راڳ سورٺ
ميري گرڌر گوپال، دوسرا نه ڪوئي،
جانڪي سرمور مڪٽ ميرو پتي سوئي،
تات مات ڀرات بنڌو اَپنو نه ڪوئي،
ميران پرڀو لگن لگي، هوني هو سو هوئي.(1)
هونئن ته هنديءَ ۾ ڀڄنن جي کوٽ نه آهي، پر ميران
جي جيون ڪٿا ۽ ڀڄن گهڻومقبول ٿيا ۽ هوءَ هنڌين
ماڳين وڄي ويئي. ميران وانگر ڪبير، دادو، سمن،
تُلسي، رحمن ۽ ٻين ڪيترن جا دوها به مقبول ٿيا.
سنڌ ۾ هندي دوهن جي اثر جو ذڪر آءٌ پنهنجي مٿي
بيان ڪيل مقالي ۾ ڪري آيو آهيان. هتي فقط اهم هندي
شاعرن جي دوهن مان پنهنجي پسند جي چونڊ پيش ڪريان
ٿو. هونئن ته هندي دوهن جا ماخذ گهڻا آهن، پر هتي
آءٌ پنهنجي پهچ ۽ حال سارو ٻن ماخذن جو سهارو وٺان
ٿو، اُهي آهن: شاهه جي رسالي جو ”سُر بيراڳ هندي“
۽ ڊاڪٽر جعفر حسن جو ڪتاب ”منتخبات هندي ڪلام.“
رسالي جي پراڻن ڇاپن ۾ ’سر بيراگ هندي‘ موجود آهي،
اُن مان ٻه دوها نروار ڪري مشتاق علي جعفري پنهنجي
اردو ڪتاب ’سندهي کي جديد اردو شعراء‘ ۾ انهن کي
شاهه عبداللطيف جو ڪلام سڏي ٿو. دوها هي آهن:
بلبل رووي رين دن، ڪهان ڀئي گلزار،
اُن ڪي قيامت آج هي، جن ڪي بڇڙي يار.
لا الله ڪر آرسي، الا الله سي ديک،
محمد صورت رب ڪي، اس مين نه ميک.
نه رڳو ايترو بلڪ لکي ٿو: ”اگر ڪو اردودان، جو
سنڌي زبان مان واقف هجي، سو هن (شاهه) جي شاعريءَ
جو تجزيو ڪندو ته هن (شاهه) جي ڪلام ۾ گهڻا اردو
شعر لڀندا(2).“ هڪ ته اردو شعر لڀڻ واري لاءِ سنڌي
ڄاڻڻ جي ضرورت نه آهي، ٻيو ته جعفري جيڪي ٻه هندي
دوها ڳولهي سگهيو، اُنهن مان پويون فقط قاضي
ابراهيم واري رسالي (1867ع) ۾ آهي. خود پاڻ جي ٻه
دوها ڳولهي سگهيو ته ٻيا به ڳولهي وٺي ها.
هن جمله معترضه کان پوءِ اُنهن هندي دوهن جي اپٽار
ڪريان ٿو، جن منهنجو ڌيان ڇڪايو آهي. فقط چند دوهن
جو سنڌي ترجمو به گڏ ڏنو اٿم. ماخذن جا حوالا
منتحبات ۽ بيراڳ جي صورت ۾ آهن. دوهن کي ٻن عنوانن
پند و نصيحت ۽ محبت جي سِري هيٺ رکيو اٿم:
(1)
پريتم هم تم ايڪ هين، ديکن ڪي هين دو
من سي من ڪو تولئي، ڪڀي نه دو من هو(3).
هن دوهي ۾ شاعر لفظ من کي ٻن هنڌ آڻي ذو معنيٰ ڪيو
آهي. هڪڙو من (دل) ۽ ٻيو مڻ (ماپو) جي نسبت سان
آهي. ان طرح محبوب سان هڪ هجڻ جي ڳالهه ڪيل آهي.
هنديءَ ۾ شاعر عورت جي روپ ۾ ڳالهائي ٿو ۽ سنڌيءَ
جي قديم شعر ۾ به ائين آهي.
(2)
ندي ڪناري ڌنوان اُٺت هي، مين جانون ڪڇ هوءِ،
جا ڪارڻ جوگن ڀئي، وهي نه جلتا هوءِ(4).
عورت جا لطيف جذبات ۽ وسوسو هن دوهي ۾ نمايان آهي.
دونهن ڏسي شڪ ٿو جاڳي ته جنهن لاءِ جوڳڻ بڻيس،
متان اُهوئي نه سڙندو هجي! جيئن عرض ڪيم ته هنديءَ
۾ عورت جو روپ وٺي شاعر جذبا ظاهر ڪري ٿو: پوءِ
کڻي پاڻ مرد ڇو نه هجي. سنڌ جي قديم شاعرن هن
انداز کي پسند ۽ اختيار ڪيو آهي.
(3)
آجا پياري نين ۾، پلڪ ڍانپ توهي لون،
نا مين ديکون اور ڪو، نا توهي ديکن دون(5).
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو هيٺيون بيت هن دوهي جي
مڪمل معنيٰ ظاهر ڪري ٿو. توارد ۽ اثر جو قريب ترين
مثال آهي:
اکين ۾ ٿي ويهه، ته آءٌ واري ڍڪيان
توکي ڏسي نه ڏيهه، آءٌ نه پسان ڪي ٻيو.
البت ڪن محققن (منظور نقوي) معنيٰ بابت هي خيال
ظاهر ڪيو آهي ته شاهه جو بيت محبوب کي وسيع نظريءَ
سان چوي ٿو ته آءٌ ٻيو ڪجهه نه ڏسان تون ڀلي پيو
ڏس ۽ دنيا توکي پئي ڏسي. جڏهن ته هندي واري دوهي ۾
اهو اشارو آهي ته توکي ڪير به نه ڏسي!
پرديسي ڪي پريت ڪو، سب ڪو من للچائي،
اوگن وا ۾ ايڪ هي، رهي نه سنگ ليجائي(6).
شاعر چوي ٿو ته پرديسيءَ جي پريت هر ڪنهن کي وني
ٿي، پر اُن ۾ عيب هي آهي ته نه ساڻ رکي ٿو نه وڻي
وڃي ٿو. هتي عورت جي ڪومل من جي وهمن جو ذڪر ڪيو
ويو آهي.
(5)
ڇوٽي موٽي ڪامني، سب هي بِس ڪي بيل،
بيري ماري دانوءُ دي، يه ماري هنس کيل(7).
شاعر چوي ٿو، جهڙي تهڙي عورت به زهر جي ول آهي.
بهادر داءُ پيچ سان ماري ٿو، پر هيءَ کل خوشيءَ ۾
ئي ماري ٿي.
(6)
ڪاگا نين نڪاس دون، سو پيا پاس ليجاءَ،
پهلي درشن دکائي ڪي، پاڇي ليجو کاءَ.
(7)
ڪاگا سب تن کائيو، چن چن کائيو ماس،
دو نينان مت کائيو، ڪ پيا ملن ڪي آس.
(8)
چونچ تمهاري ڪاٽ ڪي، تاپي ڇڙڪون تون،
پيا ميري مين پيا ڪي، تو ڀي ڪهي سو ڪون(8).
پهرين ٻن دوهن ۾ ڪانگ سان گفتگو آهي. پهرئين ۾
شاعر چوي ٿو ته ڪانگ توکي نيڻ پنهنجا ڪڍي ڏيان،
محبوب کي ڏسي پوءِ کائج. ٻئي دوهي ۾ چوي ٿو ته
ڪانءُ منهنجو سڄو تن کائي ڇڏ، فقط ٻه نيڻ نه کائج
انهن سان محبوب کي ڏسڻ جي آس اٿم. انهيءَ موضوع تي
شاهه، سچل ۽ ٻين شاعرن گهڻو ڪجهه چيو آهي. خاص طور
پهرئين (6 نمبر) دوهي سان هي لطيفي روپ مماثلت رکي
ٿو:
ڪڍي ڪانگل تو ڏيان، هنيون ساڻ هٿن،
وڃي کاءُ ولات ۾، مهندان محبوبن،
پرين مان پڇن، هيءَ قرباني ڪنهن ڪئي.
هن سٽ ۾ ٽيون (8 نمبر) دوهو عاشق جي مخصوص حسد جو
اعليٰ نمونو آهي، جنهن موجب هن جي تمنا آهي ته
محبوب جو نالو به کانئس سواءِ ٻيو ڪو نه اُچاري.
پيار ڪرڻ وارو پپيهي کي ’پي پي‘ ٻوليندي ٻڌي سهي
نه ٿو سگهي. سندس قوت برداشت جواب ڏيئي وڃي ٿي،
چي: تنهنجي چهنب ڪٽي اُن تي لوڻ ٻُرڪيان! محبوب
(پي) منهنجو، آءٌ محبوب جي، تون ڪير آهين جيڪو ’پي
پي‘ پيو ٻولين؟
سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه عبداللطيف جي ’سُر پورب‘ ۽
سچل سائين جي ’سرمالڪونس‘ ۾ ڪانگ سان گفتگو ۽ ان
سان پيغام رسانيءَ جي معاملي تي نهايت موثر انداز
اختيار ڪيل آهي. هي بيان دل ڀڄائيندڙ آهي. ٻين
سنڌي شاعرن به شاهه ۽ سچل جي پيرويءَ ۾ ڪانگل کي
ڳايو آهي.
(9)
پريتم تم يه جانيو، تم بڇڙي موهي چين!
آلي بن ڪي لاڪڙي، سلگت هون دن رين.
(10)
جو مين ايسا جانتي، پريت ڪئي دک هوءِ،
نگر ڍنڍورا پيٽتي، ڪه پريت نه ڪيجو ڪوءِ.
(11)
نينان ري تم هي بُري، تم سا بُرا نه ڪوءِ،
آپ هي پريت لگائي ڪي، آپڇ هي بيٺي روءِ(9).
ذرا هن ٽن دوهن ۾ پيار ڪرڻ واري جي جذبن جي اُٿل
کي ڏسو! چي پريتم توکان وڇڙي مون کي ڪهڙو چين آهي؟
آلي ڪاٺيءَ وانگر ڌڳان پئي! جي آءٌ ايترو ڄاڻان ها
ته پريت ڪرڻ سان رڳو دک حاصل ٿئي ٿو ته شهر ۾ پڙهو
گهمايان ها. چي ڪير به پريت نه ڪري. اڃان به ٻه
قدم اڳتي وڌي پنهنجين اکين کي ڏوهه ڏئي ٿي. چي:
اکيون ڏوهه سڄو اوهان جو آهي، اوهان جهڙو برو ٻيو
ڪونهي، خود ئي پريت لڳايو ۽ خود ئي ويٺيون رو!
(12)
سونا لاون پي گئي، سُونا ڪر گئي ديس،
سونا ملا نه پي ملا، روپا هوگئي ڪيس.
هي دوهو مون ڪٿان ٻڌو آهي يا پڙهيو هوندم. هن جو
سنڌي ترجمو تُز لفظن ۾ ٿي سگهيو آهي، ترجمو هيئن
ڪيو اٿم:
سون کٽڻ ويو سپرين سُڃو ڪري ديس،
سون مليو نه پرين وريو، روپا ٿي ويا ڪيس.
سونا (سون) ۽ سونا (سُڃو) ٻن لفظن جي مناسبت سان
شاعر جذبا ظاهر ڪيا آهن.
(13)
سپنا تم سلطان هي، اُتم تيري ذات،
سو ڪوهين ساجن بسي، موهي آڻ ملاوين رات.
(14)
سپنا تم جوٺا هي جُوٺا سارا انيڪ،
جب سوون تو دوجني، جب اوٺون ته ايڪ(10).
شاهه جي رسالي ۾ سُر بيراگ هنديءَ ۾ اڪثر دوهن تي
سنڌي ۽ سرائڪيءَ جو اثر ۽ ملاوٽ نظر اچي ٿي، مثال
طور:
ساڌ سڏاوڻ ڪٺن هي، مت ڪوئي ساڌ سڏائي،
ساڌ تب سڏائيي، جب جيتا هي مرجاءِ(11).
يا
پک نهين پاور نهين، پهچ نهين پي دور،
اُڏر نه سگهان سکيان ڙي، مران سور بسور(12).
(15)
بانهن ڇڙائي جات هو، نربل جان ڪي موهي،
هردئي ۾ سي جاؤگي، تو مرد بندوگي توهي(13).
سهجو ٻائي چوي ٿي ته: ٻانهن ڇڏايو هليو ٿو وڃين جو
مون کي نٻل ڄاڻين ٿو. دل مان ويندين ته پوءِ توکي
مرد ڪري مڃيندس. هن دوهي جو مون هي سنڌي ترجمو ڪيو
آهي:
ٻانهن ڇڏايو ٿو وڃين، نٻل ڄاڻين مون،
دل منجهان ويندين جڏهن، مرد پوءِ چئين تون.
(16)
چمپا تو ۾ تين گن، رنگ روپ اور باس،
اوگن تو ۾ ڪونه هي، ڀؤنر نه بيٺي پاس(14).
هن دوهي جو سنڌي ترجمو مون هيئن ڪيو آهي:
چمپا تو ۾ ٽي گڻ، رنگ روپ ۽ باس،
اوگڻ تو ۾ هڪڙو، ڀؤنر نه ڦري پاس.
شاعر جي هن خيال جو مطلب اهو آهي ته چمپا جي گل تي
(يا اُن جي ويجهو) ڀؤنر نٿو ويهي، بوءِ جي پسند نه
اچڻ ڪري (شايد). چمپا بابت هڪ ٻيو دوهو ٻڌو يا ڪٿي
پڙهيو اٿم، اُهو هي آهي:
ناس ڪيل ڪو ڪيل، ڪنٺ گلي سرموڙ،
ڀرون سجن ڪي شام هي، جيون چمپا تي ڀؤنر.
