سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2001ع

 

صفحو :9

سو، سندس عظمت کي خيال ۾ رکي، حيرت لڳندي هئي، ته اهو شخص ڪير آهي، جو ليڪچر ۾، علامه صاحب کان سواءِ ڪري ٿو؟ پڇا تي خبر پئي، ته جناب حيدربخش جتوئي آهي.

جتوئي صاحب جو نالو مون غائبانه ٻڌو هو. تڏهن اڃا نوشهري فيروز جي مدرسي هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ ۾ هئس، جتي ڀرين جو حافظ محمد صادق صاحب اسان جو پرنسيپال هوندو هو. هيڊ ماستر ۽ پرنسيپال گهڻو ڪري انتظامي ڪم سنڀاليندا آهن. پر، حافظ صاحب مئٽرڪ جي ڪلاس کي سنڌي سبجيڪٽ شوق سان پڙهائيندو هو. هڪ دفعي علامه اقبال جي ”شڪوه“ ۽ ”جواب شڪوه“ جو ذڪر ڪيائين. چيائين ته ”حيدر بخش جتوئي نالي هڪ سنڌي شاعر به ”شڪوه“ لکيو هو. پر، اهو اقبال جي ”شڪوه“ وانگر مشهور ڪونه ٿيو.“ حافظ صاحب چيو ته ”مون کي به ياد ڪونهي. پر، ان جي هڪ سٽ هيئن هئي: ”منهنجي مولا کي منهنجي دانهن ته ماري نه وجهي.“

مان هاءِ اسڪول مان نڪري حيدرآباد جي ڦليلي ڪاليج ۾ داخل ٿيس. ٻڌم ته هاري پارٽي هارين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندي آهي ۽ جتوئي صاحب ان جو ليڊر آهي. ساڻس پهرين پهرين ملاقات ڪراچيءَ ۾ سائين جي. ايم. سيد جي بنگلي ’حيدر منزل‘ تي سنه 1957ع ڌاران ٿي. سائين ان زماني ۾ بورڊ جو نائب چيئرمن هو ۽ جويي صاحب جي ڪوشش سان مان بورڊ ۾ نئون نئون اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو هئس. جتوئي صاحب، سائينءَ جي بنگلي تي مهيني ماسي رات ٻه اچي ٽڪندو هو، ته ساڻس ٿوري گهڻي ڪچهريءَ ٿي ويندي هئي.

هڪ ڀيري، حيدرآباد واري ڦليلي ڪاليج ۾ تنوير ترقي پسند ادب جو ذڪر ڪڍيو ۽ مون کي جتوئي صاحب جو ڪتاب ’هارين جون ڪهاڻيون‘ پڙهڻ لاءِ ڏنو. ڏاڍو وڻيو. جتوئي صاحب روشن خيال ماڻهو هو ۽ سنڌ سان محبت هئس. 1955ع ۾ ون يونٽ ٿيو، ته جيڪي سنڌ دوست ليڊر قيد ٿيا، تن ۾ جتوئي صاحب به سرفهرست شامل هو. ڪيئي سال قيد ۽ بند جون صعوبتون برداشت ڪيائين. پر، ڪڏهن به هيڻي ڪانه ٻوليائين.

جڏهن، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس منير، پاڪستان جي قانون ساز اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ واري غلام محمد گورنر جنرل جي فيصلي کي جائز قرار ڏنو، ته جتوئي صاحب ان جي خلاف انگريزيءَ ۾ ڪتابڙو لکيو، نالو هئس: INJUSTICE OF THE CHIEF JUSTICE جتوئي صاحب بلاشبه، وڏو دلير شخص هو.

 غلام محمد، گورنر جنرل، پاڪستان کي گهڻن آزارن ۾ وڌو. هن سازش ڪري، قانون ساز اسيمبليءَ کي ٽوڙيو. سازش جو مقصد ذاتي اقتدار ۽ جمهوريت جي پائمالي هو. سندس فيصلي کي سپريم ڪورٽ مان بحال ڪرائڻ لاءِ ٻي سازش ٿي. اهڙن ججن جو تعداد گهٽائڻ لاءِ، جيڪي سندس فيصلي کي بحال ڪونه ڪن ها، سپريم ڪورٽ جي هڪ جج کي، اوڀر پاڪستان ڏانهن، بظاهر وڏي عهدي تي موڪليائون. اهو احوال N.E.D يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر مسٽر ابوالڪلام جي ڪتاب ۾ ڏنل آهي. نالو اٿس:

RECOLLECTIONS OF A RAILWAY MAN

By A. Kalam: Royal Book Company, Karachi, 1995

جتوئي صاحب قول ۽ فعل ۾ ڪنهن جي پرواهه ڪونه ڪندو هو. پنهنجيءَ مرضيءَ موجب هلندو هو. مذهبي لحاظ کان آزاد طبيعت هو، سو ته مرحوم حافظ محمد صادق صاحب جي ٻڌايل هڪڙيءَ سٽ مان ئي ظاهر هو. سو، جڏهن پاڻ قرآن شريف جي انگريزي ترجمي جي ڪم ۾ هٿ وڌائين، ته سندس ڪَنِ دوستن کي اها ڳالهه اصل سمجهه ۾ ڪانه آئي. سنه 1959ع- 1960ع ڌاران، ڪراچيءَ ۾ سائين جي. ايم. سيد جي بنگلي تي سندس دوستن کي ائين به چوندي ٻڌم، ته جتوئي صاحب مذهبي سڀاءَ جو ماڻهو ڪونهي، عربي زبان تي ايڏو عبور ڪونه اٿس، نه وري پاڻ ڪڏهن ”قرآن- دانيءَ“  جي دعوا ڪئي اٿس. سو، ترجمي ۾ هٿ الائي ڪهڙي خيال کان وڌو اٿس؟

