تاج جويو
شاهه لطيف: منصور حلاج جو وڏي ۾ وڏو شارح
انساني تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هر
دَور ۽ هر مُلڪ ۾ ڪي شخصيتون پنهنجي دَور ۾ ’وقت
جو آواز‘
رهيون آهن. سندن ڪردارَ ۽ تعليماتِ، سندن گهري
نظرَ ۽ بلند خيالي، سندن ارادي ۽ عزم جي پختگي ۽
اعليٰ حوصلا، انسانيت، زندگيءَ ۽ آزاديءَ جا قدرَ
طئي ڪرڻ ۾ حصيدار رهيا آهن. اهڙا عظيم ڪردارَ ۽
شخصيتون، تاريخ جي صفحن تي پنهنجا نقش چٽي ۽
پنهنجي ڇاپَ ڇڏي وينديون آهن؛ ۽ اُها ڇاپَ، قومن ۽
ملڪن جون سرحدون ٽپي، عالمِ انسانيت جي علمَ،
ساڃاههَ ۽ فلسفي تي صدين تائين اثر پذير رهندي آهي
۽ سندن عظمتن ۽ بُلندين جو اعتراف سڄي دُنيا ڪندي
آهي. اهڙيءَ ريت اُهي شخصيتون، دنيا جي ادب جو
اڻمٽ ۽ لازوال حصو بنجي وينديون آهن، ۽ مختلف قومن
جا اديب، اهڙن ڪردارن کي پنهنجي قومي ادبي ورثي جو
موضوعِ سُخن بنائيندا آهن- ۽ ائين هر ’قوم جو
ادب‘، ’عالمي ادب‘ جو هڪ اڻٽٽ ۽ لازمي حصو بنجي
ويندو آهي، جنهن تي سموري دنيا بجا طور فخر ڪندي
آهي.
تاريخِ عالم جا ٻه عظيم انسان: حضرت عيسيٰ مسيح
۽ حُسين بن منصور حلاج- پنهنجي
تعليماتِ، ڪردارَ ۽ لازوال قربانين جي
ڪري، دنيا جي
ادب جا ٻه اهڙا اِستعارا بنجي ويا آهن، جن کان
دنيا
جي مختلف قومن جي شاعري بيحد متاثر رهي آهي. سنڌ
به ’اقوامِ عالم‘ جي اُها مانائتي ڌرتي رهي
آهي، جتان جي شاعرن، جتي پنهنجي
ڌرتيءَ جي
عظيم انسانن- مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت
جي انوکين قربانين کي پنهنجي رُوح جو اِستعارو
بنايو آهي، اُتي هِنن عالمِ انسانيت جي مٿي
ڄاڻايل ٻن اڻمٽ ڪردارن- مسيح ۽ مَنصور-
جي تعليمات ۽ لازوال قُربانين کي پڻ پنهنجي ضمير ۽
خَميرَ جو آواز ۽ ترجمان بڻائي پيش ڪيو آهي.
پر اسان جي اها قومي بدنصيبي چئجي يا ڪم ظرفي ۽
ڪوتاهي، جو اسان جڏهن پنهنجن قومي شاعرن جي
شاعريءَ جو جائزو وٺندا آهيون ته سندن فِڪري
ڌارائن ۽ سرچشمن طرف تمام گهٽ ڌيانُ ڏيندا آهيون،
يا جيڪڏهن ڌيانُ به ڏيندا آهيون ته اسان جي اکين
تي پنهنجي ذاتي سوچ ۽ ذاتي نقطهء نظر (Point
of View)
جي مخصوص عينڪ پاتل هوندي آهي. نتيجي طور اسان نه
رڳو اُنهن شاعرن جي فڪر ۽ پيغام سان سچو پچو انصاف
نه ڪري سگهندا آهيون؛ پر اسان جو سڄو زورُ انهيءَ
ڳالهه تي هوندو آهي ته اسان جا ڪلاسيڪي- قومي شاعر
اُمي ۽ گهٽ پڙهيا هئا، وٽن ڪا ڏاتِ جي ڏَيا به هئي
ته اُها سندن ’خانداني‘، ’صُحبتي‘ ۽ ’باطني‘ ڄاڻ
تي ئي آڌاريل هئي. وڌ ۾ وڌ اسان جي تحقيق جو ڇيههُ
اُتي وڃي بيهندو آهي ته اُنهن شاعرن ’تمثيلي ۽
باطني ڳالهيون‘ ڪيون آهن، جيڪي روحاني رمزن ۽ رازن
تائين ئي محدود آهن. ها، البت اُن وقت اسان
ضرور ڪنهن حد
تائين پنهنجون اکيون پَٽيندا آهيون، جڏهن ڪنهن غير
ملڪِي عالم جي نگاهَه ۽ تحقيقَ، اسان کي اِهو
احساس ڏياريندي آهي ته: اسان جا شاعرَ به عالمي
ادب/ واقعاتي ادب جي بُخري مان بهره ور ٿيل آهن.
اهو سؤ سيڪڙو سچ ۽ حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڊاڪٽر
ارنيسٽ ٽُرمپ، ڊاڪٽر ايڇ. ٽي سورلي، ڊاڪٽر اينيمري
شمل ۽ ڪجهه ٻيا پرڏيهي عالم، شاهه لطيف جي عظمت ۽
بلندين جو اعتراف نه ڪن ها، ته شايد اسان پنهنجن
ڪن اعليٰ فهم ڏيهي عالمن- ڊاڪٽر گربخشاڻي، علامه
آءِ.آءِ قاضي، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ’خادم‘،
سائين جي.ايم.سيد، شيخ اياز، تنوير عباسي وغيره جي
سوچن، فڪرَ ۽ تحقيقي ۽ فلسفياڻن رُخن کي قبول ئي
نه ڪريون ها. اها بيقدري ۽ ناشناسي، رڳو هتي اسان
سنڌين وٽ نه رهي آهي، پر سموري مشرق ۾ موجود آهي.
اسان مان ڪيترن ته اها ڳالهه به اڄ تائين قبول نه
ڪئي آهي ته ڪو حضرت عيسيٰ، حضرت ماني ۽
حضرت حسين بن منصور حلاج به
ڪو سنڌ ۾ پيرَ گهُمايا هئا، يا اُهي دُنيا جا عظيم
انسانَ، مشرقي فلسفي کان به ڪو متاثر ٿيا هئا، يا
اُنهن جي تعليماتِ ۽ فڪر ۽ فلسفي سنڌ تي به ڪي اثر
مرتب ڪيا هئا! اسان اسلامي تصوف جي حوالي سان ته
اڃا ابن العربي ۽ جلال الدين روميءَ
تائين مَس پهتا آهيون. ويدانت، جيڪا هن
ڌرتيءَ جي ئي فلاسافي آهي، اُن کي ڇُهڻ ۽ پرکڻ
لاءِ اسان جا ڪيترا قد آور عالم اڃا ذهني طور تيار
ئي نه آهن. جڏهن ته دنيا جي تحقيق اِتي وڃي پهتي
آهي ته مشرق جي علم ۽ فلسفي، سموري مغرب ۽ پوريءَ
دنيا جي فڪري ڌارائن کي نه رڳو متاثر ڪيوآهي، پر
مغرب ۽ يونان جا اڪثر فلسفا ۽ علمَ، مشرق جي قديم
علمي سرچشمن مان ڌوپي، اڇا ۽ اُجرا ٿيا آهن.
بهرحال، اهو موضوع تمام وسيع آهي ۽ اهو ميدانُ
فلاسافرن جو آهي، آءٌ ڪو فلاسافر نه آهيان، آءٌ
سنڌي ادب، اُن ۾ به خاص ڪري سنڌي شاعريءَ جو هڪ
ننڍڙو طالب علم آهيان. ان ڪري، آءٌ پنهنجي بنهه
مختصر مطالعي جي آڌار تي ڪي نيون ڳالهيون پيش ڪرڻ
۽ ڪي نوان گوشا کولڻ جي جسارت ڪريان ٿو:
شاهه لطيف جي شارحن ۽ محققن، اڄ تائين جيڪا به
تحقيق ڪئي آهي، اُن جو وڏو حصو ۽ دائرو فقط شاهه
لطيف جي شخصيت، سيرت، سوانح، خانداني تفصيلَ، جاءِ
پيدائش، شاهه لطيف جي مڪاني دورَ، رسالي جي
ترتيبَ، شاهه جي موسيقيءَ ۽ شاعريءَ جي فني سٽاءَ،
شاهه جي رسالي ۽ گنج ۾ موجود شاهه جي ڪلام ۽
ڌارئين ڪلامَ جي ڇنڊڇاڻَ، سُرن جي تعدادَ، ڇپيل ۽
اڻ ڇپيل قلمي نسخن جي تفصيلَ، ڪيڏاري جي موجودگي ۽
نيڪاليءَ، شاعريءَ جي فني خوبين ۽ گڻن، وزن، صنايع
بدايع، صرف نحو، وِياڪرڻي سٽاءَ، قرآن، حديث ۽
مثنوي مولانا روم جي اثرن، مشرقي شاعرن- ڪبير، بلا
شاهه وغيره جي تعليمات ۽ شاعريءَ جي شاهه تي اثرن
وغيره تائين محدود رهيو آهي.
اِن سموريءَ تحقيق دوران جنهن رُخ تي منهنجيءَ نظر
۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪم ٿيو آهي، اُهو آهي: ’شاهه جي
فڪري سرچشمن ۽ سندس ڪلام تي مختلف ڌارائن جي اثر
جو تفصيلي جائزو ۽ مطالعو‘.
شاهه لطيف جي ڪلام تي قرآن پاڪ، حديث ۽ مثنوي
مولانا روم سان گڏ ڪنهن حد تائين ويدانت جي مٿاڇري
مطالعي ۽ اثرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. تصوف جي حوالي
سان ته اسان جي تحقيق جو دائرو ابن عربيءَ ۽
مولانا روم تائين ئي ڦرندو رهيو آهي. وحدت
الوجود ۽ وحدت الشهود جي مڪتبه فڪر (School
of Thought)
کي فقط سهرورديه، چشتيه، نقشبنديه، قادريه،
اويسيه وغيره سلسلن تائين بحث هيٺ آندو ويو آهي،
جڏهن ته باطني، ملامتي ۽ ٻين سلسلن کي ڇُهڻ کان
ٽارو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ مثنوي مولانا روم ۽
شاهه ڪريم جي ڪلامَ جي اڀياسَ، صوفي بزرگن ۽ عالمن
سان سندس ملاقاتن ۽ صحبتن ۽ قرآني تعليمات کان
ٻاهر ٻي سموري ’علمي حاصلات‘ جا دروازا اِهو چئي
جهڙوڪر بند رکيا ويا آهن ته شاهه ’اُمي‘ هو- ۽
مٿين ڄاڻ به سندن ’باطني علم‘ يا وڏن کان ورثي ۾
مليل معلومات تي ئي آڌاريل آهي. ليڪن منهنجو ناقص
مطالعو ان ڳالهه جو داعي آهي ته: شاهه لطيف اُمي’
نه هو، لطيف رڳو ٻُڌسڌ جي علم ۽ تعليماتِ تائين
محدود نه هو، پر هو مولانا رومي ۽ سندس پايي جي
عالمن جهڙو ئي پنهنجي وقت جو هڪ وڏو عالم ۽ اعليٰ
مرتبت صوفي هو.
هتي آءٌ سڀ کان اڳ دنيا جي ارڏي ۽ اڏول انسان ۽
تصوف جي دنيا جي باڪمال صوفي، حسين بن منصور
حلاج جي تعليمات ۽ سندس فڪري لاڙن جي شاهه
لطيف تي پيل اثرن بابت ڪجهه اظهار ڪريان ٿو:
افسوس جو مقام آهي ته هن حوالي سان مون جڏهن شاهه
لطيف
جي شاعريءَ تي ٿيل تحقيق جو اڀياس ڪيو ته مون کي
صرف ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي ’مقدمه
لطيفيءَ‘ ۾ منصوري فڪر ۽ سندس شهادت ۽ تعليمات
تي ٻه اڍائي صفحا ۽ ڊاڪٽر عمر بن محمد
دائودپوٽي جي هڪ مضمون: ’ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾
وحدت الوجود جو مسئلو‘ ۾ منصوري فڪر بابت
ايترائي صفحا مليا، جن مان محسوس ٿئي ٿو ته شاهه
لطيف تي منصور حلاج جو به ڪو اثر هو! جڏهن ته ٻين
اڪثر محققن اُن جو اڻلکو ۽ اُتاڇرو ئي ذڪر ڪيو
آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي ٻئي وڏي شاعر سچل سرمست جي
شاعريءَ جي اڀياسي عالمن، حسين بن منصور حلاج ۽
سچل سرمست جي مسلڪ ۽ فڪر تي پنهنجي جامع روشني وڌي
آهي، پر شاهه جي حوالي سان اڀياس جو اِهو پَنو اڃا
اڌورو، اڻپورو ۽ تِشنه آهي.
جيتريقدر سنڌي نثري ادب جو سوال آهي ته ان حوالي
سان حسين بن
منصور حلاج بابت آغا تاج محمد جو ڪتابڙو
’سيرت منصور‘ (ڪرائون
سائيز جا 28
صفحا: 1964ع) ۽ علي مير شاهه جو ڪتاب ’سين
بن منصور حلاج‘ (ڊيمي سائيز، 60 صفحا،
1990ع) سنڌي ادب جا ٻه انتهائي اهم ماخذ ملن ٿا.
ان کان سواءِ اردو اديب يونس ’اديب‘ جي ڪتابچي
’امام انقلاب: منصور حلاج‘ جو سنڌي ترجمو ’منصور
حلاج‘
(مترجم: خالد چانڊيو، ڪرائون سائيز، 84 صفحا:
2001)، ’حسين بن منصور حلاج‘ (مصنف:
عبدالرزاق ميمڻ، ڪرائون سائيز، 48 صفحا، 2002ع)،
الطاف ملڪاڻيءَ جي تاليف ’داستان حلاج‘
(جيڪو اردوءَ مان استفادي تي آڌارت آهي، ڊيمي
سائيز، 80 صفحا، 2002ع)، اردوءَ جي مشهور ليکڪا
جميله هاشميءَ
جي ناول ’دشت
سُوس‘
جو سنڌي ترجمو: ’عشق جو آواز:
حسين بن منصور حلاج، سرود‘ (مترجم: لطيف اياز
’ابن حيات‘ پنهور، ڊيمي سائيز، 415 صفحا، 2006ع)،
۽ ’شهيد اناالحق: حسين بن منصور حلاج
(ليکڪ: عبدالغفار ڀٽو، علي مرتضيٰ پبليڪيشن،
ڪراچي، 2005) ڪتاب ملن ٿا. ان سموري مواد جي
روشنيءَ ۾، سيد علي مير شاهه واحد سنڌي
عالم آهي، جنهن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ۽ دائودپوٽي
کانپوءِ حسين بن
منصور حلاج
جي حوالي سان شاهه لطيف جا، مختلف سُرن مان 16-
17 بيت چونڊي ڏنا آهن، جن مان ڪجهه بيت ’عشق جي
اذيت جي اظهار‘ طور ڏنا ويا آهن ۽ ڪجهه بيت، منصور
حلاج جي شاعري ۽ گفتن جي ترجمي يا مفهوم مطابق
چونڊي پيش ڪيا ويا آهن ۽ ٻڌايو ويو آهي ته شاهه
لطيف تي منصور حلاج جو اثر هو. شاهه جي اُنهن بيتن
۾، شاهه جي رسالي جي سُر سهڻيءَ (داستان نائين) ۾
آيل اُهي ٻه مشهور بيت به اچي وڃن ٿا، جن ۾
’منصور‘ جو نالو سنئون سڌو کنيو ويو آهي:
جر ٿر تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،
سڀيئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزا وار،
همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهئين!
(سر سهڻي، داستان 9، بيت 1)
سڀت پچار پرينءَ جي، سڀت هوت حضور،
ملڪ مڙئي منصور، ڪُهي ڪهندين ڪيترا!
(سر سهڻي، داستان 9، بيت 2)
اُن کان سواءِ ڪوٽڙيءَ جو نظير احمد چنا، شايد
پهريون سنڌي آهي، جنهن حسين بن منصور حلاج جي
ديوان جو انگريزيءَ ۾ هيٺئين عنوان سان ترجمو ڪيو
آهي:
“Dewan of Great Mystic: Saint Martyre of Islam,
Nur-e-Jehan Hussain Bin Mansoor Halaj Baghdadi
Rendering in English”
مُون کي حيرت اُن وقت ٿي، جڏهن سنڌ جي وڏي عالم ۽
شاهه جي پارکوءَ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه
لطيف جي مٿي ڏنل ٻئي نمبر بيت کي رسالي مان خارج
ڪري، ’شاهه جي رسالي جو ڌاريون ڪلام‘ عنوان هيٺ،
پنهنجي تحقيقي جلد ڏهين ۾ اهو دليل ڏئي شامل ڪري
ڇڏيو آهي ته:
(1)
هيءُ بيت فقط ’عل‘ رسالي ۾ آهي.
(2)
هيءُ بيت محمد زمان صاحب لنواريءَ واري بزرگ جو
آهي.
ان لاءِ هن ’ابيات سنڌي‘ (مرتب: ڊاڪٽر
دائود پوٽو، ڇاپو 1939ع، بيت نمبر 16) جو حوالو
پيش ڪيو آهي.
پر جڏهن شاهه جي رسالي جي قديم نسخي: ’گنج شريف‘
جو مطالعو ڪجي ٿو ته اُن ۾ اهو بيت موجود ملي ٿو،
جيڪو قديم نسخو، 07 جمادي الثاني 1207هه ۾ ميين
اسماعيل کاهوڙيءَ جي چوڻ تي فقير عبدالعظيم عرف
وڏل شاهه ڪاتب لکي پورو ڪيو هو. منهنجو سوال آهي
ته ڇا ڌارئين ڪلام جي نيڪاليءَ واري ڪسوٽي رڳو
شاهه لطيف جي ڪلام سان لاڳو ٿئي ٿي يا ٻين بزرگن
جي ڪلام سان به لاڳو آهي، جن جي ڪلام جا نسخا گهڻو
گهڻو پوءِ لکيا ويا يا منظر عام تي آيا؟ هيءُ سوال
محققن آڏو آءٌ هڪ چئلينج طور پيش ڪريان ٿو.
ٻئي طرف خود علامه دائود پوٽو، ابيات سنڌيءَ ۾
خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جي مليل 84 بيتن
لاءِ لکي ٿو ته: ”چوراسي بيت آهن، جي خواجه صاحب
ڏانهن منسوب آهن.....“ (ابيات سنڌي ص34) ’فردوس
العارفين‘ ۾ شامل مخدوم صاحب جي هڪ بيت:
عَدمُ اوتارونِ نا مُرادي سَمرونِ،
ڪفر ۽ اسلام کان، لنگهي هوت لڌونِ!...
بابت دائودپوٽو صاحب هن ريت رقم طراز آهي ته: ”هي
بيت
’ابيات سنڌيءَ‘ ۾ به شامل آهي، پر ’فردوس العارفين‘ جي عبارت مان ائين
پيو لکائجي ته اهو ڄڻ خواجه صاحب جو نه پر
گرهوڙيءَ صاحب جو آهي....... اهڙيءَ طرح ٻيا به
ڪيترا بيت گرهوڙي صاحب جي ڪلام ۾ داخل آهن.“
وغيره.
دائودپوٽو صاحب، 16 نمبر بيت طور ’سڀت پچار
پرينءَ جي، سڀت هوت حضور‘ واري بيت کي مخدوم
محمد زمان لنواريءَ واري جي ’ابيات سنڌيءَ‘
۾ شامل ڪري ٿو، جنهنڪري بلوچ صاحب به هن بيت کي
خواجه صاحب جو بيت قرار ڏنو آهي، پر سوال اهو ٿو
اُڀري ته شاهه لطيف جڏهن پنهنجيءَ محفل ۾ ٻين
شاعرن جا بيت پڙهي ٿو ۽ ڪاتب اُهي ’شاهه جي رسالن‘
جي قلمي نسخن ۾ شامل ڪري سگهن ٿا، ته ڇا اهو بعيد
از قياس ٿيندو ته مخدوم محمد زمان لنواريءَ واري
پنهنجيءَ ڪنهن محفل ۾ شاهه جو ڪو بيت پڙهيو هجي ۽
ڪاتبن اهو شامل ڪري ڇڏيو هجي؟ جڏهن ته شاهه صاحب ۽
مخدوم صاحب جي ملاقات عالم آشڪار آهي، ۽ سندن هڪٻئي جي اثر هيٺ چيل بيت به بيان ڪيا وڃن
ٿا. انڪري، منهنجو اهو پختو رايو آهي ته ’جر ٿر تک تنوار‘ وانگر ’سڀت پچار پرينءَ جي‘، وارو بيت به
شاهه لطيف جو آهي، جيڪو مخدوم لنواريءَ واري جي
’ابيات سنڌيءَ‘ (ڪلام) ۾ شامل ٿي ويو آهي، ڇو ته
هن بيت جي ٻولي ۽ لهجو شاهه جو ئي آهي ۽ سُر
سهڻيءَ جي داستان نائين جي پهرئين بيت جي ڊڪشن سان
بلڪل ملي ٿو، ان کان سواءِ وڏو ثبوت 1207هه ۾ لکيل
شاهه جو ’گنج‘ آهي، جنهن ۾ پڻ اهو بيت موجود آهي،
۽ هي گنج، شاهه جي وفات (1165هه/
1752ع) کان رڳو 42 سال پوءِ (1207هه ۾) لکيو ويو
هو.
هن وقت سڀ کان وڌيڪ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شاهه
لطيف جي ڪلام جي ٻن رُخن کان تحقيق ڪئي وڃي:
(1) فڪري ارتقا جي حوالي کان.
(2) ٻولي ۽ ڊڪشن جي حوالي کان.
فڪري ارتقا جي حوالي سان هن وقت تائين ٿيل سموري
تحقيقَ کي سهيڙي جلدن جي صورت ڏيڻ گهرجي ۽ جتي
ماضيءَ جي محققن دنگ ڪيو آهي، نئين تحقيق جي ابتدا
اُتان ئي ڪجي.
ٻوليءَ ۽ ڊڪشن جي لحاظ کان لطيف سان ويڌن اها ٿي
آهي ته سندس اڪثر شارح ۽ محقق (هڪ ٻن کي ڇڏي) شاعر
نه هئا، بلڪ شاهه جي شعري تاڃي- پيٽي کي سمجهڻ کان
قاصر هئا- اُنڪري، هن موضوع تي ته ڪم جي سڀ کان
وڌيڪ ضرورت آهي.
فڪري ارتقا ۽ فڪري سرچشمن جي حوالي سان اسان جي
عالمن، مولانا روميءَ بابت شاهه لطيف جي
سُر ڪلياڻ جي داستان پنجين جا ڇهه بيت آڏو رکي،
شاهه تي روميءَ جي اثر جو مطالعو ته ڪيو آهي، پر
حسين بن منصور حلاج بابت شاهه جي ٻن واضح
بيتن کي آڏو رکي ڪو تفصيلي مطالعو نه ڪيو آهي- ان
مطالعي جي ابتدا جو پهريون ۽ وڏو ماخذ سيد علي مير
شاهه جو ڪتاب: ’حسين بن منصور حلاج‘ آهي- جنهن جي
روشنيءَ ۾ مُون جڏهن منصور حلاج جي تعليماتِ،
سوانح، شاعريءَ ۽ مڪالمن جا پيرا کنيا ته منهنجون
اکيون حيرت مان کيريون ٿي ويون ته شاهه لطيف جي
’سُر ڪلياڻ’ ۽ ’سُر يمن ڪلياڻ‘ جي بيتن ۽ واين جو
وڏو حصو ۽ رسالي جي ٻين ڪيترن سُرن: سُر آسا،
سسئيءَ وارن سُرن خاص ڪري سُر معذوري ۽ سُر
حسينيءَ کان سواءِ سُر سهڻيءَ، رامڪليءَ وغيره ۾
بيتن جو ايترو ته تـعـــداد مـوجـود آهي؛ جو اُهي
بيت هڪ هنڌ گڏ ڪجن ته هڪ ڌار ’سُر منصور حلاج‘
جُڙي سگهي ٿو.
لطيف جي انهن بيتن ۾ موجود منصوري فڪر ۽ تعليمات
جي تهه تائين پهچڻ لاءِ آءٌ ضروري ٿو سَمجهان ته
پهرين دنيا جي صوفين جي هن امامَ، حسين بن
منصور حلاج جي مختصر واقفيت ڏيان، سندس دور جو
ذڪر ڪريان ۽ سندس شهادت ۽ شاعريءَ تي روشني وجهان:
حسين بن منصور جو پورو نالو ’المغيث الحسين بن
منصور بن محمي البيضوي الحلاج‘ آهي. هن ايران جي
شهر بيضا جي اتر ۾ هڪ ڳوٺ ’طور‘ ۾ 244هه مطابق
857ع ۾ جنم ورتو. هيءُ شهر اصطخر (فارس) ۾ البيضا
جي اتر اوڀر ۾ واقع آهي. حسين بن منصور جي ڏاڏي
لاءِ چيو وڃي ٿو ته آتش پرست (زردشت جو پيروڪار)
هو. جڏهن ته سندس پيءُ منصور ’پيڃارو‘ (ڪپهه
ٽاڻيندڙ) هو، ان جي بنياد تي ئي حسين جي نسبت
’حلاج‘ بڻي. عربيءَ ۾ ’پيڃاري‘ کي ’حلاج‘ چيو
ويندو آهي. حسين بن منصور کي اڄ دنيا پيءُ جي ٻنهي
نسبتن-’حلاج‘ ۽ ’منصور‘ سان سڃاڻي ٿي. شاهه لطيف
پڻ منصور جي ’پيڃاري‘ واري نسبت سان، هيٺيون بيت
چيو آهي:
مون کي ماءُ مجاز، ’پيڃاري‘ جيئن پِڃيو!
(سُر آسا، داستان 3، بيت 9)
بيضا ۽ (’طور‘) ۾ ايراني ڳالهائي ويندي هئي، پر
اتي عرب به وڏي تعداد ۾ رهندا هئا ۽ عربي زبان به
وڏي تعداد ۾ ماڻهو ڳالهائيندا هئا. حسين بن منصور
جو ننڍپڻ بيضا سان گڏ واسط شهر ۾ گذريو، جتي عربي
ڳالهائي ويندي هئي، اُنڪري عربي ڄڻ ته حسين بن
منصور جي مادري زبان بنجي وئي.
حسين جو والد منصور، هڪ وقت اباڻي شهر کي الوداع
چئي، اُن علائقي ڏانهن ويو، جيڪو ’تستر‘ کان (فرات
نديءَ تي) واسط تائين پکڙيل هو. هن جي لڏپلاڻ جو
ڪارڻ گذرمعاش جي تلاش هو. هي علائقو ’ڪپڙي سازي‘
(بارفه جاتيءَ) جي صنعت ۾ نهايت اڳڀرو هو.
ننڍڙي حسين جي والد کيس تعليم ڏيارڻ خاطر تستر جي
’مدرسه دارالحفاظ‘ ۾ داخل ڪرايو، جتي حسينَ سورهن
ورهين جي عمر (873ع) ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪري ورتو. هو
ننڍيءَ عمر ۾ ئي پنهنجي همعصر ۽ هم سبق ڇوڪرن کان
مختلف هو ۽ اڪثر خاموش خاموش، پنهنجي ذات ۾ گم
رهندو هو. حسين قرآن حفظ ڪرڻ بعد ٻه سال تَستر ۾
ئي زاهد ۽ عارف سهل بن عبدالله تستريءَ جي تصوف
واري مدرسي سان وابسته رهيو، اهڙيءَ ريت سهل بن
عبدالله سندس پهريون ’پيرِ طريقت‘ هو. هتي حلاجَ،
عربي ادب، علوم مقداوله ۽ تصوف جي تعليم ورتي، ڇو
ته کيس تصوف سان خاصو لڳاءُ هو. سندس بيقرار روح ۽
بيچين طبيعتَ کي هن مدرسي ۾ ٽِڪاءُ نه آيو ۽ بنا
اجازت جي درسگاهه ڇڏي، بصري هليو آيو، جتي مشهور
صوفي حسن بصريءَ جي مدرسي ۾ اچي داخل ٿيو. ان وقت
سندس عمر 20 سال هئي. بصري ۾ رهڻ دوران هن جي ضبط
بن مجاشع سان دوستي ٿي وئي، جيڪو سياسي طور زيديه
زنج باغين سان لاڳاپيل هو، اُهي جيڪي وقت جي حڪومت
جا معتوب هئا، منصور حلاجَ کي به هن باغي ٽوليءَ
جو ساٿي سمجهي، مٿس ڳجهي نظر رکي وئي ۽ کيس پريشان
ڪيو ويو. نتيجي طور ابن منصور بصري کي ڇڏي بغداد
هليو آيو ۽ طريقت جي مشهور شيخ، عمرو بن عثمان
مڪيءَ جي سلسلي سان اچي وابسته ٿيو، جنهن کيس خرقو
ڍڪايو. اتي ئي بغداد ۾، ابو يعقوب الاقطع جي
نياڻيءَ اُم الحسين سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس
هڪ ڌيءَ ۽ ٽي پٽ ٿيا. ان ئي عرصي ۾ حسين بن منصور
جا بغداد جي نامور صوفي جنيد بغداديءَ سان واسطا
وڌيا ۽ سندس صحبت ۾ ڳچ وقت رهيو. بغداد ۾ حلاج جي
عبادت، مستيءَ، باطني اِسرارن بابت پُڇا ڳاڇا ۽
اظهارَ جي طريقن، هن جي اڪثر اُستادن کي کانئس
باغي ۽ شاڪي ڪري وڌو. ان حد تائين جو عمرو بن
عثمان مڪي ۽ حضرت جنيد بغداديءَ جهڙا عالم به سندس
طريقهء ڪار کي باغيانه تصور ڪرڻ لڳا. جنيد
بغداديءَ سان ته اها روايت به منسوب آهي ته هُو
منصور حلاج جي سرمستيءَ جي عالم ۾ ڪيل باغيانه
ڳالهين کي پسند نه ڪندو هو، ۽ کيس باغيانه ڳالهيون
ڪندي ڏسي هن هڪ ڀيري کيس چيو هو: ”آءٌ سمجهان ٿو
ته هڪ ڏينهن تون سُوريءَ تي چڙهندين ۽ صليب جون
ڪاٺيون تنهنجي رت سان رڱبيون.“
بغداد جي سياسي حالتن ۽ ڪن مقتدر شخصيتن جي ڇڪتاڻ
حسين بن منصور جي دل کٽي ڪري وڌي. هو حق ۽ علم جي
تلاش ۾ سرگردان مڪي هليو آيو، جتي (895ع ۾) پهريون
حج ڪيائين، ۽ خوزستان واپس اچي هن صوفياڻو لباس
لاهي، عام ماڻهن وارو لباس پاتو. گڏوگڏ ماڻهن کي
’خودشناسي‘ ۽ ’خداشناسيءَ‘ جي اهڙي تعليم ڏيڻ شروع
ڪيائين، جنهن جو مقصد ماڻهن کي ان قابل بنائڻ هو
ته جيئن اهي پنهنجي اندر ۾ خدا جي تلاش ڪن. سندس
اُنهيءَ تعليمي طريقي، مذهبي طبقي کي ڀڙڪائي وڌو ۽
ڏينهون ڏينهن سندس مخالفت وڌڻ لڳي. نتيجي طور هو
اوڀر ايران جي عرب بيٺڪن ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ لڳو ۽
اُتي پنجن سالن تائين (286 کان 290هه/
899 کان 902ع) پرچار جاري رکيائين. اُتي ڊگهو عرصو
رهڻ کان پوءِ منصور تستر موٽي آيو ۽ ڪن بااثر
ماڻهن جي سهڪار سان پنهنجي خاندان کي بغداد وٺي
آيو. هن 903ع ۾ ٻيو حج ڪيو ۽ ان کان پوءِ هندستان
جي مختلف علائقن، سنڌ، ڪشمير، ترڪستان ۽ ٻين ملڪن
جي طويل سفر تي نڪري پيو. ايران، هند ۽ سنڌ جي سفر
دوران هن جوڳي پنٿَ، ويدانت، جين مت ۽ ٻڌ ڌرم ۽
ماني ازم (زردتشي مذهب جي هڪ شاخ) جو وسيع اڀياس
ڪيو.
حسين بن منصور حلاج جي سنڌ ۾ اچڻ جي ڪيترن عالمن
تصديق ڪئي آهي:
تاريخ طبريءَ [تاريخ الاُمم والملوڪ] جي مصنف ابن
جرير (وفات: 310هه) جي ڪتاب جي جلد 12 ۾، جنهن کي
’صلح طبري‘ سڏجي ٿو (جنهن جو مصنف غريب بن سعيد
القرطبي هو)، ڄاڻايل آهي ته ”حلاج گهڻا ئي سير ۽
سفر ڪندو هو. هو سامونڊي سفر ذريعي هندستان به
پهتو“. (صله طبري، ص 48)
مشهور جرمن اسڪالر ڊاڪٽر اينيمري شِمل، پنهنجي
مضمون:
’شاهه لطيف جو
سُر سارنگ‘ ۾ لکيو آهي ته ”عام مشهور آهي
ته منصور حلاج، گجرات کان مشرقي ايشيا طرف رُخ
رکندي 905ع ڌاري سنڌ ۾ گهمندو رهيو. سندس ’عاشق
اعظم منصور‘ واحد نالو آهي، جو سنڌي صوفيانه لوڪ
شاعريءَ ۾ بطور صوفيانه عشق جي علامت جي هر شاعر
طرفان بيشمار دفعا استعمال ڪيو ويو آهي. جن ۾ شاهه
عبداللطيف بمعرفت سندس خاص مسلڪ تي هلندڙ سچل کان
ويندي لغاري خاندان جي شاعرن تائين، بيدل روهڙيءَ
وارو ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.“
شيخ اَياز پنهنجي ڪتاب ’اُٿي اور الله سين‘ جي
مهاڳ ۾ لکيو آهي ته: ”مون منصور جي عربي ديوان جي
مهاڳ ۾ پڙهيو هو ته هُو سنڌ ۾ آيو هو ۽ قرمطي فرقي
لاءِ هن کي خاص رغبت هئي، جن جون قبرون اڃا
چوڪنڊيءَ جي قبرستان، ڪراچيءَ ۾ موجود آهن.“
حسين بن منصور هند ۽ سنڌ جي سفر دوران جيئن مٿي
بيان ٿي چڪو ويدانت، ٻڌمت، جين مت ۽ قديم ايراني
فلسفي حضرت مانيءَ جي تعليمات جو مطالعو ڪيو، علم
جي تلاش ۾ الائي ڪيترا ڪتاب پڙهيا. منصور خود 47
ڪتابن جو مصنف چيو وڃي ٿو، جن مان ’طواسين‘ سندس
سڀ کان مشهور ڪتاب آهي.
حسين بن منصور ان سفر کانپوءِ پنهنجي زندگيءَ جو
ٽيون ۽ آخري حج (907ع) مِڪيو ۽ پوءِ واپس بغداد
موٽي آيو.
حسين بن منصور حيرت انگيز شخصيت جو مالڪ هو. هن جي
بيقرار طبيعت کيس ڪٿي به ٽڪاءُ نه ڏنو. هو تصوف جي
اُن منزل تي
هو ۽ علم ۽ عرفان جون اهڙيون ڳالهيون ڪندو هو،
جيڪي ظاهردار عالمن کي ڏُکيون ۽ چِڙ ڏياريندڙ
لڳنديون هيون. هن رائج الوقت سماجي قانونن
۽ رياستي اقتدار کي قائم رکندڙن خلاف آواز اٿاريو
۽ چيو ته:
”انسان جي وجود کي نظرانداز ڪري سندس حقن کي پامال
ڪرڻ خُدا جي بيحرمتي ڪرڻ جي برابر آهي، ۽ مون کي
خدا جي حوالي سان پنهنجي وجود جي اظهار ڪرڻ لاءِ
ڪنهن کان به اجازت وٺڻ جي ضرورت نه آهي، ڇاڪاڻ ته
سندس روح منهنجي روحَ ۾ ائين سمائجي ويو آهي، جيئن
عنبر، مشڪ ناب ۾ ملي ويندو آهي ۽ اُن (الله!) رازن
کي منهنجي دل ۾ ائين سمايو آهي، جيئن روح بدن ۾
سمايل هوندو آهي. جڏهن ڪا شيءِ اُن کي ڇهي ٿي ته
اُها مون کي ڇُهي ٿي. هروقت ۽ هرحال ۾ ”اهو“ مان
بڻجي وڃان ٿو.“
تاريخون اهو به لکن ٿيون ته حسين بن منصور هند ۽
سنڌ جي سفر تان موٽي، جڏهن مڪي آخري حج ڪرڻ آيو هو
ته هن جي ڪُلهي تي هڪ فقيراڻي گودڙي هئي ۽ کيس گوڏ
(ڌوتي) ٻڌل هئي. فريد الدين عطار لکيو آهي ته:
[هڪ ڏينهن] هُو عرفات جي ميدان ۾، آسمان ۾ اکيون
کُپائي، پڪاري رهيو هو: ”يا دليل المتحرين! (اي
حيرت جي واديءَ ۾ ڀٽڪندڙن جا رهبر!) جيڪڏهن آءٌ
ڪافر آهيان ته منهنجي ڪفر ۾ اضافو ڪر.“
شايد امير خسرو اُن کان ئي متاثر ٿي چيو هو:
ڪافرِ عشقم، مسلماني مرا در ڪار نيست،
هر رگِ من تار گشتھ، حاجتِ زنار نيست.
]آءٌ
عشق جو ڪافر آهيان، مون کي مسلمانيءَ جي ڪا ضرورت
نه آهي. منهنجي رڳ رڳ جَڻيو ٿي وئي آهي، اُنڪري
مون کي زنار پائڻ جي ضرورت نه آهي.[
’طبقات الصوفيه‘ ۾ روايت آهي ته:
هُو [حسين بن منصور] ريتيءَ جي هڪ دڙي تي مٿو ٽيڪي
جُهڪيو ۽ پوءِ مٿس حيرت ۽ مخموري طاري ٿي وئي.
ماڻهو عرفات مان موٽڻ لڳا، ان وقت هو سرد آهون ڀري
مناجات ڪري رهيو هو:
”اِلاهي انتَ تعلمُ عِجزي عن مواضع شُکرک فَاشکر
نفسُکَ عَنِّي فانه الشُڪر اِلا غير!“
(اي منهنجا معبود! توکي معلوم آهي ته آءٌ تنهنجي
’شُڪر جي مقام‘ تي پهچڻ کان عاجز آهيان، هاڻي
منهنجي بدران تون پنهنجو ’شڪر‘ بجا آڻ، بس اهو ئي
’شڪر‘ آهي.“
شاهه لطيف به حلاج جي ساڳئي خيال کي هن ريت بيان
ڪيو آهي:
’شُڪر‘ گڏياسون سپرين، جيئري جاني يار،
جيءَ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درشن ڌاروڌار،
پرينم! تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان!
خطيب بغداديءَ لکيو آهي ته: ”خوزستان جا ماڻهو ابن
منصور کي ’شيخ حلاج الاسرار‘ سڏيندا هئا، ڇو ته هو
باطني راز پڌرا ڪري ڇڏيندو هو.“
حسين بن منصور حلاج جي هن اعليٰ ظهور وقت بغداد جي
عباسي حڪومت/
خلافت جو جوڀن گذري چڪو هو. خليفو مقتدر بالله
295هه ۾ تخت تي ويٺو هو ته اُن وقت سندس عمر 13-14
سال هئي. اصلي
اقتدار فوجي جنرلن، وزيرن، حاجبن ۽ حرم سرا جي
راڻين جي هٿ ۾ هو. فوجين، وزيرن ۽ سندن حاجبن عوام
تي ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرائي وڌا. ٽيڪسن جي ڀرمار ماڻهن
کي پريشان ڪري وڌو. هڪ طرف اقتداري ايوانن
جون سازشون زور وٺي ويون، خود مقتدر کي هٽائي
معتزبالله کي خليفي بنائڻ جون ڪوششون ٿيون. ٻئي
طرف عوامي بغاوت ڀڙڪي اُٿي.
اهڙي سياسي بدامنيءَ جي ڪري بغداد ۾ عام کاپي ۽
کاڌ خوراڪ جي شين جا اَگهه چڙهي ويا. عوام جي
مختلف پرتن خليفي ۽ سندس انتظامي ۽ مالي طرح سخت
گير وزير حامد بن عباس خلاف شديد مظاهرا ڪيا.
حنبلي مڪتبهء فڪر جي سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن جي
حڪومت خلاف تحريڪ زور وٺندي وئي. ان کان سواءِ
قرامطه قبيلي جون بغاوتون، بصري جي حبشي غلامن جي
بغاوت، بغداد جي خلافت جي مقابلي ۾ آفريڪا ۾ فاطمي
خلافت جو بنياد پوڻ، اهڙا ڪارڻ هئا، جن عوامي
بيچينيءَ کي جنم ڏنو، انهن حالتن ۾ حسين بن منصور
حلاج جو خاموش ۽ پري رهڻ ناممڪن هو. بنو عباسيه دور جي نام نهادِ سوسائٽيءَ
جي هن صورت کي وقت جا رجعت پسند مُلا ۽ مولوي
اسلام جي عظيم الشان سلطنت جو نالو ڏئي، اُن جي
بقا لاءِ همه تن مصروف رهيا. ٻئي طرف زيديه رنج جي
مسلح جدوجهد ۽ بصري جي غلامن ۾ سجاڳيءَ واري لهرَ،
ملوڪيت جي پاڇي ۾ پلجندڙ بدڪار ۽ استحصالي سماج
جون پاڙون بنهه لوڏي ڇڏيون هيون، جنهنڪري رياستي
اقتدارَ جي صاحبن، ترڪ سلجوقي ڪمانڊرن جي مدد سان،
هن سڄيءَ جدوجهد کي ’مسلح بغاوت‘ جو نالو ڏئي ڪچلي
ڇڏيو، وڏي رتوڇاڻ ٿي ۽ بيدرديءَ سان عوام جو قتل
عام ڪري رت وهايو ويو.
ان خونريز فضا ۾ حسين بن منصور حلاج پاران
عيدالفطر جي موقعي تي احتجاج طور ’ڪارا ڪپڙا پائڻ‘
۽ پنهنجي الهامي لهجي ۽ آواز سان عوام کي پنهنجي
وجود جي احساس ڏيارڻ جي پرچار ڪرڻ وارو عمل، هڪ
طرف حڪمرانن لاءِ خطري جو گهنڊُ بڻجي آيو ته ٻئي
طرف منصور حلاجَ جي اُن نظريي، عام مقبوليت پڻ
اختيار ڪري ورتي، جنهن ۾ هن چوڻ شروع ڪيو هو ته:
”جڏهن اسلامي ڀائپيءَ جي نظريي سان طبقاتي فرق ۽
رنگَ نسلَ جا ويڇا مٽجي رهيا آهن ته فرد جي
انفراديت، شخصيت ۽ حقانيت کي رد ڪرڻ جو ڪنهن کي به
اختيار نه آهي. جڏهن رسول عربيءَ جي پيغامَ، انسان
کي پنهنجي خالق سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ته پوءِ ٻيا
واسطا ڪٿان پيدا ٿيا آهن، جن فرد کي دين ۽ سياست
جي مشينريءَ جو پرزو بنائي ڇڏيو آهي؟ جڏهن ته
انسان سڄيءَ ڪائنات جو ايڏو ته اهم جزو آهي، جو
سندس وجود کي خود ڌڻي تعاليٰ جو مظهر مڃڻ گهرجي.“
پنهنجي فِڪر ۽ عمل سان حسين بن منصورُ، اسلام جي
آزاديءَ واري درسَ ۽ مساوات واري سنيهي جي علامت
بڻجي ويو. ٻئي طرف هن جا هيٺيان مطالبا اقتداري
ايوانن کي لوڏڻ جو کلم
کلا اعلان هئا ته:
§
ناڪن ۽ محصولن جا ٺيڪا يهودين کان واپس ورتا وڃن،
§
ٽيڪس ۽ خراج جون پاليسيون تبديل ڪيون وڃن،
§
رياستي اقتدار مان بالادست طبقن جو اثر گهٽايو
وڃي، ۽
§
غلامن کي سماجي ۽ اقتصادي حق ڏنا وڃن.
منصور حلاج جي اِنهيءَ آواز هڪ طرف حنبلي فڪر جي
سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن جي حڪومت خلاف هلندڙ تحريڪَ
کي سگهه بخشي ته ٻئي طرف سندس تصوف واري تعليمَ،
عوام کي سندس ويجهو ڪري ڇڏيو. هونئن به حقيقي
تصوفُ، ملوڪيت، بادشاهت ۽ سامراجيت جي خلاف، عوامي
اقتدار ۽ جمهوريت جو حامي پئي رهيو آهي. اهوئي
ڪارڻ آهي، جو هميشه حق پرست عالمَ ۽ تصوفَ جا
امامَ، اقتداري ايوانن آڏو ناپسنديده رهيا آهن؛
پوءِ اهو بيضا جو منصور حلاج هجي، سنڌ جو مخدوم
بلاول هجي، هند جو سرمد شهيد هجي يا سنڌ جو ئي
شاهه عنايت صوفي هجي. بنو عباسيه دَور ۾ حنبلي فقھ
جي امام احمد بن حنبل کي ڏنل دُرن (ڦٽڪن) جي سزا
کان وٺي حسين بن منصور حلاج جي اذيتناڪ شهادت
تائين تاريخ جا ورقَ، حق پرست عالمن ۽ صوفين جي
مقدس رَت سان ريٽا رهيا آهن.
اهوئي سبب آهي، جو منصور حلاجَ جو هيءُ ‘انسان
شناسي ۽ خدا شناسيءَ‘ وارو پيغام، حڪمرانن ۽ سندن
درٻاري عالمن لاءِ خطري جو نغارو بڻجي آيو، جنهن
سندن ڪوڙي ۽ تصنع جي ٽيڪ تي بيٺل اقتداري عمارت جا
سمورا ٿوڻيون ٿنڀا لوڏي وڌا- ۽ اهو عظيم پيغام هو:
”رسول عربيءَ جي پيغام انسان کي پنهنجي خالق سان
ڳنڍي ڇڏيو آهي، ته پوءِ ٻيا واسطا (حاڪم ۽ درٻاري
ملا) ڪٿان پيدا ٿيا آهن؟“ اهو انساني خود شناسيءَ
جو سَنيهو، خدا شناسيءَ جو پيش خيمو هو. [’من عرف
نفسھ فقد عرف ربھ‘، ۽ ’خلق الآدم عليٰ صورتہ‘ ساڳي
ڳالهه هئي.] ان ڏس ۾ ڏسنداسون ته اسان جي شاهه
لطيف جو ’اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻيءَ‘ کان
وٺي ’سو تون وڃيو ڪيئن، نائين ڪنڌ ٻين کي‘ وارو
فڪر، وحدت الوجودي فڪر ۽ منصوري نعري جو علامتي
پڙاڏو نظر ايندو.
ٽين صدي هجري، اسلام جي روحَ جي مٿان ملوڪيت جو
پاڇو هئي؛ ملڪن کي فتح ڪيو پئي ويو؛ دولت جا انبار
سرڪاري خزاني ۽ ٽِجوڙين ۾ گڏ ٿي رهيا هئا؛ ماڻهن
جي سماجي ۽ اقتصادي زندگي تباهه ٿي رهي هئي؛ فوجي
ڪمانڊر، حاڪمِ وقت جا پگهاردار ديني عالم ۽ رياستي
مشينريءَ جا آفيسر، عباسي خلافت جا مددگار هئا؛
انڪري منصور جي ’انساني عظمت‘ واري نرالي پيغام
کين بنهه ڇِتو ڪري وڌو. اُنڪري ’فڪر جي آزاديءَ‘
تي بندشون وڌيون ويون؛ ’نَظريه ضرورت‘ هيٺ شرعي
معاملن جون سرڪاري تشريحون ڪيون ويون؛ درٻاري ۽
حڪمرانن جي منظورِ نظر صوفين کي اڳيان آڻي، منصور
حلاج جي تعليمات، فڪر ۽ شاعريءَ خلاف ڪفر جون
فتوائون ڏياريون ويون؛ سندس ’ڪاري ويس پائڻ‘ کي
اهلِ سُنت جي مسلڪ جي خلاف تعبير ڪيو ويو؛ مُلائيت
جي سرپرستي ڪري سچن ۽ راستباز صوفين کي تعزير ۽
قتل لائق قرار ڏياريو ويو؛ کين ملحد ۽ آواگون
(تناسخ) ۾ عقيدو رکندڙن طور مشهور ڪيو ويو؛ صوفين
جي آستانن ۽ گهرن تي جاسوسَ مقرر ڪيا ويا، جيڪي
ڪُتن وانگر نوس نوس ڪندا رهندا هئا ۽ اعليٰ ترين
صوفين کي قاضين جي عدالتن ۾ آڻي، کانئن من پسند
فتوائون حاصل ڪيون ويون.
هن صورتحال ۾ منصور حلاج جي شخصيتَ، جدوجهد، فڪرَ
۽ عملَ، مڪملتا (Perfection)
حاصل ڪري ورتي. هو تاريخ جي ڇوليون هڻندڙ سمنڊَ ۾
هڪ اٽل پهاڙ وانگر نظر اچڻ لڳو. هڪ سچي صوفيءَ
وانگر ’پرينءَ جي پساري‘ ۽ ’جانب جي جمال‘ ۾ گم،
هڪ انقلابي ۽ باغيءَ جي حيثيت ۾ وجودِ انسانيءَ جي
بقا ۽ مڃتا لاءِ جهاد ڪندي ڏسڻ ۾ آيو.
منصور حلاج خلاف، سرڪار جي اهم ڪارندن جي سياسي ۽
مذهبي مخالفت وڌي وئي. وزيراعظم حامد بن عباس،
حلاج جي وڌندڙ اثر رسوخ کي ڏسندي، خليفي مقتدر
بالله کي مشورو ڏنو ته حسين بن منصور کي ڪيئن به
ڪري قتل ڪرايو وڃي. نتيجي طور 297هه/
909ع ۾ حلاج جي خلاف درٻاري عالم ابن دائود
اصفهانيءَ پهرين فتويٰ ڏني ته اُن جي روشنيءَ ۾
کيس گرفتار ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت حلاج هڪ سال تائين
قيد ۾ رهيو، 298هه/
910ع ۾ هُو جيل ٽوڙي فرار ٿي، اهواز جي شهر ’سوس‘
هليو آيو. هن جي ڪجهه پوئلڳن کي گرفتار ڪيو ويو ۽
ٽن سالن کان پوءِ 301هه ۾ سندس غلام دُباس، جي
مخبريءَ بعد حامد بن عباس جي شهه ۽ عباسي خليفي
مقتدربالله جي حڪم تي حسين بن منصور کي شهر ’سوس‘
مان ئي (301هه/
913ع ۾) گرفتار ڪيو ويو. مٿس شطحي گفتگو ڪرڻ،
اسماعيلي تحريڪ جي پيداوار ’قرامطه‘ سان واسطن
رکڻ، حنبلين سان لاڳاپن قائم ڪرڻ، عباسي حڪومت
مخالف باغين جي حمايت ڪرڻ، وقت جي حڪومت خلاف
تحريرن ۾ سندس هٿ هئڻ ۽ سُني مسلڪ خلاف ڪارا ڪپڙا
پائڻ وغيره جا الزام لڳايا ويا. سندس هن نظربنديءَ
۽ قيد جو عرصو اٺ سال رهيو، جنهن کان پوءِ 921ع ۾
هن بابت مقدمي جو فيصلو ڪيو ويو. فرينچ اسڪالر
لوئي مسينون جي تحقيق مطابق حلاج خلاف علماءِ ظاهر
84 قسم جون شهادتون پيش ڪيون، جن جي بنياد تي کيس
ڦاسيءَ جو حقدار قرار ڏنو ويو ۽ هيءُ مقدمو هڪ سال
تائين لاڳيتو هلندو رهيو.
بهرحال هن انقلابي، سچي ۽ راستباز صوفيءَ، ظاهري
شريعت (قانونن) جي مخالف ۽ طريقت ۽ معرفت جي عظيم
مبلغ جي هڪڙي ئي ٻولي رهي، جيڪا هن ٽئين حج جي
موقعي تي عرفات جي ميدان ۾ آسمان ۾ نهاريندي، پڪار
ڪئي هئي ته:
”يا دليل المتحرين! (اي حيرت جي واديءَ ۾ ڀٽڪندڙن
جا رهبر!) جيڪڏهن آءٌ ڪافر آهيان ته منهنجي ڪفر ۾
اضافو ڪر!“ (حوالو: خواجه فريد الدين عطار)
’يا دليل المتحرين!‘ ۾ ’حيرت‘ لفظ غور جي قابل
آهي، اسان جڏهن لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جو مطالعو
ڪريون ٿا ته اُن ۾ حسين بن منصور حلاج جي اُن
’حيرت واري حوصلي‘ کي سلام پيش ڪيو ويو آهي:
’حوصلو حيـرت جـو‘، آهــي نــــه مٿــي عــام،
سندي محبت مام، ڪورُ پروڙي ڪينڪي!
(سُر بروو سنڌي، داستان 3، بيت 36)
’حوصلــو حيـرت ۾‘، ڪــــري ديـــن دُرڪ،
جو حُسن سندو حق، ڪورُ پروڙي ڪينڪي!
(سر بروو سنڌي، داستان 3، بيت 34)
’حوصلو حيرت جو‘، وڃي ٿيو ويڇون،
محبت جون ميڇون، ڪورَ پروڙي ڪينڪي!
(سُر بروو سنڌي، داستان 3، بيت 34)
اُن ’حيرت جي حوصلي‘، کي سچل سرمست ’حلاجي حيرت‘
چيو آهي:
اول ڀيري ڀڃ، بند خيالات جا،
تنهن پُڄاڻان وڃ،
’حلاجي حيرت‘
۾!
(رسالو سچل سرمست، عثمان علي انصاري: ص 59،
’وحدت‘)
صوفين جي امام منصور حلاجَ جو معراج، سندس سوريءَ
تي چڙهڻ وارو عمل آهي.
جڏهن حسين بن منصور حلاج کي قيد مان ڪڍي، سرڪاري
چوبدارن جي ’جم غفير‘ ۽ گهيري ۾ خچر تي چاڙهي، 24
ذوالقعد 309هه/
929ع تي، اڱاري جي ڏينهن، صبح جو ساجهر، عباسي
خلافت جي دارالخلافت بغداد جي ’باب خراسان‘ آڏو،
دجله نديءَ جي پُل ويجهو، هڪ کُليل ميدان ۾ آندو
ويو ته بغداد پوليس جي سربراهه محمد بن عبدالصمد
حڪم ڏنو ته ”قيديءَ (حسين بن منصور) کي قتل گاهه/
ميدان ۾ آندو وڃي.“ تاريخ نويس لکن ٿا ته پوءِ
ماڻهن ڏٺو ته سينگاريل سوريءَ واري ميدان تي هڪ
خدا جو ٻانهو، جنهن جي ٽنگن ۾ لوهي نيئرَ ٻڌل هئا،
هڪ باوقار شخصُ، درويشاڻو چوغو پهريل ۽ مٿي ۾ هڪ
عظمت وارو ’ڪلاه‘ پاتل، بيحد بيپرواهيءَ سان، ناز
۽ انداز سان، ٽِلندو، ڪُڏندو، مستانه وار مُسرت
مان جُهولندو، اوچي ڳاٽ اچي مقتل گاهه ۾ پهتو ته
ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ ڪو گهوٽ سيج تي چڙهڻ
لاءِ اچي رهيو آهي. هن پوئتي مڙي نهارَ به نه ڪئي
۽ سندس مُنهن تي هڪ عاشق ۽ سالڪ واري رونق ڏسڻ ۾
پئي آئي ۽ سندس اکين ۾ عشق جو ازلي خمار موجود هو.
لطيف سائينءَ ڇا نه خوب چيو آهي:
اکيون تان عيدَ، ڪانهي عيد اکين ري،
خوشي ۽ خريد، کڻيو گُهمن پاڻ سين!
(سربروو سنڌي، داستان 2، بيت 30)
وَســـن ۽ وهـســـن، ڏِهاڻــــي ڏِســــڻ
لـئــــه،
جئن جئن پرين پسن، تئن تئن نشا نينهن جا!
(داستان 2، بيت 12)
اُن موقعي تي، ’تاريخ بغداد‘ جي مصنف جي لکڻ موجب:
’وَاجتَمع من العامةِ خلق ڪثير لاّ يُحصيٰ عدد
هُم‘. ”[ان وقت] عوام جو ايڏو وڏو هجوم اچي جمع
ٿيو، جيڪو ڳاڻيٽي کان ٻاهر هو“؛ جڏهن ته ’تذڪرة
الاولياءَ‘ جي مصنف جي لکڻ مطابق اُن موقعي تي ’هڪ
لک ماڻهن جو هجوم موجود هو، جنهن ۾ ڪيترا منصور
حلاج جا معتقد به هئا.‘
لطيف سائينءَ، صوفين جي هن امام جي اندازِ رندانه
۽ بيباڪيءَ جي منظر کي سُر ڪلياڻ جي بيتن ۾، هيئن
بيان ڪيو آهي:
پاٻوهيو پُڇن، ڪٿي هٽُ حبيبَ جو،
نيزي هيٺان نينهن جي، پاسي پاڻ نه ڪن،
عاشق اجلَ سامهون، اوچي ڳاٽ اچن،
’ڪُسڻ قربُ جن، مرڻ تن مشاهدو‘.
(سُر ڪلياڻ، داستان 3، بيت 16)
پاٻوهي هيڪار، مُونهان پُڇيو سَڄڻين،
’الســت بربــڪم‘، چيائون جنهن وار،
سندي سُورَ ڪنار، اورڻ اُهو ئي ٿيو.
(سر ڪلياڻ، داستان 3، بيت 15)
ڪُوٺي ڪهن سپرين، ڪوٺي ڪهڻ ساڻ،
نيزي هيٺان نينهن جي، پاسي ڪر مَ پاڻ،
ڄُل وڃائي ڄاڻ، عاشق اجلَ سامهون!ڪهن
سپرين، ڪوٺي ڪهڻ ساڻ،
(سر ڪلياڻ، داستان 3، بيت 17)
سُوريءَ تي سؤ وارَ، ڏِهاڙيو چنگ چڙهين،
جــم وِرچـي ڇڏئـيـن، سـِڪــڻ جـي پچــارَ،
پرت نه پسين پارَ، نينهن جِيان ئي نِڱئو!
(سُر ڪلياڻ، داستان 2، بيت 9)
ڏسندڙن ڏٺو ۽ لکندڙ لکيو آهي ته سوريءَ کي
سينگاريل ڏسي حسين بن منصورُ- زنجيرن ۾ جڪڙيل
قيدي،
’اناالحق‘ جا نعرا هڻي
رهيو هو، گڏوگڏ هيٺيون شعر به جهونگاري رهيو هو:
حبيبي غير منسوبٍ، اليٰ شيءِ من الحَيفِ،
سَقانِي مِثلَ مايَشر بِ فَعلَ الضّيف بالضَيفِ،
فَلمّا دارت الڪاس، دعيٰ بالنُطعُ و السيفِ،
کذا من يشرب الرّاح، مع التنين في الصيف.
[اهو غلط آهي ته منهنجو يار ڪو ڏاڍ يا ستم ڪري ٿو
(هو هر عيب کان پاڪ آهي) هن مون کي (پنهنجي هٿن
سان) عشق ۽ محبت جو شراب ائين پياريو آهي، جيئن
ڪنهن مهمان کي پياريو ويندو آهي. جڏهن جام گردش ۾
آيو، تڏهن هن حڪم ڏنو ته جلاد تلوار ۽ نطُ سميت
اچي حاضر ٿئي. جيڪو ماڻهو سخت گرميءَ ۾ ڪنهن ارڙ
بلا سان گڏ مئي نوشي ڪندو، تنهن جو حال اهوئي
ٿيندو.“ [حوالو: ’حسين بن منصور حلاج‘: سيد علي
مير شاهه، ص 5]
شاهه لطيف منصور حلاج جي ان ڪيفيت جي تائيد ۽
تصويرَ هيٺين بيتن ۾ چٽي آهي:
ڪُهن تان ڪَر لهن، ڪَرَ لهن تان ڪُهن،
سيئي ماءُ مُهن، سيئي راحت روحَ جي!
(سُر يمن ڪلياڻ، داستان 3، بيت 9)
ڪُهي سو ڪَر لهي، ڪوٺي سو قريب،
اها عادت سکيو، هر زمان حبيبُ،
تِڇي سو طبيبُ، سو ئي راحت روح جي!
(سر يمن ڪلياڻ، داستان 3، بيت 20)
ڪنڌ ڪٽارو، مُنهن وَٽِي، عادت سندين ايءَ،
تنين تِڪُون ڏنيون، جُنبي منجهان جيءَ،
سَرو تن سَبيءَ، جنين سانگَ نه ساهه جو!
(سُر يمن ڪلياڻ، داستان 4، بيت 36)
عاشق زهر پياڪ، وهه پَسي وهسن گهڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ،
لڳين لَنءُ لطيف چئي، فنا ڪئا فراق،
توڙي چِڪن چاڪ، ته به آهه نه سلن عام کي!
(سُر يمن ڪلياڻ، داستان 2، بيت 23)
هُجوم ۾ موجود
سرڪاري دلالن ۽ ’بي
سمجهه‘ تماشبينن حسين بن منصور حلاج ڏانهن پٿرَ
اڇلائڻ شروع ڪيا، جڏهن ته اکين وارن جون
اکيون ڀِنل هيُون، پر منصور پٿرن، ۽ چٿرن کان
بيپرواهه، وڏي شان ۽ جذبَ جي ڪيفيت ۾ نعرا هڻي
رهيو هو. ’اناالحق، اناالحق‘- ۽ جهُومي رهيو هو:
ماڻهن منصور کان سوال ڪيو:
”اِن ريت ناز نخري سان هلڻ، مستانه وار جهومڻ جو
سبب؟“
چيائين:
”مقتل گاهه ڏانهن وڃي رهيو آهيان،
وطن ڏانهن ورندي خُوش نه ٿيان؟“
منصور کي ٽنگڻ لاءِ سامهون صليب جا ڪاتَ کُتل هئا،
جن تي منصور کي بيهاريو ويو هو، ۽ سندس هٿ پير
تختن سان ٻڌا ويا هئا. تختن جي ’ميخن‘ کي ڏسي
منصور کِلي رهيو هو، سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا
هئا، ڇو ته هُو ’قرآن جو مفسر‘ هو، جنهن ۾ ‘جبلن
کي ڌرتيءَ جون ميخون’ سڏيو ويو آهي:
’الم يجعل الارض مهداً وَالجبال اوتادا‘ (قرآن)
]ڇا
اسان زمين کي هموار ميدان نه بنايو؟ مٿس جبلن کي
ڪِيرن وانگر نه کوڙيو؟[
شاهه لطيف سُر ڪوهياريءَ جي هڪ بيت ۾ اِن قرآني
آيت جو نه رڳو پنهنجي حسناڪ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو
آهي، پر اِستعاراتي طور حسين بن منصور کي ’جبل ۽
ميخن‘ سان هن ريت ڀيٽيو آهي:
ڏونگر ڀُونئين ڪيرَ، سَڄڻ ميخون ڏونگرين!
ههڙا سيڻ سُڌيرَ، ڪين لهندين ڪي ٻيا!
(سُر ڪوهياري، داستان 2، بيت 14)
عباسي حڪمرانن ۽ سندن ڪارندن کي پنهنجون تيار ڪيل
ڪاٺ جون صليبون ۽ اُنهن جون ميخون مضبوط لڳي رهيون
هيون، پر اُهي ’صليبن‘ جي ڪاٺَ ۾ لڳل ’ميخون‘،
اَسان جي عظيم شاعرَ شاهه لطيفَ جي نظر ۾، جهڙيءَ
ريت ’جبل، ڌرتيءَ جون ميخون‘ آهن، تهڙيءَ ريت
منصور جي صليب کي لڳل ميخون سندس ’واصل باالحق‘
ٿيڻ جو استعارو آهن.
ڏونگر ڀُونئين ڪِيرَ، ’سڄڻ ميخون ڏونگرين.‘
منصور حلاج، پنهنجي مستيءَ ۽ وجد بابت سنجيدو ٿي،
پُڇندڙن کي هن ريت مخاطب ٿيو:
"اهو
ئي ته بهترين وجد آهي ته هڪ خدا جي هيڪڙائي پسجي."
شاهه لطيف، منصور جي زبان جو سنڌيءَ ۾ مفهوم هن
ريت ادا ڪيو آهي:
چئه تون الله هيڪڙو، وائي ٻي وِسار،
تن ۾ تند تنوارِ، سدا سپيرينءَ جي!
(سر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 17)
مَنڌُ پيئندي مُون، ساجن سهي سڃاتو!
(وائي، سر ڪلياڻ، داستان 2)
منصور حلاج جي شعر ’سقاني مثل مايشرب، فِعلَ
اللضيف باالضيف‘
وارو شراب ڪهڙو هو؟ اُهو شراب ۽ اُهو جام اُهو ئي
هو، جنهن جو اظهار لطيف سائينءَ هيٺئين بيت ۾ ڪيو
آهي:
وحدهٗ لاشريڪ لــﮧٗ، ايءُ وهائج ويءُ،
کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ،
’پاڻان چوندءِ پيءُ، ڀري جام جنت جو.‘
(سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 14)
لطيف سائينءَ جي رسالي جي
’سُر ڪلياڻ‘
۽
’سر يمن ڪلياڻ‘
جا اڪثر بيتَ، منصور حلاج جي واردات ۽ ڪٿا جو
نوحو، مرثيو بلڪ ڪيڏارو آهن. هن جي دارِ تي پهچڻ
واري حالت ڪهڙي هُئي؟ هو عاشق هو يا معشوق؟ خالق
هو يا مخلوق؟ وحدت واري منزل تي هو يا ڪثرت جي
واديءَ ۾ غرق هو؟ هن جي ’اناالحق‘ واري نعري جي
ڪيفيت ۽ ماهيت ڪهڙي هئي؟ شاهه لطيف اُن جو اظهار
هيٺين بيتن ۾ ڪيو آهي:
(i)
عاشق چؤ مَ اُن کي، مَ ڪي چئه معشوق،
خالق چؤ مَ خام تون، مَ ڪي چئو مخلوق،
سَلج تنهن سلوڪ، جو ناقصئان نڱئو!
(سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 18)
بيت جي ٽين سٽَ جي تشريح ۽ معنيٰ، مشهور لطيف شناس
ڪلياڻ آڏواڻيءَ، هن ريت ڪئي آهي:
"اُهو
ڳجهه اُن سان سلج، جنهن پاڻ کي هر اوڻائيءَ کان
آجو ڪيو آهي."
(ڪلياڻ آڏواڻي، شاهه جو رسالو، ص 49)
(ii)
وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل،
حقُ حقيقي هيڪڙو، ٻوليءَ ٻيءَ مَ ڀُل،
هُو هلاچو هُل، بِاالله سندو سڄڻين.
(سُر ڪلياڻ، داستان 1، ص 50، ڪلياڻ آڏواڻي)
لطيفُ هن بيت ۾ وحدت ۽ ڪثرت جو مسئلو سمجهائيندي
چوي ٿو ته:
’مون کي خدا جو قسم آهي، اُهو [حلاج وارو] هُل ۽
هُلاچو، ’اناالحق‘ جو آواز آهي، خود سڄڻ (خُدا) جو
هُل (آواز) آهي.‘
پراڏو سو سَڏُ، وَرُ وائيءَ جو جي لهين،
هُئا اڳهين گڏ، پر ٻُڌڻ ۾ ٻَه ٿيا!
(سر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 28)
يعني: ’منصور جي آواز جو پڙاڏو، آدجڳاد/ اَزل جو
سڏُ [الست بربڪم] جو آواز آهي. هيءُ آواز جو فرق
[وائيءَ جو وَرُ] آهي. جيڪڏهن تون سمجهين سگهين ته
توکي معلوم ٿيندو ته ’حق‘ ۽ ’اناالحق‘ چوڻ وارا
ٻئي اڳ ئي گڏ هئا، پر [ظاهري ڪَنن وارن کي] ٻڌڻ ۾
ٻه آيا. اصل ۾ ’آواز‘ هڪ ئي هو. هُو ’سڏ‘ هو ۽ هي
اُن جو ’پڙاڏو‘ هو، پر ظاهردارن اِن ’سڏ‘ ۽
’پڙاڏي‘ کي’ٻه‘
ڪري سمجهيو هو.
تڏهن ئي ته لطيف جي پيشرُو ۽ تڙڏاڏي شاهه ڪريم
هيٺيون بيت چيو هو، جيڪو لطيف سائينءَ، پنهنجي
محفل ۾ پڙهيو هو، ۽ فقيرن لکي ’شاهه جي گنج‘ ۾
شامل ڪري ڇڏيو:
هي ڪَن گاڏهان وِڪڻي، ٻيا ڪي ڪن ڳنهيج،
تنين سين سڻيج، سُپيريان جي ڳالهڙي!
۽ ان ڳالهه کي واضح ڪرڻ لاءِ لطيف سائينءَ پنهنجي
هيٺين مشهور وائي چئي آهي:
سڀڪا پريان ڪُون پُوڄي،
نينهن نيڻين، ڳڻ ڳالهه وو!
(سُر ڪلياڻ، داستان 1، وائي 1)
هن وائيءَ جو صرف ٿلهه ۽ ٻه بندَ ڏِسي، ڪن محققن،
اها وائي ئي شاهه جي رسالي مان ڪڍي ڇڏي آهي.
منهنجيءَ نظر ۾ هُو فقط محقق آهن، پر شاعر نه آهن،
۽ هنن رُڳو شاهه جي شاعريءَ جو روحاني جائزو ورتو
آهي، وٽن شاهه جي بيتن ۽ واين جي پرکَ وقت پنهنجي
سوچ ۽ پنهنجي نقطهء نظر (Point
of View)
جي عينڪ پاتل آهي. اصل ۾ ڏٺو وڃي ته شاهه لطيف وڏو
موسيقار هو، هن امير خسرو ۽ ٻين موسيقارن/ شاعرن
وانگر گائڪيءَ جا ٻولَ، خيالَ ۽ ترانا وغيره
سنڌيءَ ۾ لکيا هئا، جهڙيءَ ريت هندي ڪلاسيڪي خيال
جا ٻول آهن، تيئن شاهه لطيف جي هيءَ وائي ۽ رسالي
۾ هڪ ٻن مصرعن واريون سموريون وايون، منهنجي دعويٰ
آهي ته سنڌيءَ ۾ ’خيالَ جا ٻول‘ آهن. سنڌي
موسيقارن کي ان طرف ڌيان ڏيڻ ۽ تحقيق ڪرڻ گهرجي.
هاڻي منصور جي جذب ۽ مستيءَ واري ڪيفيت ۽ سندس
سوريءَ ڏانهن خماريل نيڻن وارو نظارو، تصور جي
اکين سان ڏسو ۽ سندس ’اناالحق‘ واري آواز کي ’لطيف
جي لاتِ‘ (’لطيف‘ خدا جو نالو آهي ۽ ’لات‘، ’آواز‘
يا ’سڏ‘ کي چئبو آهي) کي ڏسو؛ جيڪو ’هُن جو سڏ‘
(حق جو سڏ) آهي، جنهن جو پڙاڏو حلاج جو نعرو
’اناالحق‘ آهي؛
جيڪو اصل وطن ڏانهن موٽڻ جو رستو آهي: ’اِنا الله وانا اليہ راجعون‘ يعني:
]
”اُن وٽان آيا آهيون، ۽ اُن ڏانهن
ئي موٽون ٿا.“]
منصور حلاج هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو هو:
”آءٌ مقتل ڏانهن وڃي رهيو آهيان، وطن ڏانهن وڃي
رهيو آهيان. وطن ڏانهن ورندي/ ويندي خُوش نه
ٿيان.“
لطيف سائينءَ به چيو آهي:
سڀڪا پريان ڪُون پوڄي،
نينهن نيڻين، ڳُڻ ڳالهه وو!
جا چِتايم چت ۾، سَڄڻ سا ٿو ٻُجهي...
لات جا لطيفَ جي، سڏُ تَنهن جو سُڄي!
(سُر ڪلياڻ، داستان 1، وائي 1)
اها ’لطيف جي لات‘، منصور جو نعرو ’اناالحق‘ آهي،
۽ ’سَڏُ تنهن جو سُڄي‘ جي تشريح اها آهي ته ’لطيف
جي لات/ منصور جو نعرو ’اناالحق‘، حق، سچ، جو سڏ
آهي!‘
منصور جي مقتل ڏانهن وڃڻ ۽ وطن ڏانهن ويندي خوش
ٿيڻ وارو اِستعارو، ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ کان وٺي
جديد سنڌي شاعريءَ تائين اسان کي ڀرپور انداز ۾
ملي ٿو. لطيفَ، اُن ’وطن‘ ڏانهن وڃڻ واري پنڌ لاءِ
چيو هو:
وڃجي او وڃجي،
اکيون پيرَ ڪري!
سُپيريان جي ڳالهڙي، ڪنهن سان ڪين ڪَجي!
(سُر سهڻي، وائي، داستان ستون)
جڏهن ته جديد شاعرَ اُستاد بخاريءَ اهو سڏ
ورنائيندي چيو آهي:
مقتل کان ٿورو اڳتي، محفل جو ڏسُ مليو آ،
مان موتَ کي لتاڙي، ٿو زندگيءَ کي ڳوليان!
منصور کي ڪِرائي جي ماڻهن ۽ سرڪاري دلالن پٿر هنيا
هئا ۽ جلادَ ڦٽڪا هنيا هئا، پوءِ به هو نعرا هڻندو
رهيو هو:
’اناالحق
اناالحق!‘
اياز لکيو آهي ته:
ساري شهر وَسايا پٿّر، مڙس ته ڪو منصورُ هُيو!
پوءِ به هُن ٿي نعرا ماريا، توڙي چِڪنا چُور هُيو!
منصور جي دارِ تي چڙهڻ واري نظاري وقت ڪيترا عالم،
صوفي ۽ درويش به ميدان تي موجود هئا، جن مان ڪن
ساڻس سوال ڪيا:
هڪ درويش پُڇيس: ”ابن منصور! ٻُڌاءِ، عشق ڇا آهي؟“
منصور کيس کِلي جواب ڏنو:
”جيڪو اڄ، سڀاڻي ۽ پرينهَن ڏسندين!“
لطيف ان ڳالهه کي چِٽيءَ طرح کولي بيان ڪيو آهي:
مري جيءُ ته ماڻئين، جانب جو جمالُ،
ٿئين هوند حلالُ، جي پَند اِها ئي پارئين.
(سُر معذوري، داستان 4، بيت)
ڪِرائي جا سرڪاري ماڻهو، منصور کي پٿر هڻي رهيا
هئا ۽ منصورُ کِلي رهيو هو، سندن سوالن جا جواب
ڏئي رهيو. هن جي آڏو تڪليفون ’محب جي مهمانيءَ‘
وارو استعارو هُيون، ڄڻ هو صوفي شاعر صاحبڏني جي
ڪافي ورجائي رهيو هو:
سُورَ سختيون سالڪن ڏي، محب مهمانيون مُڪيون!
پِڙ تي موجود هر اُهو مولوي ۽ مُتقي، مفتي ۽ قاضي،
منصور حلاجَ تي ٿيندڙ حد درجي جو ڏاڍ ڏسي ڏَڪي
رهيو هو؛ جنهن منصور تي ڪُفر جي فتويٰ جاري ڪئي
هئي يا سندس قتل نامي تي صحيح ڪئي هئي، اُهي سمورا
ڪانئر ڪنبي رهيا هُئا، شيخ اياز جا هيٺيان لفظ اُن
منظر تي ڪيڏا ته سچا صادر ٿين ٿا:
لـــرزه بــرانــدامُ آ هـر مُـتّـقـي!
ڪُفر منهنجو خندهء منصور آ!
منصور جي سامهون هن جا عاشق ۽ پيار ڪندڙ به موجود
هئا، پر حڪومت عباسيه جي ڏاڍ ۽ دٻدٻي جي ڪري خاموش
۽ چُپ هئا. سامهون بيٺل مُلا موراڻا، حاڪمن جي ڊپ
۽ دٻاءَ کان ڊنل عالمَ،
’اڻ ڄاڻ ڄاڻو‘ ۽ ’بي سمجهه سمجهو‘ هئا، ٻين لفظن ۾
’ڀريءَ بزم‘ ۾ منصور اَڪيلو هو، پر ارڏو ۽ اوچي
ڳاٽ هو! هُو موت کي پڪاري ڄڻ ته لطيف جي لفظن ۾
هيئن چئي رهيو هو:
اُونچو اُتاهــون گهـڻـــو، جيئڻَ کـــي جـبـلُ،
مرڻَ مون سين هل، ته پُٺيءَ تو پنڌُ ڪريان:
(سر معذوري، داستان چوٿون، بيت 9)
تو سڱ ساٿ گهڻن سين، جيئڻ گوشي جاءِ،
مرڻ مون سين آءُ، ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪريان!
(داستان چوٿون، بيت 10)
هُو ميدان ۾ موجود مُلن موراڻن کي، دوستن يارن کي
ڄڻ ته لطيف جي لفظن ۾ چِٽو چئي رهيو هو:
سَڌائتي سڀڪا، بَکُ نه باسي ڪاءِ،
جيهي تيهي ذات جي، جُنبش ناهي جاءِ،
مون سين هلي ساءِ، جا جيءُ مٺو نه ڪري!
(سُر سسئي، داستان 4، بيت 2)
جنهن وقت ماڻهو منصورَ تي پٿرن جو وسڪارو ڪري رهيا
هئا ته وقت جو وڏو فقيھ ۽ عالمُ، صوفي، حضرت جنيد
بغداديءَ جو شاگرد ۽ منصورَ جو دوستُ ابوبڪر شبلي
به اُتي موجود هو. شبلي، جيڪو منصور لاءِ چوندو هو
ته: ”کُنت اَناالحُسين شيئاً واحداً اِنّا اظهر و
کُتمّت“ [آءٌ ۽ حسين (بن منصور) هڪ ئي ڳالهه تي
آهيون، فرق فقط اهو آهي، جو هن پنهنجو حال پڌرو
ڪيو ۽ مون لِڪايو.“
اُن شبليءَ، اکين واري انسانَ به عباسي حاڪمن جي
ڏرَ ۽ ڏهڪاءَ کان ڊڄي، راڄ رسم جي پورائيءَ طور ئي
سهي، منصور کي پٿر ته نه هنيو، پر کيس هڪ گل
اڇلائي هنيو. هُو اڏول شخص، جيڪو پٿرن جي وسڪاري
تي خاموش هو، اُن گل لڳڻ شرط دانهن ڪئي.
منصور کان پُڇيو ويو ته ”ڇا سبب آهي، جو پٿرن لڳڻ
تي ته خاموش رَهئين، پر دوست جي گل لڳڻ تي آهه ۽
فرياد ٿو ڪرين؟“
جواب ڏنائين: ”پٿر هڻندڙ ويچارا اڻڄاڻ آهن، اُنڪري
آءٌ خاموش رهيس، پر شبلي منهنجو حال ڀائي آهي،
[منهنجي حقيقت ۽ منزل کي سمجهي ٿو] اُنڪري سندس
گلَ مون کي وڌيڪ ايذاءُ رسايو ۽ مون دانهن ڪئي.“
لطيف سائينءَ خوب چيو آهي:
لڙڪي لَنءُ نه سڃاتو،
راند ڀانيائين راز کي!
انڌو الوهيت کان، آهي ايءُ اُماتو....
سڀان سو نه شُمار ۾، ليکيان جو اڄ لاٿو...
(وائي سُر سهڻي، داستان ستون)
جان جان سي نه لِتاءِ، جي لياڪا لوڪَ جا،
تان تان ٿئي نه ماءِ، پُورو پسڻ پرينءَ جو!
(سُر يمن ڪلياڻ، داستان 7، بيت 12)
ان کان پوءِ چون ٿا ته منصور بلڪل خاموش رهيو ۽
مٿس ’سُڪوت‘ طاري ٿي ويو. لطيف سائينءَ اُن
خاموشيءَ/ ’سُڪوت‘ کي هيٺين لفظن ۾ اظهاريو آهي:
مِٺايان مٺـو گهڻــو، ڪــڙو نـاهه ڪــلام،
’سُڪوت‘ ئي سلام، پريان سندي پارَ جو.
جلادُ اڳتي وڌيو ۽ بادشاهي فرمان مطابق منصور حلاج
تي دُرا وسائڻ لڳو..... دُرن جي اذيتناڪ سزا لاڳو
ٿي چڪي، پر حسين بن منصور حلاج جي صبر ۽ استقامت ۾
ڪوبه فرق نه آيو. [الاستقامت فوق الڪرامت] هن جي
چهري تي الم يا اذيت بدران خوشيءَ ۽ شادماني جا
آثار نظر اچڻ لڳا. لطيف سائينءَ چيو آهي:
سوريءَ مٿي سيڻ، ڪهڙي ليکي سنرا!
جيلھ لڳا نيڻ، ته سُوريائي سيڄ ٿي. |