ڊاڪٽر محمد ادريس السندي
ضلعي نوشهروفيروز ۾ مخطوطات جا ذخيرا
سنڌ اندر ساهتي پرڳڻو هميشه سرس رهيو آهي. سڄي سنڌ
جو وچ هئڻ سبب اتان جي ٻولي به معيار ۽ ماپو سمجهي
وڃي ٿي. هتان جو هر شهر، وستي ۽ واهڻ اڄ به علمي
انهماڪ جي شاهدي ڏئي ٿو. هن زرخيز زمين مان
ڪيترائي گوهر پيدا ٿيا، جن پنهنجا لافاني علمي
داستان ڇڏيا.
درٻيلي جي مخدوم رحمت الله جا احڪام الحج تي لکيل
3 ڪتاب، اڄ به پوري مسلم دنيا ۾ حجت تسليم ڪيا وڃن
ٿا، سندس ڀاء مخدوم حميد درٻيلوي، جنهن مسند
الحميدي کي فقهي ابواب تي مرتب ڪيو، سو شيخ
عبدالحق دهلوي جو استاد هو، نوشهرو جي قاضي
ابوالمعالي، فقيہ ۽ فتويٰ ۾ وڏي شهرت ماڻي، ڪوٽڙي
ڪبير جي صديقي خاندان جي مدرسه مان وڏا وڏا عالم
فيض پرائي نڪتا، ڪنڊياري جي قاضين جا فيصلا اڄ به
دستاويزن جي صورت ۾ موجود آهن. ڪُنڊا کاهي ۾ سيد
نور محمد شاه ڪُنڊائي، تصوف ۽ سلوڪ ۾ ڪتاب لکيا.
ضلعي نوشهروفيروز جي ڪاتبن جو ته ڪاٿوئي ناهي، جن
جا هٿ لکيل قلمي ڪتاب اڄ به سنڌ، پاڪستان ۽ ٻاهرين
ملڪن ۾ هن علائقي جي عظمت جو دليل آهن، جعفر
بوبڪاني جي ”معاقدالعقائد“ جو واحد خطي نسخو به
ڪنڊياري جي هڪ ڪاتب بايزيد ڪنڊياروي جو لکيل آهي.
”المتانه“ جو قديم ترين نسخو، جيڪو سنڌ ميوزيم ۾
موجود آهي، سو به ڪنڊياري جي ڪاتب جو لکيل آهي.
مڪتبة الملڪ عبدالعزيز مدينة المنورة ۾ موجود
”المتانه“ جو خطي نسخو به ڪنڊياري جي هڪ ڪاتب جو
لکيل آهي. خير اهو هڪ الڳ موضوع آهي، ان تي مستقل
مضمون بلڪ ڪتاب لکي سگهجي ٿو، سرِدست هن مقالي ۾
ساهتي پرڳڻي يعني ضلعي نوشهروفيروز ۾ موجود
مخطوطات جي ذخيرن تي روشني وڌي ويندي، جنهن مان
پڌرو ٿيندو ته ان ڏس ۾ هيءُ علائقو، سمورن ٻين
علائقن کان زور آهي.
اولائک آبائي فجئني بمثلهم
اذا جمعتنا يا جرير المجامع
ياد رهي ته ضلع نوشهروفيروز انتظامي لحاظ کان هن
وقت پنجن تعلقن ۾ ورهايل آهي، (محرابپور، ڪنڊيارو،
ڀريا، نوشهروفيروز ۽ مورو) اسان هتي تعلقه وائيز
شهر/واهڻ ذڪر ڪري ان هيٺ اتي موجود انهن ڪتبخانن
جو ذڪر ڪنداسين جن ۾ مخطوطات/قلمي ڪتاب موجود آهن.
1-تعلقو محرابپور
(ڪوٽڙي محمد ڪبير،ڳوٺ علي محمد ڦَرڙو ۽ ديهات)
ڪوٽڙي محمد ڪبير
1-الڪبير اڪيڊمي:
ڪوٽڙي ڪبير جا ميان صاحب، صديقي خاندان سان تعلق
رکن ٿا، چون ٿا ته سندن مورث اعلي محمد اسحاق،
محمد بن قاسم سان گڏجي سنڌ ۾ آيو هو، جنهن جي
اولاد مان مخدوم محمود ڪوٽڙي جي ڀرسان اچي رهيو،
جيڪو چون ٿا ته پنهنجي دور جو وڏو عالم ۽ معرفت جو
صاحب هو، ان جي اولاد مان محمد ڪبير نالي هڪ عالم
۽ بزرگ، جيڪو ڏهين صدي سان تعلق رکي ٿو، ڪوٽڙي جي
شهر جي ابتدا ڪئي. هو هتي ڪوٺڙي ٺاهي ان ۾ رهڻ
لڳو، جيڪو تبديل ٿي ”ڪوٽڙي ڪبير“ جي عنوان سان
شهرت يافته ٿيو.
محمد ڪبير کي چار پٽ هئا، 1. رحمت شاھ، 2. محمد
قاسم، 3. الله دوست، 4. سخي الهيار.
مخدوم رحمت شاهه جي پٽن مان مخدوم عبدالاول عرف
مير اول جو نالو ملي ٿو. محمد قاسم جو پٽ مخدوم
وجه الدين ۽ مخدوم محمد عاقل عرف صاحبڏنه اول جو
نالو ملي ٿو. وري ان جو فرزند مخدوم يار محمد يڪي
بعد ديگري سجاده نشين بڻيا. مخدوم يار محمد 1149ھ
۾ ڄائو 1219هه ۾ وفات ڪيائين. سنڌ ۾ سندس علم جو
چرچو هو، وٽس پنهنجي مدرسي ۾ بيڪ وقت ٻين طالبن
سان گڏ 3 طالب العلم پڙهندا هئا، جيڪي بعد ۾ نابغه
روزگار بڻيا.
1. پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله
2. مخدوم محمد عاقل کهڙن وارو
3. گيسوي دراز يوسف ثاني آهو چشم سيد محمد عاقل
شاھ حسيني، هالاڻي وارو.
مخدوم يار محمد کان پوء سندس فرزند صاحبڏنو ثاني،
ان جو پٽ مخدوم فتح الدين، ان جو فرزند مخدوم
نورمحمد، هڪ ٻئي پٺيان گادي نشين ٿيا. مخدوم
نورمحمد کي نرينو اولاد ڪونه هو، انڪري ان جي وفات
کانپوءِ سندس ڀاڻج ميان غلام قادر مسند نشين ٿيو،
جيڪو مخدوم عبدالاول عرف مير اول جي پيڙهي مان هو.
ميان غلام قادر جي وفات (1977ع) کان بعد سندس ڀاڻج
شاه محمد جو فرزند مخدوم غوث محمد گوهر صديقي گادي
نشين ٿيو. ميان غوث محمد ولد شاھ محمد ولد فيض
محمد، سخي الهيار جي اولاد مان هو جيڪو 3 سال اڳ
وفات ڪري ويو، هاڻي سندس ڀائٽيو ميان عدنان فيض
مسند کي سنڀاليو پيو اچي. ميان غوث محمد جي علمي
ذوق، ڪوٽڙي محمد ڪبير جي عظيم ڪتب خاني کي (جنهن
جي ابتداء محمد ڪبير کان ٿي ۽ واڌارو سندس بزرگ
ڪندا آيا) چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
ميان صاحب ٻڌائيندا هئا ته هڪ دفعي ڪتابن واري
ڪوٺي جي ڇٿ ٽمي پئي، ڪتاب متاثر ٿيا، نوڪرن ميان
غلام قادر صاحب کي ٻڌايو ته ڪتابن جو ڪم لهي ويو،
جنهن تي ميان صاحب حڪم ڪيو ته اهي ڪتاب درياء برد
ڪيا وڃن، انهي ذخيري ۾ شاھ عبداللطيف جو رسالو به
هو جيڪو سندس هٿ اکري هو، حالانڪه ڪتابن جي ڇانٽي
ڪجي ها ته ڪافي ڪتاب محفوظ رهن ها.
ميان غوث محمد صاحب، انهي ڪميءَ کي پورو ڪرڻ لاءِ
جيڪي جتن ڪيا آهن، انهن جو مان اکين ڏٺو شاهد
آهيان، لکين رپين جا قرآن مجيد ۽ ٻيا ڪتاب خريد
ڪري، پنهنجي ڪتبخاني جي رونق ۾ واڌارو ڪيائين،
ڪيترا ڪتاب سنڌ مان کڄي ويل واپس ٿيا، جيڪي سندس
هن عظيم ذخيره مخطوطات ۾ محفوظ آهن.
سال 2002ع ۾ راقم الحروف ۽ ڊاڪٽر مولانا عبدالله
کوسي صاحب گڏجي هن عظيم ذخيره مخطوطات جي فهرست
مرتب ڪئي، جنهن مطابق هن ذخيري ۾ 1000 هڪ هزار
قلمي ڪتاب ۽ 400 قلمي قرآن مجيد موجود آهن.
قديم ترين نسخا:
هن ڪتبخاني ۾ قديم ترين مخطوطو ”فصول الاحڪام“ جو
آهي، سال ڪتابت 923ھ ان کان پوءِ مفتاح الحصن
الحصين للجزري آهي، جيڪو 989ھ ۾ درٻيلي جي هڪ ڪاتب
موسيٰ بن بدرالدين بن عبدالرحمٰن لکيو، ان کان
پوءِ هيٺيان نسخا به قديم آهن:
الحصن الحصين للجزري ڪتابت 1004ھ
شرح قصيدة البردة، از سيد علي همداني، ڪتابت 1011ھ
هدايه مرغيناني، ڪتابت 1022ھ
سڪندر نامه نظامي، ڪتابت 1037ھ
هن ذخيره مخطوطات ۾ هن گهراڻي جا خانداني ڪتاب به
موجود آهن، جيڪي ميان غوث محمد گوهر صاحب جي وڏڙن
لکيا يا ڪتابت ڪيا، مثلاً:
1. احياء العلوم نصف اول، ڪاتب: محمد عاقل المشتهر
صاحب ڏنو ولد رحمت شاھ، ڪتابت 1146ھ
2. حاشية الداعوي علي المثنوي، ڪاتب: ساڳيو،
ڪتابت؛ 1161ھ
3. تصوف جو هڪ ڪتاب (فارسي) ڪاتب فقير وجه الدين
بن محمد قاسم، ڪتابت 1115ھ
ان کان سواءِ ڪوٽڙي ۽ ان جي آسپاس جي
ڪاتبن جا شهپارا به موجود آهن، جنهن مان ان وقت جي
علمي ماحول جو پتو پوي ٿو، مثلاً:
1.
انشاء هرڪرن، ڪاتب، محمد شفيع ڪوٽڙي، ڪتابت: 1188ھ
2.
نصاب بديعي، ڪاتب: محمد شفيع ڪوٽڙي، 1192ھ
3.
مفتاح الصلاة، ڪاتب دين محمد بن محمد شفيع ڪوٽڙي،
ڪتابت: 1061ھ
4.
زرادي، ڪاتب: ابو طالب بن عبدالرزاق ساڪن ڪوٽڙي.
5.
شرح مثنوي رومي، مير محمد، ڪاتب محمد جعفر خاکپائي
تلامذه مدرسه محمد عاقل حسيني
6.
صراح (لغت جو ڪتاب) مؤلف: جمال الدين ابن عمر
الخالدي القرشي 681ھ، ڪاتب: صوفي جمال الدين بن
محمد القرشي الخالدي الڪندياروي 1117ھ (نالي مان
معلوم ٿئي ٿو ڪاتب، مؤلف سان خانداني رشتو رکي ٿو)
چند اهم خطي نسخن جو بيان هيٺ ڪجي ٿو:
1- عين العلم،ڪاتب: محمد هاشم بکري بن مخدوم
ابوبڪر سومرو، ملتان 1119ھ
(اهو نسخو عبدالقادر بن محمد 1277هه جي ملڪيت رهيو
آهي،جنهن کي مولانا محمد عالم نوشهروي مولانا فيض
الڪريم ساندائي جي وساطت سان خريد ڪيو هو.)
2- انيس انجمن، تاليف: فقير نظام الدين ولد
عبدالرزاق درٻيلي، ڪاتب به پاڻ آهي، ڪتابت جو سال
1115ھ .
