سوچ – لوچ
بورڊ آف گورنرس جو اجلاس:
مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘، چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ
مؤرخه 16- جولاءِ 2021ع تي بورڊ آف گورنرس جي
اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ بورڊ جي تازو گذاري
ويل ميمبرن سيد ارشاد شاهه، سيد حاڪم علي شاهه ۽
عبدالقادر جوڻيجو جي ايصال ثواب لاءِ دعا گهري
وئي، اجلاس ۾ مالي سال 22-2021 جي بجيٽ پيش ڪئي
وئي، جيڪا بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن اتفاق راءِ
سان منظور ڪئي، اجلاس ۾ رکيل ايجنڊا جي مختلف اسمن
تي غور ويچار ڪيو ويو،
بورڊ آف گورنرس
جي اجلاس دوران بورڊ جي ميمبر ڊاڪٽر دُر محمد
پٺاڻ، سنڌي ادبي بورڊ
جي چيئرمين
مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ صاحب، طرفان بورڊ اندر
ڪرايل خوبصورتي ۽ ترقياتي ڪمن کي واکاڻيو جنهن جي
تائيد ڪندي ڊاڪٽر عبدالغفار سومري خراج تحسين پيش
ڪيو ۽ اهو پڻ چيو ته بورڊ آف گورنرس طرفان اهڙو
ٺهراءُ رڪارڊ تي آندو وڃي. چيئرمين سنڌي ادبي
بورڊ، مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ طرفان بورڊ جي
بجيٽ جي واڌاري لاءِ ڪراچي ۾ رهندڙ ميمبر صاحبن
کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه
وقت ڪڍي بورڊ طرفان سنڌ سرڪار سان ٿيندڙ لکپڙهه
بابت واسطيدار سيڪريٽرين ۽ وزيرن سان لهه وچڙ ۾
اچي بورڊ جي سالياني گرانٽ ۾ واڌارو ڪرائي پنهنجو
ڪردار ادا ڪن.
پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي:
مؤرخه 27- آگسٽ 2021ع تي چيئرمين ڊاڪٽر دُرمحمد
پٺاڻ جي صدارت هيٺ پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي.
هن گڏجاڻيءَ ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبرن ڊاڪٽر نواز علي
شوق، ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب ۽ مهراڻ، سرتيون ۽
گُل ڦُل جي ايڊيٽرن ۽ پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي انچارج
دبير مرزا ۽ رفيق جماليءَ شرڪت ڪئي، هن گڏجاڻيءَ ۾
ڪتابن ڇپجڻ ۽ ٽنهي رسالن جي باري ۾ اهم فيصلا پڻ
ڪيا ويا.
پَڳهه ڇوڙي پنڌ پيا:
هيرو شيوڪاڻي
ڪهاڻي نويس، ماهر مضمون نگار ۽ صفِ اول جو نقاد
پروفيسر هيرو شيوڪاڻي تاريخ 21- جولاءِ 2021ع تي
سنڌو نگر (ڀارت) ۾ گذاري ويو. سندس جنم 6- جنوري
1935ع ۾ ٿيو هو، شروعاتي دؤر ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام
گدواڻي هاءِ اسڪول احمد آباد ۾ ماستر هئا، ان کان
پوءِ سنڌو نگر ۾ آر.ڪي تلريجا ڪاليج ۾ تعليمدان
طور خدمتون سرانجام ڏنائون.
سنڌ سرڪار طرفان ۽ ساهتيه اڪيڊميءَ کين ايوارڊ سان
پڻ نوازيو. ۽ گذريل سال اين.سي.پي.ايس.ايل طرفان
هنن کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو.
هنن جا تمام گهڻا ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن،
هيروشيوڪاڻيءَ جو آخري ڪتاب سندس آتم ڪٿا ’سچ بنام
سوچ‘ شايع ڪيل آهي.
واسديو موهي
سنڌ ۽ هند جو ناليوارو سنڌي غزل، نئين ڪويتا جووڏو
شاعر ۽ نقاد واسديو وينسي مل سڌاڻي 27- آگسٽ 2021ع
تي 77 ورهين جي ڄمار ۾ دبئيءَ ۾ ديهانت ڪري ويو.
2- مارچ 1944ع ۾ سنڌ جي شهر ميرپورخاص ۾ جنم
وٺندڙ واسديو وينسي مل سڌاڻي، ادبي نالي واسديو
موهي سان مشهور هو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ هندي،
گجراتي ۽ انگريزي ٻوليءَ جو به وڏو ڄاڻو هو. سندس
شاعري ۽ ڪهاڻين کان علاوه ٻين موضوعن تي ڪيترائي
ڪتاب شايع ٿيل آهن. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي غزل جو
هينڊ بڪ، چونڊ سنڌي شاعري جو انتخاب، ورهاڱي کان
پوءِ سنڌي غزل جي چونڊ تنقيد ۽ آزاديءَ کان پوءِ
غير افسانوي سنڌي ادب شامل آهن. واسديو موهي
ايم.اي، ايم.ايل.بي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ انڊين
هاءِ اسڪول دبئيءَ ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرر مقرر
ٿيو.
