ارشادِ سومرو
صدين جي
اُڃ!
اڄ وري حويليءَ جي در تي ساڳي صدا گونجڻ لڳي.
”ڪٽورو پاڻيءَ جو پيار، ته صدين جي اُڃ اُجهائي
واپس وڃان.“ فقير سانوڻ جي صدا تي حويليءَ جي
نوڪرياڻي مائي سوني پاڻيءَ جو ڪٽورو ڀري، اچي حاضر
ٿي- ”اچي فقير، پاڻي وٺو.“
پر سانوڻ فقير ڪٽوري وٺڻ کان صفا نابري وارِي.
”هيءُ ڪٽورو واپس کڻي وڃ، اڃ ته سهڻيءَ جي هٿن سان
ڏنل ڪٽوري مان ئي اجهامندي آهي.“ سانوڻ فقير جي
اهڙي کُتي جواب تي، نوڪرياڻي پاڻيءَ جو ڪٽورو واپس
کڻي حويليءَ ۾ ويئي.
”جيجي! سانوڻ فقير ته پاڻيءَ جو ڪٽورو وٺي ئي ڪو
نه پيو، چوي ٿو ته، سهڻيءَ جي هٿن سان ڪٽورو وٺي
پاڻي پيئندس، ڄڻ ته منهنجي هٿن ۾ ڪو زهر هجي، جو
پِي مري ويندو.“ سونيءَ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي، ڪٽورو
ورانڊي ۾ رکيل ڪاٺ جي صندل تي رکيو.
”سوني! ائين نه چوندي ڪر. هُو الله لوڪ درويش آهي،
هن جي دل نه رنجائيندي ڪر، وڃ وڃي ڪمري مان سهڻيءَ
کي سڏي اچ.“ جيجيءَ سونيءَ کي نصيحت ڪندي چيو، ”جي
سائڻ! وڃان ٿي.“ سوني ڪمري مان سهڻيءَ کي سڏڻ
ويئي. سهڻي جيجيءَ جي سڏ تي ڪمري کان ٻاهر آئي.
”جيجي! اوهان سڏايو؟“
”ها امان! سانوڻ فقير کي پاڻي پياري اچ.“
”پر جيجي! هُو مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان پاڻي ڇو
نٿو وٺي؟، اوهان وڏيون آهيو، اوهان پاڻي پياريوس
نه.“
”امان، وڃ کڻي، هُو توکي ڪيڏيون نه دعائون ٿو ڏئي،
ڀلا پاڻي پيارڻ ۾ ڇا آهي؟ هُو ويچارو پاڻيءَ جو
ڪٽورو ئي ته گهري ٿو، ڪو اُٺ گهوڙو ته نٿو گهري.“
سهڻي جيجيءَ کي ڪو به جواب نه ڏئي سگهي. ۽ پاڻي جو
ڪٽورو کڻي حويليءَ جي دروازي تي آئي. سانوڻ فقير
سهڻيءَ جي سڃاتل پيرن جو آواز ٻڌي ڪنڌ جُهڪائي
ڇڏيو.
”فقير سائين! پاڻي وٺو.“
سهڻيءَ پاڻيءَ جو ڪٽورو وڌائيندي چيو.
سانوڻ فقير هڪ نظر سهڻيءَ تي وڌي، سهڻيءَ کان
ڪٽورو وٺي، ٻنهي هٿن ۾ ڪيو، پاڻي اهڙي طرح پيتو ڄڻ
صدين جو اڃايل هجي، خالي ڪٽورو سهڻيءَ کي واپس
ڪيو، هزارين دعائون ڏئي، پکيءَ جيان اُڏامي ويو.
سهڻي، سانوڻ فقير کي ڏسندي ئي رهجي ويئي، هن جي
اکين مان باهه جا شعلا پئي نڪتا، هن جي وڏين ۽
خماريل اکين ۾ عجيب ڪو اسرار سمايل هو. هوءَ ان
اسرار کي سمجهڻ کان بنهه قاصر هئي. ڳوٺ جي فقير جي
اهڙي روش؟ هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو. هوءَ
پاڻيءَ جو خالي ڪٽورو کڻي حويليءَ ۾ واپس ويئي.
هوءَ جئين ئي پلنگ تي ليٽي ته هن جي ذهن جي
ڪيئنواس تي سانوڻ فقير جو چهرو ڦرڻ لڳو. هن پاڻ
کان ئي سوال ڪيو.
”هو مون کان پاڻي ڇو ٿو وٺي؟ هن جي خماريل اکين ۾
ڪهڙو اسرار سمايل آهي؟ هُو جڏهن مون کي ڏسندو آهي
ته منهنجو جسم سُنُ ڇو ٿي ويندو آهي؟“ پر هن کي
انهن سوالن جو ڪو به جواب نه مليو.
سهڻي جڏهن ساماڻي ته سندس حسن جي هاڪ هنڌين ماڳين
ٿيڻ لڳو. سندس ئي ڳوٺ جو، غريب هاريءَ جو پٽ سانوڻ
به هن جي حسن جو اسير ٿي پيو، سهڻي صرف نالي جي
سهڻي ڪو نه هئي، هوءَ حسن جو ۽ ڇهاءَ جو پيڪر به
هئي.
ڪٿي سوڍي خان جي سڪيليلڌي ڌيءُ، جيڪا لاڏن ڪوڏن
سان پالڪين ۾ پلي وڏي ٿي، ۽ ڪٿي وري غريب هاريءَ
جو پٽ سانوڻ جيڪو پيءُ سان گڏ، وَليون ڍوئي وڏو
ٿيو، مٽيءَ جي مَنهن ۾ ننڍپڻ جا ڏينهن گذاري،
جوانيءَ جي چانئٺ تي اچي پهتو، هن جو عشق به ته
يڪطرفو هو.
سهڻي ته ٻڌڻن ۾ ئي پنهنجي سؤٽ بلاول سان ٻڌجي ويئي
هئي. هن جي خوابن جو شهزادو به صرف بلاول ئي هو.
هن جي اکين ۾ ته صرف بلاول جا خواب سمايل هئا. هن
کي ڀلا ڪهڙي خبر، ته هن جي ڳوٺ جو ئي نوجوان هن
لاءِ من ماندو ڪيو ويٺو آهي، ۽ من جي مندر ۾
سهڻيءَ جي مورتيءَ جو پوڄاري بڻجي ويو آهي. سانوڻ
کي ته اها به خبر نه هئي ته، سندن خاندان جي وچ ۾
فرق جون ڊگهيون ديوارون آهن. پوءِ هنن جو ميلاپ
ڀلا ڪيئن ممڪن هو؟ وري سانوڻ جو عشق به ته يڪطرفو
هو.
