سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2017ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ

سوچ - لوچ

محمد ابراهيم جويو- هڪ صديءَ جو سفر

 

سنڌ جو عظيم فرزند محمد ابراهيم جويو 102 ورهين جي ڄمار ۾ 09- نومبر 2017ع تي صبح جو  لاڏاڻو ڪري ويو. اِنالله واِنا عليہ راجعون. سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي صحت گهڻي عرصي کان بهتر نه هئي ۽ هُو ڊگهي وقت کان علاج کائيندڙ هو. نومبر جي 9 تاريخ تي صبح جو سندس طبعيت بگڙجي ويئي. کين اسپتال نيو ويو، پر سندن ساه جو پکيئڙو اُڏامي ويو!

جويي صاحب جون زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪيل خدمتون بيشمار آهن، انهن سڀني جو هتي وستار ڪرڻ سج کي آرسي ڏيکارڻ جي برابر آهي. هُو سنڌ جو غيرتمند سپوت، سنڌ جو پروانو، پنهنجن فرضن سان مخلص ۽ انهن جي حاصلات لاءِ هر وقت جاکوڙ ۾ رهندڙ، سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ خودمختياريءَ ۾ ويساهه رکندڙ محب وطن اڳواڻ، سچو فڪري رهبر ۽ ساٿي هو. پروفيسر ڊاڪٽر انورفگار هَڪڙي صاحب پنهنجي مضمون، ”دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس“ ۾ جويي صاحب لاءِ بلڪل درست لکيو آهي ته: ”بيشڪ هُو سنڌ جو منفرد انسان هو، جنهن جي شخصيت هر لحاظ کان رهبر ۽ رهنما واري رهندي آئي. سندس تعليم ۽ تربيت ڪامل استادن جي رهبريءَ ۾ ٿي. هُو مُفڪرن ۽ عالمن جي صحبت ۾ رهيو، مٿس انهن جو اثر ايترو ته گهرو رهيو جو پاڻ به تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان فرائض سرانجام ڏيڻ پسند ڪيائون ۽ انتظامي عهدن تي به وڏي مدبر وانگر پنهنجيون ذميواريون سرانجام ڏنائون، جتي به رهيا، اتي پنهنجا داستان ۽ قصا ڇڏي آيا.“

جويي صاحب جو وڇوڙو سنڌ جو هڪ وڏو نقصان آهي. جنهن جي تلافي ڪرڻ ڏکيو آهي. ڇو ته هر ماڻهوءَ جي سڃاڻپ ۽ ان جو، عمل ۽ ڪردار جو تاثير پنهنجو پنهنجو هوندو آهي. ۽ ان جي وڃڻ کان پوءِ اُن هنڌ، جاءِ يا شهر ۾ هڪڙو وڏو خال پيدا ٿي پوندو آهي، جيڪو نه ڀرجي سگهندو آهي. تاريخ ۾ ڪي اهڙا فرد به هوندا آهن، جيڪي قومن لاءِ درسگاهه ليکبا آهن، محمد ابراهيم جويو به سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ هڪ درسگاهه جي حيثيت رکندا هئا. جنهن ۾ ڪيترائي فرد علم جي زيور سان سينگارجي سنوارجي، تيار ٿيا، جن جو زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ انفرادي يا اجتماعي طرح ڪردار بيهي ٿو. هُو سنڌي ادب جو اهو سگهارو نانءُ هو. جنهن جي پاڇي هيٺان ڪيترن ئي اديبن جي پالنا ٿي. محمد ابراهيم جويو صاحب جي پنهنجي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ميدان ۾ وسيع خدمتون آهن. خاص طور تي سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو جائز مقام ڏيارڻ ۾ سندن ڪوششون تمام گهڻيون آهن.

جويي صاحب سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادبي بورڊ، بزم صوفياء سنڌ، انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ ٻين ادارن جي تعمير ۽ بنياد لاءِ ڪوششون ورتيون. سنڌي ادبي بورڊ اهو اهم ادارو آهي، جنهن ۾ جويي صاحب جي زندگيءَ جو گهڻو عرصو گذريو. هن اداري ۾ سيڪريٽري، چيئرمين ۽ ماهر ايڊيٽر جي حيثيت ۾ تمام وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن جويو صاحب ٽماهي ”مهراڻ“ رسالي جو ايڊيٽر مقرر هو، ان وقت جا سندن ايڊٽ ڪيل ”مهراڻ“ جا پرچا ڏسڻ ۽ پڙهڻ وٽان آهن. انهن ۾ سندس لکيل ايڊيٽوريل ڪمال جا ايڊيٽوريل آهن، ڇا ته انهن جي ٻولي ۽ ان جون علمي ۽ ادبي خوبيون آهن. ٻوليءَ جي نفاست، ان جي پنڪچوئيشن، تلفظ، بيهڪ جون نشانيون، هر چيز، پنهنجي پنهنجي جاءِ تي، سونهن ۽ ترتيب ۾ نظر ايندي. جويي صاحب ”مهراڻ“ رسالي کي پنهنجي ايڊيٽرشپ جي ڏينهنِ ۾ اوج تي پهچايو. جويي صاحب ”مهراڻ“ رسالي ۾ ادبي ۽ تنقيدي خطن ڇاپڻ جو هڪ سلسلو شروع ڪيو هو، جنهن جي ذريعي ادبي تنقيد جا بهتر رجحان ۽ گوشا نروار ٿيا ۽ اُن وقت جي نامور اديبن انهيءَ ۾ دلچسپيءَ سان حصو ورتو. نثر ۾ افساني ۽ ڪهاڻيءَ جي فن ۽ فارميٽ تي وڏا وڏا تنقيدي بحث کُليا، جن مان پڙهندڙن جي وڏي اصلاح ٿي ۽ خود تنقيد جي روشن خيال ۽ ترقي پسند رخن جي نئين سر اپٽار ٿيڻ لڳي، جنهنڪري ان وقت تنقيد جهڙي جامد ۽ فريز  ٿيل مضمون ۾ نئين سر حرارت پيدا ٿي.