تازو اسان جا ٻه محقق، تعليمدان ۽ ادبي ڪارڪن اسان
کان وڇڙي ويا آهن. اُنهن ٻنهي متعلق هتي اسين بورڊ
آف گورنرس جي مانواري ميمبر ڊاڪٽر اسد جمال پلي
جون لکيل تحريرون شامل ڪيون ٿا.
پروفيسر مولوي مراد علي راهمون
پروفيسر مراد علي راهمون صاحب هڪ باعمل مسلمان ۽
سنڌ ڌرتيءَ جو سچو خدمتگار هو. هن سنڌي ادب جي نه
صرف تحريري خدمت پر عملي خدمت پڻ ڪئي. 2008ع ۾
ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيل سنڌ سمان ڪانفرنس ۾ سندس
قلمي تعاون ته رهيو جيڪو مقالي جي صورت ۾ ’سمان
دور‘ ڪتاب ۾ موجود آهي، پر عملي طرح به هن ڪيترن
ٻين دوستن کي پڻ شامل ڪري ڪانفرنس کي ڪامياب
بڻايو. اهڙي طرح ميرپورخاص جي صد ساله جشن جي
سلسلي ۾ ’هو روح روان‘ هو. ٻين دوستن سان گڏ ادبي
ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرايائين. عمرڪوٽ ۾ 7 سال
لاڳيتو ٿيندڙ جشن معمور ۾ سندس تعاون کي ته آئون
وساري ئي نٿو سگهان.
’رني ڪوٽ سيمينار‘ ۾ هُو موجود رهيو ته سندس وجود
کي تڏهن محسوس ڪيو ويو جڏهن ’رني ڪوٽ‘ جي قدامت تي
پاڻ اسان جي تاريخ جي وڏي محقق مرحوم
ايم.ايڇ.پنهور سان هڪ مدلل بحث ڪيائين ۽ پنهور
صاحب وٽ سندس ڪيترن ئي سوالن جا جواب نه هئا. هُو
معمور يوسفاڻي صاحب جو سپوت ادبي شاگرد هو ۽ معمور
صاحب جي رهنمائي ۾ هن ’علامه ميان مهرو دل‘ جي
لکيل ’پاره عم‘ جي تفسير پاڪ تي پنهنجي ٿيسز مڪمل
ڪئي، هن سفر دوران معمور صاحب جي رهنمائي ۾ پراڻ
جا ڪنارا ڀيٽيا ۽ ٽماهي مهراڻ لاءِ ’پُراڻ- درياه‘
تي هڪ لاجواب تحقيقي مضمون لکي ڏنو.
ان کانسواءِ پاڻ مولانا اميرالدين مهر صاحب سان گڏ
”هديٰ اڪيڊمي ميرپورخاص“ جي اشاعتي پروگرام ۾ به
شامل رهيو ۽ خاص حضرت عمر رضه جي سيرت تي بهترين
ڪم ڪيائين، تعليم کاتي ۾ پنهنجي نوڪري هڪ تعليمدان
جي حيثيت سان ڪيائين. سندس ڪيتروئي ادبي تحقيقي
مواد مقالن جي شڪل ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي، جنهن کي
ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ جي سخت ضرورت آهي.
ادا مراد علي راهمون صاحب 1- جون 1960ع تي ٿر جي
ڳوٺ ڪيرلو (عمرڪوٽ) ۾ پيدا ٿيو ۽ 9- جولاءِ 2021ع
تي اسان کان جدا ٿي ويو. (اسد جمال پلي)
ٻڍو خان لغاري (اگهم ڪوٽ جو گائيڊ)
ٻڍو خان لغاري ولد عبداللطيف لغاري 31- ڊسمبر
1950ع ڌاري ڳوٺ نصير خان لغاري (گلاب لغاري) ۾
پيدا ٿيو. انتهائي خاموش طبيعت تمام مٺو، سادگي ۽
نماڻائي وارو مزاج قدرت کيس ڏنو هو. هو لطيف رحه
جو عاشق سنڌ ۽ سنڌي ادب جو سچو خدمتگار هو. ڪيترن
ادبي جلسن ۽ ڪانفرنسن ۾ هڪ سامع جي حيثيت سان
موجود هو، کيس مختلف ڪانفرنسن جي مقررين کان وڌيڪ
ڄاڻ هئڻ باوجود ڪڏهن به هُن اسٽيج تي اچي پاڻ کي
نمايان نه ڪيو. عمرڪوٽ ۾ ’جشن معمور‘ جي اڪثر
ڪانفرنس ۾ حاجي دائود بوزدار سان گڏ موجود هوندو
هو، ۽ محققن، شاعرن ۽ سگهڙن کي سڄي رات ٻڌندو هو.
صرف هڪ ڪانفرنس ۾ معمور صاحب جي تحقيقي ڪم تي
دلپذير تقرير ڪيائين جيڪا ڪتاب ’جيڏو سج سهاءَ‘ ۾
موجود آهي.
