استاد
لغاري
لطيفي فِڪر ۾ سمايل
متارا ڪير هُئا؟
. لطيفي فِڪر:
شاهه جي رسالي پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته سُر
”ڪلياڻ“ ۽ ”يمن“ ۾، ٻين فڪري موضوعن سان گڏ، موکي
متارن جو ذڪر به وڏي فڪري معنيٰ رکي ٿو.
موکي متارن جو قصو، سنڌ جي نيم عشقيه لوڪ داستانن
مان هڪ آهي. هي واقعو پندرهين عيسوي صدي جي وچ
ڌاري يا ٿورڙو بعد ۾، سنڌ 1450- 1460ع جي لڳ ڀڳ
پيش آيو. متارن جي موکي سان محبت نه هئي. بلڪ هُو
موکي جي ٺاهيل مڌ جا متوالا هئا. لطيفؒ کان اڳ
متارا هن واقعي ۾ اُها حيثيت حاصل ڪري نه سگهيا،
جنهن جا هُو صحيح حقدار هئا. جڏهن لطيف هن قصي کي،
پنهنجي ڪلام جو فڪري موضوع بنايو ته ان کان پوءِ
ئي ٻي دنيا کي خبر پئي ته موکي متارا به ڪا وڏي ۽
حقيقي حيثيت رکن ٿا
البت ڀٽائي صاحب هن قصي جو فقط مرڪزي پهلو ڳايو، ۽
چيائين: ”هڪ هُئي موکي. ٻيا هُئا متارا. موکي مڌ
(شراب) ٺاهيندي هئي، ۽ متارا اُهو پيئڻ لاءِ ايندا
هئا. هڪ ڀيري ڀولي ۾، وهه گڏيل واپرايائون ته ڪنهن
وڏي ڪڙي ڪيف ۾ ڪڪورجي ويا. ٻي ڀيري موکي کي چيائون
ته: ”ڪيئن به ڪري اسان کي پروڪو پيار“. موکي چيو
ته: ”اُن ۾ ته ڪاريهر جو وِهُه پيل هو.“ ته ”هان!“
ڪَري، ڪِرِي پيا ۽ ڇرڪ ۾ اتي جو اتي دم ڏنائون.“
لطيف چوي ٿو:
ايڪ پِيالو، ٻه ڄڻا، عشق نه ڪري ايئن،
لکيا جي نه لکڻ ۾، سي قُرب رسندا ڪيئن؟
”هُئڻ“ ڪيا هِيئن، وانجهيا پس وصال کان
وجهج واٽاڙن تي، مئيخاني جِي ماڪ،
ٿيندي سڌ سڀ ڪهين، هنڌ هنڌ پوندي هاڪ،
پرهه جا پياڪ، جُہُ سي اڱڻ آئيا
جُہُ سي اڱڻ آئيا، ته سرو ڪندا سُڃ،
سائي ٿيندي اُڃ، هِي پِيتو، هُو آڻ ڪِي
موکي مٽ اُپٽيا، سوارا صُبوح
اُونچِي، عبداللطيفؒ چي، باس پُهتين بُوءِ
ڪڙو جي ڪڪوہ، وٽ سِر گهرن وٽيون
سري ڪين ڪِيو، ويڻ موکي جي ماريا
ڪو جو سُخن ڪلاڙڪو، پِتي تي پِيو
تهان پوءِ ٿِيو، مرڻ متارن جو(1).
سمجهاڻيون:
. هتي شاهه عجب ٿو ڏيکاري ته عشق جي پيالي ۾، ٻه
ڄڻا ڀائيوار ٿي نه سگهندا. عام طرح محفلن ۾، هڪڙي
پيالي مان، ڪيترائي ڄڻا سُرڪ سُرڪ ڪري پيئندا آهن.
مگر عشق ۾ دُوئِي بلڪل روانه آهي. سچو عشق دوئي
وڃايو، عاشق کي، معشوق جي هستي ۾ نابود ڪري، هڪ
ڪيو ڇڏي. رومي چوي ٿو: زنده معشوق است- و عاشق
مرده. جي حساب ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا، جن کي اڃا هڪ ٻه
ڪري شمار ڪري سگهجي ٿو، جنهن پنهنجي انفرادي هستي
نه وڃائي آهي. سي قرب رسندا ڪيئن؟ اهڙا شخص محبوب
جي ويجهو وڃڻ، يعني هُن سان وصال حاصل ڪرڻ جا لائق
نه آهن. ڇاڪاڻ ته عشق جو اول شرط آهي، دُوئي ڌار
ڪرڻ. معشوق ۾ هستي وڃائڻ. ڏس ته انفرادي هستي، هنن
کي اهڙي ريت وصال کان محروم ڪري ڇڏيو آهي(2).
2.
اي موکي! اي ساقي! واٽ ويندڙن تي ڪا مئيخاني واري
مئي جي بُوءِ بُوندار ڪج. ايئن سڀ ڪنهن کي خبر
پوندي ۽ هر ماڳ مڪان تنهنجي مئيخاني جي مشهوري ٿي
ويندي. پوءِ ته وڏا پياڪ، جيڪي صبح جي پيئڻ جا
عادي آهن، سي ڄاڻ ته صبح ساڻ مئيخاني جي صحن ۾
پهتا(3).
