حفيظ خان/پرويز
نــــازو بکيلـــو
نازو بکيلو مختيارڪار جي آفيس ۾ پٽيوالو هو. چار
فوٽ قد، بدن جو مٿيون حصو وڏو ۽ ٽنگون ننڍيون. ڳچي
سنهي ۽ ڊگهي، نڙگهٽ جو اُڀار ايتري قدر ٻاهر نڪتل،
جهڙوڪر پُراڻي سوڊا جي بوتل ۾ ڦاٿل شيشي جو بلور،
مِٽون چپڪيل، نڪ تازي ميهي جهڙو، جنهن جي هيٺان
مختصر مُڇون، سنوارت ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانه ٿيندي
هئي، ڇو جو چاليهن سالن جي عمر ۾ به کيس ڏاڙهي
ڪانه آئي هئي. سمورو زور لڳائڻ بعد به رڳو ڏاڙهيءَ
وٽ ٻه ٽي ڊڀن جي ڪانين جهڙا وار اهڙي طرح نڪتا
هئا، جيئن مڪائيءَ جي سنگن جا وار نڪرندا آهن. هيٺ
کان مٿي تائين نظر ڊوڙائبي ته سندس جسم ۽ آرڪاڻا
سُڪل موريءَ جهڙا ٿي لڳا.
نازو... انهيءَ عمر ۾ به پاڻ کي لش پش ٺاهوڪڙو
جوان پيو سمجهندو هو. غضب جو ڦُڙتيلو، چالاڪ ۽
هوشيار. آفيس جي ماڻهن جي چوڻ مطابق، اصل ۾ پاڻ
ڏهه فُوٽو هو، پر رڳو چار فوٽ زمين کان ٻاهر نڪري
سگهيو باقي ڇهه فوٽ زمين ۾ ئي ڪٿي رهجي ويو. نازو
هميشه بوسڪيءَ جي قميص ۽ ڪلف ڏنل هِرکَ جي سلوار
پائيندو هو. رومال کي ڊيگهه ۾ ويڙهي قميص جي ڪالر
جي اندران لڳائيندو هو ۽ ايمبيسي سگريٽ کي ساڄي ڪن
جي پٺيان ايئن فِٽ ڪري ڇڏيندو هو جيئن لانچنگ پيڊ
تي راڪيٽ. هُو قميص جو سڀ کان مٿيون بٽڻ اهڙي طرح
بند رکندو هو جو ڏسڻ وارن کي سندن ساهه گهٽبو
محسوس ٿيندو هو. پيرن ۾ ڪارو جُتو، جنهن جي کڙين ۾
ٽوپين وارا ڪوڪا اهڙي طرح لڳرائيندو هو ته جيئن
کڙيون گسي نه وڃن... پر اِها ٻي ڳالهه ته ايندي
ويندي سندس پيرن جي گِسِڪِ گِسِڪِ جي ڪري پري کان
ئي سندس اچڻ جو اطلاع سڄي آفيس کي پهچي ويندو هو.
نازو... پهرئين نمبر جو ٽيڳر باز، غضب جو ڏٽائي ۽
قرآني ڪوڙو، گپ باز به اهڙو جو جتي ويٺو تِتي
ڇُٽو! ڪهڙي به ڳالهه هجي، زمين ۽ آسمان ملائي هڪ
ڪري ڇڏيندو. ڳالهين ۾ وڌاءُ ۽ ڪوڙ ايترو جو ڌرتيءَ
جو سڙي وڃڻ معمولي ڳالهه هوندي آهي، سندس لاءِ
ڀُورَل گُٽڪي جي چانهه جي ڪينٽين تي شام جو سوير
ئي سندس ڪچهري لڳندي هئي... ملائي مليل چانهه ساسر
۾ لاهي ايئن ڊگهي سُرِڪَ ڀريندو هو جو پري پري
تائين سندس سُرڙاٽ جو آواز پکڙجي ويندو هو. جيئن
جيئن چانهه جي لذت وڌندي هئي، تيئن تيئن نازوءَ جي
ڪچهري گرم کان گرم تر ٿيندي ويندي هئي. تعلقي جي
هيڊ منشيءَ کان وٺي ٿاڻي جي وڏي صوبيدار (S.H.O)
تائين ۽ مئجسٽريٽ کان ويندي اسسٽنٽ ڪمشنر تائين
جون روزمره جون خبرون بحث هيٺ اينديون هيون: صبح
جو نيرن ۾ ڇا کاڌائون ۽ منجهند جو ڇا! اڄ رات جو
ڇا کائڻو آهي. وڏي مختيارڪار جي زال ته وڏي آڙيڪاپ
آهي، کيس چُرڻ به نه ٿي ڏي. آسانيءَ سان سنوت نه
ڪري ته ويچاري کي موچڙي مار ڪرڻ کان به نٿي گُسي.
هِن صوبيدار کي ته ڪير سمجهائي، هروڀرو ذليل
ٿيندو. رشوت ته ٻنهي ڌُرين کان وٺي ٿو، پر ڪم ڪنهن
جو به نٿو ڪري. اِن کان اڳ وارو ڏاڍو ڀلو ماڻهو
هو، پنج وقت جو نمازي، مصلي جي هيٺان جيڪي ڪجهه
رکي ڇڏيو، شڪر الحمدلله پڙهي کڻي ورتائين... نه
گهڻو لوڀ، نه گهڻي لالچ ۽ ڪم به فٽافٽ.
نه ڙي بابا نه... ننڍي صوبيدار جو ته ذڪر به نه
ڪجو. خدا کيس غرق ڪري، پڪو جهنمي آهي... نه شريف
ٿو ڏسي نه بدمعاش، نه ملازم نه زميندار.
نازو... پنهنجي ڪرسيءَ تي اُڀ کُڙين ويهي، پنهنجي
خاص انداز ۾ لفظن جي جادوگري اهڙي طرح ڏيکاريندو
جو ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ وات ڦاڙيو ويٺا سندس
ڳالهيون ٻڌندا رهندا هئا. تعلقي جي ننڍي وڏي آفيسر
جا ته پول پڌرا ٿي پوندا هئا، پر نازوءَ جي واهه
واهه ٿي ويندي هئي ته هيءُ جوان جو پُٽ هر آفيسر
جو ڀيدي آهي، انهن جي رڳ رڳ کان واقف آهي.
هيءُ انهيءَ ئي شيخيءَ جي عنايت هئي جو ٿاڻي ۽
آفيس جي ڪمن ۾ ڦاٿل ماڻهو، سڄو سڄو ڏينهن نازوءَ
جي اڳيان پٺيان پيا رُلندا هئا ۽ هُو ڪنڌ سِيٽيو
پنهنجي پنهنجي مطلب ۽ حساب سان ڪنهن کي ڌيءَ جي
نوڪريءَ جي آس ڏياريندو هو ته ڪنهن کي پٽ جو آسرو،
جيڪڏهن ڪو پنڇي ڦاسي پوندو هو ته آفيسر جي نالي جي
رشوت ڀُورل گُٽڪي وٽ پهچائي ويندي هئي، جنهن جي
وصولي نازو شام جي محفل کان پوءِ ڪندو هو. سائل جو
ڪم جيڪڏهن رائج طريقئه ڪار موجب ٿي ويو ته رشوت جي
رقم نازوءَ جو ڀاڳ ۽ واهه واهه بونس ۾... ۽ جيڪڏهن
ڪم نه ٿيندو هو ته پوءِ لاچار رشوت جي رقم واپس
ڪبي هئي، پر پوءِ اُن آفيسر تي ڪلاسيڪي گارين جي
ڏرڻي پئي پوندي هئي ته بدذات لالچي نڪتو، مخالف ڌر
کان وڌيڪ رقم تڳائي هوندائين.
اِنهيءَ سموري چڪر بازيءَ ۾ ڀُورَلَ گٽڪي جو ڌنڌو
ڪجهه زياده ئي هلي پيو. ڪينٽين جي ڪمائي ته هئي،
پر هو موقعو ۽ مهل ڏسي نازوءَ کي به گهمائي رکندو
هو. نيٺ هڪڙي ڏينهن ٻنهي ۾ ڏند چڪ ٿي ئي پئي. نازو
ٻه ڏينهن ڪينٽين تي ڪونه آيو... نازوءَ کانسواءِ
ماڻهو به ڇو اچن! نه چانهه جو ڌنڌو ٿيو ۽ نه ئي
ٽُڪر ماني هلي ۽ نازوءَ جي چواڻي: مکيون هڪليندڙ
جو گذري ويو ڏينهن سارو.
جڏهن ڀورل گٽڪي ٻي ڪاو اهه ڪانه ڏٺي، تڏهن وڃيءَ
نازوءَ کي پرچائي وٺي آيو... ۽ پوءِ ساڳي محفل ۽
ساڳيا ماڻهن جا ميڙا...
اِنهيءَ دوران ڪيترن ئي ماڻهن وڏا وڏا واڪ ڏيئي
ڪينٽين جو ٺيڪو ته کنيو، پر نازوءَ لاءِ نه انهن
جي چانهه ۾ چس ۽ نه ڪا ٻي لذت... اهڙي صورت ۾ ڀورل
ڇا ڪندو هو جو آفيس جي حدن کان ٻاهر کوکو لڳائي
ويهندو هو ۽ نازو سندس خاص مهمان هوندو هو. هاڻي
جتي نازو اتي ئي رس چس ۽ رونق ميڙو. ايئن ئي وڏو
واڪ ڏيندڙ ٺيڪيدار، نقصان جي ڊپ کان ٺيڪو ڇڏي ڀڄڻ
تي مجبور ۽ پوءِ باقي بچيل عرصي جو ٺيڪو وري ڀُورل
پنهنجي شرطن تي کڻندو هو.
گذريل سال جي ٺيڪيدار عقلمنديءَ کان ڪم ورتو.
ايندي ئي نازو جي خوشامند ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين.
تحفا، سوکڙيون، خرچو پاڻي. اڳيان پٺيان ٿيڻ تحفن
کانسواءِ. پر نازو ياري نڀائي ته ڀورل سان. نتيجو
اهو ئي نڪتو جيڪو هر سال نڪرندو هو، پر هي ٺيڪيدار
به هار مڃڻ وارو ڪونه هو. ٺيڪو ته ڇڏي ويو، پر
ويندي ويندي ڌمڪي ڏيندو ويو ته هاڻي آفيس ۾ نازو
رهندو يا هُو پاڻ يعني نبي بخش خان گُرگيج.
هي ٿاڻو ۽ آفيسون به عجيب جايون هونديون آهن، جتي
نالو آفيسر جو هوندو آهي پر واڳ سڄي هيٺين اهلڪارن
جي هٿ ۾ هوندي آهي... جيترو ننڍو ملازم اوترو گهڻو
رعبدار. هٽو پري ٿيو، صاحب پيو اچي، جو ڍنڍورو نه
ڏي ته ڀلا اُن ويچاري کي سڃاڻي ڪير! هڪ اڪيلو
آفيسر ته اسٽيشن تي ريل جي ٽڪيٽ به قطار ۾ بيهڻ
کانسواءِ نٿو وٺي سگهي، پر سندس پٽيوالو چاهي ته
اُن ئي آفيسر جي نالي تي سڄو ڏٻو بڪ ڪرائي سگهي ٿو
۽ اُهو به مفت ۾! اِهائي ڳالهه هئي جو آفيس ۾ نازو
جي بادشاهت قائم هئي. آفيسرن کي ڪير ٿو پڇي، اُهي
ته ايندا ويندا رهندا آهن.
انهن ڏينهن ۾ مختيارڪارن جون بدليون پئي ٿيون.
نئون مختيارڪار آيو ته سهي، پر جهڙوڪر هلندي هلندي
وسندڙ ڪڪر، اوچتو وسي پوندو آهي. اُهوئي گوڙ جو
ڌڌڪو، کنوڻ جو تجلو، گوڙ گهمسان، کن پل ۾ انڌيرو
ڇانئجي ويو، گپ چِڪَ ترڪڻ ئي ترڪڻ. نه سندس مزاج
سمجهه ۾ ٿي آيو ۽ نه طبيعت جي خبر ٿي پئي. نه ڪنهن
سان ياري دوستي ۽ نه ئي ڪٿي اٿڻ ويهڻ. نه سُرڪ جي
سِڪَ ۽ نه ئي شڪار جو شوق. ٺلهو سَکَڻو ئي سکڻو!
آفيس جي وقت کان به اڌ منو ڪلاڪ اڳ ۾ اچي ويندو
هو. ۽ پوءِ سومهڻيءَ جي ٻانگ ملڻ تي معمول جي
ڳالهه هوندي هئي. هيڊ منشي ۽ ريڊر الڳ پريشان ته
قانوني صلاحڪار ۽ تپيدار جدا حيران... ٽي ساڍا ٽي
سو ميل پري جو رهندڙ ڪنهن جو رڳو سادي پاڻيءَ جو
گلاس به ڪونه پيئندو هو... سنگتي ساٿي ڪٿان اچن!
ڪڪڙ ۽ تتر سان ته جهڙو ازلي وير... دال جو شيدائي.
بنهه ڪنوار ٻوٽيءَ جهڙو، ولائتي ٻٻر وانگر، نه
ڇانوَ نه ڪاڙهو. ناجائز ڪم جي ته ڳالهه ئي ٻي،
جائز ڪم ۾ به پيو جُوئن مان پتا ڪڍندو... جهڙوڪر
پڻس جي ملڪيت مان حصو ٿي ڏنائين.
شروع شروع ۾ ته ربُو چشتيءَ جهڙن
ڦني خانن ۽ رشوت ڏيڻ وٺڻ جي شاهه ڪاريگرن کيس
اکيون ڏيکاريون. پر جڏهن مهرجيوڻ خان مختيارڪار
کين کنگهيو به ڪونه، تڏهن تعلقي جي تپيدارن کان
سندس رويي خلاف هڙتال ڪرايائون. پهريون ڏينهن، ٻيو
ڏينهن... پهريون هفتو، ٻيو هفتو ۽ پوءِ سڄو مهينو
گذري ويو. مهر جيوڻ خان جي بدلي ته ڪانه ٿي، پر
هُن پرواهه ئي ڪانه ڪئي. ٻيڻو ”نه مار نه ڪُٽَ،
رڳو آنڍن ۾ وَٽَ“ وانگر... چئن پنجن ليڊر تپيدارن
کي ساڄي کاٻي بدلي ڪرائي ۽ پوءِ بک ئي بک، فاقا ئي
فاقا. هڙتالن ته مختيارڪار جو وار وِنگو ڪونه ڪيو
پر پِٽَ پاراتن ۽ بد دعائن به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو.
