گذارش
سنڌ انصاف گهري ٿي
”مِهراڻ“ جي هن پرچي جي سرورق تي آبڪلاڻيءَ جي
مُند ۾، درياءَ شاهه جي هڪ منظر جي تصوير ڏنل آهي،
جيڪا سؤ ٻه سؤ سال اڳ جي ورتل ڪانه آهي، پر تڏهن
جي آهي، جڏهن گڊو بئراج، تونسه بئراج ۽ تربيلا ڊئم
وغيره تعمير ٿي چڪا هئا. اِنهن مڙني جي اڏاوت کان
پوءِ به سکر وٽ سنڌو درياءُ آبڪلاڻيءَ جي مُند ۾
اهو منظر پيش ڪري رهيو هو.
سنڌو درياءُ ايامن کان، مانسرور ڍنڍ مان نڪري،
ٿٻيٽ ۽ لداخ جو سير ۽ سفر ڪندو، واديءَ سنڌ ۾ داخل
ٿئي ٿو ۽ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. اُن جي ڪنارن تي
هڙپا ۽ موهن جي دڙي جهڙا عظيم الشان شهر اڏيا هئا،
جن کي به پنج ست هزار ورهيه گذري ويا آهن. سو،
هاڻي واديءَ سنڌ جي تهذيب کي سڄيءَ دنيا جي اوائلي
انساني تهذيبن: جهڙوڪ چين جي تهذيب، بابل ۽ نينوا
جي تهذيب، دجله ۽ فرات جي تهذيب ۽ مصر جي نيل
نديءَ جي تهذيب جي هم پايه قرار ڏنو وڃي ٿو.
هڪ طرف تاريخي حقيقت اِها آهي. ٻئي طرف سنڌ ۾
درياءَ شاهه جي موجوده ڏکوئيندڙ صورتحال ڏسي محسوس
ٿئي ٿو ته سنڌ هڪ رڻ پٽ ۾ تبديل ٿي رهي آهي.
مثلاً، سنڌ ۾ هن وقت جيڪو ڪڻڪ جو فصل لٿو آهي،
اُهو توقع کان گهٽ آهي. پر، وطن عزيز پاڪستان جي
پاڙيسري صوبي پنجاب ۾ ساڳيوئي ڪڻڪ جو فصل سؤ سيڪڙو
لٿو آهي. جيڪڏهن سنڌ ۽ پنجاب، توڙي ملڪ جا ٻيا حصا
خشڪ ساليءَ سببان متاثر آهن، ته پوءِ پاڻيءَ جي
کوٽ جي دانهن ۽ فرياد، ڌرڻا ۽ مظاهرا، احتجاج ۽
پڪارون فقط سنڌ ۾ ڇو آهن؟
خشڪ ساليءَ جو علاج اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته سنڌو
درياءَ تي نوان ڊئم
(Reservoir)
ٺاهي، پاڻيءَ جو ذخيرو گڏ ڪيو وڃي ته اسان جا فصل
پاڻيءَ جي کوٽيءَ کان متاثر نه ٿين. ايوب خان جي
حڪومت اِئين ئي ڪيو هو. قدرت جا ڏنل ٽي درياءَ
هندستان کي وڪڻي ڇڏيائين ۽ تربيلا ڊئم ٺاهيائين.
يقيناً سوچي سمجهي ائين ڪيو هوندائين، ته پوءِ اڄ
اسان وٽ پاڻيءَ جي کوٽ ڇو آهي؟ انهيءَ صورت ۾ نون
ڊئمن ٺاهڻ ۾ تڪڙ ڪرڻ ڪيتريقدر مناسب ٿيندي؟ نون
ڊئمن لاءِ گهربل پئسو ڪٿان ايندو؟ جي قرض کڻبو، ته
اهو ڪڏهن ۽ ڪيئن لهندو؟
پاڻيءَ جي کوٽ جو هڪ سبب اهو به ٻڌايو وڃي ٿو، ته
همالا جبل ۾، سنڌو درياءَ جي منهن وٽ، هيٺ برِفَ
پَئي ئي ڪانهي؛ برف فقط مٿانهين چوٽين تي پَئي
آهي. سو، پاڻيءَ جي ڪمي آهي. ائين ئي هوندو. پر،
سڄي عمر ٻڌوسون، ته سنڌوندي مانسرور ڍنڍ مان نڪري
ٿي، جنهن مان انهيءَ سان گڏ ٻه چار وڏيون ٻيون به
نديون نڪرن ٿيون: مثلاً، گنگا، جمنا ۽ برهمپترا.
