ڊاڪٽر نور احمد سنڌي
اضحي جا احڪام، تاريخ، اهميت ۽ فلسفو
ABSTRACT
On the occasion of "Eid al Adha" (sacrifice
festival) this year there was a discussion/ an
argument on facebook that "sacrifice of animals"
is an action of cruelty which should be
unlawfull, I was shocked to see that most of
them were "Muslims" and belong to muslim country
Pakistan. same were very glad on the incident
took place in "Minna" at Saudi Arabia during
Perorming the Hajj this year at performing.
"Staring the Satan & the call it the re-action
of satan against the stoning him. there were
many well wishers of Islam who answered them in
a good manner and satisfactorily.
Here are some words to clearify the matter, in
this regared. it discussed that "sacrifice of
animals" is not unlawful but it is according the
will of Almighty Allah who is the only creator
of them and as well as of humanbeings who
perform this task every year. it is also
declaired that this job is not only done by
muslims but is from the very bigninig of human
beings Hazrat Aadam (AS) the very first person
on the earth his two sons Habeel & Qabeel also
performed this task of sacrifice the father of
Prophets Hazrat Ibrahim (AS) performed this task
in compliance the order of Almighty Allah and
was ready to sacrifice his beloved son Hazrat
Ismail (AS) and so it remain continous among all
nations of the world in various conditions and
shapes. most of non muslims also perfom it in
various shapes and all divine faiths have made
it lawfull and necessary. The well wisher of
animals have to control on hunting and every day
slaughterous of animals for the purpose of
luxury and merriment as well as of human
beings.
تمهيد:
الله تبارڪ وتعاليٰ پنهنجي مخلوق تي بيحد مهربان
آهي. ان ٻاجهاري رب پنهنجي بهترين مخلوق لاءِ
بهترين دين جو انتخاب ڪيو آهي. ان کان منهن موڙڻ
کي بغاوت ۽ ڪفر سڏيو آهي. ان جي پيروي عين اسلام
آهي ۽ اسلام دين فطرت آهي. اسلام جا سمورا قانون ۽
قاعدا انساني فطرت جي عين مطابق آهن. ارشاد باري
تعاليٰ آهي.
ترجمو:
”بيشڪ ”الدين“ الله تعاليٰ وٽ ”الاسلام“
آهي. (يعني اصلي فطري دين سڀني جو اسلام آهي) مگر
اهلِ ڪتاب علم هوندي به بغاوت ڪري پاڻ ۾ اختلاف
ڪيو. (الله تعاليٰ کي ڪنهن جي به پرواهه نه آهي)
جيڪو به خدا تعاليٰ جي آيتن جو انڪار ڪندو ته (ياد
رکي) الله تعاليٰ تڪڙو حساب چڪائيندڙ آهي. (ان جي
باوجود) جيڪڏهن توهان سان جهڳڙو ڪن ته توهان
فرمايونِ، مون پنهنجو ۽ منهنجي پوئلڳن به، پنهنجو
سر الله تعاليٰ جي آڏو جهڪائي ڇڏيو آهي، ۽ انهن کي
چئو جن کي ڪتاب ڏنو ويو آهي (اهلِ ڪتاب) ۽ جيڪي
امي (عرب جا اڻپڙهيل) آهن ته توهان به خدا جي حضور
۾ سر جهڪايو (جيئن اسان جهڪايو آهي. يعني سندس
احڪام مڃو) پوءِ جيڪڏهن مڃن ته هدايت وارا ٿيندا ۽
جيڪڏهن منهن موڙنِ (نه مڃن ته تون پريشان نه ٿي).
تنهنجي مٿان صرف احڪام پهچائڻ آهي (مڃڻ جي ذميواري
انهن جي آهي) ۽ الله تعاليٰ (پاڻ) پنهنجي ٻانهنِ
کي ڏسي رهيو آهي.“
يعني الله تعاليٰ وٽ دين، فقط اسلام ئي (قابلِ
قبول) آهي، جيڪو اسلام کان سواءِ ڪو ٻيو دين
اختيار ڪندو کانئس قبول نه ڪيو ويندو. اسلام انسان
ذات جي بهتريءَ کي مدنظر رکندي سندس زندگيءَ جي هر
موڙ تي رهنمائي ۽ رهبري ڪندي احڪام جاري فرمايا،
انهن مان ڪي احڪام عام آهن ته ڪي خاص. عام ۽ خاص
به صرف انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ آهن. انهن مان
ڪي لازمي ته ڪي اختياري آهن. ڪجهه فرض، ڪجهه واجب،
ڪجهه سنت ته ڪجهه مستحب آهن. هن مقالي ۾ هڪ اهڙي
حڪم تي بحث ڪيو ويندو جيڪو واجب جي زمري ۾ اچي ٿو،
پر اهو ڪجهه ناعاقبت انديش مسلمانن وٽ اعتراض جوڳو
عمل ٿي پيو آهي، اهو آهي قرباني يعني اضحي.
تعارف:
قرباني (اضحي): اضحي هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو سال ۾
فقط هڪ ڀيرو ادا ڪيو ويندو آهي. قرباني هر عام
مسلمان تي واجب ناهي، پر صاحبِ نصاب (سرندي وارن)
مسلمانن تي واجب آهي ۽ ان جو فائدو هر عام مسلمان
کي ٿئي ٿو. هن ۾ مسلمان پنهنجي حق حلال جي بچت
ڪمائيءَ مان ڪو حلال جانور خريد ڪري (يا گهر ۾
پاليل) کي الله تعاليٰ جي راه ۾ قربان ڪندو آهي،
ان جو گوشت پاڻ به کائيندو آهي ۽ ٻين عام مسلمانن
کي به ورهائي ڏيندو آهي(2) .
قربانيءَ جا احڪام:
پنهنجي وطن ۾ مقيم هر صاحبِ نصاب (سرندي واري)
مسلمانن تي عيد الاضحيٰ جي مقرر ٽن ڏينهن مان ڪنهن
هڪ ڏينهن ۾ شرعي طور مقرر جانور کي ذبح ڪري ان جو
گوشت ورهائڻ واجب آهي. ان عمل جو نالو اضحي يا
قرباني آهي. ان جو وقت عيد نماز ادا ڪرڻ سان شروع
ٿيندو آهي، اها سال ۾ فقط هڪ ڀيرو ادا ڪئي ويندي
آهي. ٻي قرباني حج جي موقعي تي ڪئي ويندي آهي. حج
اسلام جو اهم رڪن آهي. هر سال لکين مسلمان پوري
دنيا مان اهو فرض ادا ڪرڻ لاءِ مڪه معظمه ۾ پهچن
ٿا. حج جي احڪامن مان هڪ حڪم قرباني آهي، جيڪا هر
حاجيءَ تي حج سان گڏ فرض آهي. زندگيءَ ۾ فقط هڪ
دفعو واجب آهي، پر جيڪڏهن ڪو وڌيڪ حج (نفلي) ادا
ڪندو ويندو ته ان کي قرباني به ادا ڪرڻي پوندي(3).