دوهي جي پهرين سٽ معنيٰ ۽ پڙهڻيءَ ۾ واضح نه آهي.
ٻيءَ مان جا معنيٰ نڪري ٿي سا محبوب جي ڀروئن جي
ڪاري هجڻ جي تشبيهه آهي، يعني ”جيئن چمپا تي
ڀؤنر“، ته پوءِ پهرئين دوهي جي خيال جو هن دوهي ۾
رد آهي.
پند و نصيحت
(17)
چلنا هي رهنا نهين، چلنا بيسو بيس،
”سهجو“ تنڪ سهاگ پر، ڪيون گنڌوائي ڪيس(15).
مون هن دوهي جو سنڌي ترجمو هيئن ڪيو آهي:
هلڻو آه رهڻو ناهي، هلڻو آخرڪار،
”سهجو“ پڏي سهاڳ تي، ڇو ويڙهائين وار.
(18)
دادو دعويٰ ڇوڙ دي، بن دعويٰ دن ڪاٽ،
ڪتني سودي ڪر گئي، پاساري ڪي هاٽ(16).
دادو شاعر فنا بابت هي دوهو چيو آهي ۽ زندگيءَ ۾
ڪا دعويٰ ڪرڻ کان منع ڪري ٿو.
(19)
مايا ڪو مايا ملي، ڪر ڪر لمبي هات،
تلسي داس گريب ڪو، ڪوئي نه پوڇي بات(17).
مايا ۽ غربت جو موازنو ڪري تلسيداس چوي ٿو ته مايا
۽ غربت ۾ گهڻو فرق آهي. غريب کي ڪير پڇي ئي نٿو.
(20)
سونا ڪهي سُنار سي، ڪه اُتم ميري ذات
ڪاري مُنهن ڪي گهونگهچي تُلي هماري ساٿ(18)!
هن دوهي ۾ هي نڪتو آهي ته سون ٿو سوناري کان پڇي
ته منهنجي ههڙي اوچي ذات (۽ چمڪ) ڪاري منهن واري
گمچي (رتي) مون سان گڏ ٿي تُري سو ڇو؟
گمچي (رتي) جواب ٿي ڏئي ته اي سون! اکيون کول ۽ ڏس
ته آءٌ به گهٽ ڪونه آهيان، چي:
لالن ڪي هم لال هين، لال ئي همرو رنگ،
ڪريا منهه جب سي ڀيو، تُلي پنچ ڪي سنگ(19).
(رنگ لال هوم پر نيچ سان گڏ تُرڻ جي ڪري ڪارو ٿي
ويو.)
(21)
تن اَجرو من ڪوئلا، بگلا ڪاسا ڀيس،
تو سي تو کاگا ڀلو، ٻاهر ڀيتر ايڪ (20).
هي نصيحت جو نڪتو آهي، جنهن موجب شاعر چوي ٿو ته
توکان، اي انسان! ٻگلو چڱو، اندر ٻاهر هڪ آهي.
تنهنجو رڳو تن اُجرو آهي اندر ڪوئلي وانگر ڪارو
آهي.
(22)
جو تو آيا جگت ۾، جگ سراهي توهي،
ايسي ڪرني ڪر چلو، پاڇي هنسي نه هوئي(21).
هن دوهي ۾ هيءَ نصيحت آهي ته اي انسان! جڳ ۾ آيو
آهين، جڳ تنهنجي تعريف ڪري ٿو ته اهڙا ڪم ڪري وڃ
جو پٺيان توتي ماڻهو نه کلن ۽ برو نه چون.
(23)
آگ لگي هي برڪش ۾، جلني لگي پات،
تو ڪيون جري هي پنکيا! پنک هين تيري ساٿ(22).
وڻ ۾ باهه لڳي آهي، پن به سڙي ويا. پکيءَ کي صلاح
پئي ڏني وڃي ته تنهنجا ته کنڀ آهن. اُڏامي جان
بچاءِ، وڻ سان سڙين ڇو ٿو؟ پر وفا جي تقاضا ڪهڙي
آهي اُها ڳالهه پکي ٿو جواب ۾ چوي:
(24)
ڦل کائي اس برڪش ڪي، گندي ڪيني پات،
اب هي ميرا ڌرم يه، جر جاؤن ايهه ساٿ (23).
دنيا ۾ وفا جا جيڪي داستان بيان ڪيل آهن، اُنهن ۾
هي ننڍڙو مثال وڏي ڳالهه آهي.
(25)
’سهجو‘ جگ ۾ يون رهيي، جيون جڀا مک مانهن،
گهيو گهنا بڪشن ڪري، تو ڀي چڪني نانهن (24).
هن ۾ ڄڀ جي تشبيهه سان واضح ڪيو ويو آهي ته وات ۾
جيئن ڄڀ آهي، تيئن دنيا ۾ رهڻ کپي جو گيهه کائڻ
کان پوءِ به سڻڀي نٿي ٿئي.
(26)
نينهن سگا سوئي سگا، هاڙ سگا نهين هوءِ،
مان بيٺي تِريا جري، اچرج جگ ڪو هوءِ(25).
هرڪو رت جي رشتي جي ڳالهه ڪري ٿو، پر هتي ستي ٿيڻ
جي حوالي سان زال جي جذبن کي ساراهيو ويو آهي ته
مرڻ واري جي ماءُ ويٺي آهي، پر اُن جي چتا سان زال
سڙي ٿي. اِهو اُن جو ڌرم آهي، اِها قرباني آهي،
هوءَ ڌاري آهي، مڙس سان ڪو رت جو رشتو ڪونه اٿس.
(27)
حد حد چليا هرڪو، بيحد چليا نه ڪوءِ،
بيحد ڪي ميدان ۾، کڙا ڪبيرا روءِ(26).
هن خيال تي سچل پنهنجو خيال هيئن ترميم سان پيش
ڪيو آهي:
حدين وڃي هرڪو، بيحد وڃي پير،
سچو سو فقير، جو حد لاحد لنگهي وڃي.
(28)
نانڪ ننها هو رهو، جيسي ننهي دوب،
سڀي گهاس چر جائين گي، دوب خوب ڪي خوب(27).
شاعر سادگيءَ ۽ نهٺائيءَ جي تلقين ڪري ٿو ۽ ننڍي
گاهه جو مثال ٿو ڏئي. چوي ٿو ته ننڍي گاهه کان
مٿان چوپايا کائي ٿا وڃن ته به گاهه اوترو ئي
اوترو رهي ٿو.
(29)
روکي سوکي کائي ڪي، ٺنڊا پاني پي،
ديک پرائي چوپري، جِن للچائي جي(28).
هن دوهي ۾ پنهنجي حال تي مست رهڻ جي تلقين ڪندي
شاعر چوي ٿو ته پرايو ڪپاه ڏسي حرص نه ڪجي. ڪپاه
کي شاهوڪاريءَ جو نشان ڪري ڄاڻايل آهي.
آگي ڪي دن پاڇي گئي، هري سي ڪيو نه هيت،
اب پڇتاوي هوت ڪيا، جب چڙيان چُڳ گئين کيت(29).
هي مشهور دوهو اجايو وقت وڃائڻ کان بچڻ لاءِ چيل
آهي.
(31)
ڪبير آپ ٺگائيي، اور نه ٺگيي ڪوءِ،
آپ ٺگي سک اوپجي، اور ٺگي دک هوءِ(30).
ڪبير چوي ٿو ته پاڻ کي ٺگائجي پر ٻئي کي نه ٺگجي.
پاڻ ٺڳي ڪرڻ سان اطمينان ٿئي ٿو، جي ٻيو اسان کي
ٺڳي ٿو ته ڏک ٿئي ٿو.
(32)
چندن پڙو چمار ڪين، نت نت چيرت چام،
ڪهو چندن ڪيسي ڀئي، پڙو نيچ سين ڪام (31).
چندن (صندل) جي ڳالهه ڪيل آهي. اُهو خوشبوءِ وارو
صندل جيڪو پوڄا پاٺ ۾ ڪم اچي ٿو. شاديءَ ۾ گهوٽ
ڪنوار جي سينگار لاءِ ڪم اچي ٿو. اُن جو تيل ۽ عطر
ٺهي ٿو. جي ڪو تختو چمار کي هٿ اچي ويو ته ان تي
چم کي ڪپڻ جو ڪم وٺي ٿو. شاعر ٿو چويس ته صندل اڄ
خبر ڏي! ڏس نيچ سان ڪم پيو اٿئي ته تنهنجو هي حال
آهي!
(33)
ماٽي ڪهي ڪمهار ڪو، تو ڪيا روندي موهي،
اِڪ دن ايسا آئي گا، مين روندون گي توهي(32).
ڀڳت ڪبير هن دوهي ۾ قبر جي يادگيري ڏياري ٿو، جا
ڪنڀار کي مخاطب ٿي چوي ٿي ته اڄ تون مون کي ڳوهين
ٿو، هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو آءٌ توکي ڳوهينديس.
قبر ۾ تنگي ڪنديس(33).
(34)
تنڪا ڪڀون نه نندئي، جو پائين تر هوءِ،
ڪڀون اُڙي آنکين پري، پير گهنيري هوءِ(34).
درسي ڪتابن ۾ هن دوهي جو ترجمو ڪجهه هن طرح آيل
هو:
ڪک ڪڏهن نه نندجي، ڪک به وڏي وٿ،
اُڏي پئي اک ۾، ڏاڍو ڏئي ڏُک.
(35)
چلتي چڪي ديک ڪي، ديا ڪبيرا روءِ،
دو پاٽن ڪي بيچ ۾، ثابت رهيا نه ڪوءِ(35).
چڪيءَ جي ٻن پڙن ۾ پيسجڻ جو ذڪر ڪندي ڪبير خود
جواب ڏي ٿو:
(36)
چاڪي چاڪي سب ڪرين، ماني ڪهي نه ڪوءِ،
ماني سي جو لگ رها، بال نه بيڪا هوءِ(36).
مراد آهي ته چڪيءَ جي وچ ۾ ڪِليءَ (ماني) جي ڀرسان
جو رهيو سو پيسجڻ کان بچي ويندو.
(37)
ڪبير سنگت ساڌو ڪي، جيون گنڌي ڪا باس،
جو ڪُڇ گنڌي دي نهين، تو ڀي باس ڪي باس.
ڪبير چوي ٿو ته ساڌ جي سنگت عطر فروش جي ساٿ وانگر
آهي، جي ڪجهه ڏي نٿو ته به خوشبوءِ ملي ٿي.
(38)
سانچي ڪو سانچا ملي، اَڌڪ بڙهي سنيهه،
جوٺي ڪو سانچا ملي، تڙ دي ٽوٽي نيهه(38).
چوي ٿو ته سچي کي سچو ملي ته پيار وڌي ٿو، پر جي
ڪوڙي کي سچو مليو ته نينهن ٺڪا ڏيئي ٽُٽي وڃي.
(39)
سنگت هي گُن اوپجي، سنگت هي گُن جاءِ،
بانس ڦانس اور ميصري، ايڪ هي بها بڪاءِ(39).
تلسي داس ٿو چوي ته سنگت وڏي شيءَ آهي، اِهو وڏو
گڻ آهي. نه ته ڪاٺ ڪچرو ۽ مصري هڪ ئي اگهه
وڪامندو.
(40)
تلسي جو تم ڪهت تي، سنگت هي گُن هوءِ،
مانجهه اوکاري رمسرا، رس ڪاهي نهين هوءَ(40).
تلسي ٿو چوي ته هي جو تون چئين ٿو ته سنگت ئي وڏو
گُڻ آهي ته پوءِ اهو به ٻڌاءِ ته ڪمند جي ٻنيءَ ۾
اُڀرندڙ نرڪل ۾ رس ڇو ڪونهي؟ ان جو جواب خود تلسي
هيئن ڏي ٿو:
تلسي سانچي سُجن ڪو، ڪا ڪر سُڪي ڪُسنگ!
مليا بِش لاگي نهين، لپٽي رهي ڀوجنگ(41).
اي تلسي! هڪ سچيءَ ماڻهوءَ کي خراب سنگت ڇا ڪندي!
جو صندل کي زهر ڪونه لڳندو، کڻي اُن کي نانگ
چنبڙيو رهي.
(42)
مين ڪاٽ جل ڌوئي، کائي اَڌڪ پياس،
”رحمن“ پيت سراهيي، موئي ميت ڪي آس(42).
هي دوهو عبدالرحيم خان خانان جو آهي. مڇي جي
پاڻيءَ سان پياس جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته: مڇي (مين)
جڏهن ڪپجي ٿي ته وري پاڻيءَ ۾ ئي ڌوپجي ٿي. وري
مڇي کائڻ سان اُڃ لڳي ٿي ۽ پاڻي پيئڻو پوي ٿو.
ائين جهڙو پاڻي اڃان به مڇيءَ ڏانهن ويو، اِتي
شاعر مڇيءَ کي پاڻيءَ جو مرده دوست ٿو سڏي.
(43)
بيچون کوٽي دام سون، مِٽي جيو ڪي هان،
بلهاري سونا ڪيجئي، جا سون ٽوٽي ڪان(43).
شاعر چوي ٿو ته جنهن شيءِ جي ڪري دل کي تڪليف رسي،
اُن کي ٿوري اگهه ۾ وڪڻي ڇڏجي. اُهو سون ئي گهوريو
جنهن سان ڪن ڇڄن. هيءَ سنڌي چوڻي به آهي. اردو ۽
هنديءَ ۾ به اهڙي چوڻي آهي: ڦٽ پڙي وه سونا جس سي
ٽوٽي ڪان.
(44)
رحمن ڌاگا پريم ڪا، جن توڙو جهٽڪائي،
ٽوٽي سين ڦِر نه جوڙي، جوڙي گانٺ پڙجائي(44).
