جبار ”تاثير“ سومرو
غزل
وئي هر ادا مون کي تنهنجي وڻي آ،
قدِم قرب وارا اسان ڏي کَڻي آ.
ويا قول ڪاڏي ڪيا جي تون مو سان،
ڀلا ڳالهه تو نيٺ ڪهڙي ڳڻي آ.
هوائن وکيري ڇڏيا وار تنهنجا،
نه ڪا سينڌ سرمون نه ساڳي ڦڻي آ.
رکيون آسرو ويٺو آهيان اڃان مان،
صبا! جلد پيغام اُن جا کڻي آ.
سوين سور آيا مِڙي هر طرف کان،
وڃي ڪاڏي دل منهنجي هڪڙي ڄڻي آ.
هئي ڪير ڪاڏي وئي، پيو ٿو ڳوليان،
وئي دل جي شيشي تي پٿر هڻي آ.
خبر ناهي ڪهڙي ٿي اربعا خطا جو،
رُسي مون کان ويو منهنجي دل جو ڌڻي آ.
مون ”تاثير“ مجنون جان صحرا وسايو،
اڃان ٻيو ڇا ٿيندو، اِهائي گهڻي آ.
سرويچ گل ڀٽي
وائي
روڪيان روڪيان مَ رُڪن، هي اکڙيون اڻ جهل ڙي!
تڙپي دردي دل ڙي!
ساجن ساروڻين ۾، نيرين نيڻ ڀنل ڙي!
پاهڻ پير پِٿون ڪيا، جهاڳي جاڙ جبل ڙي!
ٿورو شفق ڇهڻ ڏي، ڳاڙها ڳاڙها ڳل ڙي!
مهڪ محبت ماڻيون، هٻڪارن ڏي هل ڙي!
تو سان گڏجي گهاريان، سڀئي سَرها پل ڙي!
تنهنجي راهه وڇائيان، لال گلابي ”گُل“ ڙي!
مقالا
قرآن شريف جا ترجما
۽ جتوئي صاحب وارو انگريزي ترجمو
[هن ورق جي اندرئين پاسي تي قرآن شريف جي حضرت
مخدوم نوح رحمة الله عليہ واري فارسي ترجمي جي اصل
قلمي نسخي جي هڪ صفحي جو عڪس ڏنل آهي.]
غلام رباني آگرو
قرآن شريف جا ترجما
ــــ ۽ جتوئي صاحب وارو انگريزي ترجمو ــــ
قرآن عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. ان جي مصدر متعلق
مسلمان عالمن جا مختلف رايا آهن. سو معنيٰ متعلق
به جدا جدا نظريا آهن.
محمد بن ادريس الشافعي (وفات 819ع) جو چوڻ آهي ته
’قرآن‘ اسم خاص آهي، جنهن جو مطلب اهو ڪتاب آهي،
جيڪو حضور پيغمبر ﷺ جن تي نازل ٿيو هو.
يحييٰ بن زيد الفريٰ (وفات 882ع) جو چوڻ آهي ته
لفظ قران نڪتو آهي قرائن مان، جيڪو جمع آهي
”قرينة“ جو ۽ معنيٰ اٿس پاره، حصا، جزا، جيڪي
هڪٻئي سان ڳنڍيل هجن. قرآن جا پاره هڪٻئي سان
مربوط آهن.
ابوالحسن علي بن اسماعيل الاشعري (وفات 936ع)،
(ٻين عالمن سان گڏ جيڪي به کانئس روايت ڪن ٿا)،
انهيءَ راءِ جو آهي ته لفظ قرآن نڪتو آهي ”قرن“
فعل مان، جنهن جو مطلب آهي، شين کي گڏ ڪرڻ ۽ گڏ
رکڻ. چوويهه ورهيه (ٽيويهه ورهيه؟) قرآن جون
سورتون (۽ آيتون) الڳ الڳ نازل ٿينديون رهيون. پر،
آخر ۾ اهي سڀ هڪ مصحف مبارڪ ۾ جمع ٿيون.
ٻين عالمن جا وري ٻيا رايا آهن. مثال طور:
ابوالحسن علي بن حمزه الحياني (وفات 830 عيسوي) جو
خيال آهي ته قرآن ”مقروء“ تي زور ڏئي ٿو، جنهن جي
معنيٰ آهي: ”پڙهو.“ هن لفظ جو واسطو ”قراء“ فعل
سان آهي، جنهن جو مطلب آهي ”پڙهڻ.“ سندس راءِ ٻين
مڙني کان وڌيڪ وزندار ليکي وڃي ٿي.