قربانيءَ جا ڪجهه اهم احڪام:
اضحي ڪرڻ مسلمانن جي اڪثريتي مسلڪ
”حنفي مسلڪ“ ۾ واجب آهي ۽ هر ان ماڻهو تي واجب
آهي، جنهن تي صدقه فطر واجب آهي يعني جيڪو صاحبِ
نصاب آهي. صاحبِ نصاب ان ماڻهو کي چئبو آهي، جنهن
وٽ زندگيءَ جي ضرورتن کان بچت ساڍا ٻاونجاهه تولا
چاندي يا ساڍا ست تولا سون يا انهن مان ڪنهن هڪ جي
قيمت نقد جي صورت ۾ يا ڪاروبار جي صورت ۾ هجي.
جيڪو زڪوات جو نصاب آهي. البته زڪوات لاءِ ضروري
آهي ته اهو مال سڄو سال يا سال جو اڪثر حصو وٽس
موجود رهيو هجي جڏهن ته فطراني يا قربانيءَ لاءِ
مال جو سڄو سال موجود هجڻ ضروري نه آهي. اگر ڪو
ماڻهو صاحبِ نصاب نه هوندو ۽ قرباني ڪندو ته کيس
اجر ملندو مگر مٿس شرعي طور تي واجب نه آهي(4).
قرباني صرف پنهنجي طرفان ۽ پنهنجي صغير اولاد
طرفان ڪئي ويندي آهي(5). حضور اڪرم صلي الله عليہ
وآلہ وسلم جن اضحيءَ جي ڏينهن ۾ ڪاري رنگ جا ٻه
دُنبا خريد ڪندا هئا جيڪي وڏن سڱن سان ۽ ٿُلها
متارا هوندا هئا. نماز ۽ خطبي مان فارغ ٿي پنهنجي
مبارڪ هٿن سان انهن کي ذبح ڪندا هئا جيئن ابن ماجه
۾ روايت آهي:
ترجمو:
”بيشڪ رسول الله جڏهن اضحي ڪرڻ جو ارادو فرمائيندا
هئا ته ڪاري رنگ جا ٻه دُنبا خريد ڪندا هئا جيڪي
وڏن سڱن سان سگها ۽ ٿلها متارا هوندا هئا انهن مان
هڪ پنهنجي پوري امت جي طرفان ذبح ڪندا هئا، جن
الله تعاليٰ جي توحيد ۽ سندن رسالت جي شاهدي ڏني
آهي. پوءِ ٻيو دنبو محمد ۽ آل محمد صلي الله عليہ
وآلہ وسلم جي طرفان ڪندا هئا.“
قربانيءَ جا جانور:
* قربانيءَ ۾ هر حلال جانور جيڪو گهر ۾ پاليو وڃي
ٿو ۽ ان جي عمر بلوغت کي پهچي ۽ ان ۾ ڪو به اهڙو
عيب نه هجي، جنهن سان سندس قيمت ۾ فرق پوي يا گوشت
گهٽ ٿئي، جائز آهي.
* ڪوبه جهنگلي حلال جانور جن جو شڪار ڪيو ويندو
آهي، تن جي قرباني نٿي ڪري سگهجي، ڪو به ڪمزور يا
نٻل ۽ بيمار جانور قربان نه ڪيو ويندو.
* قربانيءَ لاءِ اُٺ، مينهن، ڍڳو، ٻڪر، دنبو، رڍ
مادي يا نر جانور جائز آهن جن ۾ مٿيان سڀ شرط پورا
هجن(7).
قربانيءَ جو عمل:
قربانيءَ جو جانور ڪهڻ کانپوءِ ان جي سموري گوشت
کي گڏائي ان جا ٽي حصا ڪيا ويندا آهن. هڪ حصو
قرباني ڪرڻ وارو کڻندو، ٻيو حصو دوستن يارن، مٽن
مائٽن کي ڏنو ويندو آهي ۽ ٽيون حصو عام غريب غربي
کي ڏنو ويندو آهي(8).
قربانيءَ جي مختصر تاريخ:
اسلامي تاريخ مطابق قربانيءَ جي ابتدا به انسانيت
جي ابتدا سان گڏوگڏ ٿي. حضرت آدم عليہ السلام جي
ٻن پٽن جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ قربانيءَ جي حوالي سان
هن طرح آيو آهي.
ترجمو:
”انهن کي آدم عليہ السلام جي ٻن پُٽن جو قصو
سچائيءَ سان ٻڌاءِ جنهن وقت الله تعاليٰ جي حضور
۾ قربانيون پيش ڪيائون ته هڪڙي جي قبول ٿي ۽ ٻئي
جي قبول نه ٿي، ته چيائين ته مان توکي قتل ڪندس.
ٻئي چيس ته بيشڪ الله تعاليٰ تقويٰ وارن جي قرباني
ئي قبول فرمائيندو آهي.“
ان کانپوءِ حضرت ابراهيم عليہ السلام جي سندن
فرزند حضرت اسماعيل عليہ السلام جي قربانيءَ جو
ذڪر اچي ٿو. مشهور قصو آهي، جنهن ۾ پهريان پٽ جي
قربانيءَ جو حڪم ٿئي ٿو جيڪو پوءِ تبديل ٿي دنبو
قربان ٿيڻ جي صورت ۾ پورو ٿيو ۽ اها ئي قرباني آهي
جيڪا اڄ تائين سنت ابراهيمي طور اسلام ۾ به رائج
آهي.
