سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2017ع

باب:

صفحو:19 

شبنم گل

 

 

 

علم جي جوت ورهائيندڙ لازوال ڪردار

 

دادي ليلان جي شخصيت ۽ مثبت سوچ جو اثر، اسان موجوده سنڌي سماج ۾ ڏسي سگهون ٿا. دادي ليلان جو جنم 16- ڊسمبر 1916ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو، هوءَ سندس والد هوتچند واڌواڻيءَ جي گهر ڏيئي جي لاٽ بڻجي، روشنين جو سنديسو کڻي آئي.

اهو دور شعوري طور تي سگهارو هوندي به روايتن جي ڀيٽ چڙهيل هو، ان جي باوجود دادي انڪري تعليمي ميدان ۾ اڳڀري رهي، ڇو ته سندس والد روشن خيال انسان هو، اها حقيقت آهي ته جن به گهرن ۾ ڌيءُ ۽ پيءُ جي وچ ۾ مضبوط روحاني رشتو جڙيو، انهن ڌيئن، سماجي جاڳرتا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. والد جي ويجهڙائيءَ ۽ سهڪار ڌيءَ لاءِ خوداعتمادي ۽ اُتساهه جو سبب بڻجي ٿي، هر اُها نياڻي، پنهنجي خاندان ۾ ڏاهپ ۽ ڏانءُ جو سنگم بڻجي اُسري، جتي کيس والد جي جذباتي ٽيڪ نصيب ٿي.

دادي ليلان 1940ع ڌاري ٽيچر ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ميوزڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ وابسته ٿي، سندس خدمتون ميوزڪ، ٿيٽر، تعليم ۽ عورتن جي جاڳرتا جي حوالي سان قابل قدر آهن.

داديءَ کي ميوزڪ سان وڏو لڳاءُ هو، چون ٿا ته طبلو ۽ هارمونيم سندس بستري جي ڀرسان رکيل هوندو هو، اها حقيقت آهي ته تخليقي ۽ تعميري صلاحيتون انسان جي اندر، نرمي ۽ سڀاءُ قائم ڪن ٿيون، سندس سوچ کي يڪسوئي بخشڻ سان گڏ، شخصيت ۾ توازن پيدا ڪن ٿيون. شايد اهوئي سبب آهي جو دادي ليلان جو مزاج نرم ۽ سٻاجهائي ڀريو هو.

1936ع ڌاري ڊي.جي گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ آل انڊيا ميوزڪ ڪمپٽيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ويهن سالن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين بهرو ورتو هو، ان مقابلي ۾ بيکانير، جوڌپور، برودا ۽ احمدآباد جي شاگردن پڻ حصو ورتو، ان مقابلي ۾ دادي ڀڄن ڳائي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.

سندس تعليمي ڪيريئر 1954ع ڌاري شروع ٿيو، جڏهن هن هيڊ مسٽريس طور، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول، ميرپورخاص جو چارج سنڀاليو، اهو دور، ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان ايترو خاص سازگار نه هو، هيءُ اهو دور هو جڏهن سنڌ جي صورتحال پيچيده هئي، هيءُ ئي سال ون يونٽ جي مخالفت سبب سنڌ جي چيف منسٽر عبدالستار پيرزادي کي سندس عهدي تان برطرف ڪيو ويو هو. اهو دور سياسي، معاشي توڙي سماجي طور تي منتشر هو، ان دوران پنجاب ننڍن صوبن ۽ خاص طور تي سنڌ تي اجاره داري قائم ڪرڻ جي سلسلي جي شروعات ڪئي، اهڙيءَ صورتحال ۾ سنڌ جي ساڃهه وند ماڻهن جو خيال هو ته سنڌ ۾ ان وقت تبديلي ايندي جڏهن نياڻين جي تعليم تي ڌيان ڏنو ويندو. انڪري دادي سدائين نياڻين جي تعليم کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هوءَ ڳوٺن ۽ پوئتي پيل علائقن ۾ وڃي، مائٽن کي ڇوڪرين جي تعليم جي اهميت کان آگاهه ڪندي هئي.

دادي ليلان جي مثبت ڳالهين ماڻهن جي دلين ۾ اثر پيدا ڪيو. ۽ هُو پنهنجي نياڻين کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لڳا، اها حقيقت آهي ته تبديلي آڻڻ لاءِ مثال قائم ڪرڻو پوي ٿو، رول ماڊل بڻجڻو پوي ٿو.

1972ع ڌاري جڏهن دادي ليلان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر طور عهدو سنڀاليو ته سندس قائداني صلاحيت کان ٽي ضلعا حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين ڀرپور فائدا وٺڻ لڳا، اهو دور هو جڏهن هن نياڻين جي تعليم جي واڌاري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.