مجموعي طرح سائين جويي صاحب جو ڪردار، سنڌ، سنڌي ادب، ٻولي۽ سنڌي قوم لاءِ روشن، تابناڪ ۽ ڦلدائڪ ثابت ٿيو آهي، جو سندن خيالن ۽ طرزِ زندگي هڪ اهڙي رهنما اصول جي صورت اختيار ڪري بيٺي آهي جو هاڻي هر محبِ وطن ۽ ڪميٽڊ ماڻهوءَ تي پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ اُن کي سونهون بڻائڻ گهرجي ته جيئن گهر گهر ۾ محمدابراهيم جويو پيدا ٿئي.

”مهراڻ“ آيو موج ۾:

سال 2017ع جو آخري شمارو پڙهندڙ حضرات جي هٿن ۾ ڏسندي اسان کي خوشي ٿي رهي آهي. ڇو ته ادارو هڪ ڊگهي ۽ تڪليفده مالي مامرن مان گذرندو رهيو آهي. جنهنڪري ”مهراڻ“ رسالي جي وقت سر اشاعت ۽ اجراء ۾ تاخير ٿيندي رهي آهي. پڙهندڙ ۽ ”مهراڻ“ رسالي جي وچ ۾ جڙيل رابطو، ٽُٽي ويو آهي. مالڪ سائينءَ جا لکين احسان ۽ ڪرم جو وري اسين انهن وقتي مشڪلاتن سان منهن مقابل ٿيندا پنهنجي منزل طرف روان دوان آهيون. رب پاڪ کان دعا آهي ته اسان انهن مڙني معاملن مان خير خوبيءَ سان نڪري هميشه لاءِ آجا ٿيون، آمين.

هن شماري ۾ سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ، ثقافت جي مڙني رنگن کي شامل ڪيو ويو آهي. اسين ڪا دعويٰ ته نه ٿا ڪريون، پر ڪوشش اها هوندي آهي ته رسالي کي اهڙو  خوبصورت بڻائي پيش ڪريون، جيئن اوهان پڙهندڙن کي پسند اچي. هن شماري ۾ سنڌي صورتخطيءَ جي پيچيده مامرن تي سير حاصل ڪيل مضمون ڏنو اٿئون. جنهن ۾ ڊاڪٽر الطاف حسين جوکئي صاحب وڏي علمي مهارت سان هيءُ مضمون تيار ڪيو آهي. نذير شاڪر بروهي صاحب سنڌي ٻولي ۽ لسانيات جو هڪ وڏو اسڪالر آهي، جنهن کي گذارش ڪئي ته هُو اسان کي سنڌ جي حوالي سان ڪو مقالو تيار ڪري ڏين، پاڻ مصروفيتن مان وقت ڪڍي، اسان کي ”سنڌ“ جي وجود ۽ نالي تي تحقيقي مقالو لکي موڪليو اٿن، اهو به هن ۾ شامل آهي، اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر محمد ادريس السندي رحه ضلعي نوشهروفيروز ۾ مخطوطات جا ذخيرا“ جي عنوان تي تحقيقي مقالو ڏنو، اهو به هن ڪهڪشان رنگ ۾ شامل آهي. ڊاڪٽر نور احمد سنڌي صاحب،  ”اضحي جا احڪام، تاريخ، اهميت ۽ فلسفو“ جي عنوان تي آرٽيڪيل ڏنو. تاريخي اعتبار کان ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جو مضمون ”وارهه“ تي لکيل آهي. ان کان علاوه سائين جويي صاحب تي لکيل ٽي آرٽيڪل، جن ۾ هڪ پروفيسر ڊاڪٽر انورفگار هَڪڙي صاحب، محسن جويي صاحب ۽ عبدالرئوف عباسيءَ جا مليا آهن، جيڪي به هن انڊلٺي ڪهڪشان ۾ شامل آهن.

هن پرچي جي تياريءَ ۾ جن به اداري جي ساٿين جو تعاون ۽ سهڪار شامل رهيو آهي، مان انهن سڀني جي ٿورائتي آهيان، جن جي ساٿ ۽ مدد کان سواءِ هيءُ ڪم نامڪمل هو.

ڪا جا آندي ڪيچئين وڻڪاران وائي،

سُڻي مون سائي، نيڻين ننڊ وهه ٿي.

 

(شاهه)

ثمينه ميمڻ

ايڊيٽر (انچارج)

 

 

محمد ابراهيم جويو

 

 

(جنم: 13- آگسٽ 1915ع - وفات:9- نومبر 2017ع)

او سنڌ....!