يهودي مذهب ۽ عيسائي مذهب بلڪ هر الهامي يا غير
الهامي مذهب ۾ قربانيءَ جو ذڪر ڪنهن نه ڪنهن صورت
۾ ملي ٿو. يهودي توڙي عيسائي پاڻ کي ابراهيم عليہ
السلام جو پيرو ڪار چوائن ٿا. ابراهيم عليہ السلام
جي قربانيءَ جي ذڪر ۾ ارشاد باري تعاليٰ آهي:
ترجمو:
”پوءِ اسان ابراهيم عليہ السلام کي هڪ بردبار پٽ
جي بشارت ڏني سون، پوءِ جڏهن ان سان گڏ گهمڻ ڦرڻ
جهڙو ٿيو ته (سندس پٽ اسماعيل عليه السلام کي)
چيائين ته پٽڙا مون خواب ۾ ڏٺو آهي ته ڄڻ توکي ذبح
ڪري رهيو آهيان، پوءِ سوچ ته ڇا ڪرڻ گهرجي. چيائين
ته (اهو پالڻهار جو حڪم ٿي سگهي ٿو) جيئن توکي حڪم
ڪيو ويو آهي، ائين ڪر ۽ مون کي به صبر ڪرڻ وارن ۾
ڏسندين، پوءِ جڏهن ٻئي ڄڻا متفق ٿي ويا ته ان کي
(زمين تي) پيشاني ڀر ليٽايائين ته اتي اسان
(ابراهيم عليہ السلام کي) پڪاري چيو ته اي ابراهيم
عليہ السلام (بس) تو پنهنجو خواب سچو ڪري ڏيکاريو،
بيشڪ اسان نيڪو ڪارن کي بدلو ڏيندا آهيون، بيشڪ
اها وڏي ظاهر ظهور آزمائش هئي (جنهن لاءِ تون تيار
ٿي وئين) ۽ ان کي ذبح عظيم جي فديي سان تبديل ڪري
ڇڏيوسين.“
هن قربانيءَ کي الله تعاليٰ طرفان ابراهيم عليہ
السلام جي آزمائش قرار ڏنو ويو آهي، جنهن تي هُو
بلڪل پورو لٿو. سچيءَ دل سان پنهنجي جگر جو ٽڪرو
فرزند الله تعاليٰ جي راه ۾ قربان ڪرڻ لاءِ تيار
ٿي ويو. وڏي ڳالهه ته ان ۾ سندس پٽ اسمٰعيل عليہ
السلام به برابر جو شريڪ رهيو. ننڍڙو ٻار هو، پر
الله تعاليٰ جو حڪم نه ٽاريائين، خوشيءَ خوشيءَ
سان قبول ڪيائين. الله تعاليٰ کي سندن اهو عمل ۽
خلوص ايترو ته پسند آيو جو قيامت تائين سندن ياد
تازي ٿيندي رهي ٿي. هر مومن جيڪو الله تعاليٰ جي
رضا چاهي ٿو، اهو خوشيءَ خوشي سان پنهنجي مال مان
خرچ ڪري ٿو ۽ الله تعاليٰ جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جا
ڪيترائي طريقا آهن.
مال خرچ ڪرڻ جا احڪام ۽ طريقه ڪار:
خرچ ڪرڻ جا طريقا ۽ ذريعا، جايون سڀ الله تعاليٰ
قرآن پاڪ ۾ واضح ٻڌائي ڇڏيا آهن، صحابه ڪرام رسول
الله کان پڇن ٿا ته ڪيئن ۽ ڪيترو خرچ ڪري سگهجي
ٿو. ارشاد باري تعاليٰ آهي:
ترجمو:
”۽ (اهو به) توهان کان پڇن ٿا ته ڪيئن (ڇا) خرچ ڪن
توهان فرمايونِ ته بچت (پنهنجي معاشي ضرورتن کان
جيڪي وڌيڪ هجي) ائين الله تعاليٰ توهان کي احڪام
واضح ڪري ٻڌائي ٿو ته جيئن توهان فڪر ڪريو.“
ارشاد باري تعاليٰ آهي ته:
ترجمو:
(اي نبي) توهان کان پڇن ٿا ته ڪيئن (ڇا) خرچ ڪن،
توهان ٻڌايونِ ته پنهنجي مال ۾ جو ڪجهه (خوشيءَ
سان) خرچ ڪري سگهو ٿا سو ڪيو (ان جا حقدار)
والدين، ويجها مائٽ، يتيم مسڪين ۽ مسافر آهن ۽
جيڪا به نيڪي توهان ڪيو ٿا ته ان جي الله تعاليٰ
کي سڀ خبر آهي (هُو دلين جا راز ڄاڻي ٿو توهان جي
نيڪي رائگان نه ويندي).“
ائين ئي ٻئي هنڌ ارشاد باري تعاليٰ آهي:
”۽ الله تعالي جي راهه ۾ خرچ ڪريو. پنهنجي هٿن سان
پاڻ کي هلاڪي ۾ نه وجهو ۽ نيڪي ڪريو. بيشڪ الله
تعاليٰ نيڪي ڪندڙ کي پسند ڪري ٿو.“
الله تعاليٰ سندس راه ۾ خرچ ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي
ارشاد فرمايو:
ترجمو:
”انهن جو مثال جيڪي پنهنجا مال الله تعاليٰ جي
راهه ۾ خرچ ڪن ٿا، داڻي وانگر آهي (جيڪو زمين ۾
پوکبو آهي، جنهن وقت پوکبو آهي ته هڪڙو پر ان مان
) ست سلا ڦٽن ٿا ۽ هر سلي (سنگ) ۾ سو داڻا (هوندا
آهن) (پر) جنهن جي لاءِ (رب) چاهي (اڃا به) ٻيڻا
ڪري ڇڏي ۽ الله تعاليٰ ڪشادگي ڪندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.
جيڪي ماڻهو الله تعاليٰ جي راهه ۾ مال (ملڪيت)
خريد ڪن ٿا، پوءِ ان خرچ ڪيل مال سان (ٿورو جتائي)
ڪنهن کي ايذائن به نه ٿا. انهن جي لاءِ پنهنجي
پالڻهار وٽ (وڏا) اَجُر آهن، انهن جي مٿان ڪو به
خوف (خطرو) نه آهي، نه ئي اهي غمگين ٿيندا. (سائل
سان) سٺو ڳالهائن ۽ بخشش انهيءَ صدقي کان بهتر
آهي، جنهن جي پٺيان ايذاءُ هجي ۽ الله تعاليٰ
بيپرواهه (شاهوڪار) بردبار آهي.“
اتيئي وري احسان جتائي ڪنهن کي ايذاء ڏيڻ کان به
منع فرمائي ٿو، اهڙي احسان کان ته معاف ڪريو چوڻ
بهتر آهي. احسان جتائڻ وارو صدقو بلڪل بيڪار ٿي
وڃي ٿو. اها ڳالهه سمجهائڻ لا سهڻا سهڻا مثال ڏئي
ٿو. حڪم ٿئي ٿو ته:
ترجمو:
”اي ايمان وارو پنهنجي صدقن کي ٿوري (احسان) ۽
ايذائڻ سان برباد نه ڪريو، ان (ماڻهو) وانگر جيڪو
فقط ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ پنهنجو مال خرچ ڪندو آهي
(ته جيئن منهنجي نيڪي ٿئي ۽ ماڻهو وهوا ڪن) الله
تعاليٰ ۽ قيامت جي ڏينهن (جزا سزا) تي ايمان نه ٿو
رکي. (پوءِ اهڙن ماڻهن جو مثال انهيءَ (تِرڪڻي)
پٿر وانگر آهي، جنهن جي مٿان مٽين جو تهه ڄمي وڃي.