هيءُ دور ذوالفقار علي ڀٽي جو هو، 20- ڊسمبر 1971ع تي هُو پاڪستان جو صدر بڻيو، هن دور ۾ جاگيرداري ۽ سرمائيدارن جي حوصله شڪني ٿي،


 

سڄي سنڌ ۾ 1972ع دوران بهارين جي آبادڪاريءَ خلاف احتجاج ٿي رهيو هو، ان دوران سنڌ ۾ لساني مسئلن شدت اختيار ڪئي، سنڌي ٻوليءَ کي لازمي قرار ڏيڻ بعد سنڌ ۾ اسلامي جميعت طلبا پاران فساد شروع ٿي ويا، هڪ لحاظ کان سنڌ جي سڃاڻپ، سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه ۽ سياسي مونجهارن جي لحاظ کان ڪافي منجهيل دور هو، پر ان جي باوجود به دادي ليلان گهر گهر وڃي والدين کي سمجهايو جيئن هُو پنهنجي ڇوڪرين کي تعليمي ادارن ۾ وڃڻ کان نه روڪين، سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ جيڪي ڇوڪريون ٻاهر نڪتيون ۽ علم حاصل ڪيائون، انهن تعليم يافته مائرن، سنڌي سماج ۾ وڏي تبديلي آندي.

دادي ليلان علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺڻ سان گڏ پنهنجي ذاتي زندگيءَ تي به ڀرپور توجهه ڏيندي رهي، ان سان گڏ هوءَ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ايم.پي.اي پڻ رهي. ڏات ۽ ڏاهپ جو سنگم، دادي ليلان 2017ع ۾ هي فاني دنيا ڇڏي وئي.

داديءَ کي سنڌ ڌرتيءَ سان گهرو دلي ۽ روحاني لڳاءُ هو، ڪيترا هندو سنڌ ڇڏي وڃي انڊيا ۾ آباد ٿيا، پر هن ڪڏهن به سنڌ ڇڏڻ لاءِ نه سوچيو. ڇو ته جن جڳهين تي سندس ننڍپڻ ۽ جواني گذري، انهن گهرن، گهٽين ۽ علمي درسگاهن سان سندس جذباتي تعلق سگهارو ۽ لازوال هو.

لطف الله سيال

واجد جي شاعريءَ ۾ سماج جي پيڙا

 

تعارف:

سنڌي شاعري، اُها سونهن راڻي آهي، جنهن کي هر دؤر جا ڪوي سونارن جيان خوبصورت ڪٺمالائون پهرائيندا ۽ پنهنجي پنهنجي انداز سان زيبائتن زيورن سان سينگاريندا رهيا آهن. هر دؤر جي شاعرن حال سارو پنهنجي وارتائن، وصال توڻي وڇوڙي جي آلاپن سان گڏوگڏ ڏيھ جي ڏتڙيل ماڻهن ۽ ديس جي دردن جا داستان پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ سموهيا آهن. سهڻي سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ شعبان علي منگي جڏهن شعور جي چيچ پڪڙي هلڻ سکيو، تڏهن پنهنجي مفلسيءَ واري زندگي، توڙي سماج جي اڻبرابريءَ واري نظام سندس ذهن تي گھرا اثر ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ هُو شعبان علي منگي واري سادي سڌي روپ واري الفيءَ مان نڪري،  نه صرف واجد جي روپ ۾ ادبي کيتر ۾ نروار ٿي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو، پر سندس شاعري اڻبرابريءَ واري سماج لاءِ شفاف آئيني جو روپ ڌاري ورتو، جنهن ۾ بيحسي ۽ ظلمتن تي آڌاريل سماج جو بگڙيل چهرو چٽو نظر اچڻ لڳو. 

واجد جي مفلسيءَ واري زندگي توڻي جو مٿس، حيات تي موت جيان حاوي رهي، پر تنهن هوندي به هُو فقير صفت انسان، پنهنجن حالتن جا سُور پٽڻ بدران سماج کي اصل چهرو ڏيکارڻ ۽ سماج ۾ سڌاري آڻڻ جي خواهش رکڻ سان گڏوگڏ شاعري وسيلي حل لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيندو رهيو، جنهن جو ثبوت سندس شاعري آهي، جنهن ۾ سماج جي صورت جو عڪس موجود آهي.

واجد جي زندگيءَ ۾ بهار به پرڏيھ کان پنڌ ايندڙ ڪنهن بنا ويزا ۽ ٽڪيٽ جي مسافر جيان رسي نه سگھي، جنهن کي خاردار تارون سلھ جي مرض جيان وڪوڙي وينديون آهن ۽ سماج جون بيرُخيون ۽ بيحِسيون پهريدارن جيان پڪڙي لوهي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏينديون آهن.

واجد توڻي جو پنهنجي زندگيءَ جي حالات جيان شاعريءَ جي وسيلي سماج ۾ ايڏو وڏو زلزلو آڻڻ ۾ ڪامياب نه به ٿي سگھيو هجي، پر اها ڳالھ واضح آهي ته هُو سماج جي روح ۾ موجود لاٽ ۾ شعور جي لاٽ ٻارڻ ۾ ضرور ڪامياب ويو آهي.  