هونئن ته اِهو عذاب، هيٺان مٿيان توڙي ننڍا وڏا
اهلڪار سڀ ڀوڳي رهيا هئا، پر نازو ته نسوري سوريءَ
تي ٽنگيو پيو هو... ظاهري لئي، آڪڙ، ڪچهريون ۽
مارڪا ته سڀ ويا، پر رڳو چانهه جو ڍُڪ پيئڻ به
محال ٿي پيو هو. ڪم هجي يا نه، پر کيس آفيس مان
ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڪانه هئي، پر نازو به ڪنهن کان
گهٽ ڪونه هو. هُو پاڻ به تنگ ٿيو هو ۽ ٻين کي به
تنگ پئي ڪيائين. مٿان وري ڪيتريون ئي گمنام
درخواستون ڪيائين، پر جڏهن ڪجهه به پلئه نه پيو.
تڏهن پراڻن پاپين ۽ حرام خور ڦڏيبازن کي ڀريءَ
عدالت ۾ مختيارڪار سان اٽڪائي وڌائين.... اينٽي
ڪرپشن طرفان جاچ ۽ ڊي سيءَ جي ڇاپن کان پوءِ نتيجو
اهو نڪتو جو مرڳو نازو لوهه ٿي ويو.
پوءِ اُهوئي ٿيو ته نازو، صاحب جي جيئن ئي وجهه ۾
آيو، نبي بخش خان ٺيڪيدار کي به بدلو وٺڻ ۽ قرض
چڪائڻ جو موقعو ملي ويو. درخواست لکيائين ۽ پيش
ٿيو ته نازوءَ صاحب جي نالي تي پنج هزار روپيا
رشوت طور ڪم ڪرائڻ لاءِ ورتا آهن. پر نه ڪم ٿيو ۽
نه ئي رقم واپس ملي آهي.
جيوڻ خان مهر کي ته جهڙوڪر الله موقعو ڏنو. هُو ته
اڳ ۾ ئي نازوءَ تي ٻريو ويٺو هو، سو هڪدم انڪوائري
شروع ٿي ويئي. نازو منٿ ميڙ ڪرڻ بدران مرڳو ماش جي
اٽي وانگر سيٽبو ويو ۽ مختيارڪار تي بهتان هنيائين
ته سندس دلال بنجڻ کان انڪار ڪرڻ تي صاحب مٿس ڪوڙي
درخواست ڪرائي آهي.
نازو بيوقوف جي ڳالهه تي ڪنهن به اعتبار ته ڪونه
ڪيو پر ٻيڻو معافي تلافيءَ جو موقعو به وڃائي
ويٺو. سندس دماغ تڏهن ٺڪاڻي لڳو، جڏهن تمام گهڻي
دير ٿي چڪي هئي. روئڻ پِچڪڻ، آهه و زاري، منٿون ۽
ايلاز، پر مٿي ڦريل جيوڻ خان کي ڪير سمجهائي. هُن
نازوءَ مان سمورا وَرَ وَڪَڙَ ڪڍڻ جو پڪو پهه ڪري
ڇڏيو هو. نبي بخش خان کي فريادي بنائي ٿاڻي تي
ايف. آءِ. آر داخل ڪرائي ته سندس شڪايتي درخواست
ڪرڻ تان ڪاوڙجي نازوءَ مٿس قاتلاڻو حملو ڪيو آهي.
ڳالهه رڳو اِتي به ختم ڪانه ٿي... پهرين ته نازو
کي هٿڪڙيون لڳائي اگهاڙن پيرن ۽ اگهاڙي مٿي سان
سڄي آفيس ۾ گهمايو ويو ۽ پوءِ ڀورل جي ڪينٽين جي
سامهون بيهاري، کيس ابتو ٽنگي اهڙا ته پادر
لڳايائونس جو خدا ڏي پناهه. ڪٿي سندس پهروڪو شان
شوڪت ۽ ڪٿي هيءَ ذلت... نازو جڏهن اڌ مئو ٿي ويو،
تڏهن گهِلي لاڪپ ۾ کڻي ڇڏيائونس.
ست اٺ ڏينهن ته نازوءَ کي هوش ئي ڪونه هو ته ڏينهن
آهي يا رات.. ۽ جڏهن کيس هوش آيو به ته ڪهڙو! نه
جيئرو نه مئل. موت ۽ حيات جي وچ تي ٽنگيل. اُن
موچڙي مارَ کان پوءِ نازو، نازو نه رهيو هو پر
رَڌل واڱڻ جهڙو راٻڙو بنجي پيو هو... سندس
ڦني خانيءَ ته وڃي ڌوڙ پاتي، پر سندس سار سنڀال ۽
پڇا ڳاڇا ڪرڻ لاءِ به ڪير ڪونه آيو. اڳيان پٺيان،
زال ۽ ٻار ۽ ننڍو وڏو ته سندس پهرئين به ڪير ڪونه
هو ۽ هاڻي ته سنگت ساٿ به هٿ ڪڍي ويئي. اڳي پاڻ
ماڻهن جون ضمانتون ڪرائيندو هو، اڄ سندس ضمانت
ڪرائڻ وارو ڪير ڪونه هو. ٿاڻي ۽ آفيس جو بادشاهه،
ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ عبرت جو نشان بنيو، مٽي چٽي رهيو
هو. ڪير به ڪونه هو، جيڪو سندس نڙيءَ ۾ پاڻيءَ جو
ڦڙو وجهي. نازو اندران ۽ ٻاهران ڀڄي ڀُري پُرزا
پُرزا ٿي پيو هو. ڪيترا ڀيرا سوچيائين ته هن ذلت
جي زندگيءَ کان ته بهتر آهي ته خودڪشي ڪري ڇڏي. پر
اِهو سوچي ته زندگي حرام ٿي، ساته ٿي، پر مران ته
اُهو به حرام موت!!
ٻه مهينا گذري ويا...
نازو ٿاڻي مان جيل ۾ منتقل ٿي ويو.
جسماني زخم ته ڇُٽي ويا، پر جيڪي چَهَڪَ روح کي
آيا هئا، جهڙي نموني ۾ انا ڪچلي ويئي هئي، اهو سڀ
ڪجهه پهرئين ڏينهن وانگر تازو هو، سُوٽون اُپريون
پئي، زخمن مان ريشو وهيو پئي.... هُن جو اندر اڌ
ٿي پيو هو، سِسرون هُيون جيڪي وڌي ويڪريون ٿي
رهيون هُيون. مگر ٻاهران عجب تماشو هو! نازو ماٺ
ٿي ويو. چَپَ سُبي ڇڏيائين. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڇڏي
ڏنائين. بس رڳو ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ مُنهن ويڙهيو پيو
هوندو هو.
هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو ساٿي قيديءَ کان پنو ۽ پينسل
ورتائين ۽ هڪڙي چٺي لکيائين، جيوڻ خان مهر
مختيارڪار جي نالي:
حضور!
آءٌ اِن لائق ته ڪونه آهيان، پر اوهان جي قدمن ۾
رهڻ چاهيان ٿو، معافيءَ جي خيرات مڱان ٿو.
اوهان جو غلام،
نازو.
جيوڻ خان چٺي پڙهي ۽ ڦاڙي اڇلي ڇڏيائين... وڏو ڦني
خان بڻيو وتندو هو. اڃا ته بيهي ڏسي مزا، گهڻين
وِيهَن ٿو سئو ٿئي!“
ڪجهه ڏينهن ٻيا به گذري ويا. ضلع جو ڊپٽي ڪمشنر
جيل جي معائني لاءِ آيو. جيوڻ خان به ساڻس گڏ هو.
سمورا قيدي ڪنڌ هيٺ ڪريو قطار ۾ ويٺا هئا. جيئن ئي
جيوڻ خان، ڊي.سي سان گڏ، نازوءَ وٽان مَٽيو، تيئن
نازوءَ بجليءَ جهڙيءَ تيزيءَ سان ٽپ ڏيئي وڃي جيوڻ
خان جي پيرن ۾ ڪريو ۽ جيوڻ خان جي پيرن کي چُهٽي
پيو. جيل جي آفيسرن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. نازوءَ کي
الڳ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ويئي، پر هُن جيون خان
جا پير نه ڇڏيا ته نه ڇڏيا. چرين وانگر بس هڪ ئي
فرياد ڪري رهيو هو ته: ”سائين، مون کي معاف ڪريو،
معاف ڪريو سائين. پنهنجي پيرن ۾ جاءِ ڏيو سائين!“
جيوڻ خان اهڙي صورتحال ۾ اهڙو ته گهٻرائجي ويو جو
جان ڇڏائڻ به مشڪل ٿي پيئي هئس... ۽ جڏهن ڊپٽي
ڪمشنر جو حيران ۽ پريشان چهرو ڏٺائين ته وات مان
معافي نڪري ئي ويئي ۽ جيئن معافي ملي، نازوءَ پير
ڇڏي ڏنا. بعد ۾ چانهه تي ڊي.سيءَ تفصيل پڇيا ته
جيوڻ خان سڄي ماجرا کولي ٻڌايس، پر وڃڻ وقت
ڊي.سيءَ چئي ڏنو: ”ڇڏي ڏيئنس خانَ، ساڻس گهڻي ٿي
آهي.“
ڊي.سيءَ جو حڪم هو، ڪيس ختم ٿي ويو ۽ نوڪري به
بحال ٿي ويئي، پر نازو، نازو نه رهيو. ڪنڌ جهڪيل،
چَپَ سُبيل، نه ڪپڙڻ جو هوش نه بوٽ جو، ساهه ته
منجهس هو، پر محسوس نٿي ٿيو. سڄو ڏينهن جيوڻ خان
جي آفيس اڳيان ڪنڌ جهڪايو ويٺو هوندو هو. سانجهيءَ
ٽاڻي جيوڻ خان جي گهر اڳيان بيٺل ڇٻر تي ڪپڙو
وڇائي سمهي پوندو هو. سڄي آفيس ۾ کِلَ ٺٺول ۽ مذاق
جو نشان هو ته نازو هو، ..... صرف نازو بکيلو!
نبي بخش، ڀُورل گُٽڪي کي ڀڄائي ڪڍيو هو. هاڻي
ڪينٽن سندس ملازم هلائيندا هئا ۽ پاڻ ٺهيو جُڙيو
موڙي تي ويٺو، اندر ويندڙ جي جانچ پيو ڪندو هو.
نازو جڏهن کان جيل مان آيو هو، نبي بخش کيس وڌيڪ
ئي چيڙائيندو هو. ايندي ويندي ٽوڪون، مسخري ۽
طنزيه کنگهڻ. نازو جي ماٺ کيس وڌيڪ شَههَ ڏني. هو
ڪچين گارين تي لهي آيو، پر نازوءَ زبان نه کولي ته
نه کولي. پهرين ته جيوڻ خان به ڦونڊ ۾ رهيو ۽
نازوءَ سان ڪُتن جهڙو سلوڪ ڪندو هو، پر جڏهن
ڏٺائين ته هيءُ نازو، اڳوڻو نازو ڪونهي رهيو...
سندس هلندڙ ڦرندڙ جسم نه جيئرن گڏ آهي نه مُئن گڏ.
تڏهن سوچيائين ته هِن اڌ مُئي ماڻهوءَ سان ڪهڙو
جهيڙو ڪهڙو جهڳڙو!! پوءِ آهستي آهستي سندن وچ ۾
ڳالهه ٻولهه شروع ٿي ويئي. ننڍا وڏا آفيس جا ڪم
گهر جو سودو سلف... نازو سندس تابعدار، هر جاءِ تي
پورو. نه ڏينهن جو هوش نه رات جو. نه ٿڪاوٽ نه ڪو
بهانو. هاڻي ته جيوڻ خان به پڇتائڻ لڳو ته هُن
هيءُ ڇا ڪيو!
جيوڻ خان جيئن ٻاهر کُهرو هو، اُن کان وڌيڪ گهر ۾
چُڀندڙ. شادي ته ٿيس پر اولاد ڪونه ٿيس. اِها سندس
زال جي همٿ هئي جيڪا ساڻس نڀائي رهي هئي... نڀاهڻ
ئي نه، پر هُرلي جي ڍڳي وانگر جيئن صبح ساڻ ڪم ۾
جُنبندي هئي تيئن رات جو پهريون پهر به ڪم ۾ ئي
گذري ويندو هو. پوءِ وڃي هنڌ تي ڪِرندي هئي، رهيو
جيوڻ خان، هُو ته صبح جو سوير گهر مان نڪرندو هو
ته آڌيءَ رات جو ٿڪاوٽ کان چُور اهڙي طرح گهر
موٽندو هو جو سندس ٻُوٿ سُڄيل، مٿي ۾ ور، لهجي جي
ڪؤڙائڻ زبان کان وٺي چپن تائين وهندڙ هوندي هئي
پوءِ چاهي سندس ڏينهن سٺو گذرندو هجي يا ماٺو...
ٻه چار ٿانوَ هيٺ مٿي، ڪي ڪِرندا ته ڪي ڀڄندا.
ڪرسي ۽ ميز کي هرو ڀرو اڳتي پوئتي گهِريندو، کٽ جو
کڙڪو، دانهون ڪُوڪُون ۽ جڏهن نصيب خاتون چڱي طرح
جاڳي پوندي هئي، تڏهن جيوڻ خان منهن ٻئي پاسي ڪري
کونگهرا هڻڻ لڳندو هو.
شروع شروع ۾ ته نصيب خاتون کي ڏاڍو ڏک پهچندو هو،
پر ڇا ٿي ڪري سگهي. اندر جو اندر ۾ ئي پئي سڙندي
پچندي هئي ۽ پوءِ آهستي آهستي اِها سندس عادت
ٿيندي ويئي. شاديءَ کان پوءِ سال ڏيڍ تائين ته ٻار
جي خواهش هئي، پر کيس ايتري بي صبري به ڪانه هئي.
ٺيڪ آهي، جي هن مهيني ۾ نه ٿيو ته ايندڙ مهيني
ٿيندو. ليڪن ان کانپوءِ ته باقاعده پڇا ڳاڇا شروع
ٿي ويئي. آخر چئن ڇهن مهينن کان پوءِ مائٽن، ساهرن
وٽ ته وڃڻو ئي پوي ٿو. جيترا وات اوتريون ڳالهيون
۽ هوڏانهن وري جيوڻ خان، سو ته انهن ڳالهين کان
بنهه لاتعلق، نه فڪر نه ڳڻتي. ماڻهن کي منهن ڏي ته
نصيب خاتون، ڪوشش ڪري ته نصيب خاتون. ڪٿان تعويذ
ڦيڻا، ته ڪٿان ڏَسَ ٽوڻا، ڪٿان ٽِڪي ڦَڪي...
انهيءَ هڻ هڻان، وٺ وٺان ۾ سڄا سارا ويهه سال گذري
ويا.
