سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2017ع

باب:

صفحو:11 

مرزا ڪاظم رضا بيگ

 

 

 

شاهجهاني جامع مسجد ٺٽو

 

مغل بادشاهه شاهجهان، هيءَ مسجد 9 لک رپين جي خرچ سان اڏائي ٺٽي وارن جو اهو احسان لاٿو، جيڪو هُنن مٿس پنهنجي پيءُ جهانگير بادشاهه سان اختلافن سببان هندستان مان نيڪالي ملڻ بعد پناهه ڏيڻ سان ڪيو هو. مسجد جي تعمير جو ڪم ميرابوالبقا امير خاني ابن امير ابوالقاسم نمڪين بکري جي نگرانيءَ ۾ سنه 1644ع کان شروع ٿيو، ۽ سنه 1647ع جي پايه تڪميل کي پهتو. هيءَ مسجد انهيءَ جاءِ تي تعمير ٿيل آهي، جتي شاهجهان بادشاهه، هڪڙي ننڍڙي مسجد ۾ جلاوطنيءَ واري زماني ۾ نماز پڙهندو هو.

شاهجهاني مسجد جي زيب ۽ زينت جو دارو مدار ڪاشيءَ جي ڪم تي آهي، جنهنڪري هن مسجد کي ننڍي کنڊ ۾ امتيازي حيثيت حاصل آهي. مون شاهي مسجد لاهور به ڏٺي آهي، مسجد وزير خان به ويو آهيان ۽ ٻيون به ڪافي تاريخي مسجدون به ڏٺيون آهن، پر اهو ضرور چوندس ته سنڌ جي هنر ۽ ڪاريگري، ڪاشيءَ جي چمڪندڙ گلن ڦلن جي سرن، چٽسالين ۽ آيتن جي اُڪر هن مسجد کي پنهنجي انفراديت ڏيئي ڇڏي آهي، مسجد تي ٿيل گلڪاري ۽ چٽساليءَ جو ڪم به عمدو ٿيل آهي، بلڪه ڪاشيءِ جو ڪم ڏسي حيرت وٺيو وڃي. آثار قديمه جي ماهرن جو خيال آهي ته جهڙو ڪاشي ڪاريءَ جو ڪم هن مسجد ۾ ٿيل آهي، اهڙو ايران ۾ به ورلي لڀي. محڪمئه آثار قديم جي رپورٽ نمبر- 8 سال 1889ع واريءَ ۾ ڄاڻايل آهي، ته هن مسجد جي اڏاوت تي ان وقت به 9 لک رپيا خرچ ٿيا هئا، سندس بنياد پٿر جا آهن، باقي ٻي سڄي عمارت پڪين سرن جي آهي. مسجد شريف جي مٿان جمله 99 گنبذ آهن، جن مان ٽي وڏا ۽ مرڪزي گنبذ آهن. گنبذن جي اندرئين پاسي ڪاشيءَ جي نهايت عمده چٽسالي ٿيل آهي. سرون نهايت سهڻي نموني سان پاڻ ۾ جوڙيون ويو آهن. سنه 1657ع جيڪو شاهجهان بادشاهه جي حڪومت جو آخري سال هو، ان سال به مير جلال رضوي جي اهتمام سان جامع مسجد ۾ پٿر جو فرش هڻايو ويو. سنه 1692ع ۾ اورنگزيب عالمگير بادشاهه جي عهد ۾ پڻ مسجد ۾ ڪجهه تبديليون ٿيون، جنهن جو ڪتبو، مسجد جي اڀرندي حصي واري وچئين دروازي جي اندرئين ڪناري تي ٽن پاسن کان، پٿر جي ٽڪرن تي نستعليق خط ۾ موجود آهي، جيڪو هن ريت آهي:

بادشاهِه زمانه شاهجهان

جامع تته دلڪشا پر داخت

سال تعمير آن دبيرِ خرد

”قرش مطبوع ودلڪشا“ پرداخت

1068هه

ان کانپوءِ سنڌ جي ٽالپر حڪمران مير مراد علي خان ٽالپر پڻ سنه 1812ع ۾ هن مسجد شريف جي ڪجهه مرمت ڪرائي. هن مسجد جي مرمت جي تڪميل تي مير غلام علي مائل ٺٽوي ڪجهه ماده ۽ تاريخ به لکيون، جيڪي سندس ديوان ۾ شامل آهن ۽ اهي هن ريت آهن:

