سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2012ع

مضمون

صفحو :8

غلام رباني آگرو

دارا جا پويان ڏينهن

مانواري اديب، محقق، دانشور محترم غلام رباني آگرو صاحب جي جنم ڏينهن جي حوالي سان سندن هڪ اڻڇپيل تحرير ڀيٽا طور پيش ڪجي ٿي. (ادارو)

هيءُ مضمون، نڪولائي منوچيءَ جي اطالوي زبان ۾ لکيل ڪتاب ”سوريا دو موگور“ (SORIA DO MOGOR) ترجمو ٿيل آهي. اهو ڪتاب سن 1906ع ۾، لنڊن مان، چئن جلدن ۾، شايع ٿيو هو. مون ڪتاب جي چئن ئي جلدن جو انگريزي ترجمو پڙهيو آهي، جنهن ۾ شهزادي دارا جي پوين ڏينهن جو احوال ڏاڍو دل ڀڄائيندڙ هو، تنهنڪري ان کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپائڻ جو خيال آيم.

        ]نڪولائي منوچوي اٽليءَ جو رهاڪو هو. چوڏهن ورهين جي عمر ۾ پنهنجي وطن مان نڪتو ۽ مختلف ملڪ گهمندو، ايران جي رستي، جنوري 1656ع ۾ هندستان ۾ پهتو، جتي دارا جي توبخاني ۾ ڀرتي ٿيو. هن شهنشاهه شاهجهان جي پٽن ۾ هندستان جي تخت ۽ تاج لاءِ جنگ اکين سان ڏٺي. منوچي سٺي پايي جو طبيب هو. سو، شاهي درٻار تائين سندس رسائي ٿي ۽ کيس مغل سلطنت جي ٻين معاملن کي به ويجهو ڏسڻ جو موقعو مليو. بعد ۾، هن پنهنجن يادگيرين جو ڪتاب لکيو، جيڪو سندس وفات کان پوءِ يورپ ۾ شايع ٿيو. پاڻ 1639ع ۾ ڄائو هو ۽ 1717ع ۾ وفات ڪيائين.[

        جنگ جي ميدان تي شڪست کائڻ کانپوءِ، شهزادي دارا وٽ مشڪل سان ٻه هزار ماڻهو هئا، جن سان گڏجي هو سنڌ ڏانهن پناهه لاءِ روانو ٿيو. کيس رستي تي رڻ پٽ خشڪ ميدانن مان لنگهڻو پيو، جتي کاڌي ۽ پاڻيءَ جي سخت اڻاٺ هئي. ازانسواءِ، اها گرميءَ جي مند هئي، جنهن سندس سفر کي هيڪاري ڏکيو ڪيو. ڪوشش اها ئي هئس، ته رات ڏينهن سفر جاري رکي، ڇو ته پٺيان ڀاڻس محي الدين اورنگزيب عالمگير جا عملدار راجا جئسنگهه ۽ بهادر خان ڌوڪيندا ٿي آيا. مسلسل سفر سندس ساٿين کي ٿڪائي بيحال ڪري وڌو. ڪيترائي سپاهي ڪجهه آرام ڪرڻ جي اميد سان پوئتي رهجي ويا، پر انهن تي اوچتو ڌاڙيل اچي ڪڙڪيا، جيڪي ڦرلٽ ڪرڻ کان پوءِ گهڻن کي ماري هليا ويا.

        اورنگزيب جي ٻنهي عملدارن مان راجا جئسنگهه سفر اهڙي نموني ۾ ڪري رهيو هو، جيئن دارا کي ڀڄي وڃڻ جو موقعو ملي. کيس دارا لاءِ ڪا محبت ته ڪانه هئي. پر ساڳئي وقت هن کي اها ڳالهه به نٿي وڻي ته شهزادو دارا پنهنجو سر وڃائي. هن اهو ئي ڪافي ٿي سمجهيو، ته دارا ڪنهن دور دراز ملڪ ڏي هليو وڃي. جئسنگهه جي انهيءَ روش ڪري، دارا موقعي جو فائدو وٺي، گرفتاريءَ کان پاڻ بچائي، ڪڇ - نگر جي راجا جي ملڪ ۾ پهتو، جنهن سندس سٺو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کيس اُٺ، گهوڙا ۽ سفر لاءِ ٻيو رسد ڏنو.

        دارا جي دل گهري ٿي، ته اتي پنهنجن ساٿين کي ڪجهه آرام ڪرڻ جي مهلت ڏئي، پر دشمن جا ماڻهو سندس پٺ وٺيون ٿي آيا، تنهنڪري ائين ڪرڻ ممڪن نه هو. ساڳئي وقت دارا ۾ ايتري طاقت به ڪانه هئي، جو جئسنگهه ۽ بهادر خان جو مقابلو ڪري سگهي. اهڙيءَ حالت ۾ لاچار کيس سنڌ ۾ درياءَ واري علائقي ڏانهن وڃڻو پيو، جتي جي رهاڪن کي جيئن ئي سندس آمد جي خبر ملي، ته ڊپ ۾ ٻيڙيون ساڙائي ڇڏيون. بدنصيب شهزادو وڏيءَ مصيبت ۾ اچي ويو: هڪ طرف دشمن سندس پيرو کنيو ٿي آيو، ٻئي طرف کيس سفر جاري رکڻ لاءِ ڪيترين ئي دريائي شاخن کي ٽپڻو هو، جنهن لاءِ وٽس ٻيڙيون ڪونه هيون. آخر، هن وڻ ڪپائي ۽ جايون ڊهرائي، انهن جي ڪاٺ مان مڏ جوڙائي درياءُ پار ڪيو. جڏهن هو پرينءَ ڀر پهتو، ته باقي وٽس وڃي پنج سؤ ماڻهو بچيا: ٻيا يا ته کيس ڇڏي ڀڄي ويا هئا، يا وري سفر ۾ موت جو شڪار ٿيا هئا.