نصيب خاتون به صبر جو ڪڙو ڍُڪ ڀري ماٺ ڪري ويهي
رهي، پر اُن ڪؤڙاڻ سندس سڄي جسم تي ڏسڻ ۾ نه ايندڙ
ڪنڊا پوکي ڇڏيا، خارَ اُڀري آيا ۽ سُيون ٽنبي
ڇڏيون. جيئڻ خان ڪَڙو ڪريلو هو، سو ته هو، پر نصيب
خاتون به جيون خان کي کنگهندي به ڪونه هئي. مائٽ
مِٽَ هڪ اڌ ڀيرو بي عزت ٿي وڃڻ کان پوءِ اچڻ ئي
ڇڏيا ويا. باقي رهيا پاڙيسري، سو انهن سان ته هيءُ
ٺهندا ئي ڪونه هئا. ڏئي وٺي باقي هڪڙي ماسي ڦاپو
وڃي بچي هئي، جا ڪي سڄو ڏينهن جُٺ به پئي جهيلندي
هئي ته ڪم ڪار ۾ به لڳي پيئي هوندي هئي. نصيب
خاتون سڄو ڏينهن نه پاڻ ويهندي هئي، ۽ نه ئي
ڦاپوءَ کي ويهڻ ڏيندي هئي.
قدرت خدا جي، جو اهڙي صورتحال ۾ ۽ انهيءَ آفت جي
وقت ۾ نازو به اچي ڪِريو... بدن مان ساهه ته جيوڻ
خان ئي ڪڍي ڇڏيو هئس، باقي رهي هئي کَلَ، جيڪا
نصيب خاتون جي هٿ ۾ اچي ويئي. صبح جو کَلَ لاهيندي
هيس ۽ شام جو چاڙهي ڇڏيندي هئس. پر نازو اُف به
ڪونه ڪندو هو.
هڪ ڏينهن صبح جو سوير ڇا ٿيو جو، نازو مينهن ڏُهي،
کير جي چونئري کڻيو پئي آيو. ٿاٻو آيس ته وڃي ڪريو
منهن ڀر پڪي فرش تي. کير ته پڪي فرش تي هارجي ويو،
پر نازوءَ جا اڳيان ٻه ڏند به ڀڄي پيا ۽ وات اندر
وِڃي ڪريا. نصيب خاتون پڇا ڳاڇا به ڪانه ڪئي، ايئن
ئي جُتي لاهيندي پير مان شروع ٿي ويئي. زپو زپ،
وري جو ڏنڊو هٿ لڳي ويس، تنهن سان ته بيهي نازوءَ
کي ڪُٽي سٽي سوڙهو ڪيائين. بدن سڄو نيرو ٿي رتو رت
ٿي ويو. ڏنڊو ٽٽي پيو ۽ نازو بيهوش ٿي ويو ۽ نصيب
خاتون جهڙي ٿلهي متاري صحتمند عورت به سهڪندي
سهڪندي ٻيڻي ٿي وڃي کٽ تي ويٺي. ماسي ڦاپوءَ کي
خبر ناهي ڇا ٿيو جو اُن وٺي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون.
سندس چوڻ مطابق نازو هاڻ ماڳهين چند گهڙين جو
مهمان هو. جيوڻ خان ٻاهر جيپ ۾ ويهي آفيس وڃڻ وارو
ئي هو، جو اندران ايندڙ ڦان پان جا آواز ٻڌي تڪڙو
تڪڙو واپس وريو. گهٻرايل جيوڻ خان اڱڻ جو نقشو ڏٺو
ته مرڳو هيسجي حوصلو هاري ويٺو. مٿان واري ماسي
ڦاپوءَ جي رڙو رڙ ته بي بي صاحبه نازوءَ کي اُڦٽ
ماري وڌو آهي.
جيوڻ خان، نازوءَ جي هلندڙ نبض ڏٺي ته سرير ۾ ساهه
پئجي ويس. ڦاپوءَ کي اهڙي طريقي سان ڌڙڪا ڏنائين،
جو سندس گهوڙا گهوڙا ماٺي ٿي ويئي. هاڻي هُن
پنهنجو رخ نصيب خاتون ڏانهن ڪيو. هڪڙي هٿ ۾ چوٽي
ڇا آيس، پٺيئن پاسي ايترو ته زور سان ڇڪيائينس جو
هن جو ڪنڌ ٻيڻو ٿي وڃي چيلهه سان لڳو. هاڻي نصيب
خاتون وارو جِنُ سندس بدن ۾ تحليل ٿي ويو هو.
اِهو به ڪونه ٿي ڏٺائين ته مري ٿي يا جيئي پئي.
ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيائينس.
”نڪر هتان کدڙي رَنَ! پاڻ ته ڦاسيءَ چڙهندي، پر
مون کي به خوار ڪندي.“
جيوڻ خان ڪجهه دير کانپوءِ آفيس هليو ويو. هاڻي
مسئلو ماسي ڦاپوءَ لاءِ هو، ته هوءَ بي بي صاحبه
کي سنڀالي يا نازوءَ کي. نازوءَ ته پوءِ به اُف به
نه ڪئي، پر نصيب خا تون لاءِ هيءُ سڀ ڪجهه معمول
جي خلاف هو. ٻڏي مرڻ جي حد هئي، جو جنهن مڙس سڄي
زندگيءَ ۾ ڪڏهن آڱر به ڪانه سَڃي هئي، تنهن اڄ بس
هڪ نوڪر جي ڪري سڄو جسم رتو رت ڪيو، سو ته ڪيو، پر
کدڙي هجڻ جو طعنو به ڏنائين...
انهيءَ واقعي کي ٽي چار مهينا گذري ويا...
نصيب خاتون کٽ تي اهڙي ڪِري جو بنهه پڻڇ پاسو ڪري
پئي رهي. ٽِڪَ ٻڌي پئي ڀتين کي گهوريندي هئي ۽ لڙڪ
سندس مٽن تان وهندا هئا. هڏين جي سوڄ ته هيڊ جي
پَهائن ۽ ٽاڪوڙن ڏيڻ سان لهي ويئي، پر دل جي
گهاوَن ۽ چُڀڻ جو ته ڪو دارون نه دوا! جنهن کي دل
تي پَهو رکڻو هو، تنهن کي آڌيلي جي به پرواهه ڪانه
هئي ته رَنَ بچندي به يا مري ويندي.
ماسي ڦاپوُ صبح جو سوير ڪم تي ايندي هئي. نازو اُن
جي اچڻ کان به اڳ ۾ مينهن جي کاساري مان واندو ٿي
ويندو هو ۽ اهڙي نموني ۾ روزمرهه جو معمول ٿي ائين
ئي هلندو رهيو. پر اڄ ته ٻاهرين گهنٽي وڄائيندي
وڄائيندي ڪا مهل ٿي ويئي هئي، پر دروازو کليو ئي
ڪونه ٿي. مينهون به اندران لاڳيتو ڀان، ڀان ڪري
رهيون هيون. ظاهر آهي ته کين بک لڳي هوندي... ماسي
ڦاپوءَ کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ٿي آئي ته گهر جا
ماڻهو ويا ته ڪيڏانهن ويا! جڏهن ڪجهه به ڪونه ٿيو
تڏهن اگهاڙي مٿي ۽ اگهاڙي پيرين آفيس ڏانهن ڊوڙ
وڌائين ۽ چوڪيدار کي وٺي آئي. هُن به ڏاڍا وَسَ
ڪيا، پر ڪوبه جواب ڪونه مليو... ماسيءَ جي دل ٻڏڻ
لڳي، گهوماٽي کائي هيٺ ويهي رهي. لڙڪ هئس، جيڪي
بيٺا ئي نٿي. چوڪيدار به پريشان ٿي ويو ته دروازو
اندران بند آهي، پوءِ گهر وارا ويا ته ڪيڏانهن
ويا. هُو واپس آفيس ڏانهن ڀڳو... نائب مختيارڪار،
صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي به ملازم موجود هئا، سي سڀ
حيران ۽ پريشان، ڊوڙندا مختيارڪار جي گهر پهتا.
ٻه سپاهي ڀت ٽپي اندر گهڙيا ۽ وڏو دروازو
کوليائون. سڄي گهر ۾ ماٺ ماٺوڙو لڳو پيو هو. اڱڻ،
ورانڊو، ورانڊي سان گڏ وڏو ڪمرو ۽ وڏي ڪمري ۾ ڄميل
رت جي ليڪ، جيڪا وچ تي اچي بيهي رهي هئي. هيءُ
دروازو به اندران بند هو، تنهن ڪري ٽوڙيو ويو.
ڪمري ۾ بستري تي هڪ لاش پيو هو.
مختيارڪار جيوڻ خان مهر جو لاش...
ساڄي هٿ ۾ ڦاٿل پستول ۽ مٿي جي ساڄي پاسي ئي
گوليءَ جو سوراخ صاف صاف ٻڌائي رهيو هو ته خودڪشي
ڪئي ويئي آهي.
رڙيون ۽ دانهون ڪندڙ ماسي ڦاپوءَ سڄو گهر اٿلائي
وڌو...
پر نازو ۽ نصيب خاتون
جو ڪٿي نالو نشان به ڪونه هو.
(حوالو: حفيظ خان جون ڪهاڻيون 2007)
سليم سهتو
اڄ پڻ اکڙين..
هڪ ڪيس جي تياريءَ جي سلسلي ۾ پرهه ڦُٽيءَ ڌاري
ننڊ مان بيدار ٿيس. دريءَ کان ٻاهر نهاريم، ڦُڙ
ڦُڙ پئجي رهي هئي، جسم کي ٿوري ٿڌ محسوس ٿي. ڪمري
کان ٻاهر نڪري، نوڪر جي ڪمري ڏانهن ويس. کيس ننڊ
مان اُٿاري چانهه ٺاهي کڻي اچڻ جو چئي پنهنجي ڪمري
ڏانهن موٽي اچي، آرام ڪرسيءَ تي ويهي ڪيس جي فائيل
کي پوري ڌيان سان پڙهڻ لڳس. ڪجهه دير کانپوءِ نوڪر
چانهه کڻي آيو. چانهه جو ڪوپ ڏيندي چيائين ته:
”سائين ٻاهر توهان سان هڪ نوجوان ملڻ آيو آهي.“
مون حيرت مان پڇيو: ”هن وقت!“
نوڪر وراڻيو: ”ها سائين، چئي پيو ته ڏاڍو ضروري ڪم
آهي.“ مون نوڪر کي چيو ته، هو هن کي ملاقاتين واري
ڪمري ۾ ويهاري. اهو چئي ٽوال کڻي باٿ روم ۾ گهڙي
ويس. وهنجڻ دوران منهنجو ذهن ان نوجوان جي باري ۾
سوچيندو رهيو ۽ ذهن ۾ مختلف سوال گردش ڪندا رهيا.
”ڪير ٿي سگهي ٿو؟ جيڪو پرهه ڦُٽيءَ جي وقت آيو
آهي. جنهن صبح ٿيڻ جو به انتظار نه ڪيو منهنجي
اصيل جو پٽ! پر نه، هو نٿو ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته ان کي
مون آفيس ۾ ملڻ لاءِ ساڍي ستين وڳي جو وقت ڏنو هو.
وهنجي تيار ٿي ملاقاتين جي ڪمري ڏانهن ويس. ڪمري ۾
گهڙيس ته نوجوان کي ڪرسيءَ تي ويٺل ڏٺم. سندس پٺ
در ڏانهن هئي. منهنجي قدمن جي آواز تي ڪرسيءَ تان
اٿي در ڏانهن نهاريائين ۽ سلام ڪيائين. مون سندس
سلام جو جواب ڏنو ۽ ساڻس هٿ ملايم. مون کي سندس
مهانڊا ڄاتل سڃاتل لڳي رهيا هئا. مون کيس ڪرسيءَ
تي ويهڻ جو اشارو ڪيو. ڪرسيءَ تي ويهڻ سان ئي هن
ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”سائين، مان شهمير جو پٽ
آهيان.“ هن ايتروئي چيو ته مان کيس يڪدم سڃاڻي
ورتو ته اهو مراد آهي. مان ڪرسيءَ سان اٿي کيس
ڀاڪر پائي مليس ۽ سندس پيءُ جي شڪايت ڪرڻ لڳس ته:
”ڏاڍو بي وفا آهي، مون کيس لنڊن مان ڪيترائي خط
لکيا، پر هن انهن جا جواب ڪونه لکيا. بلڪل وساري
ڇڏيائين.“ مون ڏٺو ته مراد جي چهري تي ڏک جون
ريکائون اُڀري آيون هيون. مراد ڏکايل آواز ۾ چوڻ
لڳو ته: ”چاچا، وقت جي ظالم هٿن مون کان پيءُ جو
سهارو کسي ڇڏيو آهي، بابا کي وفات ڪئي ٽي مهينا ٿي
ويا آهن. هڪ ظالم ٽرڪ واري بابا جي مٿان ٽرڪ چاڙهي
کيس هميشه لاءِ اسان کان ڇني ڌار ڪري ڇڏيو.“
شهمير جي وفات جو ٻڌي منهنجي اکين اڳيان ساڻس
گهاريل وقت ذهن جي پڙدي تي هڪ فلم وانگر ڦرڻ لڳو.
شهمير ۽ مون پهرئين درجي کان وٺي انٽر تائين گڏ
تعليم حاصل ڪئي هئي، تنهن کانپوءِ مون تعليم جو
سلسلو جاري رکيو، شهمير کي سندس گهرو حالتن وڌيڪ
پڙهڻ نه ڏنو. ۽ هو هڪ سرڪاري کاتي ۾ ڪلارڪي ڪرڻ
لڳو. شهمير سان منهنجي روز ملاقات ٿيندي هئي.
ڪڏهن اسان جي پاڙي ۾ ايراني هوٽل تي ويهي چانهه جي
ڪوپ تي سڄي دنيا جي مسئلن تي ويچار ڪندا هئاسين ته
ڪڏهن ڪلفٽن تي سمنڊ جي ڪناري تي پسار ڪندي خيالي
قلعا جوڙيندا هئاسين، ڪڏهن وري جناح باغ ۾ ڪنهن
بينچ تي ويهي خوشحال مستقبل جا سهڻا خواب ڏسندا
هئاسين. مون ايل.ايل.بي جو امتحان پاس ڪري وڪالت
جي پرئڪٽس شروع ڪئي هئي. تنهن هوندي به روز رات جو
اسان جي ملاقات ٿيندي هئي. ان دوران شهمير جي
مائٽن سندس شادي ڪرائي ڇڏي. هُو ان شاديءَ مان خوش
ڪونه هو ڇاڪاڻ ته سندس شريڪ حيات اڻ پڙهيل هئي ۽
هو پڙهيل ڪڙهيل ڇوڪريءَ سان شادي جو خواهشمند هو،
پر مائٽن سندس خواهش کي ٿُڏي ڇڏيو. شاديءَ کانپوءِ
هو احساس محرومي جو شڪار ٿي ويو هو. مون کيس گهڻو
سهارو ڏنو جنهن جي ڪري هو گهڻي قدر احساس محروميءَ
کان ٻاهر نڪري آيو هو. پٽ جي پيدائش تي ڏاڍو خوش
هو. مون کي ڏاڍو زور جو ڀاڪر پاتو هئائين
۽ سندس اکين مان خوشيءَ جا ڳوڙها نڪري آيا هئا.