او سنڌ!

تنهنجون ماٿريون ۽ ميدان،

منهنجي پنهنجي سنڌ!

تو مون کي ڄڻيو،

اڄ ٿو آئون توکان پڇان،

تو مون کي پاليو، نپايو، وڏو ڪيو،

ٻڌاءِ‘

تنهنجي ئي هنج ۾، مون توکي ڏٺو:

تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟

تنهنجو سدا حيات سنڌو درياهه،

تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟

تنهنجون ٻنيون، تنهنجا ٻيلا،

آئون ڪير آهيان؟

تنهنجيون ماٿريون ۽ ميدان،

تون ٿي مون کان پڇين؟

تنهنجا جبل ۽ پهاڙ،

.... ماءُ

تنهنجيون جهوپڙيون، تنهنجا واهڻ ۽ ڳوٺ

آئون.... تنهنجو اولاد!

هي تنهنجا هاري، ڪمي، ڪاسبي ۽ پورهيت

تنهنجي مامتا جي گهراين،

منهنجا ڀائر،

تنهنجي شادابين، سبزين،

هي تنهنجي آسمان جا قسمين قسمين پکي،

تنهنجي مٽيءَ تنهنجي پاڻيءَ، تنهنجي هوا،

هي تنهنجي تلائن ۾ ڍنڍ ۾،

۽ تنهنجي وسعت مان اُٿيل هڪ ٻالڪ!

ڀانت ڀانت جون مڇيون ۽ ننڍڙا جيت،

تنهنجو اولاد....!

هي تنهنجي ٻيلن ۽ جبلن ۾،

تنهنجو آنڊو، تنهنجو هڏ، تنهنجو رت!

گهمندڙ ڦرندڙ طرح طرح جا جانور ۽ حيوان:

منهنجو جسم تون، منهنجو جياپو تون،

تو مون کي ڄڻيو،

هي اسان جا رنگ، اسان جا آواز، هي اسان جون نگاهون:

تو مون کي پاليو، نپايو، وڏو ڪيو،

تنهنجي ئي هنج ۾، مون توکي ڏٺو:

.... منهنجا ئي رنگ، تنهنجا ئي آواز، تنهنجون ئي نگاهون ته آهن!

تنهنجو سدا حيات سنڌو درياهه،

هي سڀئي!

تنهنجيون ٻنيون، تنهنجا ٻيلا،

تنهنجي ئي هنج ۾، مون توکي ڏٺو:

هي ۽ آئون ..... اسين سڀئي تنهنجو ئي ته

 

اولاد آهيون!

 

اسان سڀني جو ساهه، تنهنجي ساهه سان ئي ته ڳنڍيل آهي!

تنهنجي شادابين مان،

اسان سڀني جو جسم، تنهنجي جسم سان ئي ته جڪڙيل آهي

چورائجي ويو....

ديده دانسته ۽ ڏٺو وائٺو!

اسان مان هر ڪوئي، پنهنجيءَ پر ۾ توسان ڳالهائي ٿو،

۽ تون هڪ سوال بڻجي وئينءَ،

.... توکان ڪجهه گهري ٿو، توکان ڪجهه طلبي ٿو:

منهنجي لاءِ، منهنجي ڀائرن لاءِ،

۽ تون،

ڪمين، ڪاسبين ۽ پورهيتن لاءِ

جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي،

جيجل....!

سو سڀ ڪجهه اسان سڀني کي،

..... تڏهن ٿو اڄ توکان آئون پڇان!

اڻ گهريو ۽ اڻ ميو، پئي ٿي هميشه ڏين!

سنڌ! منهنجي پنهنجي سنڌ!

۽ آئون....

منهنجي مهربان مٺڙي ماءُ!

انهيءَ جي عيوض ڪجهه ڏيان،

ٻُڌاءِ....

ڪجهه ڏيڻ چاهيان ٿو،

تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟

۽ ڪجهه ڏيندس

تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟

اهو ڪجهه، جو توکان،

 

تنهنجي وسعتن مان،

 

ٿر جي نالي بابت ڪن مؤرخن، بحث ڪندي لکيو آهي ته؛ اهو سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ سٿل جي بگڙيل صورت آهي. جنهن جي معنيٰ؛”اها خشڪي، جتي پاڻيءَ- ٺنڀ نه هجي.“

ڪن وري، ڀٽ کي ٿري ۽ سندس جمع کي ٿريون چوندي، لکيو آهي؛ ”ڀٽن وارو ملڪ جيڪو، ٿرين جي نسبت سان، ٿر سڏجي ٿو.“ ڪن ته کير مٿان ٿيندڙ ملائي يا ٿر ڏانهن مشابهت ڇڪيندي لکيو آهي؛ ”ٿر جي ايراضي، سنڌ ڌرتيءَ تي ائين آهي، جيئن کير مٿان ٿر!“

لسانيات جي دائري اندر ٿيل تحقيق ۽ جاچ جوچ مطابق؛ ’ٿر‘ لفظ ’ٿل‘ مان نڪتل ٿو معلوم ٿئي. نحوي قانون هيٺ، ’ل‘ جو ’ر‘ ۾ بدلجڻ پڻ، ان جو سبب آهي. يعني ’ٿل‘ مان ’ٿر‘ ائين ٿيو آهي، جيئن ’جل‘ مان ’جر‘ ’هل‘ مان ’هر‘، ’پاتال مان پاتار‘، ’نيلو‘ مان ’نيرو‘ وغيره. اگر ان کي بنياد تسليم ڪجي ته، پوءِ ٿر يا ٿل جي معنيٰ آهي؛ مٽيءَ يا واريءَ جو ڍِڳ، جنهن جو اسم تصغير آهي ٿلو يا ٿلهو.