پوءِ جنهن وقت ان تي زوردار مينهن پيو ته ان کي
صاف پٿر ڪري ڇڏيائين، اهي (رياڪار) به ائين آهن
جيڪي ڪجهه ڪن ٿا (خير خيرات وغيره) سو (ريا ۾) ختم
ڪري ٿا ڇڏين ۽ الله تعاليٰ ڪافرن جي ٽولي کي هدايت
نٿو ڏئي ۽ انهن جو مثال جيڪي پنهنجي مال الله
تعاليٰ جي رضامندي خاطر خريد ڪن ٿا ۽ دلجمعي سان
ڪن ٿا. ان باغ وانگر آهي جيڪو مٿاهين (سٺي) زمين
تي هجي جيڪڏهن مينهن وسي ته ٻيڻو (ٽيڻو) ڦر ڏئي ۽
جيڪڏهن ٿورو گهڻو پوي (گهڻو نه وسي) ته به شاداب
ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڏسي ٿو
جيڪي ڪجهه توهان ڪيو اٿس. ڇا توهان مان ڪو چاهي ٿو
ته ان جي لاءِ کجين ۽ اَنگورن جو باغ هجي، جنهن
جي هيٺان نهرون وهنديون هجن ۽ ان ۾ هر قسم جا ميوا
(به) هجن ۽ (جنهن وقت) اهو پوڙهو ٿي وڃي ۽ کيس
ننڍڙا (ضعيف) ٻار به هجن. پوءِ ان جي باغ ۾ انڌاري
(طوفان) لڳي، جنهن ۾ باهه به هجي (سڄو باغ) ساڙي
ڇڏي. (يقيناً ائين ڪير به نه چاهيندو پوءِ ريا ۽
احسان جتائڻ ڇڏي ڏيو) ائين الله تعاليٰ توهان کي
پنهنجون نشانيون چِٽيون ڪري ٿو ٻڌائي، ته من توهان
غور فڪر ڪريو.“
الله تعاليٰ صدقي ڪرڻ لاءِ حق حلال مان ڪمايل
روزيءَ جو شرط لڳايو آهي ۽ ڪشاده دلي سان خرچ ڪرڻ
لاءِ سڃائي جي خوف ۽ شيطاني مڪر و فريب کان بچڻ
لاءِ مغفرت ۽ خوشحالي ۽ ساڳي شيءِ جي واپسيءَ جو
واعده فرمائي ٿو. جيئن مومن دل کولي بي ڊپا ٿي
الله جي راهه ۾ خرچ ڪري سگهن، ارشاد آهي:
ترجمو:
”اي ايمان وارو! پاڪ (حلال) شين مان (الله تعاليٰ
جي راهه ۾) خرچ ڪيو جيڪي توهان ڪمايو ٿا (محنت
مزدوري ڪري) ۽ جيڪي ڪجهه اسان توهان لاءِ زمين مان
ڪڍيو (کائون يا پوک ۽ ميوا وغيره). خراب يا ردي
شيون (الله تعاليٰ جي راهه ۾) خيرات نه ڪريو.
اهڙيون شيون توهان کي ڏجن ته توهان به نه وٺندؤ.
ها پر اکيون پوري (نرڄاڻي سان) وٺي ڇڏيو ته ٿي
سگهي ٿو ۽ خبردار رهو الله تعاليٰ بيپرواهه
(شاهوڪار) ۽ ساراهيل آهي (ان کي توهان جي شين يا
بيڪار شين جي پرواهه نه آهي). شيطان توهان کي
سڃائيءَ کان ڊيڄاري ٿو (جيڪڏهن الله تعاليٰ جي
راهه ۾ ڏيندا رهندئو ته سڃا ٿي ويندؤ) ۽ برائي جي
ترغيب ڏئي ٿو ۽ الله تعاليٰ توهان سان بخشش ۽
ڀلائي جو واعدو ٿو ڪري ۽ الله تعاليٰ ڪشادگي ڪندڙ
۽ ڄاڻندڙ آهي، جنهن کي وڻيس حڪمت عطا ڪندو آهي ۽
جنهن کي به حڪمت عطا ٿي، ان کي تمام گهڻي ڀلائيءَ
ملي وئي، پر (انهن ڳالهين يا حڪمت) مان نصيحت صرف
صاحبِ عقل ئي حاصل ڪندا آهن ۽ (ڏسو) ڪهڙي به قسم
جي خيرات ڪريو يا ڪو به نذر پورو ڪيو يا باسيو ته
الله تعاليٰ ان کي ڄاڻي ٿو ۽ ظالمن لاءِ ڪو به
مددگار نه آهي. جيڪڏهن ظاهر ظهور خيرات ڪيو (نالي
ناموس جي گهرج کان سواء) ته اهو به سٺو آهي. (پر)
جيڪڏهن لڪائي ڏيو ۽ فقيرن کي ڏئي ڇڏيو ته اهو
توهان لاءِ بهتر آهي. اهو توهان جي گناهن جو ڪفارو
ٿيندو (گناهه دور ڪري ڇڏيندو) جو ڪجهه توهان ڪريو
ٿا، الله تعاليٰ ان جي خبر رکندڙ آهي. توهان جي
مٿان انهن جي هدايت (جي ذميواري) نه آهي، پر الله
تعاليٰ جنهن کي چاهي هدايت ڏئي. جيڪي ڪجهه توهان
خرچ ڪندو (اهو مون لاءِ نه آهي) پر پنهنجي لاءِ
فائدو اٿوَ ۽ جيڪو ڪجهه خرچ ڪريو ٿا، صرف الله
تعاليٰ جي رضامنديءَ لاءِ خرچ ڪريو ٿا (اهڙي طرح)
جو ڪجهه خرچ ڪندؤ (الله تعاليٰ) ان جو بدلو توهان
کي ڏيندو ۽ توهان سان زيادتي نه ٿيندي.“
اهڙا ماڻهو جيڪي انتهائي شرميلا ۽ حياء وارا هوندا
آهن، پنهنجو پاڻ کي الله تعاليٰ جي ڪمن لاءِ وقف
ڪري ڇڏيندا آهن، کڻي بظاهر غني نظر ايندا هجن، اهي
ضرورت هوندي ۽ حقدار هوندي به ڪنهن کان گهري نه
سگهندا آهن، ٻاجهارو رب انهن جي به پارت ڪري ٿو ته
انهن جي از حد مدد ڪريو.