رحمن چوي ٿو ته محبت جو رشتو جهٽڪو ڏيئي نه ٽوڙ.
جي جڙي ويو ته به ڳنڍ بيهي رهندي. اِهو مفهوم شاهه
عبداللطيف هيئن ظاهر ڪيو آهي:
ڇنن توءِ م ڇِن، پاءِ اُميري اُن سين.
(45)
تلسي يه سنسار ۾، رهيي سڀي ملاءِ،
ملين سينگهه ماري نهين، انمل ماري گاءِ(45).
تلسيداس اتحاد جي ڳالهه ڪري ٿو. چي ملي جُلي رهجي
ته فائدو آهي. اتحاد جي صورت ۾ شينهن به حملو ڪري
نه سگهندو. نفاق ۾ ڳئون به ماري ويندي.
هيٺيان دوها به فن ۽ فڪر جي لحاظ کان نهايت اعليٰ
۽ وڻندڙ آهن.
دادو دنيا بانوري، پٿر پوجن جائي،
گهر ڪي چڪي ڪوئي نه پوجي، جسڪا پيسا کائي.
رين بن جگ دُکي، سو دکي چندم بن رين،
تم بن بالم هم دُکي، سو دکي درس بن نين.
جو مين جانتي بڇڙت هين سيان، گهونگهٽا ۾ آگ
لگاديتي،
موهي بره اگن ۾ ڦونڪ ديو، جي کول ڪي اپنا دکا
ديتي.
هندي دوهن بابت ٻين ڪتابن مان هيٺين جو فقط ڏس پتو
ئي ملي ٿو، پر دستياب نه ٿيا، جيئن اُنهن مان دوهن
جو انتخاب ۽ شاعرن جو احوال هن مقالي ۾ آڻجي ها:
1-
ڪوتا ڪومدي
2-
هندي ادب جي تاريخ (انگريزي) از ايف. اي. ڪي.
3-
ڪبير جنم ساکي
بهرحال، جيڪو حال حبيبان سو پيش پريان.
حوالا
1-
ڪتابڙو ميران ٻائي، 1900ع ص ص 16-17.
2-
ڏسو راقم جو مقالو: ”سنڌ ۾ هندي شاعري“ سهڻيءَ جو
”موٽندڙ ڇوليون“، جولاءِ 1969ع ص 75 ۽ مشتاق علي
جعفريءَ جو ڪتاب ’سنده ڪي جديد اردو شعراء‘ ظهير
سنز حيدرآباد سنڌ 1961ع، ص 18.
3-
منتخباب هندي ڪلام از ڊاڪٽر جعفر حسن، حيدرآباد
بوڪ ڊيپو حيدرآباد دکن، ص 160.
4-
ايضاً، ص 158.
5-
ايضاً، ص 165.
6-
ايضاً، ص 171.
7-
ايضاً، ص 173.
8-
ايضاً، ص ص 168-184.
9-
ايضاً، ص ص 187، 189 ۽ 191.
10-
قاسمي، مولانا غلام مصطفيٰ، شاهه جو رسالو، (سُر
بيراڳ هندي) بشير احمد سنز ڪراچي، 1951ع، ص 409.
11-
بيراڳ، ص 412.
12-
بيراڳ، ص 404، هن دوهي جي پڙهڻي مون قوالن کان
هيئن ٻڌي آهي. جا صحيح ۽ اصل ٿي لڳي.
پک نهين پاور نهين، پهنچ نهين پي دور،
اُڙ نه سڪون سکيان ري، روون بسور بسور.
بيراڳ ۾ اڪثر دوهن تي سنڌيءَ جو اثر ملي ٿو. مثال
طور:
پر هوون ته اُڏر ملان، مجهه نت نت ماري پيڙ،
جئن جئن ساجن سنڀران، تئن تئن لاگن تير.
(ص 404).
13-
منتخبات، ص 183.
14-
ايضاً، ص 131.
15-
ايضاً، ص 78.
16-
بيراڳ، ص 411.
17-
هي دوهو عام آهي ۽ گهڻو ٻُڌل آهي، پر ڪنهن ماخذ ۾
نظر نه آيو آهي.
18-
منتخبات، ص 69.
19-
ايضاً، ص 69.
20-
ايضاً، ص 38.
21-
ايضاً، ص 14
22-
ايضاً، ص 55.
23-
ايضاً، ص 55.
24-
ايضاً، ص 73.
25-
ايضاً، ص 142.
26-
بيراڳ، ص 408.
27-
منتخبات، ص 95 ٿي سگهي ٿو ته گرونانڪ جو دوهو هجي.
28-
ايضاً، ص 96.
29-
ايضاً، ص 97.
30-
ايضاً، ص 98.
31-
ايضاً، ص 133.
32-
ايضاً، ص 136.
33-
عام طور ڪبير کي ڀڳت ۽ داس سڏيو ٿو وڃي، پر ڪن
حلقن ۾ هن کي مسلمان ڄاتو ويو آهي. سندس هي دوهو
مسلمانن جي عقيدي موجب آهي.
34-
ايضاً، ص 141.
35-
ايضاً، ص 197.
36-
ايضاً، ص 198.
37-
ايضاً، ص 215.
38-
ايضاً، ص 108.
39-
ايضاً، ص 117.
40-
ايضاً، ص 120.
41-
ايضاً، ص 121.
42-
ايضاً، ص 60.
43-
ايضاً، ص 81.
44-
ايضاً، ص 83.
45-
ايضاً، ص 93.
غلام محمد لاکو
سنڌ ۽ قلات لاڳاپن جو هڪ دستاويزي مطالعو
(ميان غلام شاهه ۽ ميان سرفراز جو دور)
سترهين صديءَ جي خاتمي ڌاري مغل شهنشاهت جي زوال
جا آثار نمايان ٿيڻ لڳا. ان دور ۾ سنڌ اندرڪلهوڙن
جو مقامي قبيلو نهايت ڪاميابيءَ سان اقتدار ۾ اچڻ
جي سنبت ڪري رهيو هو. ساڳئي زماني ۾ سنڌ جي اولهه
۾ قلات (بلوچستان) جا بروهي پڻ پنهنجي خانداني
اقتدار کي اڳتي وڌائي رهيا هئا. ورندڙ صدي يعني ته
ارڙهين صديءَ ۾، سنڌ ۾ ڪلهوڙا ۽ قلات ۾ بروهي برسر
اقتدار رهيا. بدقسمتيءَ سان ٻنهي پاڙيسري رياستن
۾، شروع کان وٺي لاڳاپن ۾ خوشگوار ۽ مثبت صورتحال
قائم نه ٿي سگهي، ليڪن ارڙهين صديءَ جي آخري اڌ ۾،
حالتن ۾ تبديلي آئي ۽ روايتي دشمني ختم ڪري
دوستيءَ طرف وک وڌائي وئي. هن مقالي ۾ ڪي قدر
تفصيل سان، اسين سنڌ ۽ قلات جي خوشگوار لاڳاپن جو
اڀياس ڪنداسين، جي ارڙهين صديءَ جي آخري اڌ ۾
استوار ٿيا.
سنڌ ۽ قلات لاڳاپن جو تاريخي پس منظر:
مير احمد خان اول قلات جو پهريون احمدزئي حڪمران
آهي. هن جو دور 1666ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1695ع ۾ ختم
ٿيو. ان کان پوءِ مير محراب خان طاقت ۾ آيو(1).
ميان نصير محمد ڪلهوڙن جو پهريون مقامي حاڪم آهي.
هن 1681ع ڌاري ڪاڇي جي علائقي ۾ پنهنجي حڪمراني
قائم ڪئي. سندس وفات 1692ع ۾ ٿي. بعد ۾ ميان دين
محمد اقتدار جي مسند سنڀالي. هن پنهنجي اقتدار ۽
اختيار کي توسيع ڏني(2). ميان دين محمد جي دور ۾
ڪلهوڙا مخالف قوتن ۾ بروهي پڻ شمار ٿين ٿا. قنبر
خان بروهي لشڪرڪشي ڪري سنڌ ۾ آيو، ليڪن ڪلهوڙن جي
هڪ امير ’ميرڻ‘ سان صلح ڪري موٽي ويو(3). قنبر خان
بروهي، قلات جي حاڪم امير احمد خان جو پٽ هو(4).
ميان دين محمد ۽ شهزادي معزالدين جي وچ ۾ ٿيل
معرڪن وقت، ميان يار محمد پنهنجي خاندان سان،
جابلو لَڪَ ٽپي قلات جي حدن ۾ داخل ٿيو. ان وقت
ڪلهوڙن سان معرڪو ڪندي، قلات جو حاڪم محراب خان
مارجي ويو(5). هن واقعي سبب ڪلهوڙن ۽ بروهين جي
لاڳاپن ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي. ڪلهوڙا ان وقت ڪمزور
۽ بيوس هئا. قلات جي حدن ۾ ڪجهه وقت رهڻ بعد ميان
يار محمد وطن موٽي آيو. ليڪن سندس اولاد ۽ عزيزن
کي قلات جي حاڪمن يرغمال طور پاڻ وٽ رکيو. بعد ۾
جڏهن يار محمد مقامي طور تي مضبوط حاڪم ٿي اُڀريو
۽ مغلن سان لاڳاپن کي درست ڪري ورتائين، تڏهن
شاهي مدد سان هن جا ٻار ٻچا آزاد ٿيا. نه رڳو
ايترو پر بروهين جي خواهش جي برعڪس سبي پرڳڻو به
ڪلهوڙن کي ڏنو ويو(6). مير محراب خان جي قتل کان
پوءِ، مير سمندر خان قلات جو والي بنيو. سندس دور
۾ به ميان يار محمد سان لاڳاپن ۾ ڪشيدگي رهندي
آئي. سمندر خان 1714ع ۾ فوت ٿيو. ميان يار محمد
پنج سال پوءِ هي جهان ڇڏيو.
سن 1719ع ۾ سنڌ ۾ ميان نورمحمد نئون حڪمران بنيو.
ان وقت قلات ۾ مير عبدالله خان جي سربلندي قائم
هئي. ٻنهي حڪمرانن ۾ ڇڪتاڻ وڌندي رهي. ان جو
بنيادي سبب سبي، گنجابو ۽ ڪڇيءَ وارو علائقو هو،
جن تي ڪلهوڙن جي حڪمراني قائم هئي(7). عبدالله
خان، قلات جو نامور حڪمران ٿي گذريو آهي. کيس
”ڪوهستان جو شهباز“ سڏيو ويندو هو. هن اوڙي پاڙي
جي ناظمن کي دٻائي قبضي ۾ آندو. هن جو ارادو ٿيو
ته ڪلهوڙن کي مطيع ڪجي، ۽ انهن کان سبي، گنجابو ۽
ڪڇي وارو پرڳڻو هٿ ڪجي. ان پس منظر ۾ ڇڪتاڻ وڌندي
وئي. ميان جي لشڪر ۽ عبدالله خان ۾ پهريون معرڪو
سن 1731ع (1143هه) ۾ ٿيو. بروهين شڪست کاڌي. 1732ع
(1144هه) ۾ ٻيو دنگل ٿيو. عبدالله خان لشڪر سان
فريدآباد جي ڪاڇي جي علائقي ۾ ظاهر ٿيو. ميان نور
محمد پنهنجو سپاه سندس مقابلي لاءِ موڪليو ۽ پاڻ
اچي لاڙڪاڻي ۾ ٽِڪيو. جذپهر جي جنگ ۾ عبدالله خان
مارجي ويو. آئينده لاءِ بروهين جو زور ٽٽي پيو(8).
صلح جي شرطن موجب مير مراد علي خان (عبدالله خان
جو سوٽ) جي نياڻي، مرادياب خان جي نڪاح ۾ آئي،
جڏهن ته مير عبدالله خان جي ڌيءَ سان، صاحبزادي
خداداد خان شادي ڪئي(9). هن سوڀ تي دهلي درٻار
ميان نور محمد کي ”ثابت جنگ“ جو لقب، پنج هزاري
منصب، خلعت ۽ نوبت سان نوازيو(10). بروهين لاءِ هي
وڏو نقصان ۽ صدمو هو. عبدالله خان کان پوءِ هن جو
پٽ محبت خان قلات جو والي ٿيو.
ميان نور محمد کي 1737ع (1150هه) ۾ ٺٽو صوبو پڻ
مليو، ان طرح ميان صاحب سنڌو ماٿر جي هڪ وڏي سياسي
توڙي فوجي قوت ٿي اُڀريو. ليڪن ٻه سال پوءِ نادر
شاهه جو ظهور ٿيو. دهلي سلطنت جي برباديءَ کان
پوءِ نادر سنڌ پهتو. نادر شاهه واپس وڃڻ وقت سنڌ
ملڪ جو ورهاڱو ڪيو.
سيوي پٺاڻن، شڪارپور دائود پوٽن ۽ باقي رهيل ملڪ
ڪلهوڙن کي مليو(11). غلام رسول مهر جو رايو آهي ته
عبدالله خان جي قتل جي عيوض، نادر شاهه سبي ۽ ڪاڇو
(ڪڇي)، ڪلهوڙن کان کسي مير محبت خان جي حوالي
ڪيا(12). مير احمد يار خان، ڪلهوڙن کان خون بها ۾،
”ڪڇي“ ملڻ جي ڳالهه ڪري ٿو(13). عبدالعزيز لوڻي
موجب ڪڇي- گنڌاواه بروهين کي مليا، جڏهن ته سبي اڳ
۾ ئي قنڌار جو حصو بنجي چڪي هئي(14). اسان جي خيال
۾ سبي ان وقت به سنڌ جو حصو هئي، جا نادر شاهه
ڪلهوڙن کان کسي هئي. ميان نورمحمد کي علائقن جي
کسجڻ جو آخر تائين صدمو رهيو. پاڻ پنهنجي تحريري
وصيتنامي ۾ به پٽن کي ”سبي“ کي نه وسارڻ جو تاڪيد
ڪندي ڏسجي ٿو(15). مير محبت خان 1749ع ۾ فوت ٿيو،
تڏهن مير نصير خان اول حڪمران بنيو. ميان نور محمد
1753ع ۾ جهان ڇڏيو. ميان محمد مرادياب جي دور ۾
سنڌ ۽ قلات لاڳاپا حسب سابق رهيا.