سهڻيءَ ته ڪڏهن سانوڻ ڏي اک کڻي به نه ڏٺو هو.
هوءَ ته بلاول جي ڪنوار ٿيڻ جا خواب ڏسندي هئي.
هوءَ ته اوسيئڙيءَ ۽ جدائي جا ڏينهن آڱرين تي
ڳڻيندي هئي. اهو ڏينهن به اچي ويو جڏهن بلاول
تعليم مڪمل ڪري، پنهنجي ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر ٿي آيو، ته
سهڻي ۽ بلاول جي شاديءَ جون تياريون به شروع ٿي
ويون. سهڻي بلاول جي ڪنوار ٿي، اباڻو اڱڻ ڇڏي اچي
ساهرن جي حويلي وسائي.
هن دنيا جا به عجيب رنگ آهن. ڪٿي ميلاپ ته، وري
ڪٿي وڇوڙو، ڪٿي خوشيون ته وري ڪٿي من ۾ ماتام. جتي
سهڻي ۽ بلاول خوشين ۾ مگن هئا ته وري ٻئي طرف
سانوڻ غم جي دنيا ۾ گم هو، هُو ان غم کي غلطان ڪرڻ
لاءِ ڪڏهن ميخاني ۾ ته ڪڏهن پنهنجي منهن ۾، اڪيلو
پيو غمن سان منهن ڏيندو هو. هِن کي سڌ هئي ته هن
جي غمن جو نه ته ڪو حل آهي، ۽ نه ئي وري انت، بس
هُو پنهنجي دنيا ۾ مست هو. جڏهن هن کي سهڻيءَ جي
سڪ ستائيندي هئي ته سائي مئه جو گلاس گهوٽي پيئندو
هو. اهو سائي مئه جو گلاس هن جو آخري سهارو هوندو
هو.
ڀلا! هن جي ساهه کي ڪٿي ٿي سُکُ آيو؟، هُو ته اُڃ
جو رولاڪ هو. هُو ته ٿر جي اهڙي پياسي صحرا هو،
جيڪو مِينهن جي هڪ بوند لاءِ بادلن ڏي واجهائيندو
آهي، ته ڪڏهن ٿو هن اڃايل ٿر تي ڪارن ڪڪرن جو
وسڪارو ٿئي؟ ۽ ٺوٺ زمين تي ڪرم جون بوندون وسن،
سانَوڻ فقير به سهڻيءَ جي هڪ نظر جهلڪ جو ديوانو
هو، هن جي ماندي مَن تي سهڻي جي هڪ نظر به ڪا ٿر
تي وسڪاري کان گهٽ ڪا نه هوندي هئي، جڏهن سانوڻ کي
سڪ ستائيندي هئي ته اچي سهڻيءَ جي در تي پاڻيءَ جي
ڪٽوري جي صدا لڳائيندو هو.
”ڪٽورو پاڻيءَ جو پيار، ته صدين جي اُڃ اُجهائي
واپس وڃان.“
سانوڻ فقير جي صدا تي حويليءَ جي نوڪرياڻي پاڻي جو
ڪٽورو کڻي اچي، حاضر ٿيندي هئي، پر سانوڻ فقير
ڪٽورو واپس ڪري ڇڏيندو هو. فقير ان دان تي راضي ڪو
نه ٿيندو هو. هُو ته سهڻي جي هڪ جهلڪ جو سيڪڙو
هوندو هو. هُو نوڪرياڻيءَ کي التجا ڪندي چوندو هو:
”پاڻي جي سرڪ ته انهن هٿن سان ڏنل ڪٽوري مان ڀرجي،
جنهن جي پيئڻ سان پياسي من کي سرور نصيب ٿي، هيءُ
ڪٽورو واپس کڻي وڃ، ۽ سهڻي کي چئو ته، هن آسائتي
کي هڪ جهلڪ پساءِ ته هيءُ بندو واپس پنهنجي ماڳ
ويندو.“
نوڪرياڻي ڪٽورو پاڻيءَ جو کڻي، واپس وڃي سهڻيءَ کي
سانوڻ فقير جو سنيهو ڏيندي هئي. سهڻي اهڙي التجا
تي تپي باهه ٿي ويندي هئي، پر سانوڻ فقير ته
سهڻيءَ جي حويليءَ جي در جي چانئٺ ڪين ڇڏيندو هو.
ڀلي کڻي صبح کان سانجهي ٿي وڃي، اڄ وري سهڻيءَ ضد
ڪيو ته هوءَ فقير کي پاڻي ڪونه پياريندي. سانوڻ
فقير جي وري هوائن ۾ صدا گونجي.
”ڪٽورو پاڻيءَ جو پيار ته صدين جي اُڃ اُجهائي
واپس وڃان.“
سانوڻ فقير جي آواز تي، نوڪرياڻي، جيجيءَ سان
مخاطب ٿي.
”سائڻ! فقير ته وڃي ئي ڪونه ٿو. سندس ضد آهي ته
سهڻيءَ جي هٿن سان ڪٽورو وٺندس، جيجي صبح کان ويٺو
آهي، مٿان اچي اُس ورايو اٿس، پر وڃڻ جي اصل وائي
ئي ڪونه ٿو ڪري… ۽ سهڻي جو ضد آهي ته اڄ هن کي اصل
پاڻي ڪونه پيارينديس.“
”اڙي سڀاڳي! تو مون کي پهريون ڇو نه ٻڌايو؟ هي ڪو
عام فقير آهي ڇا؟، هن جي دل نه رنجائينديون ڪيو،
متان هن جي آهه سان حويلي ئي نه لُڏي وڃي.“
وڏيريءَ سهڻيءَ کي سڏيو، جيڪا پينگهي ۾ پئي لڏي.
”سهڻي، امان! هيڏانهن اچ.“
”ها جيجي! اچان ٿي.“
سهڻيءَ پينگهي مان جواب ڏنو، اٿي اچي جيجيءَ جي
سامهون بيٺي.“
”جي جيجي! توهان سڏايو؟“
”ها، امان! هو سانوڻ فقير وڃي ئي ڪونه ٿو، تون
هيءُ پاڻيءَ جو ڪٽورو کڻي وڃي پياري اچينس، ثواب
جو ڪم آهي، ۽ امان سانوڻ فقير کي نه رنجائيندي
ڪر.“
جيجيءَ سڀ نصيحتون هڪ وقت ۾ ڪيون، ”پر جيجي امان!