هاڻي سندس ڳالهين جو مرڪز سندس پٽ مراد هوندو هو.
هُو پنهنجي پٽ لاءِ اعليٰ مستقبل جا خواب ڏسندو
هو. منهنجي ساڻس آخري ملاقات ڪراچي ايئر پورٽ تي
ڊپارچر لائونج جي ٻاهر ٿي هئي. مون الوداعي ڀاڪر
پائي کانئس موڪلايو ته هن اکين ۾ آب آڻي چيو ته،
”يار جي قسمت ساٿ ڏنو ته وري ملنداسين، پر جي
زندگيءَ بي وفائي ڪئي ته مون جيڪي خواب پنهنجي پٽ
لاءِ ڏٺا آهن انهن کي تون پورو ڪرڻ جي ڪوشش
ڪجانءِ.“ مون کيس دلداري ڏيندي چيو ته، ”مايوسيءَ
جون ڳالهيون نه ڪر، الله تعاليٰ توکي وڏي حياتي
ڏيندو ۽ تون پنهنجي اکين سان پٽ کي اعليٰ مقام تي
ڏسندين.“
لنڊن پهچي مون کيس خط لکيو، جنهنجو هن فوراً جواب
ڏنو، جنهن ۾ لکيائين ته هو بدلي ڪرائي ڳوٺ اچي ويو
آهي. ۽ ائين ئي لنڊن ۾ رهائش دوران اسان هڪ ٻئي کي
خط لکندا رهياسين. پر گذريل ٽن مهينن دوران مون
جيڪي کيس خط لکيا انهن جا هن جواب ڪونه ڏنا. مون
سمجهيو ته شايد ذميوارين وڌي وڃڻ ڪري هو جواب نه
لکي سگهيو آهي. مان بارائٽ لا جو امتحان پاس ڪري
ڊگري وٺي وطن موٽي آيس.
مون کي آئي هفتو کن ٿيو هو، ان دوران آفيس کي سيٽ
ڪرڻ ۽ هڪ سڃاڻ واري جي ڪيس ۾ مصروف رهيس. مون
پهرئين فرصت ۾ شهمتر سان ملڻ پئي چاهيو. پر ڪمن
فرصت نه ٿي ڏني. ”سائين، نيرن تيار آهي.“ نوڪر جي
آواز تي منهنجي سوچن جو سلسلو ٽٽي پيو، اکين مان
آب جاري هو ۽ چپن مان لطيف سائينءَ جي بيت جا ٻول
نڪرڻ لڳا.
اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا،
ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن،
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
سدرة المنتهيٰ جيلاني
ورق به ساهه کڻن ٿا
منهنجو سفر اُتان کان شروع ٿيو هو، جڏهن محبت کي
ڳوليندي ڪنڊ ڪنڊ ۾ وڃي پهتس. احساس جون گهٽيون
ايڏيون ته سوڙهيون هيون، جو ساهه کڻڻ به مشڪل ٿي
پوندو هو:
احساس جي گهٽين ۾ محبت کي ڳوليندي زندگيءَ جو
اِنهيلر هٿ ڪيم ۽ پوءِ صدين، سالن، مهينن، ڏينهن ۽
لمحن جا ورق محبت جي چاش ۾ ٻڏل ۽ احساس سان ڀريل
هئو!
سوچيم ائين ئي سدائين محبت ورهائيندي، احساس
ونڊيندي ويندس. سفر ڏاڍو ته دلچسپ هو، پر سفر ڏاڍو
مشڪل هو، ۽ ٿڪائيندڙ به، سو ٿڪجي ساهه کڻي ڪنهن
ويراني ۾ ليٽي پيس، ننڊ کڻي وئي.
خواب پنهنجي سفر ڏانهن آڱر جهلي وٺي هليا ويا.
خواب ڪيڏا نه خوبصورت هئا،
خواب ڪيڏا نه رنگين هئا،
ڪيڏا نه دلنشين هئا.
ننڊ مان اٿيس، خواب گڏ کنيم، محبت ساڻ کنيم، احساس
جي گهٽين مان نڪري محبت جي معدنيات گڏ ڪري دنيا کي
چار چنڊ ڏئي چمڪائڻ چاهيم ۽ سدائين چاهيم محبت جي
روشنيءَ ۾ جيئڻ، محبت جي فضا ۾ ساهه کڻڻ، زندگيءَ
کي پاڻ پسائڻ، ۽ زندگي سنوارڻ، سڌارڻ ۽ چاهيو ته
گهڻو ئي ڪجهه هئم.
محبت واٽن تي وڇائيندي پٿر هٽائيندي وينديس، ماڻهو
مون ڏانهن محبت وٺڻ لاءِ وڌندا ويا ۽ خوشبو رقص
ڪندي رهي.
اسان سڀ محبت جي ڏور ۾ ٻڌجي وياسين. هاڻ ڪير به
جدا نٿي ڪري سگهيو، پر اوچتو الائي ڪهڙو حادثو
ٿيو، محبت مان الائي ڇو پيٽ ڀرجي ويو، اسان جي
فطرت ۾ ڏاڍي بيچيني هئي. سڀ جيڪي گڏ هلندا هلياسين
محبت ساڻ ڪري ڪئين عهد ڪياسون. سمورا عهد جديد
مشينن جي گوڙ ۾ وساري ويٺاسين. محبت کي هٿ جي
تريءَ تي رکي ڦوڪ ڏئي اڏايوسين. خواب ننڊن کي
موٽاياسين. ان کان پوءِ ائين ٿيو جو خواهشن ۾
وڃائجي وياسون ۽ ضرورتن تائين محدود ٿي وياسين.
هاڻ هرڪو پنهنجي گهر جي ڪُنڊ ۾ هنڌ تي وهاڻي ۾
منهن لِڪائي، اڪيلو اڪيلو ڳوڙها وهائي ٿو. هر سڏڪو
نڙي ۾ اٽڪي بيهي رهي ٿو. هڪ گهر ۾ رهڻ وارا هڪٻئي
کان بي خبر ٿي رهن ٿا. زندگي رساڪشي، ڀڃ ڊاهه جي
وچ ۾ ڇڪجي رهي آهي. پراڻو وقت ياد ڪرڻ جو وقت به
نه ملندو. مشينن ۾ دليون جو وڃايون اٿئون.
ڪڏهن پاڻ کي وڃائي سمهي پونداسين. ان کان پهرين جو
نئون نسل خواب ڏسڻ کان محروم ٿي وڃي، محبت جو
احساس مري وڃي، ۽ احساس جون گهٽيون ٻيهر سوڙهيون
ٿي پون، محبت جو انهيلر ملي نه سگهي. فضائن مان
آڪسيجن کُٽي پئي، سوچيان ٿي جديد مشينن جي وچ ۾
محبت جا احساس لکي لڪائي رکان، انڪري ئي چوان ٿي
ته جديد مشينن جي گوڙ ۾ رهڻ وارا ماڻهو، جڏهن به
توهان جون سماعتون ٻوڙيون ٿيڻ لڳن، ته ڪوئل جي ڪوڪ
کي ڳوليندا ويرانن ۾ وڃي نڪرجو. جڏهن به اکيون
آليون ۽ ڌنڌليون ٿي وڃن ته ڪنهن به جُهڳيءَ جي
غريب ٻار جي اکين ۾ جهاتي پائڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان
توهان کي ڪئين روشنيون ورهائجي ملنديون، ايڏيون
جيڏيون شهر جي بتين ۾ به ناهن هونديون، ڇو ته
روشنيون انهن جي اکين ۾ جرڪن ٿيون ۽ جڏهن دل محبت
جي احساس کان خالي ٿيڻ لڳي ته وري غريب غريبن جي
گهرن ۾ سچي محبت ۾ گم ٿجو، احساس جي گهرج جڏهن
شديد ٿئي ته مشينن ۾ رکيل پراڻي پيغام کي پڙهي
احساسن کي تازو ڪجو.
ڪنهن به پراڻي ڪتاب ۾ محبت کي ڳوليندا ته اُتي
احساس جو اِنهيلر هٿ ڪجو، تڏهن فضائن مان آڪسيجن
جي ڪمي پوري ٿي ويندي.
اي جديد ماڻهو! توهان پوري آرام سان هڪ ٿڌو ساهه
ڀرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. انڪري مون کي محبت جي
معدنيات هٿ ڪرڻ ڏيو. مون تي زندگيءَ جا دروازا
کولي مون کي پوري آزاديءَ سان لکڻ ڏيو.
منهنجا خواب اڃا رستي ۾ آهن ۽ خواب گڏ کڻڻا آهن،
احساس جون گهٽيون وڌائڻيون آهن، محبت جو اِنهيلر
هٿ ڪرڻو اٿم ۽ محبت ورهائي هلڻو اٿم.
محبت کي تريءَ ۾ قيد ڪري رکان ٿي، مُٺ ڀڪوڙي ڇڏي
اٿم، هاڻ منهنجو سفر اتان کان شروع ٿيندو، جڏهن
محبت کي ڳوليندي دنيا جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ وڃي پهچنديس.
سنڌ ملڪ، جيڪو هينئر مغربي پاڪستان جو هڪ صوبو
آهي، ان تي اهو نالو سنڌو يعني ته انڊس ندي جي ڪري
پيو، جيڪا ان جي وچان وهي ٿي. سنڌوءَ جي لغوي
معنيٰ آهي سمنڊ يا پاڻي جو وڏو تلاءُ. اهو نالو
انهيءَ ندي تي شايد آريه قوم جي ماڻهن وڌو. جنهن ۾
ڪابل ۽ ٻين ندين جي پاڻي پوڻ ڪري. ان جو وهڪرو ۽
موڪرائي وڌيو وڃي، ۽ پڻ انهيءَ آواز جي ڪري جيڪو
اٽڪ جي ويجهو جابلو لنگهه مان زور سان وهڻ ڪري ان
۾ ٿيندو رهي ٿو. وچئين دور ۾ سنڌ جو نالو، سڄي
سنڌو ماٿر تي رکيل هو، ۽ باقي هندستان تي هندو
نالو رکيل هو جو، سنڌ کان ٿر جي برپٽ هئڻ جي ڪري
جدا ٿيل هو. عرب ليکڪن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ هند
ٻئي ڀائر هئا ۽ اهي توقير بن يقطن بن حام بن نوح
جا پٽ هئا. قديم زماني ۾ عظيم ٻوڏ کان پوءِ انهن
ٻنهي ڀائرن جي اولاد اهي ملڪ وسايا، انڪري مٿن اهو
نالو پئجي ويو، اهوئي سبب آهي جو عرب سنڌ ۽ هند جي
ماڻهن کي ڪاري نسل جا ماڻهو تصور ڪندا هئا. پر
سندن اها راءِ غلط خيالن ۽ روايتن تي مبني هئي.
ڇاڪاڻ ته تاريخي، نسلي، لساني ۽ ٻين حقيقتن جي
مدِنظر سنڌ ۽ هند جا ماڻهو گهڻو ڪري آريه نسل جا
ماڻهو آهن. انهن ۾ ڪي قدر دراوڙي ۽ سامي نسل جو
ميلاپ پڻ ٿيل آهي. ڇا به هجي، سنڌوندي، سنڌ جي
لاءِ ايتري اهم آهي جيتري هڪ انسان کي رت جي ضرورت
آهي. سنڌو نه هجي ها ته سنڌ جوملڪ به هڪ وڏو برپٽ
ٿي وڃي ها، جنهن جون حدون ٿر کان فارس تائين هجن
ها جو ايران ۾ آهي.
- ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺان
ڪتاب- ”تاريخ سنڌ، عرب دور“ تان کنيل ٽڪرو
ص 49، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
ڊاڪٽر مخمور بخاري
هالا جي نعتيه شاعري
تاريخ ۾ جهاتي.........
سنڌ جي قديم شهرن ۾ هالا جو تذڪرو به لڳ ڀڳ ڇهه سؤ
سالن جي عرصي کان آڳاٽو تصور ڪيو وڃي ٿو. شهر
جڙندا آهن ۽ پنهنجو جوڀن جواني گذاري تاريخ جو حصو
بڻجي ويندا آهن. شاندار روايتون ئي ڪن ڪن شهرن جي
سڃاڻپ هونديون آهن. جنم ڀومي سان انسيت به فطري
ٿئي ٿي، هالا سان منهنجو تعلق به اهڙو ئي آهي. هن
شهر جي سڃاڻپ جا ڪيترائي حوالا اڄ به ان طرح موجود
آهن، جنهن طرح اهي ڪالهه موجود هئا؛ ته هن شهر جا
ڪي باب اڄ اسان خبر ناهي ته ڇو وساري ڇڏيا آهن. اڄ
هي سٽون لکڻ کان پهرئين مون مٽي هڪ عنوان قائم ڪيو
آهي ”تاريخ ۾ جهاتي“ هي عنوان ماضي جا ورق ورائڻ ۽
ڪالهه جي آئيني ۾ پنهنجو عڪس ڳولڻ جي مون پاران هڪ
ننڍي ڪوشش آهي. اڄ به مسلم دنيا ۾ محبوب خدا آخري
نبي زمان حضرت محمد ﷺ جن جي ولادت باسعادت کي
سڀاوند تسليم ڪيو وڃي ٿو. محبوب خدا جي آمد بلاشڪ
سموري عالمِ انسانيت لاءِ مسرت جي نويد هئي. هالا
جي نامياري محقق، عالم ۽ شاعر مخدوم صالح ڀٽي جي
نعت جون سٽون ذهن ۾ ترن ٿيون:
عرب هو جهالت ۾ تاريڪ جڏهن،
نبي پاڪ نورالهديٰ بنجي آيو.
سو ان نسبت سان اڄ هالا جي ڪن اهم معتبر، مصروف ۽
غيرمصروف شاعرن جي
نعت گوئي جو ڪجهه تذڪرو هنن سٽن ۾ ڪرڻ مناسب لڳي
ٿو ڇاڪاڻ جو مان اڳ به لکي آيو آهيان ته هن شهر جي
سڃاڻپ جا ڪي باب اڄ اسان وساري چڪا آهيون
نعت توڙي مولود بنيادي طرح شاعري جي ڪا صنف ناهي،
بلڪ هي هڪ موضوع آهي جيڪو شاعري جي ڪنهن به صنف ۾
پيش ڪري سگهجي ٿو. گهڻو ڪري مولود يڪي يا ٻيڻي
ڪافي جي صورت ۾ چيا ويندا آهن، پر ان کان سواءِ به
مختلف فارم ۾ مولود جو موضوع آندو ويو آهي، جڏهن
ته نعت خاص طور غزل جي هيئت ۾ چئي وڃي ٿي، پر اها
به ڪا حتمي صورت ناهي، نعتيه بيت، قطعا، چؤسٽا ۽
ڪافيون به چيون ويون آهن. مولود ۾ خاص طور
حضوراڪرم
ﷺ
جي ولادت واري ڳالهه بيان ڪجي ٿي ته نعت ۾ آقا
دوجهان جي صفت، ثنا، ساراهه بيان ڪئي وڃي ٿي.