ترجمو:
”خيرات اهڙن فقيرن لاءِ آهي جيڪي الله تعاليٰ جي
راهه ۾ بند ٿي ويا آهن (مصروفيت جي ڪري) زمين ۾
گهُمي ڦري روزي ڪمائي نه ٿا سگهن، انهن کي ناواقف
شاهوڪار ٿا سمجهن، نه گهرڻ جي ڪري. انهن کي تون
نشانين سان سڃاڻي ويندين. ماڻهن کي منٿون ڪري سوال
نٿا ڪن ۽ کين جيڪي ڪجهه توهان نيڪي ۾ خرچ ڪندو ته
الله تعاليٰ کي ان جي سڀ خبر آهي. جيڪي ماڻهو
پنهنجو مال رات جو، ڏينهن جو، لڪ ۾ يا ظاهر ۾ خرچ
ڪن ٿا، انهن لاءِ سندن پالڻهار جو اجر آهي، انهن
جي مٿان ڪو به خوف نه آهي، نه ئي اهي غمگين
ٿيندا.“
ٻئي هنڌ ارشاد باري تعاليٰ آهي:
ترجمو:
”۽ اهي اهڙا آهن جو سندس مال ۽ ملڪيت ۾ سوال ڪندڙ
۽ محروم (عوام) لاءِ مقرر ڪيل ڄاتل سڃاتل حق مقرر
ڪيل آهن.“
قرآن پاڪ الهامي آفاقي ۽ فطرتي ڪتاب آهي، ان جا
احڪام تا قيامت نافذ العمل آهن ۽ ان ۾ ئي مخلوق
خاص طور تي بني نوع انسان جي بهتري سمايل آهي ۽ ان
تي عمل ڪرڻ سان ئي دنيا ۾ ڪاميابي ۽ آخرت ۾ به
ڪامراني نصيب ٿيندي. انساني زندگيءَ جي هر پهلو
لاءِ قرآن پاڪ ۾ مشعل راهه آهي. قرآن پاڪ جيئن مال
ڪمائڻ جا قانون ۽ طريقا ٻڌائي ٿو، تيئن ان کي خرچ
ڪرڻ جي به وضاحت ڪري ٿو. هتي اسان صرف جانورن جي
حقوق جي باري ۾ ذڪر ڪنداسين.
جانورن جا احڪام:
شريعت موجب جانورن جا ٻه قسم آهن، هڪڙا حلال ۽ ٻيا
حرام، انسان لاءِ ٻنهي قسمن جي جانورن مان جائز
نفعو حاصل ڪرڻ جي اجازت آهي. جيئن ڪي سواري،
باربرداري ۽ چوڪيداريءَ جي ڪم اچن ٿا. هن ۾ حلال
حرام جو فرق ناهي. جيئن، هاٿي، اٺ، گهوڙو، گڏهه،
خچر، ڪُتو وغيره، پر جيئن انهن جانورن مان نفعو
وٺڻ جي اجازت آهي، تيئن انهن جي کاڌ خوراڪ، سار
سنڀال ۽ آرام جو خيال ڪرڻ به شريعت مطابق لازم
آهي. جانورن جي احڪام لاءِ قرآن پاڪ ۾ هڪ سورت
’انعام‘ نالي سان آهي، جنهن ۾ وضاحت سان جانورن جا
احڪام ۽ حقوق بيان ٿيل آهن. ان کان علاوه ٻين جاين
تي به ذڪر آهي. انساني فطرت ۽ گهُرج کي نظر ۾ رکي
الله تعاليٰ ڪجهه جانورن کي حلال فرمايو آهي ۽
ڪجهه کي حرام ان ۾ به انسانيت جي فلاح ۽ بهبود کي
مدنظر رکيو ويو آهي.
سائنسي تحقيق مان به ثابت ٿي ويو آهي ۽ ثابت ٿيندو
رهي ٿو ته جيڪي جانور الله تعالي طرفان حرام ڪيل
آهن، اهي انساني فطرت ۽ صحت لاءِ سخت هاڃيڪار آهن.
اعتراضات:
ڪجهه ماڻهن طرفان قربانيءَ واري عمل تي بيجا تنقيد
ڪئي ويندي آهي، سندن نڪتهء نظر اهو آهي ته هڪ ته
اهو جانورن تي ظلم آهي ۽ ٻيو ته پئسي جو زيان آهي.
مختلف زاويه نظر کان مختلف اعتراض ڪيا ويا آهن، پر
سڀني جو حاصل مقصد اهو ئي وڃي ٿو بيهي.
هتي ٻنهي ڳالهين جو الڳ الڳ جائزو ورتو وڃي ٿو ته
جيئن اهلِ علم طبقي جي تسلي ٿي سگهي.
جانورن تي ظلم:
مخلوق جو خالق، الله تعاليٰ پنهنجي سموري مخلوق
لاءِ رحمان ۽ رحيم آهي، ان قادر ۽ قدير، حڪيم ۽
عليم رب الارباب، انسان ذات کي احسنِ تقويم ۽ اشرف
المخلوق ڪري خلقيو ۽ ٻي سموري مخلوق سندس نفعي،
فائدي ۽ مدد لاءِ تخليق فرمائي، جنهن جو ذڪر
باربار قرآن پاڪ ۾ مختلف جاين تي ٿيل آهي. انسان
کي الله تعاليٰ علم ۽ حڪمت جي دولت سان نوازي ان
کي پنهنجي خلافت جو اعزاز ڏئي ۽ تسخير ڪائنات جي
ذميواري به عطا فرمائي. پوءِ جنهن کي جيترو علم ۽
حڪمت آهي يا ان مان جيترو فائدو وٺي سگهي ٿو، اهو
ان تي منحصر آهي. هيءَ چنڊ تي چڙهائي، مريخ جو
سفر، مختلف سيارن جو سير، علم ۽ حڪمت جي ڪري ئي
ميسر ۽ ممڪن ٿي سگهيا آهن. انهن سڀني جي تسخير مان
مراد انهن تي ڪنٽرول ڪري انهن مان نفعو حاصل ڪرڻ
آهي. اهڙي طرح زميني مخلوق يا سمنڊ پاڻ ۽ سندس
مخلوق جي تسخير به ان ۾ شامل آهي.
مخلوق جا قسم:
عالمن، مخلوق جا ٽي قسم ٻڌايا آهن. جمادات، نباتات
۽ حيوانات. حيوانات ۾ ناطق ۽ غير ناطق شامل آهن.
ناطق مان مراد، انسانذات آهي. جيڪي ڳالهائي
ٻولهائي سگهن ٿا. ۽ ان کي ساري مخلوق تي فوقيت
حاصل آهي، جيڪا کيس علم جي ڪري حاصل ٿي آهي. سموري
مخلوق مان انسان کي تسخير ڪرڻو آهي ۽ ان مان نفعو
حاصل ڪرڻو آهي.