هُو مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان پاڻي ڇو نٿو وٺي؟“
هن جيجيءَ کان سوال ڪيو.
”امان: درويش آهي، هن جو من جاتي ريجهي، پاڻيءَ جي
ڪٽوري جي بدلي هُو توکي ڪيتريون ته دعائون ٿو ڏي.“
”پر امان! ڳوٺ جا ماڻهو ڇا چوندا؟“
”امان! ڌوڙ وجهه ڳوٺ جي ماڻهن کي، هيءُ ڪٽورو کڻ،
ڏاهي ٿي وڃي پياسي کي پاڻي پياري اچ.“
”جيجي؟ مون کي ڊپ ٿو ٿئي، بلاول ۽ چاچا کي خبر پئي
ته، اصل قيامت ڪري ڇڏيندا.“
سهڻي ڊپ جو اظهار ڪندي چيو.
”امان! ڪجهه نه ٿيندو، مان ويٺي آهيان نه، هيءَ
مائي سوني به ته توسان گڏ آهي، پوءِ ڊڄين ڇو ٿي؟“
سهڻي کي وڌيڪ انڪار ڪرڻ جو ڪو به جواز ڪونه هو.
هوءَ چُپ چاپ ڪٽورو کڻي اچي در تي سانوڻ فقير کي
ڏنو. سانوڻ فقير عادت مطابق هڪ نظر سهڻيءَ جي چهري
تي وجهي، ڪٽورو پاڻيءَ جو پي، سهڻيءَ کي لک، لک
دعائون ڏئي ائين غائب ٿي ويو ڄڻ ته آيو ئي ڪونه
هو. سهڻي چپ چاپ سانوڻ فقير کي ڏسندي رهي.
اڄ موسم ڪجهه جهڙالو هو. ساون ۽ گهاٽن وڻن تي پکي
مٺيون لاتيون پئي لنويون، سهڻيءَ جي من تي به هن
مست موسم جي مستي چڙهي آئي. هوءَ به اڱڻ ۾ بيٺل نم
جي وڻ تي لڳل پينگهه ۾ لڏڻ لڳي، هن جي من تي ننڍپڻ
جون يادون تري آيون. ڪيئن نه هوءَ سکين سان جهڙالي
شامن ۾ پينگهه لڏنديون هيون، برسات ۾ ڀِڄنديون
هيون، ڪاغذ جون ٻيڙيون ٺاهي، پاڻيءَ ۾ تارينديون
هيون، اڄ به ڪنهن شاعر جي شاعريءَ جهڙي حسين شام
من کي موهي رهي هئي. اهڙي حسين موسم ۾ وري سانوڻ
فقير جي صدا گونجي.
”ڪٽورو پاڻيءَ جو پيار ته صدين جي اُڃ اجهائي واپس
وڃان.“
اهڙي حسين موسم ۾ سانوڻ فقير جي صدا سهڻيءَ کي اصل
ڪونه وڻي. هُوءَ تپي باهه ٿي ويئي. جيجيءَ جي چوڻ
تي به پاڻي کڻي ڪونه وئي. مائي سونيءَ جو ڏنل
پاڻيءَ جو ڪٽورو ڪاوڙ ۾ زمين تي اڇلايو.
”ماريو مري به نٿو ته منهنجي جان ڇٽي، جيئڻ عذاب
ڪري ڇڏيو اٿئين، نه مهل نه ساک، اچي ٿو در تي
ڪڙڪي، نڀاڳو ماريو.“ سهڻي، سانوڻ فقير کي بد دعا
ڏيئي، ڪمري ۾ هلي ويئي.
ڪٽوري ڪِرڻ سان سانوڻ فقير جي دل جا به ٻه اڌ ٿي
پيا، هن جي خماريل اکين مان ٻه گرم لڙڪ ڪِري پيا،
جيڪي سانوڻ جي ڳلن تان ٿيندا بدن تي پاتل چتين لڳل
ميري قميص ۾ جذب ٿي ويا، هن جي خماريل اکين ۾
ڳوڙهن جو سمنڊ لڪيل هوندو هو، انهن لڙڪن جو ملهه
ته انهن کي معلوم هوندو، جن جي من ۾ عشق جو
مهاساگر سمايل هوندو، ۽ ان جي سرڪي به الست ۾ ئي
پيتي هوندي.
مائي سوني پاڻيءَ جو ڪٽورو کڻي، حويليءَ مان
نمودار ٿي، پر سانوڻ فقير ڪٽورو وٺڻ کان صفا نابري
واري. ”هي هٿ ته صرف سهڻيءَ جي هٿن کان ڪٽورو وٺڻ
جا عادي آهن، پوءِ ٻئي ڪنهن جي هٿن کان وٺي ڪيئن
اڃ اجهايان؟“
مائي سوني ڪٽورو کڻي واپس حويليءَ ۾ ويئي. آسمان
تي اُتر کان ڪارن ڪڪرن جي قطار ڊوڙڻ لڳي، آسمان تي
ڪارن ڪڪرن جي چادر وڇائجي ويئي. زمين تي ڏينهن جو
به رات پئي لڳي، ڪارن ڪڪرن جي اوٽ مان کنوڻ کجڪا
ڪرڻ لڳي، آسمان تي بجلي چمڪڻ لڳي، بادلن جي گجگوڙ
۾ مينهن وڏ ڦڙو ٿي وسڻ لڳو، گهرن جا نيسارا وهڻ
لڳا، پکي پکڻ پنهنجن آکيرن ۾ لڪي ويا، روڊ رستا
سُنسان ٿي ويا، ڳوٺ جون گهٽيون پاڻي ٿي ويون، پر
سانوڻ فقير ته سهڻيءَ جي در تان هٽيو ئي ڪونه هو ۽
برسات ۾ ڀِڄندو رهيو.
