سوچ - لوچ
سنڌ جي شمشير جو وڇوڙو
سنڌ جو ناميارو اديب، شاعر ۽ صحافي محترم شمشير
الحيدري 21 رمضان المبارڪ بمطابق 11- آگسٽ 2012ع
جمعي جي ڏينهن صبح جو 6:00 وڳي ڪراچيءَ ۾ گذاري
ويو. اِنا لِله وَاِنّا عِليہ راجعون.
محترم شمشير الحيدري جون ادبي خدمتون جيتريون
ڳڻائجن اوتريون گهٽ آهن.
هو هن دور جو هڪ وڏو نقاد، محقق، شاعر، ڊراما نويس
۽ هڪ عظيم ۽ ڏاهو انسان هئو. هو هڪ خوددار شخص هڏ
ڏوکي ۽ حساس طبيعت جو مالڪ ۽ ائين چئجي ته درويش
صفت انسان ۽ محبتي ماڻهو هئو ته وڌاءُ نه ٿيندو.
محترم شمشير الحيدريءَ جون سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ
ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. محترم
شمشيرالحيدري ادب سان گڏ سنڌي صحافت ۾ پڻ يادگار
خدمتون سرانجام ڏنيون، ڪيترين سنڌي اخبارن ۽ رسالن
جو بطور ايڊيٽر ٿي رهيو. شمشير الحيدري هڪ يگانه ۽
بي داغ انسان هئو. هن خودداريءَ سان زندگي گذاري.
هن ادب کي ڪڏهن به روزيءَ يا پنهنجي ترقيءَ لاءِ
ڏاڪڻ طور استعمال نه ڪيو ۽ اهوئي سبب آهي جو هر
ٽهيءَ ۾ کيس تمام گهڻو مانُ ۽ عزت حاصل هئي. محترم
شمشير الحيدري سموري زندگي، ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقي
۽ معاشري جي جاڳرتا ۾ گذاري. هن هر حال ۽ هر حالت
۾ ادبي پورهئي جو سفر جاري و ساري رکيو. محترم
شمشير الحيدري انهن اديبن مان هئو، جو هو جتي به
رهيو انهن ادارن کي ٺاهڻ ۽ سنوارڻ ۾ جُنبيل رهيو.
”موليٰ تي ننگ آ“ سندس تڪيو ڪلام رهيو ۽ هو ڪڏهن
به حالتن جو محتاج نه رهيو ۽ نه ئي عهدا ۽ ڪرسيون
هن کي ادبي پورهئي کان روڪي سگهيون. محترم حيدري
سندس شعر ”هڪڙو شمشير هئو زماني ۾“ ڪو شڪ نه آهي
ته ان مثل ئي رهيو ۽ پنهنجي صاف ۽ بي داغ ڪردار جي
ڪري ادب ۽ صحافت ۾ مقام ماڻيو. شمشير الحيدريءَ جي
ادبي ۽ صحافتي زندگي اسان جي معاشري لاءِ هڪ وڏي
وٿ رهي. سندس شاعري، اخبارن ۾ لکيل ايڊيٽوريل سماج
جي رهبري ۽ وڪالت ڪن ٿا. اسان سمجهون ٿا ته محترم
شمشيرالحيدريءَ جو وڇوڙو نه صرف سندس خاندان لاءِ
هڪ وڏو نقصان آهي، پر سندس وڇوڙو سنڌي ٻوليءَ ۽
ادب لاءِ پڻ هڪ نه ڀرجندڙ خال پيدا ڪري ويو آهي.
محترم شمشير الحيدري پنهنجي لکڻين، خدمتن، ڪچهرين،
گفتن، شعرن ۽ ڪيل تقريرن جي گونجن ۾ هميشه ياد
رهندو. سنڌ، سنڌ جا اديب ۽ سنڌ جي هر ٽهي جڏهن
جڏهن شمشيرالحيدري جي تخليق کي پڙهندي ته کيس ياد
رکندي. محترم شمشير الحيدريءَ زندگيءَ جو ڳچ عرصو
سنڌي ادبي بورڊ سان، ٽماهي مهراڻ رسالي جي بطور
اسسٽنٽ ايڊيٽر، چيف ايڊيٽر ۽ پوءِ ويجهي ماضيءَ ۾
سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏنيون. سنڌي ادبي
بورڊ جو بورڊ آف گورنرس ۽ سمورو عملو محترم شمشير
الحيدريءَ جي وفات تي ڏکويل ۽ مرحوم جي خاندان سان
ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي.
تعليم اسان جي اوليت هجڻ گهرجي
دنيا جي مختلف
سماجن جي ترقيءَ جا ڪي نه ڪي پڪا ۽ پُختا بنياد
ٿين ٿا. انهن بنيادن ۾ سمورن سماجن ۾ تعليم کي
اوليت حاصل رهي آهي.