        درياءُ پار ڪرڻ جو مسئلو حل ٿيو، ته دارا بکر جي قلعي ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو، جو اڃا تائين سندس ماڻهن جي قبضي ۾ هو ۽ ڪافي مضبوط هو، پر. اتي کيس خبر پئي، ته خليل الله خان بکر جي قلعي کي وڏي لشڪر سان گهيرو ڪيو ويٺو آهي ۽ قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪوبه رستو ڪونهي. سو، اتي به کيس ڇوٽڪاري جي راهه نظر ڪانه آئي. هوڏانهن راجا جئسنگهه ۽ بهادر خان به ستت پهچڻ وارا هئا.

        دارا جو ٻيو ارادو اهو هو، ته ايران هليو وڃي، جو گهڻو پري ڪونه هو. ازانسواءِ، ايران ڏانهن ويندڙ رستي تي کيس جيوڻ خان سان ملڻ جي اميد هئي، جو هندستان جي مغل سلطنت ۽ ايراني سلطنت جي دنگ تي، وڏيءَ جاگير جو مالڪ هو. دارا ٽي دفعا جيوڻ خان کي موت جي منهن مان بچايو هو. شهنشاهه شاهجهان حڪم ڪيو هو، ته جيوڻ خان کي سندس گناهن جي ڪري، هاٿيءَ جي پيرن هيٺان چيڀاٽي ماريو وڃي، پر دارا ڀانيو ته انهيءَ احسان جي ڪري، جيوڻ خان سندس مدد ڪندو. آخرڪار، هن جيوڻ خان وٽ پناهه لاءِ وڃڻ جو پڪو فيصلو ڪيو.

        جڏهن دارا، جيوڻ خان وٽ پهتو، ته هن شخص دل ۾ پهه ڪيو ته جيڪڏهن مان دارا کي قيد ڪري اورنگزيب جي حوالي ڪندس، ته هو مونکي وڏا انعام اڪرام ڏيندو. انهيءَ ڪُڌي ڪم تي جيوڻ خان جي دل کي ذري برابر به لوڏو ڪونه آيو. سو، ظاهر ۾ ته هن دارا جو وڏو آدرڀاءُ ڪيو. پر، ستت، پنهنجا ماڻهو گڏ ڪري، بدنصيب شهزادي ۽ سندس گهر جي ڀاتين تي اهڙو ته سخت پهرو بيهاريائين، جو دارا جي نوڪرن لاءِ پنهنجي آقا کي کاڌو ۽ پاڻي پهچائڻ به مشڪل ٿي پيو. پنهنجيءَ سازش کي پوريءَ طرح ڪامياب ڪرڻ لاءِ هن حڪم ڪيو ته دارا جي سپاهين کي ٽولن ۾ ورهائي، جدا جدا هنڌن تي رکيو وڃي. جڏهن اهو سڀڪجهه ٿي ويو، ته هن پنهنجي رٿيل قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو.

        دارا جي زال پاڻ کي اهڙيءَ آئيءَ ۾ آيل ڏسي خيال ڪيو، ته پنهنجي مڙس ۽ اولاد جي دردناڪ پڇاڙي ڏسڻ بدران بهتر آهي، ته آپگهات ڪريان. سندس اهڙو ارادو ڏسي، سندس وفادار گهرو نوڪر کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو. چيائينس ته ”مان جيڪي ڪجهه آهيان، سو شهزادي جي طفيل آهيان. هن موقعي تي مان پنهنجي حياتي شهزادي دارا تان قربان ڪرڻ گهران ٿو. مان احسان فراموش جيوڻ خان کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.“

        هن منٿ ميڙ ڪري دارا کان پستول ورتو، جو شهزادي کي احمدآباد جي هڪ ڊچ واپاريءَ تحفي طور ڏنو هو. اهو پستول لڪائي، نوڪر انهيءَ هنڌ ويو، جتي جيوڻ خان پنهنجن ماڻهن سان گڏ ويٺو هو. جڏهن هو جيوڻ خان کي ويجهو ٿيو، ته چوبدارن کيس روڪيو ۽ پڇيو ته ”ڪهڙو ڪم اٿئي؟“

        بهادر فريدون - نوڪر جو نالو هو. جواب ڏنو ته مان شهزادي دارا وٽان جيوڻ خان کي هڪ املهه ماڻڪ تحفي طور ڏيڻ آيو آهيان، جو ڳوٿريءَ ۾ بند آهي.

        جيوڻ خان اها ڳالهه ٻڌي لالچ ۾ چيو ته ”نوڪر کي اچڻ ڏيو.“

        فريدون، نهايت احترام سان، فرشي سلام ڪندو، ڳوٿريءَ کي ٻنهي هٿن ۾ جهليندو، اچي جيوڻ خان جي اڳيان بيٺو. جيئن ئي جيوڻ خان کانئس ڳوٿري وٺڻ لاءِ پنهنجو هٿ اڳتي ڪيو، ته هن پستول ڇوڙيو، (جنهن جو گهوڙو اڳيئي چاڙهي ڇڏيو هئائين) پر سندس نشانو خطا ويو!

        جڏهن بدبختيءَ جو ڪارو ڪڪر ماڻهوءَ جي مٿي تي ٿو پوي، ته هٿيار ۽ منصوبا، پوءِ اهي ڪيڏي به اعليٰ پايي جا ڇونه هجن، سندس بچاءُ ڪرڻ بدران، ڦري سندس ڦاسڻ جا ڦندا بنجي پَون ٿا. جيڪڏهن فريدون جو هيءُ منصوبو سچ پچ ڪامياب ٿئي ها، ته جيوڻ خان جي ماڻهن ۾ جيڪو وڳوڙ پيدا ٿئي ها، ان جو فائدو وٺي دارا کي ايران ڏينهن کسڪي وڃڻ جو موقعو ملي ها، پر بدقسمت فريدون جهلجي پيو.

