سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2001ع

 

صفحو :4

مختيار گهمرو

غزل

نهار ۾ نکار آه، هي سونهن جو ڪمال آ،

نه ڪو دل تي بار آ، هي سونهن جو ڪمال آ.

جڏهن کان مون ڏٺو پرين، حسين بي مثال آ،

اکين ۾ ڇا خمار آ، هي سونهن جو ڪمال آ.

جڏهن کان پيار ٿيو اٿم، سنوارجان پيو سدا،

ٿيو پاڻ سان پيار آ، هي سونهن جو ڪمال آ.

شعور لاشعور ۾ آتانگهه ننڊ جاڳ ۾،

پرين.... پرين! پڪار آ، هي سونهن جو ڪمال آ.

ملول عقل جيترو، اڏول عشق تيترو،

عروج تي پيار آ، هي سونهن جو ڪمال آ.

نٿو ڏسان ته اوجهرو، ڏسان ته سُرت سوجهرو،

مجاز مشڪ بار آ، هي سونهن جو ڪمال آ.

سڪون بي سڪون کي، ملي وڃي ته ڇا کپي،

قرار کي قرار آ، هي سونهن جو ڪمال آ.

نگاهه نينهن جو ڪئي، جنون تي رسي ويم،

ها عشق جو اُڀار آ، هي سونهن جو ڪمال آ.

گلاب جي سنڀال جو ڪري رهي به گڏ پيو،

مڃيم ته خار، خار آ، هي سونهن جو ڪمال آ.

کِلي مليو عجيب آ. هي اوج تي نصيب آ،

بهار پُر بهار آ، هي سونهن جو ڪمال آ.

”سوز“ هالائي

غزل

سانوڻ رُت جي سڀ سُندرتا، تنهنجي نانءُ،

مست هوا جا سُرها جهونڪا، تنهنجي نانءُ،

تنهنجي مکڙي جا موهيڙا ڄڻ تارا،

چانڊوڪيءَ جا ڪرڻا ڪرڻا، تنهنجي نانءُ.

تنهاين جا ڀرم ڀڃي سڀ کولي ڇڏيم،

دل جا در، دريون دروازا، تنهنجي نانءُ.

لهر لهر جيان لڇندڙ لڇندڙ بي سانتيڪا،

سنڌوءَ جهڙا جيون جذبا، تنهنجي نانءُ.

احساسن جي روپ سروپ مان جي سرجياسي،

منهنجا گيت غزل ۽ دوها، تنهنجي نانءُ.

”آڪاش“ انصاري

ڪراڙو ڪنڀر ڪاڇي جو

 

ڪراڙو ڪنڀر ڪاڇي جو،

خالي پيٽ، خيالن ۾ گم،

سوچي پيو:

ڏاڍو ڏيهه ڏڪار ڏٺو آ،

گاج ڇڏي گجگوڙ وساري،

ميٽوڙي گهگهي جوهي جي،

سارو ڏينهن ٿي پاڻي ساري،

هيل ته ڪاڇو، ڪاڇو ناهي،

ڄڻ ڪو موت جو پاڇو آهي.

هوريان هوريان هيڻي هٿ سان،

چڪ هلائي،

مٽيءَ مان ٿو ماٽي ٺاهي،

ٺاهي ڊاهي ٻيهر ٺاهي.

ڄڻ هو بک پيو وندرائي،

پنهنجو پاڻ سان ڪجهه ڳالهائي،

سوچي ٿو:

ڪاش مٽيءَ مان ماٽي بدران،

ماني ٺهي سگهي ها!

ڪيڏي بک لهي ها!

ڪيڏي بک لهي ها!

ڪراڙو ڪنڀر ڪاڇي جو،

خالي پيٽ خيالن ۾ گم،

سوچي ٿو.

حسن درس

سوا ديد تنهنجي....!

 

سبب سئو خوشين جا

نوان ۽ پراڻا

بهانا هزارين

لِڪي پنهنجي لمحن جي

پويان اچن ٿا

نوان ويس پائي

نهارن نچن ٿا

مگر دل هي پاڳل

ازل کان اُڃاري

اوهان جي پُڄاڻان

سڀئي سمنڊ ڏوڪي

۽ واري اُڏاري

بهارن جا سارا بهانا ڀڃي ۽

سڄي ڌرتتيءَ تان

سُڪل پن ميڙي

صبح شام کي سڪ وانگي سهيڙي

پکين کي پڪاري

توکي ۽ تنهنجين سَکين کي پڪاري

ستارن تي ڍرُڪي سمهي ٿي پوي

سنهي چنڊ جي ليڪ

تنهنجي ڳچيءَ جو اگر هار ناهي

سڀئي آر ۽ پار جانچي ڏٺاسون

سڀئي طرف تنهنجو اگر پار ناهي

سوا ديد تنهنجي اچي عيد ڪهڙي

سوين رنگ آهن پَٽن تي پيا پر

سوا تو هٿن جي رچي عيد ڪهڙي؟

عبدالغفار ”تبسم“

اڻپورا خواب پيڇا ڪندا آهن

 

پنهنجي غزل جي نوڪ پَلَڪ ٺاهيندي ڪڏهن،

لفظن جي روح مان تنهنجي احساس جي لمس،

منهنجي سڄي وجود کي گرمائيندي رهي!

 

تنهنجي سجيلي سونهن جون ساريون بلوغتون،

جوڀن جا آر، ويس، وڳن جون نفاستون؛

نوخيز جوانيءَ جو صفا نئون نڪورپن،

نازڪ، شفاف جسم جون جملي نزاڪتون؛

شوخين جي بانڪپن ۾ خدو خال حسن جا،

چنچل نگاهه ۾ سڄيون مستيون شباب جون؛

تنهنجا ڊگها حسين ڀنڀا وار جهومندي،

منهنجين سِٽن تي پاڻ وڇائي سمهي رهن؛

گل پوش ساوڪون منهنجي ڇُلڪيل شعور جون،

گهنگهور گهاٽي ڌنڌ جي گهيراءَ ۾ اچن؛

۽ اوچتو لڳن ته ڪئي چنڊ نور جا،

ڪن خوابناڪ منظرن مان شعاع ٿي ڦُٽن؛

منهنجي سموري ڏات پنهنجي ڪل ثبات سان،

ممڪن ئي ناهي جو ڪو اِن کي نانءُ ڏئي سگهي،

تنهنجي ڪنهن هڪ ادا کي ڀي عنوان ڏئي سگهي!

 

تنهنجن حسين تصورن جون جنتون کنيون،

هريالين جي پيچرن تي جهومندو وتان؛

صندل سُهاندڙي يا صنوبر جي ٽار تان،

نت روز نوان گيت غزل دوهيڙا کڻان؛

جهرڻن جي ڌارائن تي ڪرڻن جي سويرن مان،

ٽارين جي ڇانئيرن تي راتين جي بسيرن مان؛

آڪاش جي رنگت جا موضوع چونڊيان،

هر رات پوئين اسر جو درياه ڪٺار تان؛

ڪڏهن ڪنهن اُوچي ٽيلي پويان اُونهي غار مان،

ڪا بانسري وڄي ڪه گهڙولي گُجر چوي:

هر مينڍ، تان مُرڪَ سُتل جِسَ ڇهي ڇڏي،

مان سُرن جي سراب جا پيڇا ڪندي ڪندي،

دردن جا ڪيئي اڻ ڳڻيا اوڙاه ٽپي وڃان؛

اڻپورا خواب آس مان پيرا کنيون وتن،

پر مان تنهنجي انوکي محبت جي تؤنس ۾،

اي جانِ غزل! گُم صفا غلطان ٿي وڃان؛

تنهنجي شبيہ جي ڪائي تشبيہ ڳوليندي،

سوچن جي تسلسل جون جوتون کنيون گهمان؛

لفظن جا پکي اُڏري پنن تي لهي اچن،

اَڌ ۾ ڇڏيل غزل جا مصرع ٺهي پون!

نووارد ٿيل نظم منهنجو مهمان ٿي پوي،

هڪ نئون سِرو غزل جو عنوان ٿي پوي!

 

چنڊ جي چبوتري ۾ جڏهن جَلَ- پريون لهن،

جهرڻن جا اُجرا وهڪرا احساس ٿي پون؛

تڏهن مان پورنماسيءَ جو اُوچي پهاڙ تان،

ڪا آس تاڻي پنهنجو ”پيا“ ڳوليندو وتان،

چنڊ گهاٽ تان نراس پڙاڏا وري اچن.

 

سوڳوار ڌڙڪنن کي ڌتاريان فريب سان،

يادن جي شدتن کان هارائي هر دفعي؛

مجبور منهنجي شاعري مون وٽ هلي اچي،

تخليق جي دهليز کي ودوا جيان تڪي،

پَلڪن جا بند ٽوڙي سيلاب روئيندي،

آٿت جي ڪاڻ تَر ٿيل دامن ۾ سُڏڪندي،

دُکيل بدن تي پَڄريل ماٿو رکي ڇڏي،

تنهن وقت منهنجي ڪرب جي سموري ڪائنات،

ويتر غمِ حيات جا احساس سميٽي،

دردن جي وادين ۾ گم ٿي هلي وڃي،

پاڇن جي حصارن ۾ سوچن جا قافلا،

نِکڙيل ڪتين جي ڇانئيرن ۾ ڍُرڪندا هلن!

 

تنهنجي ڳلين مان ايندڙ جهوٽن جا دڳ جهلي،

اوسيئڙن ۾ اُڀرندڙ باکن جا اڳ وٺي،

۽ پنهنجي نانءَ جا ڪي نياپا پُڇي پُڇي،

آواز جي پيڇن ۾ سڄو جنم گذاريو،

پر پوءِ ڀي پرڇائين جا پرتوا کنيون،

ويڇن جي سرد رات ۾ بيگاه وقت جو،

پنهنجي غزل جي نوڪ پلڪ ٺاهيندي ڪڏهن،

لفظن جي روح مان تنهنجي احساس جي لمس،

منهنجي سڄي وجود کي گرمائيندي رهي!

جلال ڪوري

ڪافي

هوت نه پنهنجي ڪن،

هيءَ ڪميڻي ڪيچ ڌڻين جي!

آئون پرٽياڻي پيار ڇا ڄاڻان؟

جيءَ اُجاريو جن،

هوت نه پنهنجي ڪن.

آئون اصلئون آهيان جنين جي،

نسلئون نينهن ڇنن،

هوت نه پنهنجي ڪن.

ان سڱ لائق ناهيان ناهيان،

آهيان پوءِ به اُنهن،

هوت نه پنهنجي ڪن.

هاڙهي ويڙا هوت نه آيا،

تِن تانگهي ٿو تَن،

هوت نه پنهنجي ڪن.

آريچن جي لوءِ لهي شل!

هيءُ سڪايل من،

هوت نه پنهنجي ڪن.

ضمير ڦُل

غزل

منهنجي من ۾ ته هالار سرجي پيو،

زخم تو جو ڏنو سو به ڀرجي پيو.

روپ ڏي ڪو انهيءَ کي غزل گيت جو،

ذهن ۾ خيال جيڪو چچرجي پيو.

وار ڪارا وٺيو ڏيو اَڇا پيو وڃي،

بس، هٿان وقت جي هرڪو ڦُرجي پيو.

لڙڪ انسانيت جا لڪائڻ جي لئه،

روز اوندهه جو دامن پٿرجي پيو.

”تون مان“ جو به مفهوم سمجهيو اٿم،

عڪس ئي عڪس سان ٿو ٽڪرجي پيو.

احمد ٽالپر

غزل

رونق سڄي بهار جي اُداس ٿي لڳي،

چانڊوڪي اڄ الائي ڇو اُماس ٿي لڳي.

ٿوهر سڄو وجود ۽ رستا ڪنڊا ڪنڊا،

هر آرزو، امنگ ٽنگيل ٽياس ٿي لڳي.

ممڪن ته آهي ماڪ ۽ موتيي جئان ملڻ،

پر آس اڄ ته آس کان نراس ٿي لڳي.

بي انتها مون چاهيو ۽ پوڄيو گهڻو مگر،

هُو مورتي پٿر جي بي احساس ٿي لڳي.

ڪنهن جي ٿئي ٿي جيت ڪنهن کي مات ٿي ملي،

قسمت جوئا ۽ زندگي ڄڻ تاس ٿي لڳي.

ماڻهو لڳن روبوٽ ٿا پٿر جي شهر ۾،

فطرت به چپ آ ڄڻ ته بي حواس ٿي لڳي.

سوچن ۾ سار هر گهڙي اکڙين ۾ عڪس آ،

تصوير تنهنجي دل هي ڪينواس ٿي لڳي.

ڪنهن پر ڪڏهن لهي نٿي ”احمد“ هي پل اَپل،

پنهنجي پرينءَ جي پيار جي پياس ٿي لڳي.

”سرڪش“ سنڌي

وائي

اڄ جي ٻيجل ۾ ڪجهه ناهي، راءِ ڏياچ ته هوند هزارين،

سُر ۾ سوز نه اوتيل جيسين، ڪير ڏئي ـــ سرُ پنهنجو لاهي،

راءِ ڏياچ ته هوند هزارين.

ٻاڙي تان ۽ تند ٽٽي پيل، ڀان ٿو ويٺو ڊاهي ٺاهي،

رات جي پٺيان آهه اُڀاري اُجري باک نه بيپرواهي،

راءِ ڏياچ ته هوند هزارين.

سودائين سوداج نه ملڻو سپنو سپنو هوندو آهي،

راءِ ڏياچ ته هوند هزارين.

ڪهڙا ٿو پڙلاو پکيڙي سرڪش سنڌيءَ کي ٿيو ڇاهي،

راءِ ڏياچ ته هوند هزارين.

راشد مورائي

غزل

مهل هي محبوب تنهنجي موڪلائڻ جي نه هئي،

راهه ڪا مون وٽ رهي، توکي ٽِڪائڻ جي نه هئي.

منهنجا اصل نازڪ هيا، ٽُڪرا ٿيا،

مان مڃان ٿو تنهنجي مرضي، دل ڏکائڻ جي نه هئي.

هن مون کي موقعو ڏنو احوال دل اوري وٺان،

ها مگر مون ۾ ته شڪتي غم ٻُڌائڻ جي نه هئي.

پلڪ ۾ ٿي ختم ٻاونجاه سالن جي خوشي،

هن عمر ۾ ڪابه طاقت چوٽ کائڻ جي نه هئي.

سالها سِڪندي وڃي مس سهنج جو پاسو مليو،

دل رهي سَرهي سا مرضي درد ڏائڻ جي نه هئي.

اٿ عمل جي لاءِ توکي ساٿ هو ساٿي سڏيو،

هيءَ گهڙي ”راشد“ پرين تصور پچائڻ جي نه هئي.

جوهر بروهي

غزل

فضا ۾ رنگ هوندا ها، محبت عام هوندي هئي،

ته سُرهو صبح هوندو هو، سُهاني شام هوندي هئي.

هيو ڪو وقت سنڌو ۾ به موجون مست هونديون هيون،

الاهي رزق هوندو هو ته برڪت جام هوندي هئي.

پَٽن تي ساوڪون اهڙيون جو ڄڻ چادر وڇايل آ،

هئي ساڃاهه، نياڻي ڀائرن وٽ سام هوندي هئي.

ڪئي جن جن محبت سي پهاڪي وانگي پڌرا ها،

ته ڪينجهر ڄڻ مهاڻيءَ لئه ٿيل انعام هوندي هئي.

اُتر اوٿر اُٿن اهڙا، وسي بر ٿر ۽ رڻ ڪاڇو،

ته ڌرتي ساري هُٻڪارن ڀريل هرگام هوندي هئي.

هيو هر ٻول آٿت جو، مٺائي ملڪ هوندو هو،

ڳڙي ڀي زهر واري ڄڻ ڪتل بادام هوندي هئي.

سهارا دوستي جا کير ٿر وانگر اٽل اوچا،

۽ نيت نامرادن جي اصل ناڪام هوندي هئي.

غزل ”جوهر بروهي“ جا به اوتيندا هيا مُرڪون،

سموري شاعري جڏهن سڄڻ جي نام هوندي هئي.

ماڻڪ ملاح

گيت

 

ڀِٽ تان ايندڙ دانهن ٻُڌو، ڪارا ڪارا ڪڪرئو!

وَسو وَسو هِت، وَسو وَسو،

هيءُ رڻ رڙي ٿو روڳي!

هي جي تارا چنڊ ستارا، مون کي يارو کائن ٿا،

رات پوڻ تي سڀئي ستارا، ڏند ڪڍي ڏيکارن ٿا،

نازڪ نازڪ نيڻ نماڻا تو پارن کي سارن ٿا،

رڻ جا راهي، جند جا جوڳي،

وَسو وَسو هِت، وَسو وَسو.

کنوڻ کنوائي، تلڪ لڳائي، انڊلٺ جا سينگار ڪري،

موسم کي مڌ ماتو ٺاهي، بُٺ کي ٺاري ٺار ڪري،

موذين ميڙيو جيڪي تنهن تي واسينگن جيئن وار ڪري،

ٺيڪ وڃن ٿي جيئن سڀ ٺوڳي،

وَسو وَسو هِت، وَسو وَسو.

وڻ ٽڻ ويران، تن من حيران، بُٺ بڻيو سنسار هتي،

هرڻي بَن ۾ جيئن مري ڪا، ماريو ويو تيئن پيار هتي،

توريءَ سارو من ٿو کاڄي، آءٌ بڻي لاچار هتي،

ايڏي پيڙا مون آ ڀوڳي،

وَسو وَسو هِت، وَسو وَسو.

 

عبدالغفور عابد

غزل

 

دعا تي هلون پيا، دوا تي هلون پيا،

جو مهمان آهيون، هوا تي هلون پيا.

 

الله صبر ۽ شڪر، سڀڪي ڏنو آ،

جفا تي هلون پيا، وفا تي هلون پيا.

 

خلاصو، سڄي داستان جو اِهو ٿيو،

ته رب جي عنايت، عطا تي هلون پيا.

 

نصيبن ۾ ايمان ذرڙو، لکيل هو،

انهيءَ دولتِ بي بها تي هلون پيا.

 

توڪل سهاري سمورا سفر ٿيا،

انهيءَ هڪ عمل جي جزا تي هلون پيا.

اسير ملاح

ٻاهر ته ڏس منهنجا ٻچا!

 

ٻاهر ته ڏس، منهنجا ٻچا!

ڇا ٿو لڳي:

شايد وڄي جنگ جو بِگل!

سير و شغل،

ڪيئن ٿو وڻي- توکي ڀلا؟

اي بابلا-

ٻاهر ته ڏس،

هو رهزنن جون ٽوليون

لُٽ مار ۾- ڦرمار ۾!

ڪا رڪاوٽ ناهي جن جي راهه ۾!

هو رهبرن جون هوليون!

من مستيون- کر مستيون!

دوکو، دلاسو، ڪنهن کي غشو

طاقت نشو-

مايا، مڳي، ڪنهن سان ٺڳي!

ٻاهر ته ڏس،

ٻاهر ته ڏس، منهنجا ٻچا!

هن قوم جي تقدير ڇا؟

ٿي ديس جي تصوير ڇا؟

ڪيڏي نه بدليل آ فضا-

ظلم جي ٿي انتها!

يا لٿو طوفان نوح:

هر طرف آ نينوا-

لوڪ ناحق ظلم سهي!

ڪير ٿو زنده رهي.

ٻاهر ته ڏس، منهنجا ٻچا!

سون ورنيءَ سنڌ کي،

آغاصبن گهيريو گهڻو،

هر لٽيري هر طرح سان،

مال آ ميڙيو گهڻو؛

ڏس بچيو آهي به ڪجهه؟

يا ور سڀئي ويرين چڙهيو

الزام ٿا ڪنهن تي مڙهيو؟

ڪو هڪ هجي ته به سوچجي،

ڪنهن کي ڪنهن کي لوڌجي

ڪنهن جي نڙيءَ تي ننهن ڏجي

انبوهه ٿيا ٻاهريان هتي،

پنهنجا به ٿيا ڌاريان هتي-

جن نه ڪا پرواهه ڪئي

پنهنجي ڀونءِ بيواهه ڪئي

ڌاريان جڏهن شهزور ٿيا

مالڪ تڏهن کان چور ٿيا!

جن جون ڪيئي پيڙهيون-

مدفون جي ڌرتيءَ اندر-

روئن رڙن ماتام ڪن

بي چين ڪيئن آرام ڪن

جا صدين کان پنهنجي ڌرتي

پاڻ مالڪ، پنهنجي سَرتي،

غير جي ٿئي ڇو وسيلي

ڀونءِ بچايو ڪنهن ته هيلي

ڇا ته پئي هولي هلي-

ڇا ته پئي ڇولي ڇُلي-

ڇا ته پئي گولي هلي،

سنڌ جي ٻولي هلي

سنڌ جي ٻولي هلي

ٻاهر ته ڏس، منهنجا ٻچا!

ٻاهر ته ڏس......

روشن گهانگهرو

ڏيڍوڻا

سڪ، پيار ضروري آ،

لمحي جي حياتيءَ لئه، دلدار ضروري آ.

سڪ- لاٽ ٻري ٿي پئي،

منزل به ملي ويندي، هر واٽ پري ٿي پئي.

اڄ هير گهلي ٿي پئي،

نم- ڏار ٻڌل جهولو، ڪا حور جُهلي ٿي پئي.

 ڪنهن ڳالهه تي ڪرڪڻ تان،

سوبار وڃان صدقي، محبوب جي مرڪڻ تان،

اچ عشق- اُجالن ۾،

ٿو نينهن نچي پياري!، مد مست جهڙالن ۾.

اظهار تي پابندي،

هن تنگ نظر جڳ ۾، ڇو پيار تي پابندي؟

هيءَ سانت اجل ٿي آ،

انڌڪار حويليءَ ۾، هر آس قتل ٿي آ.

انسان ٻَڌيون ٻانهون،

انسان ڪٽيون ٻانهون، انسان ڪيون دانهون.

رابيل سُڪل پٽ تي،

آرام اچي ڪاڏهان، مان ڪيئن سمهان کٽ تي!

وشواس ويا ڪکجي،

الزام جي نانگن کان، احساس ويا ڪکجي.

خاموش نظارا هن،

سڪ، سونهن سوا سارا، احساس اُڃارا هن.

هو سمنڊ سڏي ٿو پيو،

ٿو آءٌ وڃڻ چاهيان، ساحل نه ڇڏي ٿو پيو.

ظاهر ۾ ته ميلو آ،

دنيا ۾ نه ڪنهن جو ڪو، هر شخص اڪيلو آ.

دستور سهي ويندس،

سڀ سور سهي ويندس، مان عرش ڪهي ويندس.

تصوير آ ڪمري ۾،

جهڙي به آ منهنجي سا، تقدير آ ڪمري ۾.

پازيب وڄن ٿا پيا،

ڇا رقص بدن جو آ، احساس نچن ٿا پيا.

سرخاب تمنائون،

ڏس نينهن- نديءَ ڇوليون، بي تاب تمنائون.

اسحاق سميجو

هائيڪو

رهندا ٿوري دير-

پيارا! آهن پيار جا

پَلَ واريءَ تي پير!

ڏس، پاڻياري ڙي-

اکڙيون جرڪن رُڃ جان

وِک وِک واري ڙي!

ڪيڏو ڪوهيڙو-

ٿوهر تي پيل ماڪ کي

گهوري روهيڙو!

تنهنجي سار ٻري

يا ڪا منهنجي روح ۾

خنجر- ڌارَ ٻري!

منظر ڌوپي ويا-

هرهڪ وڻ تي ماڪ جا

موتي جرڪن ٿا!

ٿورو ڳالهايو-

لفظ به موتي ٿا ٿين

ايئن نه اڇلايو!

رات ڪاري مينهن آهي

چنڊ ٽامي جو چڙو آ-

آءٌ پر ميهار ناهيان!

دل به ڪائي سپ آهي

پيار ان ۾ بوند وانگر-

۽ زمانو اُس آهي!

منير سولنگي

وائي

گوري! تنهنجي گهگهريءَ مان، سرخ ڳلن جي نگريءَ مان،

جوڀن تنهنجو جرڪي ٿو.

رنگ بکي ٿو گل وانگي، لال لبن جي سرخيءَ مان،

جوڀن تنهنجو جرڪي ٿو.

زلف هٽايئه مکڙي تان، چنڊ تڪيو ڄڻ ڪڪريءَ مان،

جوڀن تنهنجو جرڪي ٿو.

سورج ڪرڻا گهور وجهن، توکي تاڙن کڙڪيءَ مان،

جوڀن تنهنجو جرڪي ٿو.

گهونگهٽ ٺاهين جنهن جو تون، ڀرت ڀريل تنهن پوتيءَ مان،

جوڀن تنهنجو جرڪي ٿو.

فياض چنڊ ڪليري

وائي

منهنجي سُڏڪن کي،

ڪوئي نانءُ ته ڏي مِٺا!

آئون رُنو جي ناهيان، بيٺل لُڙڪن کي،

ڪوئي نانءُ ته ڏي مِٺا!

ڪين گهلي آهي هوا، در جي کڙڪن کي،

ڪوئي نانءُ ته ڏي مِٺا!

سانت به ڄڻ ڳائي پئي، ويران رستن کي،

ڪوئي نانءُ ته ڏي مِٺا!

تون بڻجي وئين اوپرو، ٽٽل رشتن کي،

ڪوئي نانءُ ته ڏي مِٺا!

ايوب کوسو

نظم

خاموش هوائون هِن،

چپ چاپ نگاهون هِن.

ها درد جي چکيا تي،

بي نام صدائون هِن.

هي شام ڪفن جهڙي،

يادن کي وٺي سهڙي،

هڪ بوند ڪري هٿ تي،

هُئي ڄڻ ته چُمي جهڙي،

هي پيار به سپنو آ،

جو لڙڪ گهري ٿو پيو،

ڏس واريءَ گهر وانگي،

اڄ جيءُ ڀُري ٿو پيو،

آواز سُريلو ڪو،

اڄ ياد اچي ٿو پيو.

ها ڏينهن لڳا ڏاڍا،

پر ياد نه وسري ٿي،

هر رات ستم آهي،

جا تو بن گذري ٿي،

هر آس لُٽي آهي،

هر خواب ٽٽو آهي.

سڀ ڪجهه ته هليو ويو آ،

پر درد کُٽو ناهي.

او لُڙڪ اچو موٽي،

ڪا آٿت ڏيو دل کي،

جيئن درد وڃي وسري،

هي پهر وڃي گذري،

هي پهر وڃي گذري!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com