هن پس منظر ۾ ڏسبو، ته حضور پيغمبر ﷺ جن ڏانهن
منسوب هڪ ڳالهه ياد ايندي. پاڻ فرمايو اٿن. ته:
”الاعمال بالنيات“ (عمل جو مدار نيت تي آهي). ان
سلسلي ۾ هيءَ ڳالهه به هڪ تاريخي واقعو آهي ته
حضور ﷺ جن مديني جي ٻاهران ”مسجد ضرار“ ڊهرائي ڇڏي
هئي. حالانڪ عام ديني عالِمُ اهو ئي ٻڌائيندو آهي،
ته هڪ دفعو جنهن جاءِ تي مسجد ٺهي، اتي (ان جي
شهيد ٿيڻ کان پوءِ) ٻي ڪابه جاءِ تعمير ٿي ڪانه
سگهندي. نه رڳو ايترو، پر، مسجد ۾ وقت ڏسڻ لاءِ
اندر ۽ ٻاهر ٻه گهڙيال هنيا ويا، ته پوءِ اتان
ڪنهن ضرورت لاءِ هڪ گهڙيال به ڪڍي نٿو سگهجي. پر،
حضور پيغمبر ﷺ جن ته مورڳو مسجد ئي ڊهرائي ڇڏي، ڇو
ته اها مسجد منافقن بدنيتيءَ سان ٺاهي هئي. هو
ظاهري طرح ان ۾ نماز لاءِ گڏ ٿيندا هئا. پر، اصل ۾
منجهس مسلمانن جي خلاف سازشون سٽيندا هئا.
حضور ﷺ جن جي طرفان ”مسجد ضرار“ ڊهرائي ڇڏڻ ۾ به
اهو سبق ڏنل آهي، ته ماڻهوءَ جو عملُ سندس نيت تي
منحصر آهي.
جتوئي صاحب قرآن شريف جي ترجمي جو ڪم ڪهڙيءَ نيت
سان ڪيو، سا کيس خبر. ليڪن، بلاشبه، هن پنهنجي
”پيش لفظ“ ۾ قرآن ڪريم لاءِ ازحد ادب ۽ احترام جو
اظهار ڪيو آهي. لکيو اٿس ته:
”دنيا ۾ قرآن شريف اهو اڪيلو ڪتاب آهي، جنهن تي وڌ
۾ وڌ تحقيق ٿي آهي. گهڻين کان گهڻين ٻولين ۾ ترجمو
ٿيو آهي. (دنيا جي) ٻئي ڪنهن به ڪتاب کي ان لحاظ
کان قرآن شريف جي ڀيٽ ۾ پيش ڪري نٿو سگهجي. مان
پنهنجي ترجمي ۾، حتي المقدور، اصل عربي متن جي
ويجهو رهيو آهيان. منهنجو ترجمو عام لغت ۾ لفظن جي
ڏنل معنيٰ ۽ مطلب موجب آهي. مون هن ترجمي ۾، قديم
۽ تسليم ٿيل، مستند عالمن جي پيروي ڪئي آهي، ڇو ته
هو حضور ﷺ جن جي زماني کي ويجهو هئا، سو کين لفظن
جي صحيح معنيٰ ۽ مطلب جي ڄاڻ هئي. مون جديد دؤر جي
ڪن مترجمن کي ڇڏي ڏنو آهي، جن پنهنجن جديد خيالن
جي تقويت لاءِ، لفظن کي نئين معنيٰ ڏيڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. قرآن شريف جهڙو پاڪ ڪتاب ماڻهن جي اڳيان
ائين ئي پيش ڪرڻ گهرجي، جيئن حضور پيغمبر ﷺ جن
پنهنجن سامعين کي پيش ڪيو هو. اهو مترجم کي اختيار
ڪونهي ته هو هاڻوڪي وقت جي تقاضا موجب، يا پنهنجي
ذاتي خواهش پٽاندر قرآن شريف جي لفظن جي ترجمي ۾
لفظن جي معنيٰ ڦيرائي.“
تازو رياض احمد آگري نالي هڪ نوجوانَ، مون وٽ ميز
تي سندس ترجمو ڏسي چيو ته ”جتوئي صاحب لاءِ ته
چوندا آهن، ته مذهبي خيالن جو ڪونه هو. سوشلسٽ
خيالن جو هو. پوءِ قرآن شريف جي ترجمي جو ڪم خبر
ناهي ته ڇو ڪيائين؟“
مون کيس چيو ته، ”مذهبي خيالن جو ماڻهو به سوشلسٽ
خيالن ڏانهن مائل ٿي سگهي ٿو. مولانا عبيدالله
سنڌي روس ويو. سوشلسٽ نظام ڏٺائين ۽ ان جي تعريف
ڪيائين. چيائين ته ”اسلام به ائين ئي انسانذات ۾
مساوات لاءِ عالمگير پيغام کڻي اٿيو هو.“ ڪيترائي
سوشلسٽ اڳواڻ شاهه ولي الله جي فڪر جي ساراهه ڪن
ٿا. ائين به ٿي سگهي ٿو ته سوشلسٽ خيالن جو ماڻهو،
اڳتي هلي، سراسر مذهبي خيالن جو ٿي وڃي. مثلاً
محمد امين کوسو، جو ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي ڪميونسٽ
پارٽيءَ جو سيڪريٽري هو، پر، آخر ۾ ٺيٺ مذهبي
خيالن جو ٿي ويو. قادر بخش نظاماڻي به آخر ۾ مذهب
ڏانهن مائل ٿيو. مون کي شيخ اياز پاڻ ٻڌايو، ته
مان لنڊن ۾ وٽس ويس، ته نماز پڙهي رهيو هو.
