انسان پيدائش کان ئي پنهنجي دل تي گذرندڙ گهڙين ۽
انهن جي ردِعمل طور پيدا ٿيندڙ ڪيفيتن جو اظهار
پئي چاهيو آهي. پوءِ ڪڏهن مک- ورنن رستي ته ڪڏهن
پيشانيءَ تي پوندڙ پيرن ۽ پاڇن جي ڀاونن پرکڻ رستي
پئي پراپت ٿيو آهي ته ڪڏهن اهو اشارن رستي اظهاريو
ويندو هو، ٻولين وجود ورتو ته اهي ماضيءَ جي مڙني
اظهار جي ذريعن کان وڌيڪ اظهار جي نباهه وارو
ذريعو بڻيون. جڏهن کين صورتخطي ملي ته انهيءَ رستي
ان اظهار جو دستاويز به رکڻ ممڪن ٿي پيو ۽ اهو
انهيءَ اظهار جي تاريخ جو هڪ اهم ۽ واحد ماخذ بڻجي
ويو.
اهڙي اظهار ۾ ڪم ايندڙ لفظن جي شدت ۽ موزونيت ئي
ان اظهار جي اهميت، قدر ۽ معيار جو سبب بڻبي هئي.
اِن ڳالهه تي اڃا به اختلاف هلندڙ آهي ته پهريان
نثر لکيو ويويا شعر، پر شعر جيئن ته وڌيل شعور،
فن، سٽاءُ ۽ ڏانءُ گهري ٿو، انڪري ئي ٿي سگهي ٿو
ته شروع ۾ ڪي فطري نثري ٻول ئي هجن. جيڪي لکيت ۾
آيا هجن. جنهن کان پوءِ تهذيبي ۽ تمدني طور ترقي
يافته سماجن ۾ اهڙا فني ماڻ ۽ ماپا ٺاهيا ويا هجن،
جن ۾ ڳالهه ڪرڻ سان شعر جڙي بيهندو هجي.
هن وقت تائين جنهن سنڌي شعر جو قديم ترين نمونو
ملي ٿو، سو آهي ”گِنانُ“ جيڪي آغا خاني اسماعيلي
مرشد جي ثنا ۽ ساراهه ۾ جوڙيندا هئا. جيڪو اڄ جي
ڪافي، وائي ۽ گيت جو بگڙيل نمونو لڳي ٿو، پر ڪن جو
چوڻ اهي ته ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ هڪ نظم نما نثر
لکيو ويندو هو، جيڪوگهڻو ڪري قرآن شريف جي آيتن جو
سنڌي زبان ۾ ترجمو هوندو هو يا ڪِن فقهي مسئلن جي
اُپٽار هوندو هو، جنهن کي ”الف اشباع“ وارو سنڌي
شعر چيو ويندو هو. جنهن ۾ ڪنهن حد تائين ردم به هو
ته جملي جي آخري لفظ سان ”الف“ ڳنڍي اڳئين جملي جي
آخري لفظ سان هم قافيه بڻايو ويندو هو، ان حوالي
سان اگر ان نثر کي نظم ڪري وٺجي ته پوءِ اهو سنڌي
نظم جو اوائلي نمونو چئي سگهبو.
- مير محمد پيرزادو
ڪتاب ’اوجاڳن جو انت‘ تان کنيل اقتباس
امداد حسيني
غزل
فصل گل منجهه ٽڙڻ کان به سِڪي ويو آهيان،
سانوڻي رُت ۾ رُئڻ کان به سِڪي ويو آهيان.
منهنجي لئه ديس ۾ پرديس جيان تون آهين،
آءٌ توڏانهن اچڻ کان به سِڪي ويو آهيان.
سوڪ ۾ لاش تيمّم ڪري دفنائجي ٿو،
ٻوڏ آهي ته سُڪڻ کان به سِڪي ويو آهيان.
نه ملي آهين کلي آهين جڏهن کان مون سان،
پاڻ سان پاڻ ملڻ کان به سِڪي ويو آهيان.
تنهنجي نيڻن جيان شفاف ۽ نيرو گهرو،
نظم يا گيت رچڻ کان به سِڪي ويو آهيان.
جن کان هڪ پل ۾ پري ڪونه رهيو ٿيو مون کان،
تن کي عمر پَسڻ کان سِڪي ويو آهيان.
پاڻ تي ئي سهي، اي دوست، اڪيلائيءَ ۾،
هڪ کُليل ٽهڪ ڏيڻ کان به سِڪي ويو آهيان.
آءٌ وعدو، نه ڪو سپنو، نه ڪو ماڻڪ، نه ڪاٽِڪَ،
پر ٽُٽي پوءِ جُڙڻ کان به سِڪي ويو آهيان.
پنهنجي ئي شهر ۾ هر چوڪ تي چوڪي آهي،
راهه جي راهه رُلڻ کان به سِڪي ويو آهيان.
آنهري
سنڌ سان جو به واڳيو آهي
سو سچو سونُ ساڳيو آهي
مَٺُ اُن ۾ ڪٿي مليل آهي،
۽ انهيءَ لاءِ ڪسوَٽِي آهي.
اُها تحرير جا لکيل آهي
اُها تحرير جا ڇپيل آهي
هر لکيل ليک ريک آ هٿ جي
هر ڇپيل ليک آنهري آهي
رهنڊڙڻ لاءِ!
يا ڏسڻ جي لاءِ!
سو ته چهري تي منحصر آهي!
ٽيڙُو
سوچيان لوچيان اِيُئن،
متان سُڏ ڪوٿي وڃي-
ٽهڪ ڏيان به ته ڪيئن!
هينئڙي هول هزارَ،
کُلي نه آءٌ کِلي سگهان-
روئي نه سگهان يارَ!
ڪيڏو هي انياءِ،
مُکڙي مُرڪي شاخ تي-
گُل ٿي پٽجڻ لاءِ
مير محمد پيرزادو
گيت
جيءُ جدائيءَ جهٽيو آهي،
پاڙئون مَنڙو پَٽيو آهي!
تاڙي ماري يار ماري خواب ڇڏياسي ننڊڙيءَ مان،
هاڻ نه ڪائي آس رهي آ، بيگانيءَ هِنَ جندڙيءَ مان.
جنهن جي نالي- سڏبا هئاسي،
تن جو مُنهنڙو مَٽيو آهي،
پاڙئون مَنڙو پَٽيو آهي!
راهه تڪڻ سان سانگ سڄڻ جو ڀاڳوندن لئه ٿيندو آ،
ڪونه حياتي ڪنهن لئه ارپي ڪونه اجايو ڏيندو آ.
آءٌ مسيحا- ٻول ته جي پئي،
لوڙهه اڃا ڪين لَٽيو آهي،
پاڙئون منڙو پَٽيو آهي.
ماٺ وندن سان موهه مئي ۽ ماڳهين ماڳ به مٽيئي ڇو!
آءٌ ته ول ڇل کان اڻ واقف، ڏهاڳ سندو ڏنءَ آهه
ڏنوتو!
ڪالهه ڪليجو- ڪوريُئي جيڪو،
گهاءُ اڃا ته نه گهٽيو آهي،
پاڙئون مَنڙو پَٽيو آهي!
مُکَ نهاري تُنهنجي مک ۾، مون کي پنهنجو مک وڻيو
آ،
تنهنجي قرب جو لمحو مون لئه جياپي جوتي، جيءَ جڻيو
آ
پهرئين گهيري- ٻانهنِ جي سان،
ڪنڌ ڪلهن کان ڪَٽيو آهي،
پاڙئون مَنڙو پَٽيو آهي!
ڇا ٿو ڳولي چانڊوڪيءَ جو ڪرڻو پوئينءَ رات ڏهر ۾!
مارئيءَ جو ڪو ساهه ٿڌو يا پيرو ان جو پرهه- پهر
۾!
منظر ان ۾- پنهنجو هن ڪنهن،
ماڪ بنائي سَٽيو آهي،
پاڙئون مَنڙو پَٽيو آهي!!
يوسف شاهين
وائي
ڪَکَ اباڻا، هيرن هاڻا، رويو پڇي
راڳي!
مَنَ ويراڳي، جهومي راتيون جاڳي.
ساڳي صورت ساڳي سيرتَ، ساڳي سنڌ سڀاڳي،
رويو پڇي راڳي، مَنَ ويراگي.
ساڳي مٽيءَ ڪاڻ مڱتو، سينَ هڻي اڄ ساڳي،
رويو پڇي راڳي، مَنَ ويراڳي.
ساڳي ٻوليءَ ۾ ڏني، امڙ لولي ساڳي،
رويو پڇي راڳي، مَنَ ويراڳي،
واڳي ٿي ورَندا يوسف، لنئون جنين سين لاڳي،
رويو پڇي راڳي، مَنَ ويراڳي.
وائي
آهي ڳالهه ڳري، اورِيان تان اَڌَ ٿيان،
جا ٻيڙي ٻُڏي سير ۾، ايندي تار تري.
آهي ڳالهه ڳري.
هيڪائي هيڪ ٿن، واڍوڙيا وري،
آهي ڳالهه ڳري.
جَهلَ ٿيندي جهانءِ کي، پوندا ڏُکَ ڏري،
آهي ڳالهه ڳري.
وڇڙيا جي وطن کان، وَرَن ماڳ وري،
آهي ڳالهه ڳري.
تُهان ڌاران سُپرين، ساعت ڪانه سري،
آهي ڳالهه ڳري.
يُوسفَ هت هاڪارئو، ڏي خبر کري،
آهي ڳالهه ڳري.
آهي نه ڪنهنجي جهڙي پنهنجي ڀونءِ ڀلي!
هيءَ ڳالهه انهن جي آهي
جي ويا مُنهڙو مَٽائي
تو لئه راڻا، هيرن هاڻا
سڀ پُڇن ٿا
توکي ساريو، سڀ لُڇن ٿا
ڇڏي ماڻا، هاڻ هلي آ
پنهنجي سهنجي، ڀُونءِ ڀلي آ
ڇڏي ماڻا، هيرن هاڻا، هاڻ هلي آ
پَٽَ پيارا، نِتِ نظارا
تنهنجو پُڇن، سڀئي سارا، جيءَ جيارا
هڻيو نعرا ور ور ورجائين
آهي نه ڪنهنجي، جهڙي پنهنجي
ڀُونءِ ڀلي آ، هاڻ هلي آ
ڇڏي ماڻا، هيرن هاڻا، هاڻ هلي آ
اَچن شالَ، ڪري ڀالَ
ٻُڌان ٻيهر
ٻولَ اُنن جا، قول اُنن جا
ٿين وري چئوٻول اُنن جا
وَڻَ وَڻَ وائي، آهي اها ئي
پنهنجي سهنجي ڀُونءِ ڀلي آ
آهي نه ڪنهنجي، جهڙي پنهنجي
ڀونءِ ڀلي آ، هاڻ هلي آ
ڇڏي ماڻا، هيرن هاڻا، هاڻ هلي آ
اُڀو يوسف، نِتِ نهاري
سَڄڻ ساري، ڪانگَ اُڏاري
هي وڇوڙو، هاڻ ماري
ڪيئن گذاري
هيڪل هيڪل، هنجون هاري
هيئن چوي ٿو
پنهنجي سهنجي ڀُونءِ ڀلي آ، هاڻ هلي آ
آهي نه ڪنهنجي جهڙي پنهنجي
ڀونءِ ڀلي آ، هاڻ هلي آ
ڇڏي ماڻا، هيرن هاڻا، هاڻ هلي آ.
محبوب سروري
سنڌ جو گيت
جيسين سچ جي ٻيڙي ترندي،
جيسين حق جي لاٽ پئي ٻرندي،
”سنڌوندي“ پئي جيسين وهندي،
سنڌي ٻولي مور نه مرندي؛
سنڌ سونهاري زندهه رهندي!
جيسين سج اوڀر کان اُڀري،
جيسين ٿڻن مان کير ٿو نڪري،
جيسين جهان ۾ نينهن ٿو نِسري،
قالوبلا جو قول نه وسري؛
سنڌ سونهاري زندهه رهندي!
جيسين قائم آهي دنيا،
جيسين قيامت ٿيندي برپا،
ماءُ جي جيسين آهي ممتا،
جيسين آهي، ”سنڌو دريا“؛
سنڌ سونهاري زندهه رهندي!
جيسين دنيا جو آ چرچو،
جيسين حق جو آهي هوڪو،
جيسين آهي سچ جو سودو،
جيسين هرڪو ”دولهه، دودو“؛
سنڌ سونهاري زندهه رهندي!
جيسين جهان ۾ آهه اُجالو،
جيسين ”ڀٽائيءَ“ جو آ رسالو،
جيسين زنده باد ”جمالو“،
سنڌ جو قائم رهندو نالو؛
سنڌ سونهاري زندهه رهندي!
جيسين ”جيئي سنڌ“ جو نعرو،
هڪ به سنڌي آ جيسين جئرو،
جان ۾ آخري خون جو قطرو،
تيسين سنڌ کي ناهي خطرو؛
سنڌ سونهاري زندهه رهندي!
هرڪنهن کي ٿي هيج ڏئي سنڌ،.
پهرين پياري، پوءِ پئي سنڌ،
نعرو هڻ! خوش خوب ٿئي سنڌ،
چئو ”جئي سنڌ!، چئو ”جئي سنڌ“؛
سنڌ سونهاري زندهه رهندي!
جيسين ديس ۾ ”دودا“ دلاور،
مرد مٿير ۽ ڪوپا قدآور،
شاهه ”قلندر“، ”سچل“، ”سرور“،
”سروري، صاحب جهڙا سخنور؛
سنڌ سونهاري زندهه رهندي!
سنڌ سونهاري سنڌي ٻولي مور نه مرندي.
غزل
اکيون رُئن ٿيون هر هر، الائي ڪنهن جي لاءِ،
نهاريان ٿو کنيو ڪَرَ، الائي ڪنهن جي لاءِ.
سندءِ سخا جا کليا در، الائي ڪنهن جي لاءِ،
برابر آهين سخي پر، الائي ڪنهن جي لاءِ!
اڃا به ڇاکان اي ساقي مان، تشنه لب آهيان؟
ڦرن ٿا تنهن جا هي ساغر، الائي ڪنهن جي لاءِ.
هزارين ماڻهو ٿا تنهنجي وفا جي ڪن دعويٰ،
مگر تون آهين اي دلبر! الائي ڪنهن جي لاءِ.
ائين ته پاڻ به پنهنجي جهان جو شان آهيان،
ٻهاريان ٿو گهٽيون گهر، الائي ڪنهن جي لاءِ.
هروڀرو ٿا اسين ڪنهن جي هونئن ڪيون پرواهه،
سڀن جا آهيون نوڪر، الائي ڪنهن جي لاءِ.
سچي پُڇين ته حياتي جي مون کي ناهي گهُرج،
مڙئي پيو ٿو تڳان يَر! الائي ڪنهن جي لاءِ.
اڳي ته شوق- خود آرائي هو گهڻو ”محبوب!“
ڪيا مون حال هي اَبتر، الائي ڪنهن جي لاءِ.
ادل سومرو
غزل
ڪهڙين ڪهڙين تُهمتن کي سارجي،
آرسيءَ کي مُنهن ڪهڙو ڏيکارجي!
هرڪا بازي هارجي آهي وئي،
هانءُ ٿو هاڻي رُڳو بس هارجي.
وقتَ پيرن ۾ لتاڙي آ ڇڏيو،
ويندڙن کي ڪيترو بيهارجي.
تُنهنجي باري ۾ چون ٿا: راءِ ڏي،
سمنڊ بابت ڇا ڀلا ويچارجي.
خانقاهن ۾ گُذاريو ٰآ گهڻو،
ڪجهه ته رندن سان به گڏجي گهارجي.
ٻيو ته ارپڻ لاءِ ڪجهه ناهي بچيو،
پاڻ کي ٻوڙي به توکي تارجي.
ڪوبه ٻُوٽو جي، نٿا ٻاري سگهون،
ڪاته وائي ڪو غزل ئي ٻارجي.
غزل
مون لئه ڄڻ ڪو زلزلو ويٺو هيو،
تُنهنجي ڀرسان ڪونه ڪو ويٺو هيو.
دار جي رستي ۾ هڪڙو مُرڪندي،
عاشقن جو قافلو ويٺو هيو.
ڪير ٿو ڪنهن جي ٻُڌي هن دؤر ۾،
درد جو کولي قصو ويٺو هيو.
ڪين ڊيڄاري سگهيا هٿيارَ جو،
مُنهنجي دل ۾ حوصلو ويٺو هيو.
جيستائين تُون نه نڪتينءَ گهر منجهان،
تُنهنجي، درد تي هُو يڪو ويٺو هيو.
ڪنهن مُسافر جي وري اَڄُ تاڙَ ۾،
واٽَ تي ڪو حادثو ويٺو هيو.
ٿي ڏسيو اکين ته تُنهنجي دل اندر،
ڪو الائجي اوپرو ويٺو هيو.
ٿي ڏٺائين ننڊ ۾ توکي پريان،
چنڊُ، ڪڪرن ۾ لڪو ويٺو هيو.
وائي
ڪشالا دردَ جا ڪاٽي!
تُنهنجي در تي پُڄڻ تائين
سفر آسان ڪاٿي هو.
”اوهان جو حالُ ڪيئن آهي“
رُٺلَ کان هي پُڇڻ تائين
سفر آسان ڪاٿي هو.
لڳا پئي تيرَ لفظن جا
سهي دل تي اُٿڻ تائين
سفر آسان ڪاٿي هو.
وڇوڙي جي عذابن ۾
ٻه ٽي ڳوڙها اُگهڻ تائين
سفر آسان ڪاٿي هو.
پرينءَ جي ديس ۾ پُهچي
مٽي درَ جي چُمڻ تائين
سفر آسان ڪاٿي هو. |