سنڌي ڪلاسيڪي شاعري ۾ بيت وڏي اهميت رکي ٿو. بيت
جي ئي صورت ۾ ابتدائي سنڌي نعتيه شاعري ملي ٿي.
ميون عيسيٰ جنهن کي اسان هالا جو شاعر تسليم ڪيون
ٿا. هن شاعر بابت ڪا خاطر خواهه تحقيق نه ٿيڻ سبب
کيس ملاڪاتيار طرف دفن ٿيل ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته
حقيقت ان کان مختلف آهي. ميون عيسيٰ بابت تفصيل
ڳالهه ٻولهه ته ڪنهن ٻئي ڀيري ڪنداسين، پر ايترو
ضرور چئبو ته هي شاعر هالا ۾ ئي دفن ٿيل آهي. سندس
بيتن جي رسالي مان ڪجهه اهڙا بيت پيش ڪجن ٿا جن ۾
حضرت محمد
ﷺ
جن جي ثنا، صفت ۽ انهن سان عقيدت ۽ محبت جو ذڪر
موجود آهي:
رات سهائي، ڀُون سنئين، نه ڪا آڏي اَڏَ،
لا الٰہ الا الله، ٻيا ڇَڏ، جُڏ وُئَنَ جَڏ،
محمدّ رسولُ الله ٿِي، گوهر انهين گڏ،
جو سڄڻ ڪيو سَڏ، ٿو اُماڻي اٻوجهيون.
جَڳ سيڪڙو جنهن جو، سو سڄڻ ڏٺائون،
سين پَسَڻُ پاڪيزي پرين، جي پُنينِ مُدعائون،
حمد ثناءُ سائين جو، ڪوڏان ڪيائون،
چٽيون چيائون، صلواتون سرور اتي.
سنڌي ادب ۾ مولود جي جنهن شاعر باقائده شروعات ڪئي
اهو آهي هالا پراڻا سان تعلق رکندڙ مخدوم
عبدالرئوف ڀٽي، جنهن جو تخلص هو ”عامي“ يعني
گنهاگار“ هن جا هن وقت تائين ستر کن مولود لوڪ ادب
جي سيريز واري ڪتاب ’مولود‘ ۾ شايع ٿيل آهن ان کان
سواءِ سندس مداحون ۽ مناجاتون پڻ چيل آهن. مخدوم
صاحب جا چيل مولود اڪثر هڪ تُڪي (يڪي) ڪافي جي
صورت ۾ آهن. سندس هيٺيون مولود گهڻو مشهور ۽ مقبول
رهندو اچي:
منارا مير مُرسل جا، ڏسان شل ڏيهه سڀ ڏوري
هلي هالا، مٽيان مسڻ، انڙپورکي ڇڏيان اوري
مٽيارين جي ڪعبي کان، گهليون مانجهند ڇڏيان گهوري
ڪوٽ ڪوٽڙي، کها، کوکر، سونڊا، سيريون ڇڏيان سري
ننگر بندر ۽ باگاڻا، ڪراچي کان وڃان ڪوري
مسقط مطر ۽ مربالون، ڪو مڪلان مٽيان موري
مديني جي خاڪ سڀ سرمون، وجهان اکين ڀتر ڀوري
’عبدالرؤف‘ چئي سرڪيان صدقو رکان ڪرسي اڳيان ڪوري
مخدوم عبدالرؤف ڀٽي سنڌ جي عظيم شاعر شاهه
عبداللطيف ڀٽائي جو همعصر هو، ڀٽي صاحب هالا پراڻا
۾ سن 1682ع ۾ جنم ورتو ۽ سنه 1752 ۾ حج لاءِ
عربستان ويو، جتي حج بعد لاڏاڻو ڪيائين. آئون
پنهنجي شهر جي حوالي سان مخدوم عبدالرؤف ڀٽي کي ئي
پهريون ماڻهو تسليم ڪيان ٿو جنهن شاعراڻي فضا ۾
آقاءِ دوجهان جي ولادت باسعادت کي باوقار نموني
پيش ڪيو:
حسن هدايت حاضر ٿيڙو، جڏهن ڄام نبي هو ڄايو،
عطر عنبير سان عالم واسيو، جڏهن سرور ڄام سامايو،
’عاصي عبدالرؤف‘اوهان ڏي آيو، تنهن جو عرض اگهايو.
تاريخ جي ورقن تان دز هٽائيندي اسان اڳيان وڌون
نٿا ته حيرت جي انتها نه ٿي رهي. هي ڇا! هي به
هالا پراڻا جي مٽيءَ کي اعزاز حاصل آهي. سنڌي جو
پهريون صاحب ديوان شاعر خليفو گل هالاڻي به ان ئي
مٽي جي خمير مان رچي بسي پير ڳوٺ جي مٽيءَ مان فيض
حاصل ڪري ڪافي جي يگاني شاعر پير علي گوهر شاهه
’اصغر‘ سائين جي صحبت ۾ رهندي سنڌي زبان کي الف- ب
جي 52 اکرن جي پٽي جي ترتيب تي غزل جو ديوان ڏنو.
هن جو هي ديوان بمبئي جي محمد حسين پٽ محمد سليم
جي پريس مان 1275هه/ 1858ع ۾ ان وقت شايع ٿيو جڏهن
هو پاڻ حج جي ارادي سان عربستان وڃي رهيو هو ۽
هيءُ ديوان خليفي گل خود ئي ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن
ويران جا ڪجهه ڇاپا ان کان پوءِ به نڪتا آهن، پر
افسوس جهڙي ڳالهه ته اها آهي ته هن وقت تائين
خليفي گل هالائي جي زندگيءَ بابت، نه ان جي ديوان
کان سواءِ ٻئي شاعري بابت ۽ نه ئي ديوان بابت ڪنهن
قسم جو تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم ڪيو ويو آهي، سو راقم
ان بار کي پاڻ مٿان ڪجهه وڌيڪ محسوس ڪيو آهي ۽
پنهنجي علم عقل آهر اُن ڪرت ۾ مشغول رهندو اچي. سو
ان ئي ديوان گل ۾ خليفي گل جا شاهڪار غزل به موجود
آهن، هن ائين به غزل جي لوازمات کي پورو ته ڪيو ئي
آهي سو هن نعتيه غزل ۾ پڻ محبوب خدا جي سونهن،
سوڀيا کي خوبصورت تشبيهن سان نروار ڪيو اٿس:
الف الله قد قامت منهنجي دلدار جي صورت
حقيقت ذات وجهه الله سهڻي يار جي صورت
آهي منهن ”والضحيٰ والشمس“ سج چنڊ کان گهڻو روشن
”سورة والليل“ ۾ ڀنڀرن وارن جي ڪار جي صورت
اکيون چشمو حياتي جو، مٿن جي ڪاڻ ”ڪالکوثر“
پيالي پُرطهورا جي نشي سرشار جي صورت
بدن باغ بهشتي صوف ڏاڙهون گل منجهس قسمين
آهي ”جنات“، عدن تحتها الانهار“ جي صورت
نه ڪيو ”گل“ ڪوڙ دل جيڪي ڏٺو منجهه ديد دلبر جي
”وماڪذب الفؤادو مارني“ مختيار جي صورت
خيلفي قاسم خليفي گل کان پوءِ ان جي کيڙيل سنڌي
غزل جي زمين ۾ هر هلايو ۽ ”ديوان قاسم“ جي عنوان
سان پنهنجا غزل وديا ونود پريس ڪراچي مان شايع
ڪرائي پڌرو ڪيو. ديوان قاسم مان اچو ته هڪ نعتيه
غزل پڙهندا هلون:
مير مرسلؐ مڪي سندو مهتاب
جنهن جهجهو وٽ الله عزت آب
ڏڏ هارين سندو اڙين آڌر،
جڳ اندر جوت عالمن ارباب
اڄ ادا ڪر الله جا احڪام
ته سڀَا تو اُتي اچي نه عتاب
زهد جي زور سان ڪجي ”قاسم“
نقش ناڪام خود پسند خراب
خليفي گل ۽ خليفي قاسم جي پاڙي ۾ هڪ نرالو ۽
خوبصورت شاعر به پيدا ٿيو، جنهن کي به اسان ٻين
ڪيترن ئي شاعرن جيان وساري ڇڏيو آهي، هو سريلو
شاعر آهي صوفي آسورام؛ جيڪو وري پهرئين سوشلسٽ
صوفي شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جو معتقد رهيو.
تعليم جي پيشي سان لاڳاپيل سنڌ ۾ انگريز دور جو هي
شاعر هالا جو ٽيون صاحب ديوان شاعر آهي. هي هندو
مذهب سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود خدا جي هيڪڙائي ۽
انسانيت جو وڏو قائل هو، هن پنهنجي شاعري ۾ مختلف
جاين تي اهڙا مضمون آندا آهن، خاص طور حضوراقدس،
جي حضور ۾ هڪ خوبصورت مناجات چئي آهي جنهن ۾
عاجزي، هيڻائي ۽ خلوص مان پنهنجي مدعا بيان ڪندي
چئي ٿو:
تون آهين نور نورائي، مٺو محبوب سبحاني
نه ڪو ٻيو تنهنجو ٿيو ثاني ڪرم ڪر يارسول الله ﷺ.
امت ساري سندو شافع ڏکن مرضن سندو رافع
سڄو جڳ ٿيو توکان نافع رحم ڪر يارسول اللهﷺ.
سوا لک تي مٿي مَرڪين، تارن ۾ چنڊ جئن چمڪين
سدا ٻهڳڻ پيو ٻهڪين، مهر ڪر يا رسول الله ﷺ.
مدائين ۾ ”آسو“ ورتو وهائي آب ٿو اَرتو
اوهان کي هت هُتي پرتو ڀرم ڪر يا رسول الله ﷺ.
صوفي آسورام جا ٽي شعري مجموعا ”پريم غنچا،“
”ديوان آسو“ ۽ ”رساله آسو“ ته شايع ٿيل آهن، پر ان
کان وڌيڪ سندس شاعري هند سنڌ ۾ اڻ ڇپيل آهي، جنهن
طرف به توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.
هالا جي مٽيءَ مان 19 فيبروري 1884ع تي هڪ نرالي
شاعر جنم ورتو، جيڪو اڄ تائين پنهنجي علمي، سماجي،
مذهبي ۽ شاعراڻي ڪرادر سبب سنڌي ادب ۾ گهربل مقام
ماڻي نه سگهيو آهي. بلڪ کيس اڄ ته هالا جو ادبي
ماحول به گهڻو تڻو وساري ويٺو آهي، هيءُ سٽون
لکندي سندس ٻه شعري تصنيفون منهنجي سامهون آهن
جيڪي اڃان تائين اڻ ڇپيل آهن، ان شاعر کي اسان
الحاج پيرو محمد ’سائل‘ انصاري جي نالي سان ياد
ڪيون ٿا. هيءُ اهو مرد مجاهد شخص هو، جنهن وٽ سنه
1920ع ۾ خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ برصغير جا اهم
سياستدان شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين جي. ايم. سيد
هڪ رات ڳجهي گڏجاڻي ڪرڻ آيا هئا. هن شاعر پنهنجي
شاعريءَ ۾ اسلامي جذبي جو ڀرپور ۽ خوبصورت اظهار
ڪيو آهي. سندس شعري سفر ۾ حج بيت الله جو منظوم
سفرنامو پڻ آهي، جيڪو مثنوي جي فارم ۾ سنه 1939 ۾
رقم ڪيو ويو هو. منهنجي مختصر علمي ڄاڻ موجب هيءَ
سنڌي جو پهريون منظوم سفرنامو آهي. ٻولي ۽ ادب
لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ادارن کي هيءُ اهم ۽
تاريخي دستاويز شايع ڪرائڻ گهرجي.
پنجهتر ورهين جي الحاج پيرو محمد ”سائل“ انصاري
جي“ ڪليات سائل هالائي عرف گلستان المعرفت“ ۾
مذهبي جذبي سان سرشار شاعريءَ جا ڪيترائي خوبصورت
۽ رنگين گل موجود آهن، سندس هي حمد اڄ به عام وخاص
جي زبان تي آهي، پر حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته
ڪيترن ئي ماڻهن کي ان شاهڪار حمد لکڻ واري شاعر جي
نالي جي ڄاڻ ناهي:
حسبي ربي جل الله، شافي ڪافي حق الله
مافي قلبي غير الله، مير محمد صل الله
لاالٰہ الاالله لاالٰہ الا الله
قائم، دائم، رَب شڪور، جابر، جامع، نافع، نور
هادي، مَهدي، حق، صبور، اڪبر، اعليٰ عاليجاه
لاالٰہ الاالله الا الٰہ الاالله
واجد، ماجد، حاڪم، حُي، سامع، قامع، جَل غني
وارث، والا شان ولي، شاهد غائب بي پرواه
لاالٰہ الا الله لا الٰہ الاالله
اڃان به اڳتي سندس ’ڪليات سائل‘ مان هي بهترين نعت
جون سٽون پڙهو:
اسان جو رهبر اسان جو هادي، روف آهي رحيم آهي
خدا جو پيارو سخي آهي، جواد آهي ڪريم آهي
اهو مزمل اهو مدثر اُهوئي طاهر، اهوئي مطهر
طلب علم جي ڪندڙ زياده، جهان ۾ سڀ کان عليم آهي
اهو ئي احمد اُهو محمد، اُهوئي محمود سوئي حامد
شفيق آهي رفيق آهي، شڪور آهي حليم آهي
اُهوئي شافع، اهو ئي نافع، اهو ئي دافع، اهو ئي
رافع
عطا خدا ڪيس علم حڪمت، عليم آهي حڪيم آهي.
