عبدالقادر کوسو
شاهه، هڪ آدرشي انسان
آدرشي انسان لاءِ سڀ کان پهريائين اسان کي اهو
سمجهڻو پوندو ته لفظ آدرش جي معنيٰ ڇا آهي؟ آدرشي
لفظ جو اشتقاق سنڌي ٻوليءَ جي محقق ۽ جامع سنڌي
لغات جي لکندڙ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرحوم
هيٺينءَ ريت ڪيو آهي:
آدرش (آ= طرح+ درش= نهارڻ)
لفظ ”آدرشي“ گرامر ۾ صفت آهي، جنهن جي معنيٰ آهي،
چڱيءَ طرح نهارڻ وارو.
هاڻي جيڪڏهن اسان آدرشي انسان چڱيءَ طرح ڳوليون ته
اُهي ڪير آهن، ته اسان کي شاهه سائينءَ جي رسالي
جو ڳُوڙهو اڀياس ڪرڻو پوندو. شاهه سائين پاڻ به هڪ
آدرشي انسان هو ۽ هن مثالي انسان جون وصفون پنهنجي
ڪلام ۾ ڏنيون آهن.
شاهه سائينءَ وٽ ماڻهن کي ماپڻ ۽ تورڻ جو پنهنجو
هڪ انوکو انداز آهي، لطيف چوي ٿو ته عام ماڻهو ڇا
آهي ۽ آدرشي انسان جي زندگيءَ جو طريقو ڇا آهي؟
عام ماڻهو ۽ روايتي زندگي گذاريندڙ ماڻهوءَ جو
خاڪو شاهه سائين هيٺينءَ ريت ڏسيو آهي:
اُڃو تا آب گهُري، بکيو تان طعام،
ايءُ عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿئي.
عام ماڻهوءَ جي زندگي، کائڻ پيئڻ، سمهڻ وري اُٿڻ
يعني چاڪيءَ واري ڏاند جي زندگي گذارڻ جي برابر
آهي. گويا اها زندگي جانورن واري آهي. آدرشي
انسان، مذهب، رنگ، نسل يا زبان جو پابند ناهي.
شاهه سائين جي نظر ۾ کيس اهو ماڻهو وڻي ٿو جيڪو
سچائيءَ جو پيروڪار آهي ۽ سماج ۾ اڻبرابري ۽ ناحق
واري هلت خلاف آواز اُٿاري ٿو. اهڙو انسان پنهنجي
دل ۽ دماغ کي دنيا جي ڪاروهنوار سان ڳنڍي ٿو، پر
پنهنجي ذهن ۽ ضمير کي صاف، شفاف ۽ پاڪ بنائي سماج
۾ رهي ٿو ۽ پوءِ دنيا کي بدلائڻ جو سفر ڪري ٿو.
آدرشي انسان گهڻي ڀاڱي پنهنجو الڳ رستو اختيار
ڪندو آهي، هن جي ذهن ۾ نت نوان آدرش، اُمنگون ۽
احساس هوندا آهن جن جي بنياد تي سماج کي الڳ رستو
ٺاهي سموري انسانذات کي ترقي ۽ ڪاميابيءَ جي
خوشخبري ڏيندو آهي. شاهه سائين چوي ٿو ته آدرشي
انسان کي جڳ کان مختلف هجڻ گهرجي ۽ دَقيانوسي
روايتن جو باغي هجڻ گهرجي. اهڙي آدرشي انسان هجڻ
لاءِ مثال ڏئي ٿو ته هن کي جڳ کان ڪيئن مختلف هجڻ
گهرجي.
اک اُلٽي ڌار، وَنئن اُلٽو عام سين،
لوڪ لهوارو وهي، تو اُونچو وَهه اوڀار،
منجهان نُوچ نهار، پر پٺيرو پرينءَ ڏي.
شاهه سائين چوي ٿو ته انسان هتي ڪنهن مقصد لاءِ
آيو آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي
اَنا، هَٺُ، تڪبر، آڪڙ ۽ وڏائي نه ڪرڻ گهرجي،
ڇاڪاڻ ته اهي سڀئي صفتون شيطان جو ڏاج آهن ۽ شيطان
فسادي آهي، اي انسان! تون عِجز، اِنڪساري، نياز ۽
نوڙت سان هن ڌرتيءَ تي هل ڇاڪاڻ ته تنهنجو پيءُ
حضرت آدم عليہ السلام به هن ڌرتيءَ کي تڏهن وڻيو ۽
پسند آيو جو عجز ڪيائين.
شاهه سائين چوي ٿو ته اڻڄاڻ، جاهل ۽ بيخبر ٿي مرڻ
کان بهتر آهي ته ماڻهو ماهر ٿي مري ۽ پنهنجي
زندگيءَ جي مقصد کي سمجهي. اهڙو مثال شاهه سائين
هيٺئين ريت پيش ڪيو آهي:
مَحروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا،
چڙيءَ جيئن چُنهنج هڻي، لَڏيائون لُئا،
حُباب ئي هئا، اِنهيءَ واديءَ وچ ۾.
شاهه سائينءَ کي اهو انسان وڻي ٿو جيڪو حساس طبعيت
وارو آهي ۽ شاهه سائينءَ کي بيحِس ماڻهوءَ کان
تمام گهڻي نفرت آهي. شاهه سائينءَ کي اهڙن انسانن
متاثر ڪيو جن جڳ جا سُور، غم ۽ مصيبتون پنهنجون
ڪري ڀانيئون. شاهه سائين اهڙن آدرشي انسانن جي
خوبين، ڪارنامن، نظرين ۽ قربانين جو اهڙو ته چٽو
نقش ڪڍيو آهي ۽ چٽيءَ طرح تصوير ڪڍي آهي جو
ٻهراڙيءَ جو عام ماڻهو به انهن آدرشي انسانن جي
تصور کي سمجهي سگهي ٿو.
شاهه سائينءَ جون سڀئي سُورميون سندس نظر ۾ آدرشي
عورتون هيون، هنن وٽ پنهنجي پرينءَ جي حاصلات سڀ
کان وڏو آدرش هو. ان لاءِ هنن قرباني ڏيڻ، هر قسم
جا طعنا ۽ مهڻا سهڻ کان ڪين گهٽايو. شاهه سائينءَ
جي مارئيءَ مارُنِ سان محبت ڪئي. سسئي، مومل ۽
سُهڻي سماج جي ڪوڙين رسمن خلاف بغاوت ڪئي. شاهه
سائينءَ وٽ حقيقي ۽ مثالي انسان اُهو آهي جيڪو پاڻ
کي سهي ٻين کي سُک ڏئي ٿو. شاهه سائينءَ هيٺئين
مثال ڏيڻ سان ڇيهه ڪري ڇڏيو آهي جو ٻيو ڪير به
دنيا جو وڏو شاعر هن مهل تائين اهڙو مثال پيش ڪري
نه سگهيو آهي:
پاتِشاهي نه پاڙيان، سَرتيون سُئيءَ ساڻ،
ڍَڪي اُگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،
ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، اِبر جي اوصاف کي.