        هاڻي جڏهن جيوڻ خان کي معلوم ٿيو ته دارا مٿس حملو ڪرايو هو، ته هن پنهنجون سختيون هيڪاري وڌائي ڇڏيون. دارا جي ڪٽنب جي ڀاتين کانسواءِ باقي سڀني ماڻهن کي قيد ڪيائين. دارا جي بيگم کي جڏهن خبر ملي ته فريدون پنهنجي منصوبي ۾ ناڪام ٿيو ۽ هاڻي سندس مڙس جي ڇوٽڪاري جي ڪابه صورت ڪانهي، ته هن دل لوڙهي وڌي ۽ بيعزتيءَ کان بچڻ لاءِ زهر کائي ڇڏيائين (جو سندس منڊيءَ ۾ ٽڪ جي هيٺان رکيل هو). نوڪرياڻين سخت روڄ راڙو شروع ڪيو، جو ٻڌي گهر جا سڀ ڀاتي اچي گڏ ٿيا. دارا جو پٽ سپهرشڪوه ۽ ڌيءُ جاني بيگم پنهنجي ماءُ کي ڏسي، زارو زار روئڻ لڳا. ايتري ۾ شهزادو دارا به اچي پهتو. واردات ڏسي هن جي دل کي ايڏو ته ڌڌڪو آيو، جو سندس وات مان هڪ اکر به نه اڪليو.

        جيوڻ خان جي جاءِ تي ڪو پٿر دل ماڻهوءَ به هجي ها ته سندس دل پگهرجي پوي ها. شايد، جيوڻ خان کي به ڪهل اچي وڃي ها پر عين انهيءَ مهل دارا جي رت جو پياسي، بهادر خان اچي ڪڙڪيو. هن جا ماڻهو دارا کي پڪڙڻ لاءِ جاءِ ۾ گهڙيا. دارا سمجهي ويو ته دشمن اچي پهتو، سو هڪدم پنهنجا هٿيار پهرڻ لڳو، ته جي ٻيو نه، ته گهٽ ۾ گهٽ، وڙهندي وڙهندي پنهنجي بيگم جي پاسي ۾ دم ڏيان. پر، سندس اها ڪوشش به ناڪام ٿي. بهادر خان هڪل ڪئي ته ”قيديءَ کي گرفتار ڪريو!“

        بهادر خان جا سپاهي، دارا وٽ پهچي ويا. کيس پڪڙي، اولاد کان جدا ڪيائون. هن تمام سختيءَ کان ڪم ورتو ۽ انهن رعايتن ۽ مروتن جو ڪوبه خيال نه رکيو، جي شاهي خاندان جي ماڻهن لاءِ مخصوص هونديون آهن. دارا کي هٿڪڙيون هنيائون ۽ چيلهه  سان زنجيرون ٻڌائون. پوءِ هنن چار هاٿي آندا، جن تي هوديون رکيل هيون. دارا کي هڪڙيءَ هوديءَ ۾ وهاريو ويو. هرهڪ هاٿيءَ جي چوڌاري ٽن هزارن نيزي بازن ۽ اگهاڙين ترارين وارن سپاهين جو پهرو رکيو ويو. اهڙيءَ ريت لشڪر جا چار حصا ڪيا ويا، جن ۾ شهزادي جي زالن ۽ پٽن کي به ورهائي قيد ڪيو ويو. اهو سڄو ڪم اهڙي ته مخفي نموني ۾ ڪيو ويو، جو ڪنهن به عام سپاهيءَ کي سُڌ نه رهي، ته شهزادو دارا لشڪر جي ڪهڙي حصي ۾، ڪهڙيءَ هاٿيءَ تي ۽ ڪهڙيءَ هوديءَ ۾ قيد آهي. هرهڪ هوديءَ جي پٺيان هڪ سپاهي اگهاڙيءَ ترار سان ويهاريو ويو، ته جيڪڏهن اتفاق سان شهزادي کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪو حملو ٿئي ته پٺيان ويٺل سپاهي پنهنجيءَ اگهاڙيءَ ترار سان دارا جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي.

        دهليءَ ڏانهن واپسيءَ جو سفر شروع ٿيو. لشڪر جي اڳيان راجا جئسنگهه ٿيو ۽ پويان بهادر خان. هنن بکر جي قلعي وارو رستو ورتو. اهڙيءَ ريت، بدنصيب دارا جي قافلي جو آخري سفر سنڌ مان ٿيو.

        منوچيءَ لکيو آهي ته ”بکر جي قلعي تي اسان جو قبضو هو. پر، اورنگزيب جا ماڻهو اسان تي حملن مٿان حملا ڪري رهيا هئا. اسان به دليريءَ سان مقابلو ڪري رهيا هئاسون. دشمن ننهن چوٽيءَ جي زور لڳائڻ جي باوجود اسان کي ڪجهه ڪري ڪونه سگهيو. انهيءَ ڪري، هن ارادو ڪيو ته يورپي توبچين کي پنهنجي پاسي ڪجي. انهيءَ مقصد سان هنن قلعي ۾ تير اڇلايا، جن سان خط ٻڌل هئا. انهن خطن ۾ هنن اسان کي دارا جو پاسو ڇڏي، پنهنجي پاسي اچڻ جي دعوت ڏني. اهڙي خط وارو هڪ تير مونکي به اچي ڪلهي ۾ لڳو. مان ان وقت ڪوٺيءَ ۾ ويٺو هئس. رات جو اٽڪل اٺ لڳا هئا. مون تير پنهنجي ڪلهي مان ڪڍيو ۽ زخمي حالت ۾ سڌو خواجه وٽ ويس. کيس تير ۽ خط ڏيکاريم. هن منهنجيءَ وفاداريءَ تي خوش ٿي، مونکي سروپاءِ ڏئي ڍڪائي ۽ گلاب جي پاڻيءَ جا ڪيترا شيشا تحفي طور ڏنا.