القرطبي (وفات 1269ع) وضاحت ڪئي آهي ته حضور
پيغمبر ﷺ جيئن ته سموري انسانذات لاءِ بشير (بشارت
ڏيندڙ) ۽ نذير (ڊيڄاريندڙ) هئا، سو، ضروري آهي ته
قرآن جي تعليم کي ٻين قومن تائين پهچائڻ لاءِ ان
جا ترجما ڪيا وڃن.
تاهم، سڀ عالم انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته ترجمو
سَنَدَ يعني اٿارٽيءَ جي حيثيت ڪانه ٿو رکي. سو،
ان جي بنياد تي ڪابه فتويٰ
(Legal Verdict)
ڏئي نٿي سگهجي.
اوائلي ترجما:
پر، قرآن شريف جي تعليم پکيڙڻ هر مسلمان جو فرض
آهي. سو، گذريل چوڏهن سؤ سالن کان ان جا ترجما
ٿيندا رهيا آهن، ۽ اڃا به سڄيءَ دنيا ۾ ٿيندا رهن
ٿا.
حضور پيغمبر ﷺ جن پاڻ“ پنهنجي زندگيءَ ۾، اسلام جي
تبليغ لاءِ، ڪن ملڪن جي حاڪمن کي خط لکيا هئا، جن
۾ قرآن شريف جون آيتون هيون. جيڪي سفير اهي خط کڻي
ويندا هئا، سي عربي زبان توڙي انهيءَ حاڪم جي ملڪ
جي زبان پڻ ڄاڻندا هئا. بلڪ، ٻنهي زبانن جا ماهر
هوندا هئا. سي، حاڪم کي خط ڏيڻ وقت کيس قرآن شريف
جي آيتن جو ترجمو به ڪري ٻڌائيندا هئا. مثلاً،
نجاشيءَ ڏانهن جيڪو خط ويو هو، انهيءَ ۾ قرآن شريف
جون آيتون هيون. حضرت جعفر طيار ان موقعي تي موجود
هو ۽ نجاشيءَ جي اڳيان مترجم جا فرض ادا ڪيائين.
ساڳيءَ ريت، حضور ﷺ جن جي صحابيءَ، حضرت سلمان
فارسيءَ، کانئن اجازت وٺي، پنهنجن ڪن هم وطن
ايرانين کي قرآن شريف جي تعليم ڏيڻ لاءِ، ڪي
سورتون فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيون هيون، جن ۾ سورة
فاتحه به شامل هئي.
اهڙيءَ ريت، مشرقي ٻولين ۾ قرآن شريف جو اولين
ترجمو فارسي زبان ۾ ٿيو. مغربي ٻولين ۾ وري ان جو
پهريون پهريون ترجمو لاطيني
(Latin)
زبان ۾ ٿيو. پطرس نالي هڪ راهب، طرابلس ۾ سنه
1143ع ۾ ڪيو.
جرمن زبان ۾ پهريون پهريون ترجمو مارٽن ليوڌر ڪيو
هو، جنهن پوپ سان بغاوت ڪئي هئي.
عالمِ اسلام جي محققن ۽ ماهرن جي چوڻ موجب، قرآن
شريف جي اوائلي ترجمن ۾، پهرينءَ صديءَ هجريءَ جي
پوئين اڌ ۾، شام ملڪ جي قديمي ٻوليءَ
Aramic
وارو ترجمو به شامل آهي. اها ٻولي، لساني لحاظ
کان، هيبرو ٻوليءَ کي گهڻي ويجهي هئي ۽ حضرت عيسيٰ
عليہ السلام ڳالهائيندو هو.
موسيٰ ابن سيار جو فارسي ٻوليءَ ۾ ”زباني ترجمو“
پڻ اوائلي ترجمن ۾ شامل آهي. پر، ستينءَ صديءَ
هجريءَ جي پوئين اڌ ۾ شيخ سعديءَ شيرازيءَ جو
فارسي ترجمو پوءِ جي ڳالهه آهي.
نامور محقق، ڊاڪٽر حميدالله، هڪ هندستاني مڪمل
ترجمي جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪو سَنُ ٻه سو ستر
هجريءَ ۾ ٿيو هو. هن ترجمي مان مطلب اهو ترجمو
آهي، جنهن جو ذڪر بزرگ بن شهريار پنهنجي ڪتاب
”عجايب الهند“
۾ ڪيو آهي. ڊاڪٽر حميدالله اهو به چيو آهي ته ٽِي-
آرنولڊ قرآن شريف جي اوائلي ترجمن، هڪ چيني ترجمي
کي به تسليم ڪري ٿو. اهو چيني ترجمو اڃا موجود
آهي، يا هاڻي اڻلڀ آهي، سو معلوم ڪونهي.