3.
اهي متارا مئيخوار جيئن ئي مئيخاني تي ايندا، ته
سارو رکيل شراب پي پورو ڪري ڇڏيندا. گهڻي پيئڻ سان
سندن اُڃ ويتر وڌندي ۽ چوندا ته ”هيءُ پي پورو ڪري
ڇڏيوسون، هو جيڪو مٽن ۾ سنڌيل آهي سو به وڃي
آڻ(4).“
4. موکي شراب وارا سنڌيل مٽ صبوح ساڻ سوير ٻاهر
ڪڍي آڻي کوليا. عبداللطيف ٿو چئي ته ”انهي اعليٰ
قسم جي شراب جي هُٻڪار ۽ خوشبوءِ انهن پرهه جي
پياڪن تائين وڃي رسي، ۽ هُو پيئڻ لاءِ اچي پهتا.
اهو رنگين شراب جيتوڻيڪ سخت ڪؤڙو آهي، ته به هي
پياڪ هر ڀيري، ونڊ وقت، ساقي کان پيالن تي پيالا
گهري پيا ٿين(5).
5.کين
شراب، جيڪو اڳ پيتو هُئائون، تنهن ڪو نقصان ڪونه
ڪيو، پر موکي جي ٻُڌايل خبر واري ڇرڪ کين ماري
وڌو. موکي جو ڪو اهڙو گفتو سندن ڪن تي پيو ۽ صدمي
طور هانءُ تي لڳو، جو سندن هانءُ ڦاٽي پيو. متارن
جو موت، ان کان پوءِ ٿيو. مڌ سان مرن ها ته اڳ مري
وڃن ها(6)
2.
متارن جو مزارون:
ڪراچي ويجهو گڏاپ واري علائقي ۾، ڪونڪر ماڳ وٽ، هڪ
مشهور پهاڙي آهي. جنهن کي ”ناڙا ٿر“ ٽڪري سڏيو وڃي
ٿو(7). هن پهاڙي کي لوڪل ماڻهو ”نارا ٿر“ به چون
ٿا. هتي ڪنهن وقت بُرفتن سان، جتن، جوکين، ڪلمتين
۽ نومڙين جي جنگ لڳي هئي(8). هتي هن وقت جوکين جو
وڏو قبرستان پڻ موجود آهي.
هن پهاڙي جي اُلهندي ڇيڙي تي، لاهي وٽ، متارن جون
مزارون موجود آهن. جيڪي هڪ چوکنڊي جي اندر، ترتيب
سان، هن ريت رکيل آهن. اولهندي کان: 1. حالار
حاجي، 2. اسحاق حاجي،
3. اسحاق اسماعيل، 4. نامعلوم، 5. آدم رستم
. اسماعيل حاجي ۽ 7. نامعلوم (هي متارو چوکنڊي کان
ٻاهر، اترئين پاسي رکيل آهي.
اگر متارن جي نالن ڏانهن ڌيان ڏبو ته، انهن جا
نالا اسان کي انهي تذبذب ۾ مبتلا ڪن ٿا ته ”آيا
اهي قبرون واقعي ئي متارن جون آهن!؟ يا متارن جون
آهن به ڪونه!؟“ ڇو جو هنن مان ٽي ڄڻا حاجي سڳورا
آهن. ڇا حڄ مبارڪ جي سعادت ماڻڻ کان پوءِ، وري به
ڪي ماڻهو غير شرعي فعل ڏانهن ايئن مائل ٿي سگهن
ٿا؟ ايتريقدر جو، انهن جو ساهه به ڪلاڙخاني ۾ نڪري
وڃي ٿو! مذڪوره نالن مان هڪ نقطو هي به نڪري اچي
ٿو ته ”اهي نالا ڪنهن هڪڙيئي خاندان جا لڳن ٿا.“
اگر باريڪ بيني سان ڏسبو ته اسحاق حاجي اسحاق
اسماعيل ۽ اسماعيل حاجي، اهي پاڻ ۾، هڪڙيئي خاندان
جا فرد، پيءُ، پُٽ ۽ ڀاءُ وغيره لڳن ٿا، جن جو وڏو
حالار حاجي آهي
مزارن جي مٿان رکيل پٿرن تي ٿيل چٽسالي ۽ اُڪريل
نالن مان معلوم ٿئي ٿو ته: هي هڪڙيئي ڏينهن تي
وفات ٿيل يا دفن ٿيل ماڻهو نه آهن. هنن جي وڏي
حالار حاجي ۽ ٻين جي وفات ٿيڻ يا دفن ٿيڻ ۾ اندازن
50 کان 100 سالن جو فرق لڳي ٿو، يا اڃا به وڌيڪ.
حالار حاجي جي پٿر تي سندس نالو اُڀريل ۽ آڱر جهڙن
ٿُلهن اکرن ۾ لکيل آهي. باقي ٻين جي پٿرن تي،
باريڪ، سنهڙن ۽ کوٽري لکيل اکرن ۾ نالا تحرير ٿيل
آهن. جيڪي مختلف گهاڙي دورن جي نشاندهي ڪن ٿا.