ابتدائي دور ۾، جڏهن ڪنهن واريءَ جي ڍِڳ، ڊيگهه يا واڌ کائي، ديوار يا ڀت جهڙي شڪل اختيار ڪئي ته ان کي ڀت سڏيو ويو. جيڪو واهپي ۾ اچڻ سان، تبديل ٿي ڀٽ ٿيو ۽ جمع ڀٽون ٿيو. اڳتي هلي، جڏهن هٿرادو مٽيءَ جا ڍِڳ ٺهيا تن کي بٽ سڏيو ويو. جيئن ڀٽ شاهه يا لطيف جي ڀٽ، منڌنِ جي ڀٽ يا منڌر ڀٽ وغيره.

سنڌ جو ٿر، اٽڪل 8496 چورس ميلن تي پکڙيل آهي. ان جي اُتر ۾ هندستان جي رياست جوڌپور ۽ سانگهڙ ضلعي جو کپرو تعلقو، اوڀر ۾ جوڌپور، ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ اولهه ۾ ٽنڊو باگو، ڊگهڙي ۽ عمرڪوٽ آهن.

ٿر، جيڪڏهن هن وقت واريءَ جي دڙن ۽ ٽٻن، ڊِٻن ۽ ڍِڳن جي شڪل ۾ نظر اچي ٿو، ڪي اهڙا اهڃاڻ مليا آهن، جن تحت اهو ڪنهن دور ۾ وسندڙ علائقو هيو. خاص طور تي هاڪڙو ندي، جيڪا ”ڇور يا ڇوڙ شهر“ وٽان داخل ٿي پاري ننگر وٽ سمنڊ ۾ پوندي هئي. مٿس ساکي جو گڍ، پاري ننگر، ويرا واه ۽ ڀوڏيسر جهڙا شهر آباد هئا. مهراڻ ندي تي وري کاروڙو، امراڻو، کيجڙياري، نبي سر، نوهٽو، ساموئي/سامروٽي، ڳاهيار، ونگو، راحموڪي بازار ۽ وڳهه ڪوٽ جهڙا شهر آباد هئا.

 

ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو

 

 

 

سنڌي صورتخطيءَ ۾ واؤلِين، ’ؤ‘ متحرڪ،

ؤ‘ ساڪن ۽ همزي جي بدل ’ؤ‘ جو اڀياس

 

صورتخطيءَ ۾ ڪم ايندڙ ’واؤ‘ کي ’حرف علت‘ (Vowel Letter) جو اکر سمجهيو ويندو آهي، جيڪو وينجڻ (Consonant) توڻي سُر (Vowel) طور ڪم ايندو آهي. هيءُ اکر اهڙو آهي، جنھن تي جيڪڏهن اعراب نه ٿي ڪم آندي وڃي، ته مونجهاري جو سبب بڻجي ٿو. ان جو گهڻو استعمال ڊگهي سُر  (Long vowel) لاءِ ڪيو وڃي ٿو، جنـ هن صورت ۾ ’وينجڻ‘ طور ڪم آڻجي، ان صورت ۾ اعراب (Diacritical Mark) جو استعمال لازمي آهي.

ڊگهن سُرن جي صورتخطيءَ ۾ جيڪي واؤ ڪم آڻجن ٿا، تن کي ٻن نالن سان سڏيو ويندو آهي، هڪ: واؤ معروف، ٻيو: واؤ مجـ هول. خيال خاطر ان جا مثال:

·       واؤ معروف: ڪُوڙُ، جهُورُ، ٻُورِي وغيره.

·       واؤ معروف گهُڻو/ غنو: کٽُون، سليٽُون، تيليُون وغيره.

(نوٽ: هي نالا عربن ڏنا، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ پيش سان واؤ وارو سُر آواز ’اُو‘ آهي، ان سبب ان تي معروف يعني ڄاتل سڃاتل رکيائون.)

·       واؤ مجـ هول: ڇوڪرو، سونُ، اوٽَ وغيره.

·       واؤ مجـ هول گهُڻو/ غنو: مِينـ هون، سُونـ هون وغيره.

(نوٽ: عربن ان کي مجـ هول ان سبب ڪوٺيو جو اهڙو وچٿرو سُر آواز ’او‘ وٽن ڪونهي. جيئن ته هن واؤ تي ڪابه اعراب ڪونهي، ان سبب ان تي اڻ ڄاتل نالو رکيائون.)

سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’واؤ‘ جو اکر ٽن ڊگهن سُرن (Vowels) ۾ ڪم آندو ويندو آهي، جيئن:

او، اُو، اَو

(نوٽ: سنڌي ٻوليءَ ۾ سُر آواز ڪل ڏهه ڪم آندا ويندا آهن، جڏهن ته عربيءَ ۾ ڪل اٺ سُر آواز آهن. ’او‘ ۽ ’اي‘ وارو وچٿرو سُر آواز وٽن ڪونهي. ان سبب انهن تي ’مجـ هول‘ جو نالو رکيُن.)