اگهاماڻي (اگهم ڪوٽ- گلاب لغاري لڳ) جي کنڊرن جو
ته باقاعده گائيڊ ۽ رهنما هو. هنن آثارن ۾ جڏهن
پکڙيل انساني ڍانچن تي اچي بيهندو هو ته سندس
ڪيفيت عجيب هوندي هئي. هنن آثارن ۾ وري جڏهن وتائي
فقير جي گهيڙ ۽ وتائي فقير جي مسجد جي آثارن وٽ
پهچندو هو ته ڄڻ وتائي فقير سان ملي آيو هجي.
پاڻ پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جو سڄو نچوڙ تازو ٻن
ڪتابن (1) شاهه عبداللطيف جون ست سورميون (2)
سادات جا سنڌي نانا، جي شڪل ۾ سنڌ کي ڏيئي سنگتين
ساٿين جي ميڙ ۾ اسان جون اکيون اشڪبار ڪري
2021-08-24 تي آخرت جو سفر اختيار ڪيائين، الله
تبارڪ و تعاليٰ سندس آخرت موچاري ڪري. (اسد جمال
پلي)
سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين محترم سائين سعيدالزمان
’عاطف‘ صاحب، ۽ بورڊ آف گورنرس جا ميمبر صاحبان،
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٽماهي ’مهراڻ‘ جو سٿ
هنن اهلِ قلم صاحبن جي وڇوڙي تي سندن خاندانن سان
غم ۾ شريڪ آهي.
تازو ڪورونا جي چوٿين لهر جي درميان حڪومت طرفان
سڀ تعليمي ادارا ۽ ڪاروباري مرڪز ايس.او.پيز جي
شرط سان عوام جي بيحد اصرار تي کوليا ويا آهن.
هاڻي اِهو عوام جو فرض ٿو ٿئي ته سماجي فاصلي،
ماسڪ جي استعمال، ويڪسينيشن ۽ عوامي ميڙن کان
پاسيرو رهي ڪورونا کان بچاءَ جي هيءَ جنگ فتح ڪري
.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر ’مهراڻ‘
سنڌ ۾ بيت جي تاريخ به ڪافيءَ وانگر اختلافي مسئلو
آهي. اسان جي عالمن جو خيال آهي ته ’شاهه ڪريم‘
موَجدِ آهي. ڪن جو خيال آهي ته ’قاضي قاضن‘ بيت
اول لکيا آهن- حالانڪ اوليت جي حيثيت سان ’ماموئي
فقيرن جا بيت‘ آڳاٽا آهن. باقي رهيو فهم ۽ معانيءَ
جو سوال، ته ان حيثيت سان ’غوث الحق مخدوم نوح
رحه‘ جا بيت ان صنف جي نمائندگي ڪن ٿا، ۽ اصول فن
هيئت موضوع ۽ مواد جي حيثيت سان سڀ کان اوليت جو
شرف رکن ٿا. شاهه ڪريم رحه به سندن مصاحبن ۽
معتقدن مان هو. اول ان بزرگ تاثر قبول ڪيو، ۽ ٻن
سٽن ۾ سادا ۽ پختا بيت لکيا. ’شاهه‘ ان صنف ۾
تجربو به ڪيو، ۽ اضافو به ڪيو، ۽ ان فن کي ’هيئت‘
جي لحاظ سان ڪمال تي پهچايو.
مخدوم نوح رحه جو هي بيت نموني طور پيش ڪريان ٿو-
اهو بيت، ٺٽي ضلعي جي مشهور عارف ۽ عالم ’مولانا
محمد هاشم سومري‘ (جو سؤ کن ورهين جو بزرگ اهي)
مون کي ٻڌايو، جو مون بروقت لکي ورتو- بيت هي آهي:
اُپٽيان تان انڌيون، پوريون پرين پسن،
آهي اکڙينِ، عجب پَرِ پَسَڻَ جي.
ان طرح
حضرت مخدوم نوح رحه جو ٻيو بيت آهي:
ماڪ مَ ڀانيو ماڻهئا، پيئي جا پرڀات،
روئي، رڙهي، رات، ڏسي ڏکوين کي.
مٿيان بيت، ’فن ۽ مواد‘ جي حيثيت سان، ’نغمگي ۽
شيرينيءَ‘ جي لحاظ سان ’هيئت ۽ اسلوب‘ جي خيال سان
’بيت‘ جي صنف ۾ اوليت رکن ٿا. منجهن تجنيس حرفي به
آهي، ۽ ’ڇند وديا‘ جي اصولن موجب لفظن جي تراش
خراش، جوڙجڪ ۽ بيهڪ سٽاءُ ۽ جڙاءُ به آهي ته
قافيئي جو صحيح التزام به آهي، ۽ صرفي ۽ نحوي بندش
به آهي. هن دور ۾ ’بيت‘ جنهن معيار تي پهتو آهي،
اهو اظهر من الشمس آهي.
اصل ۾ ’ڪافي ۽ بيت‘ جي ڪمال جو سبب سنڌي زبان آهي.