اُهي به صدين کان سنڌونديءَ وانگر هزارن سالن کان
برصغير جي ٻين علائقن کي آباد ڪنديون رهيون آهن.
جيڪڏهن هيٺين هنڌن تي برف نه پوڻ ڪري، مانسرور ڍنڍ
۾ پاڻيءَ جي ڪمي آهي ۽ سنڌوندي اُتي ئي سُڪي پئي
آهي، ته پوءِ اُنهن ندين ۾ پاڻي اڳي وانگر عام جام
ڪٿان آيو؟
اسان وٽ پاڻيءَ جي کوٽ جو هڪ سبب اِهو به ٻڌايو
وڃي ٿو ته پاڻيءَ جي تقسيم ۾ اسان جي رٿابندي صحيح
ڪانه آهي، سو سنڌي محاوري موجب، هر ڪنهن کي انصاف
موجب، پاءُ پاڻيءَ جو ڪونه ٿو ملي. اها ڳالهه هيئن
چئي وڃي ٿي، ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ جيڪي زميندار شاخن
جي منڍ وٽ هوندا آهن، تن کي پاڻيءَ جي شڪايت ڪانه
هوندي آهي. پر، جيڪي شاخن جي پڇڙيءَ وٽ هوندا آهن،
سي پاڻيءَ جي کوٽ جون دانهون ڪندا آهن. پنجاب جو
پرڳڻو درياءَ جي منڍ ۾ آهي ۽ سنڌ پڇڙيءَ ۾ آهي.
سو، سنڌي اخبارون، سنڌ ۾، پاڻيءَ جي کوٽ جو هڪ
ڪارڻ پنجاب طرفان گهڻو پاڻي کڻڻ ٻڌائن ٿيون. ان
سلسلي ۾ ”چشما لنڪ ڪئنال“ جو مثال ڏين ٿيون. پنجاب
اِن ڳالهه کي رد ڪري ڪونه سگهيو آهي. پر، سنڌ کي
دڙڪا ڏئي ٿو، ته توهان ضرورت کان وڌيڪ پاڻي وٺو
ٿا. حقيقت ته حڪومت جي واسطيدار عملدارن کي ئي
معلوم هوندي، پر، ملڪ ۽ ملت جا خيرخواه ته اِهوئي
چوندا ته هڪڙي صوبي ۾ ٻئي صوبي جي خلاف ڪدورت چڱي
ڳالهه ڪانهي.
پاڪستان جو چيف ايگزيڪيوٽو، جنرل پرويز مشرف
پنهنجي پهرئين پهرئين خطاب ۾ چئي چڪو آهي ته
پاڪستان کي جيڪي سَت بنيادي مسئلا درپيش آهن، انهن
۾ هڪڙو ”ننڍن صوبن ۾ احساس محرومي“ آهي. سنڌ ۾
پاڻيءَ جي کوٽ اِنهيءَ احساس محروميءَ کي هيڪاري
وڌايو آهي. سو، حڪومت جي اهلڪارن کي چيف
ايگزيڪيوٽو جي بيان کي نظرانداز ڪرڻ نه گهرجي.
ڪير وساري سگهي ٿو ته اُهو سنڌ صوبو ئي هو، جنهن
پاڪستان جي قيام لاءِ اڻ ورهايل هندستان ۾ سڀ کان
اول پنهنجيءَ صوبائي اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو
هو. ٻين صوبن اُن جي پيروي ڪئي، ان ڪري پاڪستان جو
ڪوبه صوبو سنڌ کان وڌيڪ حب الوطنيءَ جي دعويٰ ڪري
نٿو سگهي.
جڏهن پاڪستان ٺهيو، ته پنجاب ۾ سکن ۽ مسلمانن جا
فساد ٿيا. رت جا درياءَ وهيا. ليڪن، جنهن مهذب
طريقي سان، سنڌ جي رهاڪن پنهنجي پاڙيسري هندن کي
پُرامن نموني ۾ لڏي وڃڻ جو رستو ڏنو، ۽ پاڪستان
ڏانهن لڏي ايندڙ مهاجر ڀائرن کي پنهنجي جيءَ ۾
جايون ڏنيون، اُن جو مثال ٻيو ڪوبه صوبو پيش ڪري
ڪونه ٿو سگهي. سرحد جي وزيراعليٰ خان عبدالقيوم
خان ته هندستان مان آيل مسلمان مهاجرن سان ڀريل
ريل گاڏيون پشاور جي ريلوي اسٽيشن تان ئي ڪراچي
موٽائي موڪليون.
