سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2017ع

باب:

صفحو:16 

جاويد عباسي

 

 

 

 

درد جي نه پڄاڻي آ...

 

انسان جون ضرورتون پوريون ناهن ٿيڻيون. پئسي جو حِرص ۽ لالچ ختم ناهي ٿيڻو. لڳي ٿو اسان کي ڄڻ پيدا ئي ان ڪري ڪيو ويو آهي، وڃو...... ۽ پئسو ڪمايو، بس. ان ڏينهن مان تڪڙو تڪڙو سينٽر ۾ داخل ٿيس، ڇو جو دير ٿي ويئي هئي ۽ پڪ هئي ته سينٽر جي مالڪ جو منهن خراب هوندو.

اسان استادن جي زندگي به سورن ۾ آهي. هڪڙا اهي استاد آهن، جيڪي ڪاليج ۾ پڙهائين ئي نه، اچن نه، اچن ته چرچا ڀوڳ ڪن، چانهيون پيئن ۽ هليا وڃن. اهي ڏاڍا خوش هوندا آهن، ٻيا وري اسان جهڙا، جيڪي ڪاليج ۾ به ڪلاس وٺن، وري شام جو سينٽرن تي به پڙهائن پر پوءِ به سدائين ٽينشن ۽ پريشانيءَ ۾. گورنمينٽ جي مهيني تي لکين رپيا پگهار کڻون ٿا پر پوءِ به پريشاني ڪوچنگ سينٽر جي وڌيڪ هوندي، جتان پندرنهن کان ويهه هزار رپيا مس ملندا آهن.

مان جيئن ئي سينٽر ۾ داخل ٿيس ته رامون ساڳيو دروازي تي استقبال لاءِ بيٺو هو، سلوٽ واري انداز ۾ سلام ڪندو، مرڪندو اڳتي وڌندو ويو، جيئن اڳتي وڌيو ته کنگهه ۾ وٺجي ويو. مون کي خبر هئي ته کيس کنگهه رهندي آهي، پر جنهن شدت سان اڄ هُو کنگهي رهيو هو، ان مون کي پريشان ڪري ڇڏيو. رامون کنگهندي کنگهندي هيٺ ويهي رهيو. مون اڳتي وڌي کيس اٿاريو ۽ آفيس ۾ اچي ويهاريو. کيس پاڻي پياريو ته هُو آهستي آهستي سامت ۾ اچڻ لڳو. سينٽر جو مالڪ، جنهن کي اسان سر ڪريم چوندا هئاسين، جيڪو پنهنجي نالي جي ابتڙ هو، هن کي ڳالهه نه وڻي. هڪ ته مون کي دير ٿي ويئي هئي، ٻيو وري پٽيوالي جي سنڀال ۾ لڳي ويو هوس. مون سندس رَويي کي سمجهي ورتو هو. رامونءَ کي اتي ڇڏي، جيڪو پاڻ سنڀالي چڪو هو، مان ڪلاس وٺڻ هليو ويس.

ڪوچنگ سينٽرن تي اڪثر ٻار ذهني توڙي جسماني طور ٿڪل هوندا آهن. گهڻن کي ته ننڊ جا جهُوٽا پيا ايندا آهن. ڀلا جيڪو ٻار صبح سوير اسڪول وڃي ۽ منجهند جو ٻه وڳي تائين اتي پڙهي ۽ وري چار وڳي کان ڪوچنگ سينٽر تي اچي، رات جو اٺين وڳي تائين، ته ٻار جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ هن جي ذهني اوسر ڪيئن ٿيندي؟ بس ڪورس جي ڪتابن ۾ ئي هن جو ٻالڪپڻ گذري وڃي ٿو.

مان ڪلاس وٺي، ٻاهر نڪتس ته رامون پنهنجي وهنوار ۾ مشغول هو، پر هن جي کنگهه ۽ کنگهڻ جو انداز مون کي پريشان ڪندو رهيو، مون رامونءَ کي سڏ ڪيو:

”رامون، کنگهه ڪڏهن کان ٿئي...“ مون ڪنهن ڊاڪٽر واري تشخيصي انداز ۾ پڇيو مانس، ته هُو وري مرڪي پيو.

”سائين.... اڄ ته ڊاڪٽرن جهڙا سوال ٿا ڪريو.....“ هن چانهه جو ڪوپ مون ڏانهن ورائيندي چيو. ڪوچنگ سينٽر جي چانهه به ڄڻ دادو اسٽيشن واري چانهه هوندي آهي. زهر سمجهي پيئندا آهيون جوان جا پئسا ٿا ڀريون.

”جيڪو پڇانءِ ٿو، ان جو جواب ڏئي.“ مون چانهه جو ڍڪ ڀريو.

”سائين، پراڻي کنگهه آهي، ڪڏهن گهٽ ۽ ڪڏهن وڌيڪ ٿئي ٿي. ڊاڪٽر ڏي ويندو آهيان، کنگهه جا سيرپ ڏين ٿا، پر فائدو ناهي“ رامون هڪ ساهي ۾ مختصر روئداد ٻڌائي ويو.

”ڀلا بخار رهندو ٿئي.......“

”ها سائين، بخار به رهندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته جسم صفا ٽانڊا ٿي ويندو آهي.“

”کنگهه سان کانگهارو ايندو اٿئي؟“

”ها سائين، کانگهارن به رت ڪري ڇڏيو آهي، گهر واري به ان کان پريشان ٿي رهي، چئي ٿي سڄو گهر کڻي ڪِنُ ڪيو اٿئي.“ رامون شرم وَچان ڪنڌ کنهڻ لڳو.

”سائين انور صاحب! ڪهڙيون ڳالهيون ٿا ڪيو، اصل الٽي ٿي اچي، چانهه جو مزو ئي ويو هليو.“ سينٽر جي مالڪ، سرڪريم صاحب منهن ڀيلو ڪري، چانهه جو ڪپ ٽيبل تي رکي ڇڏيو، ڄڻ هاڻي وري نه پيئندو، پر سندس چانهه ۾ پئسا لڳل هئا، هن وري جهٽ ۾ ڪپ کنيو ۽ چسڪيون وٺڻ لڳو. مون کي پڪ ٿي ويئي ته رامونءَ کي ٽي. بي آهي. حڪومت ٽي. بي جي علاج لاءِ مفت اسپتالون کوليو آهن، پر هڪ غربت وري بيخبري، هنن کي ڄاڻ ئي ناهي. بس ائين کنگهي کنگهي مري ويندا. اسان جي به ڪوتاهي آهي، جيڪڏهن آسپاس ڪو اهڙو ماڻهو هجي ته ان کي کڻي انهن مفت علاج وارين اسپتالن تائين پهچايون، انهن کي دڳ ڏيکاريون ته من بچي پون، پر سائين اسان کي وقت ڪٿي آ.....“

”رامون تون سڀاڻي صبح جو منهنجي ڪاليج اچجانءِ، ڊاڪٽر ڏي وٺي هلندو سانءِ.“

”سائين، ڊاڪٽرن جي خفن ۾ نه وجهو، غريب ماڻهو ٻه ويلا مس کائون، وري ڊاڪٽرن جا خرچ ۽ دوائون، مان ڪٿان ڪندس.“

”تون، ان ڳالهه کان ڇٽل آن،...... سڀ مان ڪندس.“

سرڪريم نڪ جي چوٽي تي رکيل عينڪ پويان ٻن چنجهڙين اکين سان ڏسي رهيو هو. رامون پنهنجي ڪم سان لڳي ويو ۽ مان سر ڪريم جي ويجهو ٿي کيس چوڻ لڳس:

”مون کي لڳي ٿو رامونءَ کي ٽي.بي آهي، لاڳيتو کنگهه جو رهڻ ۽ بخار جو هجڻ، کانگهارو ٺهڻ، اهي ٽي. بي جون نشانيون آهن.“

”پر سائين، اها ته وچڙندڙ بيماري آهي، ان ڇوري جي ڪري اسان به وٺجي وينداسون.“

”سائين ائين ته آهي...“ مان اٿي ڪلاس وٺڻ هليو ويس ۽ پويان سر ڪريم جي بيچيني ڏسڻ وٽان هئي، ڄڻ ٽي. بي کيس ٿي پئي هجي.

ٻئي ڏينهن، مان رامونءَ کي ساڻ ڪري شهر جي ٽي. بي سينٽر تي وٺي ويس، جتي ٽي.بيءَ جي مريضن جي مفت چڪاس کان علاوه مفت دوائون به ڏنيون وينديون آهن. اسان نيڪيءَ جا سودا ڪندي الائي ڇو ڪيٻائيندا آهيون. اسان جي سماج ۾ اڪثر ٽي. بيءَ جو مرض غريب ۽ اڻپڙهيل ماڻهن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو. هُو بيماري کي سمجهي نٿا سگهن ۽ مري ٿا وڃن. اسان جهڙا پڙهيل لکيل ماڻهون ڄاڻندي ۽ سمجهندي، رڳو ايترو نه ڪري سگهندا آهيون جو انهن کي فقط علاج جو دڳ ئي ڏيکاريون. رامونءَ جي چڪاس ڪرائي، دوائون وٺرائي، ڊاڪٽر جي ڪمري مان ٻاهر نڪرڻ لڳس ته ڊاڪٽر منهنجي ٻانهن پڪڙي اشاري سان رڪجڻ لاءِ چيو.

”رامون..... تون هل، ٻاهر موٽرسائيڪل وٽ بيهه ته مان اچان ٿو.“ رامون دوائون سنڀاليندو، خوش خوش ٻاهر نڪري ويو، کيس دوائون نه، ڄڻ زندگي ملي هجي.

”ادا، توهان جي مريض جي حالت خراب آهي، بيماري جَڙَ وٺي وئي اٿس.“ ڊاڪٽر جي ڳالهه تي مان پريشان ٿي ويس.

”پوءِ ڊاڪٽر صاحب، ڇا ٿيندو......“

”الله چڱي ڪندو دوائون وقت تي ڏيوس. گهر ۾ ٿانوَ، بسترو، ٽوال وغيره الڳ رکوس. کانگهارن لاءِ ڪو دٻو ٺاهي، ان ۾ مٽي وغيره وجهي ڀرسان رکوس، نه ته سڀ گهر جا ڀاتي وٺجي ويندا.“ مان ڪنڌ لوڏيندو، هائوڪار ڪندو، ٻاهر نڪري آيس. رامون دوائون جهولي ۾ جهلي، موٽر سائيڪل تي چڙهيو ويٺو هو. رامونءَ کي گهر ڇڏي، مان دنيا جي وهنوار ۾ لڳي ويس. ٻن ڏينهن کان سينٽر تي نه ويو هوس. مون کي سر ڪريم جي عينڪ پويان ٻرندڙ اکيون ياد ٿي آيون.

اسان استاد به عجيب مخلوق آهيون، سرڪار اسان کي لک رپين کان به مٿي هر مهيني پگهار ڏئي ٿي، پوءِ به کيس اکيون ٿا ڏيکاريون ۽ سينٽر وارا ڪوچنگ جا چند هزار ٿا ڏين ۽ اسان کي اکيون به ٿا ڏيکارين ۽ اسان انهن اڳيان ممڙا بڻيا هلون.

ٻن ڏينهن کان پوءِ سينٽر جون ڏاڪڻيون چڙهيس ته سامهون رامون نظر نه آيو. مان مٿي چڙهي آفيس ويس ته سر ڪريم اٿي مون کي ڀاڪر ۾ جهليو، مان حيران ٿي ويس.

”سائين..... اڄ صبح جو رامون گذاري ويو.....“ منهنجي مٿان ڄڻ وِڄ ڪري پئي. گذريل سمورا پَلَ اکين اڳيان هئا. رامونءَ جو مرڪندڙ چهرو، سلام جو انداز، کل ڀوڳ، سڀ ذهن ۾ اچڻ لڳا. مان وڌيڪ ڪجهه ڳالهائڻ ۽ پڇڻ جي سڌو سينٽر مان نڪري رامونءَ جي گهر ڏانهن، موٽر سائيڪل ڊوڙايم. اتي پهچي خبر ئي ته رامونءَ کي تدفين لاءِ قبرستان کڻي ويا آهن. مان قبرستان ڀڳس، اڌ ۾ ئي هوس ته پريان ماڻهن کي خالي ڏولي کڻي، واپس ايندي ڏٺم. مان اتي پنڊ پهڻ بڻجي ويس ۽ ماڻهو اڳيان گذرندا رهيا، پر مان ڪنهن کان ڪجهه پڇي نه سگهيس. زبان ڄڻ ڳالهائڻ وساري ويٺي، مون خالي ڏوليءَ ڏانهن ڏٺو، ائين لڳو ڄڻ اتي رامون ويٺو هجي، مرڪندو هجي: ”سلام صاحب، ٿورو اڳ اچين ها ته ڇا ٿي ٿيئي.....“ هُو هٿ لوڏي رهيو هو. ماڻهو اڳتي وڌي ويا. مان اتي ئي اڪيلو بيٺو آهيان. ڪڏهن پوئتي قبرستان واري رستي ڏانهن پئي ڏٺم ۽ ڪڏهن اڳيان خالي ڏولي کڻي ويندڙن کي پئي ڏٺم.“

سنڌي ثقافت ۾ لوڪ گيت

سنڌ صدين کان تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز رهي آهي، سنڌي ثقافت قديم ۽ نرالي آهي، ايتريقدر جو جنهن زماني ۾ باقي دنيا جون قومون جهنگن ۽ جبلن جي غارن ۾ رهنديون هيون، تنهن دؤر ۾ سنڌي ماڻهو باقاعده رٿابندي سان ٺاهيل ٻه ماڙ  ٽه ماڙ پڪين جاين وارن شهرن ۾ رهندا هئا، انهيءَ ڪري سنڌ جي ثقافت به پراڻي ۽ قديم آهي. اها ثقافت سچائي ۽ خلوص جي جذبي سان ٽمٽار آهي. انهيءَ سچائي ۽ خلوص جا اهڃاڻ اسان کي لوڪ گيتن ۾ ملن ٿا، جيڪي سنڌ جا ماڻهو صدين کان ڳائيندا پيا اچن.

لوڪ گيتن جي ٻولي سادي ۽ سلوڻي آهي، جنهن ڪري هر ڪنهن جي سمجهه ۾ اچيو وڃن ۽ اهوئي راز سندن مقبوليت جو آهي، ڪالهه به لوڪ گيت مقبول هئا ته اڄ به انهيءَ چاهه سان ڳايا ۽ ٻڌا وڃن ٿا. لوڪ گيت قومي ثقافت جو قيمتي ورثو آهن. ڇاڪاڻ ته انهن گيتن ۾ مندائتيون محبتون به سمايل آهن ته وري هاري ناري پورهيتن جا گڏجي ڳايل جوشيلا گيت به شامل آهن. لوڪ گيتن ۾ موسمن، سانوڻ، وسڪاري، بسنت، پينگهن ۽ لوڏن بابت، وڇوڙي، اوسيئڙي ۽ ميلاپ وغيره جو ذڪر خاص ڪري شامل هوندو آهي ته وري ٻئي طرف جدا جدا خاص ڏڻن جي موقعي تي وري الڳ لوڪ گيت هوندا آهن.

شاديءَ تي وهانءُ جا ڳيچ به لوڪ گيتن جي دائري ۾ اچيو وڃن، اهي لوڪ گيت عوامي شاعري ۾ داخل آهن ۽ اهو به سچ آهي ته عوامي شاعري نهايت خوبصورت ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ جو ان ۾ ڪومل جذبا ۽ سادگي هوندي آهي، ان ۾ وڌاءُ کان ڪم ڪونه ورتو ويندو آهي، لوڪ گيتن جي شاعريءَ جي ٻول ادا ٿيڻ سان ئي ٻڌندڙن جي دلين ۾ پيهي ويندا آهن، انهيءَ ڪري ئي انهن گيتن ۾ اسان جي ثقافت نمايان هوندي آهي، ڇو جو انهن ۾ ڳوٺاڻن جي سادگي، نماڻائي ۽ سچائي جوسچو پچو عڪس چٽيل هوندو آهي.

جڏهن جڏهن ڪا آس، ڪرموڙي اٿي ٿي، سور سنگ ڪڍي ٿو، ڪا اک آلي ٿئي ٿي تڏهن اسان جي دل ڪجهه چاهي ٿي، انسان جا سڀ کان نرم ۽ نازڪ احساس اسان جي انهن لوڪ گيتن ۾ سمايل آهن.

نذير ناز

       ڪتاب: ”لهرن لک لباس“ ص 122 تان کنيل

 

قديم دور جي تاريخ مان اسان کي پتو پوي ٿو ته، آڳاٽي زماني ۾ سنڌ پرڳڻن ۾ ورهايل هئي. جيئن بکر پرڳڻو،  چانڊڪا پرڳڻو ۽ ساهتي پرڳڻو وغيره. موجوده ضلع نوشهروفيروز سڄو ساهتي پرڳڻي ۾ داخل هو. هن ڀاڱي جي زمين سنئين سڌي آهي ۽ آبهوا پڻ صحت بخش ۽ وڻندڙ اٿس. ”بازيدپور“ به ساهتي پرڳڻي جي حدن ۾ اچي وڃي ٿو، قديم زماني ۾ ساهتي هڪ وڏي ايراضيءَ وارو پرڳڻو هو ۽ تنهن وقت پرڳڻو موجوده دور جي تعلقي، ضلعي يا ڊويزن جيتري سرزمين کي چئبو هو. هن پرڳڻي ۾ سما، سهتا، مڱريا، لاکا ۽ ٻيون به ڪيتريون سماٽ قومون آباد هيون. تعليم جي لحاظ کان پڻ هي پرڳڻو وڏي اوج تي هو. ديوان لوڪرام ڏوڏيجو لکي ٿو ته:

”حيدرآباد جي عاملن کان پوءِ تعليم جو چاهه هن ضلعي جي ماڻهن ۾ گهڻو هو ۽ سرڪاري وڏن عهدن تي به هئا. سنڌ ۾ گهڻي ۾ گهڻا هاءِ اسڪول به هن ضلعي ۾ هئا. ايريقدر جو ڀريا ۽ ڪنڊيارو وغيره ڳوٺن ۾ به هاءِ اسڪول هئا. سنڌي ساهت جي اوائلي پيلپاوَن مان ديوان ڪوڙومل به هتان جو هو، سچا قومي ڪم ڪندڙ ۽ سماج سڌارڪ به هن ضلعي ۾ گهڻا هوندا هئا. سنڌ ۾ سڀ کان سٺو هٿ جو ٺهيل ڪپڙو به هن ضلعي جو هوندو هو. پڊعيدن جون فراسيون ۽ ٺارو شاهه جا انگوڇا هنڌين ماڳين مشهور هوندا هئا.“

 

ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو

       ڪتاب: ”تاريخ بايزِيدَپور“ ص 1 تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org