پر، ماڻهو ڪنهن به ڪم ۾ ڪونه ڪو مقصد من ۾ رکي، هٿ وجهندو آهي. جتوئي صاحب هونئن ئي پڪي ارادي جو مالڪ هو، سو، مڙني مشڪلاتن جي باوجود پنهنجيءَ ڳالهه تي مستحڪم رهيو. ترجمي جو ڪم جاري رکيائين ۽ نيٺ پورو ڪيائين. مون کي ياد آهي ته 1962ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جون آفيسون ڪراچيءَ مان حيدرآباد کڄي آيون هيون، ته جتوئي صاحب هفتي ٻن کان پوءِ، (اڪثر نيري رنگ جي سلوار قميص ۾ ملبوس)، مسودي جو ڪجهه حصو، ڪڇ ۾ کنيون، بورڊ جي آفيس (3- سول لائينس، حيدرآباد) ۾ ايندو هو، جتي پنهنجا ترجمي وارا ڪاغذ، بورڊ جي ملازمَ، مولوي محمد صديق ’ماعر‘ کي عربي آيتون نقل ڪرڻ لاءِ ڏيندو هو. هينئر سندس ترجمو ڇپيو آهي ته منجهس مولوي ”ماعر“ (مرحوم) جي به شڪر ادائي ڪئي اٿس.

 مولوي ماعر وٽان واندو ٿيندو هو ته گهڙي کن مون سان به اچي ڪچهري ڪندو هو. منجهس ليڊرن واري وڏائي ڪانه هئي، ۽ نه وري رکي سڀاءَ وارو هو. سچو ماڻهو ۽ سچو محب وطن هو. يار ويس هو ۽ مٺي مزاج وارو هو. کل ڀوڳ جو ڪوڏيو هو. پوين ڏينهن ۾، ڪافي عرصو عليل رهيو. مون به سندس ٻين ”عقيدتمندن“ وانگر، سندس خدمت ۾ عيادت لاءِ حاضري ڏني. اهو ڏسي ڏک ٿيم، ته پاڻ ڏاڍو ضعيف ٿي ويو هو.

انهيءَ زماني ۾ اهو افواه به ٻڌڻ ۾ آيو، ته پاڻ مذهب ڏانهن مائل ٿيو آهي. خدا ٿو ڄاڻي ته حقيقت ڇا هئي”هونئن، اسان وٽ افواهن هلائڻ جي فئڪٽري سدائين چالو آهي. جمعي ۽ آچر ڏينهن ته ڇا عيد ڏينهن به بند ڪانه ٿيندي آهي. بلڪ، زور وٺندي آهي، ڇو ته موڪل جي ڏينهن ۾ ماڻهو پاڻ واندا هوندا آهن. مون کي ياد آهي، ته ملڪ ۾ ايوب خان جي حڪومت هئي. اسان جي ڳوٺ ۾ منهنجو هڪ دوست هو، جو ڪنهن مذهبي جماعت ڏانهن مائل هو. اها جماعت ٻين سڀني ديني جماعتن کي گمراه سمجهندي هئي ۽ ايوب خان جي ته خاص دسمن هئي. عيد ڏينهن، منهنجي دوست کلي چيو ته ”خبر اٿو، ته اڄ عيد ڪيئن ٿي آهي؟“

مون چيو ته ”نه“.

چيائين ته ”ڪالهه رات چنڊ ته ڪاٿي به ڪونه ڏٺو. سڄي ملڪ مان ساڳيا اطلاع آيا. پر حڪومت کي عيد ڪرڻي هئي. سو، هڪ ڪاڻي ۽ هڪ عيسائيءَ کان شاهدي ڏياريائون، ته برابر اسان ٻنهي چنڊ ڏٺو آهي.“

مون دل ۾ چيو ته حڪومت کي ڪوڙي شاهدي کپندي هئي، ته شاهدن لاءِ هروڀرو هڪ عيسائيءَ ۽ هڪ ڪاڻي شخص جو انتخاب ڇو ڪيائين!

سو، جيڪڏهن جتوئي صاحب بابت هلايل افواهه به سراسر ڪوڙو هجي، ته عجب ڪونهي. پر، جي منجهس ڪابه صداقت هجي، ته ان ۾ به شڪ ڪرڻ اجايو آهي، ڇو ته انسانَ جا خيال سدائين بدلبا رهن ٿا.

جتوئي صاحب وفات ڪئي، ته چڱو عرصو گذري ويو، جو سندس ترجمي جي ڳالهه وري ٻڌڻ ۾ ڪانه آئي. پر تازو، جويي صاحب ٻڌايو ته سندس فرزند، ڊاڪٽر حاتم همت ڪري ڇپايو آهي ۽ ازراه ڪرم، ترجمي جو هڪ نسخو مون کي به عنايت ڪيائين. ڏاڍي خوشي ٿيم. ڊاڪٽر حاتم هڪ لائق فرزند وانگر پنهنجي مرحوم والد بزرگوار جو حق ادا ڪيو آهي. ترجمي جو افتتاحي جلسو حيدرآباد جي پريس ڪلب ۾ رکيو هئائون. ان ۾ ته ڪنهن مجبوريءَ ڪري پهچي ڪونه سگهيس، پر، سائين جويي صاحب سان وعدو ڪيم، ته پنهنجي اڀري سڀري هيڻي حال سارو، قرآن شريف جي ترجمي جي حوالي سان ”مهراڻ“ لاءِ مضمون لکندس.