ميان غلام شاهه جو دور:
اميرن 1757ع (1170هه) ۾ مرادياب خان کي معزول ڪري،
ميان غلام شاهه کي سنڌ جو حاڪم بنايو. ان بعد ملڪ
۾ گهرو لڙائي شروع ٿي ويئي. آخرڪار ميان غلام شاهه
مخالفن تي حاوي ٿي سڄي سنڌ جو حڪمران بنجي ويو.
خانبهادر خداداد خان سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه
جي سوڀ جي حوالي سان لکيو آهي ته: هن جي حڪومت هر
ايندڙ ڏينهن تي مستحڪم ٿيندي وئي، جو نيٺ سندس
ڀائر ۽ ٻيون قومون، جن شرارت تي سندرو ٻڌو، بلڪل
ڪمزور ٿي ويون ۽ آڻ مڃي، سندس فرمانبردار بنجي
پيون. ڪڇ جي راءِ کان بست ۽ لکپت بندر، بهاولپور
جي نواب کان اُچ ۽ سبزل ڪوٽ ۽ قلات جي خان کان به
ڪي علائقا وٺي سرخرو ٿيو(16). ميان جي هن سوڀ جي
ڪري، قنڌار جي بادشاهه پاران ”هزبر جنگ شاهه وردي
خان“ ۽ ”صمصام الدولہ“ جا لقب عطا ٿيا. ان کان
علاوه ميان صاحب کي ديره اسماعيل خان ۽ ديره غازي
خان جو انتظام پڻ حوالي ڪيو ويو. هن دور ۾ قلات جو
حاڪم مير نصير خان اول هو، جنهن جي تاريخن ۾ وڏي
نيڪي ٿي آهي. جنهن وقت سنڌ ۾ گهرو ويڙهه هئي، ان
وقت ميان غلام شاهه کي نصير خان جي مدد حاصل
رهي(17). غلام شاهه جڏهن مضبوط حڪمران ٿي اُڀريو،
ان وقت مير نصير خان، سنڌ جي حاڪم سان دوستي ۽ صلح
جو معاهدو ڪيو. ان طرح سنڌ ۽ قلات ۾ ڊگهي ڪشمڪش جو
خاتمو ٿيو ۽ هن معاهدي جي ذريعي ٻنهي پاڙيسري
رياستن ۾ تعلقات بهتر رخ ۾ هلڻ شروع ٿيا(18).
”قومي عجائب گهر“ ڪراچيءَ ۾ ياقوت الموصليءَ جو
ڪتابت ٿيل قرآن مجيد جو هڪ نسخو موجود آهي. هي
نسخو پنهنجي لکت، جلد بندي ۽ صحت جي اعتبار کان
نهايت ئي اعليٰ درجي ۾ شمار ٿئي ٿو، هن نسخي جي
مهڙ ۾ قلات جي خان پاران، ڪلهوڙن سان ڪيل صلح جا
ٻه عهدناما موجود آهن(19). تاريخي طور نه رڳو
ڪلهوڙن ۽ قلات جي حوالي سان، پر مجموعي طرح سان
سنڌ جي تاريخ ۾ به هنن عهدنامن جي وڏي اهميت آهي،
خان قلات پاران پهريون عهدنامو 4 صفر المظفر
1186هه (7 مئي 1172ع) تي ڪيو ويو. ان وقت سنڌ جو
حاڪم ميان غلام شاهه هو، جنهن ٽي مهينا پوءِ 2
جمادي الاول 1186هه (1، آگسٽ 1772ع) تي وفات ڪئي.
عهدنامي جو متن هن طرح آهي:
غرض از تحرير اين کلمات باهر البينات و تسطير اين
نمغات واضح الدلالات آنست که چون... اسلاف کرام و
اجداد عظام اين بنده درگاه آله و عالي جاه رفيعي
پگاه حشمت و شوکت دستگاهه اميرالامراء العظام....
الکبراء الفجام اخوي مکاني ميان شاه ويردي خان
عباسي هميشه اوقات روابط و دوستي و اتحاد منوط و
مربوط و درروز بد معاون يک ديگر بوده اندو درين
چند.... کجروي فلک دوّار و نيرنگي زمانه ناهنجاربي
موجب و عبث از جانبين نفار و سوء مزاج بهم رسيده
از آنجا که دنيا را اعتباري و عمر ها را بقائي
نيست بنابرين برما لازم است که بدستور پدران سلف
بناي روابط دوستي را فيما بين محکم نمايم بناء
عليه بنده درگاه برخود لازم و متحتم نمودم و همين
کلام مجيد رباني را با مؤکلين آن شاهد مدعا گرفته
با خداي تعاليٰ جل شانه و رسول خدا عليه افضل
الصلواة و اکمل التحيات عهد کردم که به مضمون آيه
وافي هدايه ”يا ايهاالذين آمنو اوفو بالعقود“ بر
عهد خود استوارو و مادام الحيات باعالي جاه معلي
جايگاه ميان شاه ويردي خان عباسي ظاهراً و باطناً
دوست ويکرنگ بوده دوست يکديگر را دوست و دشمن
يکديگر را دشمن دانسته بقدر سرموي ازين عهد ميثاق
تجاوز ننمائيم و مادام که به مصداق ”فيها نقضهم
ميثاقهم“ از جانب عالي جاه شاه ويردي خان معظم
اليه در عهد و ميثاق تفاوتي بعمل نيايد بفضل الهيٰ
از طرف بندهء درگاه تفاوتي نخواهد شد. اميد بفضل
خداي تعاليٰ عز اسمه چنان است که اين طرح دوستي و
اتحاد و برادري نسلً بعد نسل تاهفت پشت برقرار
بماند و هم اين عهد درميان است که هرگاه
خدانخواسته دشمني بطرف عاليجاه شاه ويردي خان
اراده فتنه نمايد و کجرو اعلام و اظهار عالي جاه
معظم اليه بندهء درگاه بلا تامل باجمعيت کامل
بامداد پردازم و هرگاه با بندهء درگاه دشمني اراده
شورش و فساد نمايد بمجرد اعلام بنده درگاه عالي
جاه شاه ويردي خان باستعداد تمام بمعاونت بيايد
ومي بايد عالي جاه مشاراليه به تمثال ”فلاتنقضوا
الايمان“ بعد توکيدها مادام الحيات با بنده درگاه
موافق همين. عهود يکدل و يکجهته باشد و اين شروط و
عهود از جانبين موافق آيه شريفه ”الذين يوفون
بعهدالله و تنقضون الميثاق“ نسلً بعد نسل و بطنً
بعد بطن برقرار و مستحکم بوده باشد و هرگاه هريک
از بنده درگاه و عالي جاه معظم اليه بقدر سوموي
تفاوت بکنيم به نفرين خدا و رسول خدا گرفتار و در
صحرائي محشر در نزد خدا و جناب پيغبر عليه الصلواة
شرمسار باشد و همين کلام مجيد خصم او و اولاد او
باشد. اميد بفضل خداي تعاليٰ است که اين عهد دوستي
و عهد و ميثاق تا انقراض عالم نسل بعد نسلً از
جانبين مستحکم و برقرار باشد اين دوسه کلمه بنا بر
عهد نامچه قلمي شد في التاريخ چهارم صفر المظفر
1176هه (بيضوي مهر)
[ترجمو: هي چٽيون ڳالهيون ۽ ظاهر دليل لکڻ جو مقصد
هي آهي ته جيئن ته هن درگاهه جي بندي جي ابن ڏاڏن
۽ عالي جاه بلند درجات، حشمت و شوڪت دستگاه،
اميرالامراء العظام الکبريٰ الفجام اخوي مڪاني،
ميان شاهه ويردي خان عباسيءَ جي وچ ۾ هميشه دوستي۽
اتحاد جا رابطا قائم رهيا آهن ۽ بُرن ڏينهن ۾ به
اهي هڪٻئي جا مددگار رهندا هئا. جيئن ته تبديل
ٿيندڙ دور جي منافقي ۽ بي وفا زماني جو اعتبار
ڪونهي ۽ عمر کي جٽاءُ ڪونهي. ان ڪري اسان تي لازم
آهي ته اسين پنهنجن ابن ڏاڏن جي دستور موجب، پاڻ ۾
دوستيءَ جا رابطا مضبوط بنايون. ان طرح هن درگاهه
جو بندو پاڻ تي هي لازم سمجهي ٿو، ۽ هن ڪلام مجيد
کي ٻنهي ڌرين ۾ شاهد بنائي الله تعاليٰ ۽ رسول خدا
عليہ افضل الصلواة و اڪمل لتحيات سان عهد ڪجي ٿو
ته، هن وڌيڪ
هدايت واري آية سڳوريءَ موجب ”يا ايهاالذين آمنوا
اوفو بالعقود“ پنهنجي واعدي تي قائم رهندس ۽ سڄي
زندگي عالي جاه معليٰ جايگاه ميان شاه ويردي خان
عباسيءَ سان، ظاهري ۽ باطني طور تي دوست ۽ هڪ
ڳالهه رهندس. هڪ ٻئي جي دوست کي دوست ۽ هڪ ٻئي جي
دشمن کي دشمن سمجهنداسين ۽ هن واعدي ۾ وار جيتري
به وٿي پوڻ نه ڏينداسين. ۽ هميشه ”فيما نقصهم
ميثاقهم“ موجب عالي جاه شاه ويردي خان معظم اليہ
جي طرف کان به هن عهد ۽ ميثاق جي خلاف ورزي نه
ٿيندي، ۽ نه وري هن درگاهه جي بندي پاران خلاف
ورزي ٿيندي. اميد آهي ته خدا تعاليٰ جي مهربانيءَ
سان دوستي، ڀائپي ۽ اتحاد جو هي بنياد هڪ نسل کان
ٻئي نسل تائين، ستن پيڙهين تائين ائين ئي قائم
رهندو. ۽ هي واعدو وچ ۾ آهي ته خدا نه ڪري، جيڪڏهن
ڪو دشمن عالي جاه شاهه ويردي خان جي طرف فتني جي
ارادي سان آيو ۽ فساد جو اعلان يا اظهار ڪندو ته
عالي جاه جي درگاهه جو هي بندو، ڪنهن به دير کان
سواءِ پوري لشڪر سان مدد لاءِ پهچندو. ۽ جيڪڏهن ڪو
هن درگاهه جي بندي سان دشمني يا شورش جو ارادو
ڪندو ۽ فساد پيدا ڪندو ته صرف اطلاع ملڻ سان عالي
جاه شاه ويردي خان، پنهنجي پوري طاقت سان مدد لاءِ
ايندو. ۽ ائين ٿئي جو عالي جاه ”فلاتنقضوا
الايمان“ موجب سڄي حياتي هن درگاهه جي بندي سان هن
عهد تي هڪ دل ۽ هڪ طرف رهي. هي شرط ۽ واعده ٻنهي
طرفن کان آية شريف ”الذين يوفون بعهد الله و
تنقضون الميثاق“ موجب هڪ نسل کان ٻئي نسل ۽ هڪ
پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهيءَ تائين برقرار ۽ مستحڪم
رهندا ۽ جيڪڏهن ٻنهي ڌرين مان يعني هن درگاهه جي
بندي يا معظم عالي جاه مان، ڪوبه هڪ وار جيترو به
هن عهدنامي ۾ فرق ڪندو ته خدا ۽ رسول خدا جي نفرت
۾ گرفتار ٿيندو ۽ حشر جي ڏينهن خدا ۽ پيغمبر عليہ
الصلواة جي سامهون شرمسار ٿيندو. هي قرآن مجيد ان
جي لاءِ ۽ سندس اولاد جي لاءِ ڪاوڙ جو باعث ٿيندو.
الله تعاليٰءِ جي فضل سان اميد آهي ته دوستيءَ جو
هي عهد ۽ ميثاق هن دنيا جي خاتمي تائين هڪ نسل کان
ٻئي نسل تائين، ٻئي طرف مستحڪم ۽ برقرار رهندو. هي
ٻه ٽي لفظ عهدنامي طور لکيا ويا. تاريخ چوٿين
صفرالمظفر 1186هه).