شاهه سائينءَ، سُئيءَ جون وصفون ڄاڻڻ لاءِ چوي ٿو
ته انسان کي سُئيءَ جا ٿورا لاهڻ لاءِ ٻه جنم
گهرجن، گويا ماڻهو هڪ دفعو مري وري جيئرو ٿئي،
تڏهن به سُئيءَ جو ٿورو نه ٿو لاهي سگهي. مسلماني
عقيدي ۾ سُئيءَ جو مسلمانن تي اهو به ٿورو آهي جو
مُئي پڄاڻان ان جو ڪفن سبڻ جو شرف به سُئيءَ کي
حاصل آهي. انسان جو فرض آهي ته مشڪل کي منهن ڏئي،
باقي نتيجا ڌڻي تعاليٰ تي ڇڏي ڏئي، اهڙو مثال شاهه
سائين سُر سهڻي جي هيٺئين بيت ۾ ڏنو آهي:
ڪي تران ڪِي تار مُون، ڪي سگهان ڪِي سِگهه،
آڏو ڏيج مَ گَگهه، مون هيڪليءَ ولها.
هڪ آئيڊيل انسان ۾ اهي خوبيون هجڻ گهرجن، ته هن
فاني جهان ۾ جڏهن اک کولي ته اُن کي هن ڌرتيءَ تي
اکيون پَٽي هلڻ گهرجي، باقي اکيون ٻوٽي ڌرتيءَ تي
هلڻ وارو انڌي جي مثال آهي.
شاهه سائينءَ عقل جي انڌن انسانن ۽ بيحس انسانن
لاءِ هيٺئين بيت ۾ اهڙي منظرنگاري ڪئي آهي، جيڪي
انسان هن سنسار ۾ ظاهري اکين سان ته ڏسن ٿا، پر
انهن کي هتي زندگي گذارڻ جو ڏانءُ ۽ طور طريقا نه
ٿا اچن، ۽ بني اسرائيل جي قوم جيان ڀٽڪي ڀٽڪي ٻُڏي
مرن ٿا ۽ انهن کي سنسار ۾ اچڻ جو مقصد سمجهه ۾ نٿو
اچي. مثال:
مُئِي هاٿِيءَ سندو مامرو، اَچي پيو اَنڌن،
مناڙينِ هٿن سين، اکئين ڪِين پَسن،
فِي الحقيقت فِيل کي، ڪي سَڄا سُڃاڻن،
سندي سردارن، بصيرت بِينا ڪري.
مٿي مون لوهه جي ڌاتوءَ مان ٺهيل ننڍڙي شيءِ
سُئيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ ان کان پوءِ واري بيت ۾
عقل جي اَنڌي جي ڳالهه ڪئي آهي.
عقل جو انڌو ته انسان آهي، پر شاهه سائينءَ کي
غيرجاندار شيءِ سُئيءَ جي ڳڻن ڳائڻ جي آخر ڪهڙي
ضرورت هئي؟ جو ان جون وصفون ڄاڻڻ لاءِ ٻه جنم طلب
ڪيا آهن، اصل ۾ سُئي غيرجاندار آهي، پر اُن جون
صفتون اُهي آهن جو هوءَ انگ اگهاڙن کي ڍڪي ٿي ۽
بنا لالچ جي اهو ڪم ڪري ٿي. شاهه سائينءَ جي فڪر ۾
جيڪي انسان متحرڪ نه آهن، ڪنهن جي ڏک ۾ ڏکارا نٿا
ٿين، پاڻ پيٽ ڀري کائين ٿا، پاڻ ڀلا ڪپڙا پائين ٿا
۽ اهڙن انسانن کي انهن ماڻهن جو فڪر ناهي جيڪي
بُکيا رهن ٿا، ڏکن ۽ اَذيتن واري زندگي گذارين ٿا
۽ انگ اگهاڙا رهن ٿا، اهڙن انسانن کي شاهه سائين
زندهه لاش ۽ مئل سمجهي ٿو. اهڙا انسان، شاهه جا
آدرشي انسان ٿي نٿا سگهن پر اُهي بيحس ۽ نِڪما ۽
قوم لاءِ عذاب آهن.
هتي خواجا حَسن خرقانيءَ جو هڪ مثال ياد اچي ٿو،
ان فرمايو هو ته: ”بغداد جي شهر ۾ تمام گهڻا
گهمندڙ ڦرندڙ انسان مون کي مئل نظر اچن ٿا، پر
بغداد جي قبرستان ۾ قبرن جي اندر مون کي تمام گهڻا
انسان جيئرا نظر اچن ٿا، بزرگ شايد ته اهو قول
اهڙن آدرشي انسانن لاءِ فرمايو هجي، جن لاءِ ڀٽائي
چوي ٿو ته:
مَرِي جِيءُ ته ماڻئين، جانب جو جَمال،
ٿئي هُوند حَلال، جي پَند اِهائي پارئين.
ٻي جاءِ تي فرمائي ٿو ته:
مرڻا اڳي جي مُئا، سي مَري ٿِين نه مَات،
هُوندا سي حَيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.
شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ آدرشي انسانن جو ڪاٿوئي
ڪونهي. هن ننڍڙي مضمون ۾ صرف چند مثالن تي اڪتفا
ڪجي ٿي، شاهه سائين کي جيڪي انسان وڻن ٿا، انهن ۾
ڪَمي، ڪوري، لَنگها، لورا، ڪنڀر، لوهر، واڍا،
کاهوڙي، ڏوٿي، وڻجارا، سونارا مطلب ته شاهه سائين
جا سڀئي پورهيت ان کي ڏاڍا پسند آهن. مٿين ڪردارن
سميت شاهه جي آدرشي انسانن ۾ هيٺين صفتن وارا
انسان اهم جاءِ والارين ٿا:
(1) پاڪائي رکندڙ، (2) خدا جو عاشق، (3) اندر جو
صاف انسان، (4) حب الوطن، (5) الله تي توڪل رکندڙ،
(6) محنتي، (7) لڳاتار جدوجهد ڪندڙ، (8) رسالت سان
محبت ڪندڙ، (9) رحمدل، (10) سماجي روايتن جو
قدردان، (11) پرائي آئي ۾ قرباني ڏيندڙ (12) سخي ۽
ڏاتار، (13) عادل، (14) پڇتاءُ ڪندڙ.
مٿين صفتن کان علاوه ٻين ڪافي صفتن وارا انسان
شاهه سائينءَ کي وڻن ٿا، پر مضمون جي طوالت جي ڪري
صرف انهن آدرشي انسانن جو ڪجهه مثالن سان ذڪر ڪجي
ٿو.