خود شيخ اياز پاڻ به عمر جي آخري ڏينهن ۾، ڪراچيءَ
۾ رهائش دوران، دعائن جو ڪتاب لکيو. ڪي انهيءَ مان
ڪهڙي معنيٰ ڪڍن ۽ ڪي ڪهڙي. پر، انهيءَ حقيقت کان
انڪار ته ڪير به ڪري نٿو سگهي.
رياض احمد ته اهو ٻڌي خاموش ٿي ويو. پر، ٻيو ڪو
شخص اهو سوچي سگهي ٿو ته جتوئي صاحب اهو ترجمو
انگريزي زبان ۾ ڇو ڪيو؟ سنڌيءَ ۾ ڇو نه ڪيو؟
جيڪڏهن کيس قرآن شريف پاڻَ سمجهڻو هو، ته اهو ته
سنڌي زبان ۾ سولائيءَ سان سمجهي سگهي ها. يونيسڪو
جي ماهرن جو متفقه رايو آهي ته ”علم پرائڻ جو سڀ
کان موثر ذريعو مادري ٻولي آهي.“
جتوئي صاحب ته قومپرست ماڻهو هو. سنڌ جو ليڊر هو.
رات ڏينهن هارين نارين سان گڏ هوندو هو. خود
پنهنجي پيش لفظ ۾ لکيو اٿس ته:
”پبلڪ جي ڪم، خاص ڪري سنڌ جي پيڙيل ۽ لتاڙيل هارين
نارين جي ڀلائيءَ لاءِ جدوجهد ۾ گهڻو مشغول رهڻ
ڪري، ترجمي جي ڪم ۾ گهڻو وقت لڳي ويو.“
سنڌ جا هاري ناري ٿوري گهڻي سنڌي ۽ سرائڪي ته
ڄاڻندا هوندا، پر انگريزي ٻولي ڪير ڄاڻندو هوندو؟
سو، جيڪڏهن جتوئي صاحب قرآن شريف جو ترجمو سنڌيءَ
۾ ڪري ها ته پاڻ به سولائيءَ سان سمجهي ها، ۽ سنڌ
۾ ٻين ماڻهن کي به سندس علم جي روشنيءَ ۾ قرآن
شريف سمجهڻ ۾ مدد ملي ها.
انگريزي ترجمي يا تفسير
(Commentry)
مان ته اهي فائدو وٺي سگهندا، جيڪي انگريزي ڄاڻندا
هوندا. انهن ماڻهن ۾ سڀ کان اول ته خود انگريز اچن
ٿا. جتوئي صاحب، سندس پنهنجي لکڻ موجب، ترجمو سنه
1940ع ۾ شروع ڪيو هو. تڏهن برابر انگريزن جي
بادشاهي هئي. پر، جتوئي صاحب انگريزن جو مخالف هو.
سو، کيس انگريزن کي قرآن شريف سمجهائڻ جو ضرور
ڪونه هو.
پر جتوئي صاحب جو ته چوڻ آهي ته، ”مون قرآن شريف
کي سمجهڻ خاطر ان جو ترجمو انگريزيءَ ۾ ڪيو.“
جتوئي صاحب، پنهنجي ”پيش لفظ“ ۾، ٻي به هڪ دلچسپ
ڳالهه ڪئي آهي. لکيو اٿس ته:
”آسانيءَ سان چئي سگهجي ٿو ته مڪي واري زماني ۾
پيغمبرن ﷺ جن، عربن لاءِ هڪ انقلابيءَ انسانَ جون
جهلڪيون ڏيکاريون. پر مديني واري زماني ۾، پاڻ
قدامت پسند حڪمران
(Conservative Ruler)
وارو طريقو اختيار ڪيائون.“
اسلامي تاريخ ۽ خصوصاً حضور پيغمبر ﷺ جن جي سيرت
جو هرهڪ طالب العلم ڄاڻي ٿو، ته حقيقت ان جي ابتڙ
آهي.