هن مضمون ۾ سنڌي صورتخطيءَ جي نسبت، ’واؤ معروف‘ ۽ ’واؤ مجـ هول‘ کان هٽي ڪري ان جي دهري/ ٻٽي سُر ۽ متحرڪ توڻي ساڪن ۾ ’واؤ‘ جي مٿان همزي ۽ ان جي بدل واري استعمال کي جاچيو ويندو.

·       سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’همزي مٿان واؤ‘ جو استعمال

سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’همزي سان واؤ‘ چئن حالتن ۾ ڪم آيو آهي:

1.      دهري سُر(Diphthong)/ واؤ لِين ۾ جيئن: سؤ،

2.     پيش واري همزي جي بدل ۾ جيئن: ڦـ هلاؤ

3.     واؤ متحرڪ ۾ جيئن: مُؤَنَّث

4.     واؤ ساڪن ۾ جيئن: مُؤۡمن.

عام طور سنڌي صورتخطيءَ ۾ ٻه حالتون وڌيڪ ڪم آنديون وڃن ٿيون، هڪ: سؤ- ڀؤنر- کؤنر-چؤگرد، ٻي: ڦـ هلاؤ، اٽڪاؤ وغيره.

ٻيون ٻه حالتون: ’مُؤَنَّث‘ ۽ ’مُؤۡمن‘ عربي صورتخطيءَ جي نسبت آهن، جنـ هن جو استعمال عربيءَ جي ڄاڻو استادن وٽ ٿئي ٿو ۽ اهي ئي عربيءَ جي وزنن آهر، اهڙي صورتخطيءَ جي تاڪيد ڪن ٿا.

سنڌي ٻوليءَ ۾، مٿي ڄاڻايل چئن حالتن مان پـ هرين حالت جي لفظن جو تعداد، ڪو گهڻو ڪونهي. عربي صورتخطيءَ ۾ هن قسم جي دهري سُر (اَو) ۾ ڪم ايندڙ ’واؤ‘ لاءِ ’واؤ لِيّن‘ جو اصطلاح ڪم آندو ويندو آهي. عبدالـ هادي سرهيو قرئت جي ’صفت لِيّن‘ بابت ڄاڻائي ٿو ته: ”جن حرفن ۾ اها صفت هوندي آهي، انهن کي ’حرف ليّن‘ چئبو آهي. ’ليّن‘ معنى نرم ڪري پڙهڻ. حرف ليّن ٻه آهن: واؤ ساڪن ۽ ي ساڪن. نوٽ ڪندا ته انهن ’حروف علت‘ جي ماقبل کي مخالف حرڪت يعني زبر هوندي ته پوءِ نرم ڪري پڙهبو؛ مثلاً: طَور، والصَّيف، خؤف.“ (سرهيو، 1976: 30)

سرهئي صاحب جو ڄاڻايل دائرو عربيءَ جي نسبت سان آهي، ان جي مثالن مان صورتخطيءَ جي حوالي سان اها ڄاڻ ملي ٿي ته ’واؤ ليّن‘ جي صورت ۾ زبر يا ٻي صورت ۾ همزي جو استعمال به ٿئي ٿو، جڏهن ته ’ي ليّن‘ ۾ همزي جي استعمال کان سواءِ، صرف زبر جو استعمال ٿيندو آهي. البت، صاحب موصوف جي ڄاڻايل ’واؤ ساڪن ۽ ي ساڪن‘ واري ڳالهه غير علمي ٿي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته ’واؤ لِين‘ يا ’ي ليِن‘ ۾ ڪم آندل ’و‘ يا ’ي‘ وينجڻ (Consonant) يا حرف صحيح ناهن، بلڪ حرف علت آهن جيڪي ساڪن نه ٿيندا آهن. عربي صورتخطيءَ جي نسبت ’حرف علت‘ تي ’جزم‘ مناسب ناهي. اهڙو علمي بحث ڊاڪٽر غلام علي الانا پڻ ڪيو آهي، جيڪو درست رخ سان آهي.(الانا، 1993: 145)

سنڌي ٻوليءَ توڻي صورتخطيءَ ۾ ’واؤ لِين‘واري قسم جي ڊگهن سُرن کي علمي لحاظ کان ڊاڪٽر الانا توڻي ٻين عالمن ’دهرو سُر‘ ڪوٺيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن قسم جي لفظن جو استعمال پورو سارو آهي؛ جيئن: سَو/ سئو/ سؤ. مذڪوره حالت ۾ مقرره صورتخطيءَ جي ضرورت پوندي آهي. ان حالت ۾ هڪ ڳالهه اهم هوندي آهي ته ڪنھن به صورت کي غلط نه ٿو چئي سگهجي. ذاتي اڀياس موجب ٻوليءَ جي عالمن پاران سَو/ سئو/ سؤ مان لفظ ’سؤ‘ کي معياري ڄاتو ويو آهي.