(1) پاڪائي رکندڙ:
پاڪ رهڻ انسان لاءِ نهايت ضروري آهي، پاڪائيءَ سان
تزڪ ۽ نفس ٿئي ٿو ۽ انسان نفس اَماره جي چنبي کان
بچي سگهي ٿو، هن نفس کي حيواني نفس پڻ چوندا آهن
جيڪو چوندو آهي آڻ، آڻ. يا ڦٻيا اُهي جي ڦاٽي
مُئا، ان نفس کي شاهه سائينءَ اُٺ سڏيو آهي، جيڪو
انسان پاڪ رهندو، ان ۾ انهيءَ نفس کان بچڻ ۽ لوامہ
نفس جون خوبيون پيدا ٿينديون. هيءُ نفس انساني
ضمير، وويڪ يا اندر جو آواز آهي. شاهه سائينءَ جا
سڀئي آدرشي انسان، انهيءَ نفس جا مالڪ آهن، جنهن
کي هُو پاڪائيءَ ۽ پرهيزگاريءَ سان نوائي سگهن ٿا.
اهڙن آدرشي انسانن لاءِ شاهه سائين چوي ٿو ته:
رُوحَ ۾ رَهين رام، ٻَهر ٻولين ڪِين ٻيو،
ويهي ڪِيون وِچ ۾، آديسين آرام،
ڪري هِيءَ حرام، نانگا گڏيا ناٿ کي.
يا
پَليتيءَ کان پانهنجا، پِنڊ رکيائون پاڪ.
شاهه سائينءَ وٽ علم جي ماهرن جي ڪابه جاءِ نه
آهي، هُو اُهو ڪامل اڪمل شخص آهي جيڪو ظاهري ۽
باطني علم تي غالب آهي. پاڪائي رکڻ وارن آدرشي
انسانن وٽ ٽيون نفس مطمئنه آهي. هن نفس مان مراد
اطمينان وارو نفس آهي جيڪو ولين ۽ انبياء عليہ
السلام جن جو هوندو آهي.
علم جي ماهرن سمجهه ۽ ڄاڻ جا ٽي درجا ٻڌايا آهن:
1- جهل، 2- علم، 3- حڪمت.
(1) جهل وارا، علم جون ڳالهيون نه سمجهندا، (2)
علم وارا حڪمت جون ڳالهيون نه سمجهندا، (3) فقير،
درويش، تارڪ، سالڪ ۽ پاڪائي رکڻ وارا آدرشي انسان،
انهن سڀني ڳالهين کان واقف هوندا آهن، اهڙا مثال
شاهه سائين ڪافي ڏنا آهن.
1- صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرين جو.
2- جوڳي نه جاهِل، پنڌ پَريندهين سِکئا،
ڪن سين ڪن نه کل، پوتا رهيا پرينءَ سين.
(2) خدا جو عاشق:
شاهه سائينءَ جي نظر ۾ اهو فوق البشر انسان آهي
جيڪو اِلاهي عشق ۾ عابد، زاهد، مُجتهد هجي پر شاهه
سائين وٽ خدا جو عاشق اهو آهي جيڪو سندس عشق ۾
پنهنجو سِر قربان ڪري ڇڏي. شاهه سائينءَ جي هن
آدرشي انسان مان مطلب حُجري جو مُلان هرگز نه آهي،
جنهن مان نه دشمن کي ڀؤ نه سڄڻ کي آسرو، پر اهو
انسان آهي، جنهن لاءِ ڀٽائي صاحب چيو:
(1) سُوريءَ سپرينءَ جي، گهِڙ ته ٿئين گهوٽ.
(2) سُوري آهي سينگار، اُصل عاشقن جو.
(3) عاشقن پنهنجا انگ، لِلّٰه ڪارڻ وڍيا.
مٿين ٽنهي مثالن کان سواءِ امام حسين رضي الله عنہ
جي شهادت سُر ڪيڏاري ۾ پڙهڻ گهرجي.
(3) اندر جو صاف انسان:
شاهه سائينءَ کي هي اُهو وڻندڙ انسان آهي، جيڪو
صاف دل ۽ انسانيت سان محبت ڪندڙ آهي. شاهه سائينءَ
کي ڪُوڙي، مَڪار، دوکيباز ۽ منافق انسان کان تمام
گهڻي نفرت آهي، اهڙن انسانن جا شاهه سائين خوب
پيرا کنيا آهن، ۽ انهن کي نِنديو آهي، مثال:
اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هَنجهه جي،
اهڙو ٺَلهو ٿانءُ، ڀَڃي ڀورا نه ڪرئين؟
شاهه سائين دل جي صاف انسان کي هنجهه ۽ مور سان
تمثيل ڏئي ٿو ۽ حاسدي، ڪُوڙي، مَڪار ۽ منافق ۽
دوکيباز کي ٻگهه ۽ نانگ سان تمثيل ڏئي ٿو. صاف دل
انسان لاءِ شاهه سائينءَ جو هڪڙو ئي مثال لک لهي ۽
سچن انسانن جي صحبت ڪرڻ گهرجي، جتان رُشد و هدايت
جا سچا سبق حاصل ڪري سگهجن ٿا، مثال:
هنجهن سين هيڪار، جي ڳَڻ ڪري نِهارئين،
ته ٻگهن سين ٻيهار، ٻيلهه مَ ٻَڌين ڪڏهين،
(4) حب الوطن:
شاهه سائينءَ جو هيءُ اهو مثالي انسان آهي، جنهن
وٽ وطن جي اُڪير ۽ سڪ آهي، حديث شريف ۾ اچي ٿو ته
وطن جي حُب ايمان جي نشاني آهي. شاهه سائينءَ جي
سڄي شاعري حب الوطنيءَ سان سرشار آهي، پر سُر
مارئيءَ ۾ شاهه سائينءَ حب الوطنيءَ جا اهڙا مثال
ڏنا آهن، هي دنيا جي ڪنهن به شاعر وٽ اهڙا مثال
ملي نه ٿا سگهن. مارئي غريب جي ڌيءَ ۽ ور واري
جوءِ هئي، قسمت سان قيد ٿي عُمر جي ڪوٽ ۾ بند ٿي،
عمر کيس مهڻا ڏنا ته تنهنجو ديس ريگستان آهي،
تنهنجن مارن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، تنهنجن
اَباڻن وٽ رهڻ لاءِ بنگلا نه آهن ۽ پائڻ لاءِ بافت
بخمل ۽ پٽ پٽيهر نه آهن، تون مون سان شادي ڪر ۽
مٿيون سڀئي آسائشون ماڻ. شاهه جي زبانيءَ ۾ هڪ ٻه
مثال اهڙا ڏجن ٿا:
مثال1: وطن ريءَ ويهي، جي مون گذاريا ڏينهڙا،
مارو ڏيندم مهڻا، ڏاڏاڻا ڏيهي،
پکن ۾ پيهي، محلن جي مَرُ لاهيان.