مفلسي توڻي بيماري، ڏاڍ جا اُهي ڏند ۽ ڏاٺون آهن، جيڪي پهاڙن جو قد ڪاٺ، همت ۽ حوصلو رکندڙ اڏول ۽ نظرين ۾ انتها جي پختگي رکندڙ ماڻهن جي انا کي به ڪُرٽي ڇڏيندا آهن، پر واجد جي اکين ۾ سندس ٽانڊن تي پچندڙ زندگيءَ کان وڌيڪ، سماج جو درد، محبوب جي تصوير جيان سمايل هو. انقلابي سوچ ۽ شعور رکندڙ هن شخص جون ٽنگون ڪڏهن به ڏاڍ ۽ ڏمر جي دهشت توڻي وحشت اڳيان نه ڏڪيون ۽ نه ئي وري سندس سيس سماج جي پاڻمرادو ٺيڪيدارن اڳيان جھُڪيو. واجد ظاهري طرح توڻي جو بيماري ۽ مفلسيءَ جي ڪري ڪمزور ۽ نٻل جسم رکندڙ شخص هو، پر پنهنجي ذات ۾ فولادي روح رکندڙ انسان هو، جيڪو آنڪين جي عيوض آدرشن جي قرباني ڏيڻ جهڙي غليظ گناھه کان هميشه پاڪ رهيو.  

واجد بابت مختلف عالمن ۽ اديبن  جا رايا:

”واجد ڪنهن اهڙي مٽيءَ مان ٺهيل آهي، جو حالتن يا بيماريءَ جيتوڻيڪ هن جي جسماني خوبصورتيءَ کي کاٽ ته ضرور هنيو آهي، ذهني ۽ روحاني طور واجد اڄ به اهڙوئي آهي، جهڙو مون هن کي ويھ سال اڳ سندس ڦوھ جوانيءَ وارن ڏهاڙن ۾ ڏٺو هو. ارڏو، اڻموٽ، باغي، هميشه سچ جو ساٿي، ڪوڙ جو دشمن (1) .“

”واجد، زندگيءَ جي ڪڙين حقيقتن کي ويجھو ڏٺو آهي ۽ بک، بي روزگاري ۽ بيماريءَ جي وِھه ڀريل وٽين کي اوتيندو رهيو آهي، جن هن کي هڪ حساس طبعيت شاعر بنائي ڇڏيو آهي. هن جي ڪلا ۾ غمِ جانان گھٽ، غمِ حيات وڌ آهي. هن حياتيءَ کي جيئن ڏٺو آهي، تيئن پيش ڪيو آهي. هن لاءِ زندگي گلن جي سيج نه پر ڪنڊن ڀريل پٿرڻي آهي (2) .“

”واجد جي شاعريءَ ۾ رڳو داخلي احساسن جي اپٽار ڪيل ناهي، پر عالمي سطح تي انسان ذات جي اجتماعي ڏک خوشيءَ کي به اهڙي طرح پيش ڪيو اٿائين جو اهي ڏک ۽ خوشيون اميدون ۽ نااُميدون واجد جون پنهنجون لڳن ٿيون (3).“

”واجد هر ممڪن عمل ذريعي هيٺانهين حيثيت رکندڙ فردن جو فڪري همدرد ۽ سچي ساٿاريءَ جي روپ ۾ نروار ٿي بيٺو. جنهنڪري روايت پرست طبقو کيس چڀندڙ چيز سمجھي کيس ستائڻ تي سندرو ٻڌي بيٺو، پر واجد جو عزم ۽ ارادو ويو تهائين اٽل ۽ اڏول ٿيندو(4) .“

”واجد جي والد جي وفات کان پوءِ سندس ڀائرن جاءِ وڪڻي حصي ۾ کيس صرف ساڍا ٽي هزار رپيا ڏنا هئا، اهي پئسا کڻي ٽنڊي غلام علي پهتو ۽ دڪان کوليائين. دڪان نه هليس ته مارڪيٽ ڪاميٽي ۾ سب انسپيڪٽر جي حيثيت سان نوڪري ڪيائين. اتي يارهن مهينن جون پگھارون نه مليس ته وڃي ٿر وسايائين. جتي ڊي.سي عبدالقادر منگي کيس روزگار ڀيڙو ڪيو. جيئن ئي منگي صاحب جي بدلي ٿي ته هي ٻيهر بي روزگار بڻجي پنهنجي اصلوڪي ماڳ لاڙڪاڻي اچي پهتو (5).“

