سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2012ع

مضمون

صفحو :5

”شمشير بدر قلعه بکر رسانيد و دفع ديگر بنواحي چندوکه آمده بودند، ودفع ديگر در اُڪري وتاخت بر اصل کرده..... (52).“

ساڳي ڳالهه مير محمد معصوم بکري هنن لفظن ۾ ڪري ٿو ته:

”ڄام نظام الدين جي حڪومت جي پوين ڏينهن ۾ شاهه بيگ جي لشڪر قنڌار کان اچي اڪڙي، چانڊوڪي ۽ سنديچيءَ ۾ ڦرلٽ ڪئي. ڄام هڪ وڏو لشڪر مغلن جي فساد بند ڪرڻ لاءِ چاڙهي موڪليو. جن جلوگير نالي مشهور ڳوٺ وٽ اڳ وٺي سخت لڙائي ڪئي. انهيءَ لڙائيءَ ۾ شاهه بيگ  جو ڀاءُ قتل ٿي ويو ۽ ٻيا شڪست کائي قنڌار موٽي ويا ۽ ڄام نظام الدين جي حياتيءَ ۾ وري سنڌ ۾ نه آيا........ (53).“

هن مٿئين بحث ۽ حوالن مان هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا:

1. بلوچ افسانوي قصن ۽ غير حقيقي روايتن (ٺوس تاريخي شاهدين جي مطابق بلوچي تاريخي ۽ ڪردار غير حقيقي ۽ افسانوي آهن، نه ڪِي حقيقي تاريخ آهن) جي مطابق چاڪر رند 1485ع ڌاري ڪڇي ۽ سبيءَ ۾ قدم رکيو ته انهيءَ دوران جڏهن هو يا هن جا ساٿاري بلوچ ذاتيون ۽ قبيلا، جيڪي اڃان اتر ڪاڇي ۾ قدم به نه رکيو هو، تنهن وقت ”چانڊوڪي“ علائقو ”چندوڪه“ نالي ۾ نه صرف موجود هو ۽ مستعمل هو پر ان دور ۾ هيءُ علائقو هڪ سرسبز ڳوٺ جي صورت ۾ مشهور هو جو ارغونن کي اُتي ڦرلٽ ڪرڻ جو موقعو مليو.

2. بلوچي افسانوي قصن ۽ روايتن جي مطابق چانڊيا بلوچ آهن ۽ هو جلال خان جي پٽ هوت جو اولاد يا ان جي ستين پيڙهيءَ مان ٻئي هوت جو اولاد آهن.

تاريخي ۽ حقيقي طور مٿيون ٻئي بلوچ روايتون بي بنياد آهن. ڇو ته ٻنهيءَ روايتن جي آڌار تي چانڊين جو سنڌ ۾ 1485ع ڌاري آمد وقت تعداد سٺ يا اَسي بيهي ٿو، جڏهن ته پهرين روايت مطابق صرف نرينه اولاد جو تعداد ٻه بيهي ٿو. موجوده دور يعني 1973ع ۾ چانڊين جي ويهه لک تعداد کي ڏسي (54). اهو يقين سان چئي سگهون ٿا ته چانڊين جو بلوچ ۽ جلال خان جو اولاد هجڻ بوگس آهي. ان تي وڌيڪ ۽ نئين سر تحقيق ٿيڻ جي ضرورت آهي.

چانڊين جِي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ موجودگي، سرداري، سياسي ۽ قبائلي حيثيت:

سترهين صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ چانڊيا بکر سرڪار جي چانڊڪا ۽ ٽڪر پرڳڻن کان علاوه سيوهڻ سرڪار جي سيوهڻ حويلي، بوبڪ، باغبان ۽ ڳاهان پرڳڻن ۾ بودباش رکندا هئا، جتي سندن ڪرت چوريون، ڌاڙا، ڦرلٽ، اغوا ۽ هارپ هو

يوسف ميرڪ، باغبان ۽ ڳاهان پرڳڻن ۾ رهائش پذير چانڊين متعلق لکي ٿو ته:

”هتي ٻيو فسادي گروهه چانڊين جو آهي. اهي نڀاڳا....... پوکي راهي پڻ ڪندا آهن. هنن وٽ چوپايو مال ججهو آهي..... هنن بدبختن جو ڌنڌو ئي چوري، برده فروشي، سَنڌَ هڻڻ آهي...... (55).“

يوسف ميرڪ ٽڪر پرڳڻي جي چانڊين جي باري ۾ لکي ٿو ته:

”ليڪن چانڊين جي کؤنس هلندي رهي ٿي. اهي ڏاڍا نامراد آهن. ايتري قدر جو ماڻهن جا ٻار کڻي وڃي وڪڻن ٿا ۽ سندن مال ملڪيت هڙپ ڪري ڇڏين ٿا ............ (56).“

يوسف ميرڪ، سيوهڻ سرڪار جي سيوهڻ حويلي پرڳڻي ۾ چانڊين جي متعلق رقمطراز آهي ته:

”ممڪن ناهي ته هتان جي رعيت هڪ سال تائين جابلو ماڻهن جي ڦرلٽ کان آجي رهي. ڪيترا دفعا ائين ٿيو آهي، جو نومڙيا ۽ چانڊيا جيڪي جبلن  ۾ رهن ٿا، هنن ڳوٺن تي ڪاهي ماڻهن جا مال ڪڍي  پئي ويا آهن. اهو ته ٺهيو پر هنن ويچارن جا ٻار ٻچا  به غنيمن جي ور چڙهندا ٿا رهن. جيڪي ماڻهو هنن نڀاڳن کي واٽ ويندي ملي ٿو، تنهن کي قتل ڪري ڇڏين. انهيءَ ڪري هي ڳوٺ اڪثر ويران  رهن ٿا........ (57).“

چانڊيا بکر سرڪار جي چانڊڪا پرڳڻي جي اتر ڪاڇو جابلو پٽيءَ ۾ پڻ رهائش رکندا هئا، جتي سندن ڪرت پڻ ڌاڙا، ڦريون، اغوا ۽ چوريون هو. يوسف ميرڪ لکي ٿو ته:

”هنن ۾ چانڊيا نڀاڳا به آهن، جيڪي اچن ٿا ته: پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ ٻار ٻچا جبل ڏانهن اُماڻي پاڻ جهنگ ۾ گهٽ تاڙي ٿا ويهن ۽ جيئن لشڪر اتان لانگهاؤ ٿئي ٿو، ته هي اچانڪ ان تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي وڃن ٿا........... (58).“

چانڊين جو انهن مٿين سڀني علائقن ۾ رهائش رکڻ باوجود يوسف ميرڪ، چانڊڪا پرڳڻي جي برعڪس باغبان پرڳڻي جي صوبيدار کي چانڊين تي مڪمل ڪنٽرول ۽ کين تابع ڪرڻ لاءِ ”چانڊين ٻروچن کي زير ڪرڻ بابت“ صلاح، ۽ انتظامي ۽ قانوني مشورو ڏنائين ته:

”چانڊين ٻروچن کي زير ڪرڻ بابت“ هنن ماڻهن لاءِ باغبان جي پرڳڻي وارو ٿاڻيدار چڱيءَ  طرح بندوبست ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن کين پنهنجي ماڳن تي رهڻ ڏنو وڃي ته هي به ٻي رعيت وانگي ڍل ڏيڻ کان ڪين ڪيٻائيندا. ساڳئي وقت وڳوڙن کان به  پاسو ڪري رهندا. ٻي حالت ۾ ٿاڻيدار کي بروقت مٿن چڙهائي ڪري کين اهڙي سيکت ڏيڻ کپي جيئن ٻيا ماڻهو ان مان عبرت حاصل ڪن. اهي جيڪڏهن هي ملڪ ڇڏي اصلي وٿاڻن ڏانهن هليا ويا ته انهن علائقن  ”سيوي ۽ گنجابي“ ۾ ٿانيڪا ٿي اتان جي ماڻهن کي (جيڪي سدائين سندن دشمن آهن) بلڪل تباهه ڪري ڇڏيندا............. (59).“

يوسف ميرڪ جي هن قانوني ۽ انتظامي مشوري مان هڪ وڏي حقيقت ظاهر ٿئي ٿي ته چانڊيا مٿي ذڪر ڪيل سڀني پرڳڻن ۾ بودو باش رکڻ جي باوجود سندن سرداري جو مرڪز ”باغبان پرڳڻي“ ۾ هو، ان لاءِ يوسف ميرڪ به چانڊڪا پرڳڻي جي برعڪس باغبان پرڳڻي جي ٿاڻيدار کي چانڊين تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ انتظامي ۽ قانوني مشورو ڏنو. يعني سترهين صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ چانڊيا، چانڊڪي جي ڪاڇي ۾ رهندڙ هئا، پر اتي کين ڪابه جاگير ۽ طاقتي مرڪز وغيره نه هو.

يوسف ميرڪ، باغبان ۾ چانڊين جي سرداري ۽ ان جي ڪرت بابت واضح ڪندي تحرير ڪري ٿو ته:

”بختيار بيگ ترڪمان جهڙو زور آور  حاڪم، جنهن جهڙو ٻيو ڪوبه سيوهڻ- بکر جو حاڪم نه  ٿيو، اهڙي ريت چانڊين جي سردار مؤندر جي زال ۽ چانڊين هٿان باندي ٿيل ماڻهن کي، سندن راڄ سميت جبل مان هڪالي، بکر جي قلعي ۾ گهلي آيو. آخر جڏهن چانڊين جا  سردار ميڙيون وٺي آيا ۽ بکر ۾ ڌاڙي  هڻڻ کان بان ڪيائون، تڏهن سڀني کي ڇڏيو ويو............... (60).“

بختيار بيگ ترڪمان 1001هه/1593ع-1007هه/1599ع تائين سيوهڻ جو صوبيدار هو. يعني بختيار بيگ ترڪمان جي دور تائين چانڊيا قبيلي جو سردار بغير جاگير جي، راڄ سميت اوباش زندگي گذاريندو هو. ان کان ٻه سال پوءِ مرزا جاني بيگ جي دور جي آخري سال خان اعظم مرزا عزيز ڪوڪه ولد خان اعظم شمس الدين محمد خان اتڪه محرم 1004هه/ سيپٽمبر 1596ع ۾ پنج هزاري منصب حاصل ڪرڻ کان علاوه، ملتان (61)، بکر ۽ سيوهڻ پڻ جاگير طور حاصل ڪري ۽ اتان جو صوبيدار مقرر ٿيو (62). انهي سال سندس دور ۾ چانڊين امن و امان جي صورتحال خراب ڪري ڇڏي. مرزا عزيز ڪوڪه، سيوهڻ سرڪار جي باغبان ۽ ڳاهان پرڳڻن جي پنهورن جي مختلف پاڙن جي سردارن کي، جن ۾ عيسيٰ، موسيٰ، ۽ جلال کي، پنهنجي پنهنجي قبائلي ماڻهن جي لشڪر سميت چانڊين خلاف تيار ڪري مٿانئن تڙ تڪڙ ۾ حملو ڪيائين. جنهن ۾ نه صرف چانڊين بُري طرح شڪست کاڌي، پر ماڻهو وچ ۾ آڻي، هميشه لاءِ خاموش رهڻ ۽ ڍل ڏيڻ جي حامي ڀريائون. جيئن يوسف ميرڪ رقمطراز آهي ته:

”انهي دوران بکر جي راڄڌاني خان اعظم  مرزا ڪوڪه کي جاگير ٿي ملي ۽ هن  پنهنجي پُٽ مرزا انور کي بکر ڏانهن اماڻيو. ايتري ۾ چانڊيا ٻروچ بکر ۾ ديهون ويران ڪرڻ لڳا. مرزا انور پنهنجي ملازم حيدر بيگ کي ڪَٽڪُ ساڻ ڏيئي چانڊين تي ڪاهڻ لاءِ حملو ڪيائين. چانڊيا ڏينهن ڏٺي جو ساڻس جنگ ڪري کيس شڪست ڏيئي ويا ۽ سندس مال اسباب  نغارن سميت لُٽي ڦري ويندا رهيا. مرزا انور اها خبر ٻڌڻ شرط پاڻ سواريءَ جي سنبت ڪرڻ لڳو ۽ بختيار بيگ کي نياپو موڪليائين ته اهو به پنهنجي پاسي کان اهڙي مدد ڪري. بختيار بيگ، مرزا انور کي چتاءُ ڏنو ته آءٌ تيار آهيان، جيئن توهان سوار ٿي نڪرو ته پڪ ڄاڻجو مان اڳواٽ اتي هوندس، پوءِ چانڊين جي چوڪسيءَ لاءِ پنهنجا ماڻهو  مقرر ڪيائين....... اتان سيوهڻ هليو....... ڀروارن پنهورن، ڪؤريجن ۽ سميجن ڏانهن خط لکي....... موڪليائين ته....... ڪنور ڳوٺ (ڳاهن جي پرڳڻي ۾) حاضر ٿين....... منجهند تائين سمورو لشڪر ۽ سڀئي راڄ اچي ڪٺا ٿيا. پنهورن جي سردارن عيسيٰ، موسيٰ ۽ جلال کي  گهرائي چيائين ته: چانڊين کي هن مهل تائين منهنجي ڪا خبر نه پئي آهي. مان مٿن چڙهائي ڪرڻ  وارو آهيان. سڀاڻي انهن کي منهنجي سُڌِ  پئجي ويئي ته چانڊين بدران اوهان جون  سريون سلامت نه هونديون. پوءِ چئني سردارن کي ساڻ ڪري سج  لٿي جو اٿان اُسهيو ۽.......  صبح تي چانڊين مٿان وڃي ڪڙڪو ڪيائين..... چانڊين هارايو، جن مردودن جا ڪيئي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترن کي  لشڪر قيد ڪري ورتو. بختيار بيگ انهن مان ڪن جون منڍيون لاهي، ٿورن قيدين سان گڏي، پنهنجي ماڻهن هٿان مرزا انور ڏانهن اماڻيون....... مطلب ته هن چڙهائيءَ ۾ چانڊين سان اهي جُٺيون ٿيون جو پنهنجي جاگيردار کي وچ ۾ آڻي بانء ڪيائون. جيستائين سندن  عملداري هئي، تيستائين ٻيءَ رعيت وانگي  چانڊين کان زمين جي ڍل وصول ڪندو  رهيو....... (63).“

بختيار بيگ جو چانڊين کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ بکر ۽ سيوهڻ سرڪار جي مختلف پرڳڻن ۾ امن جي ٿڌڙي هير گهلڻ لڳي. هن پنهنجي پوري طاقت ۽ نظم و ضبط تحت امن قائم ڪري، عوام جي فلاح و بهبود لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو. جيئن يوسف ميرڪ رقمطراز آهي ته:

”بختيار بيگ جي عملداريءَ دوران سيوهڻ جو سڄو علائقو باقاعدي انتظام:

سان سرسبز ۽ آباد پئي رهيو ۽ لشڪر به  ملڪ جي آباديءَ مطابق طاقتور رهيو جو  ٻين علائقن جي خوشحالي فوج وانگي شاهي مهمن ۾ ڪارگر ٿيندو رهيو. ايتريقدر جو لشڪر جي دٻدٻي سبب بکر ۽ ٺٽي جي راڄڌانين جا رهواسي بنهه دٻيل هوندا هئا. ....... پاڻ جيڪو به ڪم ٿي ڪيائون. (خريد فروخت ۽ ڍل اڳاڙڻ تائين) ته شهر جي قاضين ۽ مفتين کي انصاف ڪرڻ جي آزادي مليل هئي، جيئن ڪنهن سان به ڪو ظلم نه ٿئي....... (64).“

بختيار بيگ 1001هه/1593ع کان 1007هه/1599ع تائين خان اعظم جو سيوهڻ تي نائب رهيو(65). يوسف ميرڪ جي مٿئين پهرين حوالي ۾ سندس هن هيٺئين جملي:

”چانڊين سان اهي جُٺيون ٿيون جو پنهنجي جاگيردار کي وچ ۾ آڻي بانء ڪيائون.......“ ان حوالي مان سندس مطلب ۽ مدعا چانڊين جو پنهنجي ذاتي ۽ هم قبيلائي جاگيردار نه بلڪ ”مغل مقدم“ آهي. ڇو ته ان دور يعني 1600ع تائين چانڊين کي چانڊڪا جي ڪاڇي ۾ ڪابه جاگير مليل نه هئي. ”مغل مقدم“ جنهن کي بختيار بيگ جو چانڊين مٿان خونريز حملي کان اڳ، چانڊين ڍل ۽ محصول ڏيڻ کان جواب ڏنو هو ۽ اُلٽو ساڻس کؤنس ڪندا هئا. انهي ڪري بختيار بيگ چانڊين مٿان عذاب الاهي بڻجي کين ماري تابعدار بڻايو. هن جي چانڊين جي پوري تباهي ڪرڻ باوجود سندس دل ٿڌي نه ٿي، بلڪه هن بقايا گرفتار چانڊين کي به قتل ڪرڻ چاهي پيو. اها سُڌ ٻين چانڊين کي پئي. هنن ٻي ڪا واهه نه ڏسي پنهنجي علائقي تي مقرر ”مغل مقدم“ کي ميڙيون منٿون ڪري کانئس معافي وٺي ۽ اڳتي لاءِ توبهه ڪري، کيس پرچائي، بختيار بيگ ڏانهن روانو ڪري، بقايا پنهنجي ماڻهن کي قتل ٿيڻ کان بچائي ورتو. يوسف ميرڪ انهي پس منظر ۾ ”پنهنجي جاگيردار“ جا لفظ ڪتب آندا آهن.

چانڊيا سردارن جي شجري جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو:

بختيار بيگ جي دور (1001هه/1593ع-1007هه/1599ع) ۾ موجوده قنبر، شهداد ڪوٽ، وارهه ۽ ميهڙ تعلقن سان لاڳو ڪاڇي جي علائقي جي برعڪس چانڊين جي سرداري  سيوهڻ سرڪار جي باغبان پرڳڻي ۾ هئي. ٺوس تاريخي شاهدين جي مطابق ان وقت سندن سردار ”مؤندر خان چانڊيو“ هو. جيئن يوسف ميرڪ لکي ٿو ته:

”بختيار بيگ ترڪمان جهڙو زور آور  حاڪم، جنهن جهڙو ڪوبه سيوهڻ بکر جو حاڪم نه ٿيو، اهڙي ريت چانڊين جي سردار موندر جي زال ۽ چانڊين هٿان باندي ٿيل ماڻهن کي، سندن راڄ  سميت جبل مان هڪالي، بکر جي قلعي ۾ گهلي آيو. آخر جڏهن چانڊين جا سردار ميڙيون وٺي ويا ۽ بکر ۾ ڌاڙا هڻڻ کان بان ڪيائون تڏهن سڀني کي  ڇڏيو ويو (66).“

چانڊيا قبيلي جو هڪ ليکڪ، بختيار بيگ جي دور ۾ سردار مؤندر چانڊيو جي برعڪس

”محمد خان“ نالو تحرير ڪيو، هيءُ هيٺيون شجرو پيش ڪيو اٿس:

چانڊيا سردارن جو هيءُ مٿيون شجرو، ان ۾ ترتيب سان پيش ڪيل نالا، سندن متعين ڪيل دور، تاريخي حقائق ۽ سَنَدِي ثبوتن جي آڌار تي صحيح نه آهي، ڇو ته:

الف: چانڊيا ليکڪ تحرير ڪري ٿو ته:

”(دارا اشڪوهه جو 1658ع ۾)......... ارادو ايران وڃڻ جو هو. جڏهن غيبي ديري (تعلقي قنبر) چانڊين جي جاگير ۾ وارد ٿيو، تڏهن چانڊين جي معروف سردار ملڪ غيبي خان، غيبي ديري کان ڇهه ميل اولهه طرف سندس رهائش جو بندوبست ڪيو. محمد دارا شڪوهه تيرنهن ڏينهن مذڪوره ٽڪريءَ جي پاسي ۾ رهائش پذير هو ۽ سردار ملڪ غيبي خان سندس قوم ۽ چانڊين جي مهمان نوازي مان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ جاگير لاءِ فارسيءَ ۾ سفارشي پروانو لکي سردار ملڪ غيبي خان کي ڏنو. مگر اهو پروانو بقول بابا سائين جي، ته اسان جي ڪتب خاني ۾ موجود هو. سن 1942ع جي ٻوڏ ۾ يعني لڏپلاڻ سبب ڪيترن ئي قيمتي دستاويزن سميت وڃائجي ويو....... (68).“

موصوف هيءُ سمورو احوال ڪٿان ورتو، ان ماخذ جي ڪهڙي ساک آهي؟ هن واقعي جي ڪٿي به ڪنهن مستند تاريخي ڪتاب ۾ شهادت نه ٿي ملي

ساڳيو ليکڪ اڳتي لکي ٿو ته:

”مرحوم رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ جو پنهنجي ڪتاب ’جنت السنڌ‘ ۾ چانڊين جي  خلاف غلط بياني مرحوم شيدائي به ٻين  تاريخدانن وانگي چانڊين تي ڇوهه ڇنڊيا آهن.  (جنت السنڌ صفحو: 444)  ته دارا....... چانڊڪي پرڳڻي مان لنگهندي چانڊين سندس قافلي کي لٽيو....... صحيح احوال هن طرح آهي، جڏهن شهزاده محمد دارا شڪوهه چانڊڪي پرڳڻي ۾ پهتو ته سندس اهليه نادره بيگم سخت بيمار هئي، چانڊين جي انتها همدرديءَ کان پوءِ چوڏهين  ڏينهن شهزادي بلوچستان وڃڻ جو ارادو ڪيو. چانڊڪي پرڳڻي مان ٽپي مگسين جي  علائقي ۾ پهتو. انهي وقت مگسين به  معزول شهزادي جي خاطر تواضع ڪئي. افسوس آهي ته سردار مرزا خان مگسي جو  سردار نه هو بلڪه چانڊين جو سردار هو. يعني سردار ملڪ غيبي خان جو والد ماجد هو ۽ مرزا خان نالي ڪوبه مگسي سردار ڪونه هو......... لهٰذا ڪيترن ئي  تاريخ وارن بغير تحقيقات جي چانڊين تي ڇوهه ڇنڊيا آهن ۽ چانڊين جي گلا ڪرڻ مان ڪاغذ ڪارا ڪري ڇڏيا آهن...... (69).“

چانڊيا ليکڪ پنهنجي مٿين ٻنهي حوالن ۽ بيانن ۾ ٽي اهم ڳالهيون ۽ واقعا غير تاريخي، حقيقي طور پيش ڪيا آهن، جن جو حقيقت سان ڪوبه واسطو نه آهي. ڇو ته:

1. دارا شڪوهه 22 شعبان 1062هه/28 جولاءِ 1652ع کان 29 جمادي الثاني 1069هه/14 مارچ 1659ع تائين مڪمل ۽ باضابطه طور ملتان صوبي (بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽي سرڪارن سميت) گورنر رهيو (70). 12 مارچ 1659ع تي ٻنهي (اورنگزيب ۽ دارا) ڀائرن ۾ فيصله ڪن جنگ شروع ٿي ۽ 29 جمادي الثاني 1069هه/14 مارچ 1659ع تي دارا کي شڪست آئي ۽ سندس سڄو لشڪر تباهه ٿي ويو. دارا بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾ ڪجهه ماڻهن ۽ عورتن سميت، سخت پريشانيءَ ۽ بدحاليءَ جي حالت ۾ ميدان ڇڏي سنڌ طرف روانو ٿيو (71)، يعني 14 مارچ 1659ع جي شڪست کان پوءِ دارا شڪوهه پنهنجي هر حڪومتي دسترس، طاقت ۽ عهدن کان آجو، جان بچائڻ لاءِ ڪنهن محفوظ جڳهه جي ڳولا لاءِ نڪتو. 14 مارچ جي ڏينهن کان پوءِ هو بدحالي ۽ فقيراڻي صورت ۾ پهرين مئي تي بدين پهتو ۽ ٻئي ڏينهن يعني 2 مئي تي هو بدين کان ٺٽي ۽ پوءِ سيوهڻ لاءِ روانو ٿيو، ۽ 4 جون 1659ع تي ڍاڍر (سبي ويجهو اهم مقام) پهتو (72). 2 مئي کان 6 جون تائين ٽوٽل ڇٽيهه ڏينهن بيهن ٿا، يعني دارا شڪوهه بدين کان ڍاڍر تائين جو مفاصلو تڙ تڪڙ ۽ گرفتاريءَ جي خوف کان ڇٽيهه ڏينهن ۾ طئي ڪيو.

چانڊيو ليکڪ لکي ٿو ته: ”دارا، تيرنهن ڏينهن چانڊئي سردار وٽ مهمان ٿي رهيو. جي اها ڳالهه وقتي طور تسليم ڪريون ته پوءِ دارا جي ڇٽيهن ڏينهن جي سفر مان تيرنهن ڏينهن ڪٽڻا پوندا، ڇو ته دارا ان ئي ڇٽيهن ڏينهن جي سفر دوران چانڊئي سردار جو مهمان رهيو هو، ته پوءِ دارا ضرور بدين، ٺٽي، سيوهڻ، جهل مگسي کان ڍاڍر تائين جو سفر ٽيويهن ڏينهن ۾ طئي ڪيو هوندو

انهيءَ تاريخي شاهدين ۽ بدين کان ڍاڍر جي وچ ۾ مفاصلي کي مدنظر رکي ڇا اهو مڃي سگهجي ٿو ته اهو سمورو مفاصلو دارا ٽيويهن ڏينهن ۾ طئي ڪيو هوندو؟ بلڪل نه! اهو ٽيويهن ڏينهن کان وڌيڪ جو سفر ۽ مفاصلو آهي. يعني چانڊيا ليکڪ جو دارا شڪوهه کي چانڊيا سردار وٽ بطور مهمان ڏيکارڻ واري ڳالهه غلط ۽ بي بنياد آهي.

ٻيو ته اها ڳالهه به تاريخي حقائق ۽ شاهدين جي روءِ سان بوگس آهي ته ڪو دارا شڪوهه چانڊيا سردار کي پروانو يا جاگير عطا ڪئي هئي ڇو ته ان دوران خود دارا جي حالت ڪنهن فقير کان گهٽ ۽ خراب هئي. هو ته پاڻ هڪ ڇت ۽ ماني ٽڪر لاءِ صدا هڻي رهيو هو ۽ ڪنهن به سرڪاري عهدي تي مقرر نه هو ۽ نه ئي ان وقت ڀاڄ جي صورت ۾ کيس ڪي اختيار حاصل هئا. هن جا پنهنجي طرفان پنهنجي دور گورنريءَ ۾ مقرر ڪيل بکر، سيوهڻ ۽ سبي جا صوبيدار کانئس بغاوت ڪري ۽ منهن ڦيري کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هئا. اهو ماڻهو چانڊيا سردار کي ڪٿان پروانو ۽ جاگير عطا ڪري پئي سگهيو جيڪو خود مانيءَ لاءِ پريشان هو. دراصل، حقيقت اها آهي ته دارا شڪوهه کي چانڊڪا مان گذرڻ وقت چانڊين کيس ڦري، لٽي ۽ بيعزتو ڪري ڀڄايو. سندس زال نادره بيگم، جيڪا اڳ ۾ ئي بيمار هئي. تنهن پنهنجي مڙس جي لاچاري، بيوسي ۽ بيعزتي نه سهي سگهڻ ڪري دل برداشت ٿي فوت ٿي وئي.

2. دارا شڪوهه بي حال ۽ بيوس فقيراڻي حالت ۾ مگسي سردار مرزا خان وٽ پهتو، جنهن کيس نه صرف چانڊين پاران ڦريل سامان جي ڀيٽ ۾ کيس ٻيڻو سامان مهيا ڪري ڏنو ۽ سندس وڏي دلجوئي ڪري، دلي ۽ دماغي سڪون ڏنائينس

مختلف بلوچ مؤرخن يا بلوچ سردارن پاران پيش ڪيل ۽ لکيل ذاتي شجرا ۽ واقعا روايتن ۽ افسانن تي مبني آهن. جنهن وجهه کان اهي سڀ تاريخي حقائق ۽ سَنَدِي شاهدين جي روءِ سان صحيح نه آهن. ڊاڪٽر فرانسس برنيئر 60-1658ع دوران مگسين جي سردار جو نالو مرزا خان لکيو آهي، جيڪو وڌيڪ درست ۽ صحيح آهي، ڇو ته برنيئر پنهنجو سفرنامو ان واقعي کان ڏهن- يارهن سالن بعد قلمبند ڪيو، جيڪو معاصر مؤرخ ۽ اکين ڏٺو عيني شاهد هو

راءِ بهادر هيتورام جي پيش ڪيل مگسين جي شجري ۾ مرزا نالي ڪوبه مگسي سردار جو نالو لکيل نه آهي (73).

ان مان ظاهر آهي ته راءِ بهادر کي مگسين پاران پيش ڪيل سندن شجرو صحيح نه آهي. انهيءَ لاءِ چانڊيا ليکڪ راءِ بهادر جي پيش ڪيل مگسين جي شجري ۾ مرزا نالو نه ڏسي، ان کي الٽو چانڊيو سردار قرار ڏيئي سنڌ جي تاريخ سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي

چانڊيا ليکڪ وري ٻئي طرف راءِ بهادر طرفان پيش ڪيل مگسين جي شجري ۾ جعفر خان نالو ڏسي، ان کي ڪراڙو قرار ڏيئي، مگسي سردار قرار ڏنو آهي. دارا شڪوهه تقريباً پهرين ۽ ٻي جون 1659ع تي چانڊين جي علائقي مان گذريو. ان کان ٺيڪ پورا ستر ورهيه پوءِ يعني 1729ع ۾ مگسين جو سردار قيصر خان مگسي هو. جيئن مير علي شير قانع لکي ٿو ته:

”سن 1142هه ۾ مراد ڪليري عرف گنجو، سيويءَ تي مقرر ٿيو ۽ گنجاوه جي زميندار قيصر مگسي....... ماري مات ڪري ڇڏيو....... (74).“

1729ع دوران جيڪڏهن مگسين جو سردار قيصر خان هو، ته پوءِ ضرور هو ان وقت تقريباً پنجاهه سالن جي لڳ ڀڳ عمر جو هوندو. اهڙي طرح دارا جو مگسين وٽ پهچڻ دوران مرزا  مگسي سردار هو، جيڪو قيصر خان مگسي جو ڏاڏو هو ۽ نه ڪ جعفر خان مگسي، جيڪو مرزا خان جو پٽ هو. تحقيقي طور دارا جي دور کان وٺي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور تائين، مگسي سردارن جو سن وار ترتيبي دور جو تعين هيٺئين طرح بيهي ٿو:

سردار جو نالو

پيدائش

دور

سراسري عمر

مرزا خان

1605ع

1630ع – 1660ع

55

جعفر خان

1630ع

1660ع – 1675ع

45

قيصر خان

1675ع

1700ع – 1735ع

60

چانڊيا ليکڪ تاريخي ڪڙين کي پنهنجي مفادن ۾ غلط طور تبديل ڪري سنڌ جي تاريخ سان کيڏ کيڏي ويو آهي. دراصل ان دور ۾ چانڊين جو سردار مؤندر خان ئي هو، پر هو پوڙهو ٿي چڪو هو.

3. مير رحيمداد خان مولائي شيدائي جو دارا شڪوهه کي چانڊين پاران ڦري، لٽي، ڀڄائڻ جو سمورو بيان ڊاڪٽر فرانسس برنيئر جي سفرنامي (75) تان کنيو آهي (76). مولائي شيدائي صاحب پنهنجي پاران چانڊين خلاف ڪابه ذاتي راءِ تحرير نه ڪئي آهي. دراصل تاريخي حقائق جي مطابق انهيءَ گس سان دارا شڪوهه چانڊين وٽ وڃي مهمان ڪونه ٿيو آهي. چانڊيو ليکڪ جنهن جاءِ وقوع جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”اتر ڪاڇو عرف چانڊيو ڪاڇو“ ۾ ڪيو آهي، اها ’دارا‘ جي نالي سان منسوب آهي. اصل ۾ دارا جي ٽڪري ۽ دارا جو لڪ، اهي ٻئي ماڳ، چانڊئي ليکڪ دارا شڪوهه سان نسبت ڏيکاريا آهن. درحقيقت اهي ماڳ مقامي ٻرڙا قبيلي جي چڱي مڙس دارا خان ٻرڙي سان واسطو رکن ٿا، جيڪو سمن جي دور ۾ اتي رهائش پذير هو. هن ڏس ۾ محقق دين محمد ڪلهوڙو انهن تاريخي ماڳن بابت پنهنجي تصنيف ”قنبر-شهدادڪوٽ ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾)“ ۾ لکي ٿو ته:

”دارا جو لَڪُ ۽ ٽڪري، ديهه ڪوهستان يونين ڪائونسل غيبي ديري ۾ قنبر کان 45 ڪلوميٽر اولهه ۾ واقع آهن. حڪيم خليفي عبدالحميد چانڊئي ”اتر ڪاڇو عرف چانڊڪو ڪاڇو“ ڪتاب ۾ هنن ماڳن جي نسبت مغل شهنشاهه محمد دارا شڪوهه سان ڏيکاري آهي، پر مقامي حقائق مطابق هن لڪ ۽ ٽڪريءَ جي نسبت دارا خان ٻرڙي سان آهي جيڪو سمن جي دور ۾ هتي پنهنجي ڪٽنب سميت رهندو هو. هن علائقي جي ڀرپاسي ۾ ٻرڙا پنهنجن تاريخي آثارن ۽ ورثن سان اوائلي دور کان آباد آهن(77).“

چانڊئي ليکڪ کي مذڪوره تاريخي آثارَ مسخ ڪرڻ جي نوبت ڇو پيش آئي:

ان جا ٻه اهم ڪارڻ آهن:

(1) چانڊين هٿان دارا شڪوهه جي لٽجڻ ۽ ڦرجڻ واري تاريخي واقعي کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ.

(2) ٻرڙا قبيلي جي تاريخي حيثيت مٽائڻ.

ٻرڙا قبيلي جي تاريخي حيثيت مٽائڻ جو فقط هڪ ئي سبب آهي ته انهن ماڳن تي صدر ايوب خان جي دور ۾ گئس ۽ پئٽرول جا ذخيرا دريافت ڪيا ويا هئا. ان بابت محقق دين محمد ڪلهوڙو ساڳيءَ تصنيف ۾ لکي ٿو ته:

”لڪ کي صدر ايوب جي دور ۾ وڏي اهميت حاصل ٿي. انهن ڏينهن ۾ گئس ۽ پئٽرول کي دريافت ڪيو ويو..... دارا ٽڪري ۽ لَڪَ جي ڀرپاسي وارين جابلو ٽڪرين کي هموار ڪري ڪالونيون ٺاهيون ويون آهن. هن معدنيات کي ”مزاراڻي گئس فيلڊ“ جو نالو ڏنو ويو آهي (78).“

مٿئين ملڪيت ٻرڙا قبيلي جي ماڻهن جي هئي، تنهنڪري ٻرڙن جي انهيءَ امڪاني دعوا کي ختم ڪري چانڊيا قبيلي جي ”مزاراڻي“ پاڙي جي دعوا مستحڪم ڪئي وئي.

ب: يوسف ميرڪ، چانڊين جي سردار مؤندر کي سيوهڻ سرڪار جي باغبان پرڳڻي ۾ ڄاڻائي، کيس بختيار بيگ (1001هه/1593ع-1007هه/1599ع) جي دور جو قرار ڏنو آهي (79).

ان مان ظاهر آهي ته مؤندر چانڊيو 1001هه/1593ع ۾ نه صرف چانڊين جو سردار هو، بلڪ هو مغلن سان گڏ مقامي ماڻهن کي به تنگ ڪري رهيو هو. هو ان دور ۾ تقريباً چاليهن سالن جو هوندو ۽ سندس پيدائش 1550ع ۾ ٿي هوندي! جڏهن ته چانڊيو ليکڪ مؤندر کي ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو مريد ۽ سندس پاران مغلن سان 1110هه/1699ع ۾ وڙهندي قتل ٿيندي ٻڌايو آهي (80). جيڪڏهن يوسف ميرڪ جي ٻڌايل سن 1593ع ۾ چانڊيو ليکڪ جي قتل ٿيڻ واري سن 1699ع کي مدنظر رکون ته اهو سمورو عرصو يا مؤندر چانڊئي جي ٽوٽل عمر ڏيڍ سؤ سال بيهي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com