سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2017ع

باب:

صفحو:12 

گلبدن جاويد

 

 

 

نظم

 

ڳوٺ جي ياد

هن ڌرتيءَ جي هڪ حصي ۾

هن ديس جي هڪڙي خطي ۾

هڪ منهنجو مٺو ڳوٺ به هو

جنهن کي ٽالهين سندو ڪوٽ هيو

هن ڳوٺ ۾ منهنجو گهر هيو

جو فڪر و فن جو محور هيو

منهنجي گهر ۾ گهاٽو وڻ هيو

هڪ مال جو وڏو ڌڻ هيو

هُت سائي سائي ٻني هئي

ڄڻ ست رنگي ڪا چني هئي

هُت سڳداسين سرهاڻ هئي

۽ ڏيلهن جي لالاڻ هئي

هُت ٽڙندا کيت گلاب هئا

۽ گهمندا ڀائرَ نواب هئا

اوطاق به پنهنجي هلندي هئي

جت هر ڪنهن ماني ملندي هئي

هت جوڳي سامي ايندا هئا

۽ ڍارا منڊ منڊيندا هئا

هت هڪڙو واهه وهندو هو

۽ امن جو ٺاهه ٺهندو هو

منهنجي ڳوٺ مٿان هڪ ٽاپ هئي

جتان وهندي جوهي شاخ هئي

هت ٻڌل ته هڪڙي ٻيڙي هئي

جا منهنجي ڄڻ ته ساهيڙي هئي

 

هت خوشي ۽ خوشحالي هئي

چوڏس رنگ چٽسالي هئي

هن خواب خوشين جي ديري ۾

هڪ آڌيءَ جو انڌيري ۾

هتي مارين اچي مارُ ڪيو

۽ منهنجي گهر تي وار ڪيو

منهنجون ڀينر ٻئي ڪسجي ويون

جيون جون خوشيون لٽجي ويون

۽ ڳوٺ سڄو هو اجڙي ويو

منهنجو بابو وڙهندي ڪُسجي ويو

پو ڳوٺ سڄو هو اُجڙي ويو

مان شهر، ڪاڇي جي مالڪياڻي

منهنجو ڏاڏو اسماعيل مصراڻي

منهنجو نانو حسين شهبازاڻي

مان احمد خان آصف جي نياڻي

مان گلبدن آصف مصراڻي

مان موهن دڙي جي وارثياڻي

ڪهڙي لکان پنهنجي درد ڪهاڻي

منهنجو ڳوٺ مون کان آ وڇڙي ويو

دل جو چمن آ اُجڙي ويو

هاڻي سانگي پنهنجا ساريان ويٺي

هنجون هر هر هاريان ويٺي

پل پل تن کي پڪاريان ويٺي

ڳوٺ جي ياد سنڀاريان ويٺي

ڳوٺ جي ياد سنڀاريان ويٺي

 

خليل عارف سومرو

 

 

 

 

غزل

هڪ حُسن جي پرِي ڪيا مستانَ ڪيترا،

موهي وڌا سندس جي ته مسڪانَ ڪيترا.

رُخ تان نقاب واءُ جي جهوٽي پري ڪيو،

ٿيا شاهڪار حُسن تي حيرانَ ڪيترا.

هڪڙي گهڙي اچين ها پرين پيرڙا ڀري،

منهنجي بچي پوڻ جا ها امڪانَ ڪيترا.

توئي علاج منهنجي ڦٽن جو نه پئي گهريو،

ورنه اداس دل جا هار درمانَ ڪيترا.

منزل نه عشق ماڻي نه سپنا سچا ٿيا،

رهجي ويا اڌورا هئه ارمانَ ڪيترا.

هر چوٽ منهنجي دل جي وٺي روپ لفظ جو،

آهن اي درد تنهنجا به احسانَ ڪيترا.

عيب آ، گناهه آهي، شريعت خلاف آ،

هڪ پيار جي ڪهاڻيءَ جا عنوانَ ڪيترا.

مدفون جي سبق کي وساري ويهي رهيا،

گادي نشين ٿو ڏسان نادانَ ڪيترا.

افسوس دل اسان جي سُڃاڻي سگهي نه سي،

انسان جي شڪل ۾ ها شيطانَ ڪيترا.

هن قوم کي تباهه، انائن ڪري ڇڏيو،

ٿين ٿورڙي ٿا ڳالهه تي، نقصانَ ڪيترا.

مهمان نوازي ڳالهه ڀلي آ مگر هتي،

بڻجي وڃن ٿا بورچي مهمانَ ڪيترا.

ڪنهن کي نصيب ناهي هتي ساهه سک جو ڪو،

هن دؤر ۾ وتن ٿا پريشانَ ڪيترا.

مون لاٽ ٻاٽ ۾ جلائي رکي سدا،

منهنجي مٿان کڻي آيا طوفانَ ڪيترا.

”عارف“ لکيا غزل ٻه ٽي هُن تي ته ڇا ٿيو،

هن تي شاعرن جا ديوانَ ڪيترا.