اهي معاشرا جن تعليم کي پنهنجي اوليت ۾ شمار ڪيو
آهي. اهي تعليم تي توجهه ڏيڻ ۽ حاصل ڪيل ترقيءَ
سبب دنيا ۾ ترقي يافته قومن ۾ شمار ٿين ٿا ۽
ايڪيهين صديءَ جي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ ۽
ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ظاهر آهي ته
تعليم جا موقعا مهيا ڪرڻ حڪومتن جو فرض آهي ۽ انهن
موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ عوام جي ذميواري آهي.
اسان جي معاشري ۾ حڪومت پنهنجي موجوده وسيلن مان
جيترو به عوام جي ڀلائيءَ لاءِ تعليم تي خرچ ڪيو
آهي يا خرچ ڪري رهي آهي ان مان لاڀ عوام کي حاصل
ڪرڻو آهي. جيڪڏهن عوام انهن مهيا ڪيل وسيلن مان هڙ
حاصل نٿو ڪري ته پوءِ ان جو نقصان به عوام کي ئي
رسي ٿو. اسان صرف هتي سنڌ صوبي جي ئي ڳالهه ڪريون.
حڪومت پاران ڪوشش سان هڪ طرف غير فعال اسڪولن کي
فعال ڪيو ويو آهي ته ٻئي طرف اسڪول ويندڙ ٻارڙن
خاص طور نياڻين لاءِ تعليم جون سهوليتون ۽ موقعا
ميسر ڪيا آهن. انهن مهيا ڪيل وسيلن مان ۽ موقعن
مان ظاهر آهي ته عوام کي ئي فائدو حاصل ڪرڻو آهي،
پر اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪيترن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ هن
جديد دور ۾ به ٻارڙن خاص طور نياڻين کي تعليم حاصل
ڪرڻ کان وانجهيو رکيو پيو وڃي. ان ۾ والدين، استاد
توڙي ماحول ڪي ٻيا به سبب ٿي سگهن ٿا، پر والدين
کي گهرجي ته اهي پنهنجي ٻارڙن خاص طور نياڻين کي
تعليم ڏيارين، انهن کي اسڪول موڪلين ته جيئن تعليم
جهڙي زيور سان سندن نياڻيون آراسته ٿين. گڏوگڏ
والدين کي گهرجي ته اهي اسڪولن ۾ وڃن، استادن کان
پنهنجي اولاد بابت معلومات حاصل ڪن ته آيا اهي
تعليم ۾ دلچسپي وٺن ٿا يا نه. ان طرح هڪ ته والدين
جو اسڪولن سان تعلق جُڙيل رهندو ٻئي طرف انهن کي
اولاد جي تعليم بابت آگاهي حاصل ٿيندي رهندي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جي معاشري کي تعليم
کي اوليت ڏيڻ گهرجي ۽ پنهنجي مشغولين وارن معاملن
کي ٻئي درجي تي رکڻ گهرجي. اولاد خاص طور نياڻيون
پڙهيل هونديون ته معاشري ۾ صحتمند تبديلي اچي سگهي
ٿي.
پڙهندڙن کي گذارش
سنڌي ادبي بورڊ پاران محترم شمشيرالحيدري جي
زندگيءَ ۽ خدمتن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري شايع ڪرڻ لاءِ
مهراڻ نمبر شايع ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي، مهربان
لکندڙن کي گذارش ڪجي ٿي ته هو محترم شمشيرالحيدري
جي حوالي سان پنهنجون يادگار لکڻيون ڏياري موڪلين
ته جيئن اهي مهراڻ جي ”شمشيرالحيدري نمبر“ ۾ شامل
ڪري سگهجن.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر (انچارج) ”مهراڻ“
شمشير الحيدري
جيسين سج اُڀري
انت اوندهه رات آهي،
سوجهري جو ڪوئي ڪرڻو ڪنهن هنڌان ڏسجي نٿو.
ٿڌا ايڏي سخت، توبهه،
پهرئين ئي پهر پارو پيو پوي.
سيءُ سنڌن کي سُڪائي، لڱ ڇڏي لو ساٽيو،
پير هٿ پٿر جيان ڄميو پون،
ساهه سان ڄڻ برف پيئي اوتجي ڦڦڙن اندر:
اهڙيءَ حالت ۾ ڀلا،
ڪير ٿو ٻاري ڏيئا،
۽ وري ڪنهن کي سُجهي ٿو گهر جي درين ۽ درڻ کي بند
ڪرڻ؟
بت رڦن پيا، ڄاڙيون کڙڪن پيون،
ڪير ٿو ويهي ڪچهريءَ ۾ کِلي، ڳالهيون ڪري؟
ايڏي اوندهه، ايڏي ٿڌ! _
اڳ ته اهڙي رات ڪڏهين ڪانه آئي _
سڀ سويري ئي وڃي سوڙين اندر آهن پيا.
ٻارڙا سوڙين منجهان گهونگهٽ ڪڍي، اکين مِچڪائي،
پيا گهُورين اوندهه جا ٿَها _
جن ۾ ڪوئي سج ناهي،
جن ۾ ڪوئي چنڊ ناهي،
جن ۾ ڪو تارو به ٽمڪي ڪونه ٿو_
ذهن جي تاريڪ پڙدن تي فقط چمڪن پيا اوندهه جا ڪارا
ترورا.
شهر کان ٻاهر، وڏي ميدان تي،
شاهي ڪو آڙاهه پيو ڀڙڪا ڪري،
جنهن جون لاٽون ٿيون پڄن:
ٿڙڪندڙ شعلن جي دهشتناڪ پاڇولن سان گڏ،
بيرحم ٽهڪن ۽ وحشتناڪ واڪن، هوڪرن سان،
ساروئي ماحول ڪَچڙي گاهه جيان لرزي پيو:
ناچ حيواني هلي پيو شام کان.
چو طرف آڙاهه جي،
پيا سوين شيطان هنبوڇيون هڻن.
ڌڙ سڀن جا ساڳيا ماڻهن جيها،
پر مُنڍيون تن تي مِرُن جون، مختلف،
ڪي بگهڙ ڪي ڀولڙا، ڪي رڇ ۽ سوئر پيا ڏيکارجن،
ڪي وڇون، ڪي نانگ ڪارا،ڪي ڳِجهن جهڙا لڳن:
پڇ لوڏي ڏند ٽيڙي،
کِل کيچل سان، وڏا واڪا ڪري،
باهه ۾ هڪ هڪ ڪري اُڇلين پيا.
سڀ اُهو سامان، جيڪو ڀاڳين جي ننڊ هوندي،
شهر جي کليل گهرن مان گڏ ڪري آندو اٿن.
شهر جي هڪڙيءَ پرانهينءَڪنڊ ۾،
جهونڙي هڪ جهوپڙيءَ اندر ستل ٻن ٻارڙن،
رلين جي هيٺان ٿڙڪندي، سس ڦس ڪئي:
” شاهه سائينءَ جو رسالو مون رکيو آهي لڪائي،
پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي.“
” مُون تي مُهيَن جي نچڻيءَ واري آهي
مور به سوگهي ڪئي لڪائي،
پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي.“
” بس ته پوءِ ماٺ ڪر، شيطان ٻڌندا.“
” هائو، جيسين سج اُڀري“
شمشيرالحيدري
تخليق جو اعتڪاف
هرڪو ڄاڻي،
ساري دنيا
ٿي سڃاڻي،
مان وڏو
ليکڪ، وڏو شاعر ۽ دانشور، وڏو عالم اديب:
منهنجي هرهڪ
حرف ۾ تدبير جي جادوگري،
منهنجي هرهڪ
لفظ ۾ تقدير جي صورتگري،
منهنجا
نغما، منهنجا گفتا، ڄڻ ته سحِر سامري:
اهڙي منهنجي
شاعري،
جنهن سان
جاڳي قوم ساريءَ جو نصيب.
قوم چاهي ٿي
ته مان لکندو رهان،
سنڌ جي
سانگيئڙن، جهانگيئڙن، ماروئڙن جون حالتون
ڏسندو رهان،
لڇندو رهان،
سنڌ جي سورن
اندر سڙندو رهان، پچندو رهان.
قوم چاهي ٿي
ته ڪي نغما انوکا ڳائجن؛
سونهن ۽
سرهاڻ سان ناتا نوان ڪي لائجن؛
هجر جا ۽
وصل جا مفهوم ئي بدلائجن؛
عشق جي نظرن
کي ڪجهه وسعت ڏئي،
حسن جا
معيار ٻيا ڪي ٺاهجن؛
۽ سڄي تاريخ
تي ليڪا ڏئي،
جنگ جا ۽
امن جا مطلب سڀئي ڦيرائجن.
قوم چاهي
ٿي، وري
ڪاڪ جا
ٽڪساٽ سڀ پرزا ٿين؛
ڪوٽ قهري
عمر جا يڪسر ڊهن؛
مانگرن لئه
موت جا پڃرا ٺهن.
قوم چاهي
ٿي، وري
شاهه ۽ سچل
جيان
سج جا ڀنڀٽ
وڏا ڀڙڪائجن،
مچ تي ميڙا
ڪجن،
۽ وري ٽانڊن
تي واريل گيت ڳاڙها ڳائجن.
مون انهيءَ
جي لاءِ اڄ، تخليق جي هڪ نئينءَ نراليءَ ڀٽ تي،
فڪر جي هڪ
نئين درازا شهر وٽ،
اعتڪاف آهي
ڪيو خود اختيار.
مان ڏسڻ
ڌاران ڏسان پيو هرڪو منظر، هرڪو حال.
مان ٻڌڻ
ڌاران ٻڌان پيو هرڪا ڳالهه؛
مان انوکا
گيت پيو ڳايان وري،
جن کي ڪي
الفاظ ناهن،
جن کي ڪوئي
سُر نڪو آواز آهي؛
ماٺ جا نغما
اِهي،
گيت ڳاڙها،
لال، ٽانڊن تي ورايل،
توکي ٻُڌجڻ
۾ اچن ٿا؟
ڪاش، توکي
باهه جهڙا، لال، ڳاڙها، ڪَنَ هجن!
سنڌ جي تاريخ پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته قديم زماني
کان ڪيترائي قبيلا ڀر وارن ملڪن مان لڏي اچي سنڌ ۾
آباد ٿيا آهن. انهيءَ لڏپلاڻ جا سبب سياسي، سماجي،
اقتصادي ۽ مذهبي وغيره رهيا آهن. ڌاريون قومون
جڏهن به سنڌ تي حمله آور ٿيون، ته انهن سنڌ کي فتح
ڪرڻ بعد سنڌ ۾ ئي سڪونت اختيار ڪئي. جيئن محمد بن
قاسم جي ڪيل ڪاهه وقت ٿيو، ڪن گذرمعاش لاءِ سنڌ کي
پنهنجو وطن بنايو ته ڪي وري مذهبي نقطه نگاهه کان
مذهبي اڳواڻن مرشدن سان گڏ اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا.
اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ آباد قبيلن کي ٽن طبقن ۾ ورهائي
سگهجي ٿو. (1) عرب نسل، (2) سرحدي علائقن کان آيل
بلوچ نسل ۽ (3) اصل سنڌ ڄاوا سنڌي سماٽ نسل، جنهن
۾ هندو توڙي مسلمان اچي وڃن ٿا.
بلوچ نسل مان ڪي بلوچستان، مڪران مان ته ڪي پنجاب
جي ديره جاتِ مان بلوچ قبيلا آيا. جيڪي سنڌ ۾ رهي،
سنڌي نسل ۾ جذب ٿي ويا. انهن سنڌ کي پنهنجو مادرِ
وطن بنايو. بلوچ نسل جا هزارين قبيلا الڳ الڳ نالن
سان سڃاڻپ رکن ٿا. انهن ۾ هڪ زرداري قبيلو به آهي،
جيڪو بلوچن جي مکيه قبيلي بليدي بلوچ مان آهي.
زرداري قبيلو، ڪلهوڙن جي دورِ حڪومت ۾ ساڻن شامل
رهيو. زرداري قبيلي جي تاريخ ۽ ثقافت توڙي مذهبي
وابستگي ڪلهوڙا حڪمرانن سان شامل رهي آهي. هيءُ
قبيلو ڪلهوڙن جي مذهبي عقيدت ۾ انهن جو پوئلڳ هو.
سندن مادري ٻولي پڻ سرائڪي هئي. جيڪا وقت جي
حڪمرانن ڪلهوڙن جي هئي. جيڪي پاڻ کي عباسي
سڏائيندا هئا. اُهي ديره جاتِ کان اچي سنڌ ۾ آباد
ٿي، پنهنجن مريدن ۽ همدردن جي مدد سان مغل حڪمرانن
جي خلاف بغاوت ڪري سنڌ ۾ حڪمران ٿيا. سنڌ جا سڀ
بلوچ جن جي مادري زبان بلوچي هئي ۽ ٻيا اُهي بلوچ
جيڪي ديره جات کان اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا، انهن جي
ٻولي سرائڪي هئي ۽ ٻيا به ڪيترائي سرائڪي
ڳالهائيندڙ قبيلا سڀ جو سڀ ڪلهوڙا حاڪمن جا فوجي ۽
مريد هئا. بلوچ سردار ڪلهوڙن جا مکيه وزير، منشي ۽
فوجي سپهه سالار هئا. زرداري قبيلو ميان صاحبن،
ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ ۾ اهم حيثيت رکندو هو. اصل
سپاهه گيري ۽ سياسي مشاورت جي منصب تي معمور هو.
- ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
ڪتاب- ”ڪيم روح رهاڻ“ تان کنيل ٽڪرو |