مثال2: واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه.
مثال3: واجهائي وطن کي، آءٌ جي هت مُياس.
مثال4: ساڻ پُلاء نه پاڙيان، ڏنؤرن جي ڏوٿي.
مثال5: کَٿيءَ منجهه خِلاف، رهي نه رَتيءَ جيترو.
(5) الله تي توڪل رکندڙ:
شاهه سائينءَ جو هيءُ اهو مثالي وڻندڙ انسان آهي
جيڪو هر حال ۾ الله سائينءَ جو شُڪر بجا آڻي ٿو.
اهڙن انسانن لاءِ شاهه سائينءَ هيٺيان مثال پيش
ڪيا آهن:
1. |
جَنين ڏاند نه ٻج، تنين پڻ تنهنجو
آسرو،
اَول ڏئين اُني کي، پوءِ اُڀارين سِج. |
2. |
ماڻهو آکن سُک پکيان نون، پر ڏُک
پکيان نُون ڏاڍا،
سارا ڏينهن کنڀڙان مارن، قُوت نه آڻين
واڌا،
ويکو گذران پَکيان دا، جو جِت ماريا
اُت کاڌا.
(ڍول مارئي) |
3. |
وِلُهون وِيلها واءَ، جوڳين جَهليا
جان ۾،
اَجهوريءَ الله، ڪونهي ڪاپڙين جو. |
(6) محنتي:
شاهه سائينءَ جو هيءُ اهو مثالي انسان آهي، جنهن
لاءِ شاهه سائينءَ جو سڄو ڪلام آئيني مثل آهي:
مثال1: جِت نه پکيءَ پير، تِت ٽمڪي بَاهِڙي،
مثال2: کڻن نه کِرڪاڻ، پنڌ پَراهينِ هليا.
مثال3: بَر ڏيو ڀُڻن، سدا ڏورا ڏُٿ جا.
مثال4: قاتل ڪمائي ڪري، وِه ماکي جي ڪَن.
(7) لڳاتار جدوجهد ڪندڙ:
شاهه سائينءَ جو هيءُ اُهو آدرشي انسان آهي جيڪو
لڳاتار جدوجهد، جستجو ڪندو رهي ٿو. پنهنجو اعليٰ
مقصد ماڻڻ لاءِ هُو مصيبتن ۽ مشڪلاتن جو دليريءَ
سان مقابلو ڪري ٿو ۽ ڪٿي به ٿڪجي ويهي نٿو رهي.
شاهه سائينءَ جي اهڙن بامقصد ۽ مثالي انسانن ۾
شاهه سائينءَ جي سُورمي سسُئي اُها دلير ۽ همت
واري عورت آهي، جنهن جهنگ جي مروئن، ڏونگر، ۽ پهاڙ
جي پنڌ ۾ پنهنجو حوصلو بلند رکيو ۽ ڪٿي به دهلجي ۽
ڊڄي ويهي نه رهي. انهيءَ صورتحال جي شاهه سائين
هيٺئين بيت ۾ منظرنگاري ڪئي آهي:
مُنڌ نه منجهان تَن، پَسي لَڪ لُڏن جي،
جا پَر کاهوڙين، سا پر سِکي سسئي.
شاهه صاحب سسئي جا پنج سُر ڏنا آهن، جن ۾ سسئيءَ
کي علامتي طور تحرڪ ۽ همت وارو پيش ڪيو اٿائين.
انسان اڳي يا پوءِ ضرور مرندو، پر جيڪو ماڻهو ڪنهن
اعليٰ مقصد جي لاءِ پنڌ ڪندي مري ٿو وڃي، ته ان جو
درجو شهيدن جي لسٽ ۾ شامل آهي. شاهه سائينءَ جي
فڪر موجب جيڪو مُتحرڪ ۽ همت وارو انسان آهي، اُهو
آدرشي آهي ۽ جيڪو ماڻهو بي همت ۽ غافل آهي، ان کان
قدرت به بيزار آهي. هن سڄي سنسار ۾ سج، چنڊ، تارا،
ڪَتيون، سمنڊ ۽ درياء هلن پيا، اهڙيءَ صورت ۾
انسان کي گهرجي ته پنهنجي زندگي به تحرڪ سان
گذاري. اهڙو سبق شاهه سائينءَ جي هيٺين سٽن مان
ملي ٿو:
نڪو سُک نکٽين، نه ويساند نئين،
جيڪا اچي سامهين، ڀانئج سا سَنئين،
مُوڙِهي ڪوهُ مُئين، جيئن سڄيون راتيون سمهين.
(8) رسالت سان محبت ڪندڙ:
شاهه جي فڪر موجب آدرشي انسان کي حضور ڪريم صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جي رسالت جو اقرار ڪرڻ گهرجي،
رسالت سان جيڪو انسان محبت نٿو ڪري، اهو شاهه
سائينءَ جو آدرشي انسان بنجي نٿو سگهي. هن کان
پهريائين جيڪي به آدرشي انسان جون آدرشي وصفون ۽
مثال لکيا ويا آهن اُهي سڀئي مثال تڏهن ڪارگر ۽
مُلهائتا ٿين ٿا جڏهن انسان ڪائنات جي ڪارڻي،
انسانيت جي مُحسن، غريبن جي غمخوار، هيڻن جي
همراهه، يتيمن جي يار، گنهگارن جي ضامن، اَڙيلن جي
آڌار، غلامن جي غمخوار، سخن جي سردار، ڏيهن جي
ڏاتار، رحمت لِلعالمين ۽ مديني جي مَهندار سان
محبت ڪندو. ڪوبه هندو توڙي مسلمان شاهه سائينءَ جو
آدرشي انسان تيستائين ٿي نه سگهندو جيستائين حضور
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي محبت سندس دل ۾ نه
هوندي. شاهه سائين خود ڪائنات جي ڪارڻي جي محبت ۾
سرشار نظر اچي ٿو. اهڙو مثال شاهه سائين هيٺين سٽن
۾ بيان ڪري ٿو:
وَحده لاشريڪ لَہ، جان ٿو چئين ايئن،
تا مڃ محمّد ڪارڻي، نِرتئون منجهان نينهن،
سو تون وڃيو ڪيئن، نائين ڪَنڌ ٻين کي.
حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم انسانيت جو
پيغام سمورن جهانن لاءِ ڏنو آهي ۽ سندس شان ۾ قرآن
پاڪ نازل ٿيو. ساڳيءَ طرح شاهه سائينءَ جو پيغام
آفاقي ۽ عالمگير آهي. شاهه سائين خود مذهبي روادار
۽ آدرشي انسان هو، هن وٽ هندو ۽ مسلمان جو تفرقو
نه هو. هندن وٽ رام وارو نظريو توحيد وارو آهي ۽
ڀٽائي وٽ مسلمانيءَ وارو نظريو خدائي آهي، پر
انسانيت جو پيغام تڏهن مڪمل ٿئي ٿو جڏهن انسانيت
جي علمبردار حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي
محبت دل ۾ هجي ٿي. اهوئي سبب هو جو شاهه سائين
هندن جي مندرن ۾ ويندو هو، ٽي سال جوڳين سان گڏجي
سفر ڪيائين ۽ هندن جي تيرٿن تي پڻ ويو، پر پنهنجو
نظريو تبديل نه ڪيائين. انسانن جو پيءُ اَبوالبشر
حضرت آدم عليہ السلام آهي. ان وٽ هندو ۽ مسلمان جو
تصور نه هو. ان جي خطا تڏهن معاف ٿي جڏهن محسنِ
انسانيت جو اسم گرامي ميڙ ڪيائين يعني حضور صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جن جو واسطو اللهج
کي وڌائين. هاڻي جيڪڏهن آدم عليہ السلام جي خطا
حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي نانءُ ميڙ ڪرڻ
سان معاف ٿي وڃي ٿي ته مثالي انسان ٿيڻ لاءِ حضور
صلي الله عليہ آولہ وسلم جي محبت جو دل ۾ هجڻ ۽ ان
جي رسالت جو اقرار ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه انسان باڪمال
۽ آدرشي ٿي نه ٿو سگهي. ڪن مفڪرن ته شاهه سائينءَ
کي حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو ترجمان
سڏيو آهي. شاهه سائينءَ جو پيغام سمورن جهانن لاءِ
اَمن، محبت ۽ عالمگيريت وارو آهي، جهڙيءَ طرح حضور
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جو پيغام سمورن جهانن
لاءِ آهي.
حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو درجو سڀني
پيغمبرن کان مٿانهون آهي، ۽ شاهه سائين جي فڪر ۾
هيءَ ڌرتي به حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي
نورِ تخليق ٿيڻ کان پوءِ ۽ افلاڪ پڻ پوءِ جي تخليق
۾ شامل آهي. اهڙو مثال شاهه سائين هيٺئين ريت ڏنو
آهي:
فَيڪُون فِدا ڪري، ڪَهيائين سين ڪُن،
تعظيماً تمام ڪري، پوءِ ڀيڙيائين ڀُن،
مارو تِئائين مُن، ڀينر ڀاڱي آئيو.
يا
مون کي آهي اُميد الله ۾، منهنجي سَيد سار لهندو،
اَنڌا اُونڌا آکُڙيا، سڀ نباهي نيندو،
تنبو آڻي تاءَ ۾، عاصين ڪاڻ اَڏيندو،
اُتي عبداللطيف جو، هادي هٿ جهليندو.
(9)
رحمدلي:
هي شاهه سائينءَ وٽ باوقار ۽ بي مثال انسان جي
اُها صفت آهي، جيڪا انسان کي مڪمل انسان بنائي ٿي.
توهان زمين وارن تي رحم ڪريو ته اللهج
توهان تي رحم فرمائيندو.
هن صفت وارا انسان نهايت حساس طبعيت وارا ٿيندا
آهن جيڪي ڪنهن ٻئي انسان حيوان، جانور خواهه پکيءَ
تي اجايو ٿيندڙ ظلم ڏسي اندر جو اندر ۾ جَڪَ پيا
کائيندا آهن. اهڙن ظالم انسانن کي شاهه سائين
ماري، اُجرتي مُلان، آخوند، مُفتي، قاضي ڪوٺيو
آهي. شاهه سائينءَ جو زمانو اهو آهي، جنهن ۾ ٻٽيهه
ننڍيون وڏيون جنگيون لڳيون، سنڌ ۾ هر طرح جو
انتشار، اڻبرابري ۽ نفسانفسي جو دور هو. سنڌ جي
اٻوجهه عوام تي مغلن جي طرفان مڙهيل اڻبرابريءَ
وارا ڪارا قانون ۽ فرمان سنڌ جي مفتين طرفان مڙهيل
هوندا هئا، اهڙن ڪارن قانونن ۾ سنڌ جا قاضي،
مُلان، آخوند ۽ مفتي سرڪار جا پگهاردار هئا ۽
پگهارون وٺي ظلم جون فتوائون ڪڍندا هئا. سنڌ جو
عظيم سورمو ۽ خود ڀٽائي گهوٽ انهن صعوبتن جو نشانو
بڻيو.
شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ رحمدليءَ جا ڪافي مثال
آهن، سُر ڏهر ۾ شاهه سائين خود مشاهدو ڪري ڪونج
پکيءَ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان تي قياس ڪري ٿو جڏهن
ماري اُن کي ڦاسائي ٿو ته اُن تي رحم کائيندي
رحمدل بڻجي ماريءَ کي پِٽون پاراتا ڏئي ٿو ۽
ماريءَ کي چوي ٿو ته:
1- ڪُونجن کي ڪيمَ چئو، جي ٻاجهارو ٻولين.
2- ماري مَرين شال، ڍَٻ وَڃنئي ڍَٻيون.
ڪنهن جاءِ تي اُن وقت جي مڪتب ۾ پڙهائيندو مُلان
سان مخاطب ٿي رحمدل بڻجي کُٿابين تي ڪَهل کائيندي
آخوند کي چوي ٿو ته:
اَدا ڙي آخوند، مارِ مَ معصومن کي،
درد تُنهنجيءَ دل تي، جي برهه وسائي بُوند،
هينئن نه مارِين هُوند، غافل اَٻوجهن کي.
شاهه سائين رحمدل ۽ آدرشي انسان هو، ان وقت جي
سماج ۾ انسانن تي ظلم ڪندڙن جا پيرا کنيا اٿئين.
ياد رهي ته ظلم جي هٿان مليل پئسن مان گُذران ڪندڙ
وڏو بيرحم ٿيندو آهي، زلزلا رڳو ڌرتيءَ تي نه
ايندا آهن، پر ڪي زلزلا اهڙا به آهن جيڪي اندر ئي
اندر انساني زندگيءَ جي ڀَڃ ڊاهه ڪري تباهي ڦهلائي
ڇڏيندا آهن.
