سراج
(چونڊ ڪهاڻي)
اٺون ماڻهو
تنهن رات هن کي اُبتو ٽنگيو هئائون....... تنهن
رات آسمان تي ٿوهر ڄمي پيا هئا!ڇت مان ائين
لڙڪندي، لوهي سيخن جي هن پار، ورانڊي جي ڏيڍي ڇت
جي ٻنڀي وٽ، هن جي رتايل نگاهن ۾، آسمان جو فقط هڪ
ٽڪنڊو ٽڪر سمائجي سگهيو. آسمان جيڪو آزاد هو، پر
رتوڇاڻ ٿي ڀانيو. رت هن جي ماڻڪين ۾ ڇلڪڻ لڳو. هن
جون اکيون، رت جي بار کان چنجهيون ٿيڻ لڳيون. هن
ڀانيو، آسمان تي ٿوهر ڄمي پيا هئا، جيڪي هن جي
اکين کي، هن جي نگاهن کي پوسرائڻ لڳا هئا. آسمان
جو اهو ٽڪنڊو ٽڪر، هن جي اکين ۾ اٽڪي پيو هو، جنهن
جون ڪنڊون واري واري سان ڇڪجي ٿي آيون، وري پنهنجي
جاءِ تي موٽي ٿي ويون. ان ٽڪنڊي ۾ گهڻا تارا
هوندا؟ هن سوچڻ گهريو پر ان سوچ کي ايندي ايندي
ورهيه گذري ويا، آسمان جو ٽڪنڊو پوئتي موٽي ويو ۽
ٽيڏن ڪرڻن جو ٿوهر هن جي اکين جي ماڻڪين ۾ ٽنبجڻ
لڳو، هن جي دل چاهيو ته هٿ وڌائي، ان ٿوهر کي
بيهاري ڇڏي، هن جي اکين جا ڇپر، ان ٿوهر جو بار
کڻڻ کان بنهه عاجز ٿي چڪا هئا. هن ڪوشش ڪئي ته
ڇپرن کي ڍاري ڇڏي، بند ڪري ڇڏي ته جيئن ان ٿوهر جا
ڪنڊا هن جي ماڻڪين ۾ ٽنبجي نه سگهن، پر رت جي ڇوهي
هن جي ڇپرن کي بند ٿيڻ نه ٿي ڏنو، اوڏي مهل هن کي
خيال ٿيو ڄڻ ته هن جون اکيون ڪو بئراج هو، هن جا
ڀنجر بئراج جا دروازا هئا. جيڪي رت جي درياءَ آڏو
بنهه بيوس هئا، اهو خيال ايندي ئي، رت جو ڇوهو هن
جي ڄاڙين ۾ دڙهيا هڻڻ لڳو. لوڻن ۾ نغارا وڄڻ لڳس،
هن جي ڏاڙهي جا وار اُڀار ٿي، هن جي ڳلن ۾ چڀڻ
لڳا. ”مون کي سوچڻ نه گهرجي“ هن سوچيو ”نه ته رت
وري وهڻ شروع ٿي ويندو.“
آخر ائين ٿيو: رت هن جي هڪڙي واڇ مان لار ڪري،
ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ سرون ڏيندو، لوڻي وٽان ڪجهه
وارن ۾ پسرجي ويو ۽ ڪجهه ڪن جي پاپڙيءَ پويان،
ٽيپو ٽيپو ٿي، فرش تي ڪرڻ لڳو. ٿوري دير ۾، ان رت
مان گهڻ ڪنڊو مستطيل ٺهي پيو، آسمان جو آزاد
ٽڪنڊو رت جو گهڻ ڪنڊو غلام مستطيل ٿي پيو آهي. هن
جي ذهن ۾ سوچ، سور جي سٽ بڻجي آئي، اها سوچ، سور
جي سٽ سان گڏ، هن جي نرڙ ۽ لوڻن ۾ اُسري، مٿي چڙهڻ
لڳي، هن جي ڄاڙين کان هن جي ٻنهي ڪلهن جي ڦڻين ۾
اٽڪي پئي، پوءِ اتان ورهائجي وئي، ان جي هڪڙي شاخ
ڪلهن جي ڦڻين مان ٿيڙ کائي، هن جي ڏورن ۾ ڌڙڪڻ
لڳي. سوچ ۽ سور جي اها سٽ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ
گهري ٿيندي وئي، هن جي ڏورن ۾ ڏيڏر ڦٿڪڻ لڳا. هن
ڀانيو ته هن جي ڏورن جون مشڪون، ان بار کان، سٽ
ڏيئي ٽٽي پونديون سور جي اها شاخ هن جي ٺونٺين کي
ضربيندي ڪراين کي چيريندي هٿن جي ڏهن ئي آڱرين جي
اٺاويهن ڏوڏن ۾ ڌنوڻ لڳي. سوچ جي ٻي شاخ، نڙگهٽ
ٽپي، دل ۽ ڦڦڙن ۾ ڦٿڙيون کائڻ لڳي. هن جي دل ۽
ڦڦڙن ۾ سير پيل ڪبوتر ڦٿڪڻ لڳا. ان وقت هن جي ذهن
۾ هڪ اڻ لکي آس جهاتي پاتي: شل، سور جي ان شاخ جي
اها آخري منزل هجي، شل هن جي دل، سور جي ان سٽ سان
ان سوچ جي سهاري بيهي رهي ۽ هن جا ڇپر، هن جي ٻاهر
نڪرندڙ ماڻڪين تي ڍري پون! پر هن جي اها آس به
پوري نه ٿي، سور جي اها شاخ، رت جي درياءَ ۾ شامل
ٿي، اڃا به مٿي چڙهڻ لڳي. هن جي آنڊن گجين مان
گهليندي، هن جي سٿرن، گوڏن، بڪين ۽ مرين کي لوڙهڻ
لڳي.
اوچتو هن ڪرسي سيرڻ جو آواز ٻڌو، اهو آواز هن جي
ڪنن ۽ اکين کي ايڏو ويجهو هو. جو هن جا مڻين ڳرا
ڇپر به جهپڪي پيا، رت جا پڙاڏا، هن جي ڪنن ۾ ٻرڻ
لڳا، هن ائين ڀانيو، ڄڻ هن جي اکين اهو آواز ٻڌو
هو ۽ هن جي ڪنن اهو آواز ڏٺو هو، هن جو بدن سيٽجي
ويو: آسمان جو ٽڪنڊو ۽ روشنيءَ جو ٿوهر، ڪنهن خواب
جي چوسول تي هن جي نظر جي سفر کان اوجهل ٿي ويا، ۽
ان جي بدران خاڪي ڊريس جو مستطيل هن جي ماڻڪين ۾
اٽڪي پيو.