ميان سرفراز جو دور:
سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه 2- جمادي الاول 1186هه
(1- آگسٽ 1172ع) تي وفات ڪئي، بعد ۾ هن جو وڏو پٽ
ميان سرفراز سنڌ جو حاڪم بنيو. اڍائي مهينا پوءِ
20 رجب المرجب 1186هه (17 آڪٽوبر 1772ع) تي
افغانستان جي بادشاهه احمد شاهه ابدالي به هي فاني
جهان ڇڏيو. قنڌار ۾ اقتدار جي جنگ شروع ٿي، ليڪن
تمام جلد حالتن تي ضابطه ڪري، تيمور نئون افغان
بادشاهه بنجي ويو. ميان سرفراز جي سفارتڪاري، سنڌ
۽ افغانستان جي لاڳاپن کي اڳ وانگر (غلام شاهه جي
دور جيان) معمول تي رکڻ ۾ ڪامياب ٿي. ميان سرفراز
کي ”خدا يار خاني“ لقب ملڻ سان گڏ، ديري غازي خان
جي حڪومت پڻ ملي. ان کان پوءِ سنڌ جي حاڪم ڪڇ تي
ڪامياب حملا ڪري سوڀون ماڻيون(20). قلات جي والي
نصير خان سنڌ جي نئين حاڪم کي تسليم ڪندي دوستي
توڙي صلح جو هٿ وڌايو. محمد نصير خان 6 محرم
1187هه (30 مارچ 1773ع) تي ميان سرفراز سان صلح ۽
تعاون جو نئون پيمان ڪيو. قلات جي پاران هڪ سال
کان به گهٽ عرصي اندر سنڌ ملڪ سان دوستي ۽ صلح جو
هي ٻيو عهدنامو ڪيو ويو هو. معاهدي جو متن هن طرح
آهي:
باعث تحرير اين کلمات باهرالبينات آنست، که درزمان
حيات عالي جاه مرحمت و غفران رضوان آرام گاه ميان
شاه ويردي خان عباسي فيمابين بنده درگاه آله و
غفران پناه موصوف بناي صفاي دلها بدين قرار انجام
پذير گرديده بود که مادام الحيات ظاهراً و باطناً
نسلً بعد نسل بطنً بعد بطن دوست يکديگر را دوست و
دشمن يکديگر را دشمن دانسته. در روز بد معاونِ
يکديگر باشيم و بقدر سرموئي تجاوز ننمائيم چنانچه
بر ظهر ورق اول مصحف مجيده و فرقان حميد اين معنيٰ
اندراج يافته. درين ولا که فيمابين بندهء درگاه
الهٰ و عالي جاه رفيعي پگاه حشمت و شوکت دستگاه
امير الامراء العظام ابن الکبراءُ الفجام يگانگي
توامان اخوي مکان خدايار خان عباسي رابطه يک جهتي
و يک وجودي وقوع يافته، همان عهد و ميثاق که از
روئي تحرير برورق ظهر مصحف مجيد استحکام گرفته
همان کلام رباني بامؤکلين آن شاهد مدعا گرفته
مستحکم کرده شد. انشاء الله تعاليٰ. مادام الاوقات
که از جانب عالي جاه اميرالامراء العظام اين
رابطئه يگانگي و اتفاق و اين واسطئه دوستي و وفاق
که دوست يکديگر را دوست و دشمن يکديگر را دشمن و
مابين طرح يکرنگي و يک وجودي و در روز بد معان
يکديگر باشند، سرموئي تفاوت نکرده بمصداق آيئه
کريمه ”فيما نقضهم ميثاقهم“ بر عهود مؤکده و
مواثقه استقامت و رزيم. کفيٰ بالله شهيدا. اين
حروف بنا بر عهد نامچه قلمي شد بتاريخ ششم شهر
محرم الحرام 1187هه. (بيضوي مهر)
(ترجمو: هنن ڳالهين جي اظهار جو سبب هي آهي ته
عالي جاه مرحمت و مغفرت پناه بهشت ۾ آرام ڪندڙ،
ميان شاه ويردي خان عباسيءَ جي زماني ۾ (حياتيءَ
۾)، ان سان هن درگاهه جي ناچيز بندي جو هي عهدنامو
طئه ٿيو هو ته، پوري زندگي اسين ظاهري ۽ باطني طور
تي نسل در نسل ۽ پيڙهي به پيڙهي، هڪ ٻئي جي دوست
کي دوست ۽ هڪ ٻئي جي دشمن کي دشمن سمجهنداسين ۽
خراب ڏينهن ۾ هڪ ٻئي جا مددگار ٿينداسين ۽ وار
جيترو به فرق نه ڪنداسين. چنانچه قرآن حڪيم جي
پهرئين ورق تي هي عهدنامو تحرير ڪيو ويو. هن دور ۾
هن درگاهه جي بندي ۽ عالي جاه بلند مرتبت، صاحب
حشمت و شوڪت، اميرالامراء خدايار خان عباسيءَ جي
وچ، ٻڌي ۽ اتحاد جو عهدنامو ٿيو آهي. ساڳيو ئي عهد
۽ انجام جو قرآن حڪيم جي پهرئين ورق تي تحرير ٿيو،
ان کي مستحڪم ڪيو آهي. ساڳيو ڪلام رباني ٻنهي ڌرين
جي وچ ۾ شاهد بنائي مضبوط (عهدنامو) ڪيو آهي.
انشاء الله تعاليٰ هميشه اميرالامراء جي طرف کان
هي يگانگيءَ جو رابطو ۽ اتفاق توڙي هي دوستي ۽
وفاق، ته هڪ ٻئي جي دوست کي دوست ۽ دشمن کي دشمن
سمجهيو ويندو. ۽ پاڻ ۾ هڪ هجڻ توڙي اتفاق جا بنياد
پختا ڪنداسين ۽ بُرن ڏينهن ۾ هڪ ٻئي جا مددگار
ٿينداسين. وار جيترو فرق به نه ٿيندو. قرآن ڪريم
جي هن آية مبارڪ موجب ”فيما نقضهم ميثاقهم“ پنهنجي
واعدي تي پوري طرح قائم رهنداسين ۽ استقامت
رکنداسين. الله تعاليٰ جي شاهدي ڪافي آهي. هي ڪجهه
اکر عهدنامي جي طور تي لکيا ويا آهن. تاريخ ڇهين
محرم الحرام 1187هه).
عهدنامن جو تجزيو ۽ نتيجو:
ميان غلام شاهه ۽ ميان سرفراز جي دور ۾، خان قلات
پاران ٿيل عهدناما مٿي اچي چڪا آهن. هاڻي اسين
انهن جو تجزيو ڪندي، نتيجن تي غور ڪنداسين. اسان
هن مقالي جي مُهڙ ۾ سنڌ جي ڪلهوڙا حڪمرانن ۽ قلات
جي بروهي والين جي لاڳاپن جو سرسري ذڪر ڪيو آهي.
ٻنهي پاڙيسري رياستن ۾ تعلقات جو هڪ دور سن 1740ع
(1152هه) ۾ ان وقت پورو ٿيو، جڏهن نادر شاهه سنڌ ۾
آيو ۽ وطن واپس ويندي ڪي فيصلا ڪري ويو. جيتوڻيڪ
ميان نورمحمد ڪلهوڙو سبي ۽ ڪڇي علائقن جي کسجڻ تي
ظاهري طرح خاموش رهيو، ليڪن آخر وقت تائين به ان
واقعي کي وساري نه سگهيو. نادر شاهه کان پوءِ
بروهين ۽ ڪلهوڙن ۾ نه دشمني رهي ۽ نه دوستاڻا
لاڳاپا پيدا ٿي سگهيا. سن 1749ع ۾ محبت خان فوت
ٿيو ته مير نصير خان قلات جو والي ٿيو. عام، طرح
تاريخن ۾ نصير خان جي واکاڻ ڪئي وئي آهي. چار سال
پوءِ ميان نورمحمد به جهان ڇڏيو. ان بعد محمد
مرادياب خان سنڌ جو حڪمران بنيو.
ميان غلام شاهه سن 1757ع ۾ سنڌ جو حڪمران بنيو،
تڏهن سندس ڀائرن ۾ اقتدار جي لڙائي شروع ٿي. جيئن
مٿي ذڪر ٿيو، قلات جي والي مير نصير خان گهرو
ويڙهه جي زماني ۾ ميان غلام شاهه جي مدد ڪئي. ان
طرح سنڌ ۽ قلات جي لاڳاپن ۾ بِگاڙ جي برف پگهرجڻ
شروع ٿي. ميان غلام شاهه جي حڪمرانيءَ واري پوري
عرصي ۾، قلات سان سٺا ۽ خوشگوار تعلقات قائم رهيا.
نيٺ 7 مئي 1772ع (4 صفر المظفر 1186هه) تي مير
نصير خان قرآن مجيد تي، سنڌ جي حاڪم سان دوستي ۽
صلح جو عهدنامو ڪيو. عهدنامي ۾ ميان غلامي شاه
لاءِ ”عالي جاه بلند مڪان شاهه ويردي خان“ جهڙا
عمدا لفظ ۽ لقب القاب استعمال ڪيا ويا آهن. خان
قلات پاڻ کي (پنهنجي حڪومت کي) جنهن طرح پيش ڪيو
آهي، ان ذريعي سنڌي حاڪمن جي بالادستي عيان ٿئي
ٿي. ان کان پوءِ وعدو ڪيو ويو آهي ته ٻئي رياستون
هڪ ٻئي جي دشمن کي دشمن ۽ دوست کي دوست سمجهندي،
ڪنهن بيروني حملي جي حالت ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪنديون.
ابن ڏاڏن جي دوستاڻا تعلقات جو ذڪر ڪندي، ستن
پيڙهين تائين درست لاڳاپا قائم رکڻ جو وچن ڪيو ويو
آهي. هن عهدنامي کان ٽي مهينا پوءِ ميان غلام شاهه
1 آگسٽ 1772ع (2 جمادي الاول 1186هه) تي وفات ڪئي.
ان کان پوءِ ميان سرفراز سنڌ جو حاڪم ٿيو. مير
نصير خان دوستي ۽ صلح جي پيمان کي تازو ڪندي 30
مارچ 1773ع (6 محرم الحرام 1187هه) تي ساڳئي ڪلام
مجيد تي، سنڌ سان هڪ نئون عهدنامو ڪيو. ميان غلام
شاهه فوت ٿي چڪو هو، ان پس منظر ۾ هن کي ”عاليجاهه
مرحمت و غفران رضوان آرام گاهه ميان شاهه ويردي
خان عباسي“ جهڙن موزون اکرن ۽ لقبن القابن سان ياد
ڪيو ويو آهي. ميان سرفراز لاءِ ”امير الامراء
العظام“ جهڙا وڻندڙ لقب چونڊي، اڳئين عهدنامي جو
ورجاء ڪندي، سنڌ سان صلح ۽ دوستي پڪي ڪرڻ جو واعدو
ڪيو ويو. هن ٻئي عهدنامي ۾ ميان سرفراز جو لقب
خدايار خان لکيل آهي، جڏهن ته ميان صاحب جو لقب
”خدايار خاني“ درست ۽ ثابت آهي(21). پهرئين
عهدنامي ۾ ابن ڏاڏن جي دور کان وٺي قلات ۽ سنڌ جي
سٺن لاڳاپن جو حوالو، تاريخي پس منظر ۾ ڪابه وقعت
نه ٿو رکي، ان کي سفارتي زبان کان وڌيڪ اهميت نه
ڏيڻ کپي.
ارڙهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ سنڌ ۽ قلات ۾ ڪشمڪش
جاري رهي. قلات جي خانن، سنڌ جي حاڪمن کي ڊيڄارڻ ۽
هيسائڻ لاءِ ڪيئي ڪوششون ڪيون، ليڪن کين هر ڀيري
ناڪامي حاصل ٿي. ذڪر هيٺ دور ۾ ڪلهوڙا بروهي ڇڪتاڻ
بابت، عبدالعزيز لوڻي مفصل بحث ڪيو آهي. بروهي
حڪمران سياسي، فوجي ۽ سفارتي محاذن تي ڪلهوڙن جي
ڀيٽ ۾ ڪمزور هئا. نادر شاهه جي مدد سان بروهين
پنهنجا مقصد حاصل ڪندي، ڪلهوڙا حاڪمن کي ڪمزور ڪرڻ
جو جتن ڪيو(22). ان هوندي به سڀني پاڙيسري رياستن
جي ڀيٽ ۾، سنڌي حڪمران وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ثابت
ٿيا. مير نصير خان پاران ڪيل عهدنامن کي ان پس
منظر ۾ پرکڻ کپي. هنن پيمانن کي معاهدي بدران
عهدنامو سڏڻ وڌيڪ بهتر ٿيندو، ڇو ته معاهدا ٻه
طرفا ٿيندا آهن. جڏهن ته هي عهدناما هڪ طرفه (خان
قلات جي پاران) آهن. عام طرح ميان سرفراز کي ڪمزور
۽ سياسي طرح نابالغ حاڪم سڏيو ويو آهي. مير نصير
خان جو ٻيو عهدنامو، ميان سرفراز جي مضبوط حڪمراني
۽ سفارتي ڪامرانيءَ جو هڪ معتبر ثبوت مهيا ڪري ٿو.
هنن عهدنامن جي ڪري اڳتي هلي قلات جي والي مير
نصير خان، امن توڙي جنگ جي حالت ۾ ڪلهوڙن جو ساٿ
ڏنو. مئي 1775ع (ربيع الاول 1189هه) ۾ مير بهرام ۽
مير صوبدار قتل ٿيا. درٻارين ميان سرفراز کي معزول
ڪيو، نتيجي ۾ سنڌ اندر گهرو جنگ جو آغاز ٿيو. مير
بجار ان وقت حج تي ويل هو. مير بجار حج تان موٽندي
ٻاهران ئي قلات پهتو.ڪلهوڙن جي برخلاف خان قلات
کان مدد گهريائين، ليڪن مير بجار کي اهڙي مدد نه
ملي. عبدالمجيد جوکيو لکي ٿو ته: مير نصير خان
براهوي کان مدد ۽ لشڪر جي رفاقت وٺڻ جو ارادو
ڪيائين، ليڪن هن کي معلوم ٿيو ته هن کي اهڙي مدد
نه ملندي، ڇو ته ڪوهستان جي خان کي راڄو ليکي رشوت
ڏئي اهڙو معاهدو ڪرائي ورتو آهي(23). مير نصير خان
پاران بجار کي فوجي مدد نه ملڻ کي، مٿي آيل
عهدنامن جي پس منظر ۾ ڏسڻ کپي. رشوت ڏيڻ ۽ راڄو
ليکيءَ کي ملوث ڪرڻ واري ڳالهه کي، ليکي ۽ ٽالپور
تڪرار جي آئيني ۾ ڏسڻ کپي. عبدالنبيءَ جي دور ۾
ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن ۾ جيڪي به جنگيون ٿيون، انهن
۾قلات جي لشڪر ڪلهوڙن جي مدد ڪئي، ڇو ته ڪلهوڙن
سان دوستي ۽ امن جي عهدناما ڪندڙ مير نصير خان
بروهي اڃا زنده هو.