اين مسجدِ شاهي آنڪه سالش

بد معدنِ فيض پيش ازين

درحال زفيض رشدِ تازه

از دولتِ مير نيڪ آئين

ڪزنامِ علي مرادياب است

دائم بيقائي دولت ودين

ازفيض مراد تازه ترميم

بگرفت بڪام دل چو تزئين

 

فرمود سروشِ غيبم اين سال

”اين معدنِ فيض حاليا بين“

1227هه

ايضاً

شڪر حق ڪز پيروي سنت ختم الرسل

آنڪه واجب ڪرد تعمير مساجد ير عبا

رونق عباد دوران ميرنام آور ڪه او

داد از نام علي حاصل بدوران برمراد

 

انگريزن جي زماني ۾ سنه 1272هه بمطابق 1855ع ۾ سربارٽل فريئرڪمشنر سنڌ، سيد صابرعلي شاهه ابن  مير غلام علي مائل ۽ ميان الله بخش شاڪراڻيءَ جي معرفت چندو ڪرائي هن مسجد جي مرمت ڪرائي، انهيءَ چندي ۾ هزهائينس مير فيض محمد خان ٽالپر والي خيرپور رياست چار هزار روپيه ڏنا ۽ چار هزار رپيا سنڌ جي ٻين معزز ماڻهن ڏنا. (لب تاريخ سنڌ- ص- 101) سنڌ سرڪار به پنج هزار رپيا ڏنا. انهيءَ مرمت لاءِ ڏاکڻين دروازي تي ڪتبو لڳل آهي. 1311هه مطابق 1891ع ۾ وري ٻيو ڀيرو حڪومت مسٽر جيمس ڪمشنر جي  معرفت چندي ذريعي 20500 رپيا گڏ ڪيا.

هن مسجد جي تاريخي عظمت کي برقرار رکڻ ۽ ان کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ جيڪو ڪم 1958ع ۾ هٿ ۾ کنيو ويو، سو 68 لک رپيا جي خرچ سان مڪمل ٿيو. اڳوڻي وزير اعظم پاڪستان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي گهري دلچسپيءَ سببان اهو ڪم مڪمل ٿيڻ ممڪن هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار سنڀالڻ سان سنڌ جي قديمي تاريخي آثارن کي بچائڻ ۽ محفوظ رکڻ تي ڌيان ڏنو. شهيد ڀٽي جي هدايتن تي شاهجهاني مسجد جي مرمت ۽ حفاظت جو ڪم تيزيءَ سان شروع ڪيو ويو.

اڳوڻين حڪومتن طرفان آثار قديمه جي تحفظ سان گهٽ دلچسپيءَ توڙي گهربل فنڊ مهيا نه ڪرڻ ڪري ڪم جي رفتار تمام سست رهي. شاهجهاني مسجد جي مرمت ۽ تحفظ جي ڪم جو به ساڳيو حال رهيو. انهيءَ ڍرائيءَ جو هڪ سبب هيءُ به هو ته هتان جي ڪاشيگرن کي پنهنجي ڪم تي ناز هو، ۽ هنن پنهنجو اهو فن ونڊڻ ورڇڻ بجاءِ پاڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو هو، ۽ ڪنهن به ريت ان کي عام ڪرڻ تي آماده ڪو نه هئا. ٻئي پاسي شاهجهاني مسجد کي اصلوڪو روپ وٺائڻ لاءِ ڪاشيءَ جي سامان جي سخت ضرورت هئي. انهيءَ هوندي به هڪ ناممڪن ڪم کي هٿ ۾ کڻي توڙ تائين پهچائڻ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽي جو شاندار ڪارنامو هو، نه ته اهو ڪم ٻيا انيڪ سال گذرڻ باوجود به راس نه ٿئي ها.