”اوئي..... اڃا به نالا نه ڏيندين؟“
گار ڏيندڙ چپ، هن جي نظر جي مستطيل کان بنهه ٻاهر
هئا، شايد ان ڪري هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته اها
گار، هن جي ۽ خاڪي ڊريس جي مستطيل جي وچ واري پنڌ
۾ اٽڪي بيهي رهي هئي، هن جي ڪنن بدران، هن جي اکين
ان گار کي ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
هو ان ڪوشش ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيون، ان جي بدران،
هن وري ڪرسيءَ جي رڙهڻ جو پڙاڏو بنهه ويجهو پوندو
محسوس ڪيو. هڪ ڌنڌلو خيال، هن جي سوچ جي پڙاڏن ۾
ٻڏڻ ترڻ لڳو ته اها گار، ڪرسيءَ وانگر ڪاٺ جي ٺهيل
هئي، شايد اها گار ۽ اها ڪرسي ساڳئي ڪاٺ مان ٺهيل
هيون، جنهن جو رنگ ان ٿوهر کان اڌارو ورتل هو،
جنهن جون ٽڪنڊيون چهنبيون هن جي اکين ۾ کپنديون ٿي
ويون.
”آخري دفعو ٿو چوانءِ..... ٻڌاءِ ته ٻيا ڪير ڪير
هئا؟ نه ته.......!“
هن جي ڪنن جي ڌنوڻ ۾ اهي لفظ ڌنئون ڌنئون ڪرڻ لڳا.
هن جي ڪنن جون تاڙيون کلي پيون. هن ائين ڀانيو ته
اهي لفظ هن جي ڪنن ۾ اندر اچڻ بدران، ڪنن مان ٻاهر
نڪتا هئا ۽ هنن جي آسپاس، واچوڙي وانگر، گول گول
دائرن ۾ لامارا ڏيئي رهيا هئا: ”نه ته.....نه
ته.... نه ته......!“
هن انهن لفظن کي، پنهنجي ٻاهر نڪتل ماڻڪين سان
وڌيڪ چتائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. هن کي انهن لفظن جي
واچوڙي جي پويان، ڪي ڌنڌليون شڪليون ڇلڪنديون نظر
آيون: ” نه ته.... تنهنجي جوءِ.....“
”نه ته، تنهنجي ماءُ.....“
”نه ته، تنهنجي ڀيڻ....“
هن جون ماڻڪيون، انهن ڌنڌلين صورتن جي بار کان
وڌيڪ ٻاهر نڪري آيون ۽ انهن صورتن ۾ اوگهڙ هن جي
ماڻڪين جي رت ۾ رڱجي ويئي. هن جي دل چاهيو ته ان
اوگهڙ کي وساري ڇڏي، پر ائين نه ٿي سگهيو، پاڻ ڪا
ٻي اوگهڙ، خاڪي ڊريسن جي اوگهڙ، انهيءَ اوگهڙ مٿان
جهولڻ لڳي، ۽ پهريون ڀيرو، هن جي وات مان آواز
چچرجي نڪتو:
”ال.... لاهه“
”ٻچُو، اڃا گهڻو الله کي ياد ڪندين! جيسين نالا نه
ڏيندين، تيسين ائين ئي ابتو ٽنگيو پيو هوندين....
ڀلا پاڻي پيئندين؟“
هن کي پنهنجي چپن جو بيابان ياد اچي ويو، تارونءَ
جي رڃ ۾، هن جي زبان، ”پاڻي“ لفظ ٻڌڻ سان، وڌيڪ
ٺوٺ ٿي وئي. هن ائين ڀانيو ڄڻ هن جي ڄڀ ۾ به ٿوهر
ڄمي پيا هئا: ڪنڊائتا، گهڻ ڪنڊا ٿوهر ۽ اهي ٿوهر
هن جي نڙيءَ ۾ هيٺ لهڻ لڳا، ٿوري پنڌ تي ئي اٽڪي
پيا ۽ سندن چهنبدار ڏانڊيون، هن جي ڪاڪڙي کي رهڙڻ
لڳيون، سڪي سڪي کنگهه جي احساس ئي هن کي ڪنبائي
ڇڏيو. مون کي کنگهڻ نه گهرجي، نه ته رت اونارن ۾
پوڻ لڳندو. آت اچڻ لڳندا ۽ سور جا گهوڙا سنڌ سنڌ ۾
ڊوڙڻ لڳندا. وري ڪرسي سرڻ جو زلزلو، هن جي جسم جي
ٻرندڙ جبل کي ڌوڏي ويو. خاڪي ڊريس جو مستطيل هن کي
ويجهو پوندو ويو. هن جي اکين ۾ گهڙندو آيو.
”چڱو ڀلا، نالا نٿو ٻڌائين ته رڳو اهو ٻڌاءِ ته
ٻيا هٿيار ڪٿي لڪل آهن.“
هن اهي لفظ، پنهنجي جسم جي مٿان سُرندا محسوس ڪيا:
يادگيريءَ جي ڳاڙهن ڏينڀن وانگر، جيڪي هن جي بغلن
۽ هن جي چڏن ۾ چهٽي پيا هئا. هن جي جسم ۾ انهن
ڳاڙهن کنڀن وارن ڏينڀن جي يادگيري موٽي آئي، هيءَ
تڏهن جي ڳالهه هئي، جڏهن خاڪي ڊريس جو مستطيل اڃا
ڪونه بڻيو هو: اڃا فقط ڪاٺ جو ماڻهو هو، جنهن جي
هڪڙي هٿ ۾ نيٽ جو لڪڻ هو ۽ ٻئي هٿ جي وچين ۽ ڏسڻي
آڱر جي وچ ۾ دکيل سگريٽ هو. ڪاٺ جي ماڻهوءَ ۽ هن
جي وچ ۾، جيڪڏهن ڪو رشتو ناتو هو ته فقط ايترو هو
ته هو اتر هو، ۽ هي ڏکڻ، يا اهو ته هن جي هٿ ۾ لڪڻ
هو ۽ هي هٿين خالي هو. ان ۾ هن جو ڪو ڏوهه نه هو.
ان ۾ ڪنهن جو به ڏوهه نه هو ته هو اتر هو، هي ڏکڻ،
البته ان ۾ هن جو ڏوهه ٿي سگهي ٿو ته هن جي هٿ ۾
لڪڻ هو ۽ هي هٿين خالي هو. لڪڻ ۽ خالي هٿ جو رشتو
ڏوهه جو رشتو هو. ان ڏوهه تي هن ايامن کان ڪونه
سوچيو هو. هن فقط ايترو سوچيو هو ته يا هن جي هٿ ۾
لڪڻ نه هئڻ گهرجي يا آءٌ خالي هٿ نه هجان، پر ان
سوچ کان گهڻو اڳ، لڪڻ ۽ خالي هٿ جا فاصلا سميٽجي،
مسجد جي مناري ۽ قبرستان جي حيثيت حاصل ڪري چڪا
هئا... جيئن جيئن هن جا پير سڄندا ويا، تيئن تيئن
نيٽ جو لڪڻ هن جي نظر جي آخري حد بڻجي ويو. ان حد
جي پريان فقط آواز هئا: نيٽ جي لڪڻ جي شپڪي جو
آواز، ڪاٺ جي ماڻهوءَ جي سهڪڻ جو آواز ۽ هن جي
ڦڦڙن مان چيڀاٽجي نڪرندڙ آواز، انهن آوازن ۾ هڪ
نئون رشتو پيدا ٿي پيو هو: وقت جو رشتو، ڳاڻيٽي جو
رشتو، تسلسل جو رشتو، جڏهن ڳاڻيٽو هن جي يادگيريءَ
جون حدون ٽپي ويو. جڏهن تسلسل رفتار جي رڃ ۾ بدلجي
ويو، جيئن بجليءَ جي پکي جا پر تيز رفتاريءَ جي حد
ٽپڻ کان پوءِ هڪ هنڌ بيٺل نظر ايندا آهن، تڏهن وقت
بيهي رهيو: سهپ کان ٻاهر پيڙا بڻجي ويو. هن جي
پيڙيل چپن ۽ ڏندن جي وچان هڪ ريهه چيرجي چچرجي
نڪتي هئي: ”اڙي الا....“
اوچتو ڪاٺ جي ماڻهوءَ جو آواز بيٺل وقت کي
اورانگهي آيو: ”اڙي سوئر جا...“ ”ڪرين ٿو سچي
يا....“ ان ”يا“ جا امڪان هن جي مٿان لامارا ڏيڻ
لڳا، هن انهن امڪانن کي گهوري ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
هن جي اکين ۾ واچوڙا پوسرڻ لڳا هئا ۽ انهن واچوڙن
جي ڌنڌ ۾، اهي امڪان ڊپ ۽ پيڙا جا پاڇولا بڻجي
ڌڌڪڻ لڳا، جيڪي سنگين جي نوڪ کان سنها پر پل صراط
کان وڌيڪ ويڪرا هئا.
”اڙي ڪريوس اگهاڙو.... هي ائين ڪين مڃيندو.....!“
ڪاٺ جي ماڻهوءَ جي آواز جو پڙاڏو، هن جي سُڄي دڙو
ٿيل پيرن سان ٽڪرجي، هن جي سٿڻ جي ورن ۽ پهراڻ جي
آڳي ۾ اٽڪي پيو. هن جي اکين جا واچوڙا بيهي رهيا،
هن اکيون پوري ڇڏيون، بينچ جي ٿڌي ڪاٺ ۽ هن جي ٿڌي
اوگهڙ جي وچ ۾ ٿڌي ڇهاءُ جي احساس کان وڌيڪ، هن
ڪاٺ جي ماڻهوءَ جي اکين ۾ وهندڙ پاري جهڙو ٿڌو رت
ٽهڪندو ٻرندو محسوس ڪيو ۽ اهو احساس ايندي ئي هن
جي چمڙي جتي ڪٿي ڪانڊارجڻ لڳي، هن کي پنهنجو بگو
وهڙو ياد اچي ويو، جنهن کي ڪٽائڻ کان ٿورو اڳ،
سندس چمڙي ڪانڊارجڻ لڳي هئي.
”آخري ڀيرو ٿو پڇانءِ ته هٿيار ڪٿي پوريل آهن؟
صحيح صحيح جواب نه ڏيندين ته هيءَ ڏنڊي.....“
ڪاٺ جي ماڻهوءَ جو دڙڪو، نيٽ جي لڪڻ جي چهنب جي
سهاري، ڊپ جو انگاس بڻجي ويو.
”مون کي ڪا خبر ڪانهي....“ هن کي ياد آيو، اها
يادگيري بيوسيءَ جو جسم اوڙهي، هن جي چپن تائين
آئي، ”تنهنجي معنيٰ ته توکي خبر آهي ته هٿيار
پوريل آهن، پر توکي اها خبر ڪانهي ته ڪٿي پوريل
آهي... ائين نه؟“
ڪاٺ جي ماڻهوءَ هن جي بيوسيءَ جو دڳ ورتو.
”نه..... ها.... نه مون کي ڪا خبر ڪانهي.“
مونجهارن
هن جي ذهن ۽ چپن جي وچ ۾ ويڇا وجهي ڇڏيا هئا، هن
بيوسيءَ مان وري اکيون پوري ڇڏيون.
”ڀلا هٿيار کڻي ڪير آيو هو؟“ ڪاٺ جي ماڻهوءَ سگريٽ
دکائيندي، نئين سوال جو دونهون هن ڏانهن اڇلايو.
هن اکيون کوليون، پر انهن ۾ ڪو جواب ڪونه هو.
”ڀلا جيپ ڪنهن جي هئي؟“
”مون کي ڪا خبر ڪانهي...“ هن ڄڻ پنهنجي پاڻ کي
ٻڌايو.
”چئبو ته هٿيار جيپ ۾ آيا هئا، پر توکي خبر ڪانهي
ته جيپ ڪنهن جي هئي؟“
مونجهارن جو دونهون هن جي چوڌاري ڦهلجڻ لڳو.
”هٿيار.... جيپ.... خبر، مون کي ڪا خبر ڪانهي....“
مونجهارن بيوسيءَ ۾ پناهه ورتي.
”تون شرافت مان ڪو نه سمجهندين....“
ان دڙڪي کي ڪو جسم نه هو، ۽ ڪنهن خيالي ڦوڪڻي
وانگر هن جي مٿان ڦرڻ لڳو، هن ان ڦوڪڻي کي ڪو جسم
ڏيڻ گهريو: مڪن، ٿڦڙن، ٿڏن، لتن ۽ آخرڪار نيٽ جي
لڪڻ جو جسم، في الحال هن جي ڄاڻ ۽ احساس ۾ ان
ڦوڪڻي جو اهوئي جسم ممڪن ٿي ٿي سگهيو، هن بنان
نهارڻ جي ڪاٺ جي ماڻهوءَ ڏانهن اکيون ڦرڙايون: نه
ڏسڻ جي باوجود، ڪاٺ جي ماڻهوءَ جي چپن ۾ دکيل
سگريٽ جو شعلو هن جي اکين ۾ پيهي آيو. هن پنهنجون
اکيون بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: اڃان پنبڻ اکين تي
ڍريائي مس هئا ته امالڪ وري زوريءَ پاڻ هرتو پٽجي
ويا. ان سان گڏ هن جي بدن ۾ هڪ زلزلو آيو ۽ سمورا
بچاءُ بند ٽوڙي ويو، هن جي ڇاتيءَ جا وار سگريٽ جي
شعلي جي آسپاس گهنڊيون گهنڊيون ٿي، سڙندڙ پڄرندڙ
کل جي دونهين ۾ ٻاڦ بڻجي ويا، پنهنجي ئي چمڙيءَ جي
سڙڻ جي بوءِ کي هو سڃاڻي نه سگهيو. البته وارن
منجهان، سڙندڙ اُن جي بوءِ، هن کي ائين محسوس ٿي
ڄڻ ته اها بوءِ هن جي سڄيل، ڦٽيل، نيرا پٽا پٽا
ٿيل پيرن منجهان ٿي آئي ۽ هن جي ناسن تائين
پهچندي، هن جي ڇاتي ۾ گهڙيءَ لاءِ ٽڪي پيئي هئي،
ان بوءِ هن کي ٽانڊي جي اُلي جي يادگيري ڏياري،
جيڪو هن جي ٻنهي ببين جي وچ ۾ رکيو هو ۽ اتي ئي
ڌڳي رهيو هو. هن جي اکين جي ڪنارين ۾ جيڪو پاڻي
ڀرجي ڀرجي ٿي آيو، سو پاڻمرادو، پاڻ هرتو اٿل کائي
هن جي لوندڙين ۾ پيهي آيو.
”ڪيئن؟...اڃا به پنهنجي هوڏ نه ڇڏيندين؟“ ڪاٺ جي
ماڻهوءَ جو آواز، هن جي ببين جي وچ تي رکيل ٽانڊي
جي آسپاس هوا جو جهوٽو بڻجي آيو. هو چُپ، هنجون
اکيون چُپ پر هن جا ڪن وڌيڪ سرلا ٿي ويا هئا. هن
وري نئين سگريٽ ۽ نئين ماچيس جي تيلي جي گهڪي جو
آواز ٻڌو، هن جي ٻنهي بغلن ۾ اوڙاهه ٻري پيا، ٻنهي
چڏن ۾ مچ ٻري پيا، هن جي ڪلهن هن جي گوڏن ۽ هن جي
پيٽ جي ورن ۾ زلزلا ايندا رهيا، باهه جا کنڀ چڙ
رهيا، ٽانڊن جون آويون پچنديون رهيون، هن جي اکين
بدران هاڻ هن جو جسم روئڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته هن جون
اکيون هر زلزلي کان پوءِ وڌيڪ زور سان ڀچي ٿي
ويون، هن جو هيٺيون چپ ڏندن جو اضافي حصو بڻجي
ويو. ۽ پوءِ هڪ زوردار زلزلو، هن جي پيٽ جي
اندرئين پاسي اٿيو، ۽ هن جي اونارن مان پيلو پيلو
زهر ڀڙڪو کائي، هن جي واڇن مان وهڻ لڳو، ان وقت،
هن تمام پري، زلزلن جي پرينءَ ڀر، اهو ڀڻڪو ٻڌو:
”شايد ڏندڻجي ويو: پاڻي هاري هوش ۾ آڻيوس!“
جڏهن هن جون اکيون وري کليون، تڏهن هن کي هڪ ڪاٺ
جي ماڻهوءَ بدران ڪئين ڪاٺ جا ماڻهو نظر آيا، جيڪي
پاڇولن جيان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ڳتيل ها، ۽ سندن چپن
۾ باهه جا ڳاڙهسرا ڏينڀو چنبڙيل هئا، ٿوري دير کان
پوءِ اهي سمورا ماڻهو وري هڪڙو ڪاٺ جو ماڻهو بڻجي
ويا، پر ان ڪاٺ جي ماڻهوءَ کي الاهي چپ هئا، جيڪي
هڪ ڊگهي قطار ۾ هن جي اکين تائين ٿي پهتا، انهن
سمورن چپن ۾ هڪ ئي سگريٽ هو، پر ان سگريٽ ۾ الاهي
شعلا هئا، جيڪي هن جي اکين جي پنبڻين ۾ ٽمڪڻ لڳا.
”هاڻ ڇڏيوس! هوش ۾ اچي ويو آهي.... هي مردود ڏاڍا
سخت جان ٿيندا آهن.“
هن ڪاٺ جي ماڻهوءَ جو آواز پهريان هوريان ۽ پوءِ
ڏاڍيان ٻڌو.“
”هن کي… پاڻي ڏيو...“
”پاڻي.....“ هن جي چپن پاڻيءَ جو خيال ايندي ئي
ٿڙڪڻ شروع ڪيو، هن جي زبان جي بيابان ۾ ٻاٻرا ڪنڊا
ڄمي پيا، ڄڀ هن جي تارونءَ ۾ ڪجهه ڳولڻ لڳي، پر
اتي به رڳو ڪنڊا ئي ڪنڊا هئا. هن گلاس ۾ پاڻي
اوتجندو ٻڌو ۽ ان آواز تي هن جي نڙگهٽ ۾ هوبهو
ساڳيو آواز پيدا ٿيڻ لڳو، ”پاڻي.... ڪهڙو سواد
هوندو آهي، پاڻيءَ ۾؟“ هن جي دل گلاس ۾ اٽڪي پيئي،
جتي پاڻي هو.....
”اچي هان، پاڻي پيءُ....“ ڪنهن چيو.
پر هي ڪهڙو پاڻي هو، جنهن جي ويجهي اچڻ تي، هن جا
آنڊا گجيون ٻاهر اچڻ لاءِ آتا ٿيڻ لڳا هئا. هن
پنهنجا ٺوٺ چپ زور سان ڀڪوڙي ڇڏيا، هن پنهنجون
اکيون وڌيڪ زور سان ڀڪوڙي ڇڏيون. ان جي باوجود،
اهو پاڻي هن جي ويجهو هو. هن جي اندر داخل ٿيڻ جو
جتن ڪري رهيو هو. هن ڪنڌ لاڙي، ان اوپري ويجهائپ
کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي پر گلاس هن جي چپن جي بند
دروازن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش، ۾ هن جي ڏاڙهيءَ ۽ ڳچي ۾
ڇلڪي پيو. هن جا آنڊا گجيون اچي وات ۾ پيا. هن کي
پنهنجي اوگهڙ جو نئين سر احساس ٿيو، بينچ جو ٿڌو
ڪاٺ هن جي اوگهڙ جو حصو بڻجي ويو. هن جي اوگهڙ به
هاڻي ٿڌي پسيل ڪاٺ مان ٺهيل ٿي لڳي، هن کي ناڙا
ڇوڙ جو خيال ٿيو، پر هو خيال ايندي ئي هن کي گلاس
جو خيال آيو ۽ هن کي وري هڏڪي آئي ۽ آنڊا گجيون هن
جي نڙگهٽ ۾ اٽڪي پيا.
”اڙي، اڃا به مڙي وڃ..... رڍ جا..... ڇو ٿو پاڻ کي
مفت ۾ مارائين...... رڳو ايترو ٻڌاءِ ته هٿيار ڪٿي
پوريل آهن ته توکي ڇڏي ڏينداسون....“
هڪ ڊگهو اونهو ساهه هن جي پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيو.
هو ان وڻ کان ڊڄڻ لڳو: ان وڻ جي طوفانن هن جي اکين
جا پٽ کولي ڇڏيا، ڪاٺ جو ماڻهو انهن پٽن اندر پيهي
آيو.
”شاباش... شاباش.... ٻڌاءِ...... هروڀرو ٻين لاءِ
پاڻ کي نه ماراءِ.....“
اهي ”ٻيا“ ڪير هئا، هن سوچيو، پر اها سوچ ايندي ئي
هن جي اکين جا پٽ وري بند ٿي ويا، ۽ هو ڀڻڪيو:
”ٻيا؟!“
”ها ها، ٻيا.... جيڪي توسان گڏ هئا؟“
”مون سان... ٻيا به گڏ هئا؟ ڪير هئا اهي...؟“ هن
جي بند اکين جي ڀنجرن ۾ پاڇولا لرزڻ لڳا.
”اڙي.... جا اولاد، اهوئي ته توکان پڇون ٿا!“ ڪاٺ
جي ماڻهوءَ هن جي اوگهڙ کي نيٽ جي لڪڻ جو احساس
ڏياريو. هن جا ڀنجر ڦڙڪيا، ۽ زور سان ڀچي ويا.
ساهه هن جي لُڪيءَ ۾ ٿوري دير لاءِ اٽڪي پيو، ۽
نيٽ جي لڪڻ جي مٿي کڄڻ سان هن جي ناسن مان ڦوٽاڙجي
ٻاهر نڪتو.
”هي ائين ڪين مڃيندو.... مون کي ڏيو اهو پلاس....
نه نه، اهو نه.... هوءَ وڏي انبوري....“
اهي لفظ هن جي ڪنن توڙي اکين ڪونه سمجهيا، هن کي
الائي ڇو وري پنهنجي اوگهڙ ياد اچي ويئي ۽ ڪو اڊڪو
ڳنڍ بڻجي هن جي لُڪي ۾ اٽڪي پيو. هن جي ببين، بغلن
۽ چڏن ۾ ڊپ جا ڦوڦينڊا نئين سر ڌنئون ڌنئون ڪرڻ
لڳا.
جڏهن هن جي پهرئين آڱوٺي جو ننهن پنهنجو ماس ڇڏي،
انبوريءَ جي لوهه جو رنگ اختيار ڪرڻ لڳو. تڏهن هن
جي لوڻن، ڪنن ۽ اکين جي ماڻڪين ۾ پهريون ڀيرو اهو
سوال پيڙا بڻجي اڀريو ته مون سان ”ٻيا“ ڪير گڏ
هئا؟ اهي ”ٻيا“ هن کان ٻاهر هئا، پر هن محسوس ڪيو
ته اهي ”ٻيا“ هاڻ هن ۾ سمائجي آيا هئا، ۽ هن سان
گڏ ڦٿڪي رهيا هئا، رڙيون ڪري رهيا هئا پر انهن
ڪيڪن ۽ ڦٿڙاٽين جو آواز هن کان گهڻو پري هو، اهو
آواز ايترو ئي جيئرو هو، جيترو هو پاڻ جيئرو هو،
جيترو هن کان ٻاهر ”ٻيا“ جيئرا هئا، پر پوءِ جڏهن
انبوري هن جي ڏسڻي آڱر جي ننهن ۾ ڦٻي ويئي، تڏهن
اهو آواز مري ويو: جڏهن انبوريءَ کي ڇڪ آئي تڏهن
ڪو ڀڻڪو هن جي ڏندن ۾ ٻيڙجي ويو.
”ٻيا..... مون سان..... گڏ...... هئا“
”ڪير هئا اهي ؟“ انبوري هن جي چيچ ۾ چنبڙي پيئي،
هو اهو فيصلو نه ڪري سگهيو ته اها چيچ هئي يا ٻاچ
هئي يا..... هن جي اکين جي تارن جي پويان آڱريون
اگهاڙيون، ننهن بنان آڱرين، کنڀين جيان هن جي اکين
جي ٿاريلي زمين کي چيري ڦاڙي، ڪر کڻي بيهي رهيون.
انهن آڱرين جو ڪو ڳاڻيٽو ئي ڪونه هو پر کنڀين جا
ڦل، رتايل هجڻ جي ڪري هن جي ماڻڪين جي ڀوري ڪاري
رنگ ۾، ڳاڙهي ٽنئور جيان ٽنبيل هئا. هن جي ماڻڪين
جا اهي ڳاڙها ڪارا، ڪارا ڳاڙها ٽنئور ڇپرن کان
ٻاهر نڪري، اتي ئي پنڊ پهڻ بڻجي ويا.
”وري تارا ڦري ويا اٿس. ڏسوس ڀيڻسان مري ته ڪو نه
ويو.....“ ڪاٺ جي ماڻهوءَ جو آواز، هن جي نرڙ تي
پگهر جي ڦڙن ۾ تڙڳڻ لڳو، ۽ پوءِ پاري جهڙي ٿڌ جي
لهر بڻجي، هن جي لوڻن ۾ پيهي ويو.
جڏهن هن جي لوڻن جي برف وگهري، هن جي ڄاڙين کي
ڌونڌاڙڻ لڳي، تڏهن وري هن ڪاٺ جي ماڻهوءَ جو آواز
ٻڌو:
”ڀانئجي ٿو ته هن کي ٻين جي ڪا خبر ڪانهي!“
”ٻين جي خبر هجيس نه هجيس، پر هن کي اها يقيناً
خبر آهي ته هٿيار ڪٿي لڪل آهن.“ هي آواز نئون هو،
ڳرو هو بي پاسو هو، غير جانبدار هو. ڪنهن به جذبي
کان خالي هو.