(نوٽ: هن ڪتب خاني ۾ فقير نظام الدين جو ٻيو ڪتابت
چشم چراغ به 1258ھ ڪتابت ٿيل موجود آهي)
3.
سراج الهدايه فارسي(ملفوظات مخدوم جهانيان) مؤلف:
احمد برني سياه پوش علوي ساڪن اُچ 1103ھ جنهن جي
سرورق تي لکيل آهي: اين ڪتاب سراج الهدايه خادم
العلماء فقير عبدالواحد پيرزادو، ڪوٽڙي، ڪنديارو
است.
4.
رساله در اثبات آخر الظهر، جنهن جي پڇاڙي ۾ چئن
عالمن جو مهرون لڳل آهن.
1. مخدوم عبداللطيف
2. خادم شرع ابو المعالي 1186ھ
3. المتوسل بالبني الامجد سيلمان بن احمد 1195ھ
4. فقير محمد محسن 1176ھ
5. القول الانيس والدر النفيس علي منظومة الشيخ
الرئيس، تاليف مدين بن عبدالرحمن الطبيب المصري.
6.،12 سنڌي رسالن جو مجموعو، ملڪيت: آخوند ڌڻي
پرتو قوم واڍو ساڪن ٺٽ موسيٰ پرڳڻو نوشهرو.
7. شرح جامي جو نهايت نادر خطي نسخو جنهن تي
چاليهن علماء ڪرام جا حاشيا لڳل آهن، جن مان 15
عالم سنڌ جا آهن (مخدوم جعفر بوبڪاني، سيد حسين
ڪنڊياروي، مخدوم عبدالرؤف، مخدوم عبداللطيف
درٻيلي، مخدوم محمد جان درٻيلي، مخدوم عبدالملڪ
درٻيلي، محمد ڪبير گنبذي، محمود ٺٽوي، قاضي نعمت
الله ٺٽوي وغيره)
8. الوان الفيض في احڪام الحيض، (سنڌي) تاليف: علي
بن حافظ
بهرحال هيءُ عظيم ڪتب خانو، محققن کي پاڻ ڏانهن
توجهه ڇڪائيندڙ آهي، ڪو به محقق، تحقيق دوران هن
ذخيري کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهي.
ڳوٺ علي محمد ڦرڙو (لڳ خانواهڻ)
2- محمد پناھ ڦرڙي جي لائبرري:
جناب محمد پناھ ڦرڙو، درگاه لنواري شريف جو
پانڌيئڙو آهي، علم وادب سان واڳيل هي شخصيت هن وقت
شايد 80 سالن جي لڳ ڀڳ هجي، پر ڪتابن سان ذوق اڃان
جوان اٿس، خانواهڻ لڳ پنهنجي ڳوٺ علي محمد ڦرڙي ۾
سندس لائبرري آهي، جنهن ۾ درگاه لنواري شريف سان
وابسته ڪافي مواد دستياب آهي، هن لائبرري ۾ ويهارو
کن قلمي ڪتاب آهن، جن مان چند اهم مخطوطات هن ريت
آهن:
1-
ابيات سنڌي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، جا 3 قلمي
نسخا
2-
مرآة العارفين عربي، شيخ محمد حسين،
3-
مرغوب الاحباب، مؤلف: خليفه نظر علي ٽالپر، جو
اڻپورو نسخو
4-
رساله گل نما منظوم از مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي
(جيڪو خواجه گل محمد لنواري جي شان ۾ ڇپيل آهي.)
5-
تڪميل المعرفة، فارسي، سيد نور محمد شاھ ڪنڊائي،
ڪاتب: مخدوم قاضي عارف سيوستاني 1261ھ (يعني مؤلف
جي حياتي ۾ لکيل)
(نوٽ)هن ذخيره جي معلومات مون کي برادرم سائين بخش
قبولائي (ڏوڪري) ڏني.
محمد پناهه ڦرڙو صاحب ”تصوف جو سنڌي ادب تي اثر“
(سنڌ جو صوفياڻو ادب) جي عنوان تي علامه غلام
مصطفي قاسمي جي نگراني ۾
Ph.D
جومقالو لکيو، جيڪو 1986ھ ۾ مڪمل ٿيو.
ديهات
3- سومرن جو ڪتب خانو:
قاضي سومرا، ديهات وارا علاقي ۾ سٺي شهرت رکن ٿا،
علم وادب سان واڳيل هن گهراڻي ۾ جنهن گهڻي شهرت
ماڻي سو عبدالرحمٰن قاضي هو، جنهن جا 3 پٽ ٿيا،
مولانا نظر محمد سومرو، جان محمد سومرو ۽ خان محمد
سومرو، انهن مان نظر محمد سومرو جيد عالم دين هو،
45 سالن جي مختصر عمر ۾ وفات ڪيائين، ننڍي عمر ۾
وڏو ڪم ڪري ويو، هيٺيان ڪتاب يادگار آهن:
1-
انوار احمديه تذڪره مشائخ نقشبنديه 3 جلد(جن مان
فقط پهريان 2 جلد شايع ٿيا)
2-
احسن التقرير في جواب التحرير(ڇپيل)
3-
مجموعه خطب ديهاتي (ڇپيل)
4-
الدر المنظوم في تذڪرة المخدوم (مخدوم نوح سرور
هالائي جي سوانح)
اڻڇپيل :
نظر محمد سومري کي 2 پٽ هئا: مولانا غلام حسين
سومرو ۽ مولانا نور احمد سومرو، ٻئي جيد عالم هئا.
مولانا نظر محمد جي ڇپيل ڪتابن جي ڪتابت مولانا
نور احمد ڪئي هئي.
هوڏانهن جان محمد سومري کي جام اولاد ٿيو، جن مان
مولانا عبداللطيف وڏو عالم هو. ان جي زيارت راقم
الحروف به ڪئي، اهو به صاحبِ تصانيف هو.
سندن ڪتبخانو تمام وڏو آهي، جنهن ۾ مخطوطات به
آهن. هڱورجا شهر جي مشهور مير محمد مقبول سومري جي
بقول ان ۾ 5000 کن ڪتاب 11،10 ڪٻٽن جي صورت ۾
موجود آهن. اسان مخطوطات جي زيارت جي ڪوشش ڪئي، پر
ڪامياب نه ٿياسون.
2- تعلقو ڪنڊيارو
(ڪنڊيارو،شيخ احمد، سليم آباد،
الھ آباد، درٻيلو، سيدو باغ، چنيهاڻي، پپري، ڳوٺ
محمد خان آگرو،ڳوٺ سعيد خان خشڪ)
ڪنڊيارو
4- قاسميه لائبريري:
هن لائبرري جو باني مولانا محمد قاسم سومرو (راقم
الحروف جو والد صاحب) آهي، جن جي ولادت 1942ع ۾
ٿي، سندن نسب هن طرح آهي:
مولانا محمد قاسم بن آخوند محمد ادريس بن مولانا
محمد عالم بن مولانا محمد عمر بن مولانا محمد
اسماعيل بن محمد طالب بن محمد لونگ سومرو.
مولانا محمد قاسم جو خانداني ڳوٺ”چنيهاڻي“
آهي، جيڪو ڪنڊياري کان 6،5 ڪلوميٽر اولھ طرف، ڪمال
ديرو طرف ويندڙ رستي تي هڪ ننڍي بستي آهي، ان جي
ڀرسان اتر ۾ سيدو باغ آهي، جنهن جو اصل نالو ڳوٺ
(رقبه ڪلهوڙو هو) مولانا محمد عالم سومري کي ٻه
گهر واريون هيون، هڪ سيدو باغ ۾ رهايائين ۽ ٻي
چنيهاڻي ۾. سيدو باغ واريءَ مان محمد ادريس ۽ محمد
ابراهيم ڄاوا، جن مان محمد ابراهيم ننڍي هوندي فوت
ٿيو ۽ محمد ادريس (جيڪو درس نظامي جا ابتدائي ڪتاب
مولانا محمد ڪامل دونگهه واري وٽ پڙهيو هو) سو
1957ع ۾ 37 سالن کن جي عمر ۾ فوت ٿيو، مولانا محمد
عالم کي سيدو باغ واريءَ مان محمد يامين ۽ محمد
داؤد ڄاوا جيڪي ٻئي مولانا محمد قاسم صاحب جا سهرا
آهن. سيدو باغ ۾ مولانا محمد عالم سومري جي نالي
سان ”عالميه لائبرري“ موجود آهي، جنهن ۾ قلمي۽
ڇاپي ڪتاب ججهي تعداد ۾ دستياب آهن.
مولانا محمد عالم سومرو 1298هه ۾ ڄائو ۽
1361ھ/1942ع ۾ وفات ڪري ويو، اهو ابتدائي ڪتاب
پنهنجي والد مولانا محمد عمر وٽ پڙهيو ۽ دستار
فضيلت مولانا عبدالرحمٰن فيروز شاهي وٽ 1327ھ ۾
ٻڌائين، اهڙي سَنَدَ مولانا عبدالرحمٰن فيروزشاهي
طرفان مولانا محمد عالم جي هڪ قلمي بياض ۾ موجود
آهي، مولانا عبدالرحمٰن فيروزشاهي، مولانا عطا
الله فيروزشاهي جو شاگرد هو، جيڪو پڙهيو مولانا
نور محمد شهدادڪوٽي وٽ، ان جي سند سيالڪوٽي سند
آهي، مولانا محمد عالم، عالم هئڻ سان گڏ ڪاتب ۽
شاعر به هو. مولانا محمد عمر ۽ مولانا محمد عثمان
ٻئي ڀائر هئا، وڏا عالم هئا، مولانا محمد عثمان
1327هه ۾ ۽ مولانا محمد عمر 1348ھ ۾ وفات ڪري ويا،
ٻنهي جا قلمي شهپارا پونيئرن وٽ ۽ قاسميه لائبرري
۾ محفوظ آهن، اهي سٺا ڪاتب پڻ هئا.
مولانا محمد قاسم کي ڪتابن سان ذوق ننڍي هوندي کان
ئي هو، آهستي آهستي ڪتاب گڏ ڪندو رهيو، 1971ع ۾
وٽس صرف هڪ ڪٻٽ ڪتابن جو موجود هو، جنهن ۾ خانداني
ڪتاب به هئا، پوءِ قاسميه لائبرري ترقي ڪندي رهي،
راقم الحروف به والد صاحب کي هٿ ونڊايو. هن وقت
قاسميه لائبرري ۾ تقريباً 35000 (پنجٽيھ هزار) کن
ڪتاب ۽ رسالا آهن، هت قاسميه لائبرري جو باقاعده
تعارف ڪرائڻ مقصد نه آهي، صرف قاسميه لائبرري جي
مخطوطات بابت لکڻ گهرون ٿا.
قاسميه لائبرري ۾ چار سو 400 کن مخطوطات آهن، جن
مان 40 کان مٿي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي تصنيفات
جا خطي نسخا آهن جن مان هيٺيان اهميت رکن ٿا:
1-
بياض هاشمي 3 نسخا
2-
حياة القلوب في زيارت المحبوب فارسي، مخدوم ٺٽوي
جي تصنيف ۽ سندس ملڪيت ۽ سندس تصحيح ٿيل 1146ھ ۾،
جنهن جي سرورق تي سندس مهر به لڳل آهي، محمد هاشم
عفي عنه 1134هه، جنهن جي هيٺيان سندس پوٽي مخدوم
محمد ابراهيم جي مهر لڳل آهي، ”سلام علي ابراهيم
1184ھ“
3-
اتحاف الاڪابر بمرويات الشيخ عبدالقادر، 2 نسخا
4-
مظهر الانوار عربي
5-
حياة الصائِمين
6-
السيوف القاهرة علي ساب الخمسة الطاهرة، عربي
7-
وسيلة القبول في حضرة الرسول صلي الله عليہ وآلہ
وسلم
8-
فتح العلي في حواث سني نبوة النبي، عربي
9-
عقائد الاسلام سنڌي (مولانا محمد عثمان سومري جو
ڪتابت 1327ھ.