سانوڻيءَ جو مينهن وسڻ بند ٿيو ته بلاول به شهر
کان واپس آيو. هن جي گاڏي جيئن ئي حويليءَ جو وڏو
دروازو ٽپي اندر داخل ٿي ته، سندس نظر وڃي سانوڻ
فقير تي پئي، جيڪو برسات ۾ ڀڄڻ ڪري ڏڪي رهيو هو ۽
بخار ۾ ٻريو ٿي. بلاول، سانوڻ فقير جي ويجهو آيو
ته، هُو ڏڪي رهيو هو، هن جي ڏندن جي کڙڪڻ جو آواز
صاف ٿي ٻڌو، هن جيئن ئي سانوڻ فقير جي ٻانهن ۾ هٿ
وڌو ته هُو باهه ٿي ٻريو، بلاول حويليءَ ۾ وڃڻ
بدران سانوڻُ فقير کي، گاڏيءَ ۾ ويهاري سڌو ڳوٺ جي
اسپتال ۾ آيو، هن سانوڻ کي چڪاسيو ته، برسات ۾ ڀڄڻ
ڪري هن کي 106 بخار هو، هن بخار گهٽ ڪرڻ لاءِ شربت
پياريو ۽ بار بار هن جو بخار چيڪ ڪرڻ لڳو، جڏهن
بخار گهٽيو ته، ڪمپائونڊر کي دوائون سمجهائي پوءِ
واپس گهر آيو، ڊاڪٽر بلاول کي ان جي ڪا به سڌ نه
هئي ته سانوڻ فقير اهڙي برسات ۾ ڇو ڀِڳو آهي؟
صبح جو ڊاڪٽر بلاول اسپتال آيو ته، سانوڻ فقير جي
طبعيت بهتر هئي. بلاول، سانوڻ فقير کي خوش ڏسي پاڻ
به سرهو ٿيو،
”فقير صاحب! طبعيت ڪيئن آهي؟“
”طبعيت ته ٺيڪ آهي ڊاڪٽر صاحب! پر.“
هُو جملو مڪمل ڪري نه سگهيو، ۽ اُٿي ويٺو،
”پر، ڇا؟ مون اوهان جو علاج بهتر نه ڪيو ڇا؟“
”ڊاڪٽر صاحب! اوهان ته منهنجي زندگي بچائي، منهنجي
هن جي مراد پوري ٿيڻ به نه ڏني.“
”ڪهڙي مراد؟“ بلاول حيران ٿيندي چيو.
”محبوب جي در تي دم ڏيڻ جي.“ سانوڻ فقير شوڪارو
ڀريندي چيو.
”مون سمجهيو ڪونه، اوهان ڇا پيا چئو؟“
ڊاڪٽر بلاول ڪرسيءَ تي ويهي سانوڻ جو چيڪ اَپ ڪندي
چيو.
”ڊاڪٽر صاحب! توهان سمجهي به ڇا ڪندا؟
هت ته غريبن جي من جون مرادون ڪڏهن به پوريون ڪين
ٿينديون آهن، غريبن جا ارمان ته سوريءَ تي سجايل
هوندا آهن.“
سانوڻ فقير وري ٿڌو ساهه ڀريو.
”سانوڻ فقير! اوهان ته وڏو فلسفو پيا ڳالهايو، پر
توهان جا ارمان آءٌ پورا ڪندس، اِهو منهنجو اوهان
سان وعدو آهي.“ ڊاڪٽر بلاول سارنگ سان وعدو ڪندي
چيو.
”سائين ڊاڪٽر! مشڪل آهي.“ هت غريب جو ڪو به ناهي.“
هن نراس ٿيندي چيو.
”فقير صاحب! توهان مون تي اعتبار ڪيو، آءٌ اوهان
جي اميد ضرور پوري ڪندس.“
”چڱو سائين! ضرور ٻڌائيندس“
ڊاڪٽر بلاول، سانوڻ فقير جو دل سان علاج ڪيو، هُو
چڱو ڀلو ٿي واپس پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ اچي آرامي ٿيو.
سانوڻ فقير جو به عجيب داستان هو. هن جو عشق ته هو
ئي هڪ طرفو، جهڙي ريت چڪور چنڊ تي چريو ٿي، آسمان
تي اُڏامي اچي پٽ پوندو آهي، پر چنڊ کي ماڻي ڪين
سگهندو آهي، سانوڻ فقير به چنڊ جو تمنائي هو. هن
چنڊ کي ڪٿي ٿي ماڻي سگهيو؟ چنڊ کي ته صرف ڏور کان
ئي ڏسي سگهجي ٿو؟ سانوڻ فقير به سهڻيءَ کي صرف پري
کان ئي ڏسڻ جو تمنائي هو، اڄ وري سهڻيءَ جي جهلڪ
ڏسڻ لاءِ سندس من ماندو هو. هن جا قدم بي اختيار
حويليءَ ڏي هلڻ لڳا، حويليءَ جو وڏو دروازو ٽپي،
در جي چانئٺ تي رڪجي ويا، هن جي صدا هوائن ۾ گونجڻ
لڳي.
”ڪٽورو پاڻيءَ جو پيار ته، صدين جي اُڃ اُجهائي
واپس وڃان“ سانوڻ فقير جي صدا تي حويليءَ جي
نوڪرياڻي مائي سوني، پاڻيءَ جو ڪٽورو کڻي حويليءَ
مان حاضر ٿي، پر سانوڻ فقير ڪٽورو وٺڻ کان ئي
نابري واري ڇڏي، هن پنهنجا جملا وري ورجايا-
”هيءُ ڪٽورو واپس کڻي وڃ، ۽ سهڻي کي هٿ ٻڌي التجا
ڪج ته، هن فقير تي ترس ڪري پنهنجي هڪ جهلڪ ڏيکار
ته، منگتو موٽي ماڳ ويندو.“
مائي سوني، ڪٽورو واپس کڻي وڃڻ لڳي ته، ڊاڪٽر
بلاول به حويليءَ ۾ داخل ٿيو، سانوڻ فقير کي ڏسي
هن سان مخاطب ٿيو:
”فقير صاحب! ڇا گهرجي؟“
”ڊاڪٽر صاحب! هڪ جهلڪ جو سوالي آهيان، منگتي کي
دان ملي ته، موٽي ماڳ وڃي.“
”فقير صاحب! حڪم ڪيو، ڪهڙو سوال آهي؟“
”سائين! سهڻيءَ جي هڪ جهلڪ جو سيڪڙو آهيان، جهلڪ
نصيب ٿئي ته موٽي ماڳ وڃان.“
ڊاڪٽر بلاول، فقير جي اهڙي صدا تي، حيران ٿي ويو،
هُو سانوڻ فقير کي ڪو به جواب ڏئي نه سگهيو.
”ڊاڪٽر صاحب! توهان ته مون سان وعدو ڪيو هو ته
تنهنجي من جي مراد پوري ڪندس، پوءِ حيران ڇو ٿا
ٿيو؟“
سانوڻ فقير، ڊاڪٽر بلاول کي پنهنجو وعدو ياد
ڏياريندي چيو. ڊاڪٽر بلاول کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه
پئي آيو، ته سانوڻ فقير ڪهڙي وعدي جي ڳالهه ٿو
ڪري.