قرآن شريف کي سنڌيءَ ۾ ڪلام الله به ڪوٺيندا آهن. اهي سادا ۽ سولا ’ٻه اکر‘ اسان مسلمانن جي هن بنيادي عقيدي جا ترجمان آهن، ته قرآن شريف الهامي ڪتاب آهي. هر مسلمانُ، ٻين پاڪ ڪتابن، مثلاً، انجيل، تورات ۽ زبور کي به ’الهامي‘ مڃي ٿو. اهو به ڄاڻي ٿو ته ’قدرت هر قوم کي هادي موڪليو آهي. سو، کيس دنيا جي سمورين قومن جي پاڪ ڪتابن جو احترام ڪرڻو آهي.‘

پر، عيسائين ۽ يهودين جو اهو عقيدو ڪونهي. يهودي ته خير حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي به پيغمبر ڪونه ٿا مڃن. پر، عام مغربي مفڪرن ۽ مدبرن جي نَظَرَ ۾ فڪر ۾ به ايڏي ڪا وڏي وسعت ڪانهي. مثلاً منٽگمري واٽ نالي، هڪ وڏي مغربي مستشرق (Orientalist) اسلام جي تعليم جو اونهو اڀياس ڪيو آهي، قرآن شريف جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، ۽ هڪ ڪتاب لکيو اٿس:

Muhammad at Mecca and Muhammad at Madina

اهوڪتاب سيرت نگارن وٽ اهميت رکي ٿو. انهيءَ ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿس ته ”مون ائين چوڻ بدران ته پيغمبر اسلام هيئن چيو آهي، پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي، ته قرآن هيئن چوي ٿو.“ ٻين لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته پاڻ نڪي ته کليو کلايو حضور ﷺ جن کي پيغمبر تسليم ڪري ٿو، ۽ نه وري قرآن شريف کي الهامي ڪتاب ڪوٺي ٿو ۽ نه وري ٻنهي ڳالهين کان صاف انڪار ڪري ٿو.

پر، پنج آڱريون هڪ جيتريون ڪونه آهن. اسان جي دؤر جي مستشرقين (Orientalists) ۾ هڪ وڏو نالو آهي: گائِي اِيٽن (Gai Eaton)، جنهن هڪ لاجواب ڪتاب لکيو آهي. ان جي اردو ترجمي جو نالو آهي ”اسلام اور تقدير انساني.“ ”اداره ثقافت، اسلاميه لاهور“ ڇپايو آهي. انگريزيءَ ۾ ڪيئي ڪتاب لکيا اٿس. پر، هڪ ته ڏاڍو سهڻو لکيو اٿس، جنهن جو نالو آهي: “King of the Castle” ڪتاب ڇا آهي؟ امرت ڌارا آهي.

 گائي ايٽن اسلامي تعليم کان آخر ايڏو ته متاثر ٿيو، جو مسلمان ٿيو ۽ حسن عبدالحڪيم نالو رکيائين. ڪو زمانو اسلامي دنيا جي مشهور رسالي “Islamic Quarterly” جي ”مجلس ادارت“ ۾ به شامل رهيو.

گائي ايٽن جيڏو ئي ٻيو وڏو مستشرق، مارٽن لنگز به اسلام جي تعليم کان متاثر ٿيو. مسلمان ٿيو. ابوبڪر سراج الدين اسلامي نالو رکيائين. ”محمد ﷺ“ نالي سان سيرت جي موضوع تي هڪ بيمثال ڪتاب لکيائين. مون کي سندس زيارت اسلام آباد ۾ نصيب ٿي.

پاڪستان ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ آيو هو. ماڻهن جو چڱو تعداد سندس چوڌاري بيٺو هو. عمر جي لحاظ کان پيرمرد ٿي لڳو. مٿي سان سفيد پٽڪو ٻڌل هئس ۽ هيٺ سفيد قميص ۽ سفيد سلوار. مون زندگيءَ ۾ ٿورڙا اهڙا ماڻهو ڏٺا جن جي چهري ۾ ايڏو سڪون هجي. ڄڻ ته فرشتو هو. دنيا ۾ موجود، پر، دنيا کان بي نيازُ. مون کي پنهنجو ڪتاب آٽوگراف ڪري ڏنائين ۽ پرل ڪانٽيننٽل هوٽل پنڊيءَ ۾ ملاقات جو ٽائيم پڻ ڏنائين. پر، ڪنهن مجبوريءَ سبب وڃي ڪونه سگهيس. سو، فون ڪري، کانئس معافي ورتم. پر، اڃا تائين انهيءَ ڳالهه جو ڏک اٿم.

 اڳتي هلي، بينظير ڀٽي جي حڪومت ۾، ڪن شخصن، خالص سياسي مقصد خاطر، سندس ڪتاب تي بندش وجهائڻ جي سازش سِٽي. اها سربستي حقيقت ته سنڌ جي ممتاز عالم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي معلوم آهي. پر، مون کي به کانئس ٻڌل ڳالهه ڪجهه قدر اڃا ياد آهي. تاريخ ۾ اهڙا ڪيئي ڪِيسَ ٿيا آهن! ليڪن، ڇا ڪجي؟

مارٽن لنگز جيڏو ئي ٻيو هڪ عظيم مغربي دانشور به اسلام جي تعليم کان متاثر ٿيو. محمد اسد نالو رکيائين. سندس علم ۽ دانش جي هاڪ جٿي ڪٿي هئي. قرآن شريف جو انگريزي ترجمو ڪيو هئائين. ڪن اسلامي حڪومتن کيس پاڻ وٽ مشير به مقرر ڪيو هو. سندس هڪ ڪتاب Road to Mecca دنيا ڀر ۾ نهايت مشهور آهي: ’دارالاندلس، جبرالٽر‘ شايع ڪيو هو. ”نيويارڪ پوسٽ“ ”نيويارڪ ورلڊ ٽيليگرام ۽ سنَ“، ”سينٽ لوئي پوسٽ ۽ ڊسپئچ“، ”ڪرسچن سائنس مانيٽر“، ”ٽائيمس اخبار جي لٽرري سپليمينٽ“، ”سينٽ لوئي گلوب ڊيموڪريٽ“ ۽ ”بڪ آف دي منٿ ڪلب، نيوز نيويارڪ“ جهڙين هاڪارين اخبارن ۽ رسالن ڪتاب جي تعريف ڪئي آهي.