حوالا ۽ حاشيا
(1)
Mir Ahmed Yar Khan: “Inside Baluchistan”, p. 76,
Royal Book Company, Karachi, 1975.
(2)
غلام محمد لاکو: ”ارڙهين صديءَ ۾ سنڌ جون سماجي-
سياسي حالتون ۽ ادارن جو مطالعو“ (اڻ ڇپيل ڊاڪٽريٽ
ٿيسز)، ص 63.
(3)
مير علي شير قانع: ”تحفة الڪرام“، ترجمو مخدوم
امير احمد، ص 260، سنڌي ادبي بورڊ، 1976ع.
(4)
غلام رسول مهر: ”تاريخ ڪلهوڙا“ حصو پهريون، ص 166،
سنڌي ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ، 1963ع. پڻ ڏسجي
”اِنسائيڊ بلوچستان“، ص 76.
(5)
تحفة الڪرام، ص 261-262.
-
بلوچ مؤرخ هن واقعي جو سال 1695ع کان ٿا، جو درست
ڪونهي.
(6)
تاريخ ڪلهوڙا، حصو پهريون، باب پنڌرهون ۽ باب
سورهون، مختلف صفحا.
(7)
تاريخ ڪلهوڙا، حصو پهريون، ص 343.
(8)
تحفة الڪرام، ص 266-267.
(9)
منشور الوصيت و دستور الحڪومت، ضميمو ڇهون، ص
142-144، ترتيب: سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي
بورڊ 1964ع.
(10)
ماثرالامراء، جلد اول، مترجم: محمد ايوب قادري، ص
815، مرڪزي اردو بورڊ لاهور، 1968ع.
(11)
تحفة الڪرام، ص 268.
(12)
تاريخ ڪلهوڙا، حصو پهريون، ص 394.
(13)Inside
Baluchistan, p.p. 82-83.
(14)A.
Aziz Luni: “Afghans of the Frontier passes”, p.
227.
(15)
منشور الوصيت و دستور الحڪومت، ص 26.
(16)
لب تاريخ سنڌ، ترجمو: حافظ خير محمد اوحدي، ص 154،
سنڌي ادبي بورڊ، 1989ع.
(17)
تحفة الڪرام، ص 277.
(18)
مقاله نگار، ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري صاحب (ڊي. سي.
سکر) ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب جو شڪر گذار آهي،
جن جي معرفت قومي عجائب گهر (ڪراچي) مان، هنن
تاريخي عهدنامن جي فوٽو ڪاپي ملي. ڊاڪٽر خضر
نوشاهي صاحب عهدنامن جي نقل ڪرڻ ۽ درست ترجمي ۾
مدد ڪئي. اهڙي علمي تعاون لاءِ ٽنهي دوستن جي
مهرباني مڃڻ لازم ٿئي ٿي.
(19)
سيد محمد شاهه بخاري: ”قومي عجائب گهر مين مخطوطات
کا ذخيره“، ص 134، سه ماهي ”فکر و نظر“ ڊسمبر
1997ع- مارچ 1998ع.
-
ابتدا ۾ انهن عهدنامن جو حوالو مرزا عباس علي بيگ
مرحوم ڏنو ۽ پڻ جزوي طرح انهن کي ڪتب آندو (خدا
يار خاني ميان سرفراز خان عباسي، ص 11-12؛ ص
128-130، سنڌالاجي 1980ع).
(20)
تحفة الڪرام (فارسي) ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي،
ص 475-478، سنڌي ادبي بورڊ، 1971ع.
(21)
مرزا قليچ بيگ (اي هسٽري آف سنڌ ص 164) ۽ غلام
رسول مهر (تاريخ ڪلهوڙا، حصو ٻيون، ص 612، سنڌي
ڇاپو) جي برعڪس مير علي شير قانع ميان سرفراز جو
لقب ”خدا يارخاني“ لکيو آهي (تحفة الڪرام، ص 476،
راشدي صاحب وارو ايڊيشن) جو درست ۽ ثابت آهي.
(22)
A. Aziz Luni: “Afghans of the frontier passes,”
p.p 224-225.
نوٽ: عبدالمجيد جوکيو: ”تاريخ بلوچي“ ترجمو: سيد
خضر نوشاهي، ص 32، ڪلهوڙه سيمينار ڪميٽي ڪراچي
1996ع.
-
فتح نامہ (عظيم ٺٽوي) ۽ فريئر نامہ (مير يار محمد)
جي حوالن سان غلام رسول مهر (تاريخ ڪلهوڙا، حصو
ٻيو، ص 651-653) لکي ٿو ته مير بجار کي خان قلات
مدد جي آڇ ڪئي. پر پاڻ قبول نه ڪيائين. هن ڏس ۾
عبدالمجيد جوکيي جو بيان درست آهي ته مير بجار مدد
وٺڻ ويو پر خان قلات هن جي فوجي ۽ سياسي مدد ڪرڻ
لاءِ تيار نه هو، ان ڪري بجار خالي هٿين سنڌ ڏي
موٽي آيو.
تاج جويو
سنڌي آتم ڪهاڻيون ۽
آپا شمس عباسي
(آتم ڪٿا: ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ جو سرسري جائزو)
زماني جي ڌِڪن ئي آهه سيکاريو ته ڪيئن هلجي،
سهي چوٽن مٿي چوٽون، هينئر هوشيار ٿي پياسين!
(موتي پرڪاش)
دنيا جي ادب ۾ سڀ کان وڌيڪ جيڪي ڪتاب پڙهيا ۽ پسند
ڪيا وڃن ٿا، انهن ۾ سوانح عمرين
(Biographies)،
آتم ڪهاڻين
(Auto-biographies)،
يادگيرين، ڊائرين، جيل ياترائن ۽ سفرنامن جا ڪتاب
شامل آهن. سوانح عمريون، آتم ڪهاڻيون، يادگيريون،
ڊائريون، جيل ياترائون ۽ سفرناما، نثري ادب جون
ڌار ڌار صنفون آهن، جن جي لکڻ جو ڏانءُ اسٽائيل،
انداز ۽ ڍنگ به ڌار ڌار ٿئي ٿو.
سوانح عمريون ۽ تاريخون، گهڻو ڪري لکايون وينديون
آهن. پر آتم ڪهاڻيون، ڊائريون، جيل ياترائون،
سفرناما ۽ يادگيريون لکيون وينديون آهن يا لکجي
وينديون آهن. خاص ڪري، ’آتم ڪهاڻي‘ لکڻ ڏاڍو ڏکيو
فن آهي. آتم ڪهاڻي ظاهريءَ طرح ڀلي کڻي سولي ۽
آسان لڳندي هجي، پر اُها لکڻ واري کي خبر هوندي
آهي ته آتم ڪهاڻي لکڻ ڪيڏو نه ڪٺن ۽ مشڪل ڪم آهي.
هڪ عرصي گذري وڃڻ کان پوءِ، ماضي جي واقعن،
وارداتن، يادن ۽ يادگيرين کي ذهن ۾ دهرائڻ ۽
قلمبند ڪرڻ لاءِ ليکڪ کي گذري ويل وقت سان گڏ
پنهنجي ماضيءَ ۾ جهاتي پائي، پوئتي موٽڻو پوندو
آهي؛ ڄڻ ته کيس ٻيو ڀيرو جيئرو ٿيڻو پوندو آهي.
وقت پئي ماڻهوءَ کي ڪيتريون ڳالهيون ۽ واقعا وسري
ويندا آهن ۽ ڪن واقعن جي صحت ۽ اصليت پڻ ميرانجهڙي
ٿي ويندي آهي. آتم ڪهاڻي لکڻ لاءِ تصور جي گهوڙي
جي واڳ پوئتي موٽائڻي پوندي آهي؛ ڪن واقعن کي ياد
ڪري جيءُ جهڙي پوندو آهي ۽ زماني جي رسايل زخمن
جون مِڙيل ڪڙيون اُکلي پونديون آهن. ڪي واقعا ۽
وارداتون، پنهنجو ڪئنواس وسيع ڪري وجهنديون آهن ته
ڪي وارتائون ۽ گهٽنائون، پنهنجي اصل روپ کان گهٽجي
۽ سُڪڙجي، سوڙهيون ٿي وينديون آهن، اُن ڪري، آتم
ڪهاڻيءَ ۾ رڳو يادگيريءَ حافظي تي زور ڏيڻو نه
پوندو آهي. پر اُن ۾ پنهنجا تجربا ۽ تاثر، مشاهدا
۽ جذبا، خيال ۽ ويچار به شامل ڪرڻا پوندا آهن.
اَڪثر ڪري سوانحي ۽ آتم ڪٿائي ڪتابن کي تاريخ جو
حصو به سمجهيو پئي ويو آهي. ايمرسن جو چوڻ آهي ته:
”جنهن کي خاص طرح تاريخ چئجي، اهڙي ڪا ڳالهه
ڪانهي: سڄي تاريخ، سوانحي روايت آهي.“ ۽ ايڇ. جي.
ويلس چوي ٿو ته: ”انساني تاريخ، اصل ۾ خيالن جي
تاريخ آهي.“
جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جو برک ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار
گوبند مالهي چوي ٿو ته: ”آتم ڪٿا ۽ اِتهاس (تاريخ)
۾ نمايان فرق آهي دائري جو، اُن جي وسعت ۽
گوناگونيت جو؛ جُزي ۽ ڪُل جو. آتم ڪٿا، اِتهاس نه
آهي، اتهاس ڄاڻڻ جو هڪ ذريعو آهي. آتم ڪٿا، اِتهاس
جي ڏاڪڻ جو ڏاڪو آهي.“
سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته: ”اِتهاس ۽ آتم ڪٿا وچ ۾ اهم
ترين فرق آهي زمان جو. جِتي اِتهاس ۾ ماضي آهي،
تِتي آتم ڪٿا ۾ حال به آهي، تنهن کان سواءِ آهن
همڪارَ ۽ همعصر... اتهاس کي آلو چڪ
(critics)
نه، ترجمان
(Interpreters)
ٿيندا آهن. آتم ڪٿا، جيون جي ترجمان هوندي به
آلوچنا (تنقيد) کان آجي نه آهي.“
اِها چٽي حقيقت آهي ته آتم ڪهاڻيون، نه فقط فردن
يا شخصن جي زندگيءَ سان واسطو رکندڙ هونديون آهن،
پر پنهنجي دور جي تاريخ جو حصو به هونديون آهن.
اها به حقيقت آهي ته جنهن به ٻوليءَ ۾ ڪن به سڄاڻ
شخصيتن جون آتم ڪهاڻيون ڇپجن ٿيون، اُن قوم جي
نيڪناميءَ ۽ سڀاڳ جو ڄڻ ته رستو کُلي پوي ٿو؛ ڇو
ته اُهي آتم ڪٿائون، اُن قوم جي فردن جي رهنمائيءَ
۽ رهبريءَ جو ڪردار ادا ڪن ٿيون.
آتم ڪهاڻين جي لوڪ- پسنديءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ
اِهو آهي ته اُنهن ۾ تڪلف، تصنع ۽ واقعاتي ٺاهه
ٺوهَه کي ڇڏي، حقيقت بيانيءَ جي واٽَ ۽ دڳُ اختيار
ڪيو ويندو آهي. آتم ڪهاڻين ۾ ليکڪ پنهنجي ڪوتاهين،
ڪمزورين، غلطين ۽ لغزشن جو کليل دل سان اعتراف
ڪندو آهي ۽ ماڻهن جو آڏو پنهنجو اندر ۽ ٻاهر کولي
ظاهر ڪندو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ پهرين آتم ڪهاڻي، 19 صديءَ جي پوئين
اڌ ۾ لکي ويئي، جنهن جو پهريون مثال سيٺ نائون مل
جي آتم ڪهاڻي ”يادگيريون“ آهي، جيڪا هن سنڌيءَ ۾
لکي هئي ۽ جنهن جو سندس پوٽي انگريزيءَ ۾ ترجمو
ڪيو هو.
اُن کان پوءِ سنڌيءَ جي ٻي آتم ڪهاڻي، مرزا قليچ
بيگ صاحب، پنهنجي وفات (1929ع) کان ڇهه سال اڳ ۾،
1923ع ۾ ”سائو پن، ڪارو پنو“ جي سِري سان لکي هئي.
ان ۾ مرزا صاحب، آتم ڪهاڻي لکڻ جا ٽي فائدا ڄاڻايا
آهن:
(1)
پنهنجو لکيل احوال، سچو ۽ صحيح شمار ۾ ايندو.
(2)
اُنهيءَ ۾ جدا جدا ڳالهين تي ماڻهوءَ کي پنهنجن
خيالن ۽ راين ظاهر ڪرڻ جو وَجَهُه ملندو.
(3)
اهڙي لکيل احوال جي سندس اولاد ۽ اولاد جي اولاد
کي پوري خبر پوندي ۽ هو سندس مثال تي هلندا ۽ سندس
اصولن تي تعميل ڪري سگهندا.“ (ديباچو: ص الف)
آتم ڪهاڻيءَ ۾ هڪ انسان جي زندگيءَ جي واقعن سان
واسطو رکندڙ عملَ، ردعملَ، رويا، رُخَ، مشاهدا ۽
تجربا شامل هوندا آهن. آتم ڪهاڻي، تاريخ نه هوندي
به اُن ۾ تاريخ جو عنصر ضرور موجود هوندو آهي. اُن
۾ رڳو واقعن ۽ وارتائن جو عڪس ۽ اولڙو نه هوندو
آهي، پر اُن ۾ اکين ڏٺن منظرن ۽ مشاهدن جو اظهار
پڻ هوندو آهي.
سنڌي ٻولي دنيا جي شاهوڪار ٻولين مان هڪ آهي. اُها
ادب جي ٻين صنفن وانگر آتم ڪهاڻيءَ جي صنف کان به
وانجهيل نه آهي. منهنجيءَ ڄاڻ مطابق سنڌي ٻوليءَ ۾
هن وقت تائين هيٺيون آتم ڪهاڻيون ڇپجي چڪيون آهن:
·
”نائون مل جون يادگيريون“: سيٺ نائون مل پنهنجي
آتم ڪهاڻي، مئي 1871ع ۾ سنڌيءَ ۾ لکي، جنهن جو
سندس پوٽي راءِ بهادر عالومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻيءَ
انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو پهريون ڀيرو 1915ع
۾ ڇپيو. اُها آتم ڪهاڻي، مرحوم حنيف صديقيءَ
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي ۽ سنڌي ادبي بورڊ 1968ع ۾
ڇپائي پڌري ڪئي.
·
”سائو پن، ڪارو پنو“: مرزا قليچ بيگ، پنهنجي هيءَ
آتم ڪهاڻي 1923ع ۾ لکي، جيڪا 1968ع ۾ سنڌي ادبي
بورڊ شايع ڪئي.
·
”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“: ڊاڪٽر عمر بن محمد
دائود پوٽي جي آتم ڪهاڻي، جيڪا سنڌي ادبي سوسائٽي
ڪراچيءَ پاران 1962ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي هئي. اها
دائود پوٽي صاحب ’نئين زندگي‘ رسالي ۾ جنوري 1957ع
کان قسطوار ڇپائي هئي.
·
”پنهنجي ڪهاڻي، پنهنجي زباني“: سائين جي. ايم. سيد
پنهنجي آتم ڪهاڻي پنجن جلدن تي مشتمل لکي هئي،
جنهن جو پاڻ فقط پهريون جلد، 1962ع ۾ ڇپائي پڌرو
ڪيو هئائون، جنهن ۾ سندن ابتدائي زندگيءَ جي ويهن
سالن (1904ع کان 1924ع تائين) جو ذڪر موجود آهي.
هن آتم ڪهاڻيءَ جا مختلف پبلشرن ڪيترائي ڇاپا شايع
ڪيا آهن، ۽ اُن جو اردو ترجمو ”ميري کهاني ميري
زباني“ عنوان سان فرنٽيئر پوسٽ پبلڪيشنز، لاهور،
1993ع ۾ شايع ڪيو آهي.
·
”منازل مسافر“: محمد صديق مسافر، پنهنجي سوانح
حيات 1952ع ۾ لکي، جيڪا ’ڪليات مسافر‘ سان گڏ آر.
ايڇ احمد ائنڊ برادرس، 1952ع جي آخر ۾ ڇپائي. اُن
جو ٻيو ڇاپو، ساڳئي اداري جولاءِ 1965ع ۾ ڇپايو.
·
”نرالي زندگي“: نارائڻداس رتن مل ملڪاڻيءَ جي آتم
ڪهاڻي، 1974ع ۾ هندستان ڪتاب گهر بمبئيءَ پاران
ڇپائي وئي.
·
”منهنجي ماضيءَ جا چند ورق“: پير عالي شاهه بدين
واري جي آتم ڪهاڻي، 1975ع ۾، لاڙ ادبي سوسائٽي،
بدين، ڇپائي پڌري ڪئي.
·
”ڪيئي ڪتاب“: رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي آتم
ڪهاڻي، ٻن ڀاڱن ۾ ڇپجي پڌري ٿي. پهريون ڀاڱو،
مرحوم شيخ محمد سومار، 1980ع ۾، اسٽار پرنٽرس
حيدرآباد مان ڇپايو، ۽ ٻيو ڀاڱو، رئيس مرحوم جي
فرزند علي رضا، ’ڪيئي ڪتاب پبليڪيشن‘، ماتليءَ
پاران ڊسمبر 1982ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن آتم
ڪهاڻيءَ جا ٻئي ڀاڱا، نيو فيلڊس پبليڪيشن،
حيدرآباد، ٻيو ڀيرو 1994ع ۽ 1996ع ۾ ڇپائي پڌرا
ڪيا.
·
”تان ڪي ڏونگر ڏوريان“: محمد صادق ميمڻ جي آتم
ڪهاڻي، سنڌ پبلشرز، حيدرآباد پاران 1981ع ۾ شايع
ڪئي ويئي.
·
”منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق“: پروفيسر
ڪُماري پوپٽي هيراننداڻيءَ جي آتم ڪٿا، پهريون
ڀيرو، 1981ع ۾، ’ڪونج پبليڪيشن‘، بمبئيءَ پاران
ڇپائي وئي ۽ اُن جو سنڌ ۾ ٻيو ڇاپو، 1982ع ۾ ’سهڻي
پبليڪيشن‘، حيدرآباد شايع ڪيو. هن آتم ڪٿا جو ٽيون
ڇاپو، ’لوڪ سر پبليڪيشن‘ بمبئيءَ 1992ع ۾ پڌرو
ڪيو، ۽ چوٿون ڇاپو، وري سنڌ ۾، ’سنڌي ساهت گهر‘
حيدرآباد پاران ڊسمبر 1992ع ۾ ڇپايو ويو.
·
”تاريخ جو وساريل ورق عرف شيخياڻيءَ جي ڪهاڻي“:
تاريخ جو وساريل ورق عرف ’شيخياڻيءَ جي ڪهاڻي‘،
حيدرآباد جي مشهور شخصيت ڊاڪٽر شيخ شمس الدين جي
گهر واري محترم غلام فاطمه شيخ جي آتم ڪهاڻي آهي،
جيڪا مشهور نو مسلم اڳواڻ شيخ عبدالرحيم جي نياڻي
هئي. هن ۾ ليکڪا پنهنجي والد بزرگوار جي اسلام
قبول ڪرڻ جو احوال به لکيو آهي، ۽ پنهنجو احوال به
ڏنو آهي. هن آتم ڪهاڻيءَ جو سلسلو ماهنامي ’اديون‘
جي پهرئين پرچي، جون 1965ع کان شروع ٿيو ۽ قسطوار
جاري رهيو. اڳتي هلي، ان کي ڪتابي صورت ۾، سنڌي
ادبي سوسائٽي، حيدرآباد پاران آڪٽوبر، 1983ع ۾
سندس نياڻيءَ بيگم خديجه خانم دائودپوٽي، ڇپائي
پڌرو ڪيو.
·
”بک، عشق، ادب“: موهن ڪلپنا جي آتم ڪٿا، ’سِپي
پبليڪيشن‘، حيدرآباد، سنڌ پاران، گل ٽالپر، ڊسمبر
1984ع ۾ شايع ڪئي، ۽ اُن جو ٻيو ڇاپو پڻ سنڌ ۾ ئي
’روشني پبليڪيشن‘ ڪنڊياري پاران 1991ع ۾ ڇپائي
پڌرو ڪيو ويو.
·
”ديپڪ ۽ ملهار“: عبدالجبار جوڻيجي جي آتم ڪهاڻي،
آگم پبليڪيشن، حيدرآباد، 1984ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي.
·
”سورن سانڍياس“: الهه بچائي مرڻاس، پنهنجي آتم
ڪهاڻي، ڊسمبر 1984ع ۾، ’لطيف ادبي اڪيڊمي‘ ڪراچيءَ
پاران ڇپائي پڌري ڪئي.
·
”منهنجي آکاڻي“: ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ جي
مختصر آتم ڪهاڻي، 1985ع ۾، ڀنڀور اشاعت گهر،
حيدرآباد، شايع ڪئي.
·
”سکر سيئي ڏينهن“: محمد اسماعيل عرساڻيءَ، 1973ع ۾
پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي، جيڪا 1985ع ۾، ڪتابي دنيا
حيدرآباد پاران شايع ڪئي ويئي.
·
”اڳي ائين هياس“: فضل احمد بچاڻيءَ جي يادگيرين تي
مشتمل آتم ڪهاڻيءَ جا ٻه ڀاڱا، نيو فيلڊس
پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 1984ع ۽ 1985ع ۾ ڇپجي
پڌرا ٿيا.
·
”جڳ مڙيوئي سپنو“: شيخ اياز جي آتم ڪهاڻيءَ جو
پهريون حصو، 1985ع ۾، سڳنڌ پبليڪيشن، لاڙڪاڻي
ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن کي شيخ اياز، هڪ اهڙي ڦرندڙ
سئربين سڏيو آهي، جنهن جا رنگا رنگ شيشا، منتشر
رنگ ۽ نقش ته بنائي رهيا آهن، پر اُنهن ۾ ڪوئي
تسلسل نه آهي.
·
”چولو منهنجو چِڪ ۾“: هري دلگير جي آتم ڪٿا، سنڌي
ٽائيمس، پبليڪيشن، الهاس نگر پاران اپريل 1987ع ۾
شايع ٿي، جنهن جو ٻيو ڇاپو، سنڌ ۾ ’سنڌي ساهت گهر‘
حيدرآباد پاران 1990ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
·
”ادب ۽ اديب“: گوبند مالهيءَ جي آتم ڪٿا جا پنج
ڀاڱا، ’ادب ۽ اديب‘ جي مکيه سرِي سان، سنڌي ٽائيمس
پبليڪيشن الهاس نگر پاران شايع ٿيا آهن. گوبند
مالهيءَ، آتم ڪٿا جي هر ڀاڱي کي ڌار ڌار سب ٽائيٽل
ڏنو آهي، اهڙيءَ طرح هيءَ آتم ڪٿا، هيٺينءَ ترتيب
سان ڇپجي پڌري ٿي:
(i)
ادب ۽ اديب- ”ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون“، ڀاڱو
پهريون، جولاءِ 1987ع.
(ii)
ادب ۽ اديب- ”سنڌڙي منهنجي جندڙي“، ڀاڱو ٻيو،
جولاءِ 1988ع.
(iii)
ادب ۽ اديب- ”نرواس ۾ آس“، ڀاڱو ٽيون، جولاءِ
1989ع.
(iv)
ادب ۽ اديب- ”زندگي هڪ سفر“، ڀاڱو چوٿون، جولاءِ
1990ع.
(v)
ادب ۽ اديب- ”عجيب هي رشتا ناتا!“، ڀاڱو پنجون،
آڪٽوبر 1991ع.
نوٽ: ادب ۽ اديب، ڀاڱو پهريون (ڳالهيون منهنجي ڳوٺ
جون) 1987ع ۾، سنڌ ۾، سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران
به شايع ڪيو ويو هو.
·
”اِجهو گهنڊ ڄاڻ وڳو“: هند سنڌ جي نامياري ليکڪا
ريٽا شهاڻيءَ جي آتم ڪٿا، آگسٽ 1993ع ۾
MBS
پبلشرز پوني (انڊيا) مان شايع ٿي.
·
”آتم ڪٿا جي نالي ۾“: ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ،
پنهنجي آتم ڪٿا، 1994ع ۾، سمپرڪ پرڪاشن، نئين دهلي
(انڊيا) پاران ڇپائي پڌري ڪئي.
·
”منهنجي ڪهاڻي“: لعل بن يوسف جي آتم ڪهاڻي، 1995ع
۾، لعل بن يوسف يادگار ڪاميٽيءَ حيدرآباد پاران
شايع ڪئي ويئي.
·
”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪ مسافر“: شيخ اياز، پنهنجي آتم
ڪهاڻي، مختلف وقتن ۽ مختلف موڊن ۾ لکندو رهيو آهي.
هن ڪتاب کان اياز پنهنجي آتم ڪٿا باقاعدي تسلسل
سان لکڻ شروع ڪئي ۽ هيءُ سندس آتم ڪٿا جو باقاعدي
پهريون ڀاڱو آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو، نيوفيلڊس
پبليڪيشن حيدرآباد، جنوري 1995ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو
ڊسمبر 1997ع ۾ شايع ڪيو.
شيخ اياز، پهرئين ڀاڱي ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ کان
پوءِ، پنهنجي آتم ڪٿا جا ٽي ڀاڱا لکيا، جيڪي مختلف
ادارن هيٺين عنوانن سان هيٺينءَ ريت شايع ڪيا:
-
’ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ (ڀاڱو ٻيون)، نيو فيلڊس
پبليڪيشن، حيدرآباد، آڪٽوبر 1996ع.
-
’ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ (ڀاڱو ٽيون)“، سنڌ ادبي
اڪيڊمي، ڪراچي، نومبر 1997ع.
-
’ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ (حصو چوٿون)، شيخ اياز
فائونڊيشن ۽ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ آگسٽ
1998ع.
·
”ڪجهه ٻڌايم ڪجهه لِڪايم“: ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي آتم
ڪٿا، چئن ڀاڱن ۾، ساڳئي نالي سان، سنڌي ٽائيمس
پبليڪيشن، الهاس نگر، مارچ 1997ع، جولاءِ 1997ع،
آڪٽوبر 1997ع ۽ اپريل 1998ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي.
·
”آخري پنا“: هري موٽواڻي سنڌيءَ، پنهنجي آتم ڪٿا،
ڪونج پبليڪيشن بمبئيءَ پاران جنوري 1997ع ۾ شايع
ڪئي، ۽ اُن جو ٻيو ڇاپو، سنڌ ۾، سنڌي ساهت گهر
حيدرآباد، ساڳئي سال ڊسمبر 1997ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو.
·
”ڏسي ڏوهه اکين سين“: جمال ابڙي جي آتم ڪٿا جو
پهريون جلد، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران
فيبروري 1998ع ۾ ڇپايو ويو.
-
”اونهي ڳالهه اِسرار جي“: هن نالي سان جمال ابڙي
جي آتم ڪٿا جو ٻيون جلد به نيوفيلڊس پبليڪيشن
حيدرآباد پاران سيپٽمبر 1998ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
-
”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“: هن عنوان سان جمال ابڙي جي آتم
ڪٿا جو ٽيون جلد، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد،
اپريل 1999ع ۾ شايع ڪيو.