عجيب ڳالهه آهي ته سامونڊي هوا جي هاڃيڪار اثر واري علائقي ۾ هئڻ باوجود، 1647ع کانپوءِ، جڏهن هيءَ مسجد ٺهي راس ٿي، ان جي مرمت وغيره تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو. وقت بوقت ٿيندڙ ٿوري گهڻي مرمت سببان مسجد جي اصل شڪل ۽ زيب ۽ زينت ۾ ڦيرو اچي رهيو هو، ۽ ممڪن هو ته هڪ ڏينهن اها مسجد پنهنجي اصلوڪي سونهن ۽ سوڀيا وڃائي وهي ها، پر عوامي حڪومت جي وقتائتي ڪوشش سان اهو امڪان هميشه لاءِ ختم ٿي ويو هو.

ورهاڱي کانپوءِ اها ذميواري آثار قديمه کاتي جي هئي ته اُهي مسجد جي مرمت ڪرائي ان جو اڳوڻو شان برقرار رکي. ان ڏس ۾ هڪ تفصيلي پروگرام تيار ڪيو ويو، جنهن تي 1958ع ۾ اولهه پاڪستان جي P.W.D کاتي عمل شروع ڪرايو. مسلمان زميندارن کان ڍل جي رقم تي هڪ پئسو في رپيو جي حساب سان چندو وصول ڪيو ويو. اهڙي طرح 5 لک 82 هزار رپيا گڏ ٿيا. پوءِ رٿا جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو، جنهن ۾ ٽي مکيه ڳالهيون هيون. (1) عمارت جي اصل سونهن برقرار رکڻ لاءِ مرمت (2) مسجد جي چوڌاري ميدان جي اصليت برقرار رکڻ ۽ (3) چئني طرفن کان سو فوٽ ويڪرا کليل حصا ساوڪ هيٺ آڻڻ ۽ بجلي جو بندوبست ڪرڻ.

ان وقت جي اولهه پاڪستان سرڪار پهرئين مقصد لاءِ 2 لک 13 هزار رپيا منظور ڪيا، پر پوءِ ڏٺو ويو ته ڪم اندازي کان وڌيڪ آهي ۽ انهيءَ ڪم جا ڪاريگر به ڪو نه هئا، جنهنڪري رٿا تي نظر ثاني ڪري ان لاءِ 18 لک رپيا رکيا ويا. ان بعد ڪم شروع ٿيو.

شاهجهاني مسجد جي ماپ اولهه کان اوڀر 315 فوٽ ۽ اتر کان ڏکڻ 190 فوٽ آهي. پاڪستان ۾ قديمي طرز جي عمارتن مان هيءَ مسجد سڀ کان بهتر آهي. مسجد جي مرمت ۽ حفاظت جو ڪم ان ڪري به ڏکيو ٿي پيو هو جو ڪاشيءَ جي ڪم جو واهپو گهٽجي ويو هو ۽ اهي ماهر ڪاشيگر ئي ڪو نه رهيا هئا. جيڪڏهن ڪو ايڪڙ ٻيهر جهونو ڪاريگر به هو، ته ان ڪم ۾ دلچسپي ڪا نه ورتي ٿي، جنهن ڪري وڏڙا اهو فن به پاڻ سان کڻي ويا. البت نصرپور ۾ انهيءَ ڪم جا ماهر ڪاشيگر موجود هئا. ان وقت نصرپور ۾ ڪل ڇهه ڪٽنب (جن وٽ اهو فن اڃا باقي هو) کي ٺٽي آندو ويو، اهي ڪاريگر هوبهو ساڳئي قسم جون سرون جوڙي رهيا هئا، جيڪي چيروليءَ سان اکڙي ويل سرن جي جاءِ تي لڳايون پئي ويون. اهڙيءَ طر مسجد صدين کان پوءِ پنهنجي اصلوڪي روپ ۾ آئي. ڪاشيءَ جي سرن جي جڙت جو ڪم مڪمل ٿيل آهي. قبن ۾ نيرا ۽ سفيد جرڪندڙ ٽائيلس ڪتب آندل آهن. مسجد کي 99 گنبذ آهن، جن مان ٽي وڏا آهن، ٻه اڀرندي پاسي ۽ هڪ الهندي پاسي. ٽيئي وڏا گنبذ ٿلهن تي بيٺل آهن. جڏهن باقي قبا مسجد جي ڇت تي اڏيل آهن، سواءِ اتر ۽ ڏکڻ وارن دروازن مٿان ٺهيل گنبذن جي، گذريل چار سؤ سالن دوران ٿيل مرمت جي نتيجي ۾ قبن تي جن جا هڪٻئي مٿان پنج پلستر چڙهي ويا هئا، جن جي ٿولهه 18 انچن تائين هئي. ٽن وڏن ۽ اترين ۽ ڏاکڻي دروازن وارن گنبذن کي وري سيمنٽ سان پلستر ڪيو ويو هو. ننڍن گنبذن کي وڏي احتياط سان ٺاهيو ويو، پلستر هٽايو ويو، ۽ نقصان رسيل هنڌن تي ڪاشيءَ جون نيون سرون لڳائي درست ڪيو ويو. اهي 99 قبا هڪ پاسي مسجد جي سونهن ۽ سوڀيا وڌايو بيٺا آهن ته ٻئي پاسي اهي لائوڊ اسپيڪر جو ڪم ڏين ٿا. سو هيئن جو امام صاحب جو آواز هڪ قبي کان ٻئي قبي سان ٽڪرائجي گونج پيدا ڪري ٿو، جنهنڪري اهو ڪنهن به ڪنڊ ۾ بيٺل ماڻهو صاف ٻڌي سگهي ٿو. اهڙي طرح هي قبا لائوڊ اسپيڪر جو نعم البدل آهن.