”5- جولاءِ 1952ع ۾ لاڙڪاڻي جي ڌرتيءَ تي ڄمندڙ شعبان علي منگي، 2- مارچ 1994ع ۾ هڪ روشن خيال شاعر ’واجد‘ جي حيثيت سان موڪلائي ويو ۽ اسان کي پنهنجي ذهن جي اميريءَ جا ٽي اهڙا اثاثا ڏنائين، جيڪي سنڌي ادب جي لازوال ميراث آهن، جن ۾ ’منهنجا گيت زهر جي ڳيت‘، ’سوريءَ مٿي سيڻ‘ ۽ ’آءٌ اوهان جو آهيان‘ شامل آهن (6).“

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب ’آءٌ اوهان جو آهيان‘ ذريعي واجد سنڌي ٻوليءَ جي جھوليءَ ۾ نثري نظم/آزاد نظم/نظم، وائي ۽ غزل سهڻن ستارن جيان اهڙي ته ڪاريگريءَ سان ٽانڪيا آهن، جن جي چمڪ ڪڏهن به ڌنڌلي ناهي ٿيڻي.

واجد جي شاعريءَ ۾ سماج جي پيڙاءَ جو جائزو

واجد، جڏهن هاري ۽ محنت ڪش جي پگھر جي پونجي تي ڪاهل ۽ ٽوٽي ڀوتارن جي مالڪي ۽ اٻوجھن جي اعتماد جي بيحسيءَ جي بازار ۾ نيلامي ٿيندي ڏسي ٿو، تڏهن درد سندس سٽن ۾ منصوري آواز جو پڙاڏو بنجي پوي ٿو.

”ٻَڌا واپاري“

ٺڪر ڀتر سوئي

نازڪ نور نچوئي

جن لئه ان اجاريو ٿا،

پنهنجي پوکيءَ، لائيءَ تي،

پنهنجي ٿڌيءَ تائيءَ تي،

جن جو حق مڃو ٿا-

سي ته اوهان جي ازلي ويرين وٽ،

اوهان جي هرهڪ حق جا،

ٻڌا واپاري آهن!!  (ص: 7)

واجد، سماج جي درد جو اهو حقيقي مؤرخ آهي، جيڪو جڏهن سماج ۾ ناانصافين ۽ ڏاڍن هٿان هيڻن جي حقن جي لتاڙ ٿيندي ڏسي ٿو، تڏهن مفاهمت کان ڪم وٺي خاموشيءَ جي چادر ۾ ويڙهجي رهڻ بدران، وقت جي ستم ظريفيءَ جو اتهاس شاعريءَ جي روپ ۾ رقم ڪري ٿو. واجد جسماني ۽ ماليءَ حوالي سان توڻي جو هيڻو هو، پر سندس شاعريءَ ۾ ٻل ٻيڻو آهي. جتي دنيا جي تاج ۽ تخت کي لوڏي سگھڻ جي سگھ رکندڙ ميڊيا ريڊيو، ٽي- وي ۽ اخبارن جي زبانن تي مفاهمت جا تالا، ڪنن ۾ ميڻ ۽ اکين تي اوندھ جي ڪاري پٽي ٻڌل هجي، اُتي واجد شاعريءَ جي روپ ۾ کين آئيني ڏيکارڻ ۾ رُڌل نظر اچي ٿو.

”ڳالهيون پيٽ ورن جون“

ريڊيو،

ٽي- وي،

۽ اخبارون چون پيون:

ڪن، اکيون ۽ وات ٻڌي ڀل،

ٻڌو، ڏسو ۽ پڙهو مگر،

ڪن کولي ٻڌو- ڌيان ڌاري ٻڌو-

جو به ڏاڍو آهي-

سوئي گابو آهي-

سوئي بابو آهي!!  (ص: 7)

واجد، باشعور ۽ سماج جو درد، دل ۾ ڌڙڪندي محسوس ڪندڙ شاعر هو، جڌهن وقت جي واپاري صفت پاڻمرادو مسيحائن سندس شعوري جاڳ کي لالچ جي گورين ذريعي ننڊ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن سندس اندر ۾ ڪروڌ ڪر کنيو ۽ ان جي ٻاڦ شاعريءَ جي صورت ۾ انهن گيدين لاءِ نيزي جي نوڪ جو مظهر بنجي ويئي، جيڪا سندن ضمير ۾ هميشه لاءِ چڀندي رهڻ جي طويل سگھ پاڻ ۾ سمائي رکي ٿي.

”درٻاري ڳالهيون“

اوندھ ۾ سڏيندڙ اونداها!

جا ڳالھ ڪرين،

چانڊاڻ ۾ ڪر!