 

غزل

 

ائينءَ بچيو آهيان وڃي جهانَ ۾،

جيئن سڙيل سگريٽ خاڪ دانَ ۾.

چنڊ هن کي مون چيو جو پيار ۾،

هوءَ اُڏري پئي ٿي آسمانَ ۾.

هوءَ منهنجو ڪُل جهان ٿي ويندي،

ڪونه هو اڳ ۾ اهو گُمانَ ۾.

هيءُ مون کي ڇا الائي آ ٿيو،

هر گهڙي هو ٿي رهي ڌيانَ ۾.

لفظ هن جا ٿا وڻن سُٺا لڳن،

ماکي ۽ مصري اٿس زبانَ ۾.

مان رهان ٿو شاعريءَ جي شهر ۾،

ڳولجو مون کي نه ٻئي جهانَ ۾.

چنڊ هڪڙو هنجهه منهنجي ۾ سُتل،

چنڊ ٻيو چمڪي ٿو آسمانَ ۾.

فائدن جي وقت هرڪو ٿو اچي،

ڪونه ٿو ويجهي اچي ڌيانَ ۾.

تنهنجو چَهرو ٿو ڏسان نماز ۾،

وِجهه نه پوڄا وقت امتحانَ ۾.

روز ”عارف“ ذڪر ٿيندو ٿو رهي،

ڪجهه ته آهي منهنجي داستانَ ۾.

 

 

عابد ”نياز“ ميمڻ

 

 

 

 

 

غزل

 

نينهنءُ ناتو هيو خالي کاتو هيو،

تو سڃاتو هيو مون نه ڄاتو هيو.

 

پير پنهنجا پڪا ڪونه رستا کُٽا،

رڻ تتي جي اڳيان ڪونه هاتو هيو.

 

اوچتو رڙ ٻڌي واڪو ور ور ٿيو،

ڪونه توکي لڌو ٻيلو گهاٽو هيو.

 

نالو ڪنهن جو وٺان ڪين ڪنهن کي وڻان،

جنهن ڇُرو پئي هنيو مون سڃاتو هيو.

 

باهه بَر ۾ لڳي چيخ ٿر ۾ ٻُڌي،

ڇو ڀلا ڪو ٻڌو ڪنهن نه واڪو هيو.

 

ڇرڪُ نڪري ويو دل پريشانُ ٿي،

غور سان جو ڏٺو پنهنجو پاڇو هيو.

 

هو ڀريل پيار گلڙن سان عابد نياز،

ڇو ڀلا تو ڇِنو اهڙو ناتو هيو.

 

غزل

گهڻائي راڳ ڳايا مون ها موسم جا تراني ۾،

وگر نه ڇا ڇا نه گذريو مٿان پنهنجي زماني ۾.

 

وري ڪنهن ساز سرگم جو لڳو ڪو گهاءُ من ۾ آ،

وري موتي ورهايا هن خوشي جا هن زماني ۾.

 

جڏهن کان عشق سيکاريو ادب آهي حيا آهي،

ڪمي ڪا ڪونه آئي آ محبت جي خزاني ۾.

 

پڙهين ته پڙهه نگاهه ناز سان نوڙت سان،

حقيقت حال پنهنجي جي لکيل آهي فساني ۾.

 

مٿاهي عشق ٿيندو ناهه لهندو آسمان کان آ،

غريب جي درد وانگي رهندو آ دل جي آشياني ۾.

 

وري خانا بدوشي ۾ هتي ٿِي زندگي گذري،

نظر ۾ ڪنهن هتي رکيو نظر جي ڪنهن نشاني ۾.

 

هميشه ئي ڀرم رشتن ۽ ناتن جو رکيو ”عابد“،

انهي لئه ئي لڙي هرڪو اچي ٿو آستاني ۾.

 

امين ڀٽو

 

 

 

 

غزل

 

هڪ هنڌ کان کڻي ٿو ٻئي هنڌ ڇو رکيو آ،

هڪڙو سفر اڌورو ٻيو پنڌ ڇو رکيو آ.

منهنجي وفا جو توتي ٿيئي اثر نٿو ڪو،

تنهنجي اکين تي ايڏو ڀي انڌ ڇو رکيو آ.

اچ وار ڳُنڌ هاڻي واپس هلون ٿا موٽي،

ڪاوڙ منجهان تو لاڙي پر ڪنڌ ڇو رکيو آ.

چاهيان ٿو وار جهڙي ڀي ڪانه وٿي ڪا،

ايڏو ڀلا وچان هي تو سَنڌ ڇو رکيو آ.

 

غزل

 

ڊسمبر ندي ڏور اُڀ تي پکي،

چئِي ڇا وئي چپ چپن تي رکي.

کنوڻ جو ٿيو کجڪو جئن اوچتو،

ڊڪي ٿورو ڇلڪي ٻکن ۾ ٻکي.

چڙهي دز وئي آ لڱن جي مٿان،

وئي آن الائي ڪٿي تون رکي.

جتي تون لٿي هئين انهن وين مان،

اهو شهر شايد هيو ڪو لکي.

وڃان ٿي ملڻ پنهنجي محبوب سان،

ڪنڌي تي دلو آ نه ڪائي دکي.