10-
تحفة التائبين، سنڌي
11-
ڪفاية القاري في مشتبهات القرآن
12-
بذل القوة في حوادث سني النبوة
13-
بسط البرده لدي ناظم البردء
14-
شذ النطاق فيما يلحق الصريح من الطلاق
15-
تمام العناية في الفرق بين صريح الطلاق والڪناية
16-
فاڪهة البستان
17-
نظم الجواهر بذيل اتحاف الاڪابر
18-
نور البصائر تڪمله ذيل اتحاف الاڪابر
19-
حواشي دلائل الخيرات
مخدوم جعفر بوبڪاني جي تصنيفن مان هيٺين ڪتابن جا
مخطوطات هن لائبرري جي زينت آهن:
1-
عجالة الطالبين في انتقاد الحافظين، عربي
2-
فتح الدارين، فارسي
3-
اقل و اعدل ڪلمات في حڪم فصوص الحڪم والفتوحات،
فارسي
4-
العراضة في العروض والقافية، عربي
5-
ڪشف الحق للصادق المنصف المحق، عربي
6-
الحجة القوية في جواب الرسالة الحلفية
7-
حواشي ميزان الصرف
8-
بداية النحو
مخدوم محمد معين ٺٽوي جي تصنيفن مان هيٺين ڪتابن
جا مخطوطات موجود آهن:
1-
تنبيہ الناسي حقوق الشريعة في الاناسي (تنبيہ
الغافل في ميز المنشي عن الناقل) عربي.
2-
التنبيہ علي سوء الفهوم في ان المثلية توجب
العموم، عربي
3-
غاية ما ظهر لاضعف الانام في ان الڪلام المحتمل لا
يوجب الاسلام، عربي 2 نسخا
4-
البرهان اللازب علي استحالة ترويج الڪاذب، عربي
شيخ حيات سنڌي جي ڪتابن مان 3 مخطوطا دستياب آهن:
1-
اتخاذا لما تم من الماثم
2-
تحريم الاجارة علي العبارة
3-
زاد المتقي والمهتدي
ٻين سنڌي عالمن جي تصنيفات مان هيٺيان خطي ڪتاب
قاسميه لائبرري ۾ موجود آهن:
1-
مصابيح الظلام في دار الاسلام، محمد اڪبر بن قدوة
العلماء حافظ احمد
2-
الدليل الاقوي علي صحة اعادة الدعوي، فاضل ميان
احمد لکرائي،جنهن تي مخدوم محمد معين جي مهر لڳل
آهي ”هوالمعين 1147ھ“ جنهن جي هيٺيان لکيل آهي:
المشهور بمخدوم تارو (ٺارو) ساڪن بلده تهة، ان جو
ڪاتب مخدوم معين ٺٽوي جو شاگرد عنايت الله حسيني
آهي، ان رسالي جي سرورق تي مخدوم عبدالواحد
سيوستاني جي والد صاحب مخدوم دين محمد جي مهر به
لڳل آهي.
3-
مجموعه تحريرات، درباره ”پهلاج“ هندو، از مخدوم
ٺٽوي و مخدوم عبدالغني بوبڪاني
4-
روضة العقائد، مخدوم محمد عثمان بن عيسيٰ بوبڪاني،
فارسي
5-
حديقة الاولياء، عبدالقادر نصرپوري
6-
ننڍي ملفوظات، فقير محمد حسين مهيسر
7-
احسن الدلائل، محمد عمر سنڌي
8-
زبدة المواليد، سيد علي محمد شاھ دائري
9-
رهبر طريقت، مخدوم غلام حيدر هالاڻي،
10-
سنڌي ترجمه شمائل ترمذي، مخدوم عبدالسلام سنڌي.
اهو ته تذڪرو هو سنڌي جي ڪجھ عالمن جي مخطوطات جو،
سنڌي عالمن کان علاوه ٻين جا خطي ڪتاب به ججهي
تعداد ۾ آهن.
چوندا آهن ”ڊکڻ جي گهر ۾ ڏوئي نه لڀي“ سو مان راقم
الحروف به هن وقت تائين اندرون سنڌ جي ٽيهارو کن
لائبررين، ڪتب خانن جي مخطوطات جون فهرستون ٺاهيون
آهن،پر پنهنجي قاسميه لائبرري جي مخطوطات جي فهرست
اڃا ترتيب نه ڏئي سگهيو آهيان.
5- آخوندن جو ڪتبخانو:
هن ڪتبخاني جو ذڪر مولانا دين محمد وفائي به
ماهوار توحيد جي هڪ پرچي ۾ ڪيو آهي. هو سنڌ جا
ذخائر مخطوطات جي زيارت لاءِ سفر تي نڪتو هو، ته
هتي به آيو هو، ان هتي مخطوطات ڏٺا ۽ ٻن مخطوطن جو
ذڪر ڪيو آهي.
1-
مجموعه رسائل فارسي: شرح ڪريما از ميان نور محمد،
وشمع انجمن از عبدالرزاق درٻيلي وديگر رسائل
2-
ڪريما فارسي جو عربي ترجمه
اهي ٻئي رسالا الحمدلله هن وقت قاسميه لائبرري ۾
شامل آهن، آخوندن مان استاد مظهر الدين صاحب، ڪجھ
ٻيا ڪتاب به عنايت ڪيا هئا، تازو هڪ قرآن شريف
قلمي به دستياب ٿيو آهي.
سليم آباد
6- الطاف عباسي جو ڪتب خانو:
هي ڳوٺ، عباسي ڪلهوڙن جو مشهور ڳوٺ آهي، ڪنڊياري
شهر جي اولھ ۾ واقع آهي، پر هاڻي شهر جي وڌڻ سبب
ڄڻ ته ڪنڊياري جو هڪ محلو بڻجي چڪو آهي، هتي الطاف
حسين عباسي (جيڪو آرڪيالاجي شعبي سان وابسته هو ۽
شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ ملازم هو. نوجوانيءَ
۾ ئي وفات ڪري ويو) وٽ مون قلمي ڪتاب ڏٺا، جن جو
تعداد تقريباً ويهارو کن هو، جن ۾ ”ديوان آشڪار“،
سچل سرمست جو اهو قلمي نسخو به هو، جيڪو سچل جي
حياتيءَ ۾ سال 1240ھ ۾ ڪتابت ٿيل آهي. اهو ديوان
الطاف صاحب الڪبير اڪيڊمي ڪوٽڙي محمد ڪبير کي تحفي
طور جمع ڪرايو، ٻيا ڪتاب درگاهه قاضي احمد ڏانهن
موڪليا ويا. راقم الحروف انهن ذخيره جي مختصر
فهرست مرتب ڪئي هئي.
هن ذخيره مخطوطات ۾ نادر شيءِ آهي: مڪتوبات سنڌي
نور محمد شاھ ڪنڊائي بطرف مائي وڏي بصران، جيڪا
شاھ صاحب جي خليفياڻي، سوڪ جي صاحبه هئي، جنهن جو
فوٽو اسٽيٽ برادرم سائين بخش قبولائي ڪرائي،
وٽانئس راقم الحروف عڪس ورتو. هن مخطوطي تي ڪتابت
جو سال 1269هه/1853ع لکيل آهي.
اللھ آباد
7- درگاھ الله آباد جو ڪتب خانو:
هيءَ لائبرري، درگاھ الله آباد ڪنڊياري سان
لاڳاپيل ديني اداره جامعه غفاريه ۾ قائم آهي، جيئن
اتي پڙهندڙ طالب العلم به استفادو ڪري سگهن، ڇاپي
ڪتابن جي چڱي خاصي تعداد سان گڏ قلمي ڪتابن جو به
سٺو ذخيرو هتي جمع آهي.
ڪجھ مخطوطن جو ذڪر ڪجي ٿو:
1-
المتانة في المرمة عن الخزانة، جعفر بوبڪاني.
2-
رفع الفرية والمرية، ابو الحسن ڏاهري
3-
بياض واحدي، مخدوم عبدالواحد سيوستاني.
4-
منتخب بياض هاشمي، جنهن جي آخر ۾ شيخ حيات سنڌي جي
ڪتاب اتخاذ الماتم من الماثم جو اختصار از طرف
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي شامل آهي، هن منتخب بياض
هاشمي جو ٻيو ڪو خطي نسخو، ڪٿي نظر نه آيو آهي.
بياض عثمان (جنهن اندر مخدوم محمد جان درٻيلي جو
هڪ رسالو اشارة في التشهد بابت به شامل آهي)
شيخاڻي
8- ڪتب خانه شيخ احمد:
ڳوٺ شيخ احمد يا شيخاڻي، ڪنڊياري کان ڏکڻ طرف
ريگوليٽر ڏانهن ويندڙ رستي تي پراڻي ڪاٽن فيڪٽري
جي سامهون واقع آهي، جيڪو شيخ احمد قتال (وفات
702ھ) ڏانهن منسوب آهي، شيخ احمد قتال قريشي،
صديقي خاندان جو چشم چراغ هو، جيڪو اڄ کان 750 سال
اڳ ملتان کان ڪنڊياري لڳ اچي رهيو، سندس نسب نامو
هن ريت آهي:
شيخ احمد قتال بن شيخ عجائب بن يوسف بن
يحييٰ بن زڪريا بن نور الدين بن يحييٰ بن يونس بن
ابراهيم بن عبدالله بن شهاب الدين بن زڪريا بن نور
الدين بن سراج الدين بن وحيد الدين بن مسعود بن
رضي بن ابي حفظ بن قاسم بن محمد بن امير المؤمنين
ابي ابڪر الصديق.
شيخ احمد قتال جي ٻن فرزندن جا نالا ملن ٿا:
1. محمد
2. حسام الدين (جنهن جي قبر شيخ احمد جي مزار لڳ
آهي)
هيءُ هڪ علمي خاندان رهيو آهي، جنهن ۾ ابوطالب بن
علي الحڪيم القرشي، مخدوم محمد عالم بن ابي طالب،
جهڙا عالم ۽ شيخ محمد شريف بن علي الحڪيم (ابو
طالب جو برادر) ۽ محمد علي بن شيخ عبدالواسع بن
ابي طالب ۽ آخوند محمد افضل بن شيخ عبدالواحد جهڙا
ڪاتب پيدا ٿيا. علي الحڪيم کي 2 پٽ هئا (ابو طالب
۽ محمد شريف) ابوطالب کي 2 پٽ هئا (عبدالواسع ۽
محمد عالم) عبدالواسع جي هڪ پٽ (محمد علي) جو نالو
ملي ٿو.
هن ڪتب خانه شيخ احمد ۾ تقريباً 70 کن ڪتاب ۽
رسالا خطي صورت ۾ موجود آهن، جن جي زيارت راقم
الحروف پهريون دفعو اڄ کان 22 سان پهريائين 1993ع
۾ ڪتب خاني جي سنڀاليندڙ پروقار علمي شخصيت استاد
محمد حسن صديقي قريشي جي تعاون سان ڪئي، جيڪو تازو
هن سال 85 سالن کن جي عمر ۾ فوت ٿيو، سندس نسب
نامو هن ريت آهي:
استاد محمد حسن بن محمد اشرف (محمد اشرف کي 3 ڀائر
هئا: شيخ محمد افضل، علي محمد ۽ محمد حسن) بن
عبدالواحد (عبدالواحد کي هڪ ڀاءُ ابراهيم نالي هو)
بن شيخ محمد افضل بن شيخ عبدالواحد بن محمد افضل
بن شيخ محمد رضي (شيخ محمد رضي کي شيخ ستابه نالي
هڪ ڀاءُ هو) بن شيخ عبدالغفور بن شيخ ضياء الدين
بن شيخ ابراهيم بن شيخ عيسيٰ بن شيخ مبارڪ بن شيخ
جاده بن شيخ جلي بن شيخ جاده بن شيخ علم الدين بن
شيخ اسحاق بن شيخ نور الدين بن شيخ مهته بن شيخ
محمد بن شيخ احمد قتال.
هن ذخيره مخطوطات ۾ قديم ترين خطي نسخو”رساله در
ڪيميا“ فارسي 1054ھ آهي، جنهن جو مؤلف فقير
ابوطالب بن المرحوم علي الحڪيم آهي، (ياد رهي ته
ابوطالب جي هڪ تصنيف ”الحجة البالغة في تحريم
الدخان“ جا ٻه خطي نسخا مدينه منوره ۾ موجود آهن،
جڏهن ته ان جي هڪ ٻئي ڪتاب ”البرهان في تحريم
الدخان“ جي ڄاڻ پاڻ ”الحجة البالغة“ جي پڇاڙي ۾
ڏني اٿائين) ان کان سواءِ ”خلاصة الحقائق في الحڪم
والدقائق“ علي متقي هندي، ڪاتب: محمد بن علي
الحڪيم 1062ھ (جنهن جو مالڪ ابوطالب بن علي الحڪيم
آهي)، شرح عقائد عضديه جلاليه مع الحاشيه المسماة
بيوسفي، ڪاتب: عبدالواسع 1173ھ ،
شرح الشمسيه، ڪاتب: عبدالواسيع 1073ھ
السيف المسلول، بضرب برنج القفال المقفول. ڪاتب:
فقير عبدالستار بن محمد 1103ھ ،قابل ذڪر آهن.