اوندھ جون اونداهيون ڳالهيون،

بد صورت ۽ بي نور آهن-

جا ڳالھ ڪرين چانڊاڻ ۾ ڪر-

در پور ۽ درٻاري ڳالهيون،

ڪنهن شاعر ساڻ نه،

تاجر ساڻ ڪبيون آهن!!   (ص: 8)

                   تاريخ جا شاعراڻا ورق ساکي آهن، ته جڏهن به ڌارين قوتن سنڌ جي وحدانيت کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب کي مڃڻ کان نابري واري آهي، تڏهن ان وقت جي باشعور ۽ باضمير شاعرن، نه صرف مزاحمتي شاعريءَ جي صورت ۾ کين للڪاريو آهي، پر پنهنجي املھ تخليقن جي روپ ۾ تاريخ پڻ رقم ڪئي آهي. واجد پڻ اهڙي ئي سگھ رکندڙ شاعر هو، جنهن پنهنجي دؤر جي جابر جي اکين ۾ اکيون وجھي نه صرف کيس للڪاريو آهي، پر کيس قوم جي سجاڳ ٿيڻ جي صورت ۾ نتيجا ڀوڳڻ جي تنبيھ پڻ ڪئي.

 ”مُڙو ۽ مڃو“

اوهان کان الڳ

اوهان کان جُدا-

اسان جي به پنهنجي

روايت، ثقافت؛

تاريخ تهذيب آهي-

اسان کي اوهان جيئان

جيئڻ ۽ خوشين ماڻڻ جو

ساڳيو ئي حق آ-

مڙو ۽ مڃو!

سچائيءَ کي هاڻي

سڃاڻي ڇڏيو-

جي جاڳيا سڀئي سنڌ واسي ته پوءِ

نه مهراڻ ئي پر،

ستلج ۽ راوي به

ظالم جي رت ساڻ

ريٽا ٿي وهندا. (ص: 12)

سماج جا پاڻمرادو ٺيڪيدار، جڏهن حق ۽ سچ جي آواز کي پنهنجي انت جي سڏ جو پڙاڏو سمجھڻ لڳندا آهن، تڏهن اجايا جواز گھڙي، حق ۽ سچ جا آلاپ پيدا ڪندڙ جسمن کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ سوليءَ جو سامان تيار ڪندا آهن يا پيئڻ بلا جو روپ ڌاري اهڙن امر جسمن ۾ زهر اوتڻ جون آخري ڪوششون ڪندي سرهائي محسوس ڪندا آهن. اهڙيءَ ويل سقراط جي زهر پيئڻ واري فلسفي تي فخر ڪندڙ ڪئي ارڏا انسان به زندگيءَ جي دوکي ۾ اچي ويندا آهن ۽ موت کان چيچ ڇڏائڻ جي چڪر ۾، هزارن مجلسن ۾ سقراط جي فلسفي جي عظمتن جا ڪلما پڙهندڙ شخص زندگيءَ جي اوٽ ۾ ان عظيم فلسفي جي عظمت تان ئي هٿ کڻي ويندا آهن ۽ ان فلسفي جي فرسوده هجڻ جو دم هڻندا آهن. اهڙن ئي حالتن کي جڏهن پنهنجي سماج ۾ عملي صورت اختيار ڪندي، واجد ڏسي ٿو تڏهن سندس شعور ڦٽ تي ٻرڪيل لوڻ جو درد محسوس ڪري ٿو، جيڪو سندس شاعريءَ جي صورت ۾ مظهر پذير ٿئي ٿو.

 ”ائين، جيئڻ ٿو چاهين!؟

تون، جو پنهنجي تحريرن، تقريرن ۾،

سقراط جي زهر پيئڻ کي،

امر ڪرم سڏيندي،

جذباتي ٿي گڦ وهائيندو هئين-

پر، اڄ جڏهن، سچ سان تنهنجي سنگ کي،

تنهنجو وڏو ڏوھ سڏي، ساڳيو ئي سقراط جو پيالو،

تنهنجي آڏو رکيو ويو آ،

تڏهن تون، سچ جي ڪارڻ زهر پيئڻ کي،

ڪڌو ڪرم سڏي،

حياتيءَ جا واڌو ڏينهن-

جاڙ جيئڻ ٿو چاهين!

ائين، جيئڻ ٿو چاهين!؟ (ص: 16)

سماج جي اها بي حسي ازل کان جنم ورتل ٿي ڀاسي، جيڪا ابد تائين جي طويل عمر جو لباس ويڙهي، جُڳن کان مختلف روپ ڌاري، هر دور ۾ مظهر پذير پئي ٿي آهي. سماج جا اُهي ڪارائتا فرد جن جو سماج جي صفائي ۾ اهم ڪردار آهي، کين موٽ ۾ هميشه سماج پاران ذلت ڀريل نظرون تحفي ۾ مليون آهن. اهڙي ئي سماجي درد جو اظهار واجد جي شاعريءَ ۾ سج جي ڪرڻن جيان ڪر موڙيندي محسوس ٿئي ٿو.