-
”منهنجو سفر“: قاضي فيض محمد جي آتم ڪٿا، ’سنڌي
ساهت گهر‘ حيدرآباد پاران جولاءِ 1999ع ۾ ڇپائي
پڌري ڪئي وئي آهي.
-
”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“: ڊاڪٽر شمس عباسيءَ جي آتم
ڪٿا، 1999ع جي آخر ۾، عقيل برائيٽ ڪڊس اڪيڊمي،
قاسم آباد، حيدرآباد پاران ڇپجي پڌري ٿي، جنهن جو
مهورت، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سهڪار سان 8
فيبروري 2001ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.
-
سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل/ ڇپيل مٿين آتم ڪهاڻين ۾، صرف
چار آتم ڪهاڻيون اهڙيون آهن، جيڪي سنڌي عورت/
ليکڪائن لکيون آهن، جيڪي هي آهن:
(i)
غلام فاطمہ شيخ جي آتم ڪٿا: تاريخ جو وساريل ورق
عرف ”شيخياڻيءَ جي ڪهاڻي“.
(ii)
ڪماري پوپٽي هيراننداڻيءَ جي آتم ڪٿا: ”منهنجيءَ
حياتيءَ جا سونا روپا ورق“؛
(iii)
ريٽا شهاڻيءَ جي آتم ڪٿا: ”اجهو گهنڊ ڄاڻ وڳو“؛ ۽
(iv)
ڊاڪٽر شمس عباسيءَ جي آتم ڪٿا: ”ڳالهيون پيٽ ورن
۾“.
عجيب اتفاق آهي ته اِهي چارئي آتم ڪهاڻيون، جن
سنڌي عورتن/ ليکڪائن لکيون آهن، اُنهن چئني جو
واسطو حيدرآباد سنڌ سان آهي. پهرين خاتون، غلام
فاطمہ شيخ گذاري چڪي آهي، باقي ٽئي ليکڪائون حال
حيات آهن. پوپٽي هيراننداڻيءَ، هيرآباد، حيدرآباد
سنڌ جي عامل گهراڻي ۾، 17 اپريل 1924ع تي جنم ورتو
هو ۽ هن وقت، ڪولابا، ممبئي (انڊيا) ۾ رهي ٿي.
ريٽا شهاڻيءَ به حيدرآباد سنڌ ۾ ئي 1934ع ۾ جنم
ورتو هو، سندس گهر نور محمد هاءِ اسڪول ۽ ٽيچرس
ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي ڀرسان هو، ۽ هن وقت، بوٽ
ڪلب روڊ، پوني (انڊيا) ۾ رهي ٿي؛ ۽ آپا شمس
عباسيءَ، حيدر چوڪ حيدرآباد ڀرسان موجوده قاضي
عبدالقيوم روڊ تي، قاضي عبدالقيوم ولد مخدوم غلام
محي الدين جي گهر ۾، 10 جنوري 1924ع تي جنم ورتو،
۽ هن وقت لطيف آباد، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.
هتي آءٌ، غلام فاطمہ شيخ ۽ ريٽا شهاڻيءَ جي آتم
ڪهاڻين کي ڇڏي، صرف ڪماري پوپٽي هيراننداڻيءَ ۽
آپا شمس عباسيءَ جي آتم ڪهاڻين تي روشني وجهڻ جي
ڪوشش ڪريان ٿو:
هنن ٻنهي آتم ڪهاڻين کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته
هي آتم ڪهاڻيون، صرف ڪماري پوپٽي هيراننداڻيءَ ۽
آپا شمس عباسيءَ جون آتم ڪهاڻيون نه آهن، پر اسان
مان ڪيترن ڀائرن ۽ ڀينرن جون زنده جاويد جيون-
ڪٿائون آهن. هي آپ بيتيون، سنڌ بيتيون ۽ جگ بيتيون
آهن. هنن ٻنهي عظيم سنڌي عورتن جون آتم ڪٿائون
پڙهي، ڪنهن دانشور جو قول ياد اچي ٿو ته ”جيئن هڪ
فن آهي، پر آتم ڪهاڻي هڪ پُر لطف فن آهي.“ جيئن ته
آتم ڪٿا، آپ بيتيءَ سان گڏ جڳ بيتي به هوندي آهي،
اُن ڪري هي ٻئي آتم ڪٿائون، سنڌ بيتيءَ سان گڏ سنڌ
جي نياڻين جون سچيون آپ بيتيون آهن.
سنڌ جي هنن ٻنهي بهادر ۽ بردبار عورتن جي آپ بيتين
۽ زندگين جو مطالعوڪندي، مون کي ڪافي هڪجهڙايون
نظر آيون آهن، جهڙوڪ:
(1)
ٻنهي جو جنم هنڌ، حيدرآباد، سنڌ آهي.
(2)
ٻنهي، سال 1924ع ۾ جنم ورتو. پوپٽي هيراننداڻي، 17
اپريل 1924ع ۾ ڄائي هئي ۽ آپا شمس عباسيءَ 10
جنوري 1924ع ۾ جنم ورتو هو.
(3)
پوپٽي هيراننداڻيءَ جي ماءُ 32 سالن جي اوسٿا ۾
وِڌوا ٿي، جڏهن ته آپا شمس عباسيءَ جي امڙ 24 سالن
جي ڄمار ۾ بيوهه ٿي.
(4)
پوپٽي هيراننداڻيءَ جي عمر، سندس پيءُ جي مرتيو
وقت ڏهه سال هئي، جڏهن ته آپا شمس والد جي وفات
وقت چئن سالن جي هئي.
(5)
ٻنهي جي تربيت، سندن بهادر، بيباڪ ۽ روايت شڪن
مائرن ڪئي، جيڪي پنهنجيءَ پنهنجيءَ برادريءَ ۽
سماج جون باغي عورتون هيون. ٻنهي جون مائرون،
پرديدار ۽ بيٺل گهرن جون عورتون هيون، ۽ زماني جي
انقلاب‘، سندن جيون ۾ ڏکيا ۽ ڪشٽ ڀريا ڏينهن آندا؛
پر ٻنهي زندگيءَ سان اکين ۾ اکيون ملائي، حياتي
گذاري.
(6)
پوپٽيءَ جي ماءُ ڪن اڻوڻندڙ سماجي رسمن سان وڙهي
هئي. هوءَ 32 سالن جي عمر ۾ وڌوا ٿي هئي. اُنهن
ڏينهن ۾ وِڌوا کي گپَ ۾ ٻوڙي ميري چادر مٿي تي
وجهڻي پوندي هئي ۽ کيس 12 مهينا ساندهه گهر ۾
ويهڻو پوندو هو؛ پر پوپٽيءَ جي بهادر ۽ باغي ماءُ،
اهڙي چادر پائڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ گهر ۾ ويهڻ
واري پابندي به قبول نه ڪئي، ۽ هوءَ روزانو سج لٿي
مهل، ٻارڙن کي ساڻ ڪري، ”گور- سنگت“ واري ليڊيز
باغ ۾ ويندي هئي. ڌيئن توڙي پٽن کي هڪ نظر سان
ڏٺائين ۽ سڀني کي رَڌي پَڪي سيکاريائين. پُٽن توڙي
ڌيئن کي پڙهايائين. سڀني جي سختيءَ سان پالنا
ڪيائين، پر ڪنهن جي به شخصيت کي گهٽايائين ڪينَ.
سڀني کي پڙهائي، پيرن تي بيهڻ لائق ڪيائين.
-
آپا شمس جي ماءُ جي 14 ورهين جي عمر ۾ شادي ٿي هئي
۽ هوءَ 24 سالن جي ڄمار ۾ بيوهه ٿي هئي. سندن
خاندان جون نياڻيون گهر کان ٻاهر نه نڪرنديون
هيون، صرف گهر ۾ قرآني تعليم حاصل ڪري سگهنديون
هيون. پر آپا شمس جي ماءُ نه رڳو پنهنجين نياڻين
کي پرائمري تعليم ڏياري، پر ٻنهي نياڻين (شمس ۽
مهرالنساءِ) کي ثانوي توڙي ڪاليجي تعليم ڏيارڻ سان
گڏ هڪ نياڻيءَ مهرالنساءِ کي همت ڪري، ميڊيڪل
تعليم پرائڻ لاءِ دهليءَ پڻ موڪلي ڏنو ۽ ٻيءَ
نياڻيءَ شمس کي بي. ٽي.
(B.T)
ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ وڃي پڙهڻ جي اجازت ڏني.
(7)
پوپٽي هيراننداڻيءَ ۽ آپا شمس عباسي جي زندگيءَ جو
اهو به عجيب اتفاق آهي ته ٻنهي ثانوي تعليم، ڪُندن
مل گرلس هاءِ اسڪول، تلڪ چاڙهي حيدرآباد، ۾ حاصل
ڪئي.
(8)
پوپٽيءَ ۽ شمس عباسيءَ جي دل جو چاهُه ۽ چونڊَ به
ساڳي رهي. ٻنهي پنهنجيءَ زندگيءَ جو مقصد، تدريس ۽
تعليم کي بڻايو. پوپٽي ته مئٽرڪ جي نتيجي ظاهر ٿيڻ
کان اڳ ئي ڪُندن مل گرلس هاءِ اسڪول ۾ ماسترياڻي
ٿي وئي. اهڙيءَ طرح پوپٽيءَ عملي زندگيءَ جي
شروعات ماستريءَ سان ڪئي، پوءِ پروفيسر بڻي ۽ ان
بعد يونيورسٽي ٽيچر بڻجي، ايم.اي ۽ پي. ايڇ. ڊي جي
شاگردن کي پڙهايائين.
آپا شمس عباسيءَ به عملي زندگي جي شروعات ماستري
سان ڪئي. هن بي. اي پاس ڪرڻ کانپوءِ 1944ع ۾ مدرسة
البنات هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ماستري ڪئي. بعد ۾
هيڊ ماسترياڻي، ڪاليج جي پرنسپال، ڊپٽي ڊائريڪٽر
ڪاليجز ۽ ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم سنڌ پڻ رهي.
(9)
ٻنهي سنڌي ادب ۾ آتم ڪٿائون لکيون، جيڪي سچيون،
سڦل ۽ حقيقت بيانيءَ تي ٻڌل آتم ڪهاڻيون آهن.
(10)
پوپٽي ۽ شمس عباسي، ٻئي سچار، بيباڪ، بهادر،
سماجي ۽ قومي درد رکندڙ عورتون آهن.
اها حقيقت آهي ته هر ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان
ڄمندو آهي ۽ نه ئي پنهنجيءَ مرضيءَ سان مرندو آهي،
پر مشهور سنڌي اديبَ، لڇمڻ ڪوملَ جي لفظن ۾، ”اُن
جنم مرڻ جي وچ واري عرصي ۾ هن کي پنهنجيءَ مرضيءَ
۽ منشا موجب ڪنهن چونڊ جو حق ضرور حاصل آهي. پوءِ
به اڄوڪي هن المناڪ دور ۾ انسان جي اِن چونڊ ۽
چوائيس تي به پل پل جا پهرا آهن.“
پوپٽيءَ، پنهنجيءَ زندگيءَ جي کُليل ڪتاب جي ورقن
۾ اُنهن پل پل جي پهرن جا اولڙا پسايا آهن، ۽
ساڳيءَ طرح آپا شمس جي دُکيءَ زندگيءَ جا سچا عڪسَ
پڻ سندس آتم ڪٿا ۾ موجود آهن. هنن ٻنهي عورتن،
پنهنجي تحريري سچ جو اظهار، جنهن دليريءَ سان
پنهنجين آتم ڪٿائن ۾ ڪيو آهي، اُن لاءِ کين سلام
ئي ڪري سگهجي ٿو.
پوپٽي هيراننداڻيءَ، پنهنجي آتم ڪٿا جي مهاڳ ۾
لکيو آهي ته: ”جيون جي اَنت کي چاهيندي، مون
پنهنجيءَ زندگيءَ جي شروعات تي لکيو، ائين ئي آتم
ڪٿا لکجي وئي.“
اهڙيءَ طرح آپا شمس لکيو آهي ته ”اڪثر منهنجا
خيرخواهه مون کي منهنجيءَ زندگيءَ جو احوال لکڻ
لاءِ آماده ڪندا رهندا هئا، پر ڪم جي مصروفيت ۽
سُستيءَ جي ڪري همت نه پئي ڪري سگهيس، نيٺ مون
مصمم ارادو ڪيو ۽ لکڻ شروع ڪيو.“ (ٻه ٻول ”ڳالهيون
پيٽ ورن ۾“ ص 7)
پوپٽيءَ لکيو آهي ته ”مان ليکڪا به آهيان ته لڙاڪ
به آهيان، اِهو اَنياءَ خلاف وڙهڻ جو گُڻ مون کي
ماءُ وٽان ورثي ۾ مليو آهي، جتي به اَنياءُ ڏسان،
اُهو مون سان انياءُ هجي، يا ڪنهن متريا مائٽ سان،
مان اَنياءَ خلاف اُٿي لڙندي آهيان. ان ڪري مون تي
بيماري حملو ڪري ته مان اها پاڻ سان بي انصافي
سمجهندي آهيان، ان ڪري لڙندي آهيان.....“
پنهنجي زندگيءَ بابت راءِ ڏيندي لکي ٿي: ”مون
زندگيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، اُن لاءِ ڪو اَرمان
يا افسوس ڪين اٿم.
No regrets.،
ڇو ته خاطري اٿم ته ڪٽنب، جاتي ۽ دوستن ۽ عزيزن
ڏانهن مون پنهنجا فرض چڱيءَ طرح ادا ڪيا آهن.“
آپا شمس عباسيءَ، پنهنجيءَ آتم ڪٿا جو انتساب
پنهنجيءَ ماءُ جي نالي ڪندي لکيو آهي ته:
|