”ڊاڪٽر صاحب! مان وڃان پيو، مان صدا پوري ٿيڻ
تائين انتظار ڪندس“
سانوڻ فقير، اُٿي واپس هليو ويو، هيءُ پهريون ڀيرو
هو جو، هو سهڻيءَ جي در تان، اُڃ اجهائڻ کان سواءِ
واپس موٽيو هو. هن جا قدم پنهنجي جهوپڙيءَ ڏي واپس
هلڻ لڳا، هن جي پگهريل ۽ اگهاڙن پيرن تي مٽيءَ جا
تهه چڙهندا ٿي ويا، ڄڻ مٽيءَ جا جوراب پاتل هجن،
هُو جڏهن به سهڻيءَ جي در تي صدا لڳائڻ ايندو هو
ته پيرن ۾ جتي ڪين پائيندو هو. سندس عقيدو هو ته
محبوب جي در تي پيرين اگهاڙي ئي وڃڻ روا آهي. هُو
هلندو، هلندو اچي پنهنجي جهوپڙي وٽ پهتو، هن در تي
رکيل ٻه ڍنگهر پري ڪري اندر داخل ٿيو، ننڍڙو پترن
جو مَنَهه هن جي ڪل ڪائنات هو، پٽ تي پلال مان
ٺاهيل پاٿاري، جنهن تي کجيءَ جو تڏو وڇايل هو. هڪ
رلي، هڪ وهاڻو جنهن تي هُو آرامي ٿيندو هو. ڪنڊ ۾
ٻن گهڙن جي گهڙا منجي هئي، جنهن تي هڪ دلو رکيل
هوندو هو ۽ هڪ لوهه جو کارو جنهن ۾، هڪ جست جو
ٿالهڙو، جست جو وٽڙو، جست جو گلاس، هڪ پنڊي، هڪ
چانهه جو ٻاٽو، پتر جي ڀر ۾ ٽن مارنگن سان ٺهيل
چلهه، جنهن تي هُو ڪڏهن ڪڏهن ڳڙجي چانهه ٺاهي
پيئندو هو. باقي ماني ته ڳوٺ وارا ڏئي ويندا هئس.
ڪانن جي پترن تي گاري جو ليپو به ڏئي ڇڏيو هئائين.
ننڍڙو اڱڻ، جنهن کي ٻهاري ۽ ڇڻڪار نه ڪرڻ ڪري
ڪلرجي ويو هو، پر سندس هلڻ ڪري وچ اڱڻ ۾ رستو ٺهي
ويو هو. گهر کي ڍنگهر جو لوڙهو ڏنل هو. هُو جڏهن
به ٻاهر ويندو هو ته در تي ٻه ڍنگهر رکي ڇڏيندو
هو. ڀلا هن جي گهر ۾ هو به ڇا؟ جو قلف ڪڙا لڳائي.
سانوڻ فقير هن دنيا ۾ بلڪل به اڪيلو هو. شاهه جي
بيت وانگر، سنجريس تان سور، ساماڻيس تان سک ويا،
ننڍپڻ ۾ امڙ وڇڙي ويس، جوان ٿيو ته، ابو به وڃي
لحد ۾ آرامي ٿيو، مٿان وري سهڻيءَ جي عشق، سانوڻ
کي فقيري پارائي ڇڏي.
اڄ وري سانوڻ فقير جو من ماندو هو، هو پنهنجي
جهوپڙيءَ ۾ اُداس ويٺو هو. هُو فقير ضرور هو، پر
پنهنجي دل جو ته بادشاهه هو. هُو دل جي دربار
سجائيندو هو، پر سندس من جي ملڪه ته هوندي ئي ڪو
نه هئي، هُو ان غم ۾ ئي غلطان هوندو هو. ان غم
مان نجات لاءِ هو. سائي مئه جو سهارو وٺندو هو.
هُو ڪونڊي ۾ ڀنگ جي پڙي وجهي جڏهن ڏنڊي سان
گهوٽيندو هو ته، ڏنڊي ۾ ٻڌل گهنگهرن جي ڇم ڇم عجيب
رڌم پيدا ڪندي هئي. ان رڌم ۾، جهٽ پلڪ لاءِ پنهنجا
غم وساري ويهندو هو. ململ جي صافيءَ ۾ نپوڙيل سائي
مئه جو گلاس پي، الله جو شڪر ادا ڪندو هو. ”منهنجا
مالڪ! تنهنجا لک شڪر، هيءَ سائي مئه نه هجي ها، ته
اصل صفا مري وڃان هان.“
هو خدا جو شڪر ادا ڪري گودڙيءَ مان بندي ڪڍي لکڻ
لڳندو هو، الائي ته ڇا لکندو هو. لکندي، لکندي، هن
جي نيڻن مان ٻه وڏا لڙڪ لڙي پوندا هئا جيڪي ڳلن
تان ٿيندا، ڪنن جي پاپڙين ڏي هليا ويندا هئا. هُو
وري پنهنجي خدا سان مخاطب ٿيندو هو.
”منهنجا خدا! تنهنجي دنيا ۾ غريبن کي اميرن سان
پيار ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي؟“
خدا کان جواب نه ملڻ تي هُو وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو.
هن جا ٽهڪ هن جي مَنَهنَ ۾ گونجڻ لڳندا هئا.
هُو وري اڄ پنهنجي خدا سان مخاطب ٿيو.
”تون پاڻ ته انسانن سان انصاف نٿو ڪرين؟ باقي،
انسانن لاءِ انصاف جي تارازي؟ تڏهن ئي ته تون خدا
آهين.“ تون ڀلي جواب نه ڏي، مان تنهنجي ئي شاهڪار
تخليق جي حسن جي هڪ جهلڪ جي صدا لڳائڻ ٿو وڃان،
تون ته پنهنجي ئي مخلوق جو تماشو ڏسي خوش ٿيندو
آهين، جهڙي طرح پتليون ٺاهيندڙ، پنهنجين پتلين جو
ئي تماشو ڪري خوش ٿيندو آهي، تون ته هن پوري
ڪائنات جو خالق آهين.“ سانوڻ فقير جا قدم بي
اختيار حويليءَ طرف وڌڻ لڳا، هُو خدا سان
ڳالهائيندو ڳالهائيندو اچي حويليءَ جي در تي پهتو،
هن پنهنجي صدا وري ورجائي:
”ڪٽورو پاڻيءَ جو پيار ته صدين جي اُڃ اُجهائي
واپس وڃان.“
سانوڻ جي صدا تي حويليءَ جي ڪمري ۾ ويٺل بلاول
پيرين اگهاڙو ٻاهر آيو، فقير جي صدا ۾ ڪا مقناطيسي
ڪشش هئي. هُو حويليءَ جي در تي آيو، هن جي هٿن ۾
پاڻيءَ جو ڪٽورو هو.