 ”زوريءَ نڪاح“

هائو-

حالتن تنهنجي هٿ ۾

ٻهارو ڏئي،

ذلتن ساڻ تنهنجو

زوريءَ نڪاح پڙهايو آهي-

پر، تو به ته ان ٻهاري جو

هڪ تيلو ڀي ناهي ٽوڙيو!!؟ (ص: 16)

اتهاس ان ڳالھ جو آئينو آهي ته دنيا جا جيڪي به عظيم انسان ٿي گذريا آهن، انهن حق ۽ سچ لاءِ جدوجهد ۾ اجتماعي فائدي کي مقصد ۾ رکيو آهي. انهن عظمتن جي اعلى پد تي پهتل انسانن تي جڏهن زندگي دان ڏيڻ جي ويل به آئي آهي ته انهن ڪيٻايو ناهي، بلڪه سندن خيال ۾ اهوئي خاڪو رهيو آهي ته سندن جان جي دان سان شايد اجتماعي فائدو رسي، دنيا سک ۽ شانتي جو گھوارو ٿي پوي. اهڙين ئي ڪيفيتن کي واجد جڏهن محسوس ڪري ٿو ته لڇي پوي ٿو ۽ سندس پيڙاءُ جو پرتوو سندس شاعريءَ ۾ نروار ٿي پوي ٿو.

 ”عيسى سوچيو هو“

ڪاريون ريتون

رک ٿي وينديون،

صليبون سڙنديون-

رسمن جي صليب تي چڙهندي،

عيسى سوچيو هو! (ص: 18)

دنيا جو دستور رهيو آهي ته ڏاڍي ماڻهوءَ جي غلط ڳالھ کي به صحيح ڪري تسليم ڪرڻ ۾ ويرم به ناهي لڳندي، جنهن کي انڌي تقليد جي ذمري ۾ به آڻي سگھجي ٿو. جيڪا ڳالھ واجد جي جيءَ ۾ جھير ڏئي ٿي، سندس اندر جو ڪروڌ ۽ بغاوت ناصحانه روپ ۾ سٽن ۾ سمائجي وڃي ٿو. واجد ظلم ۽ ڏاڍ جي ڏندن توڻي ڏاٺن کان ڊڄڻ جي بدران غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوڻ کي ترجيح ڏيڻ جي صلاح ڏئي ٿو.

”نه مڃ“

جا ڳالھ نه تنهنجو ذهن مڃي،

من ڀي نه مڃي-

سا، تون به نه مڃ!

پو ڇو نه کڻي؛

سا ڳالھ ڪندڙ،

راڪاس- برڙ باڪاس هجي! (ص: 22)

باشعور ماڻهن جي ذهنن جي ڪُک مان آدرشن جو جنم ٿيندو آهي، آدرش جڏهن پروان چڙهندا آهن، تڏهن سماجي بيحسي جي ڪري آدرشن جي ٿيندڙ ڀڃ ڊاھه، باشعور ماڻهن کي چنتا جي چکيا تي چاڙهڻ لاءِ اهم عنصر جو ڪردار ادا ڪندي آهي. اهڙو ئي درد ۽ پيڙاءُ جيڪو واجد جي زندگيءَ جي پلؤ سان سماج ٻڌي ڇڏيو آهي، ان جو درد سندس سٽن ۾ سمايل نظر اچي ٿو.

 ”الميو“

حالتن جي پيڙ پيڙان

۽ جڳن کان پيڙجندڙ

هڪ آدرشي انسان-

ڀڄندو ڀرندو ٿو رهي-

ڳڻتين تي ڳڻتيون

۽ ويچارن تي ويچار-

ڳاڙهي ڳڀروءَ مان ڦري

هيڻو هيڊو ٿي ويل،

سونهن سوڀيا جو پريمي-

جڳ جڳ کان

پنهنجون اڻپوريون اميدون،

مفلسيءَ جي کامندڙ کوري اندر

پڄري پڄري

رک ٿي وينديون ڏسي،

روز جھرندو ٿو رهي-

روز مرندو ٿو رهي. (ص: 27)

سماجي بُراين ۾ ڪوڙ جو شمار به ڪوڙھ جي مرض جيان ٿئي ٿو، جيڪو انسان جي ذهن کي ڪوڙي انا جهڙي محلق بيماريءَ جي خول ۾ ويڙهي ڇڏي ٿو ۽ انسان پنهنجي پاڻ ۾ ڌاڳي ۾ آيل ڳنڍ جيان ويڙهجي وڃي ٿو، جنهنڪري صداقتن جا سوين آئينا به، سندس ان بدصورتيءَ کي واضح ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿا. اهڙي ئي وارتا جو ذڪر جڏهن واجد پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪري ٿو، ته ڪوڙ جو منهن ڍنگهرن ۾ ڦاٿل چولي جيان ڦٽجي وڃي ٿو ۽ واجد جي شاعري پُر اُميد صبح جيان جرڪندي محسوس ٿئي ٿي.

چرچ مٿائون چنڊ،

روئي پيو مسيح سان!