سنه 1982ع ۾، حڪومت پاڪستان، ٻن اديبن تي مشتمل،
پنهنجو پهريون پهريون ادبي وفدُ، چين لاءِ تشڪيل
ڏنو: پنجاب مان مرزا اديب کي ۽ نڌ مان مون کي
انهيءَ ۾ شامل ڪيائون. چيني ميزبانَ، پهرئين ئي
ڏينهن، اسان کي بيجنگ جي جامع مسجد ۾ وٺي ويا،
جنهن جي پيش امام قرآن ڪريم جو هڪ چيني ترجمو
ڏيکاريو ۽ ٻڌايو ته ’چين جي حڪومت عالمن جي ڪاميٽي
مقرر ڪئي آهي ته چڪاس ڪري اطمينان ڪري ته ترجمو
هوبهو آهي، يا منجهس ڪنهن به درستيءَ جي ضرورت
آهي.‘ انهيءَ چيني ترجمي جي ڪاپي ڪاپي اسان ٻنهي
ڄڻن کي آٽوگراف ڪري ڏنائين. چيني امام جو نالو
صالح هو. هن چيو ته ”حڪومت چڪاس ڪاميٽي انڪري
مقرر ڪئي آهي، جو ان کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته
قرآن شريف جو ترجمو آسان ڪونهي.“
سنڌ ۾ به قرآن شريف جو ترجمو آڳاٽي زماني کان
ٿيندو رهيو آهي. بزرگ بن شهريار، پنهنجي ڪتابَ
”عجايب الهند“ ۾، ٽينءَ صديءَ هجريءَ جي هڪ عالم
جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو اصل ۾ عرب هو ۽ عراق جو ويٺل
هو. جڏهن سنڌ ۾ عربن جي حڪومت قائم ٿي، ته سندن
گاديءَ جي هنڌ، منصوري ۾ آيو ۽ گهر ڪري ويٺو. سنڌ
جي باشندن سان ملڻ ڪرڻ ڪري سنڌي به سکيو. پر شاعر
۽ عالم شخص هو. سو، ٻيون هندي (هندستاني) زبانون
به سکيو. ڪشمير جي راجا مهروق بن رايق لاءِ قرآن
شريف جو خبر ناهي ته ڪنهن هندستاني ٻوليءَ ۾ ترجمو
۽ تفسير ڪيو هئائين. انهيءَ تان عام ڳالهه هُلي
وئي، ته سڄيءَ دنيا ۾ قرآن شريف جو پهريون پهريون
ترجمو سنڌ ۽ سنڌيءَ ۾ ٿيو.
”عجايب الهند“ اڻلڀ ڪتاب آهي. مون کي به اتفاق سان
مليو. 1976ع ۾ شاهه ايران جي حڪومت، نواب نوراحمد
لغاريءَ ۽ مون کي ايران جي دوري جي دعوت ڏني.
تهران ۾ هڪ مشهور ڪتبخاني جو مالڪ، آغا اسدي مليو.
پاڻ حيدرآباد آيو هو ته مون سندس خاطر تواضح ڪئي
هئي. سو، تهران ۾، جڏهن ساڻس ملاقات ٿي، ته هڪ
عمدو ڪتاب ڏنائين. پر، مون اهو رکي، ”عجايب الهند“
کنيو، جيڪو سامهون رکيو هو. عربيءَ ۾ هو ۽ هر صفحي
جي هيٺئين اڌ تي ان جو فرانسِسِي ترجمو هو. آغا
اسديءَ مون کي ڪتابُ آٽوگراف ڪري، پيش ڪيو.
حيدرآباد پهتس، ته بورڊ ۾ مولانا محمد صديق ماعر
کان انهيءَ عبارت جو عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ اچي
ترجمو ڪرايم، جيڪا مبينه ترجمي متعلق هئي. پر ڏٺم
ته ترجمو نڪي ته سنڌ ۾ ٿيو آهي، ۽ نه وري سنڌي
زبان ۾ ٿيو آهي.
ڪجهه سال اڳ، ملڪ جي مشهور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ مذڪوره ترجمي بابت انگريزيءَ ۾ هڪ مفصل مضمون
لکيو هو. مون کي اسلام آباد ۾ ان جي ڪاپي عنايت
ڪئي هئائين. انهيءَ جو سنڌي زبان ۾ سليس ترجمو
محترم عبدالرزاق گهانگهري ڪيو آهي، جو مسٽر ناشادَ
”مهراڻ“ جي سنه 1999ع جي 3 نمبر پرچي ۾ شايع ڪيو
آهي. منجهس چٽيءَ طرح لکيل آهي ته، ”انهيءَ
راجا جي رياست اتر ڪشمير ۽ ڏکڻ ڪشمير جي وچ ۾ هئي.