محترم گل حسن ڪلمتي صاحب پنهنجي ڪتاب ”ڪراچي: سنڌ
جي مارئي“ ۾ لکي ٿو ته: ”انهن جو تعلق هڪ ئي
خاندان سان هو(9).“ ۽ ٻيو هي ته: ”متارن جي مزارن
کي، انهن کانسواءِ ٻي پاسي به ڳولڻ گهرجي(10).“
محترم گل حسن ڪلمتي صاحب پنهنجي ڪتاب ”ڪراچي: سنڌ
جي مارئي“ ۾ لکي ٿو ته: ”انهن جو تعلق هڪ ئي
خاندان سان هو(9).“ ۽ ٻيو هي ته: ”متارن جي مزارن
کي، انهن کانسواءِ ٻي پاسي به ڳولڻ گهرجي(10).“
. متارن جو تعداد
روايت آهي ته متارا اٺ (8) ڄڻا هئا(13). البت ناڙا
ٿر ٽڪري تي رکيل، متارن ڏانهن منسوب قبرن جو تعداد
ست (7) آهي ۽ اٺين موجود نه آهي. ڪن روايتن ۾
متارن جو تعداد ڇهه به ڄاڻايو وڃي ٿو(14)
محترم گل حسن ڪلمتي صاحب، متارن جي تعداد کي (ٻه
سما، ٻه سومرا، ٻه چنا، ٻه چهواڻ) اٺ ڄڻا تسليم
نٿو ڪري ۽ لکي ٿو ته ”ان ڳالهه کي ان ڪري وزن
ڪونهي، ڇاڪاڻ جو گهڻن ڪتابن ۽ سُگهڙن انهن جو
تعداد ڇهه ڄاڻايو آهي(15).“ البت گل حسن ڪلمتي
صاحب ڪنهن به ڪتاب جو نالو يا روايت نقل ڪندڙ
سُگهڙ جو پتو حوالي طور ٻڌائي نه سگهيو آهي
متارن جي تعداد بابت، استاد بخاري پنهنجي شاعري جي
ڪتاب ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ ۾ چوي ٿو.
متارا متا، ساٿي ست سري تي،
ڀڀڙ ٿي ڀڙڪي اُٿيا، کاکڙ ٿي نه کتا
توڙي رت رتا، پيالي پت رکي ويا(16)
اهڙي طرح استاد بخاري جو بيت، متارن جي تعداد کي
ست (7) ڄڻا سمجهڻ تي آماده ڪري ٿو
متارن جي تعداد بابت، شاهه جي رسالي ۾، هڪ بيت
هيٺين ريت لکيل آهي:
ڪلاڙڪي ڪار وهي، اڄ نه سٽ سري,
ڪٽورا قاتل جا، پيتئون پاڻ ڀري,
اَٺئي رهيا اُٽلي، ڌرتي سِر ڌري,
ڄاڻايو ڄامن کي، ٿي ٻارهين ماهه ٻري,
ته نڪي ماريا جنگ ۾، نڪي سُور ٻري,
تن کي روئان ڪيئن ڪري؟ جي ڳالهه سُڻي گهريا(17
مذڪوره بيت متارن جي تعداد کي وري اٺ (8) ڄڻا
تسليم ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪري ٿو. يعني: ”اَٺئي
رهيا اُٽلي، ڌرتي سِر ڌري.“
ڪنهن سگهڙ جي ٺاهيل هيٺين مشهور بيت ۾ به متارن جو
تعداد اٺ (8) ڄاڻايل آهي. هي بيت ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، شاهه جي رسالي جي تحقيقي جلد نمبر پهرين
۾، موکي جي مهمانن جي تعداد ڄاڻائڻ بابت شامل ڪيو
آهي، ته:
ٻه سما، ٻه سومرا، ٻه چنا، ٻه چهواڻ,
ايندا هئا، اٺ ڄڻا، موکي گهر مهماڻ(18).
سنڌ جو مشهور لوڪ سگهڙ ۽ ڏاهو، شاهه لطيفؒ جو وڏو
پارکو، ڏاڏو فتح خان (سيد صالح محمد شاهه) به
متارن جي تعداد کي اٺ (8) ڄڻا تسليم ڪندو هو. هُو
چوندو هو، ”انهن اٺن متارن سان، نائين موکي به مڌ
تي ميڙو ڪندي هئي. ايئن موکي سميت نوَ (9) ڄڻا مڌ
تي اچي مڙندا هئا. ”نومڙيا“ لفظ وارو اصطلاح ۽ ذات
به اُن ميڙي پُٺيان وجود ۾ آئي
اها ڳالهه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو مشهور
پروگرام ”فتح خان جي ڪچهري“ (جمهور جو آواز) ۾
راقم (اُ-ل) سان ڏاڏا فتح خان روبرو ڪئي. ايئن اهي
اٺ ڄڻا، سري جي سُرڪين جا سوالي ۽ مڌ جا متوالا،
موکي جا مهمان ٿيندا هئا. جن کي تاريخ ۾ متارن جي
نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
4. متارن جا نالا ۽ ذاتيون:
موکي متارن جو قصو، سنڌ جي مشهور نيم عشقيه لوڪ
داستان آهي. انڪري، اهو طئي آهي ته، متارا سنڌي
هئا. پوءِ اُهي سنڌي ثقافت ۽ تهذيب ۾ ضم ٿي ويل
بلوچ هجن توڙي سماٽ. مسلم هجن توڙي غير مسلم.