سنڌي زبان جي جزالت ۽ لطافت، لفظن جي لوچ ۽ نرمي،
انداز بيان جي ميٺاج ۽ رس، قافيه دار لفظن جي
فراوانيءَ ۽ محاورن جي ندرت، ۽ اصطلاحن جي ڪثرت
مان اهڙيون ته شيرين ۽ دلنشين بندشون ۽ ترڪيبون
پيدا ٿيون آهن، جن ۾ نه فقط تصوف جا دقيق ۽ عميق
مسئلا ۽ معاملا اچي وڃن ٿا، پر هن دور جديد جي
سماج جا انوکا ۽ اڻانگا معاملا به، استعاري سان،
تاويل ۽ تعبير جي گرفت ۾ اچي وڃن ٿا.
غلام محمد گرامي
(ڪتاب: ’وڻجارن وايون‘ مصنف: عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي
جي مقدمي تان ورتل)
لافاني ڪلام
مخدوم نوح سرور رحه
(1506ع –– 1590ع)
*
اپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن،
آهي اکڙين، عجب پر پسڻ جي.
*
نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سي سامي واٽ،
ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏي ويل پلاڻيا.
متان ڏسين وهجين، دنيا وارو دڄ،
جدا ڪجانءِ جان کي، جيئن ڇاڻيءِ کي ڇنڊي ڇڄ،
اڄ نه ٿئي سڀان، سڀان نه ٿئي اڄ.
نرمل ’نوح‘ فقير چئي، رب سان ريجهي ڪر رڄ،
مٺيون ڀيڙي ڀڄ، وقت وڃيئي ٿو ويسلا.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
محمّد فقير کٽياڻ صاحب عرف فقير
(1876ع – 1941ع)
ڪلام
وڃ وڃڻ کي ويڙهه وحدت مَ ورڻ وائي مَ وار،
وک وڌائي ويهه مَ وچ تي ورق ويسر جا وسار.
وڃ وطن تي واڳ واري واٽ ويراڳي وٺي،
وهت ويسهه کان سوا ٻي وهم جي آهي ونگار.
وهه وظيفا ورد واري وقت سڀ واجب وڃاءِ،
وير وارث ويجهڙي کي وندر جي وي مَ وهار.
”ونحن“ واري ويڙهه ورهه جي وصل جو ووڙي وٿاڻ،
وحدهٗ واحد وجودي ”وجه الاهي“ ٿي ويچار.
واءِ وصالي ٿي وکايو وير سوئي واهرو،
مست ”محمّد“ موج مهري وٿي مَ ويڇو وار وار.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
سيّد ثابت علي شاهه
(1740ع –– 1810ع)
*
ڪربلا جي قهر جي، ڪر ڪا خبر اي آسمان،
ڪيئن ڏٺئه نيزن چڙهيا، شاهن جا سر اي آسمان.
*
قاسم وني کي هانوَ جي ميندي ٿي لائجي،
رت جو هنجون گلاب ٿو گهر گهر وسائجي،
سيسن ۽ سر جو دف ۽ دهل ٿو وڄائجي،
ساٺن سين سهرو راڳ ٿو ٻهڳڻ جو ڳائجي.
*
شاهه گهوڙي تان لهي خيمي ۾ آيو اشڪبار،
طرف سيراندي ويهي، چيائين منهنجا من قرار،
آءٌ هليس عابد مرڻ، تون پَٽِ اکيون ٿي هوشيار،
هي نبي ناموس پرتئي توتي مڙني جو مدار.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
سيّد صاحب ڏنو شاهه
(1868ع –– 1914)
ڪلام
غرق ٿيا سين در غب غبِ لاشڪ آهيون لا مذهب
1- ”موتو قبل“ جو پي وو پيالو، مست وتان ٿو آئون
متوالو،
عشق سيکاري رمز عجب،
2-
اندر مسجد، مندر، حجرا، پاڻي منهن جي ڏسين سڀ
مجرا،
راهه انهيءَ سان ملندءِ ربّ.
3- نا از آدم نا از حوا، مور نه ڌاريون ڪي ماسويٰ،
نينهن اسان جو آهي نسب.
4- ڪڏهن ته مومن، هندو چايون، هر مظهر ۾ پاڻ
لڪايون،
سالڪ سمجهن تنهنجو سبب.
5- ”صاحب ڏنا“ ڪثرت مان ڪاهي، وحدت پڙ ۾ واڳ
ورائي،
مرد ڪڏائن ٿا مرڪب.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورت
حضرت پير ابراهيم جان خليل سرهندي
(1334ع – 2002ع)
ويڙهين ٿو منهن هميشه نازڪ نقاب ۾،
هردم هلين ٿو هوت، حيا ۾ حجاب ۾!
ديدار کان سدائين، عاشق کي ٿو سڪائين؛
سڌ آهي اهڙو سائين، ڪهڙي ڪتاب ۾؟
ماريو مٺا جدائي، ڪر وصل جي ڪا وائي؛
آهي التجا اها ئي، اوهان جي جناب ۾.
هي ظلم سڀ ڀلي ڪر، هت ڪين ٿو ڪڇان پر؛
دانهون ڪندس ڌڻي در، يوم الحساب ۾.
ماريو ته جنهن جي ماڻي، مولا انهيءَ کي آڻي؛
آهي ’خليل‘ هاڻي، حالت خراب ۾!
