سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2001ع

 

صفحو :2

نياز همايوني

ترجمئه منظوم، ڪلام حضرت خواجه غلام فريدؒ

(نوٽ: نياز همايوني اڄڪلهه سنڌي ۽ سرائڪي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اردو ۽ فارسي منظوم ترجمو ڪري رهيو آهي. ان ڏس ۾ هيلتائين قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي ڪلام جو اردو ترجمو ۽ خواجه محمد زمان لواريءَ واري جي سنڌي بيتن جو اردو ۽ فارسي ترجمو سندن سوانح سميت پورو ڪري چڪو آهي. انهيءَ وچ ۾ مخدوم نوح، شاهه لطف الله قادري، شيخ فريد الدين گج شڪر، گرونانڪ، مخدوم بلال، سنت پراڻ ناٿ، چئنراءِ سامي ۽ خواجه غلام فريد جي چونڊ بيتن ۽ دوهن جو پڻ اردو ۽ فارسي ۾ ترجمو ڪندو اچي ٿو. انهيءَ سان گڏ حضرت شاهه لطيف رح جي ڪلام جو منظوم فارسي ترجمو، جيڪو اڳ ۾ شروع ڪيو هئائين، سو به هلندو رهي ٿو، جنهن مان شاهه سائينءَ جا هڪ هزار بيت فارسيءَ جي هڪ هزار قطعن جي صورت ۾ ترجمو ٿي ويا آهن. هتي نموني طور خواجه غلام فريد جي ڪلام مان سندس مشهور سرائڪي ڪافي ”ميڏا عشق وي تون“ جو منظوم فارسي ترجمو پيش ڪجي ٿو- ادارو)

 

ميڏا عشق وي تون، ميڏا يار وي تون

ميڏا دين وي تون، ايمان وي تون

ميڏا جسم وي تون، ميڏا روح وي تون

ميڏا قلب وي تون، جند جان وي تون

ميڏا قبلا، ڪعبا مسجد منبر

مصحف تي قرآن وي تون

ميڏي فرض فريضي حج زڪواتان

صوم صلواة اذان وي تون

ميڏا زهد عبادت طاعت و تقويٰ

علم وي تون عرفان وي تون

ميڏا ذڪر وي تون ميڏا فڪر وي تون

ميڏا ذوق وي تون وجدان وي تون

ميڏا سانول مٺڙا شيام سلوڻا

من موهن تي جانان وي تون

ميڏا مرشد هادي پير طريقت

ميڏا شيخ حقائق دان وي تون

ميڏي آس اميد تي کٽيا وَٽيا

تڪيا مان تران وي تون

ميڏا ڌرم وي تون ميڏا ڀرم وي تون

ميڏا شرم وي تون تي شان وي تون

ميڏا دک سک رووڻ کلڻ وي تون

ميڏا درد وي تون درمان وي تون

ميڏي خوشيان دا اسباب وي تون

ميڏي سوالان دا سامان وي تون

ميڏا ڏيکڻ ڀالڻ، جاچڻ جوچڻ

سمجهڻ ڄاڻ سڃاڻ وي تون

ميڏي ٿڌڙي ساهه تي مونجهه مونجهاري

هنجوئان دي طوفان وي تون

ميڏي تلڪ تلولي، سينڌان مانگهان

ناز نهوري تان وي تون

ميڏي مهندي ڪجل مساڳ وي تون

ميڏي سرخي بيڙا پان وي تون

ميڏي وحشت جوش جنون وي تون

ميڏا گريه آهه و فغان وي تون

ميڏا شعر عروض قوافي تون

ميڏا بحر وي تون اوزان وي تون

ميڏا اول و آخر اندر باهر

ظاهر تي پنهان وي تون

ميڏا فردا تي ديروز وي تون

اليوم وي تون، آلان وي تون

ميڏا بادل برکا کمڻيان گاجان

بارش تي باران وي تون

ميڏا ملڪ ملهير تي مارو ٿلڙا

روهي چولستان وي تون

جي يار ”فريد“ قبول ڪري

سرڪار وي تون سلطان وي تون

نا تان ڪهتز ڪمتر احقر ادنيٰ

لاشيءِ لا امڪان وي تون.

 

ترجمو

تو هستي عشق من تو دوستدار من

تو هستي دين من ايمان جانان

تو هستي زيست من روح و روانِ من

تو هستي قلب من هم جان من جانان

تو قبله کعبه مسجد تو منبر هم

تو مصحف هستي و قرآن من جانان

توئي روزه نماز و هم زکواة حج

توئي فرض و اذان ايقان من جانان

توئي عبادت طاعت و تقويٰ

توئي علم و عمل عرفان من جانان

تو ذکر و فکر من هستي محبِ من

توئي هر ذوق هم وجدان من جانان

شيام و کرشن استي مشک رنگِ من

توئي من موهن وجانان من جانان

تو مرشد هادي و پير طريقت هَم

توئي شيخِ حقائق دان من جانان

توئي اميد من کسب و کمال من

تو تکيه هم تو اطمينان من جانان

توئي تهذيب و مذهب افتخارِ من

توئي شرم و حجاب و شان من جانان

توئي سوز و سرور گريهء و خنده

توئي دردِ دل درمان من جانان

مهيا از تو هست اسباب شادابي

سوالم راز تو سامان من جانان

توئي اندر نگاهِ من، توئي در جستجوي من

توئي فهم و شناس و آن من جانان

تو آهه سرد و آلامِ درونِ من

توسيل اشک و هم طوفان من جانان

توئي تزئين زلف و فرق و قشقهء من

توئي ناز و ادا نازان من جانان

حنايم سرخي لب سرمهء چشم

تمام آرايش از تو جان من جانان

تو هستي وحشت و جوش و جنونِ من

تو آهِه نيم شب ازجانِ من جانان

تو شعر استي عروض استي قوافي هم

تو بحر استي توئي اوزان من جانان

تو اول و آخر و هم اندر بيرون

تو ظاهر هستي و پنهانِ من جانان

توئي فردا برايم نيز ديروزم

توئي اليوم هم آلان من جانان

توئي ابر و بهار و برق و رعد من

توئي قوس و قزح باران من جانان

توئي تل هم ملير و مارو اي جانم

تو روهي نيز چولستانِ من جانان

قبول افتم اگر در بارگاهه دوست

شوم سرکار هم سلطان من جانان

وگرنه کمتر وکهتر فريد استم

بمانم هيچ و لاالمکان من جانان.

سرويچ سجاولي

غزل

 

تون سنڌ لئه سوريءَ مٿي، چڙهندين نه چڙهندين چئو کڻي،

هن قوم لئه قيدن اندر، ڪڙهندين نه ڪڙهندين چئو کڻي؟

جن جن به ماريا ۽ مُٺا، محبوب مادر جا ٻچا،

تن تن لُچن سان لالڻا! لڙندين نه لڙندين چئو کڻي؟

هي گيت آزادي سندا، جن ۾ بغاوت پئي بکي،

سي گيت گهر گهر گهوٽيا! پڙهندين نه پڙهندين چئو کڻي؟

جنهن دک ۾ هن ديس جون، لک لک دليون دم دم دُکن،

اُن دک ۾ او دلبرا! سڙندين نه سڙندين چئو کڻي؟

جنهن گهيڙ گوناگون ۽ گرداب ۾ ويا گهوٽ ڪئين،

ان گهيڙ ۾ گهوري سسي، گهڙندين نه گهڙندين چئو کڻي؟

جي وڙ وڪيا ويرين جي هٿ، تنهنجو وطن وڪڻڻ لڳا،

تن ساڻ جوڌا جُنگ پٽ! وڙهندين نه وڙهندين چئو کڻي؟

جنهن نينهن ۾ نيزن مٿي، ”سرويچ“ سر چاڙهي ويا،

ان عشق ۾ ارڏا ادا، اڙندين نه اڙندين چئو کڻي؟

ابراهيم منشي

غزل

سَون سالن جي پنڌ کان پوءِ، جتي آهيون اُتي آهيون،

مگر پوءِ ڀي ٿڪا ناهيون، جتي آهيون اُتي آهيون.

معلم منزلن کان اڳ، گهُتين گوهين ۾ گم ٿي ويا،

اچو گڏجي ڪو گس ٺاهيون، جتي آهيون اُتي آهيون.

گهڻيئي جهاڳ جهاڳي بس، آهيون اوڙاهه تي پهتا،

اڃان بس گيت پيا ڳايون، جتي آهيون اُتي آهيون.

ڏيهاڏيهه ڏس ڏيا ٻريا، نظر ڦيرائي ڏس پَريان،

اسين پيا رات کي راهيون، جتي آهيون اُتي آهيون.

هٽايون پاڻ تان پهرا، ته چوڌاري چٽا چهرا،

ڏسڻ شايد نٿا چاهيون، جتي آهيون اُتي آهيون.

ٻُڌي لڄ لوءِ جون وايون، پڇن ٿيون سنڌ جون مايون،

اهو ئي چوڻ ٿا چاهيون، جتي آهيون اُتي آهيون.

تاج بلوچ

غزل

بس مان تڪڙو لهي جا وئي سانوري،

خوشبو پنهنجي بدن جي وساري وئي!

اڄ ڀنڀرڪو ڇو ايڏو اويرو ٿيو،

وار ويٽيا نه هوندا، اڃا پدمڻي.

ڀٽ جي ريت تي پير جو عڪس هو،

عڪس ۾ چنڊ ويٺو هو ڌُوڻي هڻي.

هيٺ تارن لهي پير پاڇا ڳڻيا،

هيٺ پهتا، وئي ننڊ تن کي کڻي.

سانوري جسم ۾ وڄ وراڪا هئا،

سڀ پهڻ ويئي پاڻي ڪري ڪامڻي.

”تاج“ تنهنجي غزل جو عجب رنگ آ،

مصري مصري مان ڇُلڪي پئي سانوڻي.

محسن ڪڪڙائي

غزل

سڄي رات هُن سان ڪچهري ڪئي ٿئون،

سڄو ڏينهن پوءِ ننڊ گَهري ڪئي ٿئون!

سڄي عمر پڇتاءُ جا گهاءَ کاڌا،

محبت ڪئي، پر اُٻهري ڪئي ٿئون.

نه پوري به ٿي ڪا، نه ٿيندي، اجايو،

اُميدن تي ويهي ٽپهري ڪئي ٿئون.

لکيوسون ته بس سونهن تي ئي لکيوسون،

ائين شاعري ڀي سُنهري ڪئي ٿئون.

اُٿي هل ته ”محسن“ ڏسون چنڊ ڪوئي،

گهڻو وقت ٿيو، اک نه چهري ڪئي ٿئون!

ولي محمد وفا پلي

غزل

درد جي رات بسر ٿيڻي آ،

دوستو! نيٺ سحر ٿيڻي آ.

 

ذڪرِ رخسارِ صنم عام ڪيو،

رنگ عارض سان سحر ٿيڻي آ.

 

زندگي درد سهي، زهر سهي،

زندگي پوءِ به بسر ٿيڻي آ.

 

بارشِ مئي نه سهي، وقتِ دعا،

چشمِ پُرآب مگر ٿيڻي آ.

 

ڪوئي ديوانو سرِدار ته آهه،

خاڪِ سنڌ لعل و گُهر ٿيڻي آ.

 

منهنجي تارن تي نظر آ مٺڙا،

تون ڪٿي آهين، سحر ٿيڻي آ.

 

نه سهي ڪنهن جي تمنا جو لحاظ،

تنهنجي ناموسِ شهر ٿيڻي آ.

وفا ناٿن شاهي

غزل

تو سان پلپل جو رابطو آهي،

ڇا ڪيان دل جو فيصلو آهي.

 

تنهنجي اک ساڻ اک ملائي سگهي،

ايترو ڪنهن کي ڀروسو آهي.

 

تو جڏهن کان نقاب لاٿو آ،

چنڊ اُڀرڻ ڇڏي ڏنو آهي.

 

تو کِلڻ تي وڌي هئي بندش،

مون روئڻ ڀي ڇڏي ڏنو آهي.

 

تنهنجو دامن ڇڏيان ته ڪيئن ڇڏيان،

ٻيو مون کي ڪهڙو آسرو آهي؟

 

مون کي دنيا وفا- وفا ٿي سڏي،

معجزو تنهنجي پيار جو آهي.

عبدالقيوم صائب

غزل

پيار مان پيارن ڪئي ٿي پياري پياري گفتگو،

ڄڻڪ لهرون ڏيندي ڏيندي، وئي پئي شيرين آبجو.

 

رند باده مست ها ۽ پير مست هائي هو،

 اِن طرح سڀ پئي بچائي، پنهنجي پنهنجي آبرو.

 

پردهء قدرت مان ظاهر ڇا ٿئي، ڪهڙي خبر،

راڻو مومل کي ٿيو حاصل، گرهو ناڻو آرزو.

 

گل ٽڙيا، پوپٽ مڙيا ۽ ٻهڳڻن جا ميڙ ٿيا،

باغ جي هر ڪنڊ کي ڇا سونهن بخشيو رنگ و بو.

 

محفلِ جانان جو هي رخ پڻ ڏسڻ جهڙو هيو،

پرده پرده ۾ لڪل هو گلبدن ۽ لاله رو.

 

هو عجب مستيءَ جو عالم، مئه و مينا جي ڪري،

مہ رخن تي مست ها خود مہ جبين و ماهرو.

 

محفلون سڀ ماند ٿيون ۽ زندگي ٿي بي مزي،

ڇا رکيو آهي مُلن ۾، گرچه آهن با وضو.

 

چپي چپي تي کَڙيون آهن پَريون، مينا بدوش،

پر پياڪن ڪين پيتو، غير هو جام وسُبو.

 

زهر موکيءَ جي مَٽن ۾ نانگ هاري ٿا وڃن،

سي ڪري ٻيو ڇا سگهن ٿا، جن جي آهي هيءَ خو.

 

نافهء آهو جو پهتو، واس ڪجهه صحرا ۾ هو،

رقص و مستيءَ جي ڪري ٿيو ملڪ سارو مشڪبو.

 

چنگ وڄندا ئي هيا ۽ ڪنڌ ڪٽبا ئي رهيا،

رسم و راهِ عاشقيءَ ۾ عشق رهندو سرخرو.

 

حرف عزت تي اچي ۽ ماٺ ماڻهو ٿي وهي،

حيف اُنهيءَ ماءُ تي هو، جنهن ڄڻيا ههڙا بَدُو!

 

پاڻ موکيو سنڌ آهي ظلم جي هر دؤر ۾،

اڄ به ”صائب“ ڏاڍ ڏارڻ لاءِ آهي جستجو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com