ڊاڪٽر غلام علي الانا ان حوالي سان لکي ٿو ته: ”ڪيترن ئي سنڌي لفظن ۾ هڪ ئي پد وارا (يڪپدا) ’دُهرا سُر‘(Diphthongs) جھڙوڪ: ’ايَ‘ ۽ ’اوَ‘ جي بدران ’ي‘ ۽ ’ؤ‘ به لکيا ويندا آهن. مثال طور:

پيَسو   جي بدران      پئسو

چوَ     جي بدران      چؤ.“   ( الانا، 1993: 117- 118)

(نوٽ: ڊاڪٽر الانا ’دهري سُر‘ سبب، ديوناگري صورتخطيءَ پٽاندر ’واؤ‘ تي زبر جو استعمال ڪري ٿو ٻي صورت ۾ ’همزي وارو واؤ‘ ڪم آڻي ٿو. جڏهن ته سُرهيو صاحب عربي صورتخطيءَ موجب ’واؤ/ يي‘ کان اڳئين اکر تي زبر جو استعمال ڪري ٿو. سنڌي صورتخطيءَ ۾ اهو معاملو به علمي اڀياس سواءِ ٽنگيو پيو آهي، جنھن تي الڳ سان ڪم ڪيو ويو آهي.)

اڀياس موجب، سنڌي صورتخطيءَ ۾ هن قسم جو ’واؤ‘ چئن حالتن ۾ ڪم آيو آهي، جنھن جو مختصر جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو:

3.3.1.   ’واؤ لِين‘ جي حالت جو جائزو

سَو/ سؤ، ڀَو/ ڀؤ، ڍَو/ ڍؤ، چَو/ چؤ، دَور/ دؤر، چَوٻول/ چؤٻول، ڀَونڪ/ ڀؤنڪ، چَونڪ/ چؤنڪ، دَونس/ دؤنس، چَونرو/ چؤنرو، ٽَونر/ ٽؤنر، ٽَونر، ڀئونر/ ڀؤنر/ ڀنئور ۽ ڌئونرو/ ڌؤنرو/ ڌنؤرو،  ڏئونرا/ ڏؤنرا/ ڏنئورا، زنؤر/ زئونر/ زنئور، کَونر/ کئونر/ کؤنر، ڪَونرو/ ڪؤنرو، نئون/ نؤن وغيره.

ان کان علاوه پرنٽ ميڊيا ۾ به ان مسئلي تي نظر رکي وئي آهي، مثلاً: ’مؤزون نفاست‘، ’ادبي ذؤق‘، چؤڪنڊي، بدؤلت، برٽش دؤر (اجواڻي، 2007: 273، 279، 250 ۽ 267، 270، 257)؛ چؤگرد، دؤر. (پنھور، 2008: xvi)

سنڌي صورتخطيءَ ۾ پـ ھرئين قسم جو ’همزي سان واؤ‘ دهري سُر طور ڪم آندو ويندو آهي؛ جهڙوڪ: سؤ، ڀؤ، چؤنرو وغيره. ان صورت ۾ اهڙي قسم جي ڊگهي سُر/ دهري سُر ۾ گهڻي قدر، همزي وارو واؤ ڪم آندو ويندو آهي. سنڌي صورتخطيءَ جي مزاج ۽ مروج ڍنگ کي ڏسندي هيئٺين صورتن کي قائم رکڻ جي راءِ رکجي ٿي:

مختلف صورتون

يڪسان ترجيحي صورت

سَو

سؤ

سئو

سؤ

ڀَو

ڀؤ

ڀوء

ڀؤ

ڍَو

ڍؤ

ڍئو

ڍؤ

چَو

چؤ

چئو

چؤ

دَور

دؤر

دور

دؤر

شَوق

شؤق

------

شؤق

مَوج

مؤج

-----

مؤج

ڀَونڪ

ڀؤنڪ

-----

ڀؤنڪ

چَونڪ

چؤنڪ

چوڪ

چؤنڪ

دَونس

دؤنس

دئونس

دؤنس

چَونرو

چؤنرو

چئونرو

چؤنرو

ٽَونر

ٽؤنر

ٽئونر

ٽؤنر

ڀئونر

ڀؤنر

ڀنئور

ڀؤنر

ڌئونرو

ڌؤنرو

ڌنؤرو

ڌؤنرو

ڏئونرا

ڏؤنرا

ڏنئورا

ڏؤنرا

زئونر

زنؤر

زنئور

زؤنر

کَونر

کؤنر

کئونر

کؤنر

ڪَونرو

ڪؤنرو

ڪئونرو

ڪؤنرو

اضافي راءِ: مٿئين ڍنگ موجب: ’نئون‘ لفظ کي ’نؤن‘ لکڻ جي راءِ رکجي ٿي.

3.3.2.   آخري پيش واري همزي جي بدل جو جائزو

سنڌي صورتخطيءَ ۾ هن قسم جي لفظن ۾ آخري همزو، پيش جي حالت ۾،’ؤ‘ سان به لکيو ويندو آهي، جـ هڙوڪ: وسيع ڦـ هلاؤ (اجواڻي: 2007: 95)، واؤ، اڪلاؤ وغيره.