ڪنهن زماني ۾، سائين قاسمي صاحب جو، قرآن شريف جي ترجمن بابت هڪ مضمون ماهنامي ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيو هو، ۽ ٻيو سئٽزرلئنڊ مان نڪرندڙ رسالي ”فڪر و فن“ ۾، جيڪو ڊاڪٽر شمل جو هو. ليڪن، اهو رسالو هاڻي گهڻن سالن کان بند ٿي ويو آهي.

 ليڪن، ”اسلامي ملڪن جي تنظيمَ“ (O.I.C)، هاڻي، ماهرن ۽ محققن جي استفادي لاءِ، سڄيءَ دنيا ۾ قرآن شريف جي ’مڪمل ترجمن‘ توڙي ’غير مڪمل‘ ڇپيل ترجمن جي هڪ جامع ببليوگرافي شايع ڪئي آهي، جنهن ۾ سنه 1986ع تائين بيان ٿيل ’جملي ترجمن‘ جو تعداد ٻه هزار ڇهه سؤ ٻاهتر (2672) آهي ۽ جن ٻولين ۾ اهي ترجما ٿيا آهن، تن جو تعداد به پنجهٺ (65) آهي.

”ببليوگرافي“ جي رٿا (Project) جو نگران ۽ ڊئريڪٽر جنرل، مشهور تُرِڪُ عالمُ، ڊاڪٽر اڪمل الدين هو، جنهن اسلامي دنيا جي ممتاز محقق ڊاڪٽر حميدالله کان وٺي، هر اسلامي ملڪ ۾، هر ماهر ۽ هر علمي اداري جي عملدار کي هن عظيم الشان ڪارنامي کي ڪامياب ڪرڻ واسطي مدد لاءِ خط لکيا. جنوبي ايشيا واري خطي يعني هندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش جو ذڪر ڪندي، پنهنجي ’پيش لفظ‘ ۾، ممتاز محققن ۽ ماهرن سان گڏ، مڙني مددگارن کي به ياد ڪيو اٿس:

We also would Like to give our sincere thanks to Dr. Shabbir Ahmad Mughal, from the Government College, Sahiwal, Punjab, who found the translations published in Pakistan; to Mr. Atique Zafar Sheikh, Director of National Archives of Pakistan; to Mr. Ahmad Khan from the Islamabad Islamic University; Mr. Rehan-ul Haq from the Kashmiri University, who sent us information about the Kashmiri translations; Mr. Ghulam Rabbani from the Sindhi Adabi Board, who sent us information about the Sindhi translations; and to Prof. Dr. Muhammad Mujibur Rehman from the Bangladesh Rajshahi University, who gave us information about Bengali translations; Dr. A. R. Bedar, Director of Khuda Bakhsh Oriental Public Library in India, for sending us the list of translations in their library; Mr. M. Morjen who sent us information from the India Bhandarkar Oriental Research Institute; Dr. Muhammad Aslam, who worked at our Centre as research expert and assisted with the translations and transcriptions from Urdu.

’پيش لفظ‘ جو آغازُ. ڊاڪٽر حميدالله جي ذڪر سان ڪيو اٿس. لکيو اٿس ته:

We wish to mention the studies which were made earlier, in particular the works of Prof. Muhammad Hamidullah, the great Islamic scholar; Liste des Traductions du Coran, appeared in his French translation of  the Holy Qur`an and comprising translations made in the Western Languages. It is our Moral obligation and pleasure to  express the  great appreciation we have for the assistance and encouragement we received from him.

ڊاڪٽر حميد الله اصل ته حيدرآباد دکن جو ويٺل هو. پر، گذريل پنجاهه سالن کان پئرس ۾ رهندو هو. مون پهريون ڀيرو سندس نالو سنه 1960ع ۾، پير سائين حسام الدين راشديءَ ۽ سندس ايراني اسڪالر دوست، ڊاڪٽر علي اڪبر جعفريءَ کان ٻڌو هو. ٻئي سندس وڏا معترف هئا.

سندس پهرين پهرين زيارت تڏهن نصيب ٿي، جڏهن پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪنهن ڪانفرنس ۾ آيو هو، ۽ موقعي جو فائدو وٺي، سائين قاسمي صاحب کيس سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده آفيس ۾، قرآن شريف جو مخدوم نوح وارو فارسي ترجمو ڏيکارڻ لاءِ وٺي آيو هو. مون کي چيائين ته ”اوهان تي هڪ ڪم رکان ٿو. سو هيءُ ته جيڪڏهن ڪا ’حديث قُدسي‘ هت اچي، ته مون کي پئرس جي ايڊريس تي موڪلي ڏجو.“

 حديث قُدسَيءَ جي گهر ان ڪري ڪيائين، جو سندس تحقيق جو دلپسند موضوع حضور پيغمبر محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي سيرت هو. سندس پهريون پهريون ڪتابُ Muhammad Rasulullah نالي سان آهي، جنهن جو پيش لفظ سنه 1392 هجريءَ جي ”ربيع الاول“ مهيني ۾ استنبول (ترڪي) ۾ لکيو هئائين. ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڪراچيءَ مان نڪتو، ۽ ٻيو سنه 1979ع ۾ لاهور واري شيخ محمد اشرف شايع ڪيو. مون پڙهيو، ته ڏاڍو وڻيو. سنڌيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جو ارادو ڪيم. اها انهيءَ زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن مون ناشاد سان گڏجي، ”مهراڻ“ رسالي جو ”سيرت نمبر“ شايع ڪيو هو. ڪجهه عرصو پوءِ اسلام آباد منهنجي بدلي ٿي، ته ترجمي جو ڪم رهجي ويو. پر، اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر حميدالله سان ميل ملاقات به ٿي ۽ سندس ٻيا ڪتاب پڙهڻ جو موقعو به مليو. انهن ۾ ڪي هي هئا:

(1)                        The Muslim State (2) The First Written Constitution,    (3) The Battle Fields of Prophet Muhammad

(4) خطبات بهاولپور

ڊاڪٽر حميدالله جي پاڪستاني عقيدتمندن ۾ حڪيم محمد سعيد به شامل هو، سو کيس دعوت موڪلي، پئرس مان پاڪستان گهرائيندو هو. هڪ ڀيري کيس پاڪستان گهرايائين ته راولپنڊيءَ جي همدرد دواخاني ۾ سندس اعزاز ۾ پهرين تقريب منعقد ڪيائين. حڪيم صاحب جي مون سان به دعا سلام هئي، سو، مون کي به ياد ڪيائين. انهيءَ تقريب ۾ جڏهن ڦوٽوگرافرن ڊاڪٽر حميدالله کي ڪنهن ليڊر يا عالم سان گفتگو ڪندي ٿي ڏٺو، ۽ سندس تصوير ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ته هو ڦري، پاسيرو ٿي پئي بيٺو، ته تصوير نه نڪري.

سندس مزاج کي سمجهڻ لاءِ هڪ ٻيو واقعو ياد ٿو اچيم. هڪ ڀيري، اسلام آباد ۾ پاڪستان جي تڏهوڪي صدر هڪ اسلامي ڪانفرنس ۾ کيس سڏيو ۽ ڏهن لکن رپين جو نذرانو وڏي ادب سان پيش ڪيو. ڊاڪٽر حميدالله هڪ هٿ ۾ کانئس پئسا ورتا ۽ ٻئي هٿ سان هڪ درسگاهه جي منتظم کي غريب شاگردن لاءِ ڏئي ڇڏيا.

ڊاڪٽر حميدالله صحيح معنيٰ ۾ مومن ماڻهو هو. پئرس ۾ جنهن فلئٽ ۾ رهندو هو، ان کي ٽيٽيهه ڏاڪا هوندا هئا. پير مرد هو. پر، ڏاڪڻ چڙهڻ جي سورن جي باوجود، ڪڏهن به سٺو فلئٽ ڪونه ورتائين. ڪاٺ جي هڪ تختي تي سمهندو هو. ٻه پاجاما، ٻه قميصون، هڪ ٽوپي ۽ هڪ ڪاري شيرواني سندس وارڊ روب جي جملي زينت هئا. گهر ۾ هوندو هو، ته ڪاٺ جي چاکڙي پائيندو هو. ايترڙو ٿورڙو کاڌو کائيندو هو، جو بجنسي هڏن جي مُٺ لڳندو هو.

منهنجي ساڻس خط و ڪتابت اسلام آباد ۾ شروع ٿي. پاڻ پئرس ۾ هو. ناسي رنگ جي ڪاغذ ۽ ناسي رنگ جي لفافن ۾ خط موڪليندو هو. جيڪي شايد سستي ۾ سستا ملندا هئس. هڪ خط ۾، مون کي ”صلوات“ لَفِظَ جي صحيح معنيٰ ۽ مطلب سمجهايائين. مان جڏهن به ڪَنِ معاملن ۾ منجهندو هئس، ته بار بار کانئس رهبري حاصل ڪندو هئس. جڏهن علامه قاضي حيات هو، ته سندس خدمت ۾ حاضري ڏيندو هئس.

ڊاڪٽر حميدالله سان خط و ڪتابت جا مسئلا ۽ موضوع مختلف هوندا هئا. هڪ خط ۾ لکيومانس، ته منهنجي گهر جي سامهون هڪ غير ملڪي سفارتخانو آهي. بعضي بعضي شام جو قيمتي مغربي لباس ۾ ملبوس، جوان ۽ خوبصورت زالون ۽ مرد، مرسڊيز موٽرن ۾ اچي لهندا آهن، ۽ پوءِ اڌ رات تائين سندن کاڌا پيتا، کِل ڀوڳ ۽ ٽهڪڙا جاري رهندا آهن. ائين لڳندو آهي ته دنيا ۾ ئي بهشت ٺاهي ڇڏيو اٿن!

ٻاهر، دروازي وٽ، سفارتخاني جو چوڪيدار، ڪاٺ جي ڪئبن ۾، سڄي رات قرآن ڪريم جي ٻاجهاري آواز ۾ تلاوت ڪندو رهندو آهي. غريب کي ڪپڙا به پراڻا آهن. سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي، ته ائين ڇو آهي؟ اسان جي باڪمال ڪلاسيڪي شاعرن جي هيءَ مصرع ڏاڍي سهڻي آهي:

”عاشقن کي، سور سختيون، محب مهمانيون مڪيون.“

ليڪن، ان مان غريب ماڻهوءَ کي تسلي ڪهڙي ملي ٿي؟ مسئلو ته پنهنجيءَ جاءِ تي موجود آهي. بکئي ماڻهوءَ کان ڪنهن سوال ڪيو ته،“ ٻه ۽ ٻه گهڻا ٿيا؟“