ان سان گڏ محمد افضل جا هٿ اکر خانداني، بياض به
موجود آهن.
هن ڪتب خاني ۾ شيخ ابو طالب جي فرزند مخدوم محمد
عالم جو فارسي ۾ تصنيف ٿيل رسالو ”عادات النبي صلي
الله عليہ وآلہ وسلم“ فارسي به دستياب آهي.
هڪ قرآن مجيد جو خوبصورت نسخو منقش به ملي ٿو،
جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ هيءَ عبارت لکيل آهي: مالڪ اين
ڪلام الله شريف محمد الياس بن حاجي الحرمين
الشريفين حاجي الهنوازيه اولاد غفران پناهه شيخ
احمد بن مخدوم عجائب قريشي صديقي نَورالله مرقدهُ
وغفرالله مضجعہُ، بتاريخ شانزدهم شهر رجب المرجب
سنه 1281ھ
فائدو:
ياد رهي ته شيخ عبدالواسع بن ابي طالب جي فرزند
محمد علي جي هٿ اکري 1119ھ ۾ لکيل مجموعه رسائل در
علم رمل، هن وقت سنڌ آرڪائيوز ڪراچي ۾ محفوظ آهي.
سيدو باغ
9- عالميه لائبرري:
هيءَ اسان جي ناناڻي لائبرري آهي، جنهن جو نالو هن
لائبرريءَ جي باني مولانا محمد عالم سومري جي نالي
تي رکيو ويو آهي، جن جي وفات کان پوءِ سندس فرزند
آخوند محمد يامين سومرو، ان کان پوءِ سندس فرزند
استاد عمر الدين سومرو ۽ ان کان پوءِ ان جي فرزندن
جي سنڀال هيٺ آهي. (خاندان جو بيان مٿي قاسميه
لائبرري جي ضمن ۾ اچي چڪو آهي) جنهن ۾ وڏو ذخيرو
ڇاپي ڪتابن جو آهي ۽ ڪجھ قلمي ڪتاب به آهن، جيڪي
تقريباً اسان جي وڏڙن جا ئي هٿ اکري اهن، جن مان
منهنجي پڙڏاڏي مولانا محمد عالم سومري جا 5 قلمي
بياض، سرِفهرست آهن، سيد نور محمد شاھ ڪنڊائي جا 2
ڪتاب، قواعد المعرفت ۽ تڪميل المعفرفت (هڪ سنڌي،
ٻيو فارسي) مولانا محمد عالم سومري جي چاچي مولانا
محمد عثمان جا هٿ اکري به هن لائبرريءَ جي زينت
آهن. ان کان علاوه چند مخطوطن جا نالا ڏجن ٿا:
1-
طب يوسفي فارسي، ڪاتب: مولانا محمد عثمان سومرو
(1327ھ)
2-
نور الابصار سنڌي مخدوم عبدالله نريائي، ڪاتب محمد
عثمان
3-
رساله موعظة القبر
4-
هڪ قرآن شريف، ڪتابت: مولانا محمد عمر سومرو (ت:
1348ھ) جيڪو مولانا محمد عالم سومري جو والد هو)
هن لائبرري ۾ خواجه محمد عمر جان چشمويءَ جا خط،
فارسي زبان ۾ مولانا محمد عالم سومري (جيڪو سندن
مريد هو) ڏانهن فارسي ۾ لکيل خط جهجهي تعداد ۾
موجود آهن، جن کي ترتيب ڏئي شايع ڪجي ته هوند
فارسي ادب ۾ هڪ اضافو ٿي پوي.
چينهاڻي
10- عثمانيه لائبرري:
هن لائبرري جو باني استاد محمد عثمان عباسي ولد
محمد چنيھ عباسي آهي، جنهن ۾ ڪتابن جو تعداد 13000
هزار کان مٿي آهي، استاد محمد عثمان جيڪا شخصي
محنت ڪئي آهي، سا داد ۽ تحسين جي لائق آهي، پاڻ 48
کن ڪتابن جو مصنف به آهي، جنهن مان 40 کان وڌيڪ
ڪتاب ڇپيل آهن. ۽ خود هن لائبرريءَ طرفان اشاعت جو
سلسلو به جاري ڪيائين، جيڪو هيلتائين قائم آهي،
جيڪي ڪتاب ۽ رسالا هن لائبرريءَ طرفان شايع ٿيا
آهن، تن جو تعداد تقريباً 25 کن آهي.
هن لائبرري ۾ مخطوطات جو ڪو وڏو ذخيرو ته ناهي
البته هت 6 جلدن تي مشتمل سنڌيءَ ۾ لکيل هڪ قلمي
تفسير قرآن هڪ ناياب شي آهي، جنهن جو ٻيو ڪو قلمي
نسخو ناهي، اهو آهي: تفاسير معتبره حسيني، ليکڪ:
محمد حسين ارباب، ساڪن کاکڻهار، ايٽ”خان آباد“،
پوسٽ ڪلوئي، تعلقو ڏيپلو، ضلع ٿرپارڪر، ان کان
سواءِ مجموعه خطبات، تاليف احمد ملاح (منظوم)
1359ھ، راقم :غلام حسين ارباب، ۽ هڪ قرآن شريف
قلمي، هن لائبرري ۾ موجود آهن.
درٻيلو
11- مخدومان درٻيله جو ڪتب خانو:
هن خاندان جو باني مخدوم محمد عثمان، مشهور صحابي
رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم حضرت سعد بن ابي
وقاص جي اولاد مان آهي، جيڪو مخدوم جعفر بوبڪاني
جي والد مخدوم ميران بوبڪاني (ت: 949ھ) جو خاص
شاگرد هو، مخدوم عثمان جي اولاد ۾ مخدوم عبداللطيف
درٻيلي(جنهن شرح جامي جو شرح لکيو ۽ مائة عامل جو
شرح منقح العوامل نالي لکيو) مخدوم عبدالملڪ
درٻيلي (جنهن پڻ شرح جامي جو شرح لکيو ۽ رساله
درڪلمات ڪفر نالي سندس هڪ رسالو ”مڪتبة الملڪ
عبدالعزيز مدينة المنورة ۾ ڏٺم) مخدوم محمد جان
درٻيلي(جنهن قصيده بانت سعاد جو شرح لکيو، اشاره
في التشهد بابت سندس هڪ رسالو ڪافي لائبررين ۾
موجود آهي، شرح جامي تي لکيل سندس شرح ،منصوره،
نزد هالا ۾ موجود آهي) ۽ ٻيا کوڙ سارا وڏا عالم ٿي
گذريا آهن.
ويجهي دور ۾ انهي خاندان مان مخدوم عبدالعليم
مرحوم صاحب فتوي ٿي گذريو آهي، سندس فرزند مخدوم
منور الدين خانداني لاٽ روشن ڪيو پيو اچي، جنهن
علامه قاسمي جي نگراني ۾ سنڌ يونيورسٽي مان مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي جي ڪتاب الانوار عربي کي ايڊٽ ڪري
Ph.D
جي ڊگري حاصل ڪئي.
مخدوم منور صاحب جي ڪتب خاني ۾ به ڪجھ قلمي ڪتاب
موجود آهن:
1-
دقائق الاخبار، ملڪيت: ميان بخش بن مخدوم ميان
محمد جعفر (جنهن جو ذڪر پير ڦوٽل درٻيلوي جي ڪتب
خاني جي تذڪري تحت آيل آهي)
2-
معدن الاسرار فارسي، تاليف: محمد عاقل کهڙو، (ياد
رهي ته محمد عاقل کهڙائي جو هڪ ٻيو ڪتاب ”تلقين
السالڪين“ فارسي، سنڌي ترجمه سان شايع ٿي رهيو
آهي)
3-
ڪنز الدقائق، وغيره
(نوٽ) هن وقت مخدوم صاحب جو هيءُ ڪتب خانو مولانا
محمد اسماعيل سڪندري (نوشهروفيروز) جي لائبرري ۾
شامل ٿي ويو آهي.
12- پير علي احمد عرف ڦوٽل جي لائبرري:
مخدوم علي گوهر ثاني (ت: 1362ھ) جو فرزند پير علي
احمد عرف ڦوٽل، درٻيلو جي هر دل عزيز شخصيت جو
مالڪ هو. مون سندس زيارت ڪئي، سندس نسب مخدوم
خاندان سان ملي ٿو. نهايت سخي مرد هو، مهمان نواز
حد درجي جو هو. وٽس هڪ دفعو مهماني/دعوت کائيندڙ
ٻيهر وڃڻ کان توبهن ڪندو هو، ڇو ته هُو ايترو ته
کارائيندو هو ۽ زوري کارائيندو هو، الله جا ۽ رسول
جا واسطا وجهي هڪ هڪ ايٽم ڪري کارائيندو هو، جو
مهمان کائي کائي ٿڪجي پوندا هئا، مهمانن کي کارائي
گدگد ٿيندو هو. وٽس (بقول مولانا صاحب جي) مخطوطات
جو ذخيرو هو، جيڪو هاڻي پونئيرن وٽ آهي، انهي
ذخيري ۾ ”هڪ رانجهو لکان دامٽ“ شجره مخدومان
درٻيله ميان علي گوهر (ت: 1281ھ) وارو، فارسي ۾
لکيل، نادر مخطوطو آهي، جنهن جو عڪس راقم الحروف
جي لائبرريءَ ۾ به محفوظ آهي.
انهي شجره جي لکت مطابق پير ڦوٽل جو سلسله نسب،
مخدومان درٻيله جي باني مخدوم محمد عثمان جي ڏاڏي
سان وڃي ملي ٿو، پير ڦوٽل وارن جي درگاھ جو باني،
مخدوم عبدالوالي اول بن مخدوم محمد معصوم آهي،
جيڪو قاضي احمد دمائي جي چئن وڏن خليفن مان هڪ هو.
مخدوم محمد معصوم کي 3 پٽ هئا: مخدوم عبدالوالي
اول، مخدوم محمد علي، مخدوم عبدالواحد. مخدوم
عبدالوالي کان پوءِ، سندس برادر مخدوم محمد علي
خليفه ٿيو، ان کان پوءِ سندن ڀائيٽو مخدوم جعفر بن
مخدوم عبدالواحد خليفو بڻيو، جنهن جي دستار بندي،
درگاهه قاضي احمد جي گادي نشين مخدوم محمد صالح
دمائي ڪرائي، ان محفل ۾ يوسف ثاني آهو چشم، گيسو
دراز سيد عاقل شاھ حسيني، هالاڻي وارو به شريڪ
ٿيو، انهي مخدوم جعفر درٻيلائي جا 2 پٽ هئا: مخدوم
عبدالوالي ثاني عرف قاضي بخش علي (ت: 1288ھ) ۽
مخدوم علي گوهر (ت: 1281ھ) جنهن ”شجره مخدومان
درٻيله“ ترتيب ڏنو.
سندس پونئيرن جي قول مطابق پير ڦوٽل جي ڪتب خاني
مان ڪافي مخطوطات: مولانا محمد شفيع اوڪاڙوي کڻي
ويو.
13- عبدالله بن عبيد الله ميمڻ، درٻيلي جو ڪتب
خانو:
عبدالله بن عبيد الله ميمڻ، لاهور ۾ سرڪاري آفسر
ٿي رهيو، ڪتابن سان کيس جنون جي حد تائين شوق هو،
سندس لائبرريءَ ۾ قيمتي ڇاپي ڪتابن سان گڏ ڪجھ
قلمي ڪتاب به آهن، جن جو تعداد هڪ سؤ جي اندر آهي،
راقم الحروف انهن جي فهرست تيار ڪئي هئي، جيڪا
خزينة المخطوطات جي 2 ۾ شامل آهي.
ابن ابي العز حنفي جي تاليف ” الاتباع“ جو قلمي
نسخو، جنهن جي آڌار تي لاهور مان اهو ڪتاب شايع
ٿيو، سو به عبدالله ميمڻ صاحب کين ڏنو هو. جيڪو
عبدالرحمٰن بن عبداللطيف ڪنڊياري جو هٿ اکري آهي.
