينديس،
پڄائيندو پرور، منهنجي دل جي ڌارا.
ڪري ڪوٽ ويندا عمر جا قهاري،
وري ’شاهه مردان‘ ڪا ايندي بهاري،
سکيا ٿيندا سانگي، هو مارو موچارا.
قمر مورائي
مورو
غزل
ڪنهن کي وسارڻ، آسان ناهي پيارا،
اشڪ اکين جي لڪائڻ، آسان ناهي پيارا.
درد دل ۾ سنڀالي رکي ڇڏيم،
ٻڌائڻ ڪنهن کي، آسان ناهي پيارا.
زخم جگر جا لاعلاج ٿيا آهن،
حڪيم ڊاڪٽرن کي ڏيکارڻ، آسان ناهي پيارا.
روزِ محشر جو ٻڌابو قصو اڳيان سڀن جي،
وفا جا قسم کنيا جيڪي تو، ورجائڻ آسان ناهي پيارا.
قطعات
هٿن ۾ منهنجي گلاب آهن،
ڪي نامڪمل بس خواب آهن.
هر طرف بهار جي آهي آمد مگر،
برپٽ ۾ يار ڪجهه سراب آهن.
----
زندگي ۾ ڏکن سِوا مليو ڇاهي،
وقت هر بار ڪڙو گذريو آهي.
روح جي راحت لاءِ اي همدم،
صدين جو سفر، ڪرڻو پيو آهي.
****
ڪهڙو ٿا حال پڇو منهنجو يارو،
صدمن ڪيو آ دل کي، ساڻو يارو،
سورن ڪيو آ ساڻو، محبوب ڪيو آ ماڻو،
سَنڌُ سَنڌُ سڪي ويو آ، مرڪن به موڪلايو يارو.
****
ٻاهر آڳر ۾ بارش وسي،
توسان ملڻ جي خواهش وڌي ٿي،
تون وار سينگاري اچ پرين،
موسم جي ڏس نوازش ٿئي ٿي.
منظور علي شاه لڪياري
ٽنڊو جان محمد
ڪافي
ڀلي آئين ڀلا سائين ڀلا ديدار ٿي ويا ٿي،
اڱڻ منهنجي هلي آيا اکين جا ٺار ٿي ويا ٿي.
جڏهن جاني کنيو پردو عقل ۽ هوش اڏري ويا،
ڏٺو جلوو پرين جو جنهن اهي پڳدار ٿي ويا ٿي.
جڏهن هٿڙا هٿن ۾ ڏيئي هليو ٿي هيج مان جاني،
ڪئين طالب تنواريندي هليا حُبدار ٿي ويا ٿي.
جڏهن گوڏو گڏي مون سان ڪيئين گفتار محفل ۾،
اتي ٿي دنگ دانائي وڏا اسرار ٿي ويا ٿي.
جڏهن ’منظور‘ کي مرڪي چيائين رات رهندس مان،
رقيبن کي لڳو ساڙو ڪئين لاچار ٿي ويا ٿي.
ڪافي
مريض عشق جو دارون دوا ديدار هڪ ٽڪ آ،
پگهر محبوب جي مان ڪا اچي مهڪار هڪ ٽڪ آ.
ڳري ڳڻتين ۾ جي وڃجي هجر ۾ حال ٿي هيڻو،
پرين جي پڪ پياري سان بره بيمار هڪ ٽڪ آ.
هجي ڀل موت سامهون پر بچي ويندو بره وارو،
چوري لبڙا سڄڻ جي ڪن مٽي گفتار هڪ ٽڪ آ.
مريض عشق جي ڪهڙي دوا ٿيندي حڪيمن کان،
سڄڻ سهڻو ويهي ويجهو ڪري ڪو پيار هڪ ٽڪ آ.
سبق ’منظور‘ تو دل کي پڙهايو آهي ڪو اهڙو،
سڄڻ سامهون تنهنجو سِرڙو هجي خمدار هڪ ٽڪ آ.
اقبال شاهين
جاتي
وجودِ خاڪ ۾ گم ٿي اُجاريندا خدا وارا،
حياتِ جاودان جا گل ٽڙائيندا خدا وارا.
تلاشِ حسنِ محفل ۾ سرِ گردان رهيا ليڪن،
نشاطِ بزمِ يزدان ۾ رسائيندا خدا وارا.
مقيّد زندگي آهي تصّور دهرِ فاني ۾،
ٻڏل ٻيڙا ڪنن مان پڻ ڪڍائيندا خدا وارا.
تخيّل ۾ طبق روشن سر افلاڪ رعنائي،
حقيقي شان يزدان کي سجائيندا خدا وارا.
اگر پاڪيزگي آهي جنونِ ربطِ اُلفت ۾،
دلِ مشتاق نسبت کي گهرائيندا خدا وارا.
بقاءِ زندگي آهي فناءِ عشق درويشي،
”خدا سان ترت توکي بس ملائيندا خدا وارا.“
عقيدت ۾ گمان ڪهڙو وساري وهم ڇڏ ’شاهين‘،
حقيقي آئينهءِ دل بنائيندا خدا وارا. |