مڪي شريف ۾ رهائش واري زماني ۾ ته حضور پيغمبر ﷺ
جن مخالفن جو سُورَ ۽ سختيون صبر سان سهندا رهيا.
ڪافرن جون زالون سندن راهه ۾ ڪنڊا اڇلائينديون
هيون. ڪافر مٿن ٽوڪون ڪندا هئا. کين پٿرن سان زخمي
ڪري رتو رت ڪندا هئا، سندن پوئلڳ مسلمانن کي سيني
تي پٿر رکي، ڪٽيندا هئا. آخرڪار مجبور ٿي، حضور ﷺٖ
جن مسلمانن کي مڪي مان حبش ڏانهن هجرت ڪرڻ جو حڪم
ڏنو. جڏهن سندن دشمن خود کين شهيد ڪرڻ جو منصوبو
رٿيو، تڏهن پاڻ مڪو ڇڏي، مديني هجرت ڪري ويا.
ليڪن، مڪي جي مخالفن خلاف ڪوبه انتقامي يا انقلابي
قدم ڪونه کنيائون.
پر، جڏهن ڪافرن کين مديني ۾ تنگ ڪرڻ لاءِ يهودين
سان سازشون سٽيون، ته کين ”قتال“ جي اجازت ملي. رب
جي رضا موجب، مسلمانن کي، مخالفن سان لڙائيءَ جي
موڪل ڏنائون.
حضور پيغمبر ﷺ جن جي هڪ سيرت نگارَ جي لفظن ۾ (مون
سندس ڪتاب انگريزيءَ ۾ پڙهيو هو)، جڏهن مديني ۾ به
حضور پيغمبر ﷺ جن کين جواب ڏنو ته:
“You want a battle? All right. You shall have a
battle.”
اوهان لڙائي گهرو ٿا. چڱو، اسان اوهان سان لڙائيءَ
جي ميدان ۾ ملنداسين.“
اسلامي تاريخ ۾، پهرين پهرين لڙائي، بدر جي ميدان
۾ لڳي. مسلمانن جي سوڀ ٿي. بدر جي لڙائي عالمگير
اسلامي انقلاب جو گويا ”نقطهء آغاز“ هئي. سڄيءَ
انسانذات جي تاريخ سمورن ايندڙ زمانن لاءِ بدلائي
ڇڏيائين.
_ _ خبر ناهي ته جتوئي صاحب کي اها سنئين سڌي
ڳالهه ڪيئن نظر ڪانه آئي.
قرآن شريف جا اردو ۽ انگريزيءَ ترجما:
عالمِ اسلام جي ممتاز ماهرن، محققن ۽ عالمن جو
متفقه رايو آهي ته:
قرآن داني ڏکيو علم آهي. ان جي ماهرن جو رايو آهي
ته، ”ترجمي جي صحت جي تصديق محققن لاءِ پنهنجيءَ
جاءِ تي خود هڪ جدا موضوع آهي، ۽ ان لاءِ هر هڪ
ترجمو جداجدا جاچي ڏسڻو پوندو. پوءِ به اطمينان
بخش نتيجا فقط تڏهن حاصل ٿي سگهندا، جڏهن ترجمن جي
ڀيٽا ڪبي.“ (غالباً ان مان سندن مراد اها آهي ته
مترجِم قرآن جي ٻوليءَ يعني عربيءَ، ۽ جنهن ٻوليءَ
۾ ترجمو ڪيو اٿس، تنهن ۾ ڪيتري مهارت رکي ٿو.) هنن
اهو به واضح ڪيو آهي ته ”اها ڀيٽا به قران دانيءَ
جي مڃيل ۽ مستند طريقه ڪار
(Methodology)
موجب ئي ڪرڻي پوندي.“
’قرآن داني جا عالم انهي راءِ جا آهن ته:
”قرآن شريف“ جو لفظ به لفظ ترجمو، جيڪو هوبهو اصل
جهڙو هجي، سو ناممڪن آهي. ڪوبه شخص، جيڪو ترجمي جو
ٿورو گهڻو شعور رکي ٿو، سو ڄاڻي ٿو، ته ڪنهن به
ڪتاب جو ترجمو اصل ڪتاب جهڙو ٿي نٿو سگهي، پر،
اهڙو ڪتاب جيڪو الهامي آهي، سو ته معنيٰ توڙي صورت
جي لحاظ کان نقل (ترجمو) ٿي نٿو سگهي.