ان کانپوءِ مختلف عرب ملڪن ۾ اهو ڪتاب ڇپيو، پر
حوالي طور عبدالله ميمڻ درٻيلوي جو ئي نالو نروار
رهيو.
هن ذخيري ۾ عربي، فارسي، اردو سنڌي مخطوطات موجود
آهن، سڀ کان قديم خطي نسخو مثنوي چنيسرنامه ادراڪي
بيگلاري جو آهي، جيڪو 1142هه ۾ لکيل آهي، ڪيترا
ڪتاب ۽ رسالا عبدالله جا هٿ اکري به آهن.
عبدالرحمٰن بن عبداللطيف ڪنڊياروي پاران 1255ھ ۾
ڪتابت ڪيل ڇهن عربي رسالن جو مجموعو به هن ذخيري
جي زينت آهي(ياد رهي ته انهي ئي ڪاتب جو لکيل،
فارسي رسالن جو هڪ مجموعو، اسان جي قاسميه لائبرري
۾ به آهي.)
الدقائق المحڪمة شرح المقدمة الجزرية، تاليف شيخ
الاسلام زڪريا انصاري جو 1294ھ ۾ لکيل هڪ خطي نسخو
مخدوم عبدالڪريم بن عثمان نوشهرائي جو هٿ اکري به
هتي موجود آهي.
ڪجھ اهم مخطوطات هن ذخيري جا هيٺ لکجن ٿا:
1-
تفسير در منثور عربي علامه سيوطي 1220ھ
2-
الحجة التامة في ثبوت الڪرامة، مخدوم عابد سنڌي
3-
يواقيت العلوم، فارسي
4-
اساس المصلي، بدر رڪن سنڌيءَ جو،بچل قريشي درٻيلوي
جو هٿ اکري.
5-
مجموعه رسائل شاه ولي الله دهلوي، مترجم وغيره
ڳوٺ محمد خان آگرو
14- مولانا عبدالحليم آگرو جو ڪتب خانو:
مولانا عبدالحليم ولد مولانا محمد صالح ولد احمد
علي ولد حاجي دودو آگرو، ويجهي دوراندر ڳوٺ محمد
خان آگرو ۾ هڪ وڏو عالم ٿي گذريو آهي، سندس والد
صاحب به وڏو عالم هو، جنهن جي تحرير آخري سمجهي
ويندي هئي. مولانا عبدالحليم پير ڳوٺ ۾ پڙهيو.
ڪافي عرصو ظفر آباد (لڳ اڪري چودگي خيرپورميرس) ۾
پڙهائيندو رهيو، پر آخر ۾ اچي پنهنجي ڳوٺ کي فيض
پهچائڻ لڳو، 78-1979 ڌاري فوت ٿيو، هن ڳوٺ جي فعال
شخصيت حافظ عجيب الرحمٰن آگرو ٻڌايو ته: مان ننڍي
هوندي وٽس قاعدو پڙهيو آهيان، ياد رهي ته حافظ
صاحب 1972ع ۾ ڄائو، مولانا عبدالحليم جو فرزند
رٽائرڊ ماستر خادم حسين به فوت ٿي ويو آهي.
سندس ڪتب خانو مختصر ، پر نهايت نادر ڪتابن تي
مشتمل هو، جنهن ۾ هند، سنڌ جي ڇپيل
عربي،فارسي،اردو ۽ سنڌي ڪتابن سان گڏ ڪافي مخطوطات
به هئا، جن جو تعداد 40،30 جي لڳ ڀڳ ٿيندو، چند
مخطوطات جا نالا هن ريت آهن:
1-
منافع القلوب از خواجه ابو حفص بخاري، ملڪيت:
نصيرالدين، ڪاتب: حفاظ محمد صديق معلم مدرسه ”ٻهر“
علاقه واره، ضلع لاڙڪاڻه. 1341ھ
2-
مجمع الفوائد (طب)، مولف: محمد امين بن ملا سومر.
3-
طب داودي فارسي، دائود خان عباسي، ڪاتب: پريل آگرو
1309ھ
4-
فرهنگ همايوني، مولانا عبدالغفور همايوني، ڪاتب:
عاصي عبدالله در شهر هالاڻي 1308ھ
5-
اربعين حديثا (بخشش بابت) محمد بن ابي بڪر،ڪاتب:
عزيز الله جوڻيجو ولد لعل بخش، ساڪن در قصبه مڏه
ڏيره، ضلع شڪارپور، تعلقه واره.
6-
بياض سنڌي شاعري ،تعويذات وطبي نسخه جات، راقم :
مسڪين عبدالحليم آگرو.
7-
درهم الڪيس، فارسي، حامد بوبڪاني، 1341ھ.
8-
ڪتاب ”مهم الفقه“، 1340ھ.
9-
ديوان العالمين في الفقه، مولف: ابو سعيد سعد عمر
غفاري، ڪاتب: حافظ محمد صديق، 1341ھ.
10-
لذت النساء، ضياء الدين نخشبي جا 2 نسخا
ياد رهي ته هي ذخيرو هن وقت قاسميه لائبرري،
ڪنڊياري ۾ محفوظ آهي.
15- فقير قادر داد آگري جو ڪتب خانو:
ڳوٺ محمد خان آگري ۾ فقير قادر داد خان آگري وٽ به
ڪتابن جو ذخيرو هو، سندس فرزند ميان محمد خان آگري
(جيڪو پڻ فوت ٿي ويو آهي) ڪجھ ڪتاب قاسميه لائبرري
(ڪنڊيارو) کي ڏنا هئا. جن ۾ قلمي ڪتاب به هئا، جن
مان اهم ڪتاب ”انشاء فارسي“ آهي، جيڪو ڪنهن آگري
عالم جو لکيل آهي.
ڳوٺ سعيد خان خشڪ
16- محمد عثمان خشڪ جو ڪتب خانو:
محمد عثمان خشڪ جو احوال ۽ سوانح عمري نه ملي
سگهي، سندس ڪتب خانه ۾ موجود ڇاپي ۽ قلمي ڪتابن جي
فهرست خود پاڻ صاحب ڪتب خانه يعني محمد عثمان مرتب
ڪئي هئي، جيڪا 109 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جو
ڪاتب به پاڻ آهي. اها فهرست هن وقت ”الڪبير
اڪيڊمي“ ڪوٽڙي ۾ موجود آهي، ڇو ته ان ڪتب خانو جو
وڏو حصو انهي اڪيڊمي کي مليو، ڪجھ مخطوطات قاسميه
لائبرري ڪنڊياري کي مليا.
محمد عثمان جو فرزند ”خان صاحب حبيب الله خشڪ“،
ڊپٽي ڪليڪٽر رهي رٽائرڊ ٿيو، جيڪو ڪجھ سال اڳ فوت
ٿيو، اهو به ڪتابن جي سلسلي ۾ باذوق هو، پنهنجي
والد کان پوءِ ڪتب خانه کي انهي سنڀاليو. هن
ڪتبخانه جي ذخيره مخطوطات کي ڏسي ڪري اندازو ٿيو
ته حيدرآباد جي حڪيم عبدالواحد جا قلمي بياض به هن
ذخيري ۾ جمع ٿيا، چند مخطوطات جو ذڪر فائدي کان
خالي ناهي:
1-
طب يوسفي منظوم
2-
معراج نامه سنڌي
3-
تحفة المومنين (طب) 1121ھ
4-
رسالة في خواص الفادزهر، فخر الدين صهابادي، ڪاتب:
فقير پير محمد 1233ھ
5-
طب داؤدي، فارسي، ڪاتب: فقير نور محمد 1278ھ
6-
مجربات زبدة الحڪماء ميان علي محمد
7-
ڪتاب در طب، فارسي، قائم شاھ نصر پور 1303ھ
8-
زنبيل واحدي،9 حڪيم عبدالواحد حيدرآباد
9-
زنبيل واحدي،12، حڪيم عبدالواحد حيدرآباد.
10-
زنبيل واحدي،20، حڪيم عبدالواحد حيدرآباد
11-
آئينه واحدي، حڪيم عبدالواحد حيدرآباد
سڀ کان نادر ترين خطي نسخو، فارسي ۾ لکيل ”مجربات
السادات“ تاليف: مفتي سعد الله انصاري، بخط مفتي
سعد الله انصاري 1340ھ آهي، جنهن ۾ هن لکي غلام
شاھ جي سادات حڪيمن جا مجربات جمع ڪيا آهن. اهو
نسخو عبدالڪريم هالائي جي ملڪيت رهيو آهي.
پپري
17- مخدوم عبدالواحد پکي ڌڻي جو ڪتب خانو:
مخدوم عبدالواحد پکن ڌڻي (1243ھ-1291ھ) جنهن جو
سلسله نسب، حضرت سعد بن ابي وقاص سان وڃي ملي ٿو.
درٻيلي وارا مخدوم به انهي سلسلي جا آهن. پاڻ سيد
نور محمد شاھ ڪنڊائي جو خليفو هو، آخر ۾ شاھ صاحب
کين ۽ خليفه محمد عيسيٰ ڍينگائي کي درگاه ميل
شريف، قاضي احمد جي بزرگ مخدوم ميان نور الله جي
حوالي ڪري ويو، جنهن کان پڻ کين خلافت جو خرقو
مليو،
سندس فرزند مخدوم حبيب الله (ولادت: 1267ھ) وڏو
عالم هو، جنهن وٽ فولاد فقير (ٺري ميرواه خيرپور
جي مشهور شخصيت) به پڙهيو. مخدوم حبيب الله کي 4
فرزند هئا، جيڪي چارئي صاحب فتوي، عالم هئا، شاعر
به هئا.
1-
مخدوم غلام محمد
2-
مخدوم غلام صديق
3-
مخدوم غلام فاروق
4-
مخدوم محمد بخش
هن خاندان وٽ به قلمي ڪتابن جو ذخيرو آهي، پر ڏسڻ
اڃان نصيب نه ٿيو آهي.
هي معلومات مون کي برادرم سائين بخش قبولائي
(ڏوڪري) وٽان ملي.
3- تعلقو ڀريا
(ڍينگو، بگو دڙو)
ڍينگو
18- خليفه محمد عيسيٰ ڪِيريو جو ڪتب خانو:
خليفه محمد عيسيٰ ڪِيريو، سيد نور محمد شاھ ڪنڊائي
(ت: 1270ھ) (ڪنڊاکاهي، نوشهرو فيروز وارو) جي وڏن
خليفن مان هو، جنهن جو ڪتبخانو ۽ ان ۾ موجود
مخطوطات سندس پونيئرن وٽ محفوظ آهن. جنهن ۾ هيٺيان
ڪتاب نادر شمار ٿين ٿا:
1-
فردوس العارفين، بلوچ خان ٽالپر، ڪاتب: حاجي پير
محمد قريشي خانائي در سال 1277ھ
2-
جواهر بلالي (جواهر البدائع مان ملفوظات بزرگان
لنواري جي چونڊ) فقير بلال نهڙيو، ڪاتب: قاضي پير
محمد قريشي خانائي، در سال 1277ھ.
3-
مڪتوبات فارسي، سيد نور محمد شاھ ڪنڊائي، جامع
ملفوظات: محمد اسماعيل تڳرائي خليفه سيد نور محمد
شاھ ڪنڊائي، ڪاتب: قاضي پير محمد قريشي خانائي
1277ھ،
4-
مڪتوبات سنڌي منظوم از سيد نور محمد شاھ ڪنڊائي،
بطرف خليفه محمد عيسيٰ ڪيريو ڍينگائي،ڪاتب: ميان
الهڏنو ڪيريو.
5-
گوهر شب چراغ،سيد نور محمد شاھ ڪنڊائي.(منظوم
سنڌي، 25 بيتن تي مشتمل) ڪاتب: پير محمد قريشي
1278هه.
ربان العارفين (قواعد المعرفة جو ٻيو نالو) از سيد
نور محمد شاھ ڪنڊائي، ڪاتب: پير محمد ولد قاضي
دوست محمد قريشي خانائي 1278ھ.