شروع ۾ مکيه لنگهه اوڀر وارو دروازو هو، جيڪو پوءِ قبي هيٺ ٺهيل قبر جي ڪري بند ٿي ويو. چون ٿا ته اِها قبر مسجد ٺاهڻ واري وڏي رازي جي آهي، جنهن شاهجهان بادشاهه کي درخواست ڪئي هئي ته سندس خدمت جي عيوض وفات بعد کيس انهيءَ جاءِ تي دفن ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي، جيڪا قبول ڪئي ويئي. اتر ۽ ڏکڻ وارا ننڍا دروازا پوءِ ٺهرايا ويا، جيڪي مسجد جي ٻاهرين ڊيگهه جي وچ ۾ آهن، پر مسجد جي صحن جي حساب سان وچ تي ڪونهن، انهيءَ خاميءَ مغل دور جي هن عظيم اڏاوت جي شان ۾ بگاڙ پيدا ڪري وڌو آهي. مسجد جا ٽي دروازا هزارين رپين جي خرچ سان ڳچ عرصو پهرين ٺهرايا ويا هئا. اهي ساڳ مان ٺهيل آهن ۽ انهن تي وڏي مهارت سان ڀرت جي نموني نقش ونگار چٽيل آهن. مسجد جي محرابن جي خاص مرمت جو ڪم هٿ ۾ کڻڻ وقت به وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. مسجد کي چار محراب آهن، جيڪي سڄي عمارت جو سينگار آهن، انهن تي ڪاشيءَ جي سرن جي جڙت سميت پٿر تي قرآني آيتن جو اُڪر جو عمدو ڪم ٿيل آهي. انهن محرابن سان الهندي پاسي وارو محراب وڏو ۽ تمام خوبصورت آهي. محراب جي مکيه ڪماني، جيڪا رنگين سِرن سان ڍڪيل هئي، سا ڀانئجي ٿو ته مٿان جي بار ۽ ڀر واري الهندئين گنبذ جي پاسن ڪمزور پوڻ سببان، ڪِري پيئي هئي. محراب جي چوڌاري لڳل قرآني آيتون، اڪريل پٿر به ڀڄي پيا هئا. پوءِ محراب کي ڊاهي، اصلوڪو روپ ۾ آندو ويو هو.