 

غزل

 

وڻ وڏا پر نه لام پنهنجي آ،

صبح پنهنجي نه شام پنهنجي آ.

هن کي آهي سُڪون سڀ حاصل،

ننڊ ڇا لئه حرام پنهنجي آ.

تو به گوشا هنيا وڇوڙي جا،

عمر پن ڇڻ تمام پنهنجي آ.

اک زمين تي ٻُڏي نٿي هاڻي،

آسمان تي اُڏام پنهنجي آ.

درس دل جو رڳو محبت آ،

عاشقي ئي امام پنهنجي آ.

آءُ اخروٽ جان ڀڃي وڃ تون،

سچ جواني بدام پنهنجي آ.

 

غزل

 

ڪنهن به خاني ۾ ڪونه هون پُورا،

هن زماني ۾ ڪونه هون پُورا.

جسم هڪ هنڌ دل جدا آهي،

ڪنهن فساني ۾ ڪونه هون پُورا.

تو هنيو تير پر گُٿو آهي،

تنهن نشاني ۾ ڪونه هون پُورا.

عمر گذري ائين وئي سپني،

ڪنهن سهاني ۾ ڪونه هون پُورا.

وقت هڪ هنڌ قيد ڪيو آهي،

هڪ بهاني ۾ ڪونه هون پُورا.

 

غزل

 

اُڀ تي سفيد پنڇي ترسن به ڪيستائين،

بازن جو شهر آهي اُڏرن به ڪيستائين.

رولاڪ دل نگر جي پنهنجي ڪٿا الڳ آ،

تنهنجا عشاق آخر ڀٽڪن به ڪيستائين.

تنهنجي نگاهه ڀي ڄڻ ڪاتي جي ضرب آهي،

ڪيسين هو خود سنڀالن تڙپن به ڪيستائين.

ڪمرو اُداس آشا جي گيت ۾ هيو گُم،

ڳالهيون ڪيون پئي مون سان ڳوڙهن به ڪيستائين.

منزل جو ڏس اسان کي ڪاٿان به ڪونه مليو،

رولي رکيو پيرن کي رستن به ڪيستائين.

 

ياسين ڪنڀر

 

 

 

 

 

نعت

 

حضور تنهنجي مدح لکڻ ۾ سُرُورُ من کي ملي وڃي ٿو،

جيءَ ۾ خوشبو کنڊي وڃي ٿي، چنبيلي دل ۾ کلي وڃي ٿو.

 

تون منهنجي من جو بلند سپرين پرين تون مَنَ دل پسند سپرين،

مکڻ تون مٺڙو ڪمند سپرين، سڪون پهچي دلي وڃي ٿو.

 

حسيب تون هڪ عجيب دلبر، توجهڙو ٿيو سچ نصيب دلبر،

قريب دلبر حبيب دلبر، حريف تنهنجو رُلي وڃي ٿو.

 

ڏنو تو دستور برڪتن جو، ڏنو تو منشور رحمتن جو،

مِٽي ڇڏيو سورُ  ذلتن جو، هي مَنُ شُڪرَ ۾ ڇُلي وڃي ٿو.

 

ڪنڀر ڪرم جي طلب ۾ دم دم، رکي توڪل ٿو رب ۾ دم دم،

هي حنفي مسلڪ جو پوئلڳ ٿيو، نبي توڏي دڳ حنبلي وڃي ٿو.

 

غزل

طرح: (ڇا زندگي جڳن کان رڻ جو سفر هئي.)

 

منهنجي مٺا محبت، ڇا بي اثر هئي؟

غلطي ٻُڌاءِ سهڻا، ڪهڙي مگر هئي؟

تنهنجون ڏسي ادائون مان ٿي خطا ويس،

مون کي نه تنهنجي سهڻا پهريان خبر هئي.

مان تذبذب مين آهيان تون مضطرب هئين،

هي ڪيفيت به ٻنهي سان همسفر هئي.

موسم بهار جي هُئين آخر بدلجي وئين!

انسان مان ته ساڳيو دل بي فڪر هئي؟

تنهنجي ڇڏي وڃڻ سان محسوس ٿو ٿئي،

ڇا زندگي جڳن کان رڻ جو سفر هئي؟

الفت عليل ٿي پئي، قربت قليل ٿي،

سمجهڻ جي لاءِ توکي گهربل عمر هئي.

احساس جي شهر ۾ چاهت جي چوڪ تي،

گڏجاڻي روبرو ٿي پر مختصر هئي.

تنهنجي نگاهه دنيا جي رونقن ڏي هئي،

منهنجي مگر پيارا تو ۾ نظر هئي.

اڄ ڀي رکان ٿو توکي مان ساهه کان عزيز،

ڪلهه ڀي ته تنهنجي سيرت دل جي اندر هئي.

مون لاءِ وئين اچانڪ ناسازگار ٿي،

شايد ته منهنجي الفت ڀي بي ثمر هئي.

’ياسين‘ لئه وفا ڄڻ مشڪل ترين هئي،

تولاءِ بي وفائي آسان تر هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org