عام طور سنڌي ٻوليءَ جي صَرف موجب، ڪن لفظن جي آخري ’پيش‘ کي جمع جي صورت ۾ ’زبر‘ ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي، جيئن اُٺُ - اُٺَ؛ پر ڪي لفظ ’آخري همزي‘ وارا اهڙا به آهن، جن ۾ آخري سُر جي مٽجڻ سان گڏوگڏ همزي جو آواز ’واؤ‘ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، جيئن: ڪانءُ- ڪانوَ. يعني، سنڌي لفظن جي واحد صورت ۾ ’همزي‘ جو آواز جڙي ٿو ۽ جمع جي صورت ۾ ’و‘ متحرڪ جو آواز بيـ هي ٿو. اکرن (الف، واؤ ۽ يي) جي اهڙي مٽجڻ واري حالت سبب مذڪوره اکرن لاءِ ’حرف علت‘ جو اصطلاح ڪم آندو ويندو آهي. ياد رهي ته حرف علت جو تصور عربي صورتخطيءَ مان آيل آهي، جنـ هن جي بنيادي لفظن ۾ مذڪوره اکر هڪٻئي ۾ تبديل ٿيندا آهن. سنڌي ٻوليءَ/ صورتخطيءَ ۾ به اهڙن لفظن جو تعداد ملي ٿو، جن ۾ جمع- واحد جي حالت هيٺ، اکرن/ آوازن جو  مٽجڻ ٿئي ٿو، جيئن:

واحد

جمع

گهاءُ

گهاوَ

پاءُ

پاوَ

دٻاءُ

دٻاوَ

ڪانءُ

ڪانوَ

ڏانءُ

ڏانوَ

ٿانءُ

ٿانوَ

وهانءُ

وهانوَ

ائين به ناهي ته ساڳئي گهاڙيتي واري لفظ جو، ساڳي حالت ۾ جمع ٿئي ٿو، چند رشتن وارا لفظ نوٽ ڪري سگھجن ٿا، جيئن:

ماءُ

مائِرون/ مائُون

ڀاءُ

ڀائُرَ

مٿي ڄاڻايل لفظن جي صورتخطيءَ ۾ يڪسانيت رکڻ لاءِ هيٺين راءِ رکجي ٿي:

عام صورتخطي (واحد)

تجويز ڪيل (واحد)

عام صورتخطي (جمع)

گهاءُ

گهاؤ

گهاوَ

تَئُه

تَؤ

تَوَ

پاءُ

پاؤ

پاوَ

دٻاءُ

دٻاؤ

دٻاوَ

ڪانءُ

ڪانؤ

ڪانوَ

ڏانءُ

ڏانؤ

ڏانوَ

ٿانءُ

ٿانؤ

ٿانوَ

وهانءُ

وهانؤ

وهانوَ

تجويز ڪيل صورتخطي جو انداز پرنٽ ميڊيا ۾ به آيل آهي، جيئن: ڪانؤ، ڏانؤ(اجواڻي، 2007:181، 281)

تبصرو: جيئن ته آخري همزي سان واؤ ۾ پيش جو تصور موجود هوندو آهي، ان صورت ۾ ان کي اعراب ڏيڻ جي ڪا ضرورت ڪونه ٿي پئي، جڏهن ته خالي واؤ کي متحرڪ ڄاڻائڻ لاءِ اعراب جي ضرورت بيشڪ پوي ٿي. اهڙو صورتخطيءَ جو انداز به ڪنھن حد تي پرنٽ ميڊيا تي اچي چڪو آهي.

3.3.3.   ’ؤ‘ متحرڪ جي صورت جو جائزو

مُونَّث/ مُؤَنَّث (اسم مفعول، بروزن: مُفَعَّل)، مُوثر/ مُؤَثِّر (اسم فاعل، بروزن: مُفَعِّل)، مُوَرّخ/ مُؤَرِّخ (اسم فاعل، بروزن: مُفَعِّل) مُولِّف/ مُؤَلِّف (اسم فاعل، بروزن: مُفَعِّل) وغيره.

عام طور تي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’مونث‘ لفظ مختلف اعرابن/ آوازن سان سڏيو يا لکيو ويندو آهي، جڏهن ته مذڪوره قسم جا عربي لفظ مختلف وزنن سان فاعل مفعول بڻبا آهن. لفظ ’مونث‘ ۾ ڪم آندل ’و‘ متحرڪ آهي، جنـ هن صورت ۾ سنڌ جي پراڻن عالمن يا ڪاتبن اهڙن لفظن ۾ همزي وارو واؤ (ؤ) ڪم آندو ۽ ڪي آڻين پيا. ان صورت ۾ هيٺين صورتن جي راءِ رکجي ٿي:

مختلف صورتون

ترجيحي صورت

مونث

مؤَنث

مُؤَنَث

مورخ

مؤَرخ

مُؤَرِّخ

موثر

مؤَثر

مؤَثِر

مولف

مؤَلف

مؤَلِّف

موذن

مؤذن 

مُؤَذِن 

نوٽ: سنڌي صورتخطيءَ جي حوالي سان عربي لفظن تي ’شد‘ جي استعمال ۾ نرميءَ کي قبول ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڌارين ٻولين جي لفظن جي صورتخطيءَ جو ممڪن حد تائين احتياط ڪرڻ ۾ انگريزي صورتخطي پڻ محتاط رهندي آهي.

 

3.3.4.   ’ؤ‘ ساڪن جي حالت جو جائزو

مَوۡلُود/ مَؤۡلُود (اسم مفعول، بروزن: مَفۡعُول)، مُ‍‍وۡمِن/ مُؤۡمِن (اسم فاعل، بروزن: مُفۡعِل) وغيره.