(ڪتاب: ”وڻجارن وايون“ تان ورتل)
محمّد حيات شاهه ”حافظ“
(1875ع – 1955ع)
ڪلام
دلبر جو سندم گهر ۾ اچڻ ٿئي ته وڏو بخت،
يا منهنجو سندس در تي وڃڻ ٿئي ته وڏو بخت.
هٿ يار جي هٿ ۾ هجي سر موت جي سٽ ۾،
هي نينهن سندو ناز پسڻ ٿئي ته وڏو بخت.
پڪ آهي مئي روح ته روحن کي ملن ٿا،
پر جيئري انهي جڳ ملڻ ٿئي ته وڏو بخت.
جيئري سو ستمگر نه ڪڏهن آيو پڇڻ لئه،
ڪانڌي جي مرڻ بعد سڄڻ ٿئي ته وڏو بخت.
”حافظ“ هي ويا هند ۾ سٺ سال اثر جا،
ڪو دم جي مديني ۾ رهڻ ٿئي ته وڏو بخت.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
مرزا مراد علي بيگ ”ٻڍل“
(1862ع – 1916ع)
ڪلام
سر اسانجي
آئي سنبري برهه باري روز شب
نينهن جو نالو نشان ڪيو پرت پياري روز شب
کڻ مسيحا هي
دوائون فائدو ٿيندو نه ڪو
عشق جي آڙاهه آهي باهه ٻاري روز شب
دلربا دلدار
جي وارن ڇوڙيندي ئي شرط
ٿي وئي واليل وانگي ڪار ڪاري روز شب
سيم تن نازڪ بدن جو جسم جادو جلوه گر
سو ڏسي جلوو ”ٻڍل“ تي بيقراري روز شب.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
سيد قطب علي شاهه ”قطب“
(1814ع –– 1910ع)
ڪلام
جبل جهاڳيندو وت، مانَ ٻاروچي کي ٻاجهه پوي.
آڏا ڏونگر لڪيون، سائين ڏيندو ست.
وندر جي به وڻن ۾، پاڻ رکندو پت.
چرخو ڀڃي ڪر ٽڪريون، ڪانڌ بنا ناڪت.
”قطب“ پير پنهونءَ جو، نئي نهارج نت.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
جهنڊل فقير ڪورائي
(1878ع – 1986ع)
ڪلام
سڀ کان مٿي سهڻو ڏٺم تنهنجو ذڪر محفل ۾ هو،
صاحبِ حسن کي سونهن جو، تيرِ نظر ريفل ۾ هو.
آبرو ڏسي ان جا اجهل ٿي منتظر خلقِ خدا،
حيرت حسن جي مون ڏٺي، گذري مهل مون کي مدا،
تان ندا آئي اٿو، سڀ ڪو سڌو هلچل ۾ هو.
بيوس رهيس بيمار جان، آيس برهه جي باهه ۾،
تر ڦٿڻي تن مون لڳي، نه ساهه ماپي ساهه ۾،
باقي ري رڳن منهنجن رهيو، پويون پساهه منزل ۾ هو.
خوب رُو جي خال نقطي، قيد دل کي قيد ڪيو،
جزوي عقل حد هوش جو، بس ڀڄي سڀ ڀيد ويو،
منهنجي مارڻ لاءِ حڪم، ان طرح ان پل ۾ هو.
خال و خط مرڪڻ مهل ۾، رنگ قيصر جا ٿيا،
در دهن تي لعل لالي، جا اُها ڪامل پيا،
سڀ حڪومت تي حڪم، ثابت ”جهنڊل“ ۾ هو.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
حسين بخش ”خادم سروري“
(1930ع – 1992ع)
ڪلام
بهار ۾ به گلن کي مون بيقرار ڏٺو
قرار ڪنهن کي
نه هو، هر ڪو حالِ زار ڏٺو،
سوا غرض جي ڪٿي دوستي رهي آهي،
گهڻو مون وقت زماني کي بار بار ڏٺو.
الاجي ڪيئن
ڀلا ڀلجي ويو غير وٽ ”خادم“
خدا جو شڪر جو ماحول سازگار ڏٺو.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
”مومن“ مليرائي
(1906ع – 1987ع)
ڪلام
مون کي ڪرڻ اي يارو! حيران وري نه ايندو،
هڪوار جو ڏٺو، رخِ تابان وري نه ايندو.
هن عيد تي ملياسون، اڳتي به شل ملن سڀ،
عيدون وري به اينديون، انسان وري نه ايندو.
جنهن کي هجي اي سهڻا! ماريو فراق تنهنجي،
محفل ۾ مون جيان ڪو، حيران وري نه ايندو.
چوڏهينءَ جي چنڊ جيان ٿيو، چوطرف جنهن جو جلوو،
منهنجي اڱڻ تي اهڙو، مهمان وري نه ايندو.
عمرِ دراز گذري هڪڙي فڪر ۾”مومن“!
منهنجي هٿن ۾ تنهن جو سامان وري نه ايندو.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
قاضي عبدالرحمٰن هاليپوٽو
( 1943ع – 2016ع )
*
در مٿي دانهون ڪندا ڪئين دوست ديوانا رهيا،
دم نه ٿيو ديدار دلبر نيڻ نيرانا رهيا.