جوان ڏنائينس ته، ”چار مانيون.“

پويون خط تڏهن لکيومانس، جڏهن پاڻ پئرس ۾ وڏيءَ عمر ۾ سرجيڪل آپريشن ڪرايو هئائين. حڪومت پاڪستان ۽ اهلِ علم ماڻهن جو توجهه ڇڪائڻ لاءِ اها خبر اسلام آباد جي ڪن اهم اخبارن ۾ به ڇپايم. جواب ۾ لکيائين ته، ”ائين نه ڪريو ها، ته چڱو.“ ان کان پوءِ وٽانئس خط ڪونه آيو. سندس ڌيءُ کيس ڪمزور صحت ڪري آمريڪا کڻائي وئي. اتان مون کي خط ۾ لکيائين ته ”پاڻ جواب لکڻ جهڙو ڪونهي. دعا ڪيو.“ مان خط پڙهي ڪومائجي ويس. ستت، اخبارُن ۾ خبر آئي، ته جوڳي جُوءِ ڇڏي ويا. ڀلاري ڀٽائيءَ کي هيءَ آيت به ڪنهن اهڙي ئي ڏکوئيندڙ موقعي تي چپن تي آئي هوندي:

”ڪَڪَرَ منجهه ڪپارَ، جهُڙ نيڻئون نه لهي.“

هڪ دفعي ڊاڪٽر حميدالله پاڪستان سرڪار جي دعوت تي اسلام آباد آيل هو. وزيراعظم هائوس ۾ لنچ تي ويهه ٻاويهه اعليٰ اديب، عالم، دانشور ۽ علمي ادارن جا سربراهه سندس مان ۾ سڏيل هئا. منهنجي پاسي ۾ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽيءَ جو مصري وائيس چانسيلر ويٺل هو. کانئس پڇيم ته ”سڄيءَ دنيا ۾ هاڻي حضور پيغمبر ۾ ڪنهن جو لفظُ سَنَدَ جي حيثيت رکي ٿو؟“

آڱر سان اشارو ڪري، چيائين ته ”اڄ، اهو شانُ ۽ شرفُ ڊاڪٽر حميدالله کي حاصل آهي.“

ڊاڪٽر حميدالله جو آخرين ڪتابُ به حضور پيغمبر ﷺ جن جي سيرت طيبه هئي، جا متعدد جلدن ۾ فرينچ زبان ۾ لکي هئائين. سندس سڄيءَ زندگيءَ جي اڀياسَ جو عَرقُ هئي. ان جو انگريزي ترجمو ماريشس ۾ ٿي رهيو هو. سندس وفات کان پوءِ پڇاڳاڇا ڪيم، ته معلوم ٿيو ته ترجمو  ٿي ويو هو، ۽ هاڻي پاڪستان ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ وٽ آهي، جو اسلام آباد ۾ پنهنجيءَ نياڻيءَ جي گهر رهندو آهي. گهر ڳولي، وڃي مليوسانس. ٻيهر اسلام آباد ڪلب ۾ هڪ دعوت ۾ ساڻس ملاقات ٿي، ڏاڍو ٻڍو ٿي ويو هو. حيدرآباد (سنڌ) ۾ پنهنجن پراڻن دوستن جا احوال ورتائين. ڊاڪٽر حميدالله جي لکيل سيرت جو ذڪر ڪيومانس، ته چيائين ته ”اسلامڪ انٽرنيشنل يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر محمود احمد غازيءَ کي ڏسڻ لاءِ ڏني اٿم.“

ڊاڪٽر صاحب (موجوده وفاقي وزير برائي مذهبي امور) کان پڇيم، ته چيائين ته، ”مون ته بروقت ڏسي موٽائي ڏني هئي.“ هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن مان اسلام آباد مان حيدرآباد موٽي رهيو هئس.

هِتِ پهتس ته حڪيم سعيد کي خط لکيم ته ”اها سيرت ڪنهن طرح ضايع ٿيڻ کان بچائي وٺون.“ جوابُ موڪليائين ته ”ڊاڪٽر حميدالله کي ڪراچيءَ اچڻ ۽ ڪتبخانو آڻڻ لاءِ لکيو هئم. پر، جواب ئي ڪونه مليو. پوءِ پتو پيو ته هيئن آمريڪا هليو ويو آهي. اتان مون کي به اهوئي جواب مليو، جيڪو اوهان کي مليو آهي.“

اهي ڳالهيون ڳالهيون ئي رهجي ويون. هاڻي ته حڪيم سعيد به هليو ويو. ڪجهه عرصو اڳ، سندس وڏي ڀاءُ جو اخبارن ۾ بيان ڇپيو ته ”سَعيد، مان هندستان ۾ ڌارين جي وچ ۾ پنهنجو وقت گذاري رهيو آهيان. تو پاڪستان ۾ پنهنجن جي هٿان ئي موت جو پيالو پيتو.“

پير سائين حسام الدين راشدي حڪيم سعيد کان به اڳ موڪلائي ويو هو.

سندس دوست، ايراني اسڪالر، آغا علي اڪبر جعفري، ايراني انقلاب کان پوءِ، هِتِ ڪراچيءَ آيو هو ۽ پوءِ ڪئناڊا لڏي ويو هو. هاڻي سندس ڪو پتو ڪونهي، ته جيئرو آهي يا جهان ڇڏي ويو.

ڊاڪٽر حميدالله جي فرينچ زبان ۾ لکيل حضور پيغمبر ﷺ جي سيرت جي انگريزي ترجمي جو ڇا ٿيو؟ ڪا خبر ڪانهي. سندس ڪتبخاني جو ڇا ٿيو؟ ڪا خبر ڪانهي.