        اورنگزيب پنهنجي عملدار خليل الله خان تي تمام گهڻو زور رکيو هو، ته بکر جي قلعي تي هر حالت ۾ قبضو ڪري. خليل الله خان هٿيارن جي زور تي ته ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪونه ٿيو، انڪري قلعي جي محافظ خواجه سرا کي، جنهن جو نالو بسنت هو، خط لکيائين ته ”تون قلعو منهنجي حوالي ڪندين، ته مان تنهنجون سڀ گهرجون پوريون ڪندس.“ جڏهن اهڙا خط بسنت وٽ تمام گهڻا آيا، ته هن ڪڪ ٿي، خليل الله خان ڏي چوائي موڪليو ته دارا جي قسمت رولڙي ۾ آهي، سو مان قلعو تنهنجي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. پر ان باري ۾ ڏي وٺ جون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تون پاڻ اچ، ته گڏجي عهدنامو ڪريون.

        خليل الله اهو خط پڙهي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هڪدم لاهور ۾ باقي بچيل پنهنجو لشڪر ساڻ ڪري، بکر ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن بکر اچي پهتو، ته بسنت کي اطلاع موڪليائين ته مان اچي ويو آهيان، ۽ ائين به چوائي موڪليائينس ته قلعي جي قبضي ملڻ تي محي الدين اورنگزيب بادشاهه عالمگير ڏاڍو خوش ٿيندو. توکي وڏا انعام اڪرام ملندا.

        بسنت، خليل الله خان جي پهچڻ جو ٻڌي، خوش ٿيو ۽ کيس موزون جواب ڏيڻ بابت ويچار ڪرڻ لڳو. هن مون ڏي ماڻهو موڪليو. جڏهن وٽس ويس، ته مون کي چيائين ته جنهن باغ ۾ خليل الله خان لٿل آهي، انهيءَ طرف واريءَ توب جي منهن ۾ پراڻا پادر وجهه. سندس حڪم موجب توب منهن تائين، پراڻن پادرن سان ڀري ويئي. پوءِ بسنت،
خليل الله خان ڏي خط لکي موڪليو ته: ”مان توسان گهڻو ڳالهائڻ نٿو گهران. تون سڄي عمر عورتن جو دلال ٿي هريو آهين ۽ سندن پادر به جهليا اٿيئي. هاڻي، هيءُ مردن جا پادر به وٺ، جن جو تون لائق آهين.“

        هن اهو خط بند ڪري، خليل الله خان جي ماڻهوءَ کي بند ڪري، ڏنو، جو وٺي هو خوش ٿي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، درياءَ جي ڪپ تي خليل الله خان جي منزل واري ڏانهن روانو ٿيو. اسان مٿان قلعي جي ڀت تي چڙهي اهو نظارو ڏسي رهيا هئاسون. جڏهن ٻيڙي باغ وٽ پهتي ۽ بسنت اندازو ڪيو، ته خليل الله خان هاڻي خط پڙهي رهيو هوندو، ته هن اسان کي توب ڇوڙڻ جو چيو. اسان سندس حڪم تي، خليل الله خان جو تنبو پراڻن پادرن سان ڀري ڇڏيو.

        خليل الله خان شرم ۾ ٻڏي ويو. هن اسان کان پنهنجيءَ بيعزتيءَ جي بدلي وٺڻ لاءِ پنهنجن سمورن توبچين کي ان وقت قلعي ئي تي گوليبازي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. قلعي تي ايتري ته گوليبازي ٿي، جو اهو ٿنڀو، جنهن تي اسان جو جهنڊو کتل هو، ٽن گولن چيري ڦاڙي ڇڏيو، پر اسان جو خواجه سرا مڙڻ وارو نه هو. هن ٻيءَ رات اسان کي سمورن توبن سان خليل الله خان تي گوليبازي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ۽ چيو ته لوهي بم (IRON BOMB) استعمال ڪريو، ته جيئن دشمن کي پتو پوي ته اسان وٽ هٿيارن ۽ بارود جو ڪافي ذخيرو آهي. رات جو وقت هو. بهادر بسنت ٻيو حڪم ڏنو ته ايتري روشنائي ڪريو، جو اصل ڏينهن ٿي وڃي ته جيئن دشمن کي پتو پوي ته اسان ڊنل نه آهيون. اسان ائين ڪيو.

        خليل الله خان بڇڙو ٿي، لاهور جي واٽ ورتي. پٺيان پنهنجو لشڪر ڇڏي ويو، جنهن قلعي جو گهيرو قائم رکيو.

        خليل الله خان جي روانگيءَ کان چاليهه ڏينهن پو۽ اسان قلعي کان پوري پنڌ تي، هاٿين جو هڪ ڊگهو قافلو اولهه کان اوڀر ويندي ڏٺو. اسان جي توبچين مٿن سخت گوليبازي ڪئي. ايتري ۾ هڪ گهوڙيسوار اڇو جهنڊو کڻي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي آيو. خواجه سرا سوار کي قلعي ڏي وٺي اچڻ لاءِ اجازت ڏني جڏهن سوار قلعي ۾ پهتو ته هن خواجه سرا کي هڪ خط ڏنو، ۽ زور سان چيو ته، ”مان اوهان کان شهنشاهه اورنگزيب عالمگير جي نالي ۾ گهر ڪريان ٿو ته اوهين قلعو اسان جي حوالي ڪريو، ڇو ته اسان شهزادي دارا کي قيد ڪري، پاڻ سان وٺي وڃي رهيا آهيون.“

        اها منحوس خبر ٻڌي، اسان سڀني جا منهن لهي ويا، خواجه سرا، سوار کي جواب ڏنو ته هن قلعي جي نگراني مون کي شهزادي دارا سپرد ڪئي هئي، سندس حڪم کانسواءِ مان قلعو ڪنهن جي به حوالي ڪونه ڪندس.