قوت ٿيا ڪنڍين اکين جو ڪئين ڪسجي ڪاتيء بنا،
ٻِڙڪ ٻاهر ڪين ڪڍيئون ماٺ مستانا رهيا.
ڪونه پاڙيئي ڪوبه هڪ وعدا وساري سڀ ڇڏيئي،
طعنه تُـــنڪا لوڪ جا منهنجي ڳچي ڳانا رهيا.
اي نه ماپو ملڪ ۾ جنهن ساڻ محبت ماپجي،
ڪين واڻين وٽ وکر ۾ پرت پيمانا رهيا.
ڪين مايا ٿو رکان جيڪا ڪريان حاضر حضور،
ساهه سر تحفي اندر ناقص ٻه نذرانا رهيا.
وير ويجها ڪين آهيون نااميدي نام کي،
پر اميدن ۾ اڃان ٻانهن ٻڌا ٻانها رهيا.
هٿ حبيبن ڪات قاضي ويا ڀڄي ڪوڙا اُتان،
جي ڪُسڻ کان ڪين ڪُسڪن پڙ ۾ پروانا رهيا.
(ڪتاب: ”ڪلام قاضي“ تان ورتل)
عبدالحئي ”سليم“ هالائي
(1917ع – 1992ع)
ڪلام
ان بت خاموشي کي پوڄيندي انسان ڪيترو،
حسن ظاهر تي اڃان تون هوندي حيران ڪيترو.
وٺ سنڀالي اقتضائي نفس نادان جو لغام،
آخرين اسپِ هوس کي ڏيندين ميدان ڪيترو.
دل آ هڪڙي ننڍڙي ڪشتي، موجزن درياءِ عشق،
اُف! رقابت جو اتي روڪيندين طوفان ڪيترو.
نيٺ رسوائي ڪندو هيءُ عشق جانان عام ۾،
آه! ساڍيندين سڄڻ جو سوز پنهان ڪيترو.
دشت غفلت ۾ وڃائي واٽ ويٺين راهرو!
پنهنجي منزل جو پڇائيندين تون نيشان ڪيترو.
دور آ مقصد جي منزل جنهنجي نامعلوم راه،
بي ثمر بنده! لتاڙيندين بيابان ڪيترو.
دل ڏني آهي ته اميد وفا تي الغياث،
دل ڏئي بي درد کي آهين پريشان ڪيترو.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
سيّد ذوالفقار راشدي
(1938ع – 1986ع)
ڪلام
چمڪي چمڪي ويئي وسامي هڪڙو ڀيرو لاٽ،
ڀٽڪي ڀٽڪي بيهي رهندين وري نه ملندئي واٽ.
ڀاڻ- مهل جا ڀلي ڀٽاري تنهن جو ڪهڙو خير،
سانجهي ساڻ ٿڙ
ٿاڻءَ نه ٿي، جا پسي نه پو گهر گهاٽ.
اڄ سوڌو خيالن تي آهي اُڪريل ڪا تصور ۾،
صبح سويرو نيڻ نشي ۾، ڏيک ڏين چمڪاٽ.
هيءَ پاڻي زهريلو گدلو، ناهي جوئي شيم،
گهر به ڪري
ويئي فرهادن جي روحن منجهه اساٽ.
ڪهڙي ندي سانڍي سانده اوٻر اندر جا،
ڪهڙي ڪنڌي زور جهليندي ڦٿا جڏهن ڪي ڦاٽ.
هيءُ سانتيڪي رڃ لڳي مي، هو هرڻن جي لونجھه،
ڏيا ڏياٽيون اکيون اڃاريون، سا منهن ڪاري پاٽ.
ڍٽ ڌڻي مومل جي ماڙي باقي هڪ ٻلانگهه،
هن اوکي پر ٿوڙي پنڌ ۾ ڪرندا ڪين ڪنواٽ
اوٿر ۽ انڌير اسان کي روڪيندو هڪ وار،
ليڪن پنڌ ته جاري رهندو وڄ ڏسيندي واٽ.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
حافظ محمّد ”احسن“ چنا
(1900ع –– 1986ع)
ڪلام
تنهنجي گولن جي آهيان گولي الا، حجت توسان ڪهڙي
هلايان؟
ننگ سڃاڻج نرمل پنهنجو، توسان ٻانهپ جي آهي ٻولي
الا،
سنڱ سڄڻ توسان ڪهڙو ساهيان.
اڌر نڌڙ ۽ اڀري آهيان، اڻ ڄاڻ ۽ ٻالي ڀولي الا،
لالڻ تنهنجي لاري آهيان.
جانب تنهنجو جيس ڪو ناهي، مون ته ڳوٺ ڳلي ڳلي ڳولي
الا،
مور نه مٽ ڪو تنهنجو ڀائيان.
پيچ پرينءَ سان پختو پائڻ، ماءُ ڏني هيءَ لولي
الا،
ڪيچ وڻن ڏي ڪاهيو ڪاهيان.
درشن جي توکان بيک پنان ٿي، مون ته جهلي آهي
جهولي الا،
ٻئي در ڪنهن جي ڪين واجهايان.
