وسيم سومرو
غزل
آءُ پرڀات لهي ٿي مون تي،
ڪا نئين مات لهي ٿي مون تي.
چنڊ بنرو نٿو اچي مون وٽ،
روز بارات لهي ٿي مون تي.
ڄاڻ وارن ۾ وڄ ٿي چمڪي،
ڄاڻ برسات لهي ٿي مون تي.
لفظ آهن قطار ۾ بيٺا،
درد جي ڏات لهي ٿي مون تي.
ڏينهن پورهيو ڪري پُنو هاڻي،
ياد جي رات لهي ٿي مون تي.
پار تنهنجي جو ڪو پکي بنجي،
تنهنجي هيءَ تات لهي ٿي مون تي.
ستار سُندر
غزل
شام جو وڻندڙ نظارو ٿي وڃان،
مان به دريا جو ڪنارو ٿي وڃان.
پيار مان جنهن کي ڏسين هر روز تون،
اُڀ تي اهڙو ستارو ٿي وڃان.
رنگ پنهنجي پيار جا جي ڏين اگر،
مان زماني کان نيارو ٿي وڃان.
تنهنجي خوشبو منهنجي ساهن مان اچي،
ايترو تنهنجو مان پيارو ٿي وڃان.
مون مٿان نظرون هٽائين تون متان،
زندگي ڀر بي سهارو ٿي وڃان.
ساڀيان سڀ خواب ٿي ويندا اگر،
هن جي پيرن جو مان چارو ٿي وڃان.
ڪاش ”سندر“ جيئن نه ڪو احساس ٿئي،
ديپ بن ويران جارو ٿي وڃان.
بخشل باغي
غزل
هر ڪڻي آ ڀونءِ جي مُک تي خدائي جي چمي،
۽ ستارا ٿا ڏين اُڀ کي سُهائي جي چمي.
سوچ ٿورو، تن چپن تي جن مان آ تخليق ٿي،
هي جڳت آهي امر تنهن ايڪتائي جي چمي.
فاصلا دل ڏي وڌن پيا رات جي پاڇن جيان،
پاڻ کي اڄ شام ڏئي پئي الوداعي جي چمي.
واءُ جو ڪومل بدن تڏهن ته آ خوشبو ٿيو،
ڪنهن چريي گل آ ڏني هن کي سُرهائي جي چمي؟
دور تائين ڪوبه ڪٿ احساس ۾ ناهي رهيو،
ماٺ اهڙي آ ڏني اڄ هيڪلائي جي چمي.
باک مان اُڀري صبح جو سج ڪيڏي پيار سان،
روز ڌرتيءَ کي ڏئي ٿو روشنائي جي چمي.
اُن ۾ ئي سڀ فاصلا گهٽجي ختم ٿي ٿا وڃن،
پيار ۾ جيڪا به ملندي آ جدائي جي چمي.
دز جيان جيئن هر برائي واءُ ۾ اُڏري وڃي،
تون امن! ڪو سرشٽي کي ڏي چڱائي جي چمي.
نانءُ جنهن جو نرڙ تي بنديا جيان آهي، ۽
سنڌ جي مُک تي ڪويتا آ ڀٽائي جي چمي.
سچ کي سقراط پنهنجي زندگي ڏيئي ويو،
ها، حقيقت جي ڳلن تي ڏئي سچائي جي چمي.
سا چين تي زخم بڻجي ٿي پئي ناسور آ،
تو ڏني مون کي هئي جا بيوفائي جي چمي.
سا چين تي زخم بڻجي ٿي پئي ناسور آ،
تو ڏني مون کي هئي جا بيوفائي جي چمي.
مان سڙي پل ۾ اُجهامي خاڪ ٿي ويس واءُ ۾،
ڪيئن سهي مٽيءَ جي مورت تنهنجي تائي جي چمي.
شام، لهرن جي چپن تي ڪو شفق جو گيت آ،
سج، سنڌوءَ کي ڏئي پيو الوداعي جي چمي.
ساحر راهو
غزل
وينگس جي مرڪ رُڃ تي جل ٿل جيان هئي،
نيڻن جي نينڍ رُڃ ۾ بادل جيان هئي.
مينديءَ رتل هٿن ۾ خوشبو گلاب جي،
جهومڪ جي لوڏ پيار جي پايل جيان هئي.
سورج سميٽي روشني اُلهي ويو هيو،
واهڻ جي شام ڪاڪ جي مومل جيان هئي.
تنها هيو وجود ۾ ڪنهن کي نه ڄاڻ ڪا،
شاعر جي سوچ پيار ۾ پاڳل جيان هئي.
لهجي ۾ تلخ هئي مگر نزديڪ ڇوڪري،
خوشبو هئي گلاب هئي ململ جيان هئي.
محبوب جي نگاهه ۾ ساگر ڇليا هئا،
چانڊاڻ هن جي روپ ۾ آنچل جيان هئي.
مدهوش مند جي اڳيان جوڀن جون آرسيون،
ڳڙکيءَ منجهان نهار ڀي ٿاڌل جيان هئي.
جلوو پيسي نگاهه ٿي ”ساحر“ جهڪي وئي،
مندر جيان هئي يا ديول جيان هئي.
فضه غزل
غزل
سالگرهه تي سار کڻي اينديون،
مکڙيون مهڪار کڻي اينديون.
گُل خوشبوئن سان ڀنل هي تولئه،
هوائون هار کڻي اينديون.
وساري ڪيئن ڇڏيان اوپرين!
مندون ميار کڻي اينديون!
ڪين سمجهي سگهئين جي پيار کي،
اکيون اظهار کڻي اينديون.
منهنجون سوچون تو ڏي ايندي،
ادب اشعار کڻي اينديون.
نواز خان زنئور
ڏيڍوڻا
علي بندر تي اُڏن ٿيون آڙيون،
سوين سنيها سمنڊ کي آهن، اجهاڳ جرتي اُڏن ٿيون
آڙيون.
گسن ۾ ديدون اڃان رکون ٿا،
اوهان اسان جي اڱڻ تي ايندؤ، اِهي اُميدون اڃا
رکون ٿا.
نرم سڳنڌون ڏئي چنبيلي،
ايئن جواني کُلي ٿي هن ۾، بدن سندس ٿو ٿئي چنبيلي!
ڪڏهن نيلوفر ٻُڏا نه آهن،
ائين ئي عاشق سدا ترن ٿا، جدائي جي جر ٻُڏا نه
آهن.
اِهي هڳائون اڃا به جاڳن،
پرين! اوهان جي اسان کي بخشيون، چڳن جون ڇانئون
اڃا به جاڳن.
اهي وسارون چڱيون نه آهن،
متان جدائي اٽل وڃي ٿي، پري اُڏارون چڱيون نه آهن.
سوين جبينون جهڪي پيون هن،
پرين اوهان جي حسن جي آڏو، چندا، زمينون جهڪي پيون
هن.
اسان اوهان جون ڪئين نشانيون،
رکيون سنڀالي ۽ سڀ ميارون، ڳچي ۾ پاتيون ڪري ته
ڳانيون.
اسان اوهان جا عجب هي ناتا،
ڪڏهن ٽٽن ٿا، ڪڏهن لڳن ٿا، ازل جا آهن، غضب جا
ناتا!
ڳلي ۾ ڳانيون سدا دکن جون،
اسان کي ڀاڪر اچي ٿيون پائن، ٽڙيل جوانيون سدا دکن
جون.
حيات ٿورا گهري ٿي سپنا!
متان چئين مون نه ڪجهه به پاتو، هي زندگاني ڇُري
ٿي سپنا!
گلاب جهڙيون ٻئي هو ٻانهون،
چَپُو هلي ٿو، لڏي ٿي ٻيڙي، چمڻ لئه لهرين اُٿن
ٿيون دانهون.
ڪيون شفق ۾ سنجها پڪارون،
ٻُڌيون نه سورج مکيءَ صدائون، تڏهن ڏنائين ته
اوڇنگارون.
کُليل چڳن سان سُتي پڌر تي،
کڻي هوا وئي بدن جي خوشبو، وٺا ڪي سانوڻ دلين جي
ٿر تي.
وطن جي خاطر بهار گهرجي،
نه ٻارڙو ڪو بکيو مري هِت، نگر نگر ۾ سُڪار گهرجي.
شبنم گُل
چانڊوڪيءَ جو حسن
گل جي خوشبو،
بلبل جو نغمو،
لهرن جو گيت،
رات جي سينڌ ۾ جرڪندڙ-
ڪهڪشان جو عڪس.
هڪ ئي هارموني،
هڪ ئي رِدم تي،
رقص ڪندا آهن.
ته ننڊ ڌيزي اکين جو،
پردو هٽائي شعور جي،
منزلن ڏانهن سفر ڪندي آهي،
۽ ڪائنات جي وسعت
سرمئي صبح ۾،
ڪوئل جي امر گيت جيان.
ڌڙڪڻ لڳندي آهي.
هُماءِ. ايس
غزل
اسان جا هي ڏکڙا ڏسي ڪونه سگهندين،
ٻڌايان ڇا توکي، ٻُڌي ڪونه سگهندين.
ڇو ٿو ويٺو ڇيڙين، جي روئي ويٺاسين،
اسان جا هي ڳوڙها اُگهي ڪونه سگهندين!
اهڙو ڄار دشمن وڇائي ڇڏيو آ،
ملڻ جي تون چاهين، ملي ڪونه سگهندين!
لبن تي آ تنهنجي لڳي مهر اهڙي،
کِلڻ جي تو چاهين، کِلي ڪونه سگهندين.
پشپا ولڀ
پپا هتي ڇو نه آهي؟
مون کي هڪڙو پٽ آهي، ننڍڙو پٽ
تمام پيارو نينگر
مان جڏهن کيس ڏسندو آهيان
مون کي لڳندو آهي
ڄڻ سڄي دنيا منهنجي آهي
پر مان کيس اتفاق سان ئي
جاڳندي، کيڏندي ۽ ننڍڙيون معصوم
شرارتون ڪندي ڏسندو آهيان.
مان کيس تڏهن ئي ڏسي سگهندو آهيان
جڏهن هو سمهيل هوندو آهي
مان هميشه رات جو گهر موٽندو آهيان
۽ صبح سوير ڪم تي نڪري ويندو آهيان
۽ جڏهن گهر موٽندو آهيان
ته دير ٿي چڪي هوندي آهي
پنهنجي هڏ ماس مان ٺهيل
پنهنجي رت مان ٺهيل پنهنجي ٻار کان
مان بيخبر آهيان
پنهنجي ٻار جي چهري کان بيخبر
جڏهن مان ٿڪو ٽٽو گهر پهچندو آهيان
ڏينهن جي روشنيءَ کان، رات جي اونداهيءَ ۾
منهنجي هيڊي، ڪمزور زال
حيرت سان ٻڌائيندي آهي:
”پنهنجي پٽ کي تون کيڏندو ڏسين ها!“
مان سندس ننڍڙي پلنگ جي ڀر سان بيهي رهندو آهيان
مان ڏسندو رهندو آهيان ۽
ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان
پنهنجن خوابن ۾ هُو
پنهنجا چپ چوريندو آهي:
”پپا هتي ڇو نه آهي؟“
(يدش مان)
ج.ع. منگهاڻي
غزل
جنهن کي ڳوليو پئي مون بن بن ۾،
آهي موجود دل جي درپن ۾!
آهي اُهڃاڻ ڪنهن جي چاهت جو،
تنها تنها چراغ نيڻن ۾.
آس مرڪي پيئي اداسيءَ مان،
توئي پاتو ليئو هو درين ۾.
چوڏسائن ۾ ساهه جي خوشبو،
باهه ڀڙڪا ڪري اُٿي تن ۾.
تون اچين ٿو خيال ۾ جنهن دم،
اوتجي ٿو نکار سپنن ۾.
ڪو وٺو نانءُ دل نٿي ڌڙڪي،
سرد موسم ٽڪي آ جذبن ۾.
ڇانءَ آهي، نه ڇانورو ڪوئي،
ٿڪ آهي صدين جو پيرن ۾.
تون نه آهين ته سانورا سائين!
ڪونه آهي سحر ڪو راتين ۾.
ڪا گهڙي همسفر منگهاڻي ٿيءُ،
آهي تڪيو اسان جو تارن ۾.
شاهه محمد پيرزادو
ترائيل
ٿڌڪارون ٿڌڪارون آهي
تنهنجي ياد جي وستي پياري
ساري مند بهارون آهي
ٿڌڪارون ٿڌڪارون آهي.
ڳوٺ سڄو هُٻڪارون آهي
هر شيءِ تنهنجي هستي پياري
ٿڌڪارون ٿڌڪارون آهي
تنهنجي ياد جي وستي پياري.
مس نظم گُل
لهي ٽيڙو ويا ٽيئي،
وري ڪتيون پيون اُڀري،
اسان جي دل جي امبر تان
پراڻو درد جو سورج
اڃا جانان! لٿو ناهي.
اوهان جو ڪو پتو ناهي
اوهان جي ڪا خبر ناهي
اسان جي دل جي بستيءَ ۾
وڇوڙي جو وڄي سرگم
اسان جي نيڻ نگريءَ ۾.
ورهه واري اڃا موسم،
اسان جي ڀاڳ جي بلبل،
اڃا آ قيد دردن ۾.
اسان جي اک جي ول تي،
ڪڏهن ڪو خواب جو پوپٽ،
نٿو ترسي اڃا ڀُلجي،
لهي ٽيڙو ويا ٽيئي!
ماهين هيسباڻي
لڳو اُتر واءُ:
مون سمجهيو، تون آيو آن!
پن، ڇڻ جي کڙ کڙ، من ۾ ٿيو پڙلاءُ،
مون سمجهيو، تون آيو آن!
وڻ وڻ جهومي ٿو ڪري اڄ ڪنهن جو آڌرڀاءُ،
مون سمجهيو، تون آيو آن!
من، اڱڻ تي گُل ڦٽي پيا، ٿي جو ويو هڳاءُ،
مون سمجهيو، تون آيو آن!
دل جي دونهين ۾ دُکي، آسُن ڪيو اُلاءُ!
مون سمجهيو، تون آيو آن!
سرگوشين جو ساهه سان ٻُڌم جو ڳالهاءُ،
مون سمجهيو، تون آيو آن!
آڌي رات اُٿي اُٿي، مون ڪيو ٿي سرلاءُ،
مون سمجهيو، تون آيو آن!
روبينه ابڙو
غزل
توڙي جو پنڌ پهاڙن جو!
ڇو سوچين ساٿ سهارن جو!
ڪو ڪنهن جو ڪيئن ڀلا ٿيندو؟
هو چنڊ نه آهي تارن جو.
ڇو موکي مٽ ڇڏيئي هاري؟
ڇا ٿيندو هاڻ اُڃارن جو.
هُو ورهن کان پوءِ وانڍ وريو،
ڄڻ ڀاڳ کُلي پيو چارن جو!
هئي جن جي سِڪ سدا توکي،
اڄ خيال نه تن ئي پيارن جو.
هو پاڳل نيڻ اُجهامي ويا،
ڇا ٿيندو هاڻ نظارن جو؟
هر طرف سياست جون ڳالهيون،
ڄڻ واءُ گهليو آ نعرن جو.
اچ اوسيئڙي جي مند کڻي،
آيو آ، جهول بهارن جو.
بس تِک منجهاران ترندي رهه،
تون سوچ نه اڄ ڪنارن جو.
ابرار ابڙو
غزل
وجود پاڇن پٺيان هميشه رهي ٿو ڊڪندو سڄي عمر لئه،
جڏهن به ڪنهن کان وڃي ٿو وڇڙي، سرور من جو سڄي عمر
لئه.
عجيب ڪيڏو هو شخص چئبو، ته جنهن اکين جي ڪٿا کي
سمجهيو،
ڇڏڻ به هن جو عجيب چئبو، ڇڏي ويو جيڪو سڄي عمر
لئه!
گهٽائون گهايل لڳن ٿيون ڄڻ پو جڏهن هوائون هليون
وڃن ٿيون،
وسي ٿڪن ٿيون نٿو لهي پو، هوا جو جهوٽو سڄي عمر
لئه!
ضمير جن جو ويو وڪامي، اُنهن ۾ ڪهڙي اُميد رکجي،
هي ڀروسو آ ٽٽي پيو گر، نٿو جُڙي پو سڄي عمر لئه.
ٻه ٽي اُمنگون اکين ۾ منهنجي، رهن ٿيون طاري گهڻي
سمئي کان،
گهڻو پتوڙيو آ زندگيءَ لئه، اڃا آ پچڻو سڄي عمر
لئه!
نگاهه جن کي پئي تلاشي، اُهي ڇڏي ويا پرين پري هن،
لڳي ٿو درشن هُنن جو هاڻي، ڪڏهن نه ٿيندو سڄي عمر
لئه!
عامر سيال
نظم
اسان کي سَکي، عاشقي تون لڳين ٿي
اسان محبتن جا اڃايل به آهيون
۽ تنهنجي ادائن جا گهايل به آهيون
اکين جي حنائي به مُرڪي رهي آ
خدا جي خدائي به مُرڪي رهي آ
فضائن ۾ تنهنجو ڏٺو رنگ آ مون
۽ جوڀن ڀريل هي ڏٺو انگ آ مون
هوائن ۾ منهنجي صدا کي به ٻُڌجان
۽ پنهنجي هٿن جي حنا کي به ڏسجان
گلابن جي خوشبو جتان پئي ڦٽي ٿي
۽ احساس جيڪا اسان جا ڇهي ٿي
ڪئي زرد چهرا به سامهون اچن ٿا
رڳو چنڊ ناهي اُداسو اوهان لئه
سڄو لوڪ آهي پياسو اوهان لئه
۽ مون کي به ڏاڍي سَکي تون وڻين ٿي
ڀٽائيءَ جي بيتن جيان ٿون لڳين ٿي
ڀٽائيءَ جي بيتن جيان تون لڳين ٿي.
ساحر ٿهيم
تنهنجي بُت سان وڃي لڳو آهي،
ڀاڳ وارو اُهو وڳو آهي.
بي خبر بانوري! هلي وڃ گهر،
تنهنجي پويان ولر لڳو آهي.
هوءَ ’ڇڏ ڇڏ‘ چئي، ڇڏائي ٿي،
مون نه ڀاڪر ڪڏهن ڀڳو آهي.
ڳوٺ ۾ ٿي رسيس ٻارن کي،
گهنڊ اسڪول جو وڳو آهي.
منهنجي هٿ ۾ قلم ڪتاب هُيا،
تنهنجي هٿ ۾ سُئي سڳو آهي.
هُن جو ساحر مزاج لڳندو آ،
ڄڻ ته ڇڙواڳ ڪو ڍڳو آهي.
جاويد سوز هالائي
ڏيڍ سٽا
ڪجهه ٻول کڻي راڻي!
احوال اندر جا ڪي، اڄ کول کڻي راڻي.
ڪي گيت کڻي آ تون،
ڪئين ڏينهن ٿيا آهن، اڄ ميت کڻي آ تون.
ڏس گل ڦٽا آهن،
ها مينهن وٺو آهي، ۽ ڀونئر مِڙيا آهن.
اڄ ياد اچين ٿي تون،
يادن جي دريچن ۾، آئينو لڳين ٿي تون.
نيڻن ۾ سدا آهين،
تون ئي ته سکي منهنجي، سپنن ۾ سدا آهين.
منزل تي پُڳو هوندو،
جاکوڙي اٿس جذبا، ڪٿ ڪونه ٿَڪو هوندو.
بخت عابد
غزل
هوءَ موسم بهار جهڙي آ،
ڄڻ ته چڙهندڙ خمار جهڙي آ.
بي مثل آهي، بي بدل آهي،
هوءَ اڪيلي، هزار جهڙي آ.
انتظاريءَ ۾ ٿي ملي، جيڪا،
بيقراري، قرار جهڙي آ.
دل چوي ٿي، چمانس ڳل هر هر،
هوءَ ننڍڙي ته ٻار جهڙي آ.
سرتين منجهه ائين ٿي سونهي،
ڄڻ ته ڪونجن- قطار جهڙي آ.
دل چوي ٿي، ڇڏيانس مان اوتي،
بخت هوءَ ماکيءَ لاڙ جهڙي آ.
سهيل احمد / عاصم عباسي
گهڻو مصروف رهندو هان
مان پنهنجي پاڻ کان ڊڄندي
مان پنهنجي پاڻ کان لڪندي
مان پنهنجي پاڻ ۾ رهندي
ڪتابن ۽ صحيفن ۾
حڪايت ۽ لطيفن ۾
گهڻو مصروف رهندوهان.
اونداهي رات بڻجي جو جڏهن مون کي ٿي تڙپائي
ڏسان تنهن دم ٿو تارن کي
ازل کان هڪڙو رشتو آ
ابد کان نيهي ناتو آ
اهو محسوس ٿيندو آ
گهڻو مصروف رهندوهان.
هو لمحو ضبط جو لمحو، اندر جي ضبط جو لمحو
جو لفظن کان جدا ٿي پو، منهنجي من مان ڦٽيو آهي
اندر جي ڪارخاني مان، سو وحدت کان پسيو آهي
اهو تحرير ڪريان ٿو
گهڻو مصروف رهندوهان.
ڪلاڪارن جي دنيا ۾، اهو فنڪار هوندو آ
اهو انصاف ڏيندو آ، اهو مصروف رهندو آ
جو ڪاغذ جي ته سيني تي
قلم کي ٿو ڀڃي ڀوري
اهو تحرير ڪريان ٿو
گهڻو مصروف رهندوهان!
شائق ڪمبوه
هائيڪا
ٿڌيون هوائون،
توکي ساري ساهه ۾؛
ڇائيون گهٽائون!
سرنهن ڦولاري،
چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي؛
خوشبو چوڌاري!
ڀيڄ ڀنيءَ جي ويلَ،
توکي ڏسي اوچتو؛
مهڪيا وڌ رابيل!
آءُ هڻان ڇا هامَ،
تون چانڊوڪي چيٽ جي؛
تون سانوڻ جي شام!
گلن جهڙا ميتَ!
آءٌ ته توتان گهوريان؛
خوشبو جهڙا گيت!
خيال سنڌي
غزل
بار محسوس ٿيو ڪجل اڪثر،
نيڻ پنهنجا رهيا ڀنل اڪثر.
جڏهن کان هو رٺو تڏهن کان سچ، خود کان آهيون رٺل
رٺل اڪثر.
روپ نگريءَ جو نه حال پڇو، پٿر شيشن ۾ هئا لڪل
اڪثر.
ڏار هڪڙو بهار هوندي ڀي، هن چمن ۾ ڏٺم سُڪل اڪثر.
آئيني جو گناهه ناهي ڪو، دوکو ويندي آ ڏئي شڪل
اڪثر.
تير ٻوڙي هنيو زهر مان تنهن، مون کي چوندو هو جو
مٺل اڪثر.
پڪ ڪر آ لٽيل اُجالن جو، پاڇي کان ٿو رهي ڊنل
اڪثر.
خيال شهر فريب ۾ يارو!
جاڳندي ڀي رهيو سُتل اڪثر.
عابد جاني ملڪ
ڇڄي ته جيون بنائي بن ٿو، اچي ته ساجن سڪار جهڙو،
رُسي ته ٿئي ڄڻ ڏڪار ٿر ۾، ملي جي مرڪي ملهار
جهڙو.
چپن جون مکڙيون حجاب لاهي کلن ته ڀؤنرا نچن چمن ۾،
گلاب گفتا لبن تي جهومن، مٺي جو مرڪڻ بهار جهڙو!
قمر کڻي ڪر ڪڪر جي ڪنڊ مان شڪي ستارن کان اک
بچائي،
لڪي لڪي پيو تڪي سڄڻ ڏي، اُهو ڪنهن عاشق خوار
جهڙو.
پَريان ته ڏس، هو پنن جي حالت، سرءُ لُٽيو آ سڪون
جن جو،
خزان کسيو آ وڻن جو اوڇڻ، سمو چمن لئه بخار جهڙو.
خلا ۾ هڪ ٻئي پٺيان هي بادل هوا ۾ هوريان هلن پيا
ٿا،
اهو ته منظرِ ڀٽن مٿان ڄڻ پريان اُٺن جي قطار
جهڙو.
ڪڏهن به مئه کي ڇهيو نه ٿم پر پياڪ ماڻهو سڏن ٿا
مون کي،
نشيلي نيڻن اسان تي ’عابد‘ اثر ڪيو آ خمار جهڙو.
علي دوست عاجز
غزل
هي جا گيتن ڀلن جي خوشبو آ،
تنهنجي نيڻن، چپن جي خوشبو آ.
مان اُهو خط پڙهان، اکين تي رکان،
جنهن ۾ تنهنجي هٿن جي خوشبو آ!
تنهنجي يادن جو واس ايندو آ،
ڄڻ ته گهر ۾ گلن جي خوشبو آ.
اورتي آءُ، هم زبانَ اڃان،
تو ۾ منهنجي وطن جي خوشبو آ!
دور تائين جا واسي روحن کي،
ها اِها ڏات، فن جي خوشبو آ.
ڪيتري پياري ٿي لڳين دنيا،
تو ۾ ماڻهن مٺن جي خوشبو آ.
تنهنجي تن جي، گلن جي بو کان وڌ،
مينهن ۾ رڻ پٽن جي خوشبو آ!
زندگيءَ سان آ پيار عاجز کي،
جنهن ۾ تنهنجي ڳڻن جي خوشبو آ!
وشال
غزل
ساجن سارون ساڳيون آهن،
لڙڪن لارون ساڳيون آهن.
دل ٿي تڙپي مان به لُڇان ٿو،
تن من تارون ساڳيون آهن.
ڏينڀو پنهنجي جاءِ مٽي ويا،
ڀت ۾ ڏارون ساڳيون آهن.
لهر لهر ۾ نوريءَ خوشبوءِ،
ڪينجهر ڌارون ساڳيون آهن.
جلون جوڀن جت اُجاڙيا،
هي بازارون ساڳيون آهن.
ڪين ’وشال‘ آ وسريو ماضي،
پيار پچارون ساڳيون آهن. |