جمادات:
زمين ۽ جبلن کي چيري ڦاڙي انسان ان مان ڇا ڇا نه
حاصل ڪيو آهي، ڪيترا لڪيل خزانا ڳوليا آهن جيڪي هر
طرح سان انسان جي ڪم اچي رهيا آهن ۽ کيس نفعو
پهچائي رهيا آهن. ان جو ذڪر به زلزال سورت ۾ الله
تعاليٰ فرمائي ڇڏيو آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي.
ترجمو:
”يعني زمين پنهنجا خزانا (بار) ٻاهر ڪڍندي.“
اهڙيءَ طرح پوري ڪائنات جي محور سج مان عام فائدي
حاصل ڪرڻ کان علاوه ”سولر انرجي“ (شمسي تواناني)
ذريعي بجلي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون حاصل ڪيون وڃن
ٿيون. ٻين سيارن تي به انسان پهچڻ جي ڪوشش ۾ مصروف
آهي. ٿي سگهي ٿو ته انسان مستقبل قريب ۾ ڪنهن ٻئي
سياري تي رهائشي ڪالونيون ٺاهي ۽ ٻيا ڪي اهڙا
فائدا حاصل ڪري سگهي.
نباتات:
نباتات به انسان جي فائدي لاءِ ڪم اچي ٿو. اهو به
زمين مان ئي ڦُٽي نڪري ٿو. ڪي قدرتي طور پيدا ٿين
ٿا ته ڪن کي انسان مصنوعي طور پنهنجي محنت سان
حاصل ڪري ٿو. جنهن مان سندس کائڻ، پيئڻ، پهرڻ مطلب
ته هر قسم جون ضرورتون پوريون ٿين ٿيون. جيڪا قوم
جيري تسخير ڪري سگهي ٿي اها اوترو وڌيڪ نفعو حاصل
ڪري سگهي ٿي.
حيوانات:
ٽيون قسم حيوانات جو آهي. حيوان مان مراد هر
جاندار، ساهوارو آهي. فطرتي قانون پٽاندر جنهن
جاندار کي جيترو عقل (علم) آهي، اهو اوترو ٻين مان
فائدو حاصل ڪري ٿو. انسان کي الله تعاليٰ علم ۽
حڪمت سان بيحد نوازيو آهي، جمادات ۽ نباتات سان
گڏوگڏ پنهنجي قسم جي مخلوق يعني حيوانات مان به
ڀرپور فائدو حاصل ڪري ٿو.
جيڪا شيءِ جنهن مقصد لاءِ تخليق ٿيل آهي، ان مان
اهڙي قسم جو فائدو وٺڻ گهرجي. ان لاءِ الله تعاليٰ
قاعدا ۽ قانون به مقرر ڪري ڇڏيا ته جيئن ڪو ڪنهن
ٻئي تي بيجا تجاوز نه ڪري سگهي. جانور به انسان
وانگر ذي روح (ساهوارا) هجڻ جي ڪري وڌيڪ قابلِ
توجه ۽ قابل رحم آهن، انڪري انهن لاءِ قاعدا ۽
قانون به سڀ کان وڌيڪ آهن. انهن کي ڪيئن ۽ ڪيترو
استعمال ڪرڻو آهي، اهو به واضح ٿيل آهي.
سوره انعام جي آيت- 141 کان 146 تائين ۾ الله
تعاليٰ نباتات ۽ حيوانات جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن کي
استعمال ڪرڻ ۽ فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه قاعدا
مقرر فرمايا آهن، ملاحظو ڪندا. نباتات بابت ارشاد
باري تعاليٰ آهي:
ترجمو:
”۽ اهو (الله تعاليٰ) اهڙو آهي، جنهن (قسمين
قسمين) باغ پيدا ڪري ڇڏيا آهن، ٿڙن وارا ۽ بغير
ٿڙن وارا ۽ کجيون ۽ پوکون جن جا ذائقا مختلف آهن ۽
زيتون ۽ ڏاڙهون هڪ ٻئي سان (شڪل و صورت ۾) ملندڙ ۽
الڳ الڳ انهن جو ميوو کائو جنهن وقت ڦر ڪن ۽ انهن
مان (فقيرن حقدارن) جو حصو (زڪوات) لاباري/ بٽائي
واري ڏينهن ئي ادا ڪري ڇڏيو ۽ اجايو خرچ (وڃائڻ)
نه ڪريو، بيشڪ الله تعاليٰ اسراف ڪندڙن کي پسند نه
ٿو ڪري.“
حيوانات بابت ارشاد باري تعاليٰ آهي:
ترجمو:
۽ جانورن مان (ڏسو) الله تعاليٰ بار کڻندڙ (جيئن
اُٺ، گهوڙو وغيره) ۽ زمين سان لڳل (جيئن ٻڪريون،
رڍون ننڍڙي قد وارا جانوار) پيدا فرمايا. جيڪو رزق
توهان کي الله تعاليٰ عطا فرمايو آهي، ان مان
کائو، شيطان جي پويان نه لڳو، بيشڪ اهو توهان جو
چٽو پٽو دشمن آهي. اَٺ جوڙا آهن ٻه (نر ۽ ماديون)
۽ ڍڳن (۽ مينهن) مان ٻه (نر ۽ ماديون) فرماء (اي
محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم) ته الله تعاليٰ
ڪنهن کي انهن مان حرام ڪيو آهي، نرن کي يا مادن کي
يا انهن کي جيڪي ٻنهي قسمن جي مادين کي پيٽ ۾ آهن.