ببليوگرافيءَ ۾ سندن اصل اکر هي آهن:
Word by word translation of the Qur`an identical
to the original text is impossible. Any one who
has some experience of translation knows that
the translation of any book, does not measure up
to its original. How much more so the Revealed
book which is inimitable both in meaning and
composition.
دنيا ۾ اڪيلو مثال ”رباعيات عمر
خيامَ“ جو آهي، جنهن جي انگريزي مترجم، ايڊورڊ
فزجرالڊ کي ادبي نقادن (سندس ترجمي جي ڪمالَ کي
تسليم ڪندي)
Original Poet
جو درجو ڏنو آهي. هونئن، ان جا ٻيا به گهڻا
انگريزيءَ ترجما ٿيا آهن. تاهم، دانشگاهه شيراز
(ايران) يعني شيراز يونيورسٽيءَ جي پري چهره ڪسريٰ
جو چوڻ آهي ته: ”ايراني عالمَ ۽ دانشورَ، جن جي
فارسي مادري زبان آهي، ۽ عمرخيام جا پارکو آهن، سي
ايڊورڊ فزجرالڊ جي ترجمي کي فقط هڪ سٺي ڪوشش مڃن
ٿا.“
برين بنا، وڏن وڏن عالمن جو چوڻ آهي ته، ”گوئٽي کي
سمجهڻو هجي، ته جرمن زبان سکو ۽ حافظ کي سمجهڻو
هجي، ته فارسي سکو. پر جي قرآن شريف کي سمجهڻو
هجي، ته عربي سکو.“
انگريزي ترجما:
پر، اڄڪلهه انگريزي دنيا جي اهم زبان آهي، سو،
مغرب جي ٻولين ۾، قرآن شريف جا گهڻي ۾ گهڻا ترجما
به انگريزيءَ ۾ ٿيا آهن. ڪي ترجما انگلستان جي
انگريزيءَ ۾، ڪي آمريڪا جي انگريزيءَ ۾، ڪي
آسٽريليا جي انگريزيءَ ۾، ڪي برٽش ڪئنيڊين
انگريزيءَ ۾، ڪي آئرش انگريزيءَ ۾، ته ڪي وري
اسڪاٽلنڊ جي انگريزي زبان ۾ ٿيا آهن. جيئن ته
جتوئي صاحب قرآن ڪريم جو انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪيو
آهي، سو کيس انهن مختلف ملڪن جي، انگريزي زبان ۾،
اُچار ۽ معنيٰ جو فرق، بخوبي معلوم هوندو، پر، ان
جو ذڪر يا ڪوبه اشارو، سندس ”پيش لفظ“ ۾ ڪونهي ته
انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمي ڪرڻ وقت هي هي مسئلا درپيش
آيا.
ترڪيءَ ۾ شايع ٿيل قرآن ڪريم جي ترجمن جي عالمي
ببليوگرافيءَ جي ماهرن تحقيق ڪري ٻڌايو آهي ته سنه
1986ع تائين، سڄيءَ دنيا ۾، انگريزي زبان ۾ جيڪي
’مڪمل ترجما‘ شايع ٿي چڪا هئا، تن جو تعداد به چار
سؤ ستاويهه (427) هو، جن ۾، علامه عبدالله يوسف
عليءَ ۽ پڪٿال (محمد) مارمادوڪ وليم جا ترجما ٻين
کان وڌيڪ مقبول ٿيا. مثلاً، علامه عبدالله يوسف
عليءَ جو ترجمو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾، ايڪٽيهه
(31) دفعا شايع ٿيو آهي. ڪو ڇاپو لبيا مان نڪتو،
ته ڪو لاهور جي شيخ محمد اشرف شايع ڪيو. ڪو ڇاپو
ڪئمبرج مان نڪتو، ته ڪو وري ’هافنر
(Hafner)
پبلشنگ، ڪمپني‘ نيويارڪ ڪڍيو. ڪو ڇاپو واشنگٽن ۾
مسلم اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن
(U.S.A)
شايع ڪيو، ته ڪو ڇاپو بيروت جي ’دارالعربيہ‘ ڪڍيو،
ڪو ڇاپو ’ڪتاب پبلشنگ هائوس‘ دهلي شايع ڪيو، ته ڪو
ڇاپو قطر جي ’نيشنل پرنٽنگ پريس‘ ڪڍيو، ۽ ڪو ڇاپو
حيدرآبا دکن مان نڪتو. ڪو ڇاپو ’دارالڪتب قاهره‘
(مصر) ڪڍيو، ته ڪو وري ’مسلم ورلڊ ليگ، مڪہ شريف‘
شايع ڪيو.