بگودڙو
19- مولانا الله بخش سيٺر جو ڪتب خانو:
مولانا الله بخش ولد حاجي خان سيٺر، ڪنڊياري لڳ
ڳوٺ شهمير ديري ۾ ڄائو، پر والدين شهمير کي ڇڏي
بگي دڙي ۾ رهڻ لڳا، مولانا الله بخش سيٺڙ مولانا
عبدالغفور همايوني وٽ فارغ التحصيل ٿيو، ديهات
(تحصيل ڪنڊيارو) ۾ ٻه سال، ڳوٺ ڄام نور الله (لڳ
ڪنڊيارو) ۾ اٺ سال ان کان پوءِ محبت ديرو جتوئي،
درگاه شريف پير ڳوٺ ۽ ڳوٺ 42 داد(نواب شاھ) ۾ ڪجھ
وقت، ڳوٺ حاجي ٻاجهي خان زرداري ۾ هڪ سال ۽ ان کان
پوءِ ڳوٺ خير محمد جهتيال (ڏوڪري) ۾ مسلسل 40 سال
تدريس ڪرڻ بعد اچي پنهنجي ڳوٺ بگو دڙو وسايائين،
سال 1385هه/1965ع ۾ 120 سالن جي عمر ۾ فوت ٿيو،
کيس ٽي فرزند هئا: مولانا عبدالباقي، عبدالهادي ۽
عبدالباري، مولانا عبدالباقي جي مون زيارت ڪئي، ۽
کانئس سندالاجازة به حاصل ڪئي، پاڻ سٺو ليکڪ ۽
ڪاتب هو، والد صاحب جي وفات بعد ڪتب خانو مولانا
عبدالباقي سنڀاليو، وفات کان ٿورو اڳ قلمي ڪتابن
جو ذخيرو مولوي امام بخش قادري (پڪا چانگ) جي
حوالي ڪيائين، جتي مولوي صاحب جي مهرباني سان
ڪتابن جي زيارت نصيب ٿي.
هن ذخيره ۾ مخطوطات جو تعداد لڳ ڀڳ 50 آهي، ڪجھ
مخطوطات جو ذڪر فائده کان خالي نه رهندو: (ياد رهي
ته هن ذخيره ۾ اڪثر مخطوطات مولانا الله بخش ۽
سندس فرزند مولانا عبدالباقي جا هٿ اکري آهن)
1-
ڪتاب در عمليات وطلسمات، مولانا الله بخش سيٺر
2-
بياض واحدي مترجم مولانا عبدالباقي سيٺر
3-
سوانح حيات مولانا الله بخش، عبدالباقي سيٺر
4-
سوانح حيات مولانا عبدالباقي، مولانا عبدالباقي
سيٺر
5-
منظوم ترجمه قرآن مجيد، مولانا عبدالباقي سيٺر
6-
تفسير سورة يوسف سنڌي ،مولانا عبدالباقي سيٺر
7-
مدح نامه منظوم شاھ مردان شاھ مولانا الله بخش
سيٺر
8-
بياض متفرقات، مولانا الله بخش سيٺر
4- تعلقو نوشهروفيروز
(نوشهروفيروز، ابجي، قادر بخش ساند، اٽل ٻوهيو،
کاهي راهو)
نوشهروفيروز
20- قاضين جو ڪتب خانو:
هن ڪتب خاني جو سنڀاليندڙ قاضي غلام نبي تازو وفات
ڪري ويو آهي، ان جي زيارت مون ڪئي هئي، سندس ڪتب
خاني ۾ ڪافي قلمي ڪتاب موجود آهن، جن جي فهرست
نويسي جي ضرورت آهي، هن خاندان سان وابسته آباء
واجداد يڪي بعد ديگري عالم ۽ فاضل ٿيندا آيا آهن،
جن ۾ قاضي عبدالخالق سر فهرست آهي، جنهن جي هٿ جا
لکيل ڪتاب هن ڪتبخانه جي زينت آهن. انهن جا لکيل
شهپارا هن لائبرري جي زينت آهن، جن مان ڪجھ جا
نالا هيٺ ڏجن ٿا:
1-
قصيده نونيه للحافظ ابن القيم
2-
اغاثة اللهفان للحافظ ابن القيّم
3-
دلائل الخيرات ڪاتب: عبدالخالق (مهر) 1274
4-
دلائل الخيرات ڪاتب: عبدالڪريم
5-
مجموعه حزب الاعظم 1282هه بنده عبدالخالق سڪنه
نوشهرو
6-
قصيده برده ڪاتب عبدالخالق سڪنه نوشهرو
7-
حواشي شرح الهمداني علي مختصر الميزان
ياد رهي ته هن ڪتبخانه جا ڪجھ مخطوطات قاسميه
لائبرري ڪنڊياري ۾ محفوظ آهن.
21- مولانا فضل محمد جو ڪتب خانو:
مولانا فضل محمد ميمڻ صاحب نوشهروفيروز جو رهواسي
هو، پيرزادو محله ريشم گلي جي الفاروق مسجد جو
خطيب هو. انهي پيرزاده محله جو اصل نالو خطيب محله
هو. انهي ئي مسجد لڳ سندس مزار/قبر آهي. وٽس
مخطوطات جو سٺو ذخيرو هو، جيڪو صوفي عبدالرحيم
ٻوهيي صاحب ڏانهن منتقل ٿيو ۽ پوءِ صوفي عبدالرحيم
منهنجي درخواست تي اهو ذخيرو قاسميه لائبرري کي
هديه ڪيو، انهي ذخيره مان چند مخطوطات جا نالا
لکجن ٿا:
1-
مشارق الانوار القدسية، شيخ عبدالوهاب شعراني
2-
فتاوي عالمگيري
3-
شرح منية المصلي
4-
التيسير في القراءات ۽ ٻيا
پر انهي ذخيري ۾ سڀ کان اهم مخطوطو ”نعيم الالوان“
(علي بن احمد غوري جو فقه حنفي ۾ جوڙيل ) آهي،
جنهن جو ٻيو ڪو خطي نسخو سنڌ ۾ ته ڇا، پر ٻين ملڪن
۾ به اڃا تائين معلوم نه ٿيو آهي، جڏهن ته بياض
هاشمي ۾ مخدوم محمد هاشم انهي ڪتاب جا بار بار
حوالا ڏنا آهن.
22- حڪيم شمس الدين جو ڪتب خانو:
شمس الاطباء حڪيم شمس الدين بن قاضي عبدالله بن
محمد عثمان 1762ھ/1894ھ نوشهرو ۾ ڄائو، سندس ڏاڏو
محمد عثمان پنهنجي ڀاءُ حبيب الله سان گڏ هجرت ڪري
مڪه مڪرمه ۾ وڃي رهيو، جتان علمي اڃ کيس يمن ۾
پهچايو، جتي قاضي شوڪاني (ت: 135ھ) وٽ پڙهيو، ۽
پوءِ 47 سالن جي عمر ۾ سنڌ موٽيو.
حڪيم شمس الدين وٽ خانداني ڪتب خانو هو، جيڪو سندس
والد عبيد الله جي وساطت سان پهتو، حڪيم شمس الدين
پاڻ به سٺو مؤلف هو، تحريڪ خلافت ۾ نهايت سرگرم
رهيو، جڏهن تحريڪ خلافت جي رد ۾ ٺارو شاه جي
مولانا فيض الڪريم ”تحقيق الخلافت“ نالي ڪتاب لکي
ککر ۾ کڙو هنيو، ته ان جي جواب به ڪيترن ئي عالمن
ڪتاب ۽ رسالا لکيا، جن ۾ هڪ رسالو حڪيم شمس الدين
به لکيو، جيڪو ڇاپي صورت ۾ راقم الحروف سنڌالاجيءَ
۾ ڏٺو آهي، پاڻ بهترين حڪيم هو، حڪمت ۾ سندس لکيل
3 ڪتاب آسان طب، ڪليات شمسي ۽ مردانه طاقت شهرت
ماڻي چڪا آهن.
حڪيم صاحب جي خانداني ذخيره ڪتب ۾ ڪافي مخطوطات به
هئا، جيڪي هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل
لائبرري (علامه آء آء قاضي لائبرري) ۾ محفوظ آهن،
جن مان هيٺيان ڪتاب قاضي عبدالڪريم جي هٿ اکري
آهن، جيڪو حڪيم شمس الدين جو چاچو هو، پنهنجي والد
محمد عثمان ۽ مولانا عبدالقادر پنهواري وارن وٽ
پڙهيو، نهايت ذهين هو، ڪتبخانو درحقيقت انهي قائم
ڪيو، سندس ڪتب خانو تمام وڏو هو. جيئن ته پاڻ لا
ولد فوت ٿيو، سندس وصيت مطابق ڪتبخاني جو ٽيون حصو
ٺارو شاهه جي سيد خوش محمد شاهه کي مليو، جيڪو
مولانا عبدالڪريم جو شاگرد هو، مولانا عبدالڪريم
1905ع ڌاري ٺارو شاه ۾ وفات ڪئي.
1-
الادراڪ لضعف ادلة التنباڪ، مخدوم عبدالواحد
سيوستاني.
2-
التعريفات، مير سيد شريف، 1279ھ.
3-
شرح هداية الحڪمة، محمد بن ابراهيم شيرازي، 1279ھ
4-
عقد الجيد في احڪام التقليد، شاھ ولي الله دهلوي،
1296ھ
5-
شرح مراح الارواح، مسعود بن علي بن مسعود، 1304ھ
6-
قال اقول شرح ايساغوجي
7-
شرح نور محمد، نور محمد بن شيخ فيروز
8-
بهجة النظر شرح نخبة الفڪر، ابو الحسن صغير، 1308ھ
9-
انموذج اللبيب في خصائص الحبيب للسيوطي، 1309ھ
10-
شرح قصيده برده، 1295ھ
11-
زرادي، فخر الدين زرادي، 1295ھ.
12-
شرح الزنجاني، 1286ھ.
13-
يڪروزي شرح ايساغوجي، 1279ھ.
14-
عقود الدرر في حل ابيات المطول والمختصر، حسن بن
شهاب، 1281ھ.
15-
التدريب شرح التقريف للسيوطي، 1292ھ.
هيءُ ته ٿيا اهي ڪتاب، جن جي ڪتابت مخدوم
عبدالڪريم نوشهرائي ڪئي، پيش ڪيل ڪتابت جي سالن
مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ 1279ھ کان سال 1309ھ
تائين مسلسل 30 سال لکندو رهيو.
حڪيم شمس الدين جي انهي ذخيره ۾ ٻين ڪاتبن جا هٿ
اکري هيٺيان ڪتاب آهن:
1-
تفسير حسيني، فارسي، فضل الله بن مير عمر درٻيلوي،
1181ھ
2-
حسن التوسل في فضائل الصلوة علي افضل الرسل، شهاب
الدين احمد بن جعفر الهاشمي، فضل الله بن مير عمر
درٻيلوي، 1186ھ.
3-
شرح الشمائل النبويه مع غاية الڪمال، ڪاتب: فضل
الله بن مير عمر درٻيلوي.
4-
حلية النبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم، 1186ھ
5-
الرشيديه، عبدالرشيد بن عبدالمصطفيٰ، ڪاتب: غلام
علي نوشهرائي.
6-
شرح عضديه، ڪاتب غلام علي نوشهرائي
7-
شرح الصادقية علي الرسالة العضدية في آداب البحث،
محمد صادق بن محمد درويش، ڪاتب: غلام علي
نوشهرائي، 1280ھ
8-
ظهيري علي الهمداني (منطق) ،ڪاتب: حسن الله ساند،
1287ھ
9-
زرادي، فخرالدين زرادي (صرف) ڪاتب: حسن الله ساند،
1285ھ
10-
رساله در صرف، ڪاتب: حسن الله ساند، 1285ھ
11-
ميزان الصرف، ڪاتب: حسن الله ساند، 1285ھ
انهن کان علاوه به نهايت نادر مخطوطات هن ذخيري جي
زينت آهن.
23- مولانا محمد اسماعيل سڪندري جي لائبرري:
مولانا محمد اسماعيل ميمڻ سڪندري، اصل سندس ڳوٺ
سومر چنڙ نزد ڪنڊيارو آهي، پاڻ جامعه راشديه پير
ڳوٺ مان فارغ التحصيل عالم آهي ۽ باذوق انسان آهي،
سندس مدرسو ۽ لائبرري نوشهروفيروز ۾ آهي، ڪتابن
سان سندس دلچسپي قابل ديد آهي، سندس لائبرري اندر
قلمي ڪتابن جي ذخيري ۾ 30 کن مخطوطات آهن، جن مان
چند هيءُ آهن:
1-
يارهن عربي رسالن جو مجموعو، مؤلف: محمد ايوب بن
عبداللطيف پشاوري
2-
خلاصة الفتاوي، عربي (فقه)
3-
منتخب المشڪواة، مخدوم محمد عثمان متعلوي (ت:
1219ھ) (هن ڪتاب جا ٻين لائبررين ۾ به قلمي نسخا
موجود آهن)
4-
تيسير البيان شرح مقدمه جزريه (فارسي) ڪاتب:
عبداللطيف 1279ھ.
5-
ٽيھ اکري (سنڌي) مولف: سيد هارون، ڪاتب سليمان
نقشبندي 1252ھ.
6-
ڪوثر النبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم، علامه
عبدالعزيز پرهاروي.
7-
الجامع الصغير للسيوطي مع حاشيه السراج المنير.
8-
وصية الامام ابي حنيفہ
9-
وسيلة الغريب الي جناب الحبيب صلي الله عليہ وآلہ
وسلم، فارسي
ڳوٺ اٽل ٻوهيو عرف فقير آباد نوشهرو
24- مدرسو شمس الهدي جي لائبرري:
هن اداره جو باني صوفي عبدالرحيم صاحب ٻوهيو آهي،
جنهن کي هن وقت سندس لائق فائق فرزند قاري ڪفايت
الله ٻوهيو ۽ مولانا عبيد الله ٻوهيو هلائي رهيا
آهن، هن اداري جي لائبرريءَ ۾ ڇاپي ڪتابن سان گڏ
15، 20 کن قلمي ڪتاب به آهن، جن مان ڪجھ جا نالا
هيٺ ڏجن ٿا:
1-
ڪنز الدقائق فارسي
2-
طب اڪبر فارسي
3-
رساله در طب فارسي
4-
فتاوي عالمگيري ج 2
5-
فتاوي عالمگيري جلد 3
6-
فتاوي عالمگيري ج 4
7-
۽ ٻيا
کاهي راهو
25- حڪيم شاھ محمد جو ڪتب خانو
حڪيم شاه محمد صاحب تر جو مشهور حڪيم هو تازو وفات
ڪري ويو آهي، وٽن ڪتب خاني ۾ مخطوطات هئا. جن
ڏانهن ڊاڪٽر حامد علي خانائي اشارو ڪيو آهي، ۽ هڪ
هنڌ لکيو آهي ته: اتي مخدوم جعفر بوبڪاني (ت:
1002ھ) جو رسالو ”حل العقود في طلاق السنود“ کاهي
راهو ۾ قلمي صورت ۾ موجود آهي، ان کي مد نظر رکندي
راقم الحروف ۽ مولانا ڊاڪٽر عبدالله کوسو (جنهن
مخدوم جعفر بوبڪاني جي سوانح مايه ناز ڪتاب لکي،
سنڌ يونيورسٽي مان
Ph.D
جي ڊگري ورتي) ڪنڊاکاهي پهچي، حافظ بدرالدين ولد
مفتي غلام قادر صاحب کي ساڻ ڪري، حڪيم صاحب سان
ملاقي ٿياسون، ۽ ان رسالي (۽ ٻين قلمي ڪتابن) بابت
پڇيوسين، جواب ۾ فرمايائين ته: مون وٽ قلمي ڪتاب
هئا، سي ڊاڪٽر حامد علي خانائي کڻي ويو هو.ڊاڪٽر
صاحب وارن جو چوڻ هو ته: برابر مطالعي لاءِ ورتا
هئاسين، پر واپس ڪياسين، بهرحال مخطوطات جي زيارت
نصيب نه ٿي.
ابجي شريف مٺياڻي
26- پير ميان محمدي اڪيڊمي ۽ لائبريري:
هن لائبريري جي نسبت، ڪتب خاني جي باني پير ميان
محمدي قريشي صاحب ڏانهن آهي، جيڪي پنهنجي دور جا
ولي ڪامل ۽ عالم عامل ٿي گذريا آهن، سندن نسب نامو
هن ريت آهي: پير ميان محمدي ولد ميان منڌن يعني
حافظ داؤد ولد ميان عبدالستار ثاني ولد ميان ايوب
ثاني ولد ميان نوره ولد ميان صالح بن ميان محمود
قريشي. سندن سڪونت مٺياڻي شهر لڳ ”ابجي شريف“ ۾
هئي (هاڻي مٺياڻي ۽ ابجي پاڻ ۾ گڏجي ويا آهن) پير
ميان محمدي جي ولادت پهرئين شعبان 1218ھ بروز
اربعا بوقت طلوع شمس ٿي، سندن والد صاحب حافظ داؤد
پنهنجي هن لائق فرزند جي ولادت کان 2 يا 3 ڏينهن
اڳ 27 رجب 1218ھ تي وفات ڪري چڪا هئا، جڏهن ته ان
جي ولادت 21 رمضان 1155ھ ۾ ٿي هئي.
پير سائين محمدي صاحب، ابتدائي تعليم (ناظره قرآن
مجيد) حافظ مخدوم ميان محمد يوسف وٽ ڪنڊاکاهي ۾
پرائي، حافظ صاحب اصل اچ شريف جو هو، جنهن 1237ھ ۾
اتي ابجي ۾ ئي وفات ڪئي.
پير سائين محمدي صاحب، وڌيڪ علم نوشهره جي پريان
”کوڙي جي شهر“ ۾ پڙهيو البته اصلاحي تعلق مشهور
ولي سيد نور محمد شاه ڪنڊائي سان رکيائون.
پاڻ عالم هئڻ سان گڏ بهترين ڪاتب هئا، سنن والد
صاحب حافظ داؤد به بهترين ڪاتب هو، ٻنهي جا ڪتابت
شده شهپارا پونئرن وٽ محفوظ آهن.
ميان محمدي صاحب 12 ذوالقعده 1293هه ۾ وفات ڪري
ويا، سندن عمر 75 سال هئي کين ڪتابن جو از حد
اشتياق هوندو هو. ڪتابن جو تمام وڏو ذخيرو گڏ ڪيو
هئائون، جنهن ۾ سندن وڏن جا ڪتاب به شامل هئا.
البته ميان صاحب جي وفات کان پوءِ ڪيترا ڪتاب کڄي
ويا، يا ڪنهن بهاني سان ماڻهو کڻي ويا، بچت سچت
ڪتابن جي فهرست سندن پوٽاڻ مان ميان محمد شريف
قريشي 1338ھ ۾ ترتيب ڏني، اها فهرست منهنجي سامهون
آهي، جنهن جي زيارت انهي خاندان جي لائق فائق فرد
ميان عتيق الرحمٰن قريشي صاحب جي عنايت سان نصيب
ٿي.
ان فهرست جي ابتدا ۾ ميان محمد شريف صاحب لکي ٿو
ته:
جناب جد امجد صاحب مرحوم جڏهن وفات ڪئي هئي، تڏهن
آءٌ ڏهن سالن جو هوس. قرآن شريف، قراءت
جي قاعده سان ۽ ڪريما فارسي پڙهندو هوس، انهن
ڏينهن ۾ پڙهيل علماء ۽ بزرگ پسگردائي جا تعزيت جي
بهاني سان اچي ٽڪندا هئا، ۽ ڪتب خانو ڏسندا هئا،
پوءِ ڪي ڪتاب وڏا معتبر تفسير ۽ فقه وغيره جا
چونڊي عاريتي طور کڻي ويا، ڪن چيو ته: ٻه ٽي مهينا
ڏسي پوءِ موڪلينداسون، ڪن چيو ته: جڏهن تون ڪجھ
سجيه پڙهيو تڏهن موڪلينداسون، پوءِ ٻه ٽي سال
گذريا ۽ مان ڪجھ وڏو ٿيس ته ڪتابن جي طلب ڪيم، پر
ڪي بزرگ ته وفات ڪري ويا هئا، ڪن ڪتابن ڏيڻ کان
گسايو:
ڪتاب از دست دادن سست رائي است
ڪه اڪثر خوئي مردم بي وفائي است
پوءِ اسان يقيني ارادو ڪيو ته آئنده عاريتي ڪتاب
اصل نه ڏبو، باقي جيڪو صاحب قرب ڪري ٻه ٽي ڏينهن
ٽڪي ڪتاب ڏسندو ۽ پاڻ به فائدو وٺندو ۽ اسان کي به
فائدو پهچائيندو ته نهايت شڪرگذار رهنداسون،
بتاريخ چهارم ماه رجب المرجب 1338ھه.
ان فهرست ۾ قلمي ڪتابن جو ڳاڻيٽو 445 ۽ ڇاپي ڪتابن
(جنهن جي فهرست الڳ ترتيب ڏنل آهي) جو تعداد 570
ڄاڻايل آهي، جڏهن ته رهيل ڪتابن جي فهرست ضميمي
طور ڏنل آهي، جنهن ۾ 114 ڪتاب ڇاپي ٻيا به لکيا
ويا آهن.
اسان هن مقالي ۾ ڇاپي ڪتابن جو ذڪر ته نه
ڪنداسون، باقي قلمي ڪتابن جي زيارت راقم الحروف کي
2003ع ۾ برادرم عتيق الرحمٰن قريشي جي وساطت سان
نصيب ٿي. جن جي فهرست ٺاهڻ شروع ڪيم، اهو ڪم ٻه ٽي
قسطون هليو، ان کان پوءِ وري موقعو نه مليو، ۽ ڪم
اڌ ۾ رهجي ويو. هي فهرست پهرئين فهرست کان 65 سال
بعد ۾ ترتيب ۾ آئي. راقم الحروف ان ۾ صرف 269 ڪتاب
درج ڪري سگهيو، جن جي زيارت نصيب ٿي.
اهو مخطوطات جو نهايت قيمتي ۽ علمي ذخيرو آهي،
جنهن ۾ ڪيترائي نادر ۽ ناياب ڪتاب شامل آهن. انهن
قلمي ذخيري ۾ اڪثريت عربي ۽ فارسي ڪتابن جي آهي،
جڏهن ته سنڌي ۽ سرائڪي ۾ به ڪتاب موجود آهن.
هن ذخيري ۾ قديم ترين ڪتاب هي آهن:
1. شرح الاربعين النووي، مؤلف: معين بن صفي، ڪاتب
بهاء الدين بن نوريه بن عثمان بن ... في بلده تته،
سال993ھه.
2. حاشيه بر ديباچه حاشيه هندي از قاضي محمود
تتوي، ڪتابت سال 1014ھ.
3. الاقتراح لجلال الدين السيوطي، ڪاتب لطف الله
بن عبدالرحيم، سال 1018ھه.
سنڌي عالمن جي ڪتابن مان هيٺيان ڪتاب هن ذخيري ۾
موجود آهن:
1. مخدوم ٺٽوي جي تاليفات مان، 1. النفحات
الباهرة، سفينة السالڪين، وسيلة الغريب، قصيدة في
مدح النبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم، اجازة لعبد
السلام بن محمد علي بن اسماعيل ڏاهري.
2. مخدوم محمد حيات سنڌي جي تصنيفن مان: 1- تحفة
المحبين، 2- مخدوم جعفر بوبڪاني جي ڪتابن مان: فتح
الدارين (2 نسخا)
3. مخدوم محمد عمر مويرو (جنهن جو رسالو درود صلاة
وارو، ذريعة الوصول ٺٽوي سان گڏ مهراڻ آرٽس ڪونسل
حيدرآباد طرفان ڇپيو آهي) جا ٻه رسالا 1- رساله
درادعيه واوراد (جنهن جو ڪاتب حافظ داؤد 1215ھه
آهي، ان تي مهر لڳل آهي: ”محمدي 1242هه) 2 رساله
دربيان صلوٰة، درود پاڪ سرور عالم سيدنا محمد صلي
الله عليہ وآلہ وسلم.
4. مخدوم نجم الدين بوبڪاني جي رسالن مان: رساله
نجوم، قاضي محمود ٺٽوي جي علمي ڪاوش مان: 4 حاشيا،
1- حاشيه بر حاشيه عبدالغفور، 2- حاشيه بر ديباچه
حاشيه هندي، 3- حاشيه ضريري، 4-حاشيه مختصره بر
هداية النحو.
قاضي عبدالله بن ابراهيم سنڌي مدني جو ”التحفة
الفاڪهية“ (جنهن جو ٻيو نسخو مڪتبه محموديه مدينة
المنورة ۾ موجود آهي) 7. مولانا فيض الڪريم جو
”مخزن الصيغة“. ان کان سواءِ هدر آخر الظهر بعد
الجمعة بابت مخدوم محمد مراد انصاري ۽ مخدوم ابو
المعالي سنڌي جون ٻه تحريرون به هن ذخيري ۾ موجود
آهن.