”فقير سائين! هيءُ ڪٽورو قبول پوي.“
ڊاڪٽر بلاول، پاڻيءَ جو ڪٽورو فقير جي هٿن ۾ ڏيندي
چيو.
”سائين! معاف ڪجو، هيءُ هٿ ته سهڻيءَ کان پاڻي
وٺي، پيئڻ جا هيراڪ آهن، پوءِ اوهان جي هٿن سان
پاڻي وٺي پيئڻ مان اُڃ ڪيئن اجهامندي؟“
سانوڻ ڪٽوري وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ پاڻي پيئڻ کان
سواءِ واپس وڃڻ لڳو.
بلاول، غيرت ۽ وعدي جي پلصراط تي بيٺو هو، هڪ طرف
غيرت ٻئي طرف وعدو، هن پلصراط جي تکيءَ تند سان
غيرت جو ڳلو ڪپي اڇلايو، ۽ وعدي کي چيچ کان جهليو.
”سانوڻ فقير! ٿورو ترسو.“
ڊاڪٽر بلاول، سانوڻ فقير کي وڃڻ کان روڪي پاڻ
حويليءَ ۾ ويو، ٿوري دير ۾ سهڻيءَ کي وٺي آيو،
سهڻيءَ پاڻيءَ جو ڪٽورو وڌايو ته، سانوڻ فقير هڪ
نظر سهڻيءَ کي ڏسي، پنهنجون نظرون جُهڪائي ڇڏيون.
سهڻيءَ ڪٽورو سانوڻ فقير جي هٿ ۾ ڏنو، سانوڻ ٻنهي
هٿن ۾ ڪٽورو ورتو ته، پاڻيءَ ۾ سهڻيءَ جو عڪس نظر
ٿي آيو... سانوڻ، سهڻيءَ جو جلوو پسيو ته صدين جي
آس هڪ لحظي ۾ لهي ويئي، هن جي چهري جي خوشي ڏسڻ
وٽان هئي. هن هڪ عجيب مرڪ مُرڪي.
هُو پاڻيءَ جو ڪٽورو پي وڃڻ لڳو، وڃڻ وقت، بلاول
کي دعائون ڏنيون.
”الله پاڪ ڪڏهن به توکي پيار جو پياسو نه ڪندو،
سدائين سهڻيءَ سان آباد هوندين، الله پاڪ اوهان جي
جوڙي سلامت رکندو، هن فقير جي من جي مراد پوري ڪئي
اٿوَ، الله پاڪ اوهان جي من جون مرادون به پوريون
ڪندو. هن فقير جي هڪ التجا آهي، هڪڙي عنايت ڪندا
ڪيو، بس سهڻيءَ جي هڪ جهلڪ سان نوازيندا ڪريو.“ هن
هٿ ٻڌي چيو. سانوڻ فقير ائين غائب ٿي ويو، ڄڻ ته
هئوئي ڪونه.
بلاول، سانوڻ فقير کي ڪوبه جواب نه ڏئي سگهيو، چپ
چاپ هن کي ڏسڻ لڳو، ۽ ڪنهن گهري سوچ ۾ گم ٿي ويو.
”ڇا پيا سوچيو؟“
بلاول، سهڻيءَ جي آواز تي ڇرڪي پيو، سهڻيءَ کي هٿ
کان پڪڙي حويلي ۾ هليو ويو.
هاڻي سانوڻ فقير حويليءَ جي در تان ڪڏهن به واپس
نه ويو. هُو جڏهن به صدا لڳائيندو هو ته بلاول پاڻ
سهڻيءَ کي وٺي اچي، فقير کي ڪٽورو پاڻيءَ جو
پياريندو هو. ڀلا هُو گهرندو به ڇا هو؟ هڪ مٽيءَ
جي ڪٽوري ۾ پاڻيءَ جو چُڪو.
بلاول جي هن عمل تي سهڻي ڏاڍي حيران ۽ پريشان
هوندي هئي. هن جي صبر جواب ڏئي ڇڏيو، آخر هڪ ڏينهن
هوءَ بلاول سان مخاطب ٿي:
”بلاول! هڪ ڳالهه پڇان؟ ناراض ته نه ٿيندا؟“
”ها چئو، ناراض ڇو ٿيندس.“
”پر مون کي ته ڊپ پيو ٿئي.“
”ڇا جو ڊپ؟“
”متان تنهنجي غيرت نه جاڳي پوي.“
”ان ۾ ڀلا غيرت جاڳڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
”ڳالهه جو اهڙي آهي.“
”ڀلا! آءٌ توسان ڪڏهن ناراض ٿيو آهيان؟ جو اڄ
ٿيندس، تون ڳالهه ته ڪر.“
”بلاول! مون کي ڏاڍو عجيب لڳندو آهي، جڏهن تون
پاڻيءَ جو ڪٽورو ڀرائي، مون کي سانوڻ فقير وٽ وٺي
ويندو آهين. توکي عام ماڻهن واري غيرت ڪونه ايندي
آهي؟ هت ته طعني تي عورتن جا قتل ٿيندا آهن.“
”نه، بلڪل به نه، مون کي ڪا به غيرت نه ايندي
آهي…“
”ڇو؟“
سهڻيءَ حيران ٿيندي چيو.
”ڇو ته، سانوڻ فقير جي من ۾ ڪو به مير ڪونه آهي، ۽
نه ئي وري نيت ۾ ڪي بدنيتي جا نانگ ڦڻ ڪڍي بيٺا
هوندا آهن، مون ته هن جي نيڻن ۾، پاڪ ۽ پوتر، صاف
۽ شفاف پاڻيءَ جا چشما وهندي ڏٺا آهن، اهڙا چشما
جيڪي روحن کي سيراب ڪري ڇڏين.“
”بلاول! توهان کي ذرو به برو نه لڳندو آهي جو هُو
مون کي ڏسڻ کان سواءِ واپس نه ويندو آهي؟“ هن
پنهنجو سوال وري ورجايو، ”نه، بلڪل به نه، هن جي
نماڻن نيڻن ۾ عجيب التجا هوندي آهي، هُو جڏهن توکي
ڏسي واپس ويندو آهي، ته هن جي چهري تي عجيب
اطمينان هوندو آهي، هن جي چهري تي اهڙو سڪون اچي
ويندو، ڄڻ ته ڪنهن صدين جي پياسو صحرا، سيراب ٿيو
هجي، ڄڻ ته هن ڪل ڪائنات حاصل ڪري ورتي هجي.“
بلاول جي اهڙي جواب تي، سهڻي لاجواب ٿي ويئي. هوءَ
وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي، هوءَ حيرت مان بلاول کي
ڏسندي رهجي ويئي. ڪمري ۾ خاموشي ڇانئجي ويئي.