ملڪ ۾ عِلِمَ جي عَظمَتَ ۽ حَرَفَ جي حُرمِتَ سان آشنا جيڪي ٿورڙا ماڻهو وڃي بچيا آهن، سي ڄڻ ته گوشه نشين ٿي ويا آهن. هاڻي ته اهو ئي سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي، ته هي ڏک ڀريون ڳالهيون ڪنهن سان ڪجن!- تن همہ داغ داغ شد، پنبه کجا کجا نهم

*************

جتوئي صاحب پنهنجي ترجمي جي ببليوگرافيءَ ۾، حضور ﷺ جن جي سيرت تي ٻن انگريز مصنفن جي لکيل ڪتابن جا نالا ڄاڻايا آهن، جن جو پاڻ مطالعو ڪيو هئائين ڇو ته کيس ضرور معلوم هوندو ته حضور ﷺ جن جي سيرت جي مطالعي کانسواءِ قرآن ڪريم جي ترجمي ۾ هٿ ڪونه وجهبو.

ڊاڪٽر حميدالله ته خير سيرت طيبه ۽ قرآن داني، ٻنهي جو تمام وڏو ماهر هو. قرآن شريف جو فرينچ زبان ۾ ترجمو ڪيو هئائين. ڊاڪٽر حميدالله ”خطبات بهاولپور“ ۾ قرآن مجيد جي تاريخ بيان ڪئي آهي ۽ ٻڌايو اٿس ته قرآن شريف جي سڄيءَ دنيا ۾ جيڪا اشاعت ٿئي ٿي، سا، عموماً، انهيءَ ئي نسخي پٽاندر ٿئي ٿي، جنهن جا نَقُلَ حضرت عثمان پنهنجيءَ خلاتت جي زماني ۾، مڪي شريف، شام، يمن، بحرين، بصري ۽ ڪوفي موڪليا هئا. هڪ نقل مديني منوره ۾ مسجد نبويءَ ۾ رکيو هئائين.

هاڻي، اسان جا مڪرم ۽ محترم، سني ۽ شيعا عالم انهيءَ ڳالهه ۾ متفق آهن ته قرآن مجيد جي ترتيب جو ڪم خود حضور پيغمبر ﷺ جن جي هدايت پٽاندر سندن حياتيءَ ۾ ئي ڏنو ويو هو. پاڻ سڳورا ارشاد فرمائيندا هئا ته فلاڻي آيت فلاڻي هنڌ وجهو. رمضان مبارڪ ۾ سڄي قرآن مجيد جو دؤر پڻ ڪرائيندا هئا.

برادرم ثناالله ڀٽي جو چوڻ آهي ته پاڻ سڳورن جي انهيءَ حڪم تي سمورا ڪاتبِ وحي عمل ڪندا هئا. ليڪن، منهنجي دوست، جناب محبوب صادق چيو ته ڪي شيعا عالم انهيءَ راءِ جا آهن ته قرآن شريف جي ترتيب جو ڪم برابر حضور پيغمبر ﷺ جي حياتيءَ ۾ سرانجام ڏنو ويو هو. پر، حضور ﷺ جن اهو ڪم حضرت علي سائينءَ کي خاص طور تفويض ڪيو هو، ته فلاڻي آيت فلاڻي هنڌ وجهبي. جناب محبوب صادق اهو به چيو ته هونئن، بلاشبه، سمورا شيعا ۽ سني برگزيده عالمَ، قرآن ڪريم جي مَتَنَ، ان جي سمورين سورتن، سمورين آيتن، سمورين زيرن، زبرن ۽ نقطن بابت، مڪمل طرح، پاڻ ۾ متفق آهن.

ڊاڪٽر حميدالله به ”خطبات بهاولپور“ ۾ ائين ئي لکيو آهي، ته قرآن شريف جي ترتيب جو ڪم حضور پيغمبر ﷺ جن جي هدايت ۽ رهبريءَ هيٺ ئي مڪمل ٿي ويو هو. پر، ائين به لکيو اٿس ته:

”اڳتي هلي ٿيو ائين ته حضرت ابوبڪر صديق رضه جي دورِ خلافت ۾، مسليمه ڪذاب سان يمامه جي جنگ ۾، قرآن شريف جا ستر حافظ شهيد ٿي ويا. سو، حضرت ابوبڪر صديق رضه، صحابه سان صلاح ڪري، حضور پيغمبر ﷺ جن جي ڪاتب وحي، حضرت زيد بن ثابت تي قرآن ڪريم مدون ڪرڻ جي ذميواري وڌي، جنهن حضور پيغمبر ﷺ جن جي حڪم موجب، عبراني ۽ سرياني زبانون به سکيون هيون.، هن اها ذميواري ڏڪندي ڏڪندي قبول ته ڪئي، پر ائين به چيو ته ”جيڪڏهن مون کي جبل احد کي ڊاهڻ جو ڪم سونپيو وڃي ها، ته مان ان کي سولو سمجهان ها.“

 سنه 1982ع ۾ پاڪستان جي نيشنل ميوزيم (قومي عجائب گهر) ڪراچيءَ ۾، قرآن شريف جي ڪن نادر نسخن جي نمائش ڪئي، ۽ انهن جي انگريزيءَ ۾، هڪ فهرست ”قرآن شريف جا قلمي نسخا“ (QURAN MANUSCRIPTS) نالي سان شايع ڪئي. ميوزم جي عملدار ۽ عالمَ، جناب هدايت الله انهيءَ جو مقدمو لکيو، جنهن ۾ لکيائين ته:

”قرآن شريف، قَلَمَ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. هڪ سورت جو نالوئي آهي ”القلم.“ تاهم، حقيقت اها آهي، ته اسلام جي اوائلي ڏينهن ۾ ڪي گهڻا ماڻهو لکڻ پڙهڻ ڪونه ڄاڻندا هئا. اهوئي سبب آهي جو جنگ بدر جي ڪن قيدين کان ڪابه رقم وصول ڪري کين آزاد ڪرڻ بدران مٿن رڳو اهوڪم رکيو ويو هو ته هو مسلمانن کي لکڻ پڙهڻ سيکارن.