جتوئي صاحب اهي چار سو ستاويهه ئي انگريزي ترجما
پڙهيا هئا، يا ڪجهه گهٽ وڌ پڙهيا هئا، اهو پڻ سندس
”پيش لفظ“ ۾ چِٽو لکيل ڪونهي. البت، اهو چِٽو لکيل
آهي ته: ”هن جهڙو ترجمو اڳي ڪنهن به اسڪالر ڪونه
ڪيو آهي.“ سندس اصل انگريزي لفظ هي آهن:
“For completing the Present work the like of
which, as for as I know, has not been attempted
before by any scholar.”
اردو ترجما:
اردو پاڪستان جي قومي زبان آهي. سو، سرڪاري ٻوليءَ
جو به، علمي طرح، درجو انهيءَ کي حاصل آهي.
بلاشبه، وفاقي سرڪاري سيڪريٽريٽ ۾ فائيلن تي سموري
نوٽنگ اڃا به انگريزي زبان ۾ ٿئي ٿي. پر، ريڊيو ۽
ٽي. وي. تان اڪثر سرڪاري پروگرام اردوءَ ۾ ئي نشر
ٿين ٿا. نالي ماتر، بلڪ ميارَ لاهڻ لاءِ، ڪو ٿورو
گهڻو وقت پاڪستان جي اصولوڪين زبانن، پنجابي،
سنڌي، سرائڪي، بلوچي ۽ پشتو کي نصيب ٿئي ٿو.
ساڳيءَ ريت، ڪنهن به پبلڪ شڪايت جي باري ۾ سرڪاري
حلقن جو توجهه يا ته انگريزي اخبارن ڏانهن ٿئي ٿو
يا اردو اخبارن ڏانهن. علاقائي پريس کي، علمي طرح،
ثانوي پوزيشن ڏني وڃي ٿي. علاقائي ٻولين ۾ به وري
واحد مثال سنڌي زبان جو آهي، جنهن جي پريس پنهنجي
پيرن تي بيٺل آهي. پر، خود سنڌ سرڪار ۾ به اهميت
اردو اخبارن کي آهي. ملڪ جي علمي ادارن ۾ به گهڻي
۾ گهڻا ادارا اردو زبان جي ادب جي نشر و اشاعت ۾
مصروف آهن.
ليڪن، اها حقيقت به تسليم ڪرڻ گهرجي ته ورهاڱي کان
اڳ پڻ صورتحال ڪا گهڻي مختلف ڪانه هئي. گڏيل
هندستان ۾، هرهنڌ، مسلمانَ، هنديءَ جي مقابلي ۾،
اردوءَ جي حوصله افزائي ڪندا هئا. اردوءَ کي
دهليءَ ۽ لکنوءَ ۾ جيڪا به اهميت ۽ ترقي ملي هجي،
سا پنهنجيءَ جاءِ تي، ليڪن، لاهور به اِن کي زور
وٺائڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو، ورهاڱي کان اڳ، غالباً،
سنه 1938ع ۾، سنڌ جي مسلمانن به ڪراچيءَ ۾ ”يوم
اردو“ ملهايو، جنهن جي صدارت سنڌ جي نامور دانشور،
علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ ڪئي.
ڪوبه فرد يا قوم تيسين ترقي ڪري نٿي سگهجي، جيسين
ان ۾ محنت جو مادو نه هجي. اردو زبان انڪري ترقي
ڪئي آهي، جو برصغير جي سمورن مسلمانن ان کي وڌائڻ
لاءِ محنت ڪئي. منجهس اخبارون رسالا ڪڍيا ۽ مختلف
مضمونن ۽ علمن تي ڪتاب لکيا. انهيءَ پس منظر ۾
ڏسبو، ته صاف صاف نظر ايندو، ته برصغير ۾ قرآن
شريف جا گهڻا معياري ترجما اردوءَ ۾ ٿيا. انهن جو
سرسري جائزو وٺڻ لاءِ به هن مضمون جيترو ٻيو احوال
لکڻو پوندو. سو، هت رڳو انهن جو اشارتاً ذڪر ڪري
سگهبو.
قرآن ڪريم جي اردو ترجمن ۾ اولين اهم ترجمو شاهه
عبدالقادر جو تسليم ڪيو وڃي ٿو. جيئن ته کيس وفات
ڪئي چڱو زمانو ٿي چڪو آهي، ۽ اردو زبان جي محاوري
۾ ڪافي تبديلي آئي آهي.
سو، شيخ الهند مولانا محمودالحسن اردو ترجمي جي
اصلاح ڪئي، نظرثاني ڪري، ان کي سهڻو ڪري ڇپايو.