پنجاب جي اتر طرف هئي.“
اها ڳالهه به انهيءَ راءِ جي تصديق ڪري ٿي ته اهو
ترجمو پنجاب ۽ ڪشمير جي پاسي اتان جي ڪنهن ٻوليءَ
۾ ٿيو هو.
محترم جميل نقويءَ نالي هڪ محقق وري پنهنجي ڪتاب
”قرآن شرف کي اردو تراجم مع مختصر تاريخ“ ۾ مهروق
بن رائق کي روهڙيءَ کان چار ميل پري اروڙ جو راجا
ڪوٺيو آهي. اروڙ جو راجا ته ڏاهر هو، جيڪو جنگ ۾
مارجي ويو هو. سو، ڀانئجي ٿو ته جميل نقويءَ کان
سَهَوَ ٿي آهي.
اصل ڳالهه اها آهي ته اهو ترجمو هاڻي ڪٿي به موجود
ڪونهي. ليڪن، سائين قاسمي صاحب، تازو، مولانا
عبدالڪريم قريشيءَ، ٻير واري بزرگ جي سنڌي ترجمي
جو ’پيش لفظ‘ لکيو آهي، جنهن ۾ مذڪور ترجمي جي هن
زماني ۾ ”ناپيد هجڻ“ بابت لکيو اٿس ته:
”اڍائي صدي هجري ۾، سنڌ اندر قرآن پاڪ جو سنڌي ۾
ترجمو ٿيو، جو ڪشمير تائين پهچي ويو. اهو ترجمو
منصوره سنڌ ۾ ٿيو هو. اڳتي هلي، درياء سنڌ جي
مستانين موجن ۾ گم ٿي ويو، جيئن منصوره سنڌ ۾ امام
دائود ظاهري جا حديث تي ڪتاب درياء سنڌ جي موجن
هيٺ اچي ويا.“
هن صورت حال ۾ مناسب ٿيندو، ته بزرگ بن شهريار جي
روايت تي سنجيدگيءَ سان ويچار ڪجي، ته معاملي جي
صحيح صحيح خبر پوي. سو، مان ”عجايب الهند“ جي اصل
عربي عبارت، ۽ ان جي فرانسسي ترجمي جو عڪس پيش
ڪريان ٿو. آخر ۾، انهيءَ عبارت جو سنڌي ترجمو به
ڏيان ٿو، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي فاضل استاد،
محترم ثناالله ڀٽي صاحب ڪيو آهي.
بزرگ بن شهريار جي روايت جو سنڌي ترجمو:
”... ۽ هند بابت، مون کي ابو محمد الحسن بن عمرو
بن حموية بن حرام بن حموية النجيرمي بصري ۾ ٻڌايو
ته مان 288هه ۾ منصوري ۾ هئس، ته اتي جي ڪن قابل
اعتماد بزرگن ٻڌايم، ته الرا جي راجا، جيڪو
هندستان جي وڏين رياستن جي وڏن راجائن مان هڪ هو ۽
ان جو علائقو ڪشمير جي مٿين ۽ هيٺئين علائقي جي وچ
وارو هو، ۽ جنهن جي راجا کي مهروق بن رايق سڏيو
ويندو هو، تنهن سنه 280هه ۾ منصوري جي حاڪم
عبدالله بن عمر بن عبدالعزيز کان اهڙي ماڻهوءَ جي
پڇا ڪئي، جيڪوکيس هندي (هندستاني) زبان ۾ اسلامي
شريعت سمجهائي.
امير عبدالله، منصوري جي عرب مسلمان حاڪم هڪ شخص
کي سڏيو. جيڪو اصلاً عراقي هو. انتهائي ذهين
سمجهدار ۽ شاعر هو، ۽ هندستان ۾ پليو هو. سو، هتان
جون مختلف زبانون به ڄاڻندو هو، ساڻس الرا جي راجا
جي ڪَيَلَ سوال بابت ڳالهه ٻولهه ڪيائين.
عراقي عالم، راجا جي ڳالهه ذهن ۾ رکي، هڪ قصيدو
ٺاهيو، جنهن ۾ اهو سڀ ڪجهه بيان ڪيائين، جيڪو
ڪشمير جي راجا کي مطلوب هو. ڪشمير جي راجا اهو
قصيدو پڙهيو، ته کيس گهڻو وڻيو. امير عبدالله
ڏانهن لکيائين، ته انهيءَ شاعر کي مهرباني ڪري،
مون ڏانهن موڪلي ڏيو. منصوري جي حاڪم عراقي عالم
کي ڪشمير جي راجا وٽ موڪليو.
|