متارن بابت بنيادي نقطو هي آهي ته: ”اُهي سنڌي هئا
۽ بس!“ انڪري متارن کي سنڌي نالن ۾ به ڳولڻ گهرجي
۽ متارن کي سنڌ جي تاريخ جي ورقن ۾ به ڳوليو وڃي.
متارن کي، ٻِيجل، ڀُورل، سارنگ، سانول، سوڍل، راڻل
۽ دودل ۾ به ڳوليو وڃي. متارن کي، گُلڻ، چارڻ،
کلڻ، کٽڻ، مَرڪڻ، ڍولڻ ۽ سانوڻ ۾ به ڳوليو وڃي.
متارن کي، سهڻي، ڳهڻي، سرهي، سڀاڳي، جاڙي ۽ ابڙي ۾
به ڳوليو وڃي. متارن کي، ڦوٽي، ڦوڳ، ڪرڙ، ڪنڊيري،
کيت، لونگ، چپڙ ۽ ڏاڙهون ۾ به ڳوليو وڃي. متارن
کي، رتن، ملوڪ، پوپٽ، ننگر، ڀونگر، سپڙ، سنگهار ۽
ساماڻي ۾ به ڳوليو وڃي. اهو نه ڏسڻ گهرجي ته متارا
غيرمسلم هئا يا مسلم؟ سماٽ هئا يا بلوچ؟ ۽ اهو به
نه ڏسڻ گهرجي ته متارا حاجي هئا يا غير حاجي؟ فقط
اهو ڏسڻ گهرجي ته متارا سنڌي هئا يا سنڌي نه هئا؟
اگر متارا سنڌي هئا، ته پوءِ انهن جي نالن پٺيان
غيرضروري لقبن لڳائڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. اگر
اسان اڄ ايئن ڪنداسين ته سڀاڻي ڪو ٻيو نئون محقق
قلم کڻندو ۽ اهو لکندو ته متارن جا نالا هيٺين ريت
هئا:
1. حالار حاجي بن عبدالله المالڪ الشمسي الاوراقي
القدوسي.
2.
اسحاق حاجي بن فضل الله الفائق الطوراني التميمي.
3.
اسحاق اسماعيل بن ذڪريا المعروفي العجمي العصري
4.آدم
رستم بن حزب الله الغالب العصري المجددي، وغيره
متارا اگر سما، سومرا، چنا يا چهواڻ نه هئا، تڏهن
به سنڌي هئا. ۽ اهو طئي آهي ته متارا، ”الشمسي
الاوراقي“ نه هئا، بلڪ ”سانول ۽ سوڍل“ هئا. متارا،
”الفائق الطوراني“ نه هئا، بلڪ ”ڍولڻ ۽ سانوڻ“
هئا. متارا، ”المعروفي العجَمي“ نه هئا، بلڪِ
”سُرهو سَڀاڳو“ هئا، ”متارا، الغالب العصري“ نه
هئا بلڪِ ”سنگهار ۽ ساماڻو“ هئا. متارن جي ذاتين
بابت، ڪنهن سُگهڙ جي بيت کي بنياد بنائجي ته انهن
جون اڻ تصديق ٿيل ذاتيون به لڀي پونديون. جهڙوڪ،
سما، سومرا، چنا ۽ چهواڻ وغيره(19).
اگر شاهه جي رسالي جي ٻئي بيت ڏانهن ڌيان ڏبو ته
معلوم ٿيندو ته متارا ذات جا ”ڄام“ هئا. يا ”ڄام“
سندن لقب هو. ”ڄاڻايو ڄامن کي، ٿي ٻارهين ماهه
ٻري(20).“
ڪن روايتن ۾، متارن کي بُرفت ڄاڻايو ويو آهي.
بُرفت ڪنهن خاص علائقي جي گڏيل ذاتين کي به چيو
ويندو آهي. جيئن ٿري، ڍاٽي، يا کوهي وغيره. ڪتاب
”ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا“ ۾ لکيل آهي ته ”بُرفت
سما قبيلي مان آهن(21).“ هيوزبلز جي لکڻين موجب
”بُرفت راجپوت نسل مان آهن(22).“ مولائي شيدائي
بلوچستان جي قومن تي لکيو آهي ته ”بُرفت نومسلم
راجپوت ۽ نومڙين جي شاخ آهن(23).“ ساڳي طرح ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: ”بُرفت ۽ نومڙيا هڪ
گڏيل قوم آهن، جيڪي لس ٻيلي جي ڄامن مان آهن(24).“
اهڙي طرح شاهه جي رسالي ۾ ڄاڻايل ذاتيون، يعني
”سما“ توڙي ”ڄام“ يا ”نومڙيا“ اصل ۾ بُرفتن ڏانهن
ئي اشارو سمجهڻ گهرجي. يعني:
1.ٻه
”سما“، ٻه سومرا، ٻه چنا، ٻه چهواڻ(25).