تنهنجي نظر هڪ فيض اثر آهه، جنهن دل جي دري آ کولي
الا،
پرت پرين تنهنجي پر ۾ پچايان.
”احسن“ آهي پرتئون پاتي، چاڪر واري چولي الا،
پنهنجو ڪرين شل ڳڻ پئي ڳائيان
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
ڊاڪٽر عبدالجبار ”عابد“ لغاري
(1944ع –– 2020ع)
*
منهنجي حالت کي ڏسي اڄ آسمان روئي ڏنو،
هن جهان سان گڏ، مڪان ۽ لامڪان روئي ڏنو.
حسرتن سان گڏ اميدن ۾ سدا هلندو رهيس،
هر قدم جي ڪهڪشان ۽ آسمان روئي ڏنو.
منهنجي حالت کي ڏسي هو به ديده تر ٿي ويو،
ٿو خوشي ۾ اڄ رئان جو، جان جان روئي ڏنو.
دل جي ٽڪرن کي ڏسي، منهنجو جگر تڙپڻ لڳو،
روح هڪ هو رازدان، تنهن رازدان روئي ڏنو.
اوچتو ٺوڪر لڳي ۽ منهنجي حالت غير ٿي،
همسفر ششدر ٿيا ۽ ڪاروان روئي ڏنو.
مون مسيحا کي چيو، اڄ زندگي مون کي ڏئي،
مون کي ڀاڪر ۾ وٺي روح روان روئي ڏنو.
بعد منهنجي موت جي آ بي وفا محفل ڪئي،
ياد ’عابد‘ ۾ ڏٺم، اڄ ميزبان روئي ڏنو.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
جهنڊل فقير ڪورائي
(1878ع – 1986ع)
ڪلام
سڀ کان مٿي سهڻو ڏٺم تنهنجو ذڪر محفل ۾ هو،
صاحبِ حسن کي سونهن جو، تيرِ نظر ريفل ۾ هو.
آبرو ڏسي ان جا اجهل ٿي منتظر خلقِ خدا،
حيرت حسن جي مون ڏٺي، گذري مهل مون کي مدا،
تان ندا آئي اٿو، سڀ ڪو سڌو هلچل ۾ هو.
بيوس رهيس بيمار جان، آيس برهه جي باهه ۾،
تر ڦٿڻي تن مون لڳي، نه ساهه ماپي ساهه ۾،
باقي ري رڳن منهنجن رهيو، پويون پساهه منزل ۾ هو.
خوب رُو جي خال نقطي، قيد دل کي قيد ڪيو،
جزوي عقل حد هوش جو، بس ڀڄي سڀ ڀيد ويو،
منهنجي مارڻ لاءِ حڪم، ان طرح ان پل ۾ هو.
خال و خط مرڪڻ مهل ۾، رنگ قيصر جا ٿيا،
در دهن تي لعل لالي، جا اُها ڪامل پيا،
سڀ حڪومت تي حڪم، ثابت ”جهنڊل“ ۾ هو.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
حسين بخش ”خادم سروري“
(1930ع – 1992ع)
ڪلام
بهار ۾ به گلن کي مون بيقرار ڏٺو
قرار ڪنهن کي
نه هو، هر ڪو حالِ زار ڏٺو،
سوا غرض جي ڪٿي دوستي رهي آهي،
گهڻو مون وقت زماني کي بار بار ڏٺو.
الاجي ڪيئن
ڀلا ڀلجي ويو غير وٽ ”خادم“
خدا جو شڪر جو ماحول سازگار ڏٺو.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
”مومن“ مليرائي
(1906ع – 1987ع)
ڪلام
مون کي ڪرڻ اي يارو! حيران وري نه ايندو،
هڪوار جو ڏٺو، رخِ تابان وري نه ايندو.
هن عيد تي ملياسون، اڳتي به شل ملن سڀ،
عيدون وري به اينديون، انسان وري نه ايندو.
جنهن کي هجي اي سهڻا! ماريو فراق تنهنجي،
محفل ۾ مون جيان ڪو، حيران وري نه ايندو.
چوڏهينءَ جي چنڊ جيان ٿيو، چوطرف جنهن جو جلوو،
منهنجي اڱڻ تي اهڙو، مهمان وري نه ايندو.
عمرِ دراز گذري هڪڙي فڪر ۾”مومن“!
منهنجي هٿن ۾ تنهن جو سامان وري نه ايندو.
(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
قاضي عبدالرحمٰن هاليپوٽو
( 1943ع – 2016ع )
در مٿي دانهون ڪندا ڪئين دوست ديوانا رهيا،
دم نه ٿيو ديدار دلبر نيڻ نيرانا رهيا.
قوت ٿيا ڪنڍين اکين جو ڪئين ڪسجي ڪاتيء بنا،
ٻِڙڪ ٻاهر ڪين ڪڍيئون ماٺ مستانا رهيا.
ڪونه پاڙيئي ڪوبه هڪ وعدا وساري سڀ ڇڏيئي،
طعنه تُـــنڪا لوڪ جا منهنجي ڳچي ڳانا رهيا.