قائداعظم سنڌي اڳواڻن جي دعوت تي ڪراچيءَ کي ملڪ
جي گادي بنايو هو. خود موجوده دور ۾، حڪومت
پاڪستان کي قومي معيشت جو هڪ وڏو حصو ڪراچي بندر
جي آمدنيءَ مان حاصل ٿئي ٿو.
اِهي سڀ تاريخي حقيقتون انهيءَ ڳالهه جي تقاضا ڪن
ٿيون ته ”باب الاسلام“ سنڌ سان انصاف ڪيو وڃي.
وڇڙيل ساٿين جي سار
سنڌي ادب، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ڪجهه خدمتگذارن
جي وڇوڙن وڏو خال پيدا ڪيو آهي، جنهن ڪري سنڌ جي
ساڃهه وند حلقن انهن ساٿين کي ساريندي ارمان جو
اظهار ڪيو آهي.
·
سائين پناهه علي شاهه سڄي ڄمار سنڌ ۾ تعليمي ترقي
۽ سجاڳيءَ لاءِ جيڪي مخلصانه خدمتون ادا ڪيون آهن،
سي وطن واسين کان ڳجهيون ڪين آهن. نهايت اصول
پرست، ايماندار ۽ بهترين منتظم طور مشهور هو. 13-
ڊسمبر 2000ع تي وفات ڪيائين.
·
فن ۽ ثقافت جي حوالي سان، عبدالحق ابڙو هڪ نهايت
سينئر، صلاحيتمند ۽ محترم نالو هو. ريڊيو تي
صداڪاري سان گڏ اسٽيج ناٽڪن، سنڌي فلمن ۽ ٽي. وي
ڊرامن ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو. ناٽڪ ”دودي چنيسر“ ۾
سندس ڪردار اڻ وسرندڙ آهي. 6- ڊسمبر 2000ع تي رضا
ڪيائين.
·
26- جنوريءَ واري زلزلي دوران، ٿر جو نوجوان ليکڪ
۽ ”روشن راهون“ جو مصنف ڪنور دليپ سنگهه ڀُڄ
(ڀارت) ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مٺيءَ ۾، وڏي تعداد ۾،
ادبي حلقن، آنجهانيءَ جي والد راڻه رامسنگهه سوڍي
سان ڏک ونڊيو آهي.
·
گوبند مالهي، سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي مڃيل ۽ مکيه
ترقي پسند اديبن ۾ هڪ نمايان نانءُ آهي. پاڪستان
کان اڳ، سنڌ ۾ سنڌي اديبن جي جماعت ”سنڌي ادبي
سنگت“ جو پهريون جنرل سيڪريٽري چونڊيو. 10-
فيبروري تي بامبي ۾ لاڏاڻو ڪيائين.
·
ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي جي علمي تعليمي ۽ ديني
خدمتن کان سنڌ يونيورسٽيءَ کان پوءِ اسلام آباد
جا تحقيقي ۽ تعليمي مرڪز سيراب ٿيا. علامہ قاضي
صاحب جي چند قريبي مصاحبن مان هو ۽ سنڌ
يونيورسٽيءَ جي ابتدائي تعليمي ترقيءَ ۾ سندس
خدمتن کي وڏو دخل حاصل آهي. 5- فيبروريءَ تي بزرگ
رحلت ڪئي.
·
ڊاڪٽر نجم الاسلام سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي اردو
جو نامور استاد ۽ سربراهه هو، ۽ اردو ادب سان گڏ
سنڌ جي علم ادب ۽ تحقيق سان به موصوف کي والهانه
لڳاءُ هو. سائين غلام رباني آگري صاحب جي ڪوشش سان
سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ موجود ناياب قلمي
نسخن جو جامع ڪئٽالاگ، سندس فاضلانه خدمتن جو روشن
دليل آهي. وفات تائين (13- فيبروري) ”تحقيق“ نالي
علمي رسالي جي خدمتن سان واڳيل رهيو.
·
عبدالفتاح ”عبد“ بٺورائي، ڪهنه مشق شاعر، سنڌ جي
وطن دوستيءَ وارين سرگرمين ۾ هميشه پيش پيش رهيو.
هڪ وقت، ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ مشهور زمانه
رسالي ”اخبار تعليم“ کي نئين سر معياري بنائڻ لاءِ
سندس خدمتون اخلاص تي مبني رهيون. 14- مارچ تي
گذاري ويو.