(10) سماجي روايتن جو قدردان:
شاهه سائينءَ جي نظريي موجب هڪ بااصول ۽ مثالي
انسان کي پنهنجي ديس ۾ سُٺين ريتن رسمن جي حمايت
ڪرڻ گهرجي ۽ خراب، ڪُڌين رسمن ريتن جي مخالفت ڪرڻ
گهرجي. شاهه سائينءَ جي زماني ۾ ڪافي خراب ريتون
رسمون سماج ۾ هيون جيئن ڪنهن عورت جو زوريءَ نڪاح
ڪرڻ، يا ان کي زوريءَ مُڙس ڏيڻ، يا ڪنهن جي سهڻي
عورت ڪنهن کان ڦُري ان کي پنهنجي پَٽ راڻي بنائڻ
يا بادشاهي محل جو ماڻهو مري وڃڻ تي روڄ راڙي ۽
تڏي تي محلات ۾ بادشاهي گهراڻي جي اُن مري وڃڻ
واري انسان لاءِ پئسا ڏئي عورتن کان پار ڪڍرائڻ
وغيره. اهڙن ڪُڌين ريتن رسمن لاءِ شاهه سائين جو
سُر سهڻي باغي ڪردار آهي. سهڻيءَ لاءِ ان وقت جي
مفتين فتوائون جاري ڪيون ته هوءَ ڪاري آهي ۽ ان کي
قتل ڪيو وڃي. پر شاهه سائين سهڻيءَ جي زبان بڻجي
پيو ۽ سهڻيءَ جي درياء ۾ ترڻ ۽ ميهار وٽ وڃڻ کي
جائز ٺهرايو اٿس، ۽ سندس مڙس ڏَم کي ڪوڙو ۽
زبردستي پرڻائڻ واري روايت کي ناجائز قرار ڏنو
اٿس، ۽ سهڻيءَ جو وڪيل بڻجي، ان جي وڪالت ڪئي اٿس
۽ کيس هميشه لاءِ اَمر ڪري ڇڏيو اٿس. علامه
آءِ.آءِ قاضي جي نالي چون ٿا ته هُو پنهنجي
حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ پڻ سُر سهڻيءَ جو اڀياس
ڪندو هو. شاهه سائين سهڻيءَ جي زوري پرڻائڻ واري
مڙس ڏَم جي مخالفت خود سهڻي کان هيٺئين ريت ڪرائي
ٿو:
گهڙو ڀڳو ته گهوريو، مَر چُور ٿئي چُوڙو،
طالب الموليٰ مذڪراً، اِي ٻُڏندِين ٻُوڙو،
ڪوڙهيو ڏم ڪوڙو، مُون ميهار ئي من ۾.
شاهه سائين سُر مارئي ۾ سماجي روايتن جي قدردانيءَ
کي خوب ڳايو آهي. مارئي غريب ڌنار جي ڌيءُ هئي ۽
سنڌ جي بادشاهه عُمر سومري کيس زوريءَ پنهنجي زال
ٿيڻ لاءِ کڻي وڃي ڪوٽ ۾ قابو ڪيو هو. اِها ڪُڌي
رسم ۽ روايت هئي، انهيءَ رسم جي خود شاهه سائين
مارئيءَ جي واتان مخالفت ڪرائي ٿو، مثال:
جي لُوڻ لِڱين منجهه لائيين چِيري چِيري چَم،
ته مون ڪُراڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم،
جان جان آهي دم، تان تان پرت پنهوار سين.
يا
ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو، کَٿيروئي خُوب،
ميروئي محبوب، اسان مارو مَن ۾.
شاهه سائين جنهن ٽين ڪُڌي رسم ۽ ريت جي جنهن
سورميءَ کان مخالفت ڪرائي، اُها سورمي سسئي آهي.
شاهه جون سڀئي سورميون سواءِ نوريءَ جي، سومرن جي
دؤر سان تعلق رکن ٿيون، پر سُومرن جي دؤر کان وٺي
ٽالپرن جي دؤر تائين هڪ ڪُڌي ۽ خراب ريت سنڌ ۾
هلندي آئي، اُها اِها هئي ته وڏي گهراڻي جي انسان
جي مري وڃڻ وقت مزدوري، اُجرت ۽ پگهار تي ان
شاهوڪار ماڻهو ۽ گهر ڌڻيءَ جي اڱڻ تي اُجرت واريون
عورتون گهر ڌڃاڻين سان شامل ٿي وڃي پار ڪڍنديون
هيون ۽ اوسارا ڪنديون هيون، انهيءَ روايت ۽ رسم جي
شاهه سائين سسئيءَ کان مخالفت ڪرائي ٿو، انهن
پگهاردار پار ڪڍڻ وارين عورتن کي ريزاليُون
(رداليُون) چيو ويندو هو.
عُمر سڀ اُڪنڊ سين، پنهون جي پڇن،
ريس ريزاليُون تن سين، ڪُڄاڙي کي ڪن،
مارڳ جي مَرن، وڏا طالع تن جا.
ٻئي هنڌ ڀٽائي صاحب پڻ اهڙي منظرنگاري هيٺئين ريت
ڪري ٿو:
اَڻ سُوراتيون سوراتين جي، ڪوه ٿيون پَٿر پُون،
گهاءُ نه لڳن گهوٽ جو، ٿيون رياءَ منجهان رُون،
چيتاريو نه چُون، پار منهنجي پرينءَ تان.
(11) پَرائي آئي ۾ قرباني ڏيندڙ:
شاهه سائينءَ جي فڪر ۾ اُهو آدرشي انسان آهي، جيڪو
سماج ۾ دهشت، چوري، ڌاڙو، خوُن، پرائو حق ڦٻائڻ يا
ڪو اڻبرابريءَ وارو واقعو ڏسي ظالم ڪردار سان جنگ
جوٽي، ان کان نفرت ڪري ۽ آخر ۾ وڙهندي وڙهندي
پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي وڃي. اهڙن انسانن جو مرڻ
شهادت وارو هوندو آهي. شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾
اهڙا سوين ڪردار آهن جن کي شاهه سائينءَ سورمو ڪري
پيش ڪيو آهي. هتي مختصر انهن ستن سورمين جو ذڪر
ڪجي ٿو، جن پرائي آئيءَ ۾ پنهنجي جان قربان ڪئي.
(شاهه سائينءَ جا ست سورهيه)
(1) ڪارائڙو ڪُونڌر، (2) راوت رڻمل، (3) پُنرو
بڊاماڻي، (4) رڻمل جاڙيجو، (5) ڄام مُهڙ نوتيار،
(6) ڄام اڍو سمون، (7) ابڙو اڙٻنگ.
مٿيان شاهه سائينءَ جا اُهي وڻندڙ سورما آهن، جن
پرائي آئيءَ ۾ پنهنجي جان قربان ڪئي. ابڙي اڙٻنگ،
سومرن جو سامُون جهليون ۽ علاؤالدين خلجي جڏهن
کانئس سامُون گهريون ته سامُن ڏيڻ کان انڪار
ڪيائين ۽ خلجيءَ سان جنگ ڪندي قتل ٿي ويو، پُنري
بڊاماڻيءَ لاءِ هيٺيان مثال پيش ڪجن ٿا، مثال:
اڄ ته گهُرجين تون، بڊاماڻي پُنرا،
مٿان اچي مُون، ويرين واٽون لائيون.
