عبدالرئوف عباسي
محمد ابراهيم جويو:
علم ۽ ادراڪ جو
صاحب
09- نومبر 2017ع جي صبح جو هند- سنڌ جو هاڪارو
دانشور سائين محمد ابراهيم جويو 102 ورهين جي ڄمار
۾ گذاري ويو.
سائين محمد ابراهيم جويو، سنڌ جي ترقي پسند ۽
محبانِ سنڌ طور، پنهنجي شناخت برقرار رکي. هُو،
پنهنجي شعوري ڄمار کان مرڻ گهڙيءَ تائين، اصولن ۽
آدرشن تي اٽل بيٺو رهيو.
جوئي صاحب، جي تخليق، ترجمي توڙي ٻي ادبي ڪارگذاري
واري ڇپيل مواد جو ڳاڻيٽو 60 ڪتابن جي لڳ ڀڳ آهي.
جوئي صاحب جو ”گليلو گليلي“ اهڙي وقت ۾ سنڌي ۾
ترجمو ٿيو، جڏهن اڃا، اُهو اردوءَ ۾ به ترجمو نه
ٿيو هو. سندس، علمي/فڪري پورهيو، نوجوان نسل لاءِ
ڪارگر ثابت ٿيو. هُن جي ان پورهئي مان پنجن نسلن
لاڀ ورتو آهي.
جوئي صاحب، عالمي ادب مان جيڪي به ترجما ڪيا، اُهي
گهڻا تڻا فڪري ۽ نظرياتي انداز جا هئا. جيڪي هئا
ته خشڪ، پر، جن کي لنؤن لڳل هئي، اُهي پهرين ويهڪ
۾ ئي، سندس ڪتاب پورو ڪري ڇڏيندا هئا.
محمد ابراهيم جويو صاحب، پنهنجو شهره آفاق ڪتاب
’سنڌ بچايو، ننڍو کنڊ بچايو‘ انگريزيءَ ۾ لکي،
پنهنجي وطن لاءِ داد فرياد ڪيو.
جوئي صاحب، ادبي سنگت، سنڌي ادبي بورڊ، بزم صوفياء
سنڌ، سنڌ قومي اتحاد، انجمن ترقي پسند مصنفين
توڻي، ٻين اڪيچار ادبي/ علمي تنظيمن ۾ پاڻ کي شامل
رکيو.
سندس خيال ڌارا، انهن عظيم هستين سان سلهاڙيل رهي،
جن کي سارو جڳ جهان حيدربخش جتوئي، عبدالڪريم
گدائي، پير حسام الدين راشدي، سوڀوگيانچنداڻي،
جمال الدين ابڙو، جمال الدين بخاري، شيخ اياز،
رشيد ڀٽي جهڙن سونهارن نالن سان سڃاڻي ٿو.
جوئي صاحب، فڪري حوالي کان اڪيچار ۽ اڻ مٽ نقش
ڇڏيا آهن. پر سندس ڪتاب شاهه، سچل، سامي سندس،
حقيقي ڪاوش جي حوالي کان تڪراري آهي. سامي، شاهه ۽
سچل جي جتيءَ ۾ پير ڪيئن وجهي سگهندو؟ اها ڳالهه
عجب جهڙي آهي. ٻيو ته سامي، اُن ليول جو شاعر آهي
ڪٿي؟ ائين هُجي ها، ته ڪو ٻيو محقق به سامي کي،
اُن حوالي کان ضرور کڻي ها، جنهن حوالي کان کيس
جوئي صاحب، کنيو آهي.
جوئي صاحب، کي سامي بجاءِ، خواجه غلام فريد جي
شاعريءَ جي اوک ڊوک ڪرڻ گهرجي ها، ته وڌيڪ بهتر
هو. هن جي فڪري لائين ڪهڙي به هئي، پوءِ به راءِ
سَهاسي کان ويندي، هوشو شيديءَ تائين، سڀئي سنڌي
سُورما، هُن جا آئيڊيل رهيا.
محمد ابراهيم جوئي کي سچ لکڻ جي ڪري، صوبي بدريءَ
جا حڪم ناما مليا، سنڌ مدرسة الاسلام مان نوڪريءَ
مان نيڪالي، ٻيون الائي ڪيتريون عقوبتون!! پر هُن
ڪڏهن به، پاڻ کي هيڻو ۽ سست نه سمجهيو، جيئن ٿڌ،
تيئن وڌ.
جوئي صاحب، به وڏيري شاهنواز جوڻيجي، حفيظ قريشي
(سينئر)، سوڀي گيانچنداڻي جيئان جي.ايم.سيد صاحب،
سان رس رهاڻ برقرار رکندي، پليجي صاحب، کي به ڪڏهن
نه وساريو.
اها سندس اعليٰ ظرفي ۽ ڪشاده دلي هئي. ڇاڪاڻ ته
مٿيون ذڪر ڪيل ٻئي هستيون، اسان جي ٻولي، ادب،
سماج ۽ قومي خدمتن جي حوالي کان، ڪنهن کان ڳجهيون
ناهن.