        سوار اهو جواب کڻي روانو ٿيو. اڃا ڪنڌيءَ تي ئي ڪونه پهتو هو، جو اسان هٿياربند ماڻهن جون ست ٻيڙيون قلعي ڏي اينديون ڏٺيون. انهن ماڻهن جو مهندار چغتائي خان ازبيڪ نسل جو هو ۽ وڏيءَ آڪڙ سان ٻيڙيءَ ۾ ويٺو هو. مون پنهنجن ماڻهن کي بندوقون تيار رکڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ٻيڙيون قلعي کي ويجهو پهتيون، ته اسان مٿن بندوقبازي ڪئي. هنن جو ڪافي نقصان ٿيو ۽ هو پوئتي موٽيا. اسان مٿن بندوقبازي جاري رکي.

        اسان جو محڪم ارادو ڏسي، بهادرخان، دارا کي وڃي عرض چيو ته هو پنهنجي خواجه سرا بسنت کي پيش پوڻ جو حڪم ڏئي. ٻيءَ صورت ۾ هو (بسنت) ايستائين مقابلو جاري رکندو، جيستائين قلعي ۾ رهندڙ سمورا ماڻهو ڪُسي وڃن.

        دارا کي پنهنجي خواجه سرا ۽ پنهنجن ماڻهن تي ڪهل آئي. هن پنهنجي هٿ سان لکي موڪليو ته:

”اهو بدنصيب جنهن جي لاءِ اوهان لڙي رهيا آهيو مان ئي آهيان. اوهان کي عرض ڪريان ٿو ته دشمن کي قلعو خالي ڪري ڏيو.“

        جڏهن بسنت، دارا جو خط ڏٺو ۽  سندس اکر سڃاتا، ته هن شينهن جهڙي بهادر مڙس جي ڇاتي ڇڄي پيئي. زارو زار روئڻ لڳو. اسان سڀني جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا.

        جڏهن بهادرخان کي هوش آيو ته هن جواب ۾ لکي موڪليو ته اسان کي پنهنجو ضروري سامان کڻي قلعي مان نڪري وڃڻ جي مهلت ڏيو.

        بهادرخان چوائي موڪليوته اوهان پنهنجو ضروري سامان سڙو ڀلي کڻي وڃو، پر قلعي ۾ رهندڙ شاهي خاندان جا سڀ مرد، زالون ۽ ٻار توڙي قلعي جو خزانو ۽ ٻيو سامان منهنجي حوالي ڪريو. هن اهو به شرط وڌو ته اسان قلعي مان نڪري درياءَ جي الهندي طرف وڃون، پر هنن جي رواني ٿيڻ کان اٺ ڏينهن پوءِ ڀلي دهليءَ جو رستو وٺون.

        هن اهو شرط ان خيال کان وڌو ته متان اسان سندس ڇانوڻيءَ ۾ گهڙي، دارا کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪريون.

        اسان ٽن ڏينهن کان پوءِ قلعو خالي ڪيو.

        بهادرخان جو لشڪر پنهنجي شاهي قيديءَ يعني شهزادي دارا کي ساڻ وٺي بکر کان پري هليو ويو. اورنگزيب اجمير جي لڙائيءَ بعد موٽي دهليءَ پهچي ويو هو، بهادرخان ڏانهن حڪم موڪليائين ته سفر تڪڙو طئي ڪري، دارا کي ترت سندس اڳيان پيش ڪيو وڃي. دارا جي نگرانيءَ لاءِ به سخت حڪم ڏنائين. بهادرخان سندس حڪم جي پوئواريءَ ۾ هر رات پنهنجو تنبو دارا جي تنبوءَ جي ڀرسان هڻائيندو هو. ٻنهي تنبن جي چوڌاري سخت پهرو هوندو هو. دارا جي تنبوءَ ۾ سڄي رات هڪ ماڻهو اگهاڙي ترار کڻي دارا جي مٿان بيهندو هو. کيس حڪم مليل هو ته جيڪڏهن ڇانوڻيءَ ۾ ڪابه گڙٻڙ ٿئي، ته هو هڪدم دارا جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي.

        چاليهن ڏينهن ۾ سفر پورو ڪري، هو دهليءَ کي ويجهو اچي پهتا. جڏهن اورنگزيب کي اهڙو اطلاع پهتو، ته هن بهادر خان ڏانهن، حفاظت طور، هٿياربند فوج جا وڌيڪ دستا موڪلي ڏنا. ان کانپوءِ اورنگزيب حڪم جاري ڪيو، ته دهليءَ جي شهر ۾ داخل ٿيڻ وقت دارا کي بيعزتو ڪرڻ لاءِ هاٿيءَ جي اگهاڙيءَ پٺيءَ تي هڪ کليل هوديءَ ۾ وهارجي ۽ پاسي ۾ پٽس سپهرشڪوه هجي. ٻنهي جي پٺيان ماڻهو اگهاڙي ترار کڻي بيهي. اورنگزيب پنهنجي وڏي ڀاءُ دارا کي انهيءَ نموني ۾ دهليءَ جي شهر ۾ بي عزتو ڪري آندو.

          دارا جي هاٿيءَ جي چوڌاري بيشمار گهوڙيسوار هئا، جن کي چمڪندڙ زرهون پيل هيون. ۽ هٿن ۾ اگهاڙيون تراريون هيون. بهادرخان پنهنجي هاٿيءَ تي اڪيلو هو، جو دارا جي هاٿيءَ جي پاسي ۾ هلي رهيو هو. سندس سپاهين کي به تاڻيل تير ڪمان هٿن ۾ هئا. انهيءَ حالت ۾ شهزادي دارا کي بڇڙو ڪرڻ لاءِ دهليءَ جي مکيه رستن تان سفر ڪرايو ويو.