”پر سچي ڪونه ڪندو“ ڪاٺ جي ماڻهوءَ جي آواز ۾
بيزاري هئي. ٿڪ هو.
”سچي ته هن جو بابو به ڪندو!“ اهو آواز اڃا به غير
جانبدار هو. ڪنهن به جذبي کان خالي هو، ٿڌو هو، بي
پاسو هو.
”اوهين پاڻ ڏسو: اسان هر طريقو آزمائي ڏٺو آهي...
هاڻ ته ڪو لڱ سڄو ڪو نه اٿس، تڏهن به.....“
”هون.... ڀلا زائفائون؟“ ان سوال ۾ پهريون ڀيرو ڪو
جذبو هو، ڪا جانبداري هئي.
”جي ها... اهو نسخو به آزمائي ڏٺوسون: هن جي زال،
هن جي ڀيڻ... ۽ ها، پوڙهي به.... هن جي ماءُ هئي
شايد..... هنن مان هڪڙي پيٽ سان هئي.... ڀرئي
مهيني.... هن جي زال يا هن جي ڀيڻ.... ياد نه ٿو
اچي...“ ڪاٺ جو ماڻهو کليو پر ان کل ۾ به بيزاري
هئي، ٿڪ هو: سڌي سنواٽي کل، جنهن جو ڪو منڍ نه
هوندو آهي، جنهن جي ڪا پڇاڙي نه هوندي آهي، بي
مقصد، بي اطمينان کل.
”هاڻ ڪٿي آهن...؟“ نئين آواز ۾ سختي اچي ويئي، ڪاٽ
پيدا ٿي پئي.
”ڇڏي ڏنوسون... صبح ٿيڻ کان اڳ، مٿان...“
”ڪجهه ڪڇيون...؟“ سوال ۾ هڪ کان وڌيڪ معنائون هيون
يا هڪ ئي معنيٰ جا ٻه سوال هئا.
”ها… نه“ ڪاٺ جي ماڻهوءَ مختصر جواب ڏنو، اُن ۾ سڀ
معنائون گڏيل هيون.
”هي هي...؟“ هي سوال ايترو مختصر نه هو.
”هي... ها“ ذري گهٽ ڇتو ٿي پيو هو ”.... پوءِ
واسطا وڌائين... ليلڙاٽيون ڪيائين... پوءِ
اوڇنگارون ڏئي رنو، منهن گوڏن ۾ ڀڪوڙي، ڳچ وقت
سڏڪندو رهيو، هڙڪندو رهيو.“ ڪاٺ جو ماڻهو، ڪوشش جي
باوجود، مختصر جواب ڏيڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو.
”پوءِ به سچي ڪرڻ جي نه ڪيائين؟“ اهو سوال هجڻ جي
باوجود ڄڻ ته ڪاٺ جي ماڻهوءَ جي جملي جو باقي حصو
هو، جنهن کانسواءِ ڳالهه اڻپوري هئي.
”ها... نه“ ڪاٺ جو ماڻهو وري منجهي پيو.
”۽ هن جا همراهه...؟“ آواز جي سختيءَ ۾ ڪجهه قدر
ماٺائي اچي وئي.
”ٽي ڄڻا دوبدو فائرنگ ۾ مارجي ويا... باقي هڪڙو
جيڪو ڌڪجي پيو هو، سو به اسپتال ۾ مري ويو...“
ڪاٺ جي ماڻهوءَ نيٽ جو لڪڻ ميز تي ائين رکيو ڄڻ ته
نيٽ جو لڪڻ به مري ويو هجي، جنهن سان هاڻ هن جو ڪو
واسطو ڪونه هو.
”۽ اسان جا ماڻهو...؟“ هي سوال ايترو جهيڻو هو، جو
ڪاٺ جي ماڻهوءَ ان جي پڪ ڪرڻ لاءِ مئل نيٽ جو لڪڻ
وري هٿ ۾ کڻي ورتو، ٻئي هٿ تي لڪڻ هڻندي هن چيو:
”اڳين رپورٽ مطابق ست.... تازي رپورٽ مطابق اٺ!“
”سو ڪيئن؟“
”اٺون ماڻهو هنن مان هو... هن پنهنجي رائيفل
پنهنجي کاڏيءَ هيٺ رکي، گهوڙو دٻائي ڇڏيو. ڪن جو
چوڻ آهي ته جڏهن ڳوٺ تي چڙهائي ٿي، تڏهن هن فائر
کولڻ کان انڪار ڪيو... ۽ لاچار هن کي شوٽ ڪرڻو
پيو.... هن جو لاش اَن جي گُنديءَ جي پويان
مليو....“
ان مهل هن کي هڪ ئي وقت ڪيئي خيال آيا: ڪاٺ جو
ماڻهو، خاڪي ڊريس جو مستطيل بڻجي ويو. آسمان جي
ٽڪندي ۾ بي انداز تارا جهرمر ڪرڻ لڳا، روشنيءَ جي
ٿوهر ۾ انڊلٺ جا رنگ ڀرجڻ لڳا، ۽ انهيءَ ست رنگي
نور ۾ هن کي اٺون ماڻهو نظر آيو، جنهن جي هٿ ۾
رائيفل هئي، ڪا آس مرڪ بڻجي، هن جي چيريل چچريل
چپن جي ڦوڦينڊن ۾ ڦهلجي وئي، ۽ هن پنهنجو سمورو ست
آخري پساهن ۾ گڏ ڪندي چيو:
”مان اوهان کي ڪجهه نه ٻڌائيندس!“
ايوب
عمراڻي
آٿــــت
شهر جو سڀ کان وڏو ۽ مهانگو آڊيٽوريم اديبن،
شاعرن، دانشورن ۽ پڙهندڙن سان ٽٻاٽپ هو. اڄ هڪ
جديد دور جي جديد ڪهاڻيڪاره ماهه روز جي جديد
ڪهاڻين جي مجموعي ”ڪا سار ته لهبي آ“ جي تقريب
رونمائي هئي. پروگرام جي صدارت ۽ خاص مهمانن لاءِ
اُهي ئي پوڙها ۽ بيمار ۽ رٽائرڊ اديب اسٽيج تي
جلوه افروز هئا، انهن ۾ ڪي انڌا، ڪي گنجا ته ڪي
منڊا ۽ وڏن ڦوڪيل پيٽن وارا به هئا. انهن اديبن
ڪنهن زماني ۾ ڪهاڻين جو هڪ ٻه ڪتاب ڏيئي مشهوري
ماڻڻ کان پوءِ لکڻ ڇڏي ڏنو هو، هاڻي بس سندن گذر
ڪتابن جا مهاڳ لکڻ، ادبي پروگرامن جون صدارتون
ڪرڻ، سرڪاري ادارن جا ڊائريڪٽر ۽ چيئرمين ٿيڻ ۽
سرڪار جي خرچ تي اديبن جي وفدن سان ملڪي ۽ غير
ملڪي دورا ڪرڻ هو .
اسٽيج تي انهن گٺل پيٺل ڪردارن جي ڀرسان هڪ
خوبصورت ڇوڪري ويٺي هئي جيڪا سڀني جي توجهه جو
مرڪز هئي. هوءَ مرڪي مرڪي حاضرين کي ڏسي رهي هئي ۽
حاضرين به کيس ڏسي مرڪي رهيا هئا. حاضرين ان من
موهڻي ڪهاڻيڪاره کي ٻڌڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا ۽
ان انتظار ۾ هنن پراڻن بور اديبن جون تقريرن جي
نالي ۾ لٻاڙ بازيون برداشت پئي ڪيون. هال جي در وٽ
هڪ ٺڙڪو ڪهاڻيڪار بيٺو سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو هو ۽ ماهه
روز جي ڀاڳ تي ريس ڪري رهيو هو، سڄي عمر ڪهاڻيون
لکيون، پر مڃتا ماڻي نه سگهيو هو ۽ ماهه روز صرف
ڏهه ڪهاڻيون لکي، ادب جي آسمان تي چنڊ جيان چمڪي
رهي هئي، ان ٺُڙڪو ڪهاڻيڪار جو نالو علي نواز هو.
هُو قد جو ڊگهو سنهڙو سيپڪڙو ميرن ڪپڙن، وڌيل
ڏاڙهي ۽ وکريل وارن سان ٿڌا ساهه کڻي مقررين کي
ٻڌي رهيو هو.
پهرئين نور ماهه روز کي جديد سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾
نمائنده ڪهاڻيڪاره قرار ڏنو. هن چيو ته مون ڪنهن
زماني ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ کي گولي هڻي ماريو هو، پر
هاڻي ماهه روز مئل ڪهاڻيءَ کي ٻيهر زندهه ڪيو آهي
ته مان به ڪهاڻيءَ تي احسان ڪندي پنهنجي گولي واپس
ٿو وٽان. ٻئي مقرر ماهه روز جي ڪهاڻين کي هنر سنڌ
۽ دنيا جي وڏن ڪهاڻيڪاري سان ڀيٽ ڏني ۽ دليلن سان
ثابت ڪيو ته ماهه روز جون ڪهاڻيون انهن ليکڪن جي
ڪهاڻين کان به مٿانهيون آهن. ٽئين، چوٿين ۽ پنجين
مقرر به اهڙي گوهر افشاني ڪئي. آخر ۾ مهمان خاص
فرمايو ته، اڄڪلهه نوجوانن کي لکڻ نٿو اچي، انهن
وٽ مطالعو ۽ مشاهدو نه آهي، انهن جا خيال، تصور ۽
احساس ڪمزور آهن. هنن وٽ فن ۽ فڪر به نه آهي. هُو
لڪير جا فقير آهن ۽ جدت نالي هنن وٽ ڪجهه به نه
آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ماهه روز ڪهاڻين جو هيءُ
مجموعو ڏيئي سنڌي ڪهاڻيءَ کي هڪ نشاة ثانيه ڏنو
آهي. ان تي ماه روز شرمائي مرڪي ته وڌيڪ سهڻي ٿي
پئي، حاضرين کي سندس اِها ادا تمام گهڻي وڻي،
تاڙين جا ڦهڪا ٿي ويا.
پروگرام جي ڪمپيئرنگ هڪ گنجو ٿلهو ۽ پراڻو براڊ
ڪاسٽر ڪري رهيو هو، جنهن سڄي عمر هڪڙو ئي ڪم ڪيو
هو. يعني ڪمپيئرنگ: کيس ٺاهوڪي شاعري ياد هئي. هر
ڀيري شعر پڙهي ماڻهن کي محظوظ ڪرڻ سندس ڏائي هٿ جو
کيل هو. اڄ جڏهن هڪ پري پيڪر ڪهاڻيڪاره سندس
سامهون هئي ته بار بار شعر وسري ٿي ويس. نيٺ مس مس
هن هڪ خوبصورت شعر پڙهيو ۽ ليکڪا کي ڳالهائڻ لاءِ
سڏيو. صدارت ڪندڙ مستقل بيمار دانشور جيڪو ڪنهن
زماني ۾ ڪهاڻيڪار به هو، ان کي اڃا تقرير جو وارو
نه مليو هو سو ڪرسيءَ تي ئي ننڊ وٺي ويس، ڄڻ اديب
نه هجي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ سرڪاري ڌر جو ميمبر هجي.
کيس ننڊ پيل ڏسي نئين ٽهيءَ جا ڇوڪراٽ هوڪرا ڪري
رهيا هئا، پر جڏهن پرين جهڙي سهڻي ڪهاڻيڪاره
پنهنجي لکيل تقرير پرس مان ڪڍي ته مڙني کڻي ماٺ
ڪئي. سڀني تاڙيون وڄائي سندس آجيان ڪئي. انهن
تاڙيون وڄائڻ وارن ۾ ڪهاڻيڪار علي نواز به شامل
هو. ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته علي نواز ماهه روز
جي ايڏي لئه ڏسي سڙندو پڄرندو، هن کي بڇان ايندي
هُو چوندو ڪالهوڪي ڇوڪري هن کي ڪهڙي خبر ته لکڻ ڇا
ٿيندو آهي. اتفاق سان ڪتاب ڇپجي پيس ته ٽنڊ مان ٿي
ٽڪر ٿئي. جيئن عام طرح اديب هڪٻئي سان ساڙ پليندا
آهن پر علي نواز ائين نه ڪيو، هُو ماهه روز جي
ايڏي پذيرائيءَ تي سڙي پڄري نه رهيو هو بلڪه خوش
ٿي رهيو هو!
ماهه روز هڪ اياز جو شعر پڙهيو ۽ پوءِ سندس اکين ۾
پاڻي اچي ويو. اها خوبصورت پرين جهڙي ڇوڪري جيڪا
ڪجهه وقت اڳ مُرڪي رهي هئي ته ائين محسوس ٿي رهيو
هو ڄڻ ڪائنات مرڪي رهي آهي، پر جڏهن سندس اکين ۾
ڳوڙها آيا ته سڀني کي محسوس ٿيو ڄڻ ڪائنات روئي
رهي آهي!
نيٺ مس مس ماهه روز ٽٽل ڦٽل لفظن سان پنهنجي تقرير
جي شروعات ڪئي، چيائين:
”آءٌ توهان سڀني جي ٿورائتي آهيان جو توهان منهنجي
ايتري عزت افزائي ڪئي. سچ اهو آهي ته هن عزت
افزائيءَ جو حقيقي مستحق نالي وارو ڪهاڻيڪار جناب
علي نواز آهي!“
”علي نواز!“
سڀني ماڻهن علي نواز جو نالو وٺي حيرانيءَ جو
اظهار ڪيو. اسٽيج تي ويٺل ٺڙڪو ۽ خزاني جي نانگن
جهڙا پراڻا اديب، علي نواز جو نالو ٻڌي ائين ڇرڪيا
ڄڻ سندن اکين ۾ ڪنهن ڪنڊو هڻي ڪڍيو هجي. هنن سڄي
عمر ڪنهن جي اديب هئڻ ۽ نه هئڻ جا سرٽيفڪيٽ ورهايا
هئا ۽ علي نواز جي حصي ۾ ڪڏهن به ڪو سرٽيفڪيٽ اچي
نه سگهيو هو. علي نواز غريب ۽ خود دار ڪهاڻيڪار
هو. هن سينئر ڪهاڻيڪارن جي ڪڏهن به چمچا گيري نه
ڪئي هئي. نه هنن سان شراب جي محفل ۾ ويٺو هو، نه
ڪڏهن ڪنهن سٺي هوٽل ۾ سندن دعوت ڪئي هئائين، نه ئي
وري ڪو تحفو ڏنو هئائين، تنهنڪري سينئر ڪهاڻيڪارن
جي نظر ۾ هُو ڇَسو ۽ واهيات ليکڪ هو. بس اهو ئي
سرٽيفڪيٽ ماڻيو هو، پر اڄ جڏهن هڪ پري پيڪر علي
نواز کي پاڻ کان وڏو مرتبو ڏئي ڇڏيو ته سينئرز کي
پيٽ ۾ اهڙي ولوڙ ٿي پئي ڄڻ جمال گهوٽو کائي آيا
هجن! پر پوءِ به مجبوريءَ ۾ سُور پِي ويا جو سندن
وڏي کي اڃا صدارتي تقرير ڪرڻي هئي! پر ماهه روز ته
اڃا به ڏهه قدم اڳتي وڌي وئي. سڏڪندي چيائين: علي
نواز هڪ عظيم ڪَهاڻيڪار آهي، پر هن سان وڏو ظلم
ڪيو ويو آهي. هُو گذريل ٽيهن سالن کان لکي رهيو
آهي. پر نه کيس ڪهاڻيڪار تسلم ڪيو ويو آهي، نه ئي
سندس ڪتاب آندو ويو آهي، کيس ڪنهن به سرڪاري يا
غير سرڪاري ادبي پروگرام ۾ دعوت نه ملي آهي، وڏي
افسوس جي ڳالهه آهي جو هتي ادب جا معيار پئسو،
رتبو، طاقت رعب ۽ دٻدٻو آهي، جن وٽ اهي شيون آهن،
اهي ئي اديب آهن جن وٽ ناهن، اهي ڀلي ڪيڏو به سُٺو
لکن، پر ڪنهن به صورت ۾ اديب نه مڃيا ويندا.
منهنجي بابا سان به ائين ٿيو آهي!“
”تنهنجو بابا!؟“ خزاني جي نانگ جهڙي اسٽيج تي ويٺل
ٺڙڪو اديب کان رڙ نڪري وئي.
”ها منهنجو بابا!“ ماهه روز پوري اعتماد سان چيو
”هن مجموعي ۾ جيڪي به ڪهاڻيون آهن، اهي منهنجي
بابا علي نواز جون لکيل آهن. اهي ساڳيون ڪهاڻيون
مختلف رسالن ۾ بابا جي نالي سان ڇپيون ته بابا کي
ڪا به پذيرائي نه ملي. بابا توهان جهڙن اديبن کان
انتقام وٺڻ لاءِ هيءُ ڪتاب منهنجي نالي سان ڇپرايو
آهي. ها مان اهو به ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته اڄڪلهه
اديب ٿيڻ لاءِ نوجوان ۽ خوبصورت ڇوڪري هئڻ به
ضروري آهي. ڏسو منهنجو ڪتاب به ڇپجي ويو آهي ۽ مان
ڪهاڻيڪاره به ٿي ويئي آهيان ڇو ته ڇوڪري آهيان!“
ماهه روز کي پڪ هئي ته هوءَ ان طرح سان ٺڙڪو ۽
پوڙهن بيمار اديبن کي قائل ڪندي. هُو شرمندا ٿيندا
۽ علي نواز جي ڪيل ادبي پورهئي کي تسليم ڪندا، پر
اها هن جي غلطي هئي، هو نه شرمندا ٿيا نه ئي
پنهنجي غلطي تسيلم ڪيائون. الٽو ماهه روز تي
ڪاوڙجي پيا!
هڪڙي چيو: ”اسان سان دوکو ڪيو ويو آهي. هڪ ٽڪي جي
ڇوڪري اسان کي شرمائڻ ٿي چاهي!“
ٻئي چيو: ”هلو ته هلون!“
ٽئين چيو: ”ائين وري ڪيئن هلنداسين جيستائين علي
نواز ۽ ان جي ڌيءُ معافي نٿا وٺن، پاڻ هتي ويهي
احتجاج ڪنداسين!“
هيٺ سامعين ۾ به گوڙ ٿي ويو، جيترا هئا وات
اوتريون هيون ڳالهيون. هڪ هڪ ٿي ماڻهو هليا ويا،
ماهه روز جي پوري تقرير ڪنهن به نه ٻڌي. آخر اهو
ٿيو جو هال ۾ علي نواز ۽ ماهه روز اڪيلا رهجي ويا.
علي نواز چيو: ”ڌيءَ توهي ڇا ڪيو! سڀني کي
ڪاوڙائي وڌئي!“
ماهه روز مرڪندي چيو: ”هنن کي سندن اصل چهرو
ڏيکارڻ ضروري هو بابا، هل ته گهر هلون.“
تڏهن علي نواز محسوس ڪيو ته هن جيڪو ڪهاڻيءَ سان
عشق ڪيو هو، اڄ سندس عشق جي تڪميل ٿي ويئي آهي.
تڏهن هن وڏي آٿت محسوس ڪئي. |