هالا جي ادبي اتهاس ۾ ابڙا خاندان خاص طور جان
فيملي کي وڏي اهميت حاصل آهي، ان جي تسلسل ۾ منصور
ويراڳي کان ويندي ارشد هالائي، منور هالائي، رشيد
هالائي ۽ اڄ جي نوجوان قلمڪار ۽ ڪمپيئر سهيل ابڙي
تائين ڪيترائي نالا علمي ادبي ۽ شعري روايتن جي
ڪري معتبر ۽ مصروف آهن. هن خاندان جو اڳواڻ مصروف
شاعر منصور ويراڳي جو والد ’جان محمد اضعف هالائي‘
هو جنهن جي ئي نالي پٺيان هن خاندان کي ”جان
ساگهر“ پڻ سڏيو ويندو آهي. اهوئي اضعف هالائي
مولود ۽ نعت جو مصروف شاعر ٿي گذريو آهي، هن جو
پهريون شعري مجموعو ’احوال محمدي‘ جي نالي سان
شايع ٿيو، جنهن ۾ سندس نعتيه شاعري گڏ ٿيل آهي. هي
هالا جو پهريون شاعر چئبو جنهن جي نعتن ۽ مولودن
جو مجموعو’انجمن مولود النبي هالا‘ تنظيم پاران
شايع ٿيو ۽ ڪيتري نه حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته مڪمل
نعتيه ديوان به سندس ڀائٽي شوڪت ابڙي جو ’بهشتي،
درشن‘، جي عنوان سان تازو ڪجهه ڏينهن اڳ هالا مان
شايع ٿيو آهي. اضعف هالائي جي نعت جون ڪجهه سٽون
هن ريت آهن:
حبيبِ خدا آ امامِ نبوت
رسولن جو سردار امت لئه رحمت
اطاعت سندس آ اطاعت خدا جي
اهو آ حقيقت ۾ روحِ عبادت
محمدؐ جو نالو پيارو پيارو
رسي روح کي جنهن سان راحت ئي راحت
خدا مير مُرسلؐ کي معراج بخشيو
اڳي ڪين ڪنهن تي ٿي اهڙي عنايت
محمدؐ جي تعريف ”اضعف“ ڪندين ڇا؟
خدا خود سندس ڪئي آ وصفِ رسالت
اضعف هالائي جو فرزند ۽ بهترين شاعر ارشد هالائي
جي هن نعت جون سٽون اڄ به هالا جي هر مذهبي ايوان
مان گونجنديون رهنديون آهن:
بلبل سندي زبان تي، مٺڙو آ نام تنهنجو
ڪُوڪُو ڪندي ڪري ٿي ڪوئل ڪلام تنهنجو
چيها چتون چون ٿا، صاحب سلام تنهنجو
هڪوار ڪين ليڪن دائم مدام تنهنجو
”ياسين، والضحيٰ“ ۽ تعريف تنهنجي ”طٰہ“
”ڪوثر“ سندو تون والي ”ڪوثر“ جو جام تنهنجو
وقت نزع هجي شل ”صلي عليٰ“ زبان تي
اِن پر لڏي هتان هي ”ارشد“ غلام تنهنجو.
هالا جي هن ادبي اتهاس مان ڪيترن شخصيتن جو ذڪر هت
ڪجي؟ انهن جي نعتيه سٽن کي پيش ڪجي؟ منهنجي ته هن
شهر جي هر گهٽي ۾ ادب جي تاريخ جو ڪونه ڪو ورق دفن
ٿيل آهي ۽ بحيثيت مسلمان؛ محبوب خدا سان پنهنجي
عقيدت ۽ محبت جو اظهار هر شاعر ڪيو آهي، پر هنن
صفحن ۾ فقط چند اهڙن فردن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي،
جيڪي وڏي علمي اتهاس جا مالڪ آهن، پر کين اڄ
وساريو ويو آهي. اهڙوئي هڪڙو غير معروف شاعر جو
تذڪرو نه ڪرڻ به پڙهندڙ سان زيادتي ٿي سگهي ٿي.
هالا جي ڀرسان پير بلاولي جي مقام ۾ ابدي ننڊ سُتل
راضي فقير به پنهنجي نرالي شعري ڍنگ سبب اهميت رکي
ٿو. راضي فقير ذات جو لاشاري هو سندس جنم به
اتفاقاً 12 ربيع الاول 1317هه/ 1899ع ۾ ٿيو ۽
اپريل 1964 ۾ هيءَ جهان ڇڏيائين. پاڻ شاهه
عبدالطيف سان والهانه عقيدت ۽ محبت رکندڙ هو ۽ ان
ئي اثر هيٺ راني فقير شاهه جي رسالي جي تتبع تي 13
سو کن بيتن ۽ واين جو رسالو جوڙيو، جيڪو اڃان
تائين اڻ ڇپيل آهي. هن رسالي ۾ ڪيترن ئي جاين تي
نعتيه بيت آيل آهن، جن مان نموني طور هت ڪجهه پيش
ڪجن ٿا.
جوڙي جوڙ جهان جي پاڻ ڪيائين پسند
خاوند خاص خلقيو موچارو محمدؐ
”انا مولاڪ وانت محبوبي“ صحي چيو صمد
راهه وٺائي رند جوڙيائين جوڙ جهان جي
”وحده لاشريڪ لہ“ جن اُتو ڏينهن ازل
تن مڃيو محمدؐ ڪارڻي مٺو مير مرسل
ان تان خوف خلل مولا مڙيئي معاف ڪيا
محبوب محمدؐ ڪرين ٻيو مڙئي مجاز
نوراني نماز، پسڻ آهي پرين جو
هن وقت تائين هالا جي شاعرن جو تذڪرو ڪندا آيا
آهيون، پر اسان کي هالا ۾ مذهبي شاعريءَ جي حوالي
سان هڪ مڪمل ادبي تنظيم پڻ ملي ٿي. جيڪا هالا جي
ادبي اتهاس ۾ پهرئين ادبي تنظيم جو درجو رکندڙ
’انجمن مولود النبيؐ سنه 1916ع ۾ جڙي. هن تنظيم جا
اڳواڻ هئا الحاج پيرو محمد، ’سائل‘، جان محمد
’اضعف هالائي‘، حاجي علي محمد متقي ۽ انجم هالائي،
هن تنظيم جي پليٽ فارم تان هالا ۾ خاص طرح مولودن
۽ نعتن جون محفلون منعقد ڪيون وينديون هيون. هالا
۾ هيءَ پنهنجي نوعيت جي پهرين ادبي تنظيم آهي جنهن
خاص هڪ مقصد لاءِ ڪردار ادا ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي
هالا ۾ اها روايت بڻجي وئي ته ربيع الاول جي مهيني
سان گڏوگڏ شادين ۽ ٻين خوشين جي موقعي تي خاص طور
مولود ۽ نعت جون محفلون منعقد ڪيون وينديون هيون ۽
اهو اثر گهڻو عرصو هالا ۾ موجود رهيو.
تاريخ ۾ جهاتي پائڻ سان اسان کي سنڌ جي هڪ قديم
علمي مرڪز هالا جو هڪ منفرد عڪس نظر آيو آهي، جنهن
۾ ان فطري جذبي جو هجڻ به عام آهي جنهن تحت اسان
آقاء دوجهان حضرت محمد ﷺ جن سان عقيدت ۽ محبت رکون
ٿا ۽ ان عقيدت ۽ محبت ۾ اسان ڪڏهن ڪائنات جي ان
عظيم هستي جي ثنا ۽ صفت بيان ڪري نه سگهنداسين
بقول هالا جي آڳاٽي شاعر مير محمد ”مادح“ جي:
بدليو زمانو جهل جو، جنهن نگاهه سان
ان جي نگاههِ نور ۾، نورهديٰ جو شان
مدح محمديؐ
جي نه ”مادح“ کي ڪا مجال
ڪيئن ٿئي ادا زبان سان رسولِ خدا جو شان.
پير حسام الدين راشدي
آزاد قاضي
ڊاڪٽر عترت حسين زبيري
اها سال 1958 جي ڳالهه آهي، مارچ جي ٻي تاريخ هئي،
اسان کي ڀنڀور وڃڻو هو. ڀنڀور مان شايد هاڻ هرڪو
واقف آهي، پر اُن دور ۾ سواءِ مخصوص ماڻهن جي،
ڪنهن جو به نه ان پاسي ڌيان هو، نه ڪنهن کي خبر
هئي. ان ڏينهن ڀنڀور جي کوٽائيءَ جوا فتتاح ٿيڻ
وارو هو.
ڪراچيءَ مان تقريباً 8 بجي اسان جو قافلو نڪتو.
جناب ”ممتاز حسن“ صاحب فنانس سيڪريٽري، ”مسٽر
ڪوريل“ ڊائريڪٽر آثار قديم کاتو، هي نيازمند ۽ هڪ
جرمن خاتون ڊاڪٽر ”انميري شيمل“ جيڪا هاڻ ته شاهه
لطيف ۽ علامه اقبال تي گهڻو ڪجهه لکڻ ڪري سڄي
پاڪستان ۾ معروف ۽ معزز آهي، پر ان دور ۾ پهريون
ڀيرو ڪراچيءَ آئي هئي. اسان جي قافلي ۾ هڪڙو ٻيو
معزز شخص به شامل هو. ڊگهو قد، اڇو رنگ، شڪل
شريفانه ۽ خوبصورت، ڏاڙهي ڪوڙيل، ننڍيون مُڇون،
اکين ۾ چمڪ، آواز سنجيده، نرم ۽ باوقار. پنهنجي
رنگ ڍنگ ۾ دوستاڻو انداز، ڪشاده دل ۽ مستاني ادائن
جو مالڪ، مٿي تي ڍلو ڇٽيءَ نموني فليٽ هِيٽ، وڏن
پاچن واري کليل پينٽ، ڍِلو ڪوٽ، لباس جي ٺاهه ٺوهه
۽ ڇنڊ ڦوڪ کان بنهه بي نياز. اهو هيو مرڪزي حڪومت
جو تعليمي مشير ڊاڪٽر عترت حسين زبيري.
غالباً مون سان اُن جي ملاقات جو اهو پهريون ڏينهن
هو. ڀنڀور تائين پهچندي پهچندي اسين هڪٻئي کان
واقف ٿي وياسين باقي جا گهٽتائي هئي ان جو پورائو،
هڪٻئي سان تعارف ڪرائڻ وقت ممتاز حسن پنهنجي دلڪش
اندازِ بيان سان ڪري ورتو. ڀنڀور جي ٽڪريءَ تي
جڏهن اسان قدم رکيو ته اسين ٻئي دوست هياسين. هڪ
ٻئي جي ويجهو اچي چڪا هياسين. هڪ ٻئي لاءِ دلين ۾
گرم جوشي هئي ۽ پاڻ ۾ رابطا وڌائڻ لاءِ دلين ۾ هڪ
قسم جي ڪشش محسوس ڪري رهيا هئاسين.
کوٽائيءَ جو افتتاح ممتاز حسن صاحب پاڻ زمين ۾
پهريون لپو هڻي ڪيو. اِن کان اڳ جو اُن قديم
تاريخي ڀڙي کي کوٽيو وڃي. اسان خدا تعاليٰ جي
بارگاهه ۾ گهڻي خلوص مان دعا گهُري اها دعا عترت
حسين زبيري گهُري هئي.
هڪ ڏينهن صبح جو ٽيلي فون جي گهنٽي وڳي.
”خليفة الواثق بالله جو ڪهڙو دور آهي؟“
”227هه کان 232 تائين!“
”اڇا، ته پوءِ توهان هڪدم هليا اچو.“
اها ممتاز حسن جي فون هئي. سندس آواز ۾ گهٻراهٽ
هئي، جنهن منجهان مون ائين سمجهيو، ته ڪوئي تمام
اهم مسئلو آهي.
جڏهن به ڪائي خاص ڳالهه هوندي، ڪائي دلچسپ شئي
کولڻي هوندي، ڪو مخطوطو لڀندو، ميوزم لاءِ ڪائي
شئي خريد ڪرڻ لاءِ ايندي هئي، تاريخي دستاويز
ملندا هئا، ڪنهن به وڏي علمي ڪم لاءِ پروگرام
جوڙڻ، يا ڪنهن علمي انجمن ٺاهڻ جو ارادو هوندو، ته
ممتاز حسن صاحب جو فون تي اهڙي طرح آواز تيز،
گهٻرايل ۽ تجسس وارو ٿي ويندو هو، ڄڻ شهر ۾ باهه
لڳي ويئي هجي ۽ هو فائر برگيڊ کي اطلاع ڏيئي رهيو
هجي يا ڪنهن اچانڪ موت جو اطلاع فوتيءَ جي عزيزن
تائين پهچائي رهيو هجي، هونئن وڏي صبر و تحمل وارو
هو، ڏاڍو تجربيڪار ۽ اونهو، سندس پياري ڌيءُ فوت
ٿي وئي ته به پنهنجي لهجي ۾ ڪڏهن به گهٻراهٽ واري
ڪيفيت پيدا ٿيڻ نه ڏنائين. ننڍا وڏا ٻيا به اهڙا
مسئلا زندگيءَ ۾ آيس جيڪي ڪافي گهٻراهٽ پيدا ڪري
پئي سگهيا، پر هي شخص ڪڏهن به بيقرار نه ٿيو. اها
بيقراري، پريشاني ۽ اها هيجاني ڪيفيت رڳو ان مهل
ظاهر ٿي پوندي هئي جڏهن ڪو علمي مسئلو يا معاملو
سامهون ايندو هو. اها ڪيفيت ان وقت کان اڃا به وڌي
ويئي هئي جڏهن کان عترت حسين زبيريءَ ايجوڪيشن جي
چارج ورتي هئي، ٻئي هڪجهڙا مذاقي هئا، ٻئي علم
دوست هئا ۽ ٻئي هم مذهب هئا، انڪري سنگتي ٿي ويا
هئا، ۽ ٻئي پاڪستان لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرن پيا ان ڪري
زبان ۽ عمل ۾ اهڙي بي چيني لازمي هئي.
مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ فنانس سيڪريٽري جي دروازي تي
پٽيوالو منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. جيئن ئي مان
اندر داخل ٿيس مون ڏٺو ته، هي ٻئي صاحب هڪ ٻئي جي
آمهون سامهون ويٺا هئا. مون کي ڏسندي ايئن فاتحانه
انداز ۾ مُشڪيا، جيئن انهن ڪو وڏو راز معلوم ڪري
ورتو هجي يا انهن کي ڪنهن وڏي ڳُجهي خزاني جو راز
ملي ويو هجي يا ڪنهن اهڙي مسئلي کي انهن سُلجهائي
ڇڏيو هجي جنهن کي سُلجهائڻ لاءِ، سڄي امت چوڏهن
سَوَ سالن کان مٿا ڪٽ ڪري رهي هئي.
مان جڏهن ڪرسيءَ تي ويٺس ان وقت زبيري صاحب پنهنجي
کيسي مان، وڏي احتياط سان هڪڙو لفافو ڪڍيو، زبيري
صاحب جڏهن مسڪرائيندو هو تڏهن سندس دلي خوشيءَ جا
آثار ُمنهن سان ظاهر ٿي پوندا هئا. سندس پيشاني جا
ڪشادي هئي تنهن تي گهنج پئجي ويندا هئا جيڪي ڏاڍا
سهڻا ۽ دلڪش محسوس ٿيندا هئا. ڏند ڏاڍا سهڻا هئس،
جيئن موتي پويل هجن. مسڪرائڻ مهل ڏندن جو توازن ۽
جڙاوت ڏسڻ واري کي ڏاڍو متاثر ڪندي هئي.
لفافو ڏيندي جيڪا مشڪ سندس چهري تي ظاهر ٿي، سا
مون کي پسند آئي ۽ اڃا به جڏهن مان ان جو تصور
ڪندو آهيان ته دل جي عجيب حالت ٿي ويندي آهي.
لفافي مان هڪڙو سونو سڪو نڪتو.
”چئو منهنجا سائين!“ ممتازحسن ۽ زبيري صاحب جي
زبان مان هڪ ئي وقت نڪتو.
”هي ڇا آهي؟“
”واثق بالله جو سڪو آهي!“
”ڪٿان مليو؟“
”ڀنڀور مان!“
اڳتي هلي معلوم ٿيو ته، اهو سونو دينار دنيا ۾
واحد اڪيلو سِڪو آهي. زبيري صاحب ۽ ممتاز حسن لاءِ
ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي دولت ٿي پئي سگهي؟ ٻئي خوش
هئا.
ان کانپوءِ ٻئي ثقافتي، علمي ۽ڪلچرل تحريڪن ۾ اڃا
وڌيڪ سرگرم ٿي ويا.
هيءَ به 1958ع جي ئي ڳالهه آهي، صبح جا ڏهه ٿيا
هئا، اُهائي فنانس سيڪريٽري واري آفيس، اهو ئي
ممتاز حسن ۽ اهوئي عترت حسين زبيري. اڄوڪي سلسلي
جي هڪ ٻي وِهڪَ اڳ به ٿي چڪي هئي. اسان سرڪار جي
حڪم سان اردو ڊولپمينٽ بورڊ ڪراچيءَ جو بنياد وڌو.
ممتاز حسن جي ڪوشش هئي ۽ زبيري صاحب جي تائيد،
هڪڙو اسڪيم ٺاهڻ وارو ۽ ٻيو بي ڌڙڪ پئسا ڏيڻ وارو،
پوءِ ڇو نه اسڪيمون ٺهنديون ۽ ڪيئن نه ڪم ٿيندا.
اڄ اردو ڊولپمينٽ بورڊ جي بنيادي ڪميٽيءَ جو ٻيو
اجلاس هو، ياد نه ٿو اچي ته ان وقت مون کان سواءِ
ڪهڙا ڪهڙا ميمبر موجود هئا.
ان گڏجاڻي ۾ زبيري صاحب لغت جا اصول ۽ لغت نويسيءَ
جي فن ۽ گهُرجن بابت هڪ اعليٰ نوعيت جو علمي مقالو
پڙهي اجلاس جو افتتاح ڪيو. مون کي خبر ڪونهي ته
مقالي جو ڇا ٿيو، سندس ڪاغذن ۾ اهو آهي به، يا
ڪونهي. جيڪڏهن اهو شايع ٿي پوي ته ڇا چئجي. اها
وڏي ڪم جي شئي آهي.
ان ئي گڏجاڻيءَ ۾ طئه ٿيو ته، ادارو اردو جي وسيع
تاريخي لغت مرتب ڪري، مولوي عبدالحق، باباءِ اردو
مرحوم و مغفور، لغت واري ڪم جو سربراهه مقرر ڪيو
ويو.
حضرت جوش مليح آباديءَ کي علمي مشير واري حيثيت
سان مقرر ٿيو. هڪڙي ذيلي ڪميٽي جوڙي ويئي، جنهن
جون ميٽنگون سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾، ۽ منهنجي
گهر تي ٿيون. جن ۾ اصول، ضابطا ۽ دفتري قانون واضح
ڪيا ويا. ڊاڪٽر سيد عبدالله، ڊاڪٽر ابو اللثيت
صديقي ۽ ڊاڪٽر شوڪت سبزواري به ان ڪميٽي جا ميمبر
هئا.
ڊاڪٽر عترت حسين زبيري غالباً مشرقي پاڪستان جي
ڪنهن يونيورسٽيءَ مان مرڪزي حڪومت جو تعليمي مشير
مقرر ٿي، وڏي جذبي سان، ڪجهه ڪرڻ واري ارادي سان
پهتو هو. ممتاز حسن جهڙي سمجهدار، عاقل ۽ علم پرور
مشير سان علمي سهڪار، سندس جذبي ۽ گهڻو ڪجهه ڪرڻ
واري ارادي کي وڌيڪ تقويت بخشي ۽ طاقت ڏني.
ٻنهي جو خيال هيو ته ڪنهن ملڪ، قوم ۽ حڪومت جي عزت
آبرو مندي جو انحسار چند جديد قسم جي عمارتن ۽
قيمتي ڪپڙن پهريل ڪارندن تي ناهي هوندو، پر ڪائي
به قوم اُن وقت سرخرو ٿئي ٿي ۽ ڪو ملڪ دنيا ۾ تڏهن
عزت حاصل ڪري ٿو، جڏهن ان وٽ تاريخ جو سرمايو وسيع
پئماني تي محفوظ هجي. قديم آثارن جو سلسلو منظم ۽
ترتيب سان هجي. ڪتب خانا، ميوزم ۽ علمي انجمنون
ججهيون هجن، پنهنجي تاريخي ورثي ۽ ثقافتي روايتن
جي عظمت جا بنياد، نه فقط مستحڪم هجن، پر انهن تي
شعوري فخر پڻ هجي. سندن خيال بلڪل صحيح هو. دنيا
جو ٻيون معزز قومون پنهنجي قديم روايتن جي ئي
بنياد تي، دنيا ۾ عزت ۽ آبرو سان ڏٺيون وينديون
آهن. ملڪيت جي گهڻائي، وڏيون وڏيون ڪوٺيون، صوفا ۽
ريفريجريٽر، ڪنهن قوم کي دولتمند ته ڪري سگهن ٿا،
پر عظمت ۽ وقار نه ٿا بخشي سگهن. ان وقار ۽ عظمت
جون ديوارون فقط ثقافتي ورثي جي بنيادن تي ئي
کڄنديون آهن.
عترت حسين زبيريءَ اچڻ سان، ممتاز حسن صاحب سان
ملي ذڪر ڪيل بنيادي اصولن تحت هن نئين ملڪ کي
پنهنجي ورثي کان واقف ڪرڻ لاءِ تڪڙا تڪڙا قدم کڻڻ
شروع ڪيا هئا. سندن رستي ۾ ڪائي رڪاوٽ ڪانه هئي.
ٻنهي جون شخصيتون نڪتچيني کان مٿي هيون. ٻنهي جو
ڪردار آڱر کڻڻ کان مٿانهون هيو. انڪري ٻنهي گڏجي
ڪافي ڪم ڪيا ۽ ڪيئي علمي ادارا ٺاهيا. اڄ جيڪا
ٿوري ٿڪي ثقافتي عزت حاصل آهي اها انهن ڪارنامن جي
طفيل آهي.
غالباً 1958ع جي نومبر جو مهينو هو، مان سيپٽمبر
کان پنهنجي گهر ۾ بيمار پيو هوس. شام جو اٺين
نائين جي وچ ڌاري هي ٻئي دوست مون وٽ آيا. ممتاز
حسن جي اها عادت هئي ته جڏهن به کيس ڪو صدمو
پهچندو هو تڏهن بظاهر صبر کان ته ڪم وٺندو هو، پر
اندر ۾ باهه ٻرندي رهندي هيس. اهڙي حالت ۾ کيس
جڏهن ڪو دل گهريو دوست ملي ويندو هو ته اڪثر ڪري
شعر پڙهڻ لڳندو هو ۽ ضابطي جي باوجود اکيون به
ڀرجي اينديون هيس ڪڏهن ڪڏهن ٿڌا ساهه کڻڻ لڳندو هو
۽ مُنهن ڦيري اکيون به اُگهندو رهندو هو.
عترت حسين زبيري انگريزيءَ جو جيد عالم هو. اهڙو
عالم ۽ اهڙو استاد جنهن خود اهلِ زبان وارن وٽ به
وڏي تمتراڪ سان پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي هئي. پر هو
اُن جي باوجود جيئن ته مالدار نه هو، انڪري ساڳيو
مشرقي مسلمان، ساڳيو عبادت گذار ۽ ساڳي عالمانه
ڪسرنفسي ۽ سادگي. ڍلي انگريزي پوشاڪ ۽ مشرقي جسم ۾
مسلمان جو روح هوس. کيس انگريزي شعر ۽ چوڻين سان
گڏوگڏ فارسي ۽ اردو جا شعر پڻ ياد هوندا هئا ۽ مهل
موقعي سان شعر بيان ڪرڻ چڱي طرح ڄاڻندو هو.
مون کي دل جي بيماري هئي. هي ٻئي دوست احتياط ڪندا
هئا ته منهنجي اڳيان ڪنهن تڪليف واري واقعي جو
اظهار نه ٿئي. ممتاز حسن جي پٽ جي وفات ٿي چڪي
هئي، دل ڪپجيس پئي، گهر ماتم جو ميدان ٿيو پيو
هوس، پر جڏهن مزاج پرسيءَ لاءِ مون وٽ ايندو هو ته
ڪوشش اها ڪندو هو ته، هن جي اندر جي ڪيفيت مون
اڳيان ظاهر نه ٿئي. پر ڪيستائين؟ هو مومن آهي
انڪري هزار ڀيرا ضبط ۽ تحمل جي باوجود. هن جي دل
جي ڪيفيت، سندس چهري مان ظاهر ٿي پوندي آهي. هو
هزار ڀيرا لڪائي پر چهرو ڪڏهن به رازدان ٿي نه ٿو
سگهي.
اُن شام جو، هو ڪجهه وڌيڪ پريشان هو. مون ڏٺو ته
عترت حسين زبيري صاحب پڻ ملول آهي. مان تاڙي ويس،
پر همت ڪانه ٿي، جو پڇان. مان پاڻ به ڊنس پئي.
جيڪڏهن ڪائي اهڙي تهڙي ڳالهه ٿي، ته خبر ناهي ڇا
ٿيندو.
ٻنهي شعر پڙهڻ شروع ڪيا. ٻنهي جي مُنهن جو پنو
لهندو پئي ويو، ۽ ممتاز حسن ڪيترا ڀيرا اکيون ڦيري
ڳوڙها پڻ اُگهيا.
ڪنهن اسڪيم بابت مون ڳالهه ڪڍي، تڏهن مون ڏٺو ته
ٻئي دوست معمول موجب گرمجوشيءَ سان ان ڳالهه ڏانهن
متوجهه نه ٿيا، هان هُون ڪري ٽارڻ جي ڪري رهيا
هئا. بهرحال ڪائي ڳالهه اهڙي هئي جو جواب ڏيڻ کان
سواءِ هنن لاءِ ڪو چارو ڪونه هو. ٻئي مجبور هئا.
ان مهل راز ظاهر ٿيو ته جناب عترت حسين زبيري
عنقريب پنهنجي عهدي کان آجو ٿيڻ وارو آهي انڪري
هاڻ هو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي. سمورا ارادا ۽ سڀئي
پروگرام ختم جذبن ۾ ماٺار اچي ويئي هئي.
ممتاز حسن جڏهن ڪنهن روحاني تڪليف ۾ مبتلا هوندو
هو. ته هڪدم ڪنهن دلي دوست جو گهر ”پناهه گاهه“
طور ڳوليندو هو ۽ اتي ڪجهه گهڙيون ويهي، دل
وندرائي، پوءِ هليو ويندو هو. معلوم ٿيو ته ان وقت
به زبيري صاحب جي واندي ٿيڻ واري ڳالهه تي سخت
روحاني ڪوفت ۽ اذيت ۾ گرفتار هو ۽ کيس پناهه جي
ضرورت هئي.
ڳالهه به نازڪ ۽ ڏکاري ٿيڻ جهڙي هئي. اڃا ته
پاڪستان جي علمي ۽ ثقافتي استحڪام ۽ عظمت لاءِ، هي
ٻئي شخص جيڪي ڪجهه ڪرڻ وارا هئا، ان جي اڃا شروعات
ٿي هئي.
زبيري صاحب کي اهو ڏک ڪونه هيو ته، هُو پنهنجي
عهدي کان آجو ٿي رهيو آهي. چوندا آهن ته:
پائے
گدا لنگ نیست،
ملک خدا تنگ نیست
علم جو ۽ عمل جو صاحب هو، کيس خدا اِها دولت بخشي
هئي، جنهن جو نه زوال اچي پئي سگهيو ۽ نه اها ختم
ٿيڻ واري هئي. جتي به وڃي ها اتي عزت ماڻي ها. شير
جنهن به جهنگ ۾ ويندو آهي اتان پنهنجو شڪار ڪري
وٺندو آهي. آخرڪار ٿيو به اِئين. وطن مان نڪتو،
ماڻهن سمجهيو غريب
الوطن ٿي ويو، پر هو غيرن ۾ ويو ۽ پنهنجن کان وڌيڪ
مرتبو ماڻيائين.
عترت حسين زبيريءَ سان منهنجي اها آخري ملاقات
هئي. پوءِ هو يورپ هليو ويو ۽ مان منيلا وڃي پهتس.
هڪ ٻئي جي خبر نه رهي. هڪ ڀيري ممتاز حسن وٽ، ان
جا خط ڏٺم، دوستن جي ياد ۽ وطن جي محبت ۾ ڪئي
دلسوز شعر لکيل هئا. ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ سندس
جسم ته، جتي آهي، اتي وڏي آرام ۾ آهي، پر سندس روح
بي قرار آهي. دوستن لاءِ ۽ وطن جي خاطر.
هڪ ڏينهن شام جو مان پراڻيون تصويرون ڏسي رهيو
هوس. ڀنڀور واري ان سفر ۾ مون جيڪي تصويرون ڪڍيون
هُيون اهي اڳيان اچي ويون. ”ممتاز حسين“، ”ڊاڪٽر
انيمري شيمل“، ”رول ڪوريل“ ۽
”ڊاڪٽر عترت حسين زبيري“، ڇپري نما ٽوپي، ڍلو ڍلو
انگريزي لباس، ويڪري پيشاني، کلمک چهرو، ڪيتري وقت
تائين انهن پراڻن يادين ۾ گم رهيس.
ٻئي ڏينهن معلوم ٿيو ته عترت حسين زبيري غريب
الوطني مان، هن فاني جهان کان ڪالهه موڪلائي ويو.
اِهو اُهو ڏينهن هو جنهن ڏينهن مان سندس تصويرون
ڏسي رهيو هوس.
موت برحق آ، هر ڪنهن کي مرڻو آ، هڪڙو موت انفرادي
هوندو آهي، هڪڙو موت اهڙو هوندو آهي جيڪو خاندان
تي اثر انداز ٿيندو آهي، جنهن جو اثر سڄي قبيلي تي
پوندو آهي، پر هڪڙو موت اهڙو به هوندو آهي، جنهن
جو اثر اجتماعي زندگي ۽ سڄي معاشري تي پوندو آهي.
اهو هڪ عالم جو موت هوندو آهي جنهن سان سڄي قوم کي
نقصان پوندو آهي. عترت حسين زبيريءَ جو موت فرد جو
موت ڪونهي، هي موت اهو ڪونهي جنهن جو اثر رڳو
خاندان تي پوي يا قبيلو متاثر ٿيو هجي، هي اهو موت
آهي جيڪو سڄي ملڪ ۽ سموري قوم لاءِ نقصان جو ڪارڻ
ٿيو.
عترت حسين زبيري هر روز قوم ۾ پيدا ڪونه ٿيندا
آهن. قومن کي اهڙن فردن جي وڃڻ ڪري جيڪو نقصان
پوندو آهي، ان جو احساس تمام دير سان ٿيندو آهي،
پر ان احساس جا اثر عارضي نه، مستقل هوندا آهن،
زخم جڏهن ٿڌو ٿيندو آهي تڏهن اُن جي سور ۾ وڌيڪ
شدت ايندي آهي.
ڊاڪٽر ممتاز بخاري هالائي
مخدوم محمد صالح ڀٽي- هالا پراڻا
جو گوهر
تعارف-:
اسان جي سکي ستابي سنڌ ديس علم ۽ ادب ، تهذيب ۽
تمدن ، پيار ۽ پريت ، محبت ۽ مروت جو بحر بيڪران
آهي.
هن جي سهڻي ۽ سُندر ڌرتي اهڙن هيرن ۽ جواهرن جي هڪ
اڻ کٽ کاڻ آهي، جنهن مان صدين کان سوين املهه ماڻڪ
موتي نروار ٿيندا رهيا آهن. جن جي
چمڪ
سنڌ واسين جي سينن کي جرڪائي ڇڏيو.
اهڙن ئي سالڪن اڳتي وڌي پنهنجي ديس واسين ۽ پنهنجي
ٻولي توڙي علم ادب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ پنهنجو
پاڻ پئي
پتوڙيو. انهن سانگيئڙن پنهنجي سگھ ۽ سياڻپ سان هن
ڌرتي تي انسانيت جي ارتقائي تاريخ جي اوسر ۾ جيڪي
ڪارناما سر انجام ڏنا آهن، انهن جي قدر ۽ قيمت جو ڪوبه ڪاٿو ڪَٿي نه سگھبو. اهڙن عالمن ۽ فاضلن، سياڻن ۽
سمجھدارن مان سنڌي علم ادب جو سچو خدمتگار مخدوم
محمد صالح ڀٽي به پنهنجي مٽ پاڻ هو. هيءُ سنڌ جو سپوت
انيڪ
خوبين جو مالڪ ۽ درد دل رکندڙ انسان هو.
هن پنهنجي ڏاتار جي ڏنل ڏات پٽاندڙ سنڌي ٻولي توڙي سنڌي علم
ادب انسان پنهنجي حياتي جي مقصد کي سمجھڻ کان
پوءِ هڪ پل به غفلت ۾ نه گذاريو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس
نالو تاريخ پنهنجي سيني ۾ سموهي ڇڏيو آهي.
ولادت:
سنڌ سونهاري جي سٺي سالڪ مخدوم محمد صالح ڀٽي
ولد مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي جي ولادت بتاريخ
25 سيپٽمبر 1887ع مطابق 7 محرم الحرام 1305 هه تي
هالا پراڻا ۾ ٿي. سندس والد بزرگوار مخدوم محمد ابراهيم
ڀٽي وقت
جو
هڪ نيڪدل
۽ شريف
نفس انسان ۽ ديني علم جو وڏو ماهر
ليکيو
ويندو هو، جنهن پنهنجي فرزند جي ننڍپڻ کان ئي
اهڙي تربيت ڪئي جنهن اڳتي هلي پنهنجو نالو
نروار ڪيو. سندس ڪيل خدمتون روز روشن جيان آهن.
سندس زندگي جي ڪمن جي ڪارڪردگيءَ جو عڪس سندس ماضي جي آئيني ۾ جهاتي پائڻ سان ظاهر ٿئي ٿو،
ان
کان ڪوبه ذي هوش انسان انڪار ڪري نٿو
سگھي.
حسب نسب-:
مخدوم صاحب جو نسب ستين پيڙهي ۾
بزرگ
مخدوم عبدالله سان لڳي ٿو. اهو صاحب جيسليمر جي
راجپوت راجائن مان هو، ۽ سندس اصل نالو ”ارجن“ هو،
اهو صاحب 625هه
۾ غوث بهاوالحق زڪريا ملتانيءَ
جي هٿ تي مسلمان ٿيو هو. ان خاندان جو تعلق سري
رامچند سان آهي. هن نو مسلم خاندان سنڌ ۾ اسلامي تبليغ ۽ طريقت جي تلقين ۽
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت
لاءِ
ڪافي ڪم ڪيو. سارو خاندان لڳاتار ستين صدين تائين
عالم ۽ عارف ، اهل الله ۽ صاحب باطن ماڻهو پيدا ڪندو رهيو. ٿر جا ٺڪر ۽ پير
پٿورو به هن ئي خاندان جا مريد آهن.
سندن عالمي نسب اڳتي وڌي خدا جي پياري
پيغمبر آدم
ثاني حضرت نوح عليه سان لڳي ٿو.
هن خاندان تي الله تعاليٰ جو فيض عام رهيو.
هڪ روايت مطابق حضرت شيخ الاسلام غوث پاڪ ملتاني
مخدوم عبدالله کي فرمايو ته: ”تنهنجي اولاد مان اٺن پيڙهين کي جيڪو روبرو يا خواب ۾ ڏسندو، تنهن تي دوزخ جي باهه حرام آهي،“ ۽ سندس
اولاد جي حق ۾ ايمان جي سلامتيءَ
لاءِ دُعا پڻ ٿيل آهي. اٺين پيڙهي مخدوم عمر ولد
مخدوم عبدالحميد سان وڃي لڳي ٿي. جنهن 1097هه ۾
وفات ڪئي.
تحقيق خاندان الله ۽ ان جي رسول
ﷺ
جي دين جي بي بها خدمتون سر انجام ڏنيون.
تعليم ۽ تربيت:
مخدوم محمد صالح ڀٽي پرائمري جا چار درجا پنهنجي
ڳوٺ هالا پراڻا ۾ پاس ڪري انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ
لاءِ 1902ع ۾ سنڌ مدرسة
الاسلام ڪراچيءَ
۾ داخل ٿيو. جتان 1908ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان
پاس ڪيائين. 1909ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پڻ پاس ڪيائين.
سال
1910ع ۾ کيس پوني (هندستان) جي زرعي ڪاليج ۾ وڌيڪ
تعليم حاصل ڪرڻ
لاءِ اسڪالرشپ ملي پر ستت ئي سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي پرنسپال ٽي.ايڇ وائنس جي آڇيل نوڪري قبول ڪري درس و تدريس جو سلسلو شروع
ڪيائين. 1918ع ۾ ايس.ٽي.سي جو امتحان پاس ڪيائين. 1920ع ۾ کيس تعليم کاتي ۾ مُلا اسڪول جو
فرسٽ
اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر
جي حيثيت سان حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو ويو. 1922ع ۾
کيس سيڪنڊ اسسٽنٽ جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. ان کان
پوءِ جلد ئي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ هڪ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو. جنهن کان
پوءِ کيس ڪراچي ، ٿرپارڪر ۽ نواب شاهه ۾ پڻ نوڪريءَ جو موقعو مليو.
1927ع ۾ سنڌ سرڪار سندس خدمتون لوڪل بورڊ حيدرآباد
جي حوالي ڪيون، جتي پاڻ سيڪنڊ ايڊيوڪيشنل
سپروائيزر مقرر ٿيو. 1939ع ۾ کيس فرسٽ اسسٽنٽ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مُلا اسڪول ڪري رکيو ويو. وري مارچ 1941ع ۾ مُلا اسڪولن جو ڊپٽي
مقرر ٿيو. 16-
جولاءِ 1941ع تي ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ ٿرپارڪر جو ايڊمنسٽريٽر آفيسر مقرر ٿيو. اٽڪل هڪ سال کان
پوءِ 1942ع ۾ وري مُلا اسڪول حيدرآباد ۾ چارج ورتائين. اتان
اپريل 1943ع ۾ نواب شاهه اسڪول بورڊ جو ايڊمنسٽريٽر آفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو ۽ آخر اهڙي ريت حياتيءَ جو گھڻو عرصو سنڌ جي تعليم کاتي ۾ رهي، سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ تعليمي خدمتون
سرانجام ڏيندي،
7- مئي 1944ع تي رٽائر ٿيو.
علمي ادبي خدمتون:
مخدوم محمد صالح ڀٽيءَ
جي زندگي جي مطالعي مان اها پروڙ پوي ٿي ته پاڻ
شاگرديءَ واري زماني کان ئي علم
و
ادب سان چاهه رکندو هو. ان وقت مدرسه
مئگزين ۾ پڻ مضمون لکندو رهيو پر پاڻ جڏهن سنڌ مدرسي ۾ استاد جي حيثيت ۾ داخل ٿيو ته
”الاسلام“ نالي ماهوار رسالي جو ايڊيٽر ٿي ڪم ڪرڻ
لڳو. انهيءَ دوران کيس ڪيترن ئي سرڪاري توڙي غير
سرڪاري تعليمي ۽ ادبي جماعتن ۽ ڪميٽين ۾ ڪم ڪرڻ جو
موقعو مليو. جن مان ”مسلم ايڊيوڪيشن سيلبس ڪميٽي“،
”سنڌي لٽريچر
سينٽرل ايڊوائزري بورڊ آف ڪنٽرول“،
”ٽيڪسٽ بوڪ رومين ڪميٽي“ ۽
”سنڌي ادبي سوسائٽي“ قابلِ
ذڪر آهن. مخدوم صاحب ڪُهنه مشق اديب هو.
دينيات ۽ اسلامي تاريخ سندس دلچسپ مضمون هئا.
سندس ذاتي
لائبريريءَ ۾ سنڌي علم
و
ادب توڙي ديني ادب جا معياري ۽ تاريخي
ڪتاب موجود آهن.
پاڻ حياتيءَ جي پوئين پسائن تائين به قلم جي ڪرت کي
قائم رکيو.
سندس لکيل ڪتابن مان ڪن جا نالا هن ريت آهن:
1.
سيدة النساء، 2. صديق اڪبر،
3. منهاج المومنين، 4. بيبي رابعه بصري،
5. عروس ڪربلا،
6. سقراط،
7. اخلاقي جواهر،
8. منصور هلاج،
9. فاروق اعظم،
10. واندڪائيءَ جي وندر،
11. فتوحات اسلام،
12. اسان جو پيارو آقا،
13. فتوحات اسلام،
14. المرتضيٰ،
15. حيات سعدي، 16. مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي، 17. سنڌ جي تاريخ ۽ شهريت. ان کان سواءِ سندن قلمي ڪتابن جا نالا هن
ريت آهن:
1.
فقه شريف 2. گلسان فارسي
3. حضرت عالمگير اورنگزيب 4. اسلامي تاريخ (ڇهن
جلدن ۾)
5. نسب اولاد مخدوم حضرت عبدالله ڀٽي
6. ابيات مختلف 7. احسان فقير جو ڪيڏارو
8. انگي حساب 9. ڪلام صالح 10. مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي جو ناول 11. حڪايت
الصالحين
12. نماز 13. مخدوم محمد صالح جا ذاتي خط
14. يوسف زليخا 15. سنڌي شاعري 16. سر ڪيڏارو 17. ڪلام مخدوم محمد ابراهيم
ڀٽي.
مخدوم صاحب جو انتخاب،
مطالعي ۽ ذوق سليم جو اندازو انهيءَ مان لڳائي
سگھجي ٿو ته سندس
لائبريريءَ
۾ اٽڪل چار هزار ڪتاب آهن،
جن مان ٻه هزار کن ڪتاب جنهن ۾ سڀئي
ڇپيل ۽ جلد ٿيل آهن جيڪي مختلف ٻولين ۾
آهن، اهي سڀ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب جن جي ڪوشش ۽ رهنمائيءَ هيٺ سنڌالاجي کي وقف ڪيا ويا آهن. هن وقت ساڳي مهربان جي ڪوششن سان سنڌالاجي ۾ مخدوم محمد صالح ڀٽي ڪارنر پڻ سنواريل آهي.
شاعري:
مخدوم صاحب
1935ع کان وٺي
شعر و شاعريءَ
جي ابتدا ڪئي هئي،
جنهن ۾ سنڌ جي نامور شاعر ۽ اديب محمد صديق
’مسافر‘ کي پنهنجو استاد تسليم ڪيائون. جنهن کان
فنِ لطيف جا راز پروڙيندو رهيو. سندس
شاعري مذهبي ۽ قومي نوعيت جي آهي. پاڻ دل سان
دين جي محبت رکندڙ انسان هو،
اُهوئي ڪارڻ آهي جو سندس ڪلام تي به مذهب جو رنگ
چڙهيل نظر اچي ٿو. سندس ڪلام جو مختصر انداز ڪجھ هن ريت آهي:
محمد شفيع الوريٰ بڻجي آيو،
نبين جو پڻ پيشويٰ بڻجي آيو.
عرب هو جهالت ۾ تاريڪ جڏهن،
نبي پاڪ نور الهديٰ بڻجي آيو.
هڪ ٻئي هنڌ پنهنجي اندر جو اظهار هن ريت ڪيو اٿس:
خدا کان پوءِ مٺو مرسل مِٺي مون لاءِ ثنا تنهنجي،
صفت ۽ نعت تنهنجي، وصف جي حد جي صفا تنهنجي.
سندس ڪلام کي آڏو رکي جيڪڏهن ڇنڊڇاڻ ڪبي ته
سندس
سمورو ڪلام ذري گھٽ
، اصحابن سڳورن ۽ اهلبيتن جي شان ۾
چيل نظر اچي ٿو.
وفات:
مخدوم محمد صالح ڀٽي پنهنجي پوري زندگي،
با ڪمال ۽ بامقصد
نموني
بصر ڪندي آخر 27 ڊسمبر 1953ع مطابق 19 ربيع الثاني
1373 هجري تي 66 ورهين جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان
هميشه لاءِ موڪلائي ويو. بيشڪ قدرت قانون ۽ فطرت
مطابق هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي. جيڪو آيو
تنهن کي وڃڻو آهي.
|