اياز جي ڪتابن جا مهاڳ لکڻ، اياز کي متعارف ڪرڻ جو
فن به ڪو جوئي صاحب کان سکي ها. هونءَ ته اياز جي
ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتابن تي رشيد ڀٽيءَ، سراج ۽ ماهتاب
محبوب به لکيو آهي، پر جوئي صاحب، جي چونڊ، اياز
لاءِ ڪافي ڪارائتي ثابت ٿي.
لکڻ به هڪ اعليٰ قسم جو فن آهي. اياز، جي ناٽڪ
’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ جو مهاڳ، جهڙو ۽ جيئن رشيد
ڀٽي لکيو آهي، اهو ڏندين آڱريون، وجهڻ لاءِ ڪافي
آهي.
اياز، ذاتي حاصلات لاءِ، ڪافي اڪابرين سنڌ کي
نظرانداز ڪيو، پر جوئي صاحب، اهڙيون شعوري
ڪوتاهيون نه ڪيون. جوئي صاحب، جو ٻولي، ادب، سماج
ڏانهن جوابده رهڻ، خاص طور تعليم جي حوالي کان به،
هڪ اُتساهيندڙ عمل آهي. سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾
رهندي، هن نصاب جي جوڙجڪ ۽ تبديليءَ لاءِ جيڪي
ڪوششون ورتيون، اُهي پڻ ساراهه لائق آهن.
جوئي صاحب، جو وڇوڙو، بلاشڪ سنڌ واسين لاءِ هڪ وڏو
صدمو آهي.
دين محمد ڪلهوڙو
سؤ سالن
جون چونڊ سنڌي ڪهاڻيون-1
(مختصر تبصرو)
.
ويجهڙ ۾ افسانوي ادب ۾ ڪي چڱيون اڳڀرايون ٿيون
آهن. رسالا، مخزن، ڪتابَ ۽ اخبارون نظرن مان گذرن
ٿيون ته اسان کي افسانوي ادب ۾ ڪي نوان لاڙا،
رجحان ۽ تحرڪ نظر اچن ٿا، ۽ گڏوگڏ اُن رفتار کي
تيزي وٺائڻ ۽ هڪ فڪري ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اسان جي
سينيئر ۽ بزرگ اديبن جون ورتل ڪوششون به نظر اچن
ٿيون.
افسانوي ادب سان تعلق رکندڙ ڪهاڻيءَ جي سلسلي ۾
اسان جي نامور ۽ ڪُهنه مشق ڪهاڻيڪار سائين شوڪت
حسين شوري پهرين عالمگير جنگ (1914ع) کان 2014ع
تائين پوري هڪ صديءَ تي مشتمل تحرير هيٺ آيل
ڪهاڻين/ افسانن مان چونڊ ڪري عاليشان ڪتاب سهيڙڻ
جي ابتدا ڪئي آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ 50 ڪهاڻين/
افسانن تي مبني هڪ وڻندڙ ”ڪهاڻيات“ ڪتاب تيار ڪري
پڙهندڙن جي آڏو رکيو آهي. هيءُ هڪ وڏو ضخيم ۽
چيڙهالو ڪم آهي، جنهن تي شوڪت حسين شوري صاحب
نهايت دلجمعي ۽ تندهيءَ سان ڪم ڪيو آهي. هن
خوبصورت تحفي پيش ڪرڻ تي مرتب کي بيشڪ مبارڪباد
ڏجي، ۽ وري شابس ڏجي سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر
اسحاق سميجي صاحب کي، جنهن نه رڳو پنهنجي نگرانيءَ
۾ هيءُ ڪتاب ڇپائڻ جو اهتمام ڪيو، پر نهايت
شانائتي انداز ۾ ”ٻه اکر“ لکي شوڪت صاحب جي ڪم کي
ساراهيو به آهي ۽ هن مجموعي جي ٻئي ڀاڱي ڇاپڻ جي
حامي به ڀري آهي
ڊاڪٽر اسحاق سميجو سنڌي شعبي جو نهايت ڪامپيٽنٽ
استاد آهي. هيءُ ادب جي شعبي ۾ هڪ سڃاڻپ رکي ٿو.
سٺو شاعر، سٺو نقاد، سٺو استاد ۽ سٺو دوست آهي.
سندس مهرباني ۽ تحرڪ سان 2017ع ۾ پي
ايڇ.ڊي جا ڪلاس جاري ٿيا. سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر جو
منصب سنڀاليندي اداري ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ۾ عالمي
نوعيت جا تمام سٺا پروگرام ڪرائي رهيو آهي، سنڌ ۽
سنڌي ادب کي عالمي ادب سان متعارف ڪرائي اُن سان
ملائي گڏ هلائڻ جا جتن ڪري رهيو آهي. اسان سڀني کي
هن نوجوان ايڊمنسٽريٽو ۽ اديب جي اهڙن ڪمن ۾ مدد ۽
سهڪار ڪرڻ گهرجي.