·
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، لطيفيات تي معياري علمي ٿيسز
تيار ڪيو ۽ سندس گهڻو تڻو تحقيقي موضوع به
”لطيفيات“ رهيو. لاڙڪاڻي جي تعليمي ۽ ادبي ادارن ۾
تحقيق جي جوت قائم رکڻ ۾ هن نيڪ بزرگ جو وڏو هٿ
رهيو. 15- مارچ تي رحلت ڪيائين.
·
ناصر مورائي، جديد سنڌي ادب ۽ سنڌ ۾ قومي جاڳرتا
وارين سرگرمين ۾ پنهنجي پوري اخلاص ۽ جاکوڙ سان،
شروع کان وٺي سرگرم رهيو. ”سنڌي ڪهاڻي“ سندس موضوع
هو. رسالي ”روح رهاڻ“ ۾، حميد سنڌيءَ جي متحرڪ ۽
فعال ٻانهن ٻيلي طور سندس ادبي خدمتون نمايان آهن.
28- مارچ تي وفات ڪيائين.
ادراهء مهراڻ پاران پنهنجن وڇڙي ويل ساٿين کي
ساريندي، سندن پوين جي غم ۾ شرڪت ڪريون ٿا.
- ن.ا.ش
واحد وسائينس، آهون عالَم جون سُڻي،
موڪل ٿئي مينهن کي، تِلُ مَ تر سائينس،
وسائي واٽن تي، اوڀڙ اُڀائينس،
صاحب ساريءَ سنڌ تي، بادل برسائينس،
پکا پکن سامهان، اوري اڏائينس،
هونِ سدائين هِتهين، رب تون رهائينس،
”مصري“ ملائينس،کنڊ وانگر کير ۾.
- مصري شاهه نصرپوري
سٽاءُ
شاعري
شيخ اياز
نياز همايوني
سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي،
تاج بلوچ، محسن ڪڪڙائي
ولي محمد وفا پلي، وفا ناٿنشاهي،
عبدالقيوم صائب
احمد خان مدهوش، ادل سومرو،
اياز گل، آثم ناٿنشاهي
نورالهديٰ شاهه، خاڪي جويو، نصير مرزا
مختيار ملڪ، بخشڻ مهراڻوي،
احمد سولنگي، مولابخش چانڊيو
مقصود گل، مختيار گهمرو، سوز هالائي
آڪاش انصاري، حسن درس
عبدالغفار تبسم
جلال ڪوري، ضمير ڦل،
احمد ٽالپر، سرڪش سنڌي
راشد مورائي، جوهر بروهي،
ماڻڪ ملاح، عبدالغفور عابد
اسير ملاح
روشن گهانگهرو، اسحاق سميجو
منير سولنگي، فياض چنڊ ڪليري،
ايوب کوسو
وسيم سومرو، ستار سُندر،
بخشل باغي
ساحر راهو، فضه غزل، نواز خان زنئور
شبنم گل، هماءِ. ايس، پشپا ولڀ
ج.ع. منگهاڻي، شاهه محمد پيرزادو،
مس نظم گل، ماهين هيسباڻي
روبينه ابڙو، ابرار ابڙو،
عامر سيال، ساحر ٿهيم
جاويد سوز هالائي، بخت عابد،
عاصم عباسي
شائق ڪمبوه، خيال سنڌي،
عابد جاني ملڪ، علي دوست عاجز
وشال، نياز ملاح،
حبدار سولنگي، نور مري
ڪوثر ٻرڙو، انجم قاضي،
گل بهار باغائي، ضمير کرل
عبدالحميد آس ٻٻر، جاني اسحاق ملاح،
گل ٽکڙائي، خليل عارف سومرو
دليپ ڪوٺاري، مارو جمالي،
وهاب جروار، مير صاحب علي ٽالپر
ڪوثر هالائي، سرور نواز ٻگهيو،
اختر درگاهي، نويد ناز ڀٽي
اياز امر شيخ، ابل اُداس ٻٻر،
جبار تاثير سومرو، سرويچ گل ڀٽي
مقالا
1ـ قرآن شريف جا ترجما ـــ ۽ جتوئي صاحب وارو
انگريزي ترجمو-
- غلام رباني آگرو
2ـ ٺٽو شهر- اُن جو قيام، عروج ۽ زوال
- ڊاڪٽر غلام علي الانا
3ـ ديک ڪبيرا رويا (هندي شاعري بابت هڪ
جائزو)
- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
4ـ سنڌ ۽ قلات لاڳاپن جو هڪ دستاويزي مطالعو (ميان
غلام شاهه ۽ ميان سرفراز جو دور)
- ڊاڪٽر غلام محمد لاکو
5ـ سنڌي آتم
ڪهاڻيون ۽ آپا شمس عباسي (آتم ڪٿا:
”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ جو سرسري جائزو)
- تاج جويو
6ـ شاهه
عبداللطيف ڀٽائي (پيدائش ۽ وفات جو صحيح عيسوي
سَن)
- محبوب اختر
پٺاڻ
ڪهاڻيون
1ـ ڳاڙهو وڏڦڙو -
ابن الياس سومرو
2ـ واپسي
- ايوب عمراڻي
3ـ سنڌو ڪناري
- غلام رسول پرهياڙ
4ـ اکين ڏٺو شاهد - سينو
گوميرا اجيدارما
سنڌيڪار: ولي رام ولڀ
تبصرا
ـــ ڇهه ڇهه، پئسا ٻه ٻه پايون
- اسحاق سميجو
ـــ اڳتي قدم -
نقش ناياب منگي
ـــ ڪتاب استاد فارسي -
اشرف علي سمون
ـــ مهراڻ منير شرح نحومير - ڊاڪٽر محمد ادريس
السندي
ـــ محمد سومار شيخ- هڪ مطالعو - نقش
ناياب منگي
ـــ براهوئي تخليقڪار - نذير احمد
”شاڪر“ بروهي
ـــ سنڌ جي تاريخ جو مطالعو - ڊاڪٽر عبدالرزاق
گهانگهرو
لطيفي لات
ڪارِي راتِ، ڪَچو گهَڙو، اُڻٽيهين اُونداهِي،
چنڊَ نالو ناهِ ڪو، درياهَ دَڙَ لائي،
ساهَڙَ ڪارَڻِ سوهَڻي، آڌيءَ ٿي آئِي،
اِيءُ اَمُرُ اِلاهِي، نه ته ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گهِڙي؟
ڪارِي راتِ، ڪَچو گهَڙو، نڪا سِيڻَہ ساڻُ،
وِجهي، ويرَم نه ڪري، پِريان ڪارَڻِ پاڻُ،
مَحبّت کي مِهراڻُ، سُڪِي سڀُ پَٽُ ٿئو.
ڪارِي راتِ، ڪَچو گهَڙو، مٿان وسي مِينہُ،
هِڪو ڀَؤ بيراهَ جو، ٻئو سانباران سِينہُ،
شالَ مَ ڇِڄي نِيہُ، گهِڙان، گهورئو جِندَڙو!
نه اورارِ پَرارِ، ويچارِي وَهُ وِچَ ۾!
سُڪِيءَ ڏَنِي سُپرِين، ٻئو مِڙوئي تارِ،
تون گهِڙُ، ڪيمَ نهارِ، ٻُڏَندَنِ سين ٻاجهُون
ڪري.
- شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
شاعري
سنڌ ۽ سنڌو
-”جنهن وقت ميدانِ جنگ ۾ هتي جي تير جي تعريف ٿي
رهي هئي، تڏهن ڪن دوستن ”سنڌ“ جي فضيلت کان انڪار
ڪيو، جو درست ناهي.
- ”منهنجي جان جو قسم! هيءَ اُها برڪت ڀري ڀلاري
سرزمين آهي، جنهن تي جڏهن مينهن وسي ٿو، تڏهن اُن
مان ماڻهن جي سينگار واسطي ڄڻ موتي ۽ ياقوت پيدا
ٿين ٿا. سونهن ۽ سوڀيا وڌائڻ لاءِ هتي مشڪ، ڪافور،
عنبر، عود، اَگر ۽ طرح طرح جي خوشبوءِ موجود آهي،
۽ پڻ قسم قسم جا عطار ۽ جعفر، سنبل، عاج، ساڳ ۽
صندل- موجود آهن! ۽ هتي طوطا، مور، ڪبوتر ۽ ڪانگ
آهن. هتي ناريل آهن، آبنوسِ آهي، ۽ هتي ڪارن مرچن
جا وڻ آهن. هتي جي ترار بي نظير آهي، جنهن کي تيز
ڌارَ ڏيڻ جي ضرورت ئي ناهي. هتي جا تير اهڙا تيز
آهن، جو جڏهن ڪمانن کان نڪرن ٿا، تڏهن دشمن جي
ساري فوج ۾ دهشت ڇانئجي ٿي وڃي.
-”پوءِ افسوس! سواءِ ڪنهن بيوقوف جي، ٻيو ڪير
اُنهن خوبين کان انڪار ڪري سگهي ٿو!“
- ابو ضلع سنڌي-
(هجريءