نواب ڪاڪا
سماجي ڪردار ۽
سنڌي ڪهاڻي
دنيا ۾ فرد جو ڪردار ايئن آهي جيئن جسم ۾ روح،
هيءُ سمورو مانڊاڻ انسان لاءِ ئي منڊيل
آهي. انسان پنهنجي فهم، فڪر، سوچ لوچ ۽ ڏاهپ جي
ذريعي پنهنجي ڪردار کي عظيم کان عظيم بڻائيندو
رهيو آهي. هر انسان پنهنجي وجود ۾ تمام گهڻو وسيع
۽ گهرو آهي. هڪ فرد ڪيترن ئي مرحلن مان گذرندي
ڪيترائي ڪردار نڀائي ٿو. عمر جي مختلف حصن ننڍپڻ،
جواني ۽ پيريءَ ۾ هن جا ڪردار تبديل ٿيندا رهن ٿا.
ٻالڪپڻ واري معصوميت جواني ۾ نٿي رهي. جواني واري
ارڏائي ۽ جذبات پيريءَ ۾ نٿا رهن. هڪ فرد مختلف
سماجي رشتن ۾ به ٻڌل رهي ٿو. پٽ، ڌيءَ، ماءُ پيءُ،
مڙس، زال، ڀاءُ، ڀيڻ، دوست، دشمن وغيره. هر رشتي
ناتي سان سندس ورتاءُ الڳ رهي ٿو. پنهنجي پيشوراڻي
ذميوارين ۽ الڳ فڪر، ثقافت ۽ تهذيب سبب به ڪردار ۾
انفراديت رهي ٿي.
As human beings, we all have physical
characteristics that are part of our genetic
makeup, we are all also members of society and
adopt some of its cultural characteristics (1)
شاگرد، هاري، مزدور، ڊاڪٽر، جج، انجنيئر، وڪيل،
استاد، سياستدان، صوفي، پنڊت، مولوي وغيره. هر
انساني ڪردار جي دنيا تمام گهڻي وسيع آهي. هن سڄي
ڪائنات جو محور به انسان ئي آهي، انڪري دنيا جي هر
علم ۽ تحرير ۾ سندس ڪردار جو اچڻ سڀاويڪ آهي.
انساني ڪردار هميشه ارتقا جا مرحلا طئي ڪندو رهندو
آهي. انسان پنهنجي ڪردار جي اصليت ۽ حقيقت جي تلاش
۾ سرگردان رهيو آهي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو فرد جي
ڪردار ۽ ايندڙ تبديلين سبب ٿيندڙ اثر بابت لکي
ٿو. ”ڪردار سماجي زندگيءَ جو اهم جزو آهي. سماج ۾
فرد جو ڪردار سڀاويڪ ٿئي ٿو، ڇو ته اهو عادتن تي
ٻڌل ٿئي ٿو. ان ۾ ڏيک ڏيکاءُ گهٽ ٿئي ٿو، پر ان ۾
سماج جنهن ۾ تڪڙي تبديلي ايندي رهي ٿي، ڏيک ڏيکاءُ
وڌي ٿو وڃي، ڇو ته ان ۾ هر ماڻهو پنهنجي رتبي جي
تلاش ۾ آهي ۽ ڳولي رهيو آهي ته هن جو سچو ۽ موزون
ڪردار ڪهڙو هئڻ گهرجي.“(2) ادب جو خاص طور بنياد
انساني ڪردار آهي. شاعري، ناول، ڊرامو، افسانو
وغيره هر تحرير ۾ فرد جي حياتي شامل آهي. ڪردار جي
ايتري وسعت کي ڏسندي ان بابت ڪابه حتمي راءِ نٿي
قائم ڪري سگهجي. سياسي، سماجي تبديلي علم، شعور ۽
ٻيا اهڙا عناصر مرڻ تائين انسان جي ڪردار کي
گهڙيندا اچن ٿا. انسان ڪيترائي مرحلا پار ڪندو
پنهنجي انت تائين پهچي ٿو. ادب ۾ ڪردارن جي مطالعي
جي اهميت کي بيان ڪندي ڊاڪٽر نور افروز خواجه لکي
ٿي. ”ڪردارن جي زندگي جي حالت ۽ واقعن جي مطالعي ۽
تجزئي سان ادب ۾ جتي گهڻين خوبين جي خبر پئجي
سگهندي آهي اتي نقصن ۽ عيبن جو به پتو پوندو
آهي.“(3) يعني ڪنهن به قوم جي فردن جي جيڪا تاريخي
ارتقا حقيقي زندگي ۾ ٿئي ٿي اها ان جي ادب ۾ به
پسي سگهجي ٿي. ڪردارن جو اڀياس قومن جي تاريخي
اوسر جو اڀياس آهي. جنهن مان سندن خوبين ۽ خامين
جو پتو پوي ٿو.
ڪهاڻي يا افسانو جديد ادب جي هڪ اهم صنف رهي آهي.
دنيا جي ادب ۾ ڪهاڻي پنهنجي مخصوص فن ۽ دلچسپيءَ
سبب وڌ ۾ وڌ لکي پئي وڃي. ڊاڪٽر غلام علي الانا
ڪهاڻيءَ جي فن جي باري ۾ لکي ٿو ”هن ۾ زندگي جي
عام حقيقتن، روزمرهه جي واقعن ۽ انفرادي جذبن توڙي
احساسن جي گهڻي کان گهڻي گنجائش موجود آهي،
تنهنڪري اڄ جي ادب ۾ انساني زندگي جي ترجمانيءَ
لاءِ بهترين صنف سمجهيو ويو آهي.“(4)
ڪهاڻي مختلف فني عنصرن جو هڪ اهڙو ميل آهي، جنهن
جو مقصد هڪ ڀرپور تاثر پيدا ڪرڻ آهي، ڪهاڻيءَ ۾
ٻين عنصرن سان گڏ ڪردار نگاري کي اهم ۽ بنيادي
حيثيت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته ڪهاڻي جي ذريعي ليکڪ
ڪيترن ئي ڪردارن بابت گهري ڄاڻ ڏئي ٿو.
Characterization is the information the author
gives the reader about the characters
themselves, the author may reveal in character
in several ways.
(5)
ليکڪ جيستائين انساني جيون جو گهرائيءَ سان اڀياس
نٿو ڪري تيستائين هو تحرير ۾ ان سان صحيح انصاف
ڪري نه سگهندو. سمورا واقعا ۽ حادثا ڪردارن کي ئي
پيش اچن ٿا. جيئن ڪردار جو دنيا جي هر عمل ۾ دخل
آهي، تيئن ڪهاڻي به ڪردار کان سواءِ سرجي نٿي
سگهي. ڪردار ڪڏهن سڌو سنئون پنهنجي مڪمل شخصيت سان
اڀري اچي ٿو. ڪڏهن اڻ سڌي طرح ڪهاڻيءَ جو حصو بڻجي
ٿو. ”ادب پاره جي ڪردارن جي وڏي خوبي اها هئڻ
گهرجي ته اهي زنده محسوس ٿيندا هجن، پڙهندڙ سندن
ڳالهين، ڪمن ۽ انهن جي جدوجهد مطلب ته سڄي ڪردار
کي اهڙي طرح ياد ڪن جيئن زندهه انسان جي ڪنهن عملن
۽ جدوجهد کي ياد ڪبو آهي.“ (6) ڊڪشنري آف لٽرر
ٽرمس ۾ ڪردار نگاريءَ جي اهميت هن طرح بيان ٿيل
آهي:
Characterization has dominant in fiction he must
emerge out as alive before a writer can make his
reader sympathies with or opposite. (7)
ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار کي اها ئي ساڳي سماجي حيثيت بيان
ڪرڻي آهي، جيڪا عام زندگيءَ ۾ هن جي آهي، ته جيئن
پڙهندڙ ڪردار کان جلدي واقف ٿي وڃي. ڪهاڻيءَ ۾
ليکڪ کي حقيقي زندگيءَ جي جهلڪ پيش ڪرڻي آهي.
انڪري ڪردار جو قول ۽ فعل سندس عين شخصيت مطابق
هئڻ گهرجي. ڪردار پنهنجي صلاحيتن کان به چڱي طرح
واقف هئڻ گهرجي. اهو شعور نه صرف ڪهاڻيءَ ۾ بلڪه
عملي زندگيءَ ۾ به ڪردار کي ڪامياب بڻائي ٿو، جيئن
سيد وقار عظيم لکي ٿو:
کردار کو زندگی
میں،
اور اس لیئے
قصے
میں
بھی
کہ وہ زندگی
کا عکس ہے،
یہ
علم کامیاب
و کامران بناتا ہے
کہ اسے
اپنی
صلاحیتوں
سے
کام لینا
ہے
اور دنیا
کی
نظر میں
اسے
جو مرتبہ اور حیثیت
حاصل ہے
اسے
کس طرح استعمال کرنا ہے۔(۸)
زندگيءَ جي جنهن به شعبي مان ڪردار کي کڻجي، ان
پيشي يا فڪر جي چڱي طرح ڄاڻ هئڻ گهرجي، تڏهن ئي
ڪردار پنهنجي زندگيءَ جي ان حصي يا فڪر جي مڪمل
نمائندگي ڪري سگهندو. پڙهندڙ کي فطري طور تي محسوس
ٿيندو. ادب جي تخليق وقت ليکڪ کي اهو ذهن نشين ڪرڻ
کپي ته هو وقت جي حقيقي تاريخي قلمبند ڪري رهيو
آهي. قومن جي صحيح تاريخ ادب ۾ ئي رقم ڪئي ويندي
آهي. جيئن امر جليل لکي ٿو ”حاڪمن جي حڪم تي تيار
ڪيل تاريخ قومن سان هاڃا ڪري ڇڏيندي آهي. ان جي
ابتڙ ادب پوري سچائيءَ سان پنهنجي دور جي ترجماني
۽ عڪاسي ڪندو آهي. تاريخ جي چالاڪين تي گواهي
ڏيندو آهي.“(9)
ڪردارن ۾ سچائيءَ جا اهي سمورا رنگ موجود هئڻ
گهرجن ته جيئن قوم جي فردن جي عملي زندگيءَ جو
ايندڙ نسل کي صحيح اندازو ٿي سگهي. اسان جي سنڌي
ادب ۾ اهڙا ڪيترائي ڪردار تخليق ڪيا ويا آهن. اسان
جي فڪر، فلسفي، تاريخ ۽ نفسيات جي نمائندگي ڪن ٿا.
قوم لاءِ رهنمائيءَ جي حيثيت به رکن ٿا. تهذيب ۽
تاريخ جا نمائندا به بڻجي وڃن ٿا.
ادب جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ سنڌي ڪهاڻي ڪيترن ئي
سماج جي حقيقي ڪردارن کي نمايان ڪيو آهي. سنڌي
ڪهاڻيءَ نه صرف سماج جي ڪن اهم ڪردارن کي نمايان
ڪيو آهي. بلڪه انهن سان واسطو رکندڙ آس پاس جا ٻيا
ڪردار (هاڪاري توڙي ناڪاري) به ڪهاڻي جي فن ۾ اچي،
تاريخ جو حصو بڻجي ويا آهن. دنيا جي بهترين
ڪهاڻيڪارن اينٽن چيخوف (روس) موپاسان (فرانس)
ايڊگرايلن
پو (آمريڪا) ۽ ٻيا ڪيترائي دنيا جا مشهور ڪهاڻيڪار
آهن جن ڪهاڻيءَ جي فن ذريعي مختلف حقيقتون ڪردارن
جي ذريعي دلچسپ ۽ موثر انداز ۾ بيان ڪيون آهن.
سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ ورهاڱي کان اڳ امرلال هڱوراڻي،
مرزا نادر بيگ، عثمان علي انصاري، گوبند مالهي،
آسانند مامتوراءِ، لطف الله بدوي، عبدالله عبد،
گوبند پنجابي ۽ ٻيا اهم آهن.
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سڀ کان پهرين جنهن ڪردار پنهجو
ڌاڪو ڄمايو، اهو آهي امرلال هڱوراڻي جي ڪهاڻي ”ادو
عبدالرحمان“ جو ”عبدالرحمان“ وارو مست، الست
ڪردار. هن ڪردار تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي. دنيا
جي بهترين ڪهاڻين ۾ شامل ٿي انعام به حاصل ڪري چڪي
آهي. هيءُ ڪردار سنڌ جي صوفياڻي فڪر جو نمائنده
ڪردار مڃيو ويو آهي. پڙهندڙ جي ذهن تي ڀرپور تاثر
ڇڏي ٿو. ڪيرت ٻاٻاڻي هن مجموعي جي مهاڳ ۾ هن ڪردار
لاءِ لکي ٿو: ”هن ڪردار جو ايڏو تاثير آهي، جو هڪ
دفعو پڙهڻ کان پوءِ ذهن تي ڇانئجي وڃي ٿو ۽ سالن
تائين جهونجهاڙيندو ٿو رهي.(10) هيءُ ڪردار سچل
سائين وارو فڪر (جوئي آهيان سوئي آهيان) جي جيئري
تصوير آهي. دنيا جي نظرن ۾ ڀلي مست آهي، پر حقيقت
۾ وڏو عالم باعمل آهي. سماج جي کوکلين روايتن ۽
انصاف جي ڪرسي تي ويهي ناانصافي ڪندڙن جي پت وائکي
ڪري ٿو. سماج ۾ نام نهاد ڪردار جيڪي پاڻ کي شرافت
جي خول ۾ ويڙهي صرف ٻاهرين سطح ٺاهي هلن ٿا، انهن
جا اهي خول ۽ سطح چيري حقيقتون ظاهر ڪري ڇڏي ٿو.
ڪردار جي اها صداقت ۽ سچائي آهي، جنهن هر باشعور
ماڻهوءَ جو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪايو. لال سنگهه
آجواڻي هن ڪردار لاءِ لکي ٿو ”عبدالرحمان جو ڪردار
واقعي ئي سنڌي صوفي آهي ۽ هو ان وقت سچل جي اصول
تي عمل ڪندي، منهن تي سچ ڦهڪائي ٿو ڏئي ته آئون نه
هندو آهيان نه مومن“(11). سنڌي ڪهاڻيءَ جي انهيءَ
دور ۾ مرزا قليچ بيگ جي فرزند مرزا نادر بيگ جو
نالو شروعاتي سنڌي ڪهاڻيڪارن جي صنف ۾ ليکجي ٿو.
هن موهني جي نالي سان هندو جيون جي ڪيترن ئي
ڪردارن جا عڪس چٽيا آهن. عثمان علي انصاري ”ململ
جو چولو“ ڪهاڻي ۾ زبيده جي مظلوم ڪردار ۽ انور
نالي سان سماج جي خود غرض ڪردار کي پيش ڪيو. 1942ع
۾ گوبندمالهي ريگستاني ڦول نالي سان مختلف ليکڪن
جي ڪهاڻين جو مجموعو شايع ڪيو جنهن ۾ سندس ڪهاڻي
”جعفر بيلدار“ ڪهاڻيءَ ۾ ”جعفر“ جي مظلوم ڪردار ۽
بالا آفيسرن جي ڏاڍائي ڪندڙ ڪردار جا پردا کولي
ٿو. شيخ عبدالستار جي ڪهاڻي ”رحيما“ ۾ رحيما جو
ڪردار به سماج جي سچي تصوير کي اڳيان آڻي ٿو. جيون
نرياڻيءَ جي ڪهاڻي ”مڇن واري دادي ڪهاڻي ۾ ”دروپدي
دادي“ جو ڪردار، قدرت جي عجيب تخليق ۽ سماج جي بي
حس ڪردارن جي تصوير پيش ڪري ٿو. عثمان علي انصاري
جو ”پنج“ نالي سان مجموعو شايع ٿيو جنهن مان سندس
ڪهاڻي ”ململ جو چولو“ وڌيڪ مشهور ٿي. هن ۾ انور
نالي شخص جو خودغرض ڪردار آهي جيڪو پنهنجي خودغرضي
واري عمل جي ڪري پنهنجي بري انجام تي پهچي ٿو.
شيخ اياز ورهاڱي کان ڪجهه عرصو اڳ باغي منڊل
ڪهاڻين جو مجموعو ”سفيد وحشي“ نالي سان شايع
ڪرايو. اياز به پنهنجي مخصوص فن جي ذريعي ڪيترن ئي
سماجي ڪردارن جا نقش چٽيا آهن. خاص طور ”کلڻي“
ڪهاڻي، بهترين ڪرداري ڪهاڻي مڃي وئي آهي. معصوم
عورت جي معصوميت محبت کي اياز هن ڪهاڻيءَ جي ڪردار
ذريعي ڪمال فنڪاريءَ سان چٽيو آهي. پروفيسر
منگهارام ملڪاڻي هن ڪهاڻيءَ لاءِ لکي ٿو، ”هيءَ هڪ
نهايت نفيس سيرت نگاريءَ جي آکاڻي هئي ۽ سنڌ ۾
نڪتل اصلوڪين ڪهاڻين مان آخري شاهڪار هئي.“(12)
فڪري تحريڪن جي اثر، قومي ۽ بين الاقوامي حالتن جي
تبديليءَ، ادبي تخليقن تي وڏا اثر وڌا. ڪهاڻيءَ جي
فن ۾ نوان نوان تجربا ٿيندا رهيا. ورهاڱي کان پوءِ
سنڌيءَ ۾ ڪيترائي نوان ڪهاڻيڪار يپدا ٿيا. سنڌي
ڪهاڻي جو ڄڻ نئون جنم ٿيو. ڪيترن ئي سماج جي اهم
ڪردارن جا عڪس چٽيا ويا. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي
ڪهاڻيءَ جي وڌندڙ اهميت فن ۽ فڪر جي حوالي سان
ٿيندڙ ترقيءَ جي باري ۾ ڊاڪٽر علام علي الانا لکي
ٿو: ”افساني جي صنف آزادي کان پوءِ گهڻي مقبوليت
حاصل ڪئي آهي. عوام جي سهڪار توڙي قدرشناسي جي ڪري
ڪيترن ئي افسانانگارن پنهنجا نوان تجربا شروع ڪيا
آهن ۽ نيون راهون پڻ تلاش ڪيون اٿن، جن ۾ هو گهڻي
قدر ڪامياب به ٿيا آهن. هن دور جو سنڌي افسانو
يورپ جي هر سڌريل زبان جي افساني سان همسري ڪري
سگهي ٿو.“(13) ورهاڱي کان پوءِ جي ڪهاڻيڪارن ۾ ع ق
شيخ، جمال ابڙو، غلام رباني آگرو، شيخ اياز، اياز
قادري، سوڀو گيانچنداڻي، حفيظ شيخ، شيخ عبدالرزاق
راز، نجم عباسي، بيگم زينت عبدالله چنا، ثميرا
زرين، خيرالنساءِ جعفري، ماهتاب محبوب، نسيم کرل،
امرجليل، عبدالقادر جوڻيجو، طارق اشرف، رشيد ڀٽي،
منير، آغا سليم، شوڪت حسين شورو، قمر شهباز، غلام
علي مغل، بشير مورياڻي ۽ ٻيا ڪيترائي افسانا نگار
اچي وڃن ٿا. هنن ڪهاڻيڪارن سماج جي مختلف ڪردارن
ذريعي فني ۽ فڪري حوالي سان پختيون ۽ بهترين
ڪهاڻيون تخليق ڪيون.
ورهاڱي کانپوءِ جن ڪردارن سنڌي ڪهاڻيءَ جي ذريعي
تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي، انهن ڪردارن ۾ جمال ابڙي
جي ڪهاڻي ”پشو پاشا“ جو ڪردار ”پشو“ ”بدمعاش“
ڪهاڻيءَ وارو بدمعاش
غلام رباني آگري جي ڪهاڻي ”شيدو ڌاڙيل“ جو ڪردار
”شيدو“ اياز قادري جي ڪهاڻي ”بلودادا“ جو ڪردار
”بلاول عرف بلو“ ۽ ”مان انسان آهيان“ ڪهاڻيءَ وارو
”مست فقير“ جو ڪردار اهم آهن. هنن ڪردارن سنڌي
ڪهاڻيءَ ۾ نوان باب رقم ڪري ڇڏيا. ليکڪ ڪردارن جي
شخصيت کان مڪمل واقفيت ڪرائين ٿا ۽ اهوئي عمل ڪن
ٿا. جيڪو هوند عملي زندگيءَ ۾ اهڙي ماحول ۾ اهڙي
انسان کي ڪرڻ گهرجي. سماج ۾ ٿيندڙ ظلمن جي داستانن
طبقاتي ڪشمڪش ڏاڍن جي هيڻن سان ورتاءُ جون کليل
تصويرون آهن. جديد ترقي پسند فڪر کي به هنن ڪهاڻين
جي ڪردارن ذريعي ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪردارن جي سوچ
۽ عمل پنهنجي ماحول سان هم آهنگ آهي، پڙهندڙ جي
ذهن تي ڀرپور تاثر ڇڏين ٿا. اهڙين ئي ڪرداري
ڪهاڻين جي ذريعي ڪهاڻي پنهنجو سماج ڪارج ادا ڪندي،
ڀرپور تاثر ڇڏي ٿي. ورهاڱي کانپوءِ جمال ابڙو سنڌي
ڪهاڻيڪارن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، هرهڪ ڪهاڻي جو
ڪردار بلڪل چٽو آهي، پڙهندڙ جو مڪمل توجهه ڇڪائي
ٿو. جمال ابڙي پنهنجي ڪردارن جي هر خوبي توڙي خامي
ظاهر ڪري، انهن کي فطرت سان هم آهنگ ڪري ڇڏيو آهي
”پيراڻي“ ڪهاڻِي جو ڪردار، خميسي جو ڪردار پشو جو
ڪردار ”بدتميز“ ڪهاڻي ۾ ڊاڪٽر جو ڪردار توڙي
مسڪينن جي حالت، ”ڪارو منهن“ ڪهاڻي ۾ دينو ڪردار،
”مهرباني“ ڪهاڻي وارا سماج جا سطحي ۽ پاڻ کي مهذب
سمجهندڙ ڪردار، ”ماءُ جي جهولي“ ڪهاڻي ۾ سنڌي ماءُ
جو ڪردار، ”لاٽ“ ڪهاڻي وارو پورهيت جو ڪردار، هيءُ
سمورا ڪردار پنهنجي مڪمل شخصيت سان اڀري اچن ٿا ۽
سماج مان همدردي يا نفرت حاصل ڪن ٿا ۽ ليکڪ جي فن،
فڪر توڙي مشاهدي جي گهرائيءَ جو ثبوت پيش ڪن ٿا.
اهڙي طرح بشير مورياڻي جي ڪهاڻين ”چهڙي“ ۾ معصوم
ڇيميءَ جو ڪردار ۽ ”پريم ڪهاڻيءَ“ ۾ پريم جو ڪردار
به ڪردارنگاريءَ جو بهترين نمونو آهي. سماج جا
ڄاتل سڃاتل حقيقي ڪردار معلوم ٿين ٿا. ليکڪ ڪٿي به
رک رکاءُ ناهي ڪيو. نسيم کرل جي ڪهاڻين ۾ به ڪردار
نگاري جا فطري رنگ نظر ايندا. ”شبنم شبنم ڪنول
ڪنول“ ۾ نرس ۽ ڊاڪٽر جو ڪردار، ”چوٽيهون در“ ۾
سماج جي ذميوار فرد گيج ريڊر ۽ پوليس آفيسرن جي
لاپرواهه ڪردار کي فطري انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
جديد دور جي ڪهاڻِيڪارن ۾ امرجليل به پنهنجو پاڻ
مڃائي چڪو آهي پنهنجي ڪهاڻين ۾ پنهنجي مخصوص فن،
فڪر ۽ اسلوب ذريعي عام سماجي ڪردارن سان انصاف
ڪندي انهن جي مڪمل شخصيت کي ظاهر ڪري ڇڏي ٿو.
پنهنجي ڪهاڻين ۽ ڪردارن لاءِ لکي ٿو ”رستن، گهرن ۽
گهٽين ۾ ڌڪا کائڻ وارن جون ڪهاڻيون آهن گهاو خاطر
جلاد جي تلاش ۾ گهمڻ وارن ڪردارن جون ڪهاڻيون
آهن.“(14) جڏهن به ڪردارن جي صحيح سڃاڻپ ۽ پرک بعد
سچائي سان لکيو ويو آهي، ته اهي ڪهاڻيون ڪامياب
رهيون آهن. سمورو تاثر ڪردار ۾ سمايل هوندو آهي،
پڙهندڙ جڏهن ڪهاڻين ۾ اهڙا ڪردار پڙهي ٿو ته هن کي
ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هو اهڙن سماجي ڪردارن کان اڳ
ئي واقف آهي. پڙهندڙ اهڙن ڪردارن جي نفسيات ۽ عمل
جي وڌيڪ ڄاڻ ڪهاڻيءَ جي ذريعي حاصل ڪري، ذهني سڪون
۽ آنند حاصل ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ جي ڪردارن جي ڪاميابي
سندن فطري آزاديءَ تي ٻڌل ٿئي ٿي. ليکڪ پنهنجا
آدرش، اصول ۽ نظريا ڪردار جي ذريعي ظاهر ڪري ٿو.
مگر ڪردار جي فطري آزاديءَ کي به نظر انداز نٿو
ڪري. ليکڪ اهڙا ئي ڪردار ڳولي ٿو جيڪي عين انهن
نظرين تحت هلندڙ هوندا آهن.
دنيا جي هر قوم ارتقا جا مرحلا طئي ڪندي اڳتي
وڌندي پئي وڃي. اهو ضروري آهي ته ادب جي محاذ تان
ڪهاڻيءَ جي ذريعي اهڙن ڪردارن کي نمايان ڪجي، جن
جو قوم جي ترقي، سڌاري ۽ رهنمائيءَ ۾ سڌو سنئون هٿ
آهي. چاهي اهي سماج جي نظرن ۾ ڪيترا به معمولي ڇو
نه هجن. مگر انهن جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري
سگهجي. ساڳي طريقي سان انهن ڪردارن جي اصليت تان
به پردو هٽائجي، جيڪي سماج کي اڏوهيءَ جيان کائي
رهيا آهن. جن تازي وهندڙ پاڻيءَ جهڙي پاڪيزه سوچ
کي بند ٻڌي سماج کي گندي تلاءُ ۾ تبديل ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي. ماضيءَ ۾ لکيل ڪامياب ڪرداري ڪهاڻين
ذريعي اسان کي اهڙا سماجي ڪردار چٽا نظر ايندا. جن
سماج جي ترقيءَ ۾ پاڻ ملهايو آهي. موجوده دور جي
ليکڪ تي پڻ اها ذميواري اچي ٿي ته مطالعي ۽ مشاهدي
جي آڌار تي سماج جي هرهڪ ڪردار سان انصاف ڪندي ان
کي ڪهاڻي جي فن ذريعي ظاهر ڪري ڇڏي.
حوالا
Giddens Anthony, introduction to
sociology, Cambridge university,
university of California Santa Barbara
1996, Page 59. |
1.
|
2.
|
ٻوهيو، ڊاڪٽر الهداد- سنڌي ٻولي جو سماجي
ڪارج، سال 1978ع انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
ڄامشورو. ص 21. |
3.
|
خواجه ڊاڪٽر نور افروز، ورهاڱي کان پوءِ
سنڌي ناول جي اوسر، سال 2010، شيخ شوڪت علي
اينڊ سنز، ڪراچي، ص 209. |
4.
|
خواجه غلام علي الانا، چونڊ سنڌي افسانا،
سال 1981، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو. ص
(الف). |
elements.html. |
5.
|
6.
|
خواجه ڊاڪٽر نور افروز، ورهاڱي کان پوءِ
سنڌي ناول جي اوسر، سال 2010، شيخ شوڪت علي
اينڊ سنز، ڪراچي، ص 209. |
Malik Muhammad Ali Prof: Dictionary of
Literary Terms. New Kitab Mahal Urdu
bazaar Lahore. 2009-10, Page 08. |
7.
|
8.
|
سید،
وقار عظیم،
داستان سے
افسانے
تک، اردو اکیڈمی
سندھ، ۱۹۶۰ع، ص:
137. |
9.
|
امر جليل، ادب ۽ سياست، ڪاڇو پبليڪيشن
ڪراچي، سنڌ 2010ع، ص 23. |
10.
|
هنڱوراڻي، امرلال، ادوعبدالرحمان، مهاڳ ڪيرت
ٻاٻاڻي، نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد
حيدرآباد، 1985ع، ص: 10. |
11.
|
جواڻي لعل سنگهه، مترجم هيرشيوڪاڻي، سنڌي
ادب جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 2007
ص 270. |
12.
|
لڪاڻي، منگهارام پروفيسر، سنڌي نثر جي
تاريخ، حيدرآباد، سنڌي ساهت گهر 2007، ص 66. |
13.
|
خواجه غلام علي الانا، سنڌي نثر جي تاريخ،
سنڌي ساهت گهر حيدرآباد سال 1999، ص 44. |
14.
|
امر جليل، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1998ع، ص
8. |
|
|
|
|