بلاول ڪافي دير کان ڇت کي تڪي رهيو هو.
”بلاول! ڇا پيا سوچيو؟“
سهڻي خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو.
”خبر ناهي، ڇا پيو سوچيان...“
بلاول ٿڌو ساهه ڀريو ۽ وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”سهڻي! مون کي ائين ٿو لڳي، تون منهنجو نصيب آهين،
پر وجود جو حصو ناهين، تنهنجي وجود جي تخليق صرف
سانوڻ فقير لاءِ آهي.“
بلاول جي اهڙي اظهار تي سهڻي ڇرڪ ڀري اُٿي ويٺي.
”بلاول! هيءُ تون ڇا پيو چوين؟ مون ته ڪڏهن سانوڻ
فقير کي اک کڻي به نه ڏٺو آهي، تون هي ڪهڙيون ٿو
ڳالهيون ڪرين؟“
”ها سهڻي! مان ٺيڪ ٿو چوان، منهنجي لاءِ شعور ۾
گهنٽيون ٿيون وڄن، ته تون سانوڻ فقير لاءِ تخليق
ٿي آهين.“
بلاول جي اهڙي جواب تي سهڻي پريشان ٿي ويئي.
”بلاول! مان ته ٻڌڻن ۾ ئي توسان ٻڌجي ويئي هئس،
شعور جي چانئٺ تي جڏهن قدم رکيم ته، پيرن ۾ تنهنجي
ئي پيار جي پازيب پاتم، هي تون ڪهڙيون ٿو ڳالهيون
ڪرين؟“
”سهڻي! مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي، مون سانوڻ
فقير جي اکين ۾، تو لاءِ محبت جو اَٿاهه سمنڊ
ڇوليون هڻندي ڏٺو اٿم، منهنجي محبت ته هڪ قطري
برابر به ڪونه آهي، پوءِ، پوءِ ان سمنڊ جو مقابلو
ڪيئن ڪندم؟“
”بلاول! تون اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿو ڪرين؟ ان ۾
منهنجو ڪهڙو قصور؟“
”اِهوئي ته وڏو قصور آهي، جو تنهنجو ڪوبه قصور
ناهي، پوءِ به تون قصور وار آهين.“
بلاول جي اهڙين ڳالهين تي سهڻي خوفزده ٿي ويئي.
هوءَ خوف ۾ ورائجي ويئي. ڪٿي سانوڻ ۽ مون کي ڪارو
ڪاري ڪري ڪهاڙيءَ سان ڳڀا ته نه ڪندو؟ ڇو ته هت
عورت کي اڻڪيل گناهه جي سزا ڀوڳڻي پوندي آهي، باقي
مرد ته هوندا ئي کير جا ڌوتل آهن. هن جي اکين مان
ڳوڙهن جو سمنڊ اٿلي پيو، هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
سهڻيءَ جي سڏڪن تي، بلاول سهڻي کي سيني سان لاتو،
هوءَ خوف مان ڏڪي رهي هئي. هُو ٻئي ڪيتري دير
تائين روئندا رهيا، هنن جي اکين مان ڳوڙها ئي ڪين
پئي سڪيا، بلاول سهڻيءَ جو چهرو پنهنجي ٻنهي هٿن ۾
جهليو.
”سهڻي! مون کي خبر آهي، تنهنجي من ۾ مون کان سواءِ
ڪنهن جو به ديرو ڪو نه آهي، تنهنجين اکين ۾ مون
کان سواءِ ڪنهن جو به عڪس ڪو نه آهي.“ هن سهڻي کي
اکين ۾ ڏسندي چيو، جيڪي روئڻ ڪري سُڄي ڳاڙهيون ٿي
پيون هيون.
”سانوڻ فقير جو عشق ته التجا آهي، ان عشق جي راز
کي سمجهڻ هن دنيا وارن جي وس جي ڳالهه ئي ڪو نه
آهي.“
”پر هت ته محبت ڪرڻ وارن کي ڪارو ڪاريءَ جي لقب
سان نوازي، ڪهاڙيءَ سان ڪُهي، ري ڪفن، ڪاري قبر ۾
پوري، زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏين.“
سهڻيءَ وراڻيو.
”دنيا وارن کي ته محبت جي ميم جي سُڌ ناهي، عشق
جي عين جي به پروڙ ناهي، هُو ته صرف پاڪ ۽ اُجرن
آبشارن ۾ گند اڇلائي ڄاڻن، پر آبشارن جا تيز وهڪرا
انهي گندگي کي پاتالن ۾ پهچايو ڇڏين، محبت ته
عبادت آهي، محبت ته بندگي آهي، محبت ته خدا آهي،
محبت ته خدا جو عطيو آهي، محبت، رحمت آهي، پر هن
ظالم سماج محبت کي زحمت بڻائي ڇڏيو آهي، هن جنت
جهڙي جهان کي جهنم بڻائي ڇڏيو آهي.“
”بلاول! تنهنجي سوچ هن سماج جي مردن کان ڪيتري نه
مختلف آهي، ڪاش هن سماج جي هر مرد جي اهڙي سوچ ٿي،
ته ڪا به ناري ڪاري ٿي نه مري.“
”اسان جي معاشري جو اهوئي الميو آهي. مرد هر گناهه
ڪرڻ کان پوءِ به سزا کان آجو آهي. باقي اڻڪيل
گناهن جي ذميوار ۽ سزاوار ويچاري عورت ئي آهي.“
سهڻيءَ، بلاول جي اهڙي سوچ تي حيران ٿي ويئي، ۽
خدا جو شڪر ادا ڪيو ته سندس جيون ساٿي بلاول جهڙو
روشن خيال مرد آهي. هن کي هن اونداهيءَ دنيا ۾ هڪ
روشنيءَ جو ڪرڻو نظر آيو.
سانوڻ فقير جي عشق جو راز آهستي، آهستي بلاول تي
ظاهر ٿي پيو.
ڪافي ڏينهن ٿيا، پر سانوڻ فقير حويليءَ جي در تي
ڪا صدا ڪا نه لڳائي ته، ڊاڪٽر بلاول سانوڻ فقير جي
نه اچڻ تي پريشان ٿي پيو. ان پريشانيءَ ۾ سڌو
سانوڻ جي گهر جو رخ ڪيو، گهرجي دروازي تي پهتو ته،
در تي ٻه ڍنگهر به لڳل ڪونه هئا. هو مَنهَه ۾ داخل
ٿيو ته، سانوڻ فقير پاٿاريءَ تي ليٽيو پيو هو.
بلاول سلام ڪري مَنهَه ۾ داخل ٿيو ته، سانوڻ فقير
حيراني مان اُٿي ويٺو.
”ڊاڪٽر صاحب! اوهان ۽ هن مَنهَه ۾؟“
”ها! اوهان نه پئي آيا ته مون کي الڪو ٿي پيو،
فقير سائين! ٺيڪ ته آهيو؟“
”ها بابل سائين! ٺيڪ آهيان، پر منهنجو غريباڻو
مَنهَه ته اوهان جي ويهڻ جي به قابل ناهي.“ هُو
اٿي اچي ڊاڪٽر بلاول سان مليو.
”فقير سائين! آءٌ به اوهان سان پٽ تي ٿو ويهان.“
پاٿاريءَ جي ڀرسان پلال مان ٺهيل موڙي تي ويٺو،
جنهن تي اڪثر سانوڻ فقير ويهي مئه مهٽيندو هو.
”ڪيترن ڏينهن کان اوهان پاڻي پيئڻ نه آيا آهيو؟“
”بس، سائين! اوهان کي تڪليف ڏيڻ نٿو چاهيان.“
جيڪڏهن ڪا منهنجي طرفان اوهان کي تڪليف رسي هجي
ته، معاف ڪجو.“
سانوڻ فقير ٻئي هٿ جوڙي ڊاڪٽر بلاول کان معافي
گهري.
”نه، فقير سائين! شرمندو نه ڪريو.“
هُو اٿي سانوڻ فقير جا هٿ پنهنجن هٿن ۾ ورتا ته
هُو بخار ۾ باهه پئي ٻريو، اکيون به ڳاڙهيون لڳيون
پيون هئس، شايد سڄي رات ننڊ به ڪين ڪئي هئائين،
هينئر به اکين مان ڳوڙها پئي ڳڙيس، بخار هجڻ ڪري
ڪجهه سيءُ پئي ٿيس.
”فقيرسائين! اوهان کي ته بخار آهي، هلو ته اسپتال
ٿا هلون، اوهان کي فوري علاج جي ضرورت آهي.“ ڊاڪٽر
بلاول سانوڻ فقير جي نراڙ تي هٿ رکي چيو. ”ڊاڪٽر
سائين! اسان جي هاڻي موڪلاڻي آهي، هيءُ ٻيڙو تيار
بيٺو آهي، بس ڪي پل باقي آهن، پر،...... هُو جملو
مڪمل ڪري نه سگهيو، لفظن هن جو ساٿ نه ڏنو.
”پر، ڇا؟ ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟“
بلاول اُتاولو ٿيندي چيو.
”ڊاڪٽر صاحب! هڪڙي آخري آس اٿم اگر پوري ڪريو؟ ته،
هيءُ فقير، قبر ۾ به اوهان کي دعائون ڏيندو.“
”ها، ها، سائين! حڪم ڪريو، آءٌ اوهان جي آخري آس
ضرور پوري ڪندس.“
سانوڻ فقير جي نراس نيڻن ۾، ڄڻ آس جا ڏيئا ٻري
پيا.
”ڪٽورو پاڻيءَ جو پيئڻ ٿو چاهيان.“
بلاول، سانوڻ فقير جي ڀر ۾ پيل جست جو وٽو کڻي دلي
مان ڀري، اچي سانوڻ فقير جي اڳيان جهليو. ”ڊاڪٽر
صاحب! پاڻيءَ جو آخري ڪٽورو ته سهڻيءَ جي هٿن کان
وٺي پيئڻ جي آس اٿم.“ هن پاڻي وٺڻ کان انڪار ڪيو،
هن جي اکين ۾ التجا هئي.
سانوڻ فقير جي اهڙي انڪار تي، هُو لاجواب ٿي ويو ۽
ڪجهه دير لاءِ سڪتي ۾ اچي ويو. هُو چپ چاپ فقير کي
ڏسڻ لڳو.
سانوڻ فقير جي نماڻن نيڻن جي التجا ۾ الائي ڪهڙي
ته غيبي طاقت سمايل هئي.
هُو بنا ڪنهن جواب ڏيڻ جي حويليءَ ڏي موٽي ويو.
ٿوري ويرم نه گذري ته، هُو سهڻيءَ سان گڏ سانوڻ
فقير جي جهوپڙيءَ ۾ داخل ٿيو، پر ڪافي دير ٿي چڪي
هئي. وقت ڀلا ڪنهن جو انتظار ڪندو آهي ڇا....؟
سانوڻ فقير جو روح، هنن جي اچڻ کان اڳ ئي هن فاني
جهان مان پرواز ڪري ابدي جهان ڏانهن هليو ويو هو!
بلاول سانوڻ فقير کي ڪيترائي سڏ ڪيا، پر هن ڪو به
جواب نه ڏنو، سانوڻ مري چڪو هو. سانوڻ فقير جي سڏ
نه ڏيڻ تي، سهڻيءَ جي هٿن مان ڪٽورو پاڻيءَ جو
ڇڏائجي پٽ تي ڪري پيو.
ڪٽوري ٽٽڻ جي آواز تي، سانوڻ فقير جون اکيون کلي
پيون، هُن جي کليل اُکين ۾ سهڻيءَ جو عڪس چٽجي
ويو. هن جي صدين جي اُڃ اجهامي ويئي، هن جو پياسو
روح بنا ڪٽوري پيئڻ جي سيراب ٿي ويو.
سهڻي بيجان بُت جيان سانوڻ کي ڏسڻ لڳي، هن کي
پنهنجا چيل لفظ، پڙاڏو ٿي ڪنن ۾ گونجڻ لڳا:
”ماريو مري به نٿو ته منهنجي جان ڇُٽي.“
ڊاڪٽر بلاول، سانوڻ فقير جي نبض ۾ هٿ وڌو ته مرڻ
جي پڪ ٿيس، پر سهڻيءَ جي اچڻ تي سانوڻ فقير جي
اکين کلڻ تي حيراني ٿيس.
سانوڻ فقير جون کليل اکيون سهڻيءَ کي چئي رهيون
هيون:
”سهڻي! تنهنجي دعا پوري ٿي، مان وري تنهنجي در تي
صدا لڳائڻ نه ايندس.“
پر سانوڻ فقير جي صدا هر طرف گونجڻ لڳي. |