مون کي علم (دليل سان) ٻڌايو جيڪڏهن توهان سچا
آهيو ته اُٺن مان ٻه (نر ۽ ماديون) ۽ ڍڳن (۽
مينهن) مان ٻه (نر ۽ ماديون) فرماءِ ته ڇا نر حرام
آهي يا ماديون يا جيڪو ٻنهي قسم جي مادين جي پيٽ ۾
آهي. ڇا ان وقت توهان حاضر هئا، جنهن وقت توهان کي
ان جو (حرام حلال جو) حڪم ڪيائين، پوء ان کان
وڌيڪ ظالم ڪير آهي جيڪو الله تعاليٰ تي ڪوڙا بهتان
ٿو هڻي. انڪري ته جيئن جهالت سان ماڻهن کي گمراهه
ڪري، بيشڪ الله تعاليٰ ظالمن جي قوم کي هدايت ناهي
ڪندو. اي رسول فرماء ته مان وحيءَ مطابق جيڪو مون
ڏي ڪيو ويو آهي، ڪا به شيءِ حرام نه ٿو سمجهان،
کائڻ واري تي جيڪو کائي ٿو مگر جيڪو مردار (ڍونڍ)
يا وهندڙ رت يا سوئر جو گوشت ڇو ته اهي پليت آهن
يا گناهه جو سبب آهن، الله تعاليٰ کان سواء ٻئي
ڪنهن جي نالي تي ذبح ڪيل آهن، پر جيڪو ماڻهو مجبور
هجي باغي يا حد کان وڌندڙ نه هجي (اهو کائي سگهي
ٿو) پوءِ بيشڪ تنهنجو پالڻهار بخشيندڙ رحم ڪندڙ
آهي ۽ يهودين جي مٿان اسان هر ننهن وارو جانور
حرام ڪيو هو ۽ ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين مان انهن جي چرٻي
(وهه) (حرام هئي) مگر جيڪا پٺن انتڙين يا هڏن سان
گڏيل هجي. اها سزا سندن بغاوت (سرڪشي) جي ڪري کين
ڏني هئي سين ۽ بيشڪ اسان سچا آهيون.“
هتي الله تعاليٰ يهودين لاءِ ڪجهه الڳ قاعدا ٻڌايا
آهن جيڪي ان دور ۽ فطرت مطابق سندن لاءِ مقرر ٿيل
هئا ۽ انهن مان ڪجهه ته سندن بغاوت جي سزا طور
هئا.
انساني فطرت:
الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل فطرت مطابق حيوانات ۾
ڪجهه سبزي خور آهن ته ڪجهه گوشت خور، پر انسان
سبزي خور به آهي ته گوشت خور به آهي. انڪري اهڙا
جانور جيڪي پاڪ ۽ طيب آهن انساني صحت لاءِ
فائديمند آهن، انهن جو گوشت کائڻ حلال ۽ جائز آهي.
پوءِ اهي جانور سامونڊي هجن يا هوا ۾ اڏامندڙ پکي،
خشڪيءَ تي رهندڙ جهنگلي جانور هجن يا گهر ۾ پاليل
پالتو جانور.
قرباني اهڙن جانورن جي ڪئي ويندي آهي جيڪي طيب ۽
حلال هجن، انهن ۾ به قاعدا قانون آهن. عمر مقرر
ٿيل آهي يعني بالغ هجن ۽ هر اهڙي عيب کان پاڪ هجن
جنهن سان گوشت يا قيمت ۾ ڪمي ايندڙ هجي. ڪو به
ننڍو يا تمام وڏي عمر وارو جانور قربان نٿو ڪري
سگهجي. حالانڪه انهن جو گوشت کائڻ حلال به آهي.
قرباني ڪرڻ هر مسلمان تي واجب ناهي. پر جيڪو صاحبِ
نصاب آهي يا صاحبِ وسعت آهي يعني بغير ڪنهن اضافي
بوجهه جي قرباني ڪري سگهي.
ٻڪري ۽ دنبي کي ڇڏي ڪري باقي جانورن ۾ ست ڀائيوار
گڏجي هڪڙو جانور قربان ڪري سگهن ٿا، جنهن مان سندن
وجوب لهي وڃي ٿو، دوران حج قرباني ڪرڻ جا به
تقريباً ساڳيا قاعدا ۽ قانون آهن(22) .
انساني فطرت ۽ قرباني:
انساني فطرت ۾ جيئن ته گوشت کائڻ وديعت ٿيل آهي،
انڪري هر انسان گوشت کائي ٿو، جنهن کي جيترو ميسر
ٿئي ٿو، پر ڪي اهڙا به انسان آهن جن کي سال ۾ هڪ
ڀيرو به گوشت کائڻ نصيب نه ٿيندو آهي. انڪري الله
تعاليٰ سال ۾ هڪ ڀيرو جيئن زڪوات ۽ ٻيا مالي فرائض
مقرر ڪيا آهن تيئن غريبن ۽ مسڪينن کي گوشت کارائڻ
لاءِ اضحيٰ قربانيءَ جو طريقو واضح فرمايو. جيئن
الله تعاليٰ جي هن نعمت کان به ڪو محروم نه رهي.
اسراف (پئسي جو زيان):
انهن حقيقتن کي مدنظر رکي ڏسجي ته ڇا اهو عمل
اسراف ۾ شامل آهي. هڪ دولتمند ماڻهو جيڪو پنهنجي
گهر ۾ تقريباً روزانو گوشت استعمال ڪري ٿو. جيڪڏهن
سال ۾ فقط هڪ دفعو غريبن لاءِ هڪ جانور قربان ڪري
ٿو، جنهن جي معتدل قيمت 30 هزار رپين کان هڪ لک
تائين وڃي بيهندي، ڪهڙو اسراف ٿيو.
ان ۾ جيڪي ستون حصو قربان ڪن ٿا انهن جو خرچ 10
هزار رپين کان مٿي نه بيهندو، انهيءَ ۾ به ڪافي
قيمت جو گوشت يعني ٽيون حصو پنهنجي حصي مان پاڻ
استعمال ڪن ٿا. ٿلهي ليکي ڏسجي ته پوري سال ۾ فقط
هڪ دفعو ست هزار رپيا خرچ ڪري مٽن مائٽن ۽ پاڙي
وارن کي گوشت کارائڻ ۾ ڪهڙو اسراف آهي. قربانيءَ
واري عيد تي ڪو به اهڙو گهر ناهي هوندو جتي گوشت
نه پهچندو هجي. ڇا اها الله تعاليٰ جي نعمت ناهي؟
قربانيءَ دوران ڪجهه خرافات:
عام طور ڏٺو ويو آهي ته جانور مهانگا خريد ڪري
انهن جي تشهير ڪئي وڃي ٿي، انهن کي ميندي هڻڻ ڳانا
ٻڌڻ، گهٽين ۾ گهمائڻ ۽ ماڻهن کي ڏيکارڻ وغيره.
انهن ڳالهين جو شريعت سان ڪو واسطو ناهي.
اهي انساني خرافات آهن، انهن جي ته شريعت پاران
سخت منع ٿيل آهي ۽ اهو عمل ”ريا“
(ڏيکاءُ) ۾ شامل ٿئي ٿو جنهن سان ڪو به عمل قبول
نٿو ٿئي ايتري قدر جو جيڪڏهن نماز به ماڻهو ٻين کي
ڏيکارڻ لاءِ پڙهي ٿو ته اها به الله تعاليٰ وٽ
قابل ناهي. انڪري قرباني ڪندڙن کي ان کان پرهيز
ڪرڻ گهرجي.