2.ڄاڻايو
”ڄامن“ کي، ٿي ٻارهين ماهه ٻري(26).
5.متارا
ڪٿان ايندا هئا؟
جناب بدر ابڙو صاحب پنهنجي ڪتاب
”ڪوهستان جو سفر“ ۾، ص- 30 تي لکي ٿو ته ”متارا
سنڌ جي ڪوهستان واري علائقي کان ايندا هئا، ۽
ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن اهڙي وکر جو واپار ڪندا هئا،
جنهن جو تعلق مُندن سان هو.“ هڪ روايت موجب هُو
چيٽ جي چانڊوڪين ۾ ۽ پوءِ ڇهن مهينن بعد ايندا
هئا. موکي وٽ ٻارهوئي شراب جي موسم هوندي هئي. ۽
موکي جو مڌ نِج هو(28).
مرحوم فتح خان (سيد صالح محمد شاهه) چوندو هو ته
”متارا سامونڊري سوداگر (جواهري) هئا. جيڪي اترين
علائقن کان ايندا هئا، ۽ ٻيڙن ذريعي، پنهنجو واپار
لنڪا، جاوا، سماترا، ملايا ۽ ٻين ملڪن سان ڪندا
هئا. واپار لاءِ ويندي ۽ وري وطن لاءِ واپس ايندي
بندر (ديبل يا ڪراچي؟) تي ترسندا هئا. اٺ پندرهن
ڏينهن يا مهينو سوا، هتي موکي جا مهمان ٿيندا
هئا.“ ڪجهه عرصو موکي جا مهمان ٿي، ٿڪ ڀڃي، کيس
دُهرا دان ڏيئي، مايا ملڪيت ۽ ماڻڪ موڙين سان مالا
مال ڪري، هيري لعل جواهرن ۽ موتين ڀريل ٿالهه
اڳيان رکي، واپس وطن هليا ويندا هئا.
محترم گل حسن ڪلمتي صاحب لکي ٿو ته: ”متارا بحري
قزاق هئا، جيڪي بندر تي ڦُرون ڪرڻ لاءِ ايندا
هئا(29).“ البت متارن جو غير ملڪي (پرڏيهي) هجڻ ۽
بحري قزاق بنجي ڦُرون ڪرڻ، روايتن کان وڌيڪ ٻيو
ڪجهه به ڪونهي. متارن بابت ان ڳالهه تي اڪتفا ڪجي
ٿو ته: ”اُهي سامونڊري سوداگر هئا ۽ سنڌي هئا.
انهن جو ديس موکي جي مئيخاني کان دُور هو. ڪوهستان
ڏانهن هجي يا ريگستان ڏانهن. ٿر ڏانهن هجي يا بر
ڏانهن. موکي وٽ ڇهن مهينن کان اڳ اچي نه سگهندا
هئا. يا پاڻ نه ايندا هئا. لطيف انهن سامونڊرين
لاءِ چوي ٿو:
”لنڪا لنڪا ڪن، لئي لنڪا جي اوهريا،
سُڻي سونَ لنڪا جو، سُک نه سامونڊرين،
پرهه پڳهه ڇوڙيا، کاري کيڙائن،
وڏي ڀاڳ ڀِرن، جي ڪهيا ڪارونڀار ڏي(30).“
جي ڪارونڀار ڏي ڪهندا هئا، تڏهن به ڇهين مهيني بعد
واهوندي تي ورندا هئا. جيڪي موکي جا مهمان ٿي، وري
موڪلائي، پنهنجي ماڳن ڏانهن روانا ٿيندا هئا. ايئن
اهي دُور ديس جا مسافر ۽ ملهه مهانگا متارا، واپار
لاءِ ويندي ۽ وري واپس وطن لاءِ ايندي، موکي جا
مهمان ٿيندا هئا ۽ موکي مانَ لهندي هئي.
6.متارا
ڪيئن مُئا:
موکي جي مئيخاني (ڪلاڙخاني) تي، ڪيئي پياڪ عُشاق
پئي آيا، پر وڏا متارا ميئِخوار ۽ هميشه جا هيراڪ
ساٿي اٺ هئا. جيڪي هر ڇهين مهيني مند تي ايندا هئا
۽ پُراڻا پڪل مٽ انهن لاءِ پلٽبا هئا. هڪ ڀيري هُو
جڏهن موکي جي مئيخاني تي آيا ته پراڻو سنڌيل شراب
بچيل ئي ڪونه هو. نيٺ موکي کي ڪنهن ڪُنڊ ۾ پيل
پراڻو مٽ ياد آيو. جنهن کي وڃي جانچيائين ته ان مٽ
۾، ڪنهن وقت کان وٺي، ڪاريهر واسينگ نانگ سُري وڃي
اندر پيو هو ۽ مري ڳري ڪنڊا ٿي ويو هو. موکي مٽ ۾
نانگ جو ڪنڊو ڏسي، سوچيائين ته: ”هي عُشاق هميشه
جا هيراڪ آهن ۽ کين خالي موٽائڻ بدران، جيڪو حاضر
آهي، سوئي کڻي ٿي ٺاهي پياريان.“ پوءِ جيئن ئي کين
ٺاهي، وٽيون ڀري پياريائين ته هو ڪنهن ڏاڍي ڪيف ۾
ڪڪورجي ويا ۽ اتان اٿيان ته گِهِڏِي گِهِڏِي
پنهنجي گهرن پهتا(32). ٻئي ڀيري دير سان، يعني
ٻارهين مهيني کانپوءِ مئيخاني تي موٽيا(33). ”ٻِي
گهُتِ ٻارهين آئِيا، اڳي ڇهين ماهه اچن.“ اُن وقت
موکي وٽ ڪيئي مٽ سنڌيل هئا، پر کين هڪ مان پياري
ته چون ”ٻئي مان آڻ.“ ٻئي مان پياري ته چون ”ٽئين
مان آڻ.“
ايئن ڪندي بالاخر کيس چيائون ته ”اسان کي ڪيئن به
ڪري، پروڪو پيار(34).“ پر اهو ته هاڻ ناممڪن هو.