هن ذخيري جي ٻي خصوصيت هيءَ ته: هن ۾ مسائل فقهيه
باب بيشمار تحريرون الڳ الڳ ورقن تي موجود آهن، ۽
ڪي خطن جي صورت ۾ محفوظ آهن، جن کي جيڪڏهن گڏ ڪجي
ته جيڪر هڪ ضخيم فقهي بياض جڙي پوي.
ڳوٺ قادر بخش ساند (ٺاروشاھ)
27- مولانا فيض الڪريم جو ڪتب خانو:
ويهين صدي جي ابتداء ۾ مولانا فيض الڪريم ولد محدث
محمد عيسيٰ (ت: 1953ع) سنڌ اندر هڪ وڏي علمي شخصيت
ٿي گذريو آهي، علمي هاڪ ته سندس هونئن ئي هئي ويتر
جو تحريڪ خلافت بابت هن منفي پهلو پڌرو ڪيو ۽
تحريڪ خلافت خلاف ”تحقيق الخلافت“ نالي سنڌي ۾
ڪتاب لکيو، جنهن کي انگريزن ججهي تعداد ۾ ڇپرائي
شايع ڪيو ته هن خلاف باھه ٻري وئي، ڪيترن عالمن ان
جا جواب تحرير ڪيا. مولانا فيض الڪريم اسم بامسمي
هو، پنهنجو فيض مختلف مدرسن ۾ پهچائيندو رهيو، پير
جهنڊو، درگاھ ذاڪري سڪرنڊ، درگاه ابجي مٺياڻي ۽
پنهنجي ڳوٺ ۾ هن تدريس ڪئي، جتي به رهيو، اتي
پنهنجا آثار قلمي صورت ۾ ڇڏيندو رهيو، ۽ اتان ئي
اسان کي سندس قلمي ڪتابن جا عڪس حاصل ٿيا. سندس
وڏي خوبي اها هئي ته هو قلم ڌڻي هو، لکڻ سان ان جو
چاھ هو، لکندو رهندو هو، هن ڪيترائي ڪتاب عربي ۽
سنڌي ۾ لکيا، جيڪي (سواء ٻه ٽن سنڌي ڪتابن جي)
شايع نه ٿي سگهيا. اهي ڪتاب هن وقت به ڪتب خانن ۾
محفوظ آهن.
1-
حواشي شرح الهمداني علي مختصر الميزان (عربي)
2-
مخزن الصيغة منظوم (فارسي)
3-
ڪشف الحجاب عن اعتراض اولي الالباب (فارسي)
4-
نيل المراد(فارسي)
5-
ضميمه نيل المراد(فارسي)
6-
رساله در جواز الاختضاب باسواد(فارسي)
7-
جواب الجواب(فارسي)
8-
شڌي جو شور
9-
معجزات القرآن(سنڌي)
10-
تفسير سورة الفاتحه (سنڌي)
مولانا فيض الڪريم جو پنهنجو ذاتي ڪتب خانو به
ڇاپي ۽ قلمي ڪتابن سان ڀرپور آهي، پر ان جي زيارت
جو شرف باوجود وڏي جدوجهد ۽ ڪوشش جي اسان کي حاصل
نه ٿي سگهيو آهي.
سندس ڳوٺ جو پروفيسر نعمت الله سومرو هن وقت
مولانا فيض الڪرام جي علمي ۽ ادبي ۽ سياسي خدمت
بابت
Ph.D
جو مقالو تحرير ڪري رهيو آهي.
5- تعلقو مورو
(مورو ۽ ڏيپارجا)
مورو
28- پروفيسر شمشاد احمد سومري جي لائبرري:
پروفيسر شمشاد احمد سومرو ولد فتح محمد بيدار
مورائي، موري جو رهواسي هڪ علمي خاندان سان تعلق
رکي ٿو، سندس والد صاحب 50 کن ڪتابن جو مصنف آهي،
وٽس 5000 کن ڇاپي ڪتابن جي ڪليڪشن آهي، جيئن ته
شمشاد صاحب قاضي عبدالرؤف مورائي جي پوٽي قاضي
محمد هاشم (رٽائرڊ ڊپٽي ڪمشنر) جو ڏوهٽو آهي، يعني
سندس والده قاضي خاندان سان تعلق رکي ٿي، انڪري
پروفيسر شمشاد صاحب وٽ قاضي خاندان جون ڪافي
تحريرون، فتاوي، خط ۽ بياض ۽ ٻيو قلمي مواد موجود
آهي، جنهن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، جن مان
مثال طور ڪجھ شيون ڄاڻائجن ٿيون:
1-
قاضي عبدالرؤف مورائي (ت: 1306ھ) جون تحريرون،
فتاوي سندس مهرن سان.
2-
ان جي والد صاحب قاضي عبدالواحد جون تحريرون، سندس
مهرن سان.
3-
قاضي خاندان جي مورث اعليٰ قاضي دوست محمد اول جون
تحريرون سندس مهرن سان.
4-
قاضي محمد صديق ولد قاضي عبدالرؤف مورائي جون سنڌي
۽ فارسي تحريرون سندس مهرن سان.
5-
قاضي محمد صادق ولد قاضي عبدالرؤف جي شاعري جو
بياض.
6-
قاضي محمد صديق ولد قاضي عبدالروف جي شاعري جو
بياض
7-
قاضي محمد عثمان مورائي جي بياض جا ڪجھ ورق (جن تي
ڄم ۽ وفات جون تاريخون تحرير ٿيل آهن)
انهي کان علاوه
1.
مولانا الهرکيو ڏيپارجائي جي هڪ تحرير /فتويٰ سندس
مهر سان، جن تي تصديق خاطر ٻين عالمن جون مهرون به
ثبت آهن.
2.
مخدوم محمد عارف سيوستاني جو پنج ڇھ تحريرون سندس
مهرن سان
پروفيسر شمشاد صاحب قاضي خاندان بابت”تذڪره قاضي
خاندان مورو“ نالي ڪتاب به لکيو آهي، جيڪو ڇپجي
رهيو آهي.
29- قاضي عبدالرؤف مورائي جو ڪتب خانو:
قاضي عبدالرؤف بن قاضي عبدالواحد مورائي
(ت:1306ھ)، موري اندر هڪ نهايت وقيع علمي شخصيت ٿي
گذريو آهي، پاڻ 1222ھ ۾ ڄائو، مخدوم عبدالڪريم
متعلوي، مخدوم عبدالرحيم ٺٽوي وٽ پڙهيو، ڪافي ڪتاب
تصنيف ڪيائين جن مان چند هي آهن:
1-
تنزيھ از تشبيھ (فارسي منظوم)
2-
الاستدلال القوي لا زلال الحشوي (عربي)
3-
ازالة الغين من العين لاثبات الانتقاض بالخارج من
غير السبيلين
سندس ڪتب خانو عظيم هو، قاضي نذير بن قاضي محمد
قاسم بن قاضي محمد صادق بن قاضي عبدالرؤف مورائي
انهن مان ڪافي مخطوطات، سنڌالاجي کي ڏنا، جڏهن وٽس
الطاف عباسي ۽ نياز همايوني ان لاءِ آيا،.(جڏهن
سنڌالاجي کي باھ لڳڻ جو واقعو ٿئي) ۽ ڪجھ مخطوطات
قاضي نذير صاحب وٽ ڪراچي ۾ سندس گهر رکيل آهن (اها
معلومات پروفيسر شمشاد احمد سومري ڏني)
سنڌالاجيءَ ۾ رکيل سندن مخطوطات مان ڪجھ
جا نالا لکجن ٿا:
1-
تحفه نصائح، ڪاتب: قاضي عبدالرؤف مورائي.
2-
فتوي رد الوهابيه، تاليف: قاضي عبدالروف مورائي.
3-
ازالة الغين من العين لاثبات الانتقاض بالخارج من
غير السبيلين.
4-
مختصر فتاوي، قاضي محمد صادق مورائي.
5-
چند فتاوي ۽ مولود قاضي محمد صادق مورائي.
30- قاضي محمد اڪبر مورائي جو ڪتب خانو:
قاصي محمد اڪبر بن قاضي خدا بخش بن قاضي نبي بخش
مورائي به موري جي قاضي خاندان جو چشم وچراغ آهي،
سندس ڏاڏو قاضي نبي بخش مورائي، انگريز سرڪار واري
دور ۾ سب رجسٽرار هو، سندس والد صاحب قاضي خدا بخش
(ت: 1944) ۾ آل انڊيا ڪانگريس جي ورڪنگ ڪاميٽي جو
مجلس خلافت صوبه سنڌ جي ورڪنگ ڪاميٽي جو ميمبر
رهيو، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو پهريون مسلمان
ميئر چونڊيو. قاضي اڪبر وٽ ڪراچي ۾ مخطوطات جو
ذخيرو آهي،(اها ڄاڻ پروفيسر شمشاد سومري صاحب ڏني)
31- ڊاڪٽر حافظ غلام محمد ڏاهري جو ڪتب خانو:
ڊاڪٽر حافظ غلام محمد ڏاهري، سنڌ جي مشهور شخصيت
آهي، جنهن مخدوم ابوالحسن ڏاهري جي ڪتاب ”سراج
المصلي“ جي ايڊيٽنگ ۽ سنڌي ترجمو ڪري، سنڌ
يونيورسٽيءَ مان
Ph.D
جي ڊگري حاصل ڪئي، ۽ پوءِ اهو ڪتاب شايع ٿيو، سندس
لائبرري تقريباً 2000 ٻن هزار ڇاپي ڪتابن تي مشتمل
آهي، جنهن ۾ 20 کن قلمي نسخا به موجود آهن. جيئن
ته مخدوم ابوالحسن ڏاهري سندس موضوع رهيو آهي،
انڪري ان جي ڪتابن جا قلمي نسخا وڏي جستجو سان
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي لائبرريءَ ۾ گڏ ڪيا آهن: مثلاً
1-
سراج المصلي، جنهن جي ڪتابت پير رشيد الدين شاھ
جهنڊائي جي مريد، خليفه محمد خان جمالي ڪئي.
2-
ڪچڪول نامه، ڪاتب: عبدالستار، ساڪن ڪاريانه(؟)
3-
رفع الفرية والمرية. جو اهو خطي نسخو، جيڪو خود
مؤلف جي نسخي تان محمود ٺٽوي اتاريو
4-
نبراس تصاريف ساريه، جا ٻه قلمي نسخا
ٻين قلمي ڪتابن ۾:
اصول فقه ۾ عبدالرحيم نالي هڪ سنڌي عالم جو عربي ۾
لکيل رسالو.
ڏيپارجا
32- مخدوم قاضي پير محمد ڏيپارجائي جو ڪتب خانو
هيءُ قاضي پير محمد ڏيپارجائي اهو آهي، جنهن ڏانهن
پير محمد راشد روضي ڌڻي (ت: 1234ھ) جا لکيل خط
مڪتوبات روضي ڌڻي ۾ موجود آهن. ڏانهس قاضي دمائي
جا لکيل خط، مڪتوبات قاضي احمد، مرتب: ڊاڪٽر محمد
مسعود احمد ۾ موجود آهن، جن جو تعداد 25 آهن.
سندس پونيئرن ۾ قاضي الهجياريو بن قاضي
ابوالخير ڏيپارجائي وڏو عالم ٿي گذريو آهي، جنهن
جي هٿ اکري 2 قلمي ڪتاب، سال 1277ھ ۾ ڪتابت ٿيل،
قاضي غلام محمد لائبرري پراڻا هالا ۾ موجود آهن:
1-
وسيلة الغريب الي جناب الحبيب، مخدوم ٺٽوي
2-
بحر الانساب
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ”رهاڻ هيرن کاڻ“ مطابق
ڏيپارجائي مخدومن جو هڪ بياض، مختيار محمد ابراهيم
وٽ موجود آهي، بهرحال سندس پونيئرن وٽ مخطوطات جو
ذخيرو آهي، پر ان تائين پهچ ناممڪن ته نه، پر مشڪل
ضرور آهي، (هن بابت معلومات به برادرم سائين بخش
قبولائي، (ڏوڪري) عنايت ڪئي، جنهن جو مان شڪر گذار
آهيان). |