ڪارائڙي ڪُونڌر جو مثال:
ڪارايل جي ڪوڏ، مون ڪينجهر سڀ نهاريو،
پينگهي پيو لوڏ، سِر سمي ڄام جو.
(12) سخي ۽ ڏاتار:
شاهه سائينءَ جا هي ٻئي اُهي آدرشي انسان آهن جن
کي شاهه سائينءَ تمام گهڻو ڳايو آهي. انسان جو
ڪوبه سٺو عمل جن ۾ توحيد، نماز، روزو، حج ۽ زڪوات
تيستائين قبول ناهن جيستائين اُهو عابد، زاهد
سخاوت نه ٿو ڪري. بخيل جي عبادت حلال نه آهي،
گنهگار سخيءَ جو درجو عابدن ۽ زاهدن کان تمام گهڻو
مٿاهون آهي.
ڏاتار مان مراد، ڏات وارو يا دانُ ڏيندڙ آهي ۽
منهنجي خيال ۾ ته ڏهه سخي برابر هڪ ڏاتار جي آهن.
هنن صفتن وارا انسان، شاهه سائين جي شاعريءَ ۾
تمام گهڻا ملن ٿا جيڪي شاهه سائينءَ جا ڏهه ڏاتار
ڪوٺبا آهن، اُهي هِي آهن:
1. پنرو بڊاماڻي، 2. لاکو ڦلاڻي، 3. وِڪيو ڄام، 4.
جادم جکرو، 5. ابڙو اڙٻنگ، 6. سپڙ چوٽاڻي، 7. هند
ٿڌاڻي، 8. راءِ ڏياچ، 9. جسودن آگره، 10. راڻو
رڻمل.
هنن آدرشي انسانن جو ذڪر شاهه سائينءَ جي سُر ڏهر،
سُرسورٺ، سُر پرڀاتي، سر بلاول ۾ خاص طور ۽ ٻين ڪن
سُرن ۾ تمثيلي طور ڪيو آهي. انهن سڀني ڪردارن ۾
راءِ ڏياچ ويراڻي اُهو آدرشي انسان آهي جنهن جو
ذڪر شاهه سائين سر سورٺ ۾ ڪيو آهي. هن آدرشي انسان
سخاوت ۽ ڏاتاري ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ گهرڻ واري
مڱڻهار کي الله جي نالي تي ڪٽار سان پنهنجو سِر
ڪپي پنهنجن هٿن سان ڏنائين، هن کان پهريائين
پنهنجي سِر جي عيوض مڱڻهار کي جيڪي شيون آڇيائين،
انهن جو ذڪر شاهه سائينءَ جي مثالن سان مختصر طور
هيٺ پيش ڪجي ٿو، جن ۾ هُو سخين جو سردار ۽ ڏهن
ڏاتارن ۾ سڀني کان فضيلت وارو ۽ مٿانهون آهي.
مثال 1:
چارڻ چوٿينءَ رات جو، آئين ڪارڻ جيء،
تنهنجو قدم پدم نه پاڙيان، جي ٿئين تون جميع،
دان دَلو چا دِل وڻيا، وٺي راضي ٿيءُ.
هير اَٿئي هيءُ، صُبح سوايو ڏيانءِ.
مثال 2:
پِلٽيو پنجينءَ رات ۾، رُپوسون سَبيل،
پلنگ پٿراڻيون پَالِڪيون، نو لک ناڻي نِيل،
داتا نه وٺِا دان ۾، ووَنئن ڦيرائي فِيل،
آکيمُ جو اَصِيل، سو سِر ڏي ته سَرهو ٿيان.
شاهه سائين هن آدرشي حاڪم جي سخا جا مٿيان مثال
سخاوت لاءِ ڏنا آهن، جنهن الله جي نالي تي سڀئي
بادشاهي خزانا مڱڻهار کي آڇيا، پر هُن سِر جي
خيرات گهري هئي سو انهن مال خزانن تي راضي نه ٿيو
۽ راجا راءِ ڏياچ کان گهُر ڪيائين ته اهڙي ڪا شيءِ
مون کي ڏي جيڪا سوالين لاءِ ”سَنَدَ“ بنجي ۽
تنهنجو نالو سخين جي سردار طور ۽ ڏهن ڏاتارن ۾
مٿانهون ٿئي.
جيئن تو ڏيڻ ڏياچ، ايئن لاهيو سِر سَڀڪو ڏئي،
ڪين ناه جهڙو ڏي، جو سَنَدَ ٿئي سُوالئِين.
مڱڻهار ٻيءَ ڪنهن به لالچ تي راضي نه ٿيو، آخر
سخين جي سردار ۽ ڏاتار راءِ ڏياچ کيس پنهنجو سِر
ڪَٽار سان ڪَٽي ڏنو، شاهه سائين اها حقيقت هيٺئين
ريت بيان ڪئي آهي:
ڪَٽي سِر ڪَٽار سين، ٺِهرايائين ۾ ٺَار،
سورٺ سرتين کي چوي، مُٺيس مڱڻهار،
ڪِيو قهر قَهار، جنهن راڻيون سڀ رئاڙيون.
شاهه سائين هن سخي ۽ ڏاتار جي سر ڏيڻ کي تمام گهڻو
ساراهيو آهي ۽ سورٺ جي ورلاپن کي ڳايو آهي.
سورٺ ٻڌيو سندرو، پِٽيو ڪَڍي پار،
جنهن جي حِرص پُوايم، هار سو ماري هليو مڱڻو.
شاهه سائين سورٺ جي ته اها صورتحال ٻڌائي آهي پر
راءِ ڏياچ جي اَمڙ سندس سخاوت ۽ ڏاتاريءَ جي ڪري
تمام گهڻي خوش ٿي آهي، اهڙي منظرنگاري شاهه سائين
هيٺئين ريت ڪري ٿو، جنهن ۾ راءِ ڏياچ جي ماءُ جي
طرفان اهڙي سخاوت کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي:
چارڻ چنگ ڪُلهي ڪري، پير پُري پاتا،
صدا جون سيّد چئي، وايُون ڪِيائين واتا،
تنهن تي راءُ راضي ٿيو، دِل وڏي داتا،
مَرڪي مُرماتا، رُوڙِي راءِ ڏياچ جي.
(13) عدل ۽ انصاف ڪندڙ:
عدل ۽ انصاف ڪرڻ مان مراد برابري ڪرڻ آهي، انصاف
جو اشتقاق ٻوليءَ جي ماهرن (نصف= اڌ ڪرڻ) اصطلاحي
معنيٰ ۾ انصاف جو مطلب ٿيندو هڪجهڙائي هئڻ.