مسجد جي بنياد ۾ لڳل سرون پڻ ڳري ۽ خراب ٿي ويو هيون، انهن جي جاءِ تي نيون سرون وجهي پيڙهه کي اصلوڪو روپ ڏنو ويو. ديوارن ۾ هيٺ ڏامر لڳل سيمنٽ جون سليبون وڌيون ويون هيون ته جيئن سم جو پاڻي سرن کي نقصان نه پهچائي. ساڳئي ريت سامهون وارين ديوارن، ٿنڀن وغيره مان به ڀُريل سرون ڪڍي، انهن جي جاءِ تي نيون مضبوط سرون لڳايون ويو هيون. سرن جي جڙت چيروليءَ جي گاري سان ڪئي ويئي آهي، جيئن اصل ڪيل هئي. ڪمانون، جن ۾ ڏار پئجي ويا هئا، تن کي سيمنٽ سان مضبوط بڻايو ويو. عمارت جي مکيه حصي، دروازن ۽ ٻاهرين ديوارن جي چئني ڪنڊن ۾ ڪمزور حصن کي درست ڪري، اتي گلن ٻوٽن، اُڪريل پٿر لڳايا ويا هئا. ڀڳل ٽٽل پٿرن جي جاءِ تي نوان پٿر لڳايا ويا هئا. اهو پٿر جنگشاهي جي ويجهو ڄام ڏوٿي واري هنڌ تان حاصل ڪيو ويو.

مسجد جو اصل فرش ڪهڙو هو، تنهن لاءِ ڪو واضح اهڃاڻ موجود نه رهيو آهي. خيال آهي ته اهو پٿر جي سليبن مان ٺهيل هو، جيڪو گهڻي ڳاٺ سببان عام طور کهرو ۽ بيڍنگو ٿي پيو هو. پوءِ وارو فرش شايد انگريز دور ۾ ٻڌو ويو هو. انهيءَ ڪري، ڄام ڏوٿيءَ واري پٿر جي سليبن کي سيمنٽ سان مضبوط بنائي نئون فرش ٻڌو ويو هو. اهڙي طرح، صحن ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻيءَ جي نيڪال جو پهريون ڪهڙو بندوبست هو، تنهن لاءِ يقين سان ڪجهه نٿو چئي سگهجي، خيال آهي ته اهو ڏاکڻين دالانن مان هڪ بندناليءَ ذريعي نڪري، ڏاکڻي پاسي خارج ٿيندو هو. بعد ۾ نڪاسيءَ جو زيرِزمين انتظام ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته اڳيون بندوبست خاطرخواهه ڪونه هو، جنهنڪري صحن ۾ پاڻي گهڻي عرصي تائين بيٺو رهندو هو، نتيجي ۾ پٿر جو فرش جهٽ برباد ٿي ويو.

ماضيءَ ۾ وضوع جو پاڻي هڪ پڪي ٻڌل حوض ۾ ڪٺو ٿيندو هو، جيڪو ڏکڻ اوڀر واري احاطي ۾ هو. استعمال ٿيل پاڻيءَ جو نيڪال هڪ کليل ناليءَ ذريعي ٿيندو هو، جيڪا اوڀر پاسي مڙندي هئي، پر هاڻ انهيءَ مقصد لاءِ سنگ مرمر جا ٻه حوض ٺهرايا ويا هئا، جن ۾ نلڪا لڳل آهن. نمازين جي ويهي وضوع ڪرڻ لاءِ دِڪيون پڻ ٺهرايون ويون آهن، ڪني پاڻيءَ جي نيڪال جي نظام کي زيرِزمين پاڻيءَ سان گنڍيو ويو آهي.

بهرحال، جنوري 1958ع کان وٺي 1972ع جي پڇاڙي تائين، 18 لک رپين جي خرچ سان مٿي ڄاڻايل ڪم مڪمل ڪيا ويا. مارچ 1973ع ۾ آثار قديمه کاتي، مسجد جي اندرين توڙي ٻاهرين خوبصورتيءَ خاطر هڪ جامع رٿا جوڙي، جنهن تي خرچ جو ڪاٿو 50 لک رپيا هو. انهيءَ رٿا پٽاندر زمين حاصل ڪري ان تي گاهه پوکائڻ ۽ ان جي وچ ۾ ننڍا رستا ٺهرائڻ، چوڌاري پٿر جي ڀت ڏيارڻ، ڦوهاري جو تلاءُ، فوٽ پاٿ ۽ شاليمار باغ جي طرز تي ننڍڙيون ٻيٽاريون ۽ باغ ٺهرائڻ، بجليءَ جو انتظام پاڻيءَ جي رسد ۽ عجائب گهر جون اسڪيمون شامل هيون.

شروع ۾ هيءَ مسجد هڪ کليل ميدان ۾ هئي، پرگذريل چئن صدين دوران ماڻهن جي زمين والارڻ ڪري اِها رهائشي جاين ۽ ٻين اڏاوتن سان گهير جي ويئي، ۽ مسجد جي چؤگرد صرف ستن کان ويهن فوٽن جو پٽو باقي بچيو آهي.

شاهجهاني مسجد ۾ ڪاشيءَ جي اعليٰ ڪارڪردگيءَ سان گڏ چٽسالي ۽ نقاشيءَ جي سلسلي ۾ هڪ اهم ۽ نادر ڳالهه اها به آهي جو قرآن پاڪ جون مختلف آيتون ڌار ڌار نموني جي خطن ۾ وڏن گنبذن جي اندرئين پاسي خواه ٻاهران مهاڙي تي اهڙي طرح جڙيل آهن، جو چٽسالي ۽ نقاشي جو جزو به معلوم ٿين ٿيون، ۽ صاف وڏن اکرن ۾ پڙهڻ ۾ به اچن ٿيون. اوڀر واري ايوان جي طاق جي اندرئين طرف سورة فرقان ”تبارک اللذي نزل الفرقان“ لکيل آهي. اتي ڪاتب جو نالو شيخ محمد فاضل بن محمد به لکيل آهي. طاق جي کٻي ۽ ساڄي پاسي، مسجد جي مڪمل ٿيڻ جي قطع فارسي ۾ ڪاتب عبدالغفور جي لکيل آهي، جنهن جي عبارت مان تعمير جي مڪمل ٿيڻ جو هجري سال 1057هه نڪري ٿو، جيڪو هن ريت آهي:

نديده چشمِ فلڪ مسجد بدين خوبي

ڪه آمدن ملائڪه برائي ديدن فيض

بجستم ازفردِ عقل سال تعميرش

بديده ڪرد اشارت ڪه ”هست معدن فيض

                                1057هه

وري ايوان جي اڀرندينءَ ونگ تي، اندرئين پاسي کان هيٺيون ڪتبو لڳل آهي:

چون ز صاحبِ قران شاهجهان

تافت ترتيب مسجدِ اعليٰ

هاتغم گفت سال اتمامش

گشت زيباچو ”مسجدِ اقصيٰ

                     1057هه

اولهه واري حصي جي ٻاهرئين پاسي قرآن پاڪ جي سوره فتح جو آخري رڪوع لکيل آهي. يعني ”لقد صدق الله رسولہ الرويا باالحق“. اهو ثلث خطَ ۾ يعني ٽڪنڊن حرفن ۾ آهي ۽ ڪاتب سيد علي بن سيد عبدالقدوس مازندراني آهي. اهو ڪم شهنشاهه اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ ٿيو ۽ هجري سنه 1104 لکيل آهي. مسجد جي محراب جي مٿان وري ساڳئي ٽڪنڊن اکرن ۾ سوره احزاب جي آيت لکيل آهي ۽ ڪاتب جو نالو بنبو بن حسن لکيل آهي. وڏي گنبذ جي اندرئين پاسي سڄي گولائي ۾ وري سوره اسريٰ يعني ”سبحان اللذي اسريٰ بعبده“ لکيل آهي. اتي تحرير جو نمونو وري مثمن خطَ يعني اٺڪنڊن اکرن ۾ آهي ۽ ڪاتب جو نالو طاهر بن حسن لکيل آهي. ڪاتب طاهر ۽ بنبو ٻئي حسن جا فرزند هئا، ۽ ترخان گهراڻي واري زماني ۾ مشهور ڪاتب ٿي گذريا آهن. سيد علي مازندراني، جنهن اولهه واري گنبذ جي ٻاهرين پاسي سوره فتح لکي آهي، سو ٺٽي جي مشهور خوشنويس مخدوم يوسف بن الياس جو شاگرد هو. انهن سڀني خوشنويسن جو احوال مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”تحفة الڪرام“ ۾ ڏنو آهي. هڪ ٻيو ڪتبو فارسيءَ ۾ اوڀر واري ايوان جي اندرئين پاسي لڳل آهي، جنهن ۾ مسجد جي پٿر جي فرش هڻائڻ جو سال 1068هه لڳل آهي، ۽ ان ۾ فرش هڻائيندڙ جو نالو نواب مير جلال رضوي ڄاڻايل آهي. انهيءَ ڪاتب جو نالو سيد عبدالله حسيني لکيل آهي، جنهن جو لقب ”نازڪ رقم“ ڄاڻايل آهي.

هن تفصيل مان اهو به معلوم ٿيندو ته ان زماني ۾ سنڌ ۾ عربي خوشنويسي جا اهڙا به ماهر هئا، جيڪي ٽڪنڊي ۽ اٺڪنڊي خط ۾ پنهنجو ڪمال ڏيکاري ٿي سگهيا. اُهي ڳالهيون هڪ سياح لاءِ خاص توجهه رکن ٿيون.

سڄي مسجد پنهنجي تاريخ پاڻ ٻڌائي ٿي. هينري ڪزنس لکي ٿو ته:

”هي موڪرن بنيادن واري سرن جي تعمير آهي، جنهن جا بنياد ۽ ونگن جي وچ وارا چوراسا ٺلهه مضبوط پٿر جا آهن. اها وڏي چوڪنڊي شڪل جي نماز جي جاءِ آهي، جيڪا خاص طور اولهه وارو پاسو والاري ٿي. اُتر ڏڱڻ ۾ دالان آهن، جيڪي وڏي صحن سان وڃي ملن ٿا، جن جي 164x97 فوٽ ماپ آهي. سڄي جڳهه 170x305 فوٽ آهي. مهاڙي کان سواءِ ٻيو سڄو پاسو چن جي ليپي سان اڇو ٿيل آهي.“

مسجد جو  اوڀاريون ڇت وارو حصو اميرخاني محلي سان لڳي ٿو، انهيءَ حصي ۾ ڏکڻ توڻي اتر ۾ صحن کليل آهي. ٻنهي صحنن جي ٻاهرين ديوار ۾ هڪ هڪ ننڍو درازو آهي، جيڪو اميرخاني محلي جي گهٽيءَ ۾ کلي ٿو. انهن ٻنهي صحنن جي پاسي ۾ ٽي ٽي ڪمرا آهن، جيڪي شايد نياڻين جي درس لاءِ هئا. اهو اوڀر وارو سمورو حصو پنهنجي نوعيت، ساخت ۽ ماحول سبب معلوم ٿئي ٿو ته، مسجد جو زالاڻو حصو هو، مسجد جي اوڀر واري حصي جي ٻاهرين ديوار سان لڳ پير ڇُٽي جي مزار آهي. مسجد جي اولهه ۽ ڏکڻ واري ڪنڊ ۾، مسجد کان چار پنج سؤ کن قدمن تي مخدوم ابوالقاسم نقشبندي جون جايون هيون.

هن سڄي مسجد تي ايراني فن عمارتسازيءَ جو گهڻو اثر آهي. مسجد جي اندر ڪاشيءَ جو اعليٰ ڪم ٿيل آهي. ڪيتريون ڊزائينون ٺهيل آهن. جن جو ميلاپ حيرت انگيز آهي. مکيه وڏي گنبذ جي نقش ونگار واريون ليڪون ائين ڏسڻ ۾ ٿيون اچن، جيئن اهي هيٺان بيٺل ماڻهوءَ کي ڏسڻ ۾ اينديون آهن. جهڙي قسم جو ڪم آهي ۽ جهڙي نموني رنگن جو ميل رکيل آهي، ائين ٿو لڳي، ڄڻ قبي ۾ ستارا ٽاڪيا ويا آهن، اندر ٽي اهم گنبذ آهن.

99 گنبذن تي مشتمل چوطرف حجرن ۽ بهترين صدر دروازن سان ٺهرايل هن مسجد جي جيتري به ساراهه ڪجي، اها گهٽ آهي. ان دور جي ڪاشي اڄ جي بهترين ٽائلس کي مات ڏيو بيٺي آهي، جڏهن ته اڄ جي ڪم جو سڄو دارومدار ڪارخانن ۽ مشينن تي آهي، ۽ مشيني ڪم کي هٿ جي ڪم تي فوقيت ڏني ويندي آهي. ڪاشيءَ تي گلدانن ۽ آيتن جي چٽساليءَ کي ڏسندي اکيون ٺريون وڃن.

غزل

سانوڻ آيو وڻ وڻ تي آ ساوڪ ۽ سرهائي،

من جي مُکڙي جو مُرجهائي، وري نه ٿي سا سائِي.

هي خاموشي، سرد هوا، ٿي تير ڪَشي تنهائي،

من جا گهاوَ پيا اڄ اُکلي، ياد اوهان جي آئي.

ڪنهن ڪنهن اُن ۾ پاتو آهي تنهنجي من جو موتي،

سمنڊ کان گهري آهي تنهنجي اکڙين جي گهرائي.

ڪن جون اکڙيون سکڻيون سکڻيون جئن پينوءَ جو پاند،

تنهنجون اکڙيون مَيءِ جا پيالا، سخا ڪرن سُرهائي.

کنڀڙاٽيون کوهيندا، هڪٻئي کي به ڏسن ٿا، پو ڀي،

مچ مٿان ڇو آهه پتنگن ايڏي ڀِيڙ لڳائي!

رات اسان جي روح ۾ ڪوئي راڳ ازل کان آيو،

آڳ اُلا هو سارو تن من، ڳالهه اوهان جي ڳائي.

رات اسان جي ڏات ڏسين ها، پُرجهي پاڻ چوين ها،

گيت جي هر هڪ ٻول ۾ ڪئن هيءَ جڳ- سُندرتا آئي.

هيل ’اياز‘ سڄڻ کي ساريو سي ساري سانوڻ ۾،

مينهن اسان لَئه نينهن نه آندو، مٺڙي نانهه نڀائي.

 (شيخ اياز)

 

سنڌي شاعري جو پهريون دور قاضي قادن جي شاعري کان شروع ٿئي ٿو. هو سنڌ جو برک عالم، وڏو بزرگ ۽ سرجڻهار شاعر هو. هن جا وڏا سيوستان (سيوهڻ) جا رهندڙ هئا. جتان لڏي بکر ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي. قاضي قادن جي ولادت اندازاً 880هه مطابق 1471ع ۾ بکر ۾ ٿي. هو ديني ۽ دنيوي علمن جو وڏو ماهر هو. هو تصوف ۽ ويدانتي علمن جو سهڻو ۽ سريلو سنگم هو.

قاضي قادن سنڌ جي تحريري شاعري رچيندڙ هڪ وڏو شاعر هو. هو تحريري شاعري نه ڪري ها ته سنڌي شاعري ترقي ڪيئن ڪري ها. هن جي تحريري شاعري سنڌي ادب، علم ۽ شاعري جوانمول سرمايو آهي.

قاضي قادن سير ۽ سفر جو وڏو شوقين هو. هن ڀر وارن ڳوٺن جا گهڻا دورا ڪيا. هن پنجابي تاريخي ڳوٺن جا به دورا ڪيا. تنهنڪري هن جي شاعري واري زبان اُتر جي ۽ سري جي آهي جنهن ۾ پنجابي ۽ سرائڪي ٻولين جو به اثر قائم آهي.

قاضي قادن جي شاعري دوهن، سورٺن ۽ دوها، سورٺا ميل واري شاعري آهي. هن جي شاعري ۾ ٻه سٽون هونديون آهن. نقادن ٽن ۽ چئن مصراعن وار شعر به ڳولي لڌا آهن.

مهدوي تحريڪ جو اڳواڻ سيد ميران دهلوي جڏهن جيسلمير جي رستي کان ٿي بکر پهتو ته قاضي قادن هن سان مليو تڏهن هن روماني سجاڳي حاصل ڪئي.

”جوڳي جاڳايوس، ستل هوس ننڊ ۾،

تيهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.“

انهيءَ کان پوءِ هو هڪ صاف دل صوفي ۽ وڏو بزرگ بنجي ويو. قاضي قادن جي شاعري شاهه لطيف ۽ ساميءَ جي شاعريءَ جو بنياد آهي. سنڌ جا شاعر قاضي قادن جي ڪلام کان متاثر هئا. جديد سنڌي شاعر به هن جي ڪلام جاعاشق آهن. سنڌ کان ٻاهر وارا سنت به هن جي ڪلام ۽ فڪر کان ڏاڍو متاثر آهن.

 

پروفيسر سروپچندر ”شاد“

       ڪتاب: ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر “

(تحقيقي مضمون) ص 7 تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org