ڪيڏو آهي ڪوڙ تي،

ماڻهوءَ منجھ گھمنڊ-

ڪهڙن ڏوهن جو ڏيون،

ڏاڍا، توکي ڏنڊ؟

لهندو اوس لوڪ تان،

مانڊي، تنهنجو منڊ-

پرچي ٿيندا پاڻ ۾،

ماڻهو کير ۽ کنڊ- (ص: 81)

دنيا جو دستور به ديس جي منشور جيان، سدائين اُلٽي گنگا جيان لهواري کان اوڀاري وهڻ واري مثال جي مصداق رهيو آهي. پنهنجي رت کي پگھر جيان ڳاڙيندڙ هاري سج جي نيزي جهڙي تکائي رکندڙ ڪرڻن کي هميشه پنهنجي جسم جي فولادي ڍال سان روڪي، مٽيءَ مان سون اُپائڻ جو ڪاروهنوار ڪندي رهڻ جي باوجود سدائين بکن ۽ ڏکن جي پيئڻ بلا جي وات ۾ زندگيءَ جا سمورا جوڀن وارا خوبصورت پل گھارڻ تي مجبور رهن ٿا. هاري جنهن جو پگھر جڏهن پونجي جو روپ ڌاري ٿو، تڏهن وقت جي دجالي ذهنيت رکندڙ وڏيرن توڻي سرمائيدارن جي اُگھاڙي مٿي کي ڍڪڻ لاءِ سنگ مرمر جي بُت مان صدين جي عمر رکندڙ محل ٺهي راس ٿي وڃن ٿا، پر ان هاريءَ جي اکين ۾ صدين جي تاريخ رکندڙ کنڊرن جھڙي گھر تي ڪنهن کي به ڪهل نه ٿي اچي. هاريءَ جي اکين ۾ اُميد جو ٽمڪندڙ ٽانڊاڻو سندس حالتن جي بدلاءُ جو مظهر بڻجي پوي ٿو. واجد جڏهن اهڙي سماجي بيحسي جي وارتائن جو ورجاءُ ٿيندي ڏسي ٿو، تڏهن سندس شاعري اکين ۾ لڳل ڪنهن وڏي گاڏيءَ جي تيز روشنيءَ جي چُڀڻ جيان محسوس ٿئي.   

رنگ نه راڳو،

هاءِ اڀاڳو-

پورهيت جو گھر!

هر موسم ۾،

سور آ ساڳو-

سڀ ڪو ڀوڳي،

نرڳ نڀاڳو-

هڏ نه سلجھي،

دردن جو ڌاڳو-

ڪڏهن ته کٽندو،

پنڌ اجھاڳو- (ص: 84)

سيٺ صاحب جو سارو سرمايو،

پورهيتن جي پگھر مان نڪتو آ! (ص: 120)

پنهنجو آسڻ آ پٽ پرائي تي!

گھر ڪکائون به آ ڪرائي تي!

ڪيڏا الزام تو مڙهيا آهن،

هڪ ابي ۽ امان جي ڄائي تي!

ڏاڍو غصيلو آھ رئيس وڏو،

بيد ٽوڙيا ٿئين گھر گھرائي تي!

جو کڙو آھ سو کڙو رهندو،

بار سٿبو، ته سر جھڪائي تي!

لوڪ کلندو ئي آيو آ واجد،

هر نئين دور جي وتائي تي! (ص: 114)

واجد جڏهن سرشٽيءَ کي اوندھ جي ڪُک ۾ ڦاٿل ڏسي ٿو، تڏهن سندس روح ۾ اذيتناڪ تڙپ پيدا ٿئي ٿي. ان لمحي واجد، بيحِسي جي پاتل ڪلنگي جي نشي ۾، روشنيءَ کان غافل اونداهي غار ۾ ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاٿل مک جي پيٽ مان ساھ کڻندڙ سماج جي ضمير کي جھنجھوڙڻ جي سگھ رکندڙ سٽون سِرجي ٿو.

آھ سرشٽي اوندھ جي وچ ۾،

ڏيئو ڪو ٽمڪايو-

پنهنجو پاڻ مڃايو!

مرڻو ناهي بيوس بڻجي،

ڪو هٿ پير هلايو-

ڪرڻو آهي ڪوھ قبر ۾،

جڳ نه جي جرڪايو-

روز ازل کان واجد پنهنجو،

سچ رهيو سرمايو- (ص: 90)

اتهاس گواھ آهي ته سچ ڪاون تي پيرين اُگھاڙي هلڻ ۽ ٽانڊن جي مچ تي هٿن جون تريون وساري ويهڻ جي مصداق رهيو آهي. سچ ڪڏهن صليب تي اُبتو ٽنگيو ويو آهي، ته ڪڏهن سوليءَ کي آخري چُمي جيان رهيو آهي. ڪڏهن گھاڻي ۾ پيڙجندڙ هڏين جي ٽڙڪاٽ جو پرتوو رهيو آهي، ته ڪڏهن کرڙي جي ميدان ۾ نيزن جي نوڪ تي رت جي قطرن جيان رهيو آهي. سچ ڪربلا جي ميدان ۾ ترارن جي مصلي تي ادا ٿيندڙ نماز جي آخري سجدي جيان پڻ رهيو. سچ جڏهن ڏوھ جي الزام جي ترار جي تيز ڌار تي اکيون وساري ويهي ٿو، تڏهن واجد کيس شاعريءَ جا جھول کير جي وٽن جيان آڇي ٿو. 