هينئر سعودي عرب جي حڪومت، قرآن فائونڊيشن طرفان
شيخ الهند وارو اردو ترجمو شايع ڪيو آهي ۽ هندستان
۽ پاڪستان ۾ مفت ورهايو آهي. مون کي به چڱا سال
ٿيا، جو ان جي هڪ ڪاپي رابطه عالمِ اسلام، مکة
المکرمة ”الفجر ٽرسٽ“ ڪراچيءَ معرفت تحفتاً اسلام
آباد موڪلي هئي.
هي ترجمو ”تحت الفظ“ آهي. سو قاري پنهنجيءَ سمجهه
موجب ان مان لفظن جي معنيٰ ۽ مطلب اخذ ڪري سگهي
ٿو. مولانا عبدالڪريم قريشيءَ (ٻير واري بزرگ) به
پنهنجي سنڌي ترجمي ۾ ساڳي واٽ ورتي آهي، جيڪا سهڻي
ڳالهه آهي.
هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڪي اهل علم
اصحابَ، مولانا ابوالڪلام آزاد جي ترجمي ۽ تفسير
”ترجمان القرآن“ جا وڏا مداح آهن. بلاشبه، هو
پنهنجي دؤر جو غير معمولي ذهين شخص ۽ وڏي پايي جو
عالم ۽ مفڪر هو. اهڙا اعليٰ انسان ورلي ڪو صدين ۾
وڃي پيدا ٿيندا آهن.
اسلام آباد ۾، مون کي قديمي ڪتابن جي هڪ دڪان تان،
مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو اردو تفسير به هٿ آيو.
پر، اهو جلد، چند سورتن تي مشتمل هو.
ڪي عالمَ، مولانا فتح محمد جالنڌريءَ جي اردو
ترجمي کي وڏي اهميت ڏين ٿا. ٻيا وري، مولانا اشرف
علي ٿانويءَ جي اردو ترجمي کي ساڳيءَ عقيدت سان
ڏسن ٿا. اڃا به ڪيترا ٻيا اهلِ علم اصحاب، سيد
ابولاعليٰ مودوديءَ جي ترجمي ۽ تفسير. ”تفهيم
القرآن“ کي ٻين کان وڌيڪ پسند ڪن ٿا. ڪن جو خيال
آهي ته مودودي صاحب جي ذهن ۾ اسلامي رياست جو هڪ
مخصوص تصور هو. سو، ڪن معاملن، مثلاً: ”جزيه“ ۽
اسلامي رياست ۾ ”ذمي“ جي حيثيتَ، جي تشريح پنهنجي
اسلامي رياست واري تصور موجب ڪئي اٿس. سندن خيال
۾، اصولي طرح، قرآن ڪريم جي لفظن مان پنهنجي من
پسند معنيٰ ڪڍڻ، تحسين جوڳي ڳالهه ڪانهي. ليڪن،
مسئلي کي انهيءَ نقطه نگاهه کان ڏسبو ته، پوءِ اهو
تسليم ڪرڻو پوندو ته هر مفڪر ۽ عالم کي پنهنجو
پنهنجو ’نقطهء نگاه‘ ٿئي ٿو. هونئن به ڪو شخص سفيد
رنگ پسند ڪري ٿو، ته ڪنهن کي سبز وڌيڪ وڻي ٿو.
پسند ۽ ناپسند، توڙي فڪر ۽ نظر جو اختلاف ته هميشہ
رهيو آهي ۽ آئينده به رهندو.
ڪنهن زماني ۾ غلام احمد پرويز جو تفسير ”معارف
القرآن“ ڏاڍو چمڪيو. پر، هاڻي اها ڳالهه ڪانهي.
بهرحال، قابل ذڪر ڳالهه اها آهي ته اردو زبان ۾
قرآن ڪريم تي تحقيق، ترجمي ۽ تفسير جو تمام گهڻو
ڪم ٿي رهيو آهي، جو هر وجہ قابل تحسين آهي.