لفظ مَوۡلُود/ مَؤۡلُود جو ڇيد:

ٽه- حرفي

مصدر

اسم مفعول

مَــ

فۡــ

ـعُـ

ـو

ـل

مَفۡعُول

ولد

تَوَلُّد

مَفۡعُول

مَــ

اۡ > وۡ

لُـ

ـو

ـد

مَولُود/ مؤلود

ياد رهي ته عربي صورتخطيءَ ۾ ’ا، و، ي‘ حرف علت ان نسبت سڏبا آهن جو بنيادي لفظن ۾ هڪٻئي سان پيا بدلبا آهن؛ لفظ ’مومن‘ جو وڌيڪ ڇيد خيال خاطر هيٺين ريت بيـ هارجي ٿو:

بنياد: ’امن‘، بروزن ’فعل‘؛ مصدر: ’اِيمان‘، بروزن ’اِفۡعال‘؛ اسم فاعل: ’مُوۡمِن‘/ مُؤۡمن، بروزن ’مُفۡعِل‘؛ اسم مفعول: بروزن ’مُفۡعَل‘ مستعمل ناهي.

 

لفظ مُوۡمن/ مُؤۡمن جو ڇيد:

ٽه- حرفي

مصدر

اسم فاعل

مُـ

فۡـ

ـعِـ

ـل

مُفۡعِل

امن

اِيمان

مُفعِل

مُـ

اۡ > وۡ

ـمِـ

ـن

مُوۡمِن/ مؤۡمن

لفظ ’مومن‘ ۾ ’و‘ جو ڪردار سُر وارو ناهي بلڪه ساڪن حالت ۾ وينجڻ آهي؛ لفظ جي اچار جي نوعيت موجب سنڌ جي عالمن ان قسم جي ’واؤ‘ تي همزو ڪم آندو ته جيئن ان جو وينجڻ آواز ڪڍي سگهجي؛ ٻي صورت ۾ عربي صورتخطيءَ جي اها خامي آهي جو جزم واري ’واؤ‘ کي ٻن صورتن: ڊگهي سُر ۽ ساڪن وينجڻ طور ڪم آڻيندا آهن، جنـ هن سبب ڊگهن سُرن ۾ ’جزم‘ جو استعمال رد ٿيڻ جوڳو آهي.

مٿي لفظ ’مومن‘ جي ڪيل ڇيد مان اها به مراد آهي ته ’ا، و ۽ ي‘ عربي اصولن موجب پيا ڦرندا رهندا آهن، جنھن سبب مذڪوره اکر حرف علت سڏبا آهن. ياد رهي ته سُر يا وينجڻ ۽ حرف علت يا حرف صحيح الڳ الڳ دائرا رکندڙ اصطلاح آهن؛ جنھن سبب انـ هن ٻنهي کي ساڳي تُرِيءَ ۾ توري نه ٿو سگھجي.

’ؤ‘ ساڪن جا سنڌي صورتخطيءَ جي حوالي سان چند لفظ هيٺ ڏجن ٿا:

مَؤۡزُون، مَؤۡلُود، مَؤۡجُود (شيوڪاڻي- مترجم، 2007: 215)مُؤۡنِس، مُؤۡرِث، مُؤۡجِد وغيره.

نوٽ: مٿي ذڪر ڪيل اکر ’ؤ‘، جيڪو سنڌي صورتخطيءَ ۾ چئن صورتن: واؤ لِين، مضموم همزي جي بدل، متحرڪ ۽ ساڪن طور استعمال ۾ آيو آهي، سو عربي توڻي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪنـﻫـن لفظ جي اڳيان ڪنـﻫـن به صورت ۾ ڪم نه آيو آهي.

3.3.5.   حاصل مطلب

à واؤ لين/ ؤ متحرڪ/ ؤ ساڪن ۽ مضموم همزي جي بدل طور سنڌي ٻوليءَ ۾ چئن حالتن ۾ ڪم اچي ٿو:

·                               دهري سُر طور، جيئن: سَو، سؤ؛

·                               مضموم همزي طور، جيئن: گھاؤ، ڦـ ھلاؤ؛

·                               واؤ متحرڪ طور، جيئن: مؤَنث، مؤَلف؛

·                               واؤ ساڪن طور، جيئن: مؤۡمن، مَؤۡلود.

 

حوالا/ ذريعا

×   اجواڻي، لعل سنگهه [1970] 2007ع، سنڌي ادب جي تاريخ، سنڌيڪار: هيرو شيوڪاڻي. حيدرآباد: سنڌي ساهت گهر.

×   الانا، غلام علي، ڊاڪٽر[1964] 1993ع، سنڌي صورتخطي- حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

×   پنـﻫـور، ايم. ايڇ (2008ع) آپ بيتي- جڳ بيتي (ايم. ايڇ پنـﻫـور جي آتم ڪـﻫـاڻي) مترجم: حاڪم علي شاه بخاري. حيدرآباد: فينڪس بوڪس ۽ ايم. ايڇ پنـﻫـور ٽرسٽ.

×   سرهيو، عبدالـ هادي (1976ع) علمي تحفو- لاڙڪاڻو: هادي پبليڪيشنس. 

×      شيوڪاڻي، هيرو، مترجم[1970] 2007ع، سنڌي ادب جي تاريخ، ليکڪ: اجواڻي، لعل سنگهه. حيدرآباد: سنڌي ساهت گهر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org