اي نه ماپو ملڪ ۾ جنهن ساڻ محبت ماپجي،
ڪين واڻين وٽ وکر ۾ پرت پيمانا رهيا.
ڪين مايا ٿو رکان جيڪا ڪريان حاضر حضور،
ساهه سر تحفي اندر ناقص ٻه نذرانا رهيا.
وير ويجها ڪين آهيون نااميدي نام کي،
پر اميدن ۾ اڃان ٻانهن ٻڌا ٻانها رهيا.
هٿ حبيبن ڪات قاضي ويا ڀڄي ڪوڙا اُتان،
جي ڪُسڻ کان ڪين ڪُسڪن پڙ ۾ پروانا رهيا.
(ڪتاب: ”ڪلام قاضي“ تان ورتل)
اها جيڪا اڳين سنڌ جي تاريخ آهي، اُن بابت ڪيتريون
ساريون غلط فهميون پيدا ٿيون آهن، پر ڳالهه آهي ته
ڪير انهن جومطالعو ڪري ۽ انهن کي صاف ڪري! مثلاً:
چين جي سياح ”شُوان سَينگ“ جي ”هند“ ۾ اچڻ جو جيڪو
سفرنامو آهي، تنهن کي آثارِ قديمه جي محققن، خاص
طرح ”ڪننگهام“ مرتب ڪيو آهي، پر هن جيڪي نتيجا
ڪڍيا آهن، تن سان اسان جو اتفاق ڪونهي. هن جي خيال
۾ چيني سياح لکيو آهي ته ”سنڌ شودرن جو ملڪ آهي“،
انهيءَ غلط نظريي کي پوءِ وٺي گهڻو وڌايو ويو آهي
ته سنڌ ۾ شودر رهندا هئا؛ پر قديم آثارن مان ظاهر
آهي ته سنڌ جي وڏي تهذيب هئي. شودرن جو ته ڪو سوال
ئي نه ٿو اُٿي. ان اڳئين دور بابت ٻي ٿوري گهڻي
روشني سنڌ ۾ ساساني ايران جي تعلقات مان ملي ٿي.
انهن لاڳاپن بابت اسان موسيقيءَ جي سلسلي ۾ ۽ ٻين
سلسلن ۾ تحقيق ڪئي آهي، ته اتان ڪجهه ٿوري گهڻي
روشني ملي ٿي. اڃا به جيڪا اڳ جي تاريخ آهي، تنهن
کي اسان ’قبل تاريخي دور‘
(Pre History Period)
چئون ٿا،
اُن دور ۾ موئن جي دڙي جي لکت تي ڪم ٿئي پيو. موئن
جي دڙي جي تهذيب ڪيئن پوءِ ٻئي هنڌ پکڙي، تنهن جا
آثار ڪوٽ ڏيجيءَ مان يا هندستان جي ڪن قديم آثارن
(لوٿل وغيره) مان مليا آهن. سنڌ جي موجوده حدن
اندر اهڙن ’قبل- تاريخي دور‘ جي آثارن جي تلاش
بابت مون مقالو لکيو آهي ته انهن کي ڪيئن ڳولجي.
هڪ ’خاص سروي‘ جي ضرورت آهي، خاص طرح سان
”رِوَرسٽم“ وارين ايراضين جي. سنڌونديءَ جا پراڻا
وهڪرا ۽ شاخون قديم آثارن جي ڳولا لاءِ ڪارگر آهن،
ڇاڪاڻ ته گهڻو اڳ جيڪي بستيون هيون، سي پاڻيءَ سان
ٻڏل هيون. سنڌونديءَ جو جيڪو الهندي طرف وارو ڀاڱو
آهي، تنهن جي ڪن قديم بستين جي اسان کي خبر آهي،
مثلاً آمري هئي ۽ موئن جو دڙو هو، پر ”اُڀرنديون
نارو“ جيڪا هڪ نهايت پراڻي ندي آهي، تنهن لڳ جيڪي
آثار آهن، تن تي توجهه ڪانه ٿي آهي، مون پنهنجي هڪ
مضمون ۾ اها ڳالهه سمجهائي آهي ته اڀرنديون نارو،
جيڪو ڪنهن وقت هڪ وڏي ندي هئي، تنهن سان لاڳو جيڪي
آثار آهن، تن کي اسان ڳولي ڏسون. اهڙو هڪ خاص قديم
آثار ”نهُٽو“ آهي، جيڪو عمرڪوٽ تعلقي جي مهراڻي
سان آهي، جنهن جو مون گهڻو مطالعو ڪيو آهي. اُتان
مون کي جيڪي شيون مليون، تن مان موئن جي دڙي جي
مُهرن جهڙي هڪ مُهر ملي آهي، بهرحال، اسلام جي آمد
کان اڳ وارو جيڪو زمانو آهي، سو وڏو ڊگهو آهي.
اُنهيءَ جا مسئلا به گهڻا آهن ۽ هر علم ۽ ذوق واري
ماڻهوءَ جو ڪم آهي ته اُن جو مطالعو ڪري. آءٌ به
پنهنجي حال موجب ڪيان پيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
رسالو مهراڻ 3/1985ع تان کنيل |