هيءَ ڳالهه بنهه حقيقت تي مشتمل آهي ته هيءُ
ڪهاڻيون، جيڪي اسان شاگرديءَ واري زماني ۾ پڙهيون
هيون، وقت جي ويرَ سببان اهي گهڻو ڪري اسان جي
ذهنن تان ميسارجي ويون هيون، هن ڪتاب جي ڇپجڻ سان،
وري نئين سر ماضيءَ جي انهن يادگار ڪهاڻين کي ٻيهر
هڪ هنڌ پڙهڻ جو موقعو مليو آهي ۽ هونئن به خاص طرح
اسان سنڌيءَ جي استادن، شاگردن ۽ اسڪالرن کي ته هن
ڪتاب جي هر دؤر ۾ ضرورت اَوس پَوڻي ئي آهي، ۽ نئين
نسل لاءِ ته هيءُ رهنما ڪتاب آهي، جنهن مان اسان
جا شاگرد ۽ نوان ليکاري استفادو حاصل ڪري سگهن ٿا
۽ انهن ڪهاڻين کي سونهون بڻائي، ڪهاڻيءَ جي فن ۾
نوان تجربا ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر اسحاق سميجو هن
مجموعي بابت ”ٻه اکر“ ۾ لکي ٿو ته:
”سؤ سالن جي چونڊ سنڌي ڪهاڻين ۾ اوهان کي سنڌ جي
سياست، مزاحمت، معاشي حالات، غلامي، بک، غربت،
دربدري، ورهاڱي جي درد، محرومي، شهرن جي ڦرجڻ،
ڌاري آبادڪاري جي عذاب، عشق جي مقامي ذائقن ۽
داخلي توڙي خارجي جشنن ۽ قيامتن جا ڪيئي معلوم ۽
نامعلوم قصا رقم ٿيل ملندا. انهن ڪهاڻين کي پنهنجي
پنهنجي دور جي افسانوي ادب ۽ خاص طور ڪهاڻيءَ جي
دنيا ۾ هڪ خاص اهميت ۽ انفراديت حاصل آهي.“
اسحاق سميجي جي لکيل ”ٻن اکرن“ کان پوءِ ”سنڌي
ڪهاڻيءَ جو هڪ سؤ سالن جو سفر“ جي عنوان تي ڪتاب
جي مرتب جو هڪ شاندار ۽ پُرمغز مقدمو لکيل آهي،
جنهن ۾ هن ڪهاڻيءَ جي وصف، هيئت، فن ۽ ان جي موضوع
تي سٺي روشني وڌي آهي، ان کان پوءِ ڪٿيل عرصي جي
چونڊ ڪهاڻين جو مختصر تعارف پيش ڪيو آهي. شوڪت
حسين شوري صاحب پنهنجي مقدمي ۾ لکيو آهي ته:
”سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر جيڪو 1914ع کان شروع ٿيو هو،
تنهن جا 2014ع ۾ هڪ سؤ سال مڪمل ٿيا. اهو هڪ ڊگهو
عرصو آهي، جنهن ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جا ڪئين رنگ روپ
نروار ٿيا آهن. مختلف دورن، لاڙن ۽ لاهن چاڙهن مان
گذرندي سنڌي ڪهاڻي پنهنجن پڙهندڙن جي هڪ وڏي تعداد
کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندي پئي اچي.“
ديوان لعلچند امرڏنيمل جي لکيل ڪهاڻي ”حُر مَکيءَ
جا“ جيڪا هن 1914ع ۾ لکي، شروعات اُنهيءَ ڪهاڻيءَ
کان ڪئي اٿس ۽ پڄاڻي نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻي
”پاروٿو گوشت“ تي ڪئي آهي. ٻئين ڀاڱي ۾ 2014ع
تائين ڇپيل ڪهاڻين مان چونڊ ڪهاڻيون شامل ٿيڻيون
آهن.
منهنجي خيال ۾ ٿيڻ هيئن گهرجي ته هن ”ڪهاڻيات“ کي
ٻن جلدن ۾ نه پر چئن يا پنجن جلدن تائين کڻي وڃجي،
هر جلد ۾ هر ڏهاڪي جي چونڊ 60، 50 ڪهاڻين کي شامل
ڪجي، خاص طور تي اهڙين ڪهاڻين کي شامل ڪجي، جيڪي
پنهنجي ڏهاڪي جون نمائينده ۽ بريڪ ٿرو ڪهاڻيون
هجن، جنهن ۾ فني ۽ موضوعاتي تجربا ٿيل هجن،
مثالطور: 60 واري ڏهاڪي جي ڪهاڻين ۾ ڪردارن جي فني
بيهڪ ڪيئن هئي، انهن جي مڪالمن ۾ ڪهڙي انفرادي ڪشش
۽ ڇِڪ هئي، جنهن جي اثر کان ان دور جا ٻيا
ڪهاڻيڪار متاثر ٿيا ۽ مختصر ڪهاڻيءَ ۾ جيڪي فني
تجربا ٿيا، ۽ ڪهاڻيون لکيون ويون، انهن جا نمونا
انهيءَ ڀاڱي ۾ شامل ڪجن، مونولاگ، ڊائلاگ، فئنٽسي
وغيره اِن قسم جي مواد تي مشتمل ڪهاڻيون چونڊجن،
ته مان سمجهان ٿو ته عام پڙهندڙ کان وٺي پي ايڇ.ڊي
ڪندڙ اسڪالر ۽ استاد تائين هيءُ ڪتاب، وڏو لاڀائتو
ثابت ٿيندو، ۽ نصاب تي به هن ڪتاب جي هميشه لاءِ
ڇاپ رهجي ويندي.
مواد جي چونڊ لاءِ اخبارن ۽ مخزنن جا
هفتيوار/ماهوار نڪرندڙ صفحا به نظر مان ڪڍڻ گهرجن،
مثال طور: هلال پاڪستان، عوامي آواز، جاڳو اخبارن
۾ ادبي صفحا نڪرندا هئا، جن ۾ سُٺيون ڪهاڻيون
ڇپجنديون هيون، ڪهاڻيڪار هڪٻئي جي لکيل ڪهاڻين مان
سکندا هئا. هاڻي اُهو سلسلو گهڻي ڀاڱي رُڪجي ويو
آهي. جاڳو
اخبار 2000ع ۾ بند ٿي ويئي، جنهن ۾ هفتيوار ادبي
صفحو ”سرهاڻ“ نڪرندو هو، جيڪو ناليور اديب، سائين
نواز علي شوق سنڀاليندو هو، ان ۾ سينئر ۽ جونيئر
ٻنهي ٽهين جا ڪهاڻيڪار وڌي چڙهي حصو وٺندا هئا، ۽
ڪهاڻي لکڻ تي سٺا ۽ ڦلدائڪ تجربا ٿيندا هئا. ڊاڪٽر
نواز علي شوق کان پوءِ اهو صفحو مون سنڀاليو،
منهنجي دور ۾ به ڪافي نمائنده ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا ۽
خود منهنجون لکيل ڪهاڻيون به ان ۾ ڇپيون، خاص طور
انهن ڏينهن ۾ مختصر ڪهاڻين لکڻ جو تجربو هليو، جن
۾ مون به حصو ورتو. ”وائڙي شهر جا سلجهيل فرد“
منهنجي مختصر فلئش ڪهاڻي ڇپي. شايد 1998ع جو سال
هو، ان کي ڪافي پذيرائي ملي، اهي مختصر ۽ فلئش
ڪهاڻين جا ابتدائي تجربا هئا. اهڙي طرح ان دور جي
ٻين اخبارن ۽ ٻين ادبي فورمن تي اهڙي قسم جي
پيشرفت به ٿي، ته اهڙي قسم جو مواد به هن
”ڪهاڻيات“ ۾ اچڻ گهرجي. شوڪت صاحب کان مقدمي ۾
پنهنجي دور جي ڪيترن ئي نمائنده ڪهاڻيڪارن جا نالا
رهجي ويا آهن، خاص طور تي اسان اُترادين کي هُو
وساري ويٺو آهي. نئين ڀاڱي ۾ انهن جي داخلا ضرور
ڏيڻ گهرجي. مثالطور: محبت ٻرڙو، اياز عالم ابڙو،
سرمد چانڊيو، جامي چانڊيو، نسيم ٿيٻو، دين محمد
ڪلهوڙو، ڊاڪٽر نواز علي شوق، منصور ٿلهو، ننگر
چنه، شاهه زمان ڀنگر، معصوم سنڌي، سعيد سومرو،
ڀائو درمحمد ٻرڙو ۽ ٻيا.
هن مجموعي ۾ جيڪي ڪهاڻيون پيش ٿيون آهن، اهي هي
آهن:
حُر مَکيءَ جا |
لالچند امرڏنومل |
سياڻي سس |
پرڀداس، ڀيرومل آڏواڻي |
ادو عبدالرحمٰن |
امرلعل هڱوراڻي |
موهني جو گهر |
نادر بيگ مرزا |
ڳنوارڻ |
آسانند مامتوراءِ |
منجري ڪولهڻ |
ليکو تلسياڻي |
کلڻي |
شيخ اياز |
آکيري جو ٽُٽڻ |
سوڀو گيانچنداڻي |
ڇوڏو |
نجم عباسي |
حيدرآباد ڊسمبر 1947ع |
ع.ق شيخ |
ننها ڀائي |
عبدالرزاق راز |
روزي جي ماني |
م.ا.ج |
ڪونڍير |
م.ع ڏيپلائي |
خميسي جو ڪوٽ |
جمال ابڙو |
شيدو ڌاڙيل |
غلام رباني آگرو |
ٽه واٽو |
حفيظ شيخ |
فرشتو |
اياز قادري |
وطن |
ثميره زرين |
بُڻ |
رشيد ڀٽي |
نبض شناس |
محمد حسين ڪروڙپتي |
چُهڙي |
بشير مورياڻي |
واهه وڏيرا |
ابنِ حيات پنهور |
اٺون ماڻهو |
سراج |
پل پکيئڙا |
آغا سليم |
چاچي جيوڻي جو فوٽو ٽنگڻ |
علي احمد بروهي |
هي زهر ڪير ته پيئندو |
حميد سنڌي |
مساوات |
نسيم کرل |
وقت ۽ جذبا |
رشيده حجاب |
سريت |
ماهتاب محبوب |
راڄيءَ جو روح |
قمر شهباز |
پکي |
امر جليل |
نوري ۽ ناري جوڳيئڙا جهان ۾ |
مراد علي مرزا |
چوڙيون |
ممتاز مرزا |
چهڪ |
طارق اشرف |
ٻوساٽ |
غلام نبي مغل |
ڏاند |
محمد دائود بلوچ |
ٽانڊاڻي جي لاٽ |
علي بابا |
پسي ڳاڙها گل |
رسول بخش پليجو |
ڪاري |
ماڻڪ |
ڇڻيل پن |
عبدالقادرجوڻيجو |
هستيءَ جي ٽٽل ٽڪرن جي وچ مان |
مشتاق احمد شورو |
بُري هن ڀنڀور ۾ |
عبدالحق عالماڻي |
غيرتي |
شوڪت حسين شورو |
هينئڙو- ڪچي تند جيئن |
مدد علي سنڌي |
روپوش |
حليم بروهي |
مٽيءَ ۾ ملاوٽ |
قاضي خادم |
پينشنر |
انيس انصاري |
حويليءَ کان هاسٽل تائين |
خيرالنساء جعفري |
بارود |
سانول |
پاروٿو گوشت |
نورالهديٰ شاهه |
اهي سڀئي ڪهاڻيون، پنهنجي پنهنجي دور جون نمائنده
۽ آئينه دار ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ان دور جي حالتن،
واقعن ۽ مامرن کان باخبر ٿي سگهجي ٿو.
مثال طور: ”حُر مَکيءَ جا“ ۾ استعمال ڪيل پهاڪو
”تون ته ڪو حُر مَکيءَ جو آهين“ (ص 41) هيءُ ڪو
عام پهاڪو نه آهي، پر حُرن جي تحريڪ ۽ گوريلا جنگ
کي پنهنجي تحويل ۾ آڻي ٿو. لالچند امرڏنيمل تمام
باريڪ بينيءَ سان حُرن جي انهيءَ تحريڪ کي ڪهاڻي
جي قالب ۾ ڍالڻ جي هڪ بهترين ڪوشش ڪئي آهي. مَکي،
سانگهڙ ۾ هڪ ڍنڍ آهي، جنهن جي چوڌاري هيءَ ڪهاڻي
گردش ڪري ٿي.
اهڙي ريت سنڌيءَ جي ٻي هڪ مشهور ڪهاڻيڪار امرلعل
هڱوراڻي جي ڪهاڻي ”ادو عبدالرحمان“ پنهنجي دور جي
نمائنده ۽ اوارڊ يافته ڪهاڻي آهي، هن ڪهاڻي
”عبدالرحمان“ ڪردار جي انفراديت کي اهڙو ته پيش
ڪيو آهي، جو عام پڙهندڙ کي متوجه ڪري ٿو. حالانڪه
پاڻ سان ڳالهائيندڙ ماڻهوءَ کي نارمل نه چئبو آهي،
پر هتي ڪهاڻيڪار پاڻ سان ڳالهائيندڙ ماڻهوءَ جي
ڪردار کي اهڙي ته سگهاري ۽ مثبت انداز ۾ پيش ڪيو
آهي، جو واه واه!
مثالطور: هڪ هنڌ عبدالرحمان پاڻ سان ڳالهائيندي
چوي ٿو: ”ادا عبدالرحمان، ڪيڏو نه مٿو ڦري ويو
اٿيئي! اکيون اٿيئي آڪاس ۾، جيڪڏهن اکيون کولي
هلين ها ته پٿر توکي ڪين لڳي ها.“ اتي ويچار ۾
ويٺو رهيو، ساعت رکي چيائين: ”ادا عبدالرحمان ڏس
ڪهڙو خود مطلبي آهين! ادا عبدالرحمان، ائين ڪو
جڳائي جو پٿر پٽ تي ڇڏي رمندو رهين؟ سڀاڻي ٻئي
ڪنهن واٽهڙوءَ کي لڳي وڃي!“ وري ٿورو دم جهلي ۽
ويچار ڪري چوڻ لڳو: ”ادا عبدالرحمان جي چڱو مڙس
آهين ته پٿر کڻي پري ڦٽو ڪر ۽ پٿر کڻي پري ڦٽو
ڪيائين.“ (ص 65)
هِن ڪهاڻيءَ جو ڊڪشن، ڪهاڻيڪار جو پنهنجي سماج
ڏانهن رويو، يا هو هڪ اهڙي ڪردار کان جيڪو سماج جي
نظر ۾ چريو يا ايبنارمل آهي، کان اهڙا ته سگهارا ۽
مثبت عمل ڪرائي ٿو جو سماج جي نارمل ڪردارن کي به
شهه ڏيو وڃي. اها ڪهاڻيڪار جي ڪمال ڪاريگري ۽ فن
آهي، جو سماج جي هر ناڪاره چيز کان به لاڀ حاصل
ڪيو آهي ۽ اهو صحيح به آهي ته سماج ۾ ڪابه چيز
ناڪاره نه آهي، اها سماج لاءِ ڪٿي نه ڪٿي فائديمند
ثابت ٿِي سگهي ٿي.
مشهور افسانه نگار غلام رباني آگري جي لکيل ڪهاڻي
”شيدو ڌاڙيل“ شاندار ڪهاڻي آهي، هن ڪهاڻي جمال
ابڙي کي ايترو ته متاثر ڪيو هو، جو هُو ”پشو پاشا“
لکڻ تي مجبور ٿيو. هيءَ ڪهاڻي پڙهندي اندر ۾ چهڪ
پون ٿا. سماج، انسان کي ٺاهي به ٿو ته ڊاهي به ٿو.
غلام رباني آگرو وڏو ڪهاڻيڪار هو، پر هُو داستان
گو اديب هو، هن جي قلم ۾ اها سگهه هئي، جو لکڻ
دوران ڳالهه مان ڳالهه ڪڍندو وڃي پار پوندو هو ۽
ٻن، چئن صفحن واري تحرير 80 پيجن تي وڃي پهچندي
هئي، اهو هن جي قلم ۽ سندس ذهن جي زرخيزي هئي.
سنڌي ادب ۾ ڪي ٿورا اديب آهن، جن کي پنهنجو مخصوص
اُسلوب يا طرز تحريرِ آهي، ماڻڪ، آغا سليم، علي
بابا، امر جليل، نورالهديٰ شاهه، نسيم کرل، سراج
وغيره اهڙا سينيئر قلمڪار آهن، جن جي لکڻيءَ مان
خبر پئجي ويندي آهي ته هيءَ ڪهاڻي/تحرير فلاڻي
قلمڪار جي لکيل آهي. امر جليل اهڙن قلمڪارن مان هڪ
آهي، جنهن جي پڙهندڙن جو هڪ وسيع حلقو آهي. هُو
سهيوڳي دور جو اهڙو قلمڪار آهي، جنهن جي لکڻين ۽
ان جي شخصيت سان به پڙهندڙ پيار ڪندو آهي. ’پکي‘
امر جليل جي عاليشان ڪهاڻي آهي، جيڪا ’ڳيري‘ پکي
تي لکيل آهي. هيءَ ڪهاڻي نه، پر افسانو آهي.
افساني ۽ ڪهاڻيءَ ۾ فرق هيءُ آهي ته افساني ۾ اهڙي
ڪا غيرمعمولي صورتحال پيدا ڪئي وڃي، جيڪا حقيقت
کان پري هوندي به ان جو انساني سماج سان تعلق ۽
ربط هجي. امرجليل جون اڪثر لکيل ڪهاڻيون، افساني
فارميٽ ۾ آهن، جيئن سچل اِن ٽربل، موسٽ ڊينجرس اِن
پاڪستان وغيره. اهڙيءَ ريت جمال ابڙي جو پشو پاشا
به افساني ۾ لکيل آهي.
مجموعي طور تي هن ڪهاڻي ڪليات عرف
”ڪهاڻيات“ ۾ جيڪي ڪهاڻيون ۽ افسانا درج ڪيل آهن،
اهي تمام گهڻي محنت ۽ پيار سان نئين سر اڀياس هيٺ
آڻي، انهن کي هن ڪتاب جي زينت بنايو ويو آهي، مرتب
۽ پبلشر جس لهڻن.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
شيخ اياز
شيخ مبارڪ علي اياز غلام حسين شيخ جي گهر ۾ 2 مارچ
1923ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم
شڪارپور مان حاصل ڪيائين، اڳتي هلي بي.اي،
ايل.ايل.بي ڪري سکر ۾ وڪالت جي پرئڪٽس ڪيائين،
سندس شمار سکر جي مشهور وڪيلن ۾ ٿيو، 1976ع ۾ هُو
سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو ۽ چار
سالن جي مقرر مدي تائين رهيو. 1997ع تي دل جي
تڪليف سبب مڊاِيسٽ اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ 28
ڊسمبر تي وفات ڪيائين. کيس ڀٽ شاهه تي دفن ڪيو
ويو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل کان پوءِ شيخ اياز کي
سنڌي شاعريءَ ۾ اهم رتبو حاصل آهي، کيس شاهه صاحب
سان وڏي عقيدت هئي ۽ شاهه جي ڪلام جو اردو منظوم
ترجمو پڻ ڪيائين، علمي ۽ ادبي طور شيخ اياز جون
خدمتون سنڌي شاعريءَ ۽ نثر لاءِ بيمثال آهن سندن
ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو پنجاهه کان مٿي آهي. کيس
اردو، سنڌي ۽ انگريزي ٻولين تي عُبور حاصل هو، هن
جيڪو نثر لکيو سو سهڻو ۽ شعري سڳنڌ سان ڀرپور آهي،
سندس دور جي وڏن وڏن اديبن ۽ عالمن کيس مڃيو ۽
نوجوان طبقي جو هُو پسنديده شاعر رهيو آهي، سندس
شاعري انقلابي ۽ قوميت جي جذبي سان سرشار آهي.
شروع ۾ هن رومانوي شعر چيو، پر پوءِ جلد ئي قوميت
۽ وطنيت جي جذبي سان معمور شاعري ميدان ۾ آندائين،
سندس رومانوي شاعري اڄ به ايتري ئي مقبول آهي
جيتري انهيءَ وقت ۾ هئي. اياز جي شاعريءَ جو بنياد
ئي محبت جي جذبي تي ٻڌل آهي، چاهي اها محبت مجازي
هجي يا آفاقي، قوم لاءِ هجي يا انسان دوستيءَ
لاءِ، وٽس محبت ئي محرڪ آهي. حياتيءَ کي هرکائڻ
لاءِ ۽ جيارڻ لاءِ پڻ شيخ اياز پنهنجي غزل ۾، نظم
۾ بيت ۾، گيت ۾، مطلب ته شاعريءَ جي هر صنف ۾ هن
محبت جي امر جذبي کي مانُ ڏنو آهي. هُو پاڻ ئي چوي
ٿو ته، ”جنهن محبت نه ڪئي، سو اي اياز زندگيءَ جي
گنهگارن مان آ!“
اياز جي رومانوي شاعري پنهنجي پر ۾ هڪ خاص موضوع
آهي. رومانوي شاعريءَ ۾ هن جي لفظن جي چونڊ وڻندڙ
آهي، حُسن جو تذڪرو هُو مخصوص انداز ۾ ڪري ٿو،
ڪنهن جي تقليد نٿو ڪري، گيتن جي لفظن ۾ موسيقي ڀري
ٿو ۽ سٽن جي وچ ۾ قافيا رکي ٿو جيئن،
تون جي ايندين رات، الا اولات،
ته منهنجي رات اَمر ٿي ويندي.
تــــــــون جــــــــي ايندين ڍول،
ته ٻهه ٻهه ٻرندا منهنجا ٻول،
جهر جهر جرڪي پوندا جن ۾،
منهنجـــــــــــا روح رتــــــــــول،
وائي اها ئي وات، الا اولات،
ته منهنجي رات اَمر ٿي ويندي.
اياز جو محبوب اوبانورا! او سانورا آهي، سنڌ
ڌرتيءَ لاءِ محبت سندس شاعريءَ جي سِٽَ سِٽَ مان
لياڪا پائي پئي. هن سنڌ سان بي انتها محبت ڪئي.
سنڌ سان واسطو رکندڙ هر شيءِ اياز لاءِ اتم آهي،
تڏهن ته چوي ٿو ته،
ســـنــــڌ ديـــــس جـــــي ڌرتـــــي
مــــاتــــا،
توتي پنهنجو سيس نمايان، مٽي ماٿي لايان.
ڪينجهر کــــــان ڪــــــارونجهر تـــــائين،
توکي چشمن چايان، مٽي ماٿي لايان.
هن کي خبر آهي ته سنڌ واسين جي رُوح ۾ رچيل شاهه،
سچل ۽ ساميءَ جا ٻول آهن هو خود به پنهنجو پاڻ کي
سندن پوئلڳ ٿو سڏي.
آءُ ڀٽائي گهوٽ، تنهنجي کهه منهنجون اکيون،
ڏس مون تنهنجو ڪينرو ڀوريو ناهه ڀاءُ،
ساڳيو جوڳ جڙاءُ، ساڳيا سڏڙا ساز جا.
شيخ اياز هڪ رهنما شاعر ۽ اٽل ارادن وارو اديب ۽
اڳواڻ هو، جنهن جي سوچ، مشاهدا، خيال ۽ احساس گهڻن
کان مختلف هئا، هڪ مختلف ۽ منفرد شخصيت هو، جنهن
جي شخصيت جا ڪئين پهلو هئا، هن حياتيءَ ۾ ترقي
پسند تحريڪ 1936ع جي جدوجهد، روس جو سوشلسٽ
انقلاب، ورهاڱي کان پوءِ گڏيل پاڪستان جي جدا ٿيڻ
مهل جون هلچلون ۽ قوميت جا رنگ، ون يونٽ جا دور،
ملڪ ۾ لڳل مارشل لاء بنگلاديش جو ٺهڻ ۽ سنڌي
ٻوليءَ تي مڙهيل پابنديون، 4- مارچ جو واقعو ۽ ٻيا
ڪيترائي ظلم ٿيندي ڏٺا ته سندس دل تڙپي ۽ هن بي
اختيار ٿي چئي ڏنو ته،
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا،
سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مُرڪندي.
شيخ اياز جي فني قابليت ۽ مطالعو اعليٰ درجي جو
هو، جيڪو سندس هڪ هڪ شعر مان پڌري پٽ بکي رهيو
آهي، ورڊس ورٿ موجب شاعري اها آهي جيڪا ڳائي
سگهجي، شيخ اياز جي شاعريءَ جو وڏو حصو غنائي
(Lyrical)
آهي جڏهن علڻ فقير سندس راڳ آلاپي ٿو.
ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين!
جڏهن ورنديون ڪونجڙيون، هَرَ هَرَ ڪري هُل،
ڳلن ڳوڙها ٽمندا، جڏهن موتين تُل،
وڇوڙي جا ڏينهنڙا، ڀورائيءَ جي ڀُل،
تڏهن ملنداسين!
ڄڻ ته هر ٻڌندڙ جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت جو وهڪرو وڌي
ويندو آهي، اهڙيءَ طرح سندس چڱو ڪلام ڳايو ويو
آهي.
هن وطن دوست شاعر آمرن جي حڪومت ۾ پاڻ کي خاموش نه
رکيو ۽ سنڌ جي علمي ادارن ۾، نوجوانن ۾، هنڌ هنڌ
تي، هن آزاديءَ جا گيت وڏي شان سان عام ڪيا.
هي ماڻهو وهه جا ڍڪ ٿيا، جيئن لڪ لڳي تيئن رُڪ
ٿيا،
اڄ آزاديءَ جي نعري سان، سڀ درد ويا دلگيرن جا.
اها اياز جي شاعري هئي، جنهن ون يونٽ کي ٽوڙيو.
اياز جي شاعري جتي قديم سنڌي شعر جو مطالعو آهي،
اتي بين الاقوامي ادب جو اڀياس پڻ آهي، هن ڏيهي
توڻي پرڏيهي حالتن ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف لکيو. چاهي
ويٽنام جي آزاديءَ جي ويڙهه هجي، چاهي غازي
جرمنيءَ جا شڪار ٿيل انسان هجن، هن جنگين کي ننديو
۽ امن جو ساٿاري ٿي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ
ندائون ڏنيون، ناگاساڪيءَ جي مظلوم انسانن کي ياد
ڪري ٿو ته سنڌ جي چپي چپي ۾ ٿيل ظلمن، طبقاتي
ڪشمڪشن، بک، بدحالي ۽ بي انصافيءَ کي وائکو ڪيو
اٿس. سنڌ جي تاريخ جي اوٽ ۾ منظوم ڊرامن، ”دودي
سومري جو موت“ ۽ ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ ۾ هن جو هڪ هڪ
بيت هڪ هڪ سٽ دل کي ڇهندڙ آهي. علمي ۽ ادبي طور
شيخ اياز جون خدمتون سنڌي شاعري لاءِ بي مثال آهن،
سندس ڇپيل اردو ٻوليءَ جي ڪتابن ۾ ”رساله شاهه
عبداللطيف“، ”بوئي گل نالهءِ دل“، ”نيل ڪنٺ اور
نيم ڪي پتي“، سنڌي شاعريءَ ۾، ”ڀونر ڀري آڪاش“،
”ڪلهي پاتم ڪينرو“، ”جهڙ نيڻان نه لهي“، ”سانجهي
سمنڊ سپون“، ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، ”ڪپر ٿو ڪن
ڪري“، لَڙيو سج لَڪن ۾“، ”پتڻ ٿو پور ڪري“، ”پن ڇڻ
پڄاڻا“ ۽ ٻيا آهن. نثري نظم ۾، ”پتڻ ٿو پور ڪري“،
”واٽون ڦلن ڇانيون“، ”گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾“ ۽
”اٿي اور الله سين“ آهن. پويون ڪتاب نه فقط نثري
نظم جي فن جي حساب سان آهي، پر موضوع جي حوالي سان
به هڪ مختلف ڪتاب آهي، جنهن تي محققن، نقادن ۽
اديبن مختلف رايا پڻ ڏنا آهن، هيءُ ڪتاب نثراڻي
نظم ۾ دعائن تي مشتمل آهي، هر دعا جي شروعات يا
رب! سان ڪيل آهي، اهڙيون دعائون آهن جن ۾ هڪ ڪامل
۽ نيڪ انسان ٿيڻ جي تمنا ٿيل آهي ته پنهنجي
نادانين تي ندامتون آهن. ڪل عالم جي ڀلائيءَ سان
گڏ ذاتي اصلاح لاءِ ٻاڏايل آهي. هن ڪتاب معرفت هڪ
سچو، کرو، مخلص ۽ بي ضرر انسان اياز جي روپ ۾
سامهون آيو آهي.
همسفر گاڏهي، شيخ اياز کان ورتل انٽرويو ۾ لکيو
آهي ته، ”اياز زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ خدا
پرستيءَ ڏانهن وڌيڪ مائل ٿي ويو هو. شروع ۾ جڏهن
هُو ڪميونسٽ هو ته مٿس مُلن ڪفر جون فتوائون جاري
ڪيون ۽ جڏهن خدا پرستيءَ ڏانهن مائل ٿيو، تڏهن
ترقي پسندن مٿس چٿرون ڪيون ۽ کيس شيزو فرينڪ جو
مريض ڪوٺيو، اها هڪ حقيقت آهي ته اياز سنڌ جو واحد
اديب ۽ شاعر آهي، جنهن پنهنجي همعصر لڏي کان ويندي
نوجوانن تي وڏي ڇاپ ڇڏي آهي.“ (”سنڌ جي ڏاهپ کان
ورتل سورنهن انٽرويو“، ص-45)
شيخ اياز سنڌي ادب کي شاعريءَ جي حوالي سان مختلف
صنفن ۾ وڏو مواد ڏنو آهي. انيڪ غزل، ڪافيون،
وايون، گيت، بيت، نظم، آزاد نظم، نثراڻا نظم،
چوسٽا، ٽه سٽا، سانيٽ، ترائيل ۽ منظوم ڊراما ڏيئي
سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪيو آهي.
”پاڪستان رائيٽرز ڪلب“، ”هلال امتياز“،
”ستاره امتياز“ ۽ ٻين ڪيترن اعزازن ۽ تمغن سان
نوازيل هن سگهاري شاعر جي شاعريءَ توڙي شخصيت تي
مختلف رايا آهن، ڪنهن کين فيض کان پوءِ پاڪستان جو
وڏو شاعر سڏيو ته ڪنهن کين يگانو، منفرد، خاموش،
تيزفهم ۽ مسڪراهٽ ڀريو ماڻهو سڏيو ته ڪنهن مٿس
ناڪاري ريمارڪ پڻ ڏنا، پر ڪنهن به حالت ۾ سندس
شاعريءَ جي تاثر، جدت ۽ ندرت کان انڪار نٿو ڪري
سگهجي، هُو هن ڌرتيءَ جو رهنما شاعر هو. هِن
پنهنجي قوم کي جيئڻ جو پيغام ڏيئي قوميت جي جذبي
سان مالامال ڪيو آهي. |