هونئن، ان کان اڳ حضور ﷺ جن جا جيڪي اصحابي لکڻ پڙهڻ ڄاڻندا هئا، تن جا نالا بلاذريءَ ”فتوح البلدان“ ۾ ڏنا آهن. اهي حضور پيغمبر ﷺ جن جي هدايت موجب، لکڻ پڙهڻ جا فرائض سرانجام ڏيندا هئا. انهن ۾ هي شامل هئا: (1) حضرت ابوبڪر صديق رضه، (2) حضرت عمر فاروق رضه، (3) حضرت عثمان ذوالنورين رضه، (4) حضرت علي مرتضيٰ اسد الله رضه، (5) حضرت ابو عبيده، (6) حضرت طحه بن عبدالله، (7) حضرت خالد بن سعيد، (8) امان بن سعيد، (9) عبدالله بن رواحہ، (10) معاويه بن ابي سفيان، (11) ابي بن ڪعب، (12) حضرت زيد بن ثابت، (13) زبير بن العوام (14) عبدالله بن ارقم.

هدايت الله صاحب وضاحت ڪئي آهي ته:

قرآن شريف جي ”مڪمل متن“ کي لکڻ جي وسيلي ”محفوظ ڪرڻ“ جو ڪم ته برابر خود حضور پيغمبر ﷺ جن جي حياتيءَ ۾ ئي پورو ٿي چڪو هو. ليڪن، منجهس هڪ سؤ چوڏهن سورتون آهن: ڪي ننڍيون ته ڪي وڏيون. انهن کي حضور پيغمبر ﷺ جن جي هدايت موجب ئي ترتيب پڻ ڏني ويئي هئي، پر، هيون سڀ ڇڙوڇڙ: يعني هڪ هنڌ گڏ ٿيل، يا جمع ٿيل ڪونه هيون، ڇو ته ”ان وقت جي هنگامي سماجي ۽ سياسي حالتن ڪو موقعو ئي ڪونه ٿي ڏنو، جو ساهه ستيءَ ۾ ويهي، انهن جي جمعبنديءَ جو ڪم ڪجي.“

”سو، ڪاتبن کي قرآن شريف لکي محفوظ ڪرڻ سان گڏ، سوين حافظن کي مڪمل طرح قرآن شريف حفظ ڪرڻ جو ڪم پڻ سونپيو ويو هو. اڳتي هلي، ٿيو ائين، ته حضور پيغمبر  (سنه 632ع) کان پوءِ مرتدن پنهنجي اڳواڻَ، مسليمہ ڪذاب (ڪذاب معنيٰ ڪوڙو) جي جهنڊي هيٺ بغاوت جو اعلان ڪيو، جنهن نبوت جي دعوا ڪئي هئي. انهيءَ زماني ۾ مسلمانن جو خليفو حضرت ابوبڪر صديق رضه هو. مسلمانن ۽ مرتدن جي وچ ۾، يمامه واري سخت جنگ لڳي. مسليمه جو قبيلو جنگجو هو. جنگ ۾ سوڀ ته مسلمانن جي ٿي. مسليمہ ڪذابُ به قتل ٿي ويو. پر، قرآن مجيد جا گهڻا حافظ به شهيد ٿي ويا.“

هدايت الله صاحب چٽائي ڪئي آهي ته:

”هن پس منظر ۾، حضرت ابوبڪر صديق، صحابه سان صلاح ڪري، قرآن ڪريم جي ڇڙوڇڙ سورتن کي هڪ ئي مصحف مبارڪ ۾ جمع ڪرڻ جي ڪم کي اوليت ڏني. ۽ اها ذميواري، ڪاتبِ نبي حضرت زيد بن ثابت کي سونپي. انهيءَ، مصحف مبارڪ کي هاڻي علمي دنيا ۾ ”مصحف صديقي“ سڏن ٿا.“

هدايت الله صاحب لکيو آهي ته:

In 651.A.C the third caliph Usman, appointed again Zaid b. Sabit, as Chairman of a Committee, which included Abdullah ibn Zubair, Saad b. As and Abdur Rehman b .Haris, for re-editing the text, in an authetic version. All existing copies were collected and studied minutely by these Iuminaries, who codified the text on the basis of مصحف صديقي.

هدايت الله صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته:

ماهرن جي ڪاميٽيءَ قرآت جي لحاظ کان قريش جي لهجي کي تسليم ڪيو. بعد ۾ مصحف مبارڪ جو هڪ نسخو مديني شريف ۾ مسجد نبويءَ ۾ رکيو ويو. جيڪو هاڻي استنبول (ترڪيءَ) جي توپ ڪاپي ميوزيم ۾ محفوظ آهي. ٻيا نسخا اسلامي رياست جي گورنرن ڏانهن موڪليا ويا. اڄڪلهه سڄيءَ دنيا ۾ قرآن شريف جي اشاعت حضرت عثمان واري جمع ڪيل انهيءَ نسخي موجب ٿئي ٿي، جنهن جو ”اساسي نسخو“ حضرت ابوبڪر رضه جي خلافت ۾ تيار ٿيو هو ۽ جنهن جي ترتيب حضور ﷺ جن جي حيات طيبه ۾ خود سندن هدايت ۽ نگرانيءَ ۾ موجب پايه تڪميل تي پهچي چڪي هئي.

اهو ڪم جيئن ته حضرت عثمان رضه جي زماني ۾ پورو ٿيو هو.، سو، عام طرح چوندا آهن ته قرآن ڪريم جي جمعبنديءَ جو ڪم حضرت عثمان رضه پورو ڪيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com