باقي جيڪڏهن ڪو غريب غربو به ڪوشش ڪري قربانيءَ جي
عمل ۾ شريڪ ٿئي ٿو ته ان کي منع نٿي ڪري سگهجي
جيئن ڪو غريب پئسا گڏ ڪري حج تي وڃڻ چاهي ته ان کي
به منع نه ٿو ڪري سگهجي. شريعت طرفان انهن تي ڪو
به زور زبردستي ناهي. اهڙي طرح ثابت ٿيو ته
قربانيءَ جي عمل ۾ ڪو به اسراف ناهي. اسلام جيڪو
وضوءَ جي پاڻيءَ ۾ به اسراف جي اجازت نٿو ڏئي، اهو
ايڏو وڏو اسراف ڪيئن برداشت ڪندو.
باقي رهيو جانورن تي ظلم، جانورن جي فطرت ئي اهڙي
آهي، انهن جي تخليق ۾ اهو عمل شامل آهي، انسان
جيڪڏهن جانورن مان نفعو حاصل ڪري ٿو، ته ان جي
بدلي ۾ انهن کي کاڌ خوراڪ مهيا ڪري ٿو. تحفظ ڏئي
ٿو، جانورن جا هزارين قسم آهن، دنيا ۾ هزارين لکين
جانور مرن ۽ ڪسجن ٿا. شادين ۽ غمين ۾ جانور ڪسن
ٿا، روزاني خوراڪ لاءِ عام رواجي طور لکين حلال
توڙي حرام جانور ذبح ٿين ٿا. هزارين جانور شڪار
ڪيا وڃن ٿا، ڪيترا جانور هڪ ٻئي کي کائي يا پاڻ ۾
وڙهي هڪٻئي کي ختم ڪري ڇڏين ٿا. انهن جي بچاءَ
لاءِ ڪهڙا اُپاء ورتا وڃن ٿا يا ڪهڙا اپاء وٺي
سگهجن ٿا، ممڪن ئي ناهي. اعتراض ڪندڙ ٻڌائي سگهن
ٿا ته جنهن وقت دوستن سان گڏ محفلن ۾ بيجا گوشت جو
زيان ٿيندو آهي، ان وقت ته پاڻ به ان ۾ شريڪ هوندا
آهن. ملحدن جو هٿيار ٿي اسلامي اصولن تي بيجا
تنقيد نه ڪرڻ گهرجي.
ڪنهن به اسلامي اصول تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ لک دفعا
سوچڻ گهرجي. اسلام جو ڪو به اصول فطرت جي منافي
ڪڏهن به نه هوندو آهي. وڌ ۾ وڌ احتياط ڪري انهن جو
ڪوس گهٽائي سگهجي ٿو. سو به ڪيتري حد تائين جڏهن
ته اهو انساني فطرت ۾ شامل آهي.
بالفرض قربانيءَ جو عمل روڪجي تڏهن به گهريلو
جانور ان مان اثرانداز ٿيندا. باقي ٻين جانورن جو
ذمو ڪير کڻندو. هڪ ناممڪن عمل جي پوئيواريءَ ۾ دين
اسلام ۽ الهيٰ قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ ۽ ان تي چٿر
۽ ٺٺول ڪرڻ ڪٿان جو انصاف ، ڪٿان جي انسانيت آهي.
ڪنهن به ڳالهه تي تنقيد ڪرڻ لاءِ پهريان ان جو هر
لحاظ کان جائزو وٺڻ گهرجي. پوءِ لب ڪشائي فرمائجي،
جيئن ڪنهن جي دل آزاري به نه ٿئي ۽ اجايا سجايا
بحث به نه ڇڙن.
حوالا:
1. آل عمران 3/18- 19.
2. القدوري محمد بن احمد ابوالحسين ڪتاب الاضحيه ص
623ط/ اولي 2008ع مڪتبه البشري ڪراچي سنڌ ۽ ٻيا
ڪتب فقه.
3. القدوري محمد بن احمد ابوالحسين ڪتاب الاضحيه ص
623ط اولي 2008ع مڪتبه البشري ڪراچي سنڌ ۽
ابوالبرڪات عبدالله بن احمد بن محمود نسفي ڪنز
الدقائق ڪتاب الاضحيه ص 663-364ط/ اولي 1391هه
سعيد ايڇ ايم ڪمپني ڪراچي سنڌ.
4. القدوري محمد بن احمد ابوالحسين ڪتاب الزڪاه
باب صدقه الفطر ص 183ط اولي 2008ع مڪتبه البشري
ڪراچي سنڌ.
5. القدوري محمد بن احمد ابوالحسين ڪتاب الاضحيه ص
623ط اولي 2008ع مڪتبه البشري ڪراچي سنڌ
ابوالبرڪات عبد الله بن احمد بن محمود نسفي ڪنز
الدقائق ڪتاب الاضحيه ص 66- 364ط اولي 1391هه سعيد
ايڇ ايم ڪمپني ڪراچي سنڌ ۽ ٻيا ڪتب فقه.
6. ابن ماجه ابي عبدالله محمد بن يزيد القرويني
ابواب الاضاحي ح 3122ط/ اولي 1999 دار السلام
للنشر والتوزيع الرياض.
7. القدوري محمد بن احمد ابوالحسين ڪتاب الاضحيه ص
623ط / اولي 2008ع مڪتبه البشري ڪراچي سنڌ ۽ ٻيا
ڪتب فقه.
8. القدوري محمد بن احمد ابوالحسين ڪتاب الاضحيه ص
623ط/ اولي 2008ع مڪتبه البشري ڪراچي سنڌ
والمرغيناني ابوالحسن علي بن ابي بڪر الفرغاني شرح
الهدايه ڪتاب الاضحيه 441/2 450. مڪتبه امداديه
ملتان 1311هه و ابو البرڪات عبدالله بن احمد بن
محمود نسفي ڪنز الدقائق ڪتاب الاضحيه ص 66- 364ط
اولي 1391ه سعيد ايڇ.ايم ڪمپني ڪراچي سنڌ ۽ ٻيا
ڪتب فقه.
9. المائده 5/ 27.
10. الصافات/ 10037 کان 107).
11. البقره 2 219/.
12. البقره 2 215/.
13. البقره2 195/.
14. البقره 2 261/- 262 .
15. البقره 2 263/- 266.
16. البقره 2 267/- 272.
17. البقره 2 273/- 274.
18. المعارج 70/ 24-25.
19. الزلزال/ 299.
20. الانعام 146/0 141.
21. الانعام 6 142/ 146.
22. القدوري محمد بن احمد ابوالحسين ڪتاب الاضحيه
ص 623ط اولي 2008ع مڪتبه البشري ڪراچي سنڌ
ابوالبرڪات عبدالله بن احمد بن محمود نسفي ڪنز
الدقائق ڪتاب الاضحيه ص 66- 364ط اولي 1391ه سعيد
ايڇ ايم ڪمپني ڪراچي سنڌ ۽ ٻيا ڪتب فقه. |