ڇاڪاڻ جو اهو نانگ وارو زهر مليل قاتل شراب موکي
وري هن ڀيري ڪٿان آڻي؟ جڏهن پروڪي شراب لاءِ ڏاڍو
زور ڀريائون ۽ ضد ڪري موکي جي قدمن کي چنبڙي ويهي
رهيا، تڏهن مجبورن موکي ساڻن سچي ڪئي ۽ چيائين ته:
”جو پَرَ پِيتو آن، سو سندو سپن ساڙ،
جي واسينگ وتن ويڙيين، سي نه وهيڻا مان،
تيلان لڄ مران، جيئن اڻ هوندو اَئين گهرو(35).“
اهو ٻُڌي چيائون ”هان! اسان زهر پِيتو هو!؟“ بس
انهي ”هان“ واري ڇرڪ ۾، اُتي جو اُتي دم ڏنائون
”سري ڪينِ ڪِيو، ويڻ موکي جي ماريا(36)
7.
متارن جو دور:
متارن جو دور، سڌي طرح، موکي جي دَور سان منسلڪ
آهي. موکي، جا مومل وارن جي ڀيڻ هئي. اهي ڀينرون،
ماٿيلي جي سردار راجانند گوجر جون راجڪماريون
هيون. راجانند جو زمانو سن 1410ع کان 1440ع جي
درميان وارو هو(37). هوڏانهن راڻو مينڌرو، جنهن
لُڊاڻي (ڪاڪ) تي مومل ماڻي هئي، اهو همير سومري جو
وزير هو. همير سومري جو دور سن 1400ع کان 1440ع
تائين هو(38). راڻي مينڌري ۽ مومل جي چکيا تي چڙهڻ
وارو واقعو لڳ ڀڳ 1440ع ڌاري ٿيو، ان بعد مومل جون
ٻيون ڀينرون ڪيڏانهن هليون ويون، سو انهن جو پورو
احوال نٿو ملي. البت موکي پنهنجي چالاڪ ٻانهي
ناتر کي ساڻ ڪري، هن (گڏاپ واري) علائقي ۾ اچي
آباد ٿي.
هتي اچڻ کان پوءِ، دولت حاصل ڪرڻ لاءِ، مومل واري
فارمولي جي برعڪس هن نئين طريقي تي عمل شروع ڪيو.
جنهن موجب اگهور آڳڙين، پِڪ پِياسن، سامونڊري
سوداگرن، شير شهزادن، مڌ جي مشتاقن، مئي جي
متوالن، ڪنور ڪوڏين، گهاٽي جي گهوٽن، انگوري
عاشقن، ۽ وِير واٽاڙن کي ڪلاڙخاني ۾ ڪوٺي، کين
سَري جُون سُرڪيون پياري، نينهن جا نشا چاڙهڻ شروع
ڪيا. پِڪ پِياڪ، پتنگن وانگر پهچڻ لڳا. جن ۾ خاص
مئي جا متوالا ۽ سري جا سوالي اٺ (8) ڄڻا هوندا
هئا. جن کي تاريخ ۾ متارن جي نالي سان ياد ڪيو وڃي
ٿو. متارا موکي جي انگڙاين جا عاشق نه هئا. البت
مڌ چُڪِي چکي، وحدت جي وادي ۾ گم ۽ ڪنهن کري کيپ ۾
کپي فنا ٿي ويندا هئا. ”آٽِي ايڪ ٿِيا، کتا نينهن
کري.“
متارا ڪيترو عرصو موکي وٽ ايندا رهيا؟ ۽ موکي
ڪيترو عرصو انهن کي مڌ پياريندي رهي. سراسري لحاظ
سان موکي متارن جي بنياد تي ئي لڳائي سگهجي ٿو.
سراسري لحاظ سان موکي متارن جي پيئڻ ۽ پيارڻ واري
دَور کي 1440ع کان پوءِ، وڌ ۾ وڌ ڏهن کان ويهن
سالن تائين تسليم ڪري سگهجي ٿو. اگر ائين آهي ته
پوءِ متارا 1450ع ۽ 1460ع جي درميان ۾ وفات ڪري
ويا هوندا، ۽ موکي به انهن جي مرڻ پڄاڻان ويراڳ
ورتو، سا پڻ متارن کان پوءِ وڌ ۾ وڌ پنجن کان ڏهن
سالن تائين زنده رهي هوندي.