ڪنهن به فن ۽ علم جي فروغ ۾، بنيادي طرح محرڪ
قُوَتَ، انسان جو دماغُ، خيالُ ۽ نظريو آهي. ليڪن،
ان کي اڳتي وڌائڻ ۾ ٽيڪنالاجي به اوتروئي رول ادا
ڪري ٿي. مثلاً، ڪاغذ ۽ ڇاپخاني جي ايجاد ٿيڻ کان
اڳ ڪنهن به علم جي نشر و اشاعت آسان ڳالهه ڪانه
هئي. ڇاپخانو ايجاد ٿيو، ته ڪتابُ عام ٿيو. هونئن
اڳي ڪوبه ڪتاب حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهو ڏاڍا ڪشالا
ڪڍندا هئا. سو، قرآن ڪريم (۽ ان جي ترجمن ۽
تفسيرن) جي نشر و اشاعت ۾ اردو ناشرن جو به وڏو
رول آهي. اڄڪلهه، اسان مسلمان، پنهنجي وطن عزيز
پاڪستان ۾، هڪڙيءَ مسلڪ وارا ٻيءَ مسلڪ وارن کي
برداشت نٿا ڪريون. اسان جون مسجدون ۽ اسان جون
امام بارگاهون اسان جي ئي ارڏاين ۽ ڏاڍاين جو شڪار
آهن. پر، برصغير ۾، جن اوائلي اردو ناشرن قرآن
ڪريم جي اشاعت ۾، اهم رول ادا ڪيو، تن ۾ هڪ هندو
ناشر به هو. سندس نالو هو: منشي نولڪشور، دراصل،
سندس روزگار جو ذريعو اردو ۽ فارسي ڪتابن جي اشاعت
۽ تجارت هئي. پر، قرآن شريف به ڇاپيندو هو.
منشي نولڪشور هندو هو. ليڪن، قرآن ڪريم جي ڇپائيءَ
۾ ادب ۽ احترام جو ڏاڍو خيال رکندو هو. مون سان
پير حسام الدين راشديءَ ڳالهه ڪئي ته سندس ملازمن
۾، جيڪي قرآن ڪريم جي ڪتابت ۽ ڇپائيءَ جو ڪم ڪندا
هئا، سي گهرن مان اچي، سڌو، ڇاپخاني جي غسلخاني ۾
غسل ڪندا هئا. پوءِ ڀِت تي ٽنگيل نوان يا ڌوتل پاڪ
وڳا پائيندا هئا. ان کان پوءِ، وضو ڪري، قرآن شريف
جي ڪم جي بسم الله ڪندا هئا. شام جو ڪم مان واندا
ٿي، هٿ منهن ڌوئي، وري اهي پاڪ ڪپڙا ساڳيءَ طرح
ڀِٽِ تي ٽنگي، پنهنجا ڪپڙا پائي، گهرن ڏي ويندا
هئا.
منشي نولڪشور پنهنجي اعليٰ اخلاق سان نظير قائم
ڪري ويو، ته قرآن ڪريم ۽ ٻين الهامي ڪتابن جي
تعظيم ۽ تڪريم هر مهذب انسانَ تي فرض آهي. قرآن
ڪريم سان متعلق ڪوبه ڪم ڪرڻ لاءِ جسماني پاڪائي ته
بنيادي شرط آهي. ليڪ، سچي ڳالهه اها آهي ته ان سان
واسطو رکندڙَ، ڪنهن به موضوع متعلق قلم کڻڻ وقت هٿ
ڪنبي ٿو ته ڪا گستاخي نه ٿي وڃي.
مون هن مضمون ۾ حتي المقدور اهڙو ڪوبه لفظ يا
محاورو استعمال ڪرڻ کان پاڻ بچايو آهي، جو
اڻسهائيندڙ هجي. تاهم غَلطِي، ڀُلَ ۽ چُڪَ انسانن
کان ٿيندي آهي. سو، اميد اٿم ته جيڪڏهن مون کان
ڪابه سَهَوَ ٿي وئي هوندي، ته ”مهراڻ“ جا مهربان
پڙهندڙَ، پنهنجي ڪرم نوازي ڪري، منهنجي علمي بي
مايگيءَ کي عفو ۽ بخشش سان نوازيندا.
گناه اگرچه نه بود اختيار ما، حافظ
تو در طَريقِ ادب کوش و گو گناهِ من ست
*اي حافظ، اگرچه گناهه اسان جي اختيار ۾ ڪونه
هو، پر، تون ادب جو طريقو اختيار ڪر ۽ چئه ته
خطا منهنجي آهي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا
ٺٽو شهر، اُن جو قيام، عروج ۽ زوال
1-
سنڌ جي پراڻن ۽ قديم شهرن تي، علم التاريخ جي
حوالي سان ڪو گهڻو ۽ مستند تحقيقي ڪم ڪونه ٿيو
آهي. اُنهن شهرن مان ٺٽي شهر جي قائم ٿيڻ، اُن جي
تهذيب ۽ تمدن، علم ادب، ماڻهن ۽ اُنهن جي رهڻي
ڪهڻي، رسم رواج، تاريخي حوالن سان ٺٽي شهر جي
بنياد پوڻ، ترقي ڪرڻ، اُن جي شان ۽ شوڪت، جاهه و
جلال ۽ عظمت، ۽ اُن جي تباهه ٿيڻ جي سلسلي ۾، مير
علي شير قانع، مير محمد بن جلال ٺٽوي، امير خسرو
دهلوي، ادراڪي بيگلاريءَ کان سواءِ ڪاڪي ڀيرو مل،
مرزا قليچ بيگ، سيد حسام الدين شاهه راشدي، ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، ۽ ڪن غير ملڪي مؤرخن، سياحن،
ماهرن جهڙوڪ جنرل هيگ، ميجر راورٽي، هيوز، ايٽڪن،
پاٽنجر، مانرڪ، منوڪي، هملٽن ۽ ڊاڪٽر سورلي تعريف
جوڳو ڪم ڪيو آهي.