        اها تاريخ ٻي آڪٽوبر هئي، ۽ عيسوي سنه هڪ هزار ڇهه سؤ ستونجاهه هو. شهزادي دارا جا پير ٻڌل هئا ۽ هٿ کليل هئا. سندس چهرو اداس هو، جڏهن لشڪر قلعي کي ويجهو پهتو، ته هڪڙي فقير صدا هنئي ته ”او دارا، جڏهن تون آقا هئين، ته مون کي هميشه خيرات ڏيندو هئين، اڄ تو وٽ ڪجهه ڪينهي.“

        دارا جو هٿ هڪدم پنهنجي ڪلهي ڏي ويو ۽ ڪاري شال جا کيس چوغي وانگر ڍڪيل هئي، سا لاهي، فقير ڏانهن اڇلايائين.

        پر، بهادر خان، جو ويجهو هو، تنهن چيو ته شال کڻي وٺو، ”قيديءَ کي خيرات جو حق ڪونهي.“ اهو ٻڌي، فقير جيوڻ خان کي گاريون پٽي ڪڍيون.

        ستت، هو شاهي محل وٽ اچي پهتا. اتي شهزادي کي ٻه ڪلاڪ ترسايو ويو، ته جيئن هر شخص جي مٿس نظر پوي. سخت گرميءَ جي مهل هئي. شهزادو دارا هڪ ننڍي هاٿيءَ تي ٻڌو ويٺو هو. اهو ڏکوئيندڙ نظارو ڏسي ماڻهن جون اکيون ڏک سان ٽمٽار ٿي ويون.

        سورهيه، سخي ۽ هر دلعزيز دارا پاڻ به سراسر ڏک جي تصوير هو!

        شهزادو اهڙيءَ حالت ۾ بيٺو رهيو، ۽ اورنگزيب کيس اڃا به وڌيڪ بي مانو ڪرڻ لاءِ کيس اهو حڪم موڪلڻ ٿي گهريو ته هاٿيءَ تان لهي، پيرين پيادو، جيئن زنجيرن ۾ ٻڌل هو، تيئن سندس اڳيان اچي حاضر ٿئي. پر، شائسته خان کيس صلاح ڏني ته گهڻين ئي ڳالهين جي ڪري، ائين ڪرڻ مناسب نه ٿيندو. سو، شهزادي دارا کي اتان شهر جي ٻاهران هڪ باغ ۾ وٺي ويا، جنهنجو نالو خضرآباد هو ۽ جمنا نديءَ جي ڪپ تي هو.

        سُتت هڪ حڪم جاري ٿيو، ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ دارا کي گواليار جي قلعي ڏانهن موڪليو ويندو. اهو حڪم عام ماڻهن جي ڏکويل دلين کي ٺارڻ لاءِ جاري ڪيو ويو، پر، ان جو اصل مطلب کين ٺڳڻ هو.

        اورنگزيب، دارا ڏانهن ماڻهن جي دل جو لاڙو معلوم ڪرڻ واسطي هڪ کيڏ ڪئي. هن مکيه ماڻهن کان راءِ ورتي ته بهتر ڳالهه ڪهڙي آهي ته دارا کي قتل ڪجي، يا گواليار موڪلجي؟ بهرحال هن دارا کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.

        مڙني مکيه ماڻهن کي اورنگزيب جي بڇڙي ارادي جو پتو هو ۽ هنن ڄاتو ٿي ته کانئن راءِ پڇڻ رڳو هڪ ڍونگ آهي، انڪري هنن چيو ته دارا کي مارڻ گهرجي، نه ته عام خلق کي سندس آزاد ٿيڻ جو هميشه آسرو رهندو، دانشمند خان اڪيلو شخص هو، جو انهيءَ راءِ سان شامل نه ٿيو، جيتوڻيڪ دارا سان سندس ڪوبه لاڳاپو ڪونه هو. جن دارا جي قتل لاءِ گهڻو زور ڀريو، سي هئا: شائسته خان، محمد امين خان، بهادر خان ۽ طبيب دائود.

        ستت ئي دائود، اورنگزيب جي نظرن ۾ ڪري پيو ۽ نهايت ذليل ٿي مئو. قدرت جو اهو قانون آهي ته جيڪو شخص پاڻ کان وڏن کي خوش ڪرڻ لاءِ سندن چاپلوسي ڪري ٻئي جي جان مال جو مدو ٿيندو آهي، سو پاڻ به ساڳين ئي ماڻهن جي هٿان بڇڙو ٿيندو آهي.

دائود وانگر دارا جي جان جي وڏي ۾ وڏي دشمن سندس ويڳي ۽ اورنگزيب جي سڳي ڀيڻ روشن آرا بيگم هئي کيس اورنگزيب ئي زهر ڏياري مارايو.

        بهرحال، اورنگزيب، جنهن کي دارا جي قتل کان وڌيڪ ٻي ڪا ڳالهه خوش نٿي ڪري سگهي، پنهنجن درٻاري مقربن جي راءِ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو.

        تاريخ ڇويهين آڪٽوبر تي هن خالص خان کي حڪم ڏنو ته شهزادي سپهرشڪوه کي پيءُ کان ڌار ڪيو وڃي ۽ کيس گواليار جي قلعي ڏانهن موڪليو وڃي. اورنگزيب ننڍڙي شهزادي تي اها مهرباني ڪئي، جو کيس آفيم جو پاڻي پيارڻ جو حڪم ڪونه ڏنائين.

        مغل بادشاهن جو اهو دستور هوندو هو ته قيديءَ کي ايئن نيراني آفيم جو پاڻي پياريندا هئا ته ازخود ڳري مري ويندو هو.

        دارا جڏهن ڏٺو ته سندس پٽ کي ته گواليار جي قلعي ڏانهن موڪليو ٿو وڃي، پر سندس باري ۾ خاموش آهي، تڏهن هو سمجهي ويو ته هاڻي حياتي باقي ڪي ٻه ٽي ڏينهن آهي.

        ستت اورنگزيب کيس چوائي موڪليو ته، ”جيڪڏهن بخت تنهنجو ساٿ ڏئي ها ۽ اڄ مان قيديءَ جي حالت ۾ تنهنجي اڳيان هجان ها، ته تون مون سان ڪهڙي هلت ڪرين ها؟“

        دارا ڀليءَ ڀت ڄاتو ٿي ته اهو سوال به مٿس هڪ ٽوڪ آهي! سو، هڪ بي ڊپي ماڻهوءَ وانگر کيس تڙي کڙي جواب ڏياري موڪليائين ته، ”جيڪڏهن ائين هجي ها، ته دهليءَ جي قلعي جا چار وڏا دروازا تنهنجي سوال جو جواب ڏين ها، جن ۾ تنهنجي لاش جا چار ٽڪر لڙڪندا نظر اچن ها.“

        اورنگزيب اهو جواب ٻڌي، باهه ٿي ويو ۽ هڪدم دارا جي قتل جو حڪم ڏنائين. جڏهن هن پڇيو ته اهو ڪم ڪير ڪندو؟ ته نذربيگ پاڻ پيش ڪيو.

        نذر بيگ، دارا جي پيءُ شاهجهان جو هڪ ٻانهو هو، جنهن کي هن پالي ننڍي کان وڏو ڪيو هو. جڏهن محي الدين اورنگزيب پنهنجي پيءُ کي به نظربند ڪيو، ته پڻس جا سمورا ٻانها سندس پيش پيا. اورنگزيب، نذر بيگ کي انهن جي مٿان مقرر ڪيو. ڪنهن زماني ۾ دارا، نذربيگ کي ڪنهن لاغارضائي واريءَ هلت ڪري، ڇينڀيو هو. نذر بيگ ان ڳالهه جي بدلي وٺڻ جو موقعو ڏٺو. هن پنهنجو زيردست مقبول ۽ ٻيا اهڙا ڇهه ڄڻا: محرم، مشهور، اسارون، فراد، مراد ۽ فتح بهادر ساڻ کنيا. اهي سڀ درٻار مان روانا ٿيا. اتي اورنگزيب رعايا کي برغلائڻ لاءِ سيف خان کي چار هزار گهوڙيسوار ۽ ڪجهه اُٺ، جن تي رڌ پچاءَ جو ۽ ٻيو سفر جو سامان لڏيل هو، ساڻ ڪري روانگيءَ جو حڪم ڏنو، ته جيئن عام مشهور ٿئي ته دارا کي قيد ڪري گواليار جي قلعي ڏانهن پيو وڃي.

        هو ڇهه ڄڻا رات جو خضر باغ وٽ پهتا، ۽ انهيءَ ڪمري ۾ گهڙيا، جنهن ۾ دارا نظر بند هو. هنن هڪدم کيس جهلي، ڌرتيءَ تي دسيو ۽ ترار سان ڪهي، سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو. جسم کي رت ۾ ٻڏل ڇڏي، هو دارا جو سر کڻي، تڪڙا تڪڙا اورنگزيب ڏانهن ويا. ان وقت رات جا اٺ ٿيا هئا.

        شاهجهان جي وڏي پٽ، مغل سلطنت جي وارث ۽ عام ماڻهن ۾ هردلعزيز دارا جو انجام اجهو اهڙو ٿيو.

        اورنگزيب محلات جي باغ ۾ هو ته کيس خبر پئي، ته سندس وڏو ڀاءُ ڪسي ويو ۽ سندس سر کڄي آيو آهي. حڪم ڏنائين ته سندس منهن تان رت اگهي، منڍي ٿالهيءَ ۾ وجهي پيش ڪريو.

        هن پوءِ گهڻي روشني ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ته جيئن هو دارا جي نرڙ وارو نشان ڏسي خاطري ڪري، ته سر دارا جوئي آهي ۽ نه ڪنهن ٻئي شخص جو.

        جڏهن هن اهو نشان ڏسي خاطري ڪئي، ته حڪم ڏنائين ته سر ٿالهيءَ مان ڪڍي، هيٺ ڌرتيءَ تي رکو. پوءِ هن دارا جي منهن تي ترار سان ڌڪ هنيا ۽ چيو ته، ”مغل سلطنت جي مالڪ ۽ بادشاهه ٿيڻ جي آرزو رکڻ واري جو هي منهن مهانڊو! هٽايو هن کي منهنجي اڳيان!“

        ان کان پوءِ اورنگزيب، دارا جو سر پيتيءَ ۾ وجهي، اعتبار خان ڏانهن موڪليو، جو شاهجهان جي نطربنديءَ وقت سندس مٿان نگهبان هو.

        دارا جو سر پوڙهي پيءُ کي موڪلڻ بعد اورنگزيب حڪم ڪيو ته دارا جو ڌڙ همايون جي مقبري ۾ دفن ڪيو وڃي.

        انهيءَ رات دارا جي دشمن، ويڳي ڀيڻ روشن آرا جشن ملهائڻ لاءِ هڪ وڏي دعوت ڪئي.

        جڏهن شاهجهان رات جو ماني کائڻ لاءِ ويٺو. ته اعتبار خان اندر گهڙيو ۽ پيتي شاهجهان جي اڳيان رکي چيائين، ”بادشاهه اورنگزيب هيءُ تحفو پنهنجي پيءُ ڏي موڪليو آهي ۽ چيو آهي ته ڏسو ته مون اوهان کي وساريو ڪونهي.“

        ٻڍڙي شهنشاهه جواب ۾ چيو ته، ”شڪر آهي جو منهنجو پٽ قيد ۾ به اڃا مونکي ياد ڪندو رهي ٿو.“

        شاهجهان اٻهرائيءَ مان پيتيءَ جو ڍڪ لاٿو، ته هن جي نطر دارا جي ســِر تي پئي. دانهن ڪري، منهن ڀر وڃي ميز تي ڪريو! سندس ڏند، ٿانون سان لڳي ڀڄي پيا، ۽ اتي ئي بيهوش پيو رهيو.

        بيگم صاحبه (دارا جي سڳي ڀيڻ ۽ اورنگزيب جي ويڳي ڀيڻ) ۽ ٻيون زالون جي اتي حاضر هيون، پنهنجي ڪپڙا ڦاڙڻ، چوڙيون ڀڃڻ، مٿي جا وار پٽڻ، سينو ڪٽڻ ۽ پار ڪڍڻ لڳيون.

        اتي اعتبار خان، دارا جو سر هٽايو.

        جڏهن ٻڍڙو پيءُ هوش ۾ آيو، ته پنهنجي منهن ۾ پاڻ ڌڪ هڻڻ ۽ پنهنجي ڏاڙهي پاڻ پٽڻ لڳو، تان جو اها سڄي رتو رت ٿي ويئي. پوءِ پنهنجن ڳوڙهن ۾ ڳري ويو، هن پنهنجا ٻئي هٿ آسمان ڏي کنيا ۽ ڏک مان چيائين ”يا خدا، تنهنجي رضا!“

        ايتري ۾ ڪي عورتون اندر آيون ۽ بيگم صاحبه کي اتان کڻي ويون، جا بيهوش ٿي ويئي هئي. ان کان پوءِ اهي زالون ٻڍڙي شهنشاهه کي به اتان وٺي ويون.

        اورنگزيب جي حڪم تي، اعتبار خان، دارا جو سر سندس ماءُ ممتاز محل جي مقبري، تاج محل ۾ دفنائڻ لاءِ موڪليو ويو ۽ اورنگزيب کي سڄيءَ روئداد کان واقف ڪيو. اهو ٻڌي، اورنگزيب ۽ سندس ڀيڻ روشن آرا ڏاڍا خوش ٿيا.

        دارا کي ائين ختم ڪرڻ کانپوءِ، اورنگزيب سندس ٻن زالن کي پاڻ وٽ اچڻ جو حڪم ڏنو. هڪ سندس حڪم مڃيو ۽ وٽس ويئي. اورنگزيب، ساڻس شادي ڪئي ۽ منجهانئس کيس ڪام بخش پٽ ڄائو. ٻيءَ، جنهن جو نالو رعنا دل هو قاصد کان پڇيو ته بادشاهه مون کي ڇا لاءِ سڏايو آهي؟

        کيس ٻڌايو ويو ته بادشاهه توکي پنهنجي زال بنائڻ ٿو گهري.

        اهو ٻڌي، هن چيو ته مون ۾ اها ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن تي بادشاهه جي دل آهي؟

        اورنگزيب چوائي موڪليس ته مون کي تنهنجا وار ڏاڍا وڻندا آهن.

        اهو ٻڌي هن پنهنجا سڀ وار ڪپي، اورنگزيب کي موڪلي ڏنا، ته ”جا شيءِ توکي وڻي ٿي، سا حاضر آهي. مونکي اڪيلائيءَ ۾ رهڻ ڏي.“

        عام ماڻهن ۾ مشهور ڪيو ويو هو ته اورنگزيب فقير آهي. پنهنجو گذران ڪرڻ لاءِ ويچارو ٽوپيون ٺاهي وڪڻندو آهي ۽ قرآن شريف لکي ماڻهن کي ڏيندو آهي. سو، شهزادي دارا جي وفات کانپوءِ، عام ماڻهن بخت جي لاهن چاڙهن بابت هڪ راڳ ٺاهيو، ته ڪيئن ان اورنگزيب کي تخت تي ويهاريو، جيڪو پاڻ کي فقير ۽ ديندار ڪوٺائيندو هو ۽ ڪيئن بخت سندس پيءُ شهنشاهه شاهجهان کي قيدي بنائي ۽ دارا کي قتل ڪرايو.

        راڳ ۾ چيل هو ته: ”بخت، پنهنجي هڪ ئي ڦيري سان، فقير (اورنگزيب) جي مٿي تي ڪلاه بدران تاج رکيو، ۽ ولي عهد شهزادي (دارا) جو سر وڃايو.“

        جڏهن اورنگزيب کي انهيءَ شعر جي خبر پيئي، ته ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ اعلان ڪرايائين ته ”جيڪو به اهو راڳ ڳائيندو، تنهن جي زبان ڪپي ويندي.“

        پر، راڳ اهڙو ته سوز ۽ درد ڀريو هو، جو انهيءَ اعلان کان پوءِ به، عام ماڻهو لڪ ڇپ ۾ ڳائيندا هئا.

        اورنگزيب رڳو پنهنجي وڏي ڀاءُ دارا کي ڪونه مارايو. پر، پنهنجا سڀ ڀائر هڪ هڪ ڪري مارايائين. جڏهن پاڻ تخت تي ويٺو ته ”محي الدين“ (يعني دين کي جيئرو ڪندڙ) جو لقب اختيار ڪيائين. سو، هندستان جي هڪ اديب پنهنجي ڪتاب ۾ مٿس هيءُ تاريخي جملو لکيو:

اورنگزيب مغل بادشاهه ايڏو ته ديندار هو،  جو تهجد جي ڪابه نماز قضا ڪانه ڪيائين ۽ پنهنجو ڪو به ڀاءُ جيئرو ڪونه ڇڏيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com