صنم لطيف ڪرٽيو
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ لوڪ ادب
سنڌ ڌرتيءَ عظيم ۽ انمول ماڻهن کي جنم ڏنو آهي ۽
انهن عظيم ماڻهن پنهنجي ڏاهپ، سچائيءَ،
ايمانداريءَ ۽ پنهنجي اڻٿڪ محنتن سان سنڌ جو مانُ
مرتبو وڌايو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ تمام گهڻي خوش
قسمت رهي آهي. هن کي دولهه درياءُ خان جهڙو بهادر،
پير صبغت الله جهڙو سورهيه بادشاهه، سائين
جي.ايم.سيد جهڙو قوم پرست، ذوالفقار علي ڀٽو ۽
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جهڙا سياستدان، شاهه
عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰ، شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ جهڙا
بهترين ۽ لاجواب شاعر مليا.
سوانح:
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪنهن به تعارف جو
محتاج نه آهي، مخدوم صاحب 4 آڪٽوبر 1919ع تي نوان
هالا ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو محمد زمان هو ۽
سندن والد جو نالو غلام محمد هو. مخدوم صاحب
پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ درگاهه نوح سرورؒ
جا سورنهن گادي نشين هئا. پاڻ بهترين شاعر،
خوبصورت نثرنويس، خوددار، ايماندار، سچار انسان ۽
بااصول سياستدان ۽ ٻين گهڻين ئي بيشمار خوبين جو
مالڪ هو.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن شريف النفس، نيڪ
دل، مذهب سان لڳاءُ رکندڙ، مسڪين ماڻهن جا مددگار
۽ خوش اخلاق هئا. هونئن به هن خاندان جو غربين ۽
مسڪينن جي مدد ڪرڻ شيوو رهيو آهي.
مخدوم صاحب جن کي عربي ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل
هئو. پاڻ بلند پايه شاعر، خوبصورت نثرنويس کان
علاوه موسيقيءَ جا ماهر هئا. سندن شروعاتي شاعريءَ
۾ تخلص ”بيوس“، ”فراق“ ۽ ”زمان شاهه“ ملي ٿو. تنهن
کانپوءِ 1949ع ۾ ”طالب الموليٰ“ تخلص استعمال
ڪيائيون اهو تخلص ايڏو ته مشهور ٿيو جو ماڻهن کان
سندن اصل نالو ئي وسري ويو.
مخدوم صاحب جن سياست سان لاڳاپيل رهيا. پاڻ
ڪيترائي ڀيرا قومي اسيمبلي جا ميمبر ٿيا ۽ پيپلز
پارٽيءَ جا وائيس پريزيڊنٽ پڻ رهيا. ان کان علاوه
مخدوم صاحب جن ون يونٽ، ايم .آر.ڊي ۽ ٻين جمهوري
تحريڪن ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ هرفن موليٰ هئا. پاڻ
شڪار جا تمام گهڻا شوقين هئا نه صرف شڪار جو شوق
هئن، پر شڪار جا ماهر به هئا. اهوئي سبب آهي جو
”شڪار ڪلب“ قائم ڪيو هئائون. ان کان سواءِ راندين
سان به تمام گهڻو چاهه هئن راندين ۾ والي بال
روزانو کيڏندا هئا. ان لاءِ وري ”طالب الموليٰ
والي بال ڪلب“ هالا ۾ قائم ڪئي هئائون. جنهن ۾
ٽورنامينٽ ٿينديون رهيون.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ موسيقيءَ ۾ به پاڻ
ملهايو آهي. ڇاڪاڻ ته مخدوم صاحب جن موسيقيءَ جي
باقاعده تربيت حاصل ڪئي. موسيقيءَ سان دلي لڳاءُ
سبب پاڻ هڪ نئين راڳڻي ”زماني ٽوڙي“ ايجاد ڪئي
هئائون. ان سان گڏوگڏ راڳيندڙن جي سرپرستي ۽ همت
افزائي پڻ ڪندا هئا ۽ موسيقيءَ جا مقابلا ڪرائي
ڳائيندڙن کي انعام و اڪرام ڏيندا هئا. سندس درٻار
۾ ٻه درٻاري فنڪار هوندا هئا. هڪ حسين بخش ”خادم“
ٻيو مصري فقير.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن کي لوڪ ادب سان
تمام گهڻي دلچسپي هئي. انهيءَ ڪري سگهڙن، شاعرن،
جي ڪچهري ڪرائيندا هئا ۽ انهن جي سرپرستي ڪندا
رهندا هئا. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين پڻ رهيا
۽ ان اداري ذريعي سنڌي ادب کي مالا مال ڪيائون.
مطلب ته مخدوم صاحب هڪ گهڻ رخي شخصيت جا مالڪ هئا.
هو هڪ بهترين ۽ اعليٰ پائي جا شاعر هجڻ سان گڏوگڏ
ماهرِ لسانيات پڻ هئا، مخدوم صاحب جن کي اڻٿڪ
محنتن جي ڪري اعليٰ ايوارڊ تمغه پاڪستان، لطيف
ايوارڊ، هلالِ امتياز پڻ مليا.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جون علمي ادبي
خدمتون:
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ 1936ع ۾ علم ۽ ادب
هالا جو بنياد وڌو، جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي ادبي
ڪانفرنسون منعقد ٿي سگهيون. تنهن کانپوءِ پنهنجي
جنم ڀوميءَ ”نئين هالا“ ۾ ”الزمان پريس“ قائم
ڪيائيون. جتان ”پاسبان“، ”الزمان“ نالي هفتيوار
اخبارون نڪرنديون هيون ۽ اتان ئي ”هالا“ مان 1950ع
۾ سندن سرپرستيءَ ۾ ”فردوس“ نالي ماهوار رسالو
جاري ڪيائون. جنهن کي سنڌي ادب ۾ هڪ اهم مقام حاصل
آهي. 1952ع ۾ هڪ ٻيو رسالو ”طالب الموليٰ“ نالي
سيتا شهر مان سندن سرپرستيءَ ۾ جاري ٿيو. 1954ع ۾
”اداره روح ادب سنڌ“ جو بنياد رکيائون.
1955ع ۾ هالن مان ”روح ادب“ نالي ماهوار رسالو
شايع ٿيڻ لڳو ان ئي سال ”بزم طالب الموليٰ“ جو
بنياد رکيو جنهن جون سڄي سنڌ ۾ ٽيهه کان وڌيڪ
شاخون آهن. جيڪي بهترين ڪم سرانجام ڏئي رهيون آهن.
1956ع ۾ سندن سرپرستي ۾ حيدرآباد مان ”شاعر“ نالي
رسالو منظر عام تي آيو. 1957ع ۾ شاعرن جي هڪ جماعت
”جمعيت الشعراء“ جا صدر چونڊيا ويا.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جو ادب ۽ صحافت
جي سرپرستي ڪرڻ کان سواءِ تعليم جي ترقيءَ ۾ به
وڏو هٿ آهي. هيٺيان اسڪول ۽ ڪاليج سندن سرپرستيءَ
هيٺ علم جو نور پکيڙيندا رهيا.
1. سروري ڪاليج هالا.
2. طالب الموليٰ اورينٽل ڪاليج هالا.
3. طيبه ڪاليج حيدرآباد.
4. طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو.
5. کپرو هاءِ اسڪول جي هاسٽل.
مٿيان اداره مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي
خدمتن جو روشن مثال آهن. جڏهن اسان سندس شاعريءَ
تي نطر وجهون ٿا ته پاڻ شاعريءَ جي هر صنف تي طبع
آزمائي ڪئي اٿائون. بلڪ ان ۾ نواڻ پڻ آندائون. خاص
طور تي لوڪ ادب جي سلسلي ۾ ڪيل خدمتون ۽ ڪاوشون
قابلِ داد آهن، پر جڏهن اسان لوڪ ادب جي ڳالهه
ڪيون ٿا ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو نالو تمام گهڻو
آهي. سندن سنڌي لوڪ ادب لاءِ ڏنل خدمتون قابلِ داد
آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجو مٽ پاڻ هو. هو هڪ بي
مثال، لاجواب شخصيت جنهن جو ڪو ثاني نه آهي. بيشڪ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لوڪ ادب جي حوالي سان
ڪيل ڪم سنڌين لاءِ فخر جو باعث آهي، پر مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ جون لوڪ ادب لاءِ ڪيل خدمتون پڻ
قابلِ داد آهن. جن کي وساري نٿو سگهجي.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ لوڪ ادب جي جن صنفن
تي پنهنجي ڏات جا جوهر ڏيکاريا آهن. انهن جو مختصر
جائزو وچور پيش ڪجي ٿو.
(1) بيت:
بيت شاعريءَ جي هڪ اهم ۽ قديم صنف شمار ٿئي ٿي.
جيڪا اسان کي سومرن جي دور ۾ عشقيه، نيم عشقيه،
رزميه، مدح ۽ واقعاتي بيتن جي صورت ۾ ملن ٿا. ان
کانسواءِ سخي سردارن، ڏهه ڏاتارن جي سخاوت بابت به
چيل بيت ملن ٿا. شروعاتي شاعريءَ ۾ بيت ٻن سٽن تي
مشتمل هوندو هو. پوءِ آهستي آهستي، ٽن چئن سٽن تي
آيو. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ڀونر ڀري آڪاس“ ۾ لکي
ٿو ته:
”اهو سنڌي بيت جو ڪمال آهي جو ان جي پهرئين سٽ ۽
پوئين سٽ جي آخر ۾ نه قافيو آهي نه رديف، پر ان جي
باوجود به بيت ۾ ترنم ۽ هم آهنگي، ٻئي هر صنف سخن
کان زياده آهي.“(1)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ بيت جو ڄاڻو يا ايئن
کڻي چئجي ته بيت جو بادشاهه هو ته ان ۾ ڪو و ڌاءُ
نه ٿيندو. ان کان پوءِ به ڪيترائي ئي بهترين ۽
عظيم شاعر ٿي گذريا آهن. اها صنف ان دور کان وٺي
مقبول آهي ۽ اڃا تائين شاعر بيت لکندا رهن ٿا،
انهن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو نالو
قابلِ داد آهي. هتي سندن شاعريءَ مان ڪجهه مثال
پيش ڪجن ٿا.
نصيحت ۽ هدايت وارا بيت:
ڪجهه به آهي ڪين ڪي تقويٰ ري- طاعت
روزا، نمازون، بندگيون نه ته آهن سڀ عبادت
ٿينديون ڳٽ ڳچيءَ جو نه سبب شفاعت
اصلي عبادت ڪو طالب مولا جو ڪندو.(2)
جي ڀائين محب ماڻيان ته ڪر پرهيزگاري پر
هن صيقل سيني کي ته نور اچي نظر
طالب مولا مرد ٿي قربئون قدم ڀر
دل ۾ ڪٺو ڪر محبت جي متاع کي.(3)
عشق نه بيت المال جو ملي محتاجن کي
عشق آهي اُنَ سندو جنهن ڪيو قرب ڪمال
طالب مولا طلب ۾ جو رکي خاص خيال
جانب جو جمال اهو ماڻيندو عشق سان.(4)
عام بيتن کان علاوه اسان کي مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ جا واقعاتي بيت ملن ٿا.
ڏٺو وڃي ته اسان جي زندگي ته واقعن سان ڀري پئي
آهي، پر جڏهن واقعاتي بيتن جي ڳالهه ڪيون ٿا ته
واقعاتي بيت ان کي چئبو آهي، جيڪو ڪنهن اکين ڏٺي
واقعي کان متاثر ٿي لکيو وڃي، ان بيت جي صنف هجڻ
ڪري گذريل واقعن کي سگهڙن قلمبند ڪري هميشه لاءِ
عوام جي لاءِ محفوظ ڪيو يا ان واقعن جي ذريعي عوام
کي ڄاڻ ڏني آهي. اهڙي قسم جي بيتن کي تاريخ ۾ اهم
مقام حاصل آهي. هتي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
جو هڪ واقعاتي بيت پيش ڪجي ٿو. ان بيت ۾ هڪ تاريخ
سمايل آهي.
جڏهن 1955ع ۾ تمام گهڻو مينهن پيو هو. جنهن سبب
هالا ۽ حيدرآباد جا ماڻهو لڏي وڃي رهيا هئا. هالن
وٽان درياءَ ۾ پڻ اٿل آئي هئي، ان وقت مخدوم صاحب
نوح سرورؒ جي گاديءَ جا سجاده نشين هئا. هن وڏو
خرچ ڪري وڏي ڪوشش، محنت ۽ جدوجهد ڪري درياءَ جا
گهارا بند ڪرايا. جيڪڏهن مخدوم صاحب جن ايئن نه ڪن
ها ته تمام گهڻا ڳوٺ ٻڏي وڃن ها. ان واقعي کي
مخدوم صاحب پنهنجي هڪ بيت جي صورت ۾ قلمبند ڪيو،
اهو بيت هن ريت آهي:
درياءَ پنهنجي دور ۾، ڪيو ’کنڊو‘ وٽان کوٽ،
پاڻيءَ پنهنجي پرِ ۾ چڙهي ورتو چوٽ،
سَرِورن سيگهه مان، ڏنس ڪلمي سندو ڪوٽ،
”طالب الموليٰ“ مرد هئا، هڪڙو هڪڙو گهوٽ،
ننڍو وڏو نوح جو، عاشق هو اڻموٽ،
وهواهه سندو ووٽ، فقراء کنيو فيض سان.(5)
ڏهر:
”ڏهر“ لفظ ”ڏاهر“ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي.
ڏس پتو وغيره.
ڏهر بابت مرزا قليچ بيگ پنهجي ”سنڌ لغات قديمي“ ۾
لکي ٿو ته:
””ڏهر“ لفظ ڏاهر جو مخفن (گهٽايل) آهي. ڏاهر جو
اشتقاق (بنياد) لفظ ڏاهه آهي، جنهن جي معنائون
آهن: خبر، ڏس، پتو، پرولي ۽ ڳجهارت(6).“
ڏهر بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب
”سنڌي ٻولي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ لکن ٿا ته:
”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ سنڌي شاعري ۾ جيترين
به صنفن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن ۾ ڏهر کي شامل
نه ڪيو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ بڻ بنياد
جي باري ۾ اڄ تائين جيڪو به بحث ڪيو ويو آهي.
انهيءَ ۾ جديد تحقيقاتي بنيادن مطابق مذهبي پرچا
وارو ڪلام يعني ”گنان“ به ڏنا ويا آهن. جن کي
اندازاً 1965ع کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جي صنف طور
قبول ڪيو ويو آهي. ”گنان“ فقط اسماعيلي پيرن جي
تعريف ۽ توصيف جا بيت آهن، جن کي سنڌي ادب جي ٻئي
دور جي شاعريءَ طور پيش ڪيو ويو آهي.(7)
ڏهر سنڌي ادب جي انمول موتيءَ جهڙي صنف آهي. جنهن
۾ خدا ۽ ان جي رسولﷺجي واکاڻ ڪئي ويندي آهي. ان
کان علاوه مخدوم نوح جي تعريف پڻ ڪئي ويندي آهي.
ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته مخدوم نوح جي سروري
جماعت هن صنف ۾ ٻيهر روح ڦوڪي ان کي هر لحاظ سان
خوبصورت ۽ مقبول بڻايو.
”ڏهر سنڌي شاعريءَ جي هڪ غير عروضي صنف (نمونو)
آهي، جنهن کي مخدوم معظم غوث الحق حضرت مخدوم نوح
جي سروري جماعت جياريو اچي. اها صنف ايتري ته
مقبول هئي ۽ آهي جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليہِ
رحمت به پنهنجي شاعريءَ ۾ ان کي جاءِ ڏني. غير
عروضي سنڌي شاعري ڪندڙن کي گهرجي ته ڏهر جي صنف تي
آل جال لکن.
”ڏهر ۾ حمد، نعت، منقبت، اصحابه ڪرام ۽ ٻين الله
جي ثنا، دين اسلام جي اصولن تي عمل ڪرڻ جون
هدايتون ۽ مرشد جي تعريف تي مضمون لکيا آهن(8).“
ڏهر سنڌي ادب جي نظر انداز ڪيل صنف آهي، پر مخدوم
صاحب ان صنف تي پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس ڏهر
جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو. جن ۾ الله تعاليٰ ان جي رسول
اڪرم ﷺ ۽ سندس مرشد جي تعريف آهي.
لا اِلــٰہ الا الله محمد الرسول،
جهانن ۾ جميل کي مولا ڪيو مقبول،
پيغمبر پڌرو ڪيو، الله جو اصول،
طالب الموليٰ مرد ٿي، فڪر ڇڏ فضول،
جنهن قريشيءَ جي قلب کي، قلبئون ڪيو مقبول،
سر محبتي ملول، ڪڏهن ٿيندو ڪونه ڪو،
آئون طالب تنهنجو توڪلي، تون سخي شاهه سرور،
پنان ٿي پينار تو، تنهنجي نيڪ نظر،
سندي ڏينهن محشر، سوکو ڪج سردار تون.(9)
آئون طالب تنهنجو توڪلي تون سخي سرور شاهه،
پنان ٿي پينار تو، تنهنجي نيڪ نگاهه،
سدا منهنجو ساهه، سڪي تنهنجي ساهه ۾.(10)
آئون طالب تنهنجو توڪلي، تون سخي سرور پير،
دامن لڳس تنهنجي، منهنجا مٺا مرشد مير،
يا ننگي نوح فقير، ڀرم رکجانءِ ڀال سان.(11)
ڪافي/ وائي:
وائي/ ڪافي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ اهم ۽ نج سنڌي صنف
آهي. هن صنف جو موجد ميون شاهه عنات هو. اتر ۾ ان
کي ڪافي ۽ لاڙ ۾ وائي سڏيو ويو. ان صنف تي ڪيترن
ئي شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي. جن مان مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ به هڪ آهي. ڪافي جا ڪيترائي قسم
آهن، يڪي، سواتي، ڏيڍي وغيره. ان صنف ۾ حسن ۽
جمال، تصوف، هجر ۽ فراق جا موضوع ملن ٿا. ڪي اديب
وائي ۽ ڪافي کي ڌار صنفون سمجهن ٿا. مخدوم صاحب جي
ان بابت هيءَ راءِ آهي.
”وائي ۽ ڪافيءَ کي ٻه جدا جدا شيون نه سمجهڻ گهرجي
ڇو ته حقيقت ۾ هڪڙي ئي شيءَ جا ٻه نالا آهن. لفظ
جملا ۽ مضمون ساڳيا آهن. نه تصوف ۽ خيال ۾ فرق آهي
۽ نه معنيٰ ۽ مطلب ۾.“(12)
ويهين صديءَ ۾ گهڻن ئي شاعرن ڪافيون چيون، پر انهن
مان مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو مقام مٿانهون
آهي. مخدوم صاحب اهو پهريون عالم هو جنهن ڪافي جي
گهاڙيٽي، لکڻ جي طريقي، راڳ ۽ راڳيندڙ، ساز ۽
سريلي آواز وغيره تي هڪ بهترين ڪتاب لکيو، جنهن کي
سنڌي ادب ۾ تمام گهڻي حيثيت آهي. هتي سندس خوبصورت
ڪافين مان ڪجهه مثال ڏجن ٿا.
ڏور نه ٻيا ڪي ڏس ”نحن اقرب“ پاڻ چيائين:
1. ڏس وجود کان ويجهو پيڙو گهوريا ٻيا سڀ گس
2. دور وڃڻ آهي ڀولو بلڪل ڪر وجود ۾ وس
3. هيڏن هوڏن جهوت نه پائج هت اٿئي هٿ کس.(13)
عشق تنهنجي مون کي مست بنايو
هاڻ ڀلا ڪنهن کي دانهن وڃي ڏيان
تنهنجي دردن داهون ڪرايون
محبت من ۾ مچ مچايو.(14)
پنهنجو مَٽُ تون پاڻ، لائق فائق يارُ لاثاني
تنهنجي جتي ۾ ڪو پير نه پائي، هي ٿو ٻڌايان ڳائي
وڄائي
سونهه سندا سرواڻ
چنڊ جهڙو جي توکي سمجهن، ۽ وري ان تي واقعي وسهن
اهي آهن اڻ ڄاڻ(15)
هيءَ هڪ مشهور ڪافي آهي جنهن کي فنڪارن به ڳايو
آهي.
تو دلڙي يار ڌتاري پو ير! ڪانه ڪيئي پوئواري،
تنهنجا ڪيس پيارل! ڪارا، آهن پيچ انهن جا پيارا،
ڪن ونگ وجهڻ لئي وارا، پائن ڳٽ ڳچيءَ ۾ ڳارا،
ڪن قيد سياڻا سارا، مهميرن تي سي مارا.(16)
مدح ۽ مناجات:
مدح ۽ مناجات سنڌي لوڪ ادب جي اهم صنف آهي، مدح
عربي لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي. ساراهه، تعريف،
واکاڻ ڪرڻ وغيره.
مدح مان مسلمانن جي حضور اڪرم ﷺ جن سان دلي محبت ۽
عقيدت جي ڪيفيت ظاهر ٿئي ٿي. نبي ڪريم ﷺ جن کان
علاوه اصحاب سڳورن، اولياء اڪرام، درويشن، بادشاهن
۽ امير حاڪمن جي ساراهه ۾ سگهڙن، شاعرن مداحون
چيون:
”تاريخي طور ”مدح“ جو سلسلو عرب شاعر ”ڪعب بن
رهيز“ سان شروع ٿيو. جنهن اسلام جي حقيقت کان
متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو ۽ نبي ڪريم ﷺ جن وٽ حاضر
ٿي پنهنجو مشهور قصيدو پڙهيو، جنهن ۾ نبي ڪريم
ﷺجي شان ۾ سهڻا ”بيت“ چيل هئا، جڏهن قصيدو پورو
ڪيائين ته نبي ڪريم ﷺ جن خوش ٿي پنهنجي کٿي ڪلهن
تان لاهي کيس ڍڪائي.“(17)
مناجات عربي لفظ آهي. جنهن جي معني آهي ”حال اورڻ“
”لفظ مناجات“ عربي (ماده مناجات) آهي، ان جي معنيٰ
آهي ”حال اورڻ“ سنڌي مناجات به مدح وانگر سنڌي نظم
جي هڪ خاص صنف آهي، جنهن ۾ شاعر پنهنجن ڏکن ۽
تڪليفن جو حال اوري، ڌڻي تعاليٰ جي درگاهه ۾
ٻاڏائي پنهنجي مشڪل جي آسانيءَ لاءِ سوال ڪري ٿو،
پنهنجي ذاتي عقيدت جي بناء تي نبي ڪريم ﷺ اصحاب
سڳورن يا ڪنهن ولي ۽ درويش ساڻي ٿيڻ لاءِ سڏ ڪري
ٿو.“(18)
انهن ٻنهي صنفن ۾ حال اورڻ کانسواءِ واکاڻ پڻ ڪئي
ويندي آهي. اهي صنفون مذهبي عقيدي تي مبني آهن،
مدح ۾ واکاڻ ۽ مناجات ۾ سوال جو عنصر غالب هوندو
آهي.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ هن صنف تي طبع
آزمائي ڪئي آهي. جنهن مان ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.
هادي آهي هيڪڙو
تڏهن به هڪ الله هو جڏهن ڪجهه نه هو
جڏهن هوندو ڪين ڪي تڏهن به سوئي سو
وحده لا شريڪ لہ، ثاني سندس ڪونه ڪو
صحيح سمجهيو آهي طالب! مولا تو
اُهوئي اهو هادي آهي هڪڙو.(19)
ڏسڻ کان جو ڏور ٿيو سو ويجهو آهي وجود کان
ڪک پَن ۾ جو ڪريم جو نسورو ئي نور
ذرڙو، ذرڙو، ذرڙو ئي ڪاملن ڪوه طور
جو ڏسي نه ٿو ڏيهه ۾ تنهن قلب جو قصور
دريون دنيا واريون اٿي پٽي پور
طالب الموليٰ ڄاڻ تون هر جا اٿئي حضور
هو دل کان ناهي دور هردم آهي هنج ۾.
هادي سوئي هڪڙو ٻولي ڪبي نه ٻي
وحدت جي واپار ۾ ٿيبو مرد مچي
قل هو الله ۾ قادر جي آهي صفت سڄي
واحد جي وحدت جي ڪهڙي ڳالهه ڪبي!
هلي ڪا چلي دوئي واري جي دنيا ۾!
آڻ ”اِلا الله“، سان الله تي ايمان
رهبر ٿيندئي راهه ۾ ڪلمو ۽ قرآن
هاديءَ جي حڪمت ۾ هرڪوئي حيران
ناهي زور زيان ڪري باري جو بيان
قرآن ۾ ڪريم جو شائق پس تون شان
جيڪي لکيم جَي سان سو به آگي جو احسان
طالب الموليٰ طلب ۾ دوئي کان رک ڌيان
هڪڙو اٿئي حنان شڪ نه آڻج شرڪ جو.(19)
جُتي جوڙ به جي ٿيان
جيڪر جتي هجان پنهنجي محب مجيب جي
ته پيرن ۾ پرين جي پيئي روز پوان
وک وک تي واهه چميو قدم چمان
ٿانيڪي ٿيان طالب الموليٰ تنهن سان.
جُتي سندي جوڙ کي ڪلنگيون ڪين پڄن
اتي ڪيئن ڪلاهون اچيو ٿيون جذباتئون جهڪن
جن کي اتان غار ٿئي سي سرئي ڪُسيو وڃن
جيڪي اتي جهڪيا ته تاجُ به ماڻيا تن
محبوب جڏهن وڃي پڳا مٿائين مقامن
ڀانئيون ته جتي لاهيون اهو اڃا خيال هُئَن
ته پين پڙلاءُ ڪن تي ۽ حڪم هي مِلن
جانب جتي نه لاهجو متان پير اگهاڙا ٿين!
وڃي پهتا توڙ تي سان پيارن پيزارن
هاڻي طالب الموليٰ ڪئن چوان ٿيان جُتي نه جانبن
جي!
جُتي ٿيان به ٻيو ڇاپي کٽان ٻنهي جهانن
جو پهتي ساڻ پرين جُتي عرش عظيم تي.(20)
مرسل مڻيادار
ڪائنات جو ڪريم ڪئو محمد کي مختار
رهبر ڪيائين راهه جو مرسل مڻيادار
عاشق مٿس الله ٿيو جل جلالہ جبار
عربي احمد جام ۾ نور ڪيئين نروار
صلواتون سيد تي بيحد، بيشمار
آهي ان عجيب جو طالب طلبگار
اڙين جو اڌار عشق عربي ڄام جو.
لا الہ اِلا الله محمد رسول الله
جهانن ۾ جميل کي مولا ڪيو مقبول
پيغمبر پڌرو ڪيو الله جو اصول
طالب مولا مرد ٿي فڪر ڇڏ فضول
جنهن قريشي جي قرب کي قلبئون ڪيو قبول
سو محبتي ملول ڪڏهن ٿيندو ڪونه ڪو.(21)
مٺا مير مرسل ولهن جو تون والي!
وريو تو وٽان ڪو سوالي نه خالي
ڪِنن ڪوجهڙن جو هلي ڪونه حيلو
تون ئي عيبدار جو واهر وسيلو.(22)
عاجز جون التجائون سيد تون سڻ سوڀارا!
مل مهل ۾ محمد مشفق، مٺا، موچارا!
توکي پرين پڪاريان واٽون سدا نهاريان
سيد! سڻي صدائون ڏي سگهه ۾ سهارا.(23)
سينگار:
”سينگار“ لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ”شرنگار“ مان
ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سنوارڻ، هار سينگار
ڪرڻ.
سينگار کي هندي ٻوليءَ ۾ شرنگار چوندا آهن. سينگار
جي صنف هندي کان ٿيندي سنڌيءَ ۾ آئي ۽ سنڌي سگهڙن
ان کي سنڌي سهڻو لباس اوڍايو جو ان مان ڪڏهن به
ايئن محسوس نه ٿو ئي ته هيءَ صنف هنديءَ کان سنڌي
۾ آئي آهي.
حسن ۽ جمال، خوبصورتي جي تعريف ڪرڻ هڪ فطري عمل
آهي،
جڏهن به ماڻهو ڪنهن جي حسن کان متاثر ٿئي ته اهو
ان جي تعريف ڪندو آهي ڇاڪاڻ ته هو ان ”تعريف“ ڪرڻ
کانسواءِ رهي نٿو سگهي.
سينگار ۾ سگهڙن پنهنجي محبوب جي سورنهن سينگارن جو
ذڪر ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته عورت جا سورنهن سينگار مشهور
آهن، سينگار جي بيتن ۾ پنهنجي محبوب جي ٺاهه ٺوهه،
رنگ ڍنگ، ۽ ڳالهائڻ جي انداز کي بيان ڪندا آهن.
سينگار جي بيتن ۾ نج سنڌي لفظن، ٻولي، استعارن ۽
تشبيهن جو استمعال ڪيو ويندو آهي.
”سينگار جي بيتن جي سهڻائي جو دارومدار سهڻن
تشبيهن ۽ استعارن تي آهي، جن لفظي سٽاءَ ۽ پوچ
قابل تعريف آهي ۽ انهن مان محبوب جي سونهن جو تجلو
پيو نظر ايندو آهي.“(24)
بقول الله بخش نظاماڻي جي:
”هي صنف ”لوڪ ادب“ جو نڪ آهي، ۽ لغوي مواد جي
ڄاڻ“.(25)
هن صنف بابت ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب لکي ٿو ته:
”سينگار ٺيٺ عشقيا صنف آهي، پوءِ اهو محبوب مجازي
سمجهي سينگار ۾ ساراهيو ويندو آهي، سنڌيءَ ۾ ان جا
هندي دوها چيا وڃن ٿا، انهن دوهن کي سنڌ جي شاعرن
۽ سگهڙن پنهنجو رنگ ڏئي سينگار بڻائي ڇڏيو. اردوءَ
۽ هنديءَ ۾ سينگار کي سنگهار چيو وڃي ٿو. جنهن جي
معنيٰ ٺاهه ٺوهه ۽ سجاوٽ آهي.“(26)
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي سينگار واري ڪلام
۾ حقيقي ۽ مجازي عشق جا عنصر شامل آهن، ٻولي
انتهائي خوبصورت استعمال ڪيل آهي. هتي ڪجهه مثال
پيش ڪجن ٿا.
ڪٿي منهن محمد جو ڪٿي ماهتاب
ڪٿي جلوو جانبن ڪٿي آفتاب
هڪڙو چمڪي رات جو ڀي ۾ ڏينهن جو تابش، تاب
هنن هي حساب سڄڻ سدائين سوجهرو. (27)
سج چنڊ کان سهڻو جانب جو جمال
قادر قدرت سان ڪئو قائم هي ڪمال
طالب مولا، مرد سو لالن جو ئي لال
ماڻهو گهرن مال مون سيباڻو سپرين.(28)
ڪٿي سنبل سهڻا ڪٿي مبارڪ مُو
ڪٿي چهرو چنڊ جو ڪٿي جبين جادو
ڪٿي شعاع شمس جو ڪٿي رهبر رو
ڪٿي تلوارون تير ٿيا ڪٿي احمد جا ابرو
ڪٿي اکيون عجيب جون ڪٿي ساغر ۽ سبو
ڪٿي گل گلاب ۽ ڪٿي بدن جي بو
لبن لعل لڄائيا ڏندن لک لُو لُو
هلڻ تان حبيب جي عجب ۾ آهو
ڪٿي فضيلت فردوس جي ڪٿي ڪامل سندي ڪو
حبيب آهي هو طالب مولا تنهنجو.(29)
مناظرا:
مناظرو به هڪ لوڪ صنف آهي، مناظرو اهڙي شاعريءَ کي
چئبو آهي. جنهن ۾ ٻن شين، جنسن، ماڻهن، پکين،
جانورن يا بي جان شين وغيره ۾ مقابلو ڪرايو وڃي،
شاعر لوڪ ادب جي ان صنف ۾ انهن شين جي خامين ۽
خوبين کي بيان ڪندا آهن. ڏٺو وڃي ته ٻين صنفن جي
ڀيٽ ۾ ان صنف ۾ وڌيڪ مزاج ۽ خوش گفتگو جو عنصر
شامل آهي. ان ۾ نج/ ٺيٺ سنڌي لفظن، محاورن، تشبيهن
۽ استعارن کي بيان ڪيو آهي.
”مناظرن جي پيدائش خود سنڌ جي سر زمين آهي. مناظرن
جي سانگ واري سٽاءُ، سماج تي تنقيد، چرچي گهپي جو
مظاهرو ۽ نج سنڌي ٻوليءَ جا گفتا ۽ محاورا، انهن
جون خصوصيتون آهن. اهي گويا عوام جي روزمره جي
زندگيءَ جي مشاهدن جو آئينو آهن.“(30)
مناظري جي تمهيد ۾ خدا تعاليٰ جي ساراهه ڪئي ويندي
آهي. تنهن کان پوءِ انهن شين جي خامين ۽ خوبين کي
بيان ڪيو ويندو آهي، ۽ آخر ۾ ڪا چڱي ڳالهه سبق
آميز يا نصيحت ۽ هدايت ڪئي ويندي آهي.
ان صنف جو مثال مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن
وٽ به ملي ٿو جنهن جا عنوان ئي انوکا آهن. جيئن:
پَير ۽ اکيون، دل ۽ سِرُ، ڪبوتر ۽ ڪانگ، اکيون ۽
مينهن، روح ۽ دل، سِرُ ۽ پير، دل ۽ سِرُ وغيره.
انهن مناظرن مان ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.
ڪبوتر ۽ ڪانگ
ڪبوتر ۽ ڪانگ ۾ آهي وڏو ڦير
هن جي گونگن وانگيان غون غون سمجهي ڪير
هن جي ڪان ڪان سمجهي جو پائي اڱڻ پير
هو ديس پرائي جو پکي هي وطن جو وانهير
ڪارو ڪوجهو ئي سهي من ۾ رکي نه مير
اير نه ڪوئي ڀير طالب مولا تن ۾.
ڪانگ برابر ڪارڙا ڪِنا جي ڪوجها
ته به ڏين پيغام پرکي سمجهي سٻوجها
آهن اٻوجها طالب مولا ڪين ڪي.
ڪبوتر آيو ڪائهان ڪانگ ته هوئي هِتِ
هو ڪري وانهيرو وڻ ۾ ڪبوتر ڇني ڇِتِ
هي هي ٽپڪي ساڻ ٿو بيهو مٿي ڀت
ڇڙٻون جهلي ڇوهه مان ته به ڪري قرب ڪرت
رايون رليو به پڄو وڃي جانب هجي جِت
انصاف ڪو عشق مان ۽ نينهن جي ڪبي نرت
ته طالب مولا تت ڪهڙي مجال ڪبوتر کي.(31)
پير ۽ اکيون
اکيون به آهن پر پيرن سان نه پڄن
هو رئن ٿيون رت ڦڙا هي ڦٽجو ٿا ڦٽجن
هو بيوس آهن برهه ۾ هي هيجئون اٿيو هلن
هو نهارين نجيب کي هي تِر نٿا ترسن
هو اٻاڻڪيون عجيب لاءِ هي رندن منجهه رلن
احسان ڪيا اکين تي پرت منجهان پيرن
طالب الموليٰ طلب ۾ چميو چميو چمجن
جهلئي نٿا جهلجن هلندي پنهنجي حبيب ڏي.
جي اکيون پير هجن ته پتو پَوين پنڌ جو
ته اگهاڙا عشق ۾ ڪئن ٿا سور سهن
ڪئن ٿا ڦٽ فراق جا چڪيو ۽ چڪن
رت ٿين جي راهه ۾ ته به هيجئون يپا هلن
ڪنجهن ڪرڪن ڪين ڪي توڙي پٿون ٿيو پون
پهچن جڏهن پرين وٽ ته به ڏوراپا نه ڏين
طالب الموليٰ طلب ۾ پڻ اها صحت سندن
ڪڏهن ڏٺو ڪين ڪي هن ڏي حبيبن
سنڀرن ڪڏهن ڪونه ڪو ته ڪا پٽي ٻڌن پيرن
ته به رڙهيو رڙهيو رڙهن حبيب جي حضور ڏي.(32)
سِرُ ۽ پير
پير آهن پير سر انهن کان سرسو
قدم قدم تي جهڪڻو ڏي سجدا ڍيران ڍير
ان جي پيشانيءَ ۾ رڳي ڀلائيءَ جا ڀير
طالب مولا سڏجن ٿا هر دم مرد مٿڀير
صبح ساڻ سويل ڏي سجدا سائينءَ اڳيان.
مدامي منصور جا سرويچ ئي سڏجن
سر هميشه حق تي ڪڏيو ٿا ڪپجن
سر جتي ڏين سجدا پير اتي نه پڄن
پيرن پڇا ناهه ڪا سر اطاعت ڪن
سردارن جي سٿ ۾ پير نه پڳ ٻڌن.
وڻن ڪنهن کي ڪين ڪي جي اگهاڙا ٿين
سر اگهاڙا سڀين پرين ٺهيو ٿا ٺهن
ڪلنگيون ڪلاهون ڪڏهن پيرن ۾ نه پون
قرب سان قريشي چوي سڀڪي سر سهن
جهڪن جانب اڳتان ته به هنجن منجهه هجن
پيرن پنڌ وساريو ڏسي سِرڻ سرن
تن لئي طالب تڏهين سڄڻ روز سڪن
ٻنهي ٻانهن وچ ۾ سهڻن وٽ سونهن
ٿا گنتا گوءِ کڻن سچ پچ صديقي جا.
پيرن کي پريت جا اصلئون آهن انڌ
هلن ات هو هيج مان جت حبيباڻا هنڌ
نماڻن نصيب ٿيا رڳي پراڻا پنڌ
پر قبول پون ڪنڌ سڄڻ وٽ صديقي چوي.(33)
دل ۽ سِرُ
سر ته برابر سر ٿيا مَنَ جا ناهن مَٽَ
دل تان لهن ڪين ڪي ڪڏهن جيڪر ڪَٽَ
ته رڳي هوند هار ٿئي يا کلندي ٿئي نه کَٽَ
جي دل تي چڙهن ڪين ڪي عشق جا اَلهٽَ
دل تي نه هجن درد ۽ ٻيا ڦوڙائي جا ڦٽَ
ته سر نه هجن منجهه سَٽَ سچ ٿو صديقي چوي.
سر ويچارو سدائين آهي دل جي وس
دل چويس ته وڍجي نه ته بلڪل ڪري بس
اونهين ٿئي اوس جئن طالب مولا دل چوي.
سر جهڪيو ته ڇا ٿيو جهڪي نه جيڪر دل
ته اها اڪثر ٿي ٿئي منافق منزل
سر ڏني نه حل ٿئي مورهئون ڪو مشڪل
طالب مولا دل سان هڙئي ٿئي حاصل
سو وڍجي اول ته به در آهن دلن جا.(34)
اکيون ۽ مينهن
اکيون ۽ مينهن ٻئي نه اکر هيڪڙي
هو موسم جو محتاج ٿيو هي وسن راتو ڏينهن
هن ۾ نِرجا نينهن هو طالب! وسن وقت تي.
مينهن ته طالب وس ۾ اکيون پنهنجي وس
هي بنهين نه ڪن بس هو وسي ٿو وقت تي.
پچن پڄرن پاڻ ۾ ويچاريون وسن
ڪڇن پڇن ڪين ڪي نه ڪي ڪجهه ٻڌن
سدائين صبر جي عادت آهه اکن
طالب مولا طلب ۾ گوءِ کٽي گونگين
تڏهن لڙڪ اگهين حبيبن هٿن سان.(35)
هفتا، ڏينهن، راتيون ۽ مهينا:
هيءَ صنف وقت سان لاڳاپيل آهي. هن صنف ۾ هفتي جا
ست ڏينهن ۽ راتيون ۽ ٻارهن مهينن جي نالن جي
مناسبت سان شعر چيو ويندو آهي. هن صنف جي ذريعي
سگهڙن ۽ شاعرن پنهنجي جذبن، احساسن، خيالن، اڌمن،
تڙپ، هجر ۽ فراق ۾ گذرندڙ وقت کي محسوس ڪري لفظن
جو لباس اوڍايو آهي، اسان کي هن صنف ۾ ڪيترائي
موضوع ملن ٿا. جيئن: عشقيه، ماروئڙن جي سڪ، قرب،
هجر ۽ فراق، هدايت ۽ نصيحت وغيره.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي شاعريءَ ۾ اسان
کي ٻارهن مهينن بابت لکيل بيت ملن ٿا، جيڪي عشق
سان ٽمٽار آهن. انهن مان ڪجهه مثال هتي پيش ڪجن
ٿا.
ٻارهن مهينا: مجاز
جدائيءَ ۾ وئي جنوري يار گذري
عجيب جهڙي موسم اچي هيءَ به نڪري،
نه آئين، ويس توکي محبوب! وسري،
خبر ٿئي، گهڙيءَ تي به گهڙي ڪيئن ٿي نبري!
مٺا! توکان گهٽ آهه ماکي ۽ مصري،
ڇڏي سرڪ سڪ جي چرئي کي چکائي
اهو هي به ٿو سال اڄ موڪلائي.
مٿان مارچ آيو ته آئي بهاري،
گلن ۽ ڦلن جي ٿي موسم پياري،
مون چانڊوڪي ساري ئي سڪ ۾ گذاري،
پوءِ گذري سندم ڪيئن ٿي هر رات ڪاري!
وئي ڪينڪي مون وٽان بيقراري،
اچين ها ته سڀ ڪجهه چوان ها چتائي،
اجهو هي به ٿو سال اڄ موڪلائي.
جو آگسٽ آيو ته بادل به آيا،
۽ سانوڻ اچي نت نوان رنگ لايا،
ٻڌي گوڙ ٿيا سور منهنجا سور سوايا،
وسي بوند ڦوڙائي جا ڦٽ چڪايا،
اچي وڏڦڙي جوش جذبا جاڳايا،
ورئين ڪونه، ڇڏيئي متان ڪنهن رسائي،
اجهو هي به ٿو سال اڄ موڪلائي.(36)
ٽيهه اکريون:
”ٽيهه اکريون“ سنڌي لوڪ ادب جي هڪ سريلي صنف آهي.
ان کي ”سي حرفي“ پڻ چيو ويندو آهي. هيءَ صنف
عربيءَ جي اٺاويهه اکرن (الف-ب)، (ء) همزه ۽ ”لا“
لام تي مبني هوندي آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ٽيهه اکري ۾
لکي ٿو ته: ”ٽيهه اکري“ مان مراد اهو نظم آهي. جو
عربي (الف-ب) جي اکرن مطابق سلسليوار چيل هجي.
عربي (الف-ب) جا اصولي اکر جملي اٺاويهه آهن. جن
جو سلسلو آڳاٽي وقت کان وٺي هن طرح قائم ٿيل آهي.
(ا ب ت ث ..... هه ي) البته ٻارڙن کي همزه الف ”ء“
توڙي لام ۽ الف جي گڏيل صورت ”لا“ سيکارڻ خاطر
استادن انهن کي پڻ ٻن جدا اکرن جي صورت ۾ ”هه“ کان
پوءِ داخل ڪيو، جنهنڪري ”الف ب“ جي ٽيهن اکرن وارو
ڳاڻيٽو توڙي انهن جي هڪٻئي پويان سلسلو عام رائج
ٿي ويو. انهن ٽيهن اکرن جي سلسلي مطابق جوڙيل نظم
کي فارسيءَ جي لحاظ سان ”سي حرفي“ ۽ خالص سنڌي
اصطلاح موجب ”ٽيهه اکري“ چيو ويو.(37)
سنڌي سگهڙن ۽ شاعرن ان ۾ وڌيڪ مٺاس ۽ رس چس ڀرڻ
لاءِ حرف تجنيس جو استعمال ڪري ويتر ان ۾ نکار
آندو آهي. لوڪ ادب جي ان صنف مان سنڌي ٻوليءَ جي
فصاحت، بلاغت ۽ سلاست جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
ٽيهه اکريءَ ۾ هر سگهڙ ۽ شاعر جو اندازو مختلف
آهي، پر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو رنگ ڍنگ
نرالو آهي. سندن هڪ ٽيهه اکريءَ مان نموني طور
ڪجهه شعر ڏنا وڃن ٿا.
الف اٿي اڌرات جو، اڌوتي اورين
ڪُلهان ڪنڌ ڪورين، ”قالو“ واري قول تي.
بي بهادر بي ريا، بيشڪ ٿيا با حال،
قائم قرب ڪمال، حاصل ڪيائون حق جو.
جيم جلائي جسم کي، الله ڪيائون اثبات،
وحدت وائي وات، عاشقن اختيار ڪئي.
خي خدائي خيال ۾ خاصا ٿيا خوشحال،
محبت وارو مال، ميڙيائون مهمير ٿي.
زي زباني ذڪر کي، قلبي ڪيائون،
واري وڌائون، پاڻ کي پاتار ۾.(38)
هنر:
”هنر“ سنڌي لوڪ ادب جي هڪ نرالي صنف آهي. هنر جي
معنيٰ آهي. مهارت، فن، ڪاريگري.
”’هنر‘ به ڳجهارت جو قسم آهي. هن ۾ قسمين قسمين ۽
عجيب رنگ ۽ ڍنگ ۾ ڏوهيڙا چيل هوندا آهن، جن جي
ظاهري معنيٰ تفصيلوار بيان ڪندا آهن، ان وقت ڳجهي
۽ ڳوڙهي معنيٰ جي راز جو پتو پوي ٿو ۽ ٻڌندڙ کي
تعجب لڳو وڃي.“(39)
سنڌي لوڪ ادب جي هن صنف تي مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ نه صرف طبع آزمائي ڪئي آهي بلڪ قابلِ داد
هنر پڻ لکيا آهن. هتي ان جو نمونو پيش ڪجي ٿو.
جنهن ۾ شهرن جو ذڪر آهي.
مٽياري ۾ منهنجا پرين، آراضي ٿي تون اچ
ڏيپلو پريت جو ته سکر ٿيان سچ
محبت ديري مچ، ٻاريو منهنجي من ۾.
ڪڍي ڇڏي قلب مان دليل جو ديرو
سڪرنڊ ويندي ساهه ۾ من ٿيندو ميرو
دلي دؤڙ دوڙاءِ، ڪا ساجهر سويرو
ڪر ڀلن وٽ ڀيرو، ته وسينءَ کي ويجهو ٿئين.(40)
ڪو زمانو هو جو سنڌي لوڪ ادب کي جهنگلي ادب جو لقب
ڏئي اسان جي سنڌي شاعرن ان کي اهميت نه ٿي ڏني
وئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان جي اهميت کي اجاگر
ڪيو ۽ باقاعده هڪ اسڪيم ٺاهي سنڌي ادبي بورڊ کان
اها اسڪيم منظور ڪرائي. هن اها اسڪيم مڪمل پڻ ڪئي.
اهڙي ريت لوڪ ادب جا 42 جلد شايع ٿيا ۽ ماڻهن لوڪ
ادب جي اهميت جو اعتراف ڪيو.
ان ساڳئي زماني ۾ سنڌي شاعرن جمعيت الشعراءِ سنڌ ۽
بزم مشاعره جو بنياد وڌو جنهن جي سهاري هيٺ طرحي
مشاعرا مختلف شهرن ۾ ٿيندا رهندا هئا، سنڌ جا شاعر
انهن مشاعرن ۾ رڳو غزل پڙهندا رهندا هئا. مخدوم
محمد زمان طالب الموليٰ پهريون شخص آهي. جنهن سنڌي
ڪافي جا مشاعرا ڪرايا ۽ هڪ مزاحيه ڪانفرنس مشاعرن
۾ مخدوم طالب الموليٰ پهريون شاعر آهي. جنهن غزل
سان گڏوگڏ لوڪ ادب جي مختلف صنفن تي لکيو. جنهن
مان سندن لوڪ ادب سان محبت ۽ ان تي دسترس جو چٽو
ثبوت ملي ٿو.
حوالا
1.
|
شيخ اياز ڀؤنر ڀري آڪاس، ثقافت کاتو، حڪومت
سنڌ، ڪراچي 2008. |
2.
|
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڇپر ۾ ڇڙيون
مرڪزي بزم طالب الموليٰ 1971ع ص: 18.
|
3.
|
ساڳيو ص:23. |
4.
|
ساڳيو ص:25. |
5.
|
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واقعاتي بيت سنڌي
ادبي بورڊ، ڪراچي حيدرآباد، سنڌ پاڪستان
1961: ص: 371. |
6.
|
مرزا قليچ بيگ سنڌي لغات قديمي ص: 155. |
7.
|
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي
مختصر تاريخ. |
8.
|
|
9.
|
سروري جماعت جو ”ڏهر“ ۽ اويسي طريقو (مقالو)
ٽماهي مهراڻ 1/1990 ص:38. |
10.
|
ساڳيو، ص:39. |
11.
|
ساڳيو. |
12.
|
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪافي بزم طالب
الموليٰ شاخ هالا 1962ع، ص: 37. |
13.
|
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڇپر ۾ ڇڙيون
مرڪزي بزم طالب الموليٰ 1971ع ص: 258. |
14.
|
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ آبِ حيات طالب
الموليٰ اڪيڊمي 1990ع، ص: 12. |
15.
|
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ قافيون (جلد ٽيون)
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو/ حيدرآباد، سنڌ
1990ع ص: 1364. |
16.
|
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڇپر ۾ ڇڙيون
مرڪزي بزم طالب الموليٰ 1971، ص: 297. |
17.
|
طارق عزيز شيخ سنڌي ادب جو تنقيدي ۽ تحقيقي
جائزو، ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور 2001، ص:158. |
18.
|
ساڳيو، ص: 157. |
19.
|
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڇپر ۾ ڇڙيون
مرڪزي بزم طالب الموليٰ 1971، ص:1، 4، 5، 6. |
20.
|
ساڳيو، ص: 156. |
21.
|
ساڳيو، ص: 9، 10. |
22.
|
ساڳيو، ص: 249. |
23.
|
ساڳيو، ص: 251. |
24.
|
الله بخش نظاماڻي سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي
تاريخ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، حيدرآباد،
سنڌ 1971، ص: 46. |
25.
|
ساڳيو، ص: 47. |
26.
|
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌوءَ جا گيت، ثقافت ۽
سياحت کاتو، سنڌ حڪومت 2008ع، ص: 44. |
27.
|
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڇپر ۾ ڇڙيون
مرڪزي بزم طالب الموليٰ 1971، ص:17. |
28.
|
ساڳيو، ص: 16. |
29.
|
ساڳيو، ص: 17. |
30.
|
الله بخش نظاماڻي سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي
تاريخ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، حيدرآباد،
سنڌ 1971، ص: 64. |
31.
|
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سدا وسين
سنڌڙي طالب الموليٰ اڪيڊمي 1990ع ص: 73، 74. |
32.
|
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڇپر ۾ ڇڙيون
مرڪزي بزم طالب الموليٰ 1971، ص:79، 82. |
33.
|
ساڳيو، ص: 89، 100، 101. |
34.
|
ساڳيو، ص: 102، 106، 107. |
35.
|
ساڳيو، ص: 68، 69، 70 . |
36.
|
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هفتا، ڏينهن،
راتيون، مهينا سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي
حيدرآباد سنڌ پاڪستان 1961ع ص: 412، 413،
416 . |
37.
|
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ٽيهه اکريون (ڀاڱو ٻيو)
سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي، حيدرآباد سنڌ 1961ع. |
38.
|
ساڳيو، ص 310-311. |
39.
|
الله بخش نظاماڻي سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي
تاريخ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي حيدرآباد، سنڌ
1971ع ص: 33. |
40.
|
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌي هنر شاعري، سنڌي
ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ، 1991ع ص: 280. |
|