(الف) ويجهڙائيءَ ۾، 1982ع ۾، مشهور بين الاقوامي
آرڪيالاجسٽ ۽ مؤرخ، پروفيسر ڊاڪٽر احمد حسن
دانيءَ، پنهنجي ڪتاب
“Thatta- Islamic Architecture”
۾، ٺٽي جي باري ۾، انگريزي زبان ۾ بهترين ڪم ڪيو
آهي. منهنجي مطالعي موجب، پروفيسر دانيءَ جي هيءُ
ڪم، دراصل مير علي شير قانع جي لکيل ۽ مشهور بين
الاقوامي مستشرق ۽ مؤرخ سيد حسام الدين شاهه
راشديءَ جي تصحيح ڪيل ۽ وڌايل فارسي زبان ۾ لکيل
تاريخ، ’مڪلي نامه‘ جو هوبهو ترجمو آهي. داني صاحب
جي مذڪوره انگريزي ڪتاب جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ
کي ڪا راءِ ڏيڻ کپندي هئي ڇو ته ’مڪلي نامه‘ ڪتاب،
سنڌي ادبي بورڊ طرفان، سال 1967ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو
ويو هو، جڏهن ته داني صاحب وارو ڪتاب 1982ع ۾
مارڪيٽ ۾ آيو هو.
منهنجي هن مقالي جو موضوع، ٺٽي شهر جي قائم ٿيڻ،
اُن جي عروج، اُن جي شان ۽ شوڪت، جاه و جلال، علم
۽ ادب، وڻج ۽ واپار ۾ هنڌين ماڳين مشهور ٿيڻ، ۽
مختلف دؤرن ۾ اُن جي ڊهڻ ۽ وري ٺهڻ جي سلسلي ۾، هڪ
ادنيٰ ڪوشش آهي؛ جيتوڻيڪ هن سلسلي ۾ ٺٽي وڃي، اتي
ڏينهن جا ڏينهن گذاري، مختلف ماڻهن سان ملي، مواد
هٿ ڪجي ۽ سنڌ جي مختلف ڪتبخانن ۾ ويهي، ڌار ڌار
ڪتابن مان حوالا هٿ ڪجن ته پوءِ فقط هن موضوع تي
ئي
Ph.D.
لاءِ ڪيئي مقالا لکي سگهجن ٿا.
(ب) لفظ ’ٺٽو‘ ۽ ٺٽي شهر جي بنياد پوڻ واري سال
متعلق به تاريخدانن ۾ گهڻو اختلاف آهي هن سلسلي ۾
مرحوم مرزا قليچ بيگ جو خيال آهي ته: ”لفظ ٺٽو،
’تهه تهه‘ لفظ مان ٺهيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي
تهه مٿان تهه“(1). مرزا صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:
”ٺٽ چون ماڻهن جي گوڙ کي؛ ٺٺ چَوَن خشڪ ميدان کي؛
شايد انهن مان ٺٽو نالو نڪتو هجي“(2) ميجر
راورٽيءَ جي راءِ موجب: ”ٺٺ“ اصل ۾ سنسڪرت لفظ
’تٽ‘ آهي، جنهن جو اُچار سنڌي زبان ۾ ”تڙ‘ (درياءَ
جو ڪپر يا ڪنارو) ٿيو آهي؛ پر ’ٺٽ‘ معنيٰ آهي ڪنهن
واهه يا درياءَ وٽ ٻڌل ڳوٺ، جتان پتڻ اُڪري پار
پهچجي“(3).
ڪاڪي ڀيرو مل ’سنڌ جو سيلاني‘ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته:
”هتي ڪنهن زماني ۾ مهاڻا رهندا هئا، جي مڇي مارڻ
کان سواءِ پتڻ به اُڪاريندا هئا. اُها ’ٺٽ‘،
’ننگر‘ نالي هڪڙي مهاڻي جي سڏبي هئي“(4). ڪاڪي
ڀيرومل جو وڌيڪ خيال آهي ته ”عربي ۽ فارسيءَ ۾ ’ٽ‘
۽ ’ٺ‘ نه هئڻ ڪري، پارسي زبان جي تاريخن ۾، ’ٺٽي‘
جي بدران ’تته‘ لکيل آهي“(5). |