انصاف ڪرڻ وارو شاهه سائينءَ وٽ اُهو آدرشي انسان
آهي جنهن جو درجو سؤ سخين جيترو آهي، سنڌيءَ ۾
چوڻي آهي ته سؤ سخاوت هڪ عدالت جي برابر آهي. هتي
هڪڙي ڳالهه پيش ڪجي ٿي، جنهن ۾ هڪڙي حاجي ۽ هڪڙي
عادل بادشاهه جي پاڻ ۾ گفتگو ٿيل آهي.
ڪنهن بادشاهه حج تي وڃڻ جو ارادو ڪيو، ان جو پٽ
صغير هو ۽ بادشاهه جو وزير اَڪابر هو، ملڪ جون
حالتون بهتر نه هيون، اَڪابر وزير بادشاهه کي چيو
ته اوهان جو پٽ صغير آهي، ۽ متان ڪو ٻيو بادشاهه
غنيم چاڙهي، اوهان جي پٽ کان بادشاهي کسي وڃي،
اوهان حج تي نه وڃو، اوهان کي صلاح ڏيان ٿو ته
هڪڙي شخص ست حج ڪيا آهن، پهريون حج انسان تي فرض
آهي باقي ٻيا حج نفلي آهن، اوهان ان شخص کي گهرائي
ان کان ”هڪڙو حج بدل“ پئسن جي عيوض خريد ڪيو، اُن
شخص کي گهرايو ويو ۽ سندس اڳيان اها حقيقت پيش ڪئي
ويئي، ان شخص چيو ته:
”اي بادشاهه سلامت تو ته سوين هزارين فيصلا ڪيا
هوندا، پر جيڪو وڌ ۾ وڌ انصاف سان فيصلو ڪيو هجي،
ان جو ثواب مون کي بخش ڪر، مان پنهنجن ستن ئي حجن
جو ثواب توکي بخش ڪريان ٿو.“ هن مثال مان اها
ڳالهه ثابت ٿي وئي ته هڪڙي عادل بادشاهه جو درجو
ستن حاجين کان به مٿي آهي ۽ سؤ سخين کان به مٿي
آهي.
شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ سنڌ جي بادشاهه عمر سومري
کي شاهه، مارئيءَ جي زبانيءَ ۾ کيس عادل ڪري
ڄاڻايو آهي. مثال هيٺ ڏجن ٿا:
( 1 )
جيئن عمر اَڇو تون، تيئن آئون مرڪان وچ مارئين،
منهن نه ميرو مُون، سِيل تنهنجي سومرا.
( 2 )
مينڍا ڌوئي نه مارئي، نه کِلي نه کاءِ،
عُمر جي انصاف جا، ويٺي واساما ڳاءِ،
هِيءَ جا ڪيئي هاءِ، سا مهندان ايندئي مُنهن ۾.
( 3 )
مينڍا ڌوئي نه مارئي، ڪونهي اُن اوڄاهه،
عمر جي انصاف جو، پيس ڪن پڙاءُ،
ويٺي چوءِ الله، مون تي مٽ نه موٽيا.
( 4 )
کٿيءَ منجهه خلاف، رهيو نه رَتيءَ جيترو،
لٿو لوئڙيارئين، گُوندر جو غِلاف،
ميرا لاٿا مارُوئين، سڀِ اوڍيائون صاف،
ملير مڙوئي معاف، عمر انعامِي ڪيو.
(14) پڇتاءُ ڪندڙ آدرشي انسان:
پڇتاءُ ڪرڻ مان مراد پنهنجي ڪيل غلطي جو اعتراف
ڪري توبهه تائب ٿيڻ آهي. انسان غلطيءَ جو پُتلو
آهي انڪري کانئس غلطي ضرور ٿيڻي آهي ڇو ته حضرت
آدم عليہ السلام کان پڻ بهشت ۾ غلطي ٿي هئي، جيڪو
ابوالبشر آهي. مٿي جيڪو مون آدرشي انسانن جون
وصفون ڏنيون آهن ۽ مثال ڏنا آهن، انهن سڀني ۾ شاهه
سائينءَ وٽ باڪمال، باوقار ۽ بي مثال انسان اهو
آهي، جيڪو پڇتاءُ ڪري ٿو. شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾
سُر ليلان چنيسر هن آدرشي انسان لاءِ چيل آهي.
پڇتاءُ نه ڪرڻ جي ڪري ئي عزازيل اڄ ڏينهن تائين
شيطان، ابليس ۽ مردود آهي. پڇتاءُ ۽ توبهه تائب
ٿيڻ جي ڪري حضرت آدم عليہ السلام انسانن جو پيءُ
سڏجي ٿو، نه ته آدم عليہ السلام ۽ ابليس جو ڏوهه
ساڳيو هو. شاهه سائينءَ جي سڄي ڪلام ۾ توبهه تائب
ٿيڻ جا سوين مثال موجود آهن، پر سُر ليلان چنيسر ۾
ليلان جو پڇتائڻ، شاهه سائين کي اهڙو ته پسند آيو
جو جڏهن ليلان جي ليلهائڻ ۽ کيس ڏهاڳ ملڻ جا بيت
پڙهجن ٿا ته انساني جگر پاش پاش تي پوي ٿو، جيڪا
ليلان هندورن ۾ لڏندي هئي ۽ چنيسر جي راڄ ۾ وڏيري
هئي، چنيسر سان چاڳ ڪندي هئي، ان جو اڄ حال بيگانو
۽ چرين وارو ٿي ويو ۽ پوءِ پروڙي پشيمان ٿي اها
صورتحال شاهه سائينءَ جي هيٺين مثالن سان پيش ڪجي
ٿو:
مُون جَهڙي متان ٿئي، ڏسو اِيءُ ڏُهاڳ،
دوست دل مٽي ويو، آيو مُون اَڀاڳ،
هُوالله واحدالقهار، سو ڇڏيا مون چاڳ،
اَجهو تون آڳ، وڏو آهِيم وَلها.
اوڙي ڌوڙي اَندر، ٿي منجهان ڪوڏ ڪڏياس،
اُڀي سڌي وَنجهه تي، لِچ نه لِچڪياس،
اڳي وڏ ڌوڙِي هُياس، هاڻي ڀيچِي نه بيهارين ڀَر ۾.
ڊاهيندي ڊَهي پيس، وَرَ وڌو مُون ويرُ،
لولاڪ لَما خلقت الافلاک، اکر جو اوير،
اڄ ڪاڻياري ڪير، متان ڪا مُون جِيهي ٿئي.
لَڄ مُنهنجي لوڪ ۾، واريءَ جيئن ويئِي،
جيئنِ اَٽو پاڻيءَ ۾، پگهر جي پيئِي،
مٿي هٿ ڏيئي، ڪانڌ نه ڪوٺئين ڪڏهين. |