ٿو سئين هڻين ميخاني ۾!

ڇا ملندءِ، چئه، نذراني ۾!

هو سچ چوڻ کي ڏوھ سڏي،

ٿا هانوَ ڪڍن هرجاني ۾! (ص: 111)

ظلم جي سوريءَ تي پيا لڙڪئون،

او سچ! توتي ننگ اسان جو! (ص: 121)

سچ جي منزل شهادت،

ڪشٽ کان ڪيٻائي ڇو ڪو!؟

پنهنجو مذهب ماڻهپو آ،

دين تنهنجو آھ دوکو! (ص: 121)

ڌرتي انسان جي وجود جي نشاني آهي، جن ماڻهن جي نصيب ۾ ڌرتي ماڻهپي جيان اچي ناهي سگھي، تن جي زندگي به انهن ڇڙواڳ ۽ ڇڇورن ڇورن جيان آهي، جن جي زندگيءَ ۾ جيجل ماءُ جو پيار ۽ ابي جي تربيت لکيل ئي ناهي هوندي. غلامي جي زندگي به ٿر ۾ آيل ڏُڪار جيان آهي، جتي زندگي سسڪين جي سرگم ۾ سمايل هوندي آهي. واجد پنهنجي عمر ۾، ديس سان ٿيندڙ بيواجبين جي تاريخ جو ساکي آهي، جنهن جي اکين ۾ آجپي جو خواب سفيد ڪبوتر جي اُڏار جي عڪس جيان رهيو ۽ سندس شاعري، آجپي جي ان خوبصورت خواب جو مظهر بڻجي پئي آهي.  

ٻانهپي جي زندگيءَ کان،

آجپي جو پل گھران ٿو!

سنڌ ڌرتيءَ جي سمورن،

جو حل گھران ٿو! (ص: 148)

نتيجو

واجد، انقلابي سوچ ۽ شعور رکندڙ شاعر هو، هن جون ٽنگون ڪڏهن به ڏاڍ ۽ ڏمر جي دهشت توڙي وحشت اڳيان نه ڏڪيون ۽ نه ئي وري سندس سيس سماج جي پاڻمرادو ٺيڪيدارن اڳيان جھُڪيو. واجد ظاهري طرح توڻي جو بيماري ۽ مفلسيءَ جي ڪري ڪمزور ۽ نٻل جسم رکندڙ شاعر هو، پر پنهنجي ذات ۾ فولادي روح رکندڙ انسان هو، جيڪو آنڪين جي عيوض آدرشن جي قرباني ڏيڻ جهڙي غليظ گناھ کان هميشه پاڪ رهيو. واجد پنهنجي شاعريءَ ۾ سماج جي پيڙاءُ جي پرچار زيبائتي نموني ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. اهوئي سبب آهي جو سندس شاعري سماج جي پيڙاءُ جي پرچار جي حوالي سان انتهائي اعلى پد تي پهتل نظر اچي ٿي.

حوالا

1.             ڪيهر، شوڪت، (ٻه اکر) ”واجد اڄ به اهڙوئي آهي“، آءٌ اوهان جو آهيان، واجد، لاڙڪاڻو: واجد، سال: 1994ع.

2.           قادري، اياز، ڊاڪٽر، (ٻه اکر) ”واجد زندگيءَ جي ڪڙين حقيقتن کي ويجھو کان ڏٺو آهي“، آءٌ اوهان جو آهيان، واجد، لاڙڪاڻو: واجد، سال: 1994ع.

3.           مهر، رزاق، (ٻه اکر) ”واجد به پنهنجي داستان جو هيرو آهي“، آءٌ اوهان جو آهيان، واجد، لاڙڪاڻو: واجد، سال: 1994ع، ص: 157.

4.           سليم رضا، (ٻه اکر) ”ساروڻيون ڪجھ سالن جون“، آءٌ اوهان جو آهيان، واجد، لاڙڪاڻو: واجد، سال: 1994ع، ص: 158.

5.            ڪوهيار، منظور، ”جا پيڙ هئي پرواني ۾“، ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر، قنبر: ڪنول پبليڪيشن- ڇاپو پهريون، سال: 2010ع، ص: 129.

6.           ڪوهيار، منظور، ”جا پيڙ هئي پرواني ۾“، ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر، قنبر: ڪنول پبليڪيشن- ڇاپو پهريون، سال: 2010ع، ص: 131.

مددي ڪتاب

1.             واجد، ”آءٌ اوهان جو آهيان“، لاڙڪاڻو: واجد، سال: 1994ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org