متارا مري ويا، موکي! تون نه مَرِين!
ڪيهيءَ پَرِ پَرين؟ ڏُکِي! ڏاتارن ري(40).
8.
متارن جو پيالو:
متارن جي مزارن سان گڏ، هڪ پيالي نُما ڊي D
شڪل جو گهڙيل پٿر به اتي موجود آهي. جنهن کي ماڻهو
”متارن جو پيالو“ چون ٿا. هن پيالي نما پٿر کي ئي،
گهڻا ماڻهو، انهن قبرن متعلق متارن جي مزارن هجڻ
جو سرٽيفڪيٽ سمجهن ٿا.
هي پيالو هن وقت ڀڳو ٻه اڌ ٿيو پيو آهي. جنهن جي
ڀڄڻ ۽ اڌواڌ ٿيڻ جو ڪوبه ڪارڻ معلوم نٿو ٿئي. لڳي
ٿو ته زماني جي گردش ۽ اُٿل پُٿل سبب شايد ايئن
ٿيو هجي. اهو به ضروري ناهي ته هي پيالي نما پٿر
ئي هنن مزارن بابت متارن جون مزارون هجڻ جو ثبوت
هجي. اگر حقيقت ۾ پيالو ئي ٺاهڻ مقصود هجي ها ته
اهو گول او (O)
شڪل ۾ به آساني سان هُوبهو پيالو ئي ٺهي پئي
سگهيو. جيئن ته ڪاريگرن يا سنگتراشن هاسيڪار ان
پٿر کي گول شڪل نه ڏني آهي، انڪري چئي سگهجي ٿو ته
اهو پيالو نه آهي ۽ نه ئي اهو متارن جي مزارن
ڏانهن ڪو اشارو آهي.
محترم بدر ابڙو صاحب پنهنجي ڪتاب
”ڪوهستان جو سفر“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”انور
پيرزادي ۽ مُون، سنڌ سروي مهم دوران، سال 1991ع ۾،
گڏاپ ويجهو، ناڙاٿر کان پنج ڪلو ميٽر اوڀر طرف، هڪ
چؤديواري جي اندر، ڏهاڪو کن قبرون ڏٺيون، جن جي
لاءِ چيو وڃي ٿو ته: ”اهي لاشارين جون قبرون آهن.“
اڏاوت ۽ چٽسالي جي لحاظ سان، اُهي ناڙا ٿر ٽڪري تي
موجود، متارن ڏانهن منسوب قبرن جهڙيون ئي هيون.
اهي قبرون روميون سڏجن ٿيون. هتي به ايئن ئي هڪ
عدد پيالو ڊي (D)
شڪل جو گهڙيل رکيل هو. لهاذا اهو پيالي نما پٿر،
متارن جي مزارن يا انهن جو شرابي هجڻ لاءِ ڏنل
ڪوبه اشارو يا سرٽيفڪٽ نه آهي.
9.
متارن
جي مزارن جي ڪيفيت:
متارن جي مزارن ڏسڻ کان پوءِ، معلوم ٿئي ٿو ته
شايد ڪن مخصوص سوچ رکڻ وارن طرفان، قبرن جي ڀڃ
ڊاهه ڪرايل آهي. مزارن جي ٻاهران ڏنل چؤديواري
ڊانوان ڊول ٿيل آهي. چوکنڊي جا ڪُنگري وارا گهڙيل
پٿر هيڏانهن هوڏانهن پکڙيا پيا آهن ۽ ڪي حصا ٻين
آس پاس جي قبرن تي رکيا پيا آهن. قبرن جا بنيادي
پٿر ٿڙيل آهن. حالانڪ هڪ هڪ پٿر ايڏو وڏو ۽ ڳرو
آهي، جو ان کي گهٽ ۾ گهٽ اٺ_ ڏهه ماڻهو گڏجي مس
چوري سگهندا.
قبرن جي چٽسالي ۽ ٺاهه جوڙ مان اندازو لڳائجي ٿو
ته هي ڪِن امير ۽ خوشحال ماڻهن جون تُربتون آهن.
پر هنن مرحومن ڏانهن شراب نوشي جو موت منسوب ٿيڻ
ڪري، (شايد؟) ڪن مخصوص سوچ رکندڙ ماڻهن (اهوئي خير
۽ ثواب جو ڪم سمجهي) قبرن کي ڌڪ هڻي، پنهنجي اڳوتر
سنوارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. (والله اعلم؟)
10.
آخري نقطا:
مٿي بيان ڪيل سموري قصي مان، جيڪا ڳالهه عيان ٿئي
ٿي، ان موجب هيٺيان نقطا واضح ٿي بيهن ٿا.
نوٽ:
(هي نقطا، محقق جي پنهنجي راءِ سمجهڻ نه گهرجن)
1.متارا
لطيفي فڪر جو جُز آهن
2.متارن
جي مزارن کي، هن کان ٻي
پاسي (موکي جي مئيخاني وٽ) به ڳولڻ گهرجي
3.متارن
جو تعداد اٺ (8) هو.
4.متارا
ذات جا (ڪجهه ساٿي) بُرفت هئا.
5.متارا
ڪوهستان يا ٻين اترين علائقن کان ايندا هئا. جي
سامونڊري سوداگر (جواهري) هئا
6.متارن
جو موت شراب نوشي جي ڪري ڪونه ٿيو. البت ”وِهُ جِي
ويچارا، سُڻي ڳالهه سِجِي رهيا.“
7.متارا
اندازن 1450ع کان 1460ع جي درميان وفات ڪري ويا
8.متارن
جي مزارن تي رکيل پيالي نما پٿر، متارن جي مزارن
بابت ڏنل اشارو سرٽيفڪيٽ ڪونهي
9.متارن
جون مزارون ۽ چوکنڊي، نئين سِر ٺاهه جوڙ جون
متقاضي آهن
10.لطيفؒ،
متارن جي فڪري قصي مان، جهڙوڪِ: ”زهر پِي زنده
رهڻ، ننڍڙي ڳالهه ٻُڌي مري پوڻ ۽ موکي جي در تي
دفن ٿيڻ.“ جي مثالن مان، معنيٰ جا موتي ميڙي،
پنهنجي دل کي نصيحت ڪندي فرمائي ٿو ته:
مَتار نِئُون ڪاءِ، مَتِ نه سِکيين مُون هِنيان
رُوندي راتِ وَهاءِ، چِڪائِيندي بَٺِيُون(42)
حوالا:
1.بلوچ،
ڊاڪٽر نبي بخش خان. شاهه جو رسالو. سال 2009ع وارو
نسخو. ڇپائيندڙ ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، سُر
”يمن“ داستان ڇهون.
2.گربخشاڻي،
هوتچند مولچند، شاهه جو رسالو. ڇپائيندڙ سنڌيڪا
اڪيڊمي ڪراچي. سال 2008ع. معنيٰ ۽ شرح. ص- 414.
3.بلوچ،
ڊاڪٽر نبي بخش خان. شاهه جو رسالو. تحقيقي جُلد
نمبر پهريون. ڇپائيندڙ شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز
ڪاميٽي ڀٽ شاهه. سال 1989ع. ص-162.
4.ايضاً.
ص- 152.
5.ايضاً.
ص- 156
6.ايضاً.
ص- 160
7.بلوچ،
ڊاڪٽر نبي بخش خان. جنگ ناما. ڇپائيندڙ سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شورو. سال 1984ع. ص- 121
8.ايضاً.
ص- 121
9.ڪلمتي،
گل حسن. ڪراچي: سنڌ جي مارئي. ڇپائيندڙ ڪاڇو
پبليڪيشن ڪراچي. سال 2007ع. ص- 374
10.ايضاً.
ص- 374
11.ڏسو
حوالو نمبر 1. ص- 79
12.ايضاً.
ص- 78.
13.ڏسو
حوالو نمبر 3. ص- 228
14.ڏسو
حوالو نمبر 9. ص- 374
15.ايضاً.
ص- 374
16.بخاري،
استاد. ڪوڪڻ يا ڪلياڻ. ڇپائيندڙ انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي ڄامشورو. سال 1986ع. ص-278
17.بلوچ،
ڊاڪٽر نبي بخش خان. شاهه جو رسالو. تحقيقي جلد
نمبر ڏهون. ڇپائيندڙ علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا
۽ اشاعت حيدرآباد سنڌ. سال 1996ع. ص- 254
18.ڏسو
حوالو نمبر 3.ص-228
19.ايضاً.
ص- 228
20.ڏسو
حوالو نمبر 17. ص-254
21.سيوهاڻي،
خير محمد ٻرڙو. ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا.
ڇپائيندڙ مُراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف. سال 2005ع.
ص-84
22.ايضاً.
ص- 84
23.ايضاً.
ص- 84
24.ايضاً.
ص- 84
25.ڏسو
حوالو نمبر 3.ص-228
26.ڏسو
حوالو نمبر 17.ص-254
27.ابڙو،
بدر ڪوهستان جو سفر. ڇپائيندڙ ثقافت ۽ سياحت کاتو
حڪومت سنڌ. سال 2009ع. ص- 30
28.ايضاً.
ص- 30.
29.ڏسو
حوالو نمبر 9. ص-374
30.ڏسو
حوالو نمبر 1. ص-103
31.ڏسو
حوالو نمبر 3. ص-228
32.ايضاً.
ص- 228
33.ايضاً.
ص- 228
34.ايضاً.
ص- 228
35.جنجهي،
سُگهڙ حاجي الهه داد. شاهه جو گنج. ڇپائيندڙ ڪويتا
پبليڪيشن حيدرآباد. سال 2008ع. ص-49
36.ڏسو
حوالو نمبر 1. ص-78
37.ڏسو
حوالو نمبر 2. ص- 626
38.مولائي
شيدائي، رحيم داد خان. جنت السنڌ. ڇپائيندڙ سنڌيڪا
اڪيڊمي ڪراچي. سال 2000ع. ص
267
39.ڏسو
حوالو نمبر 1. ص-74
40.ايضاً.
ص- 78
41.ڏسو
حوالو نمبر 27. ص-28
42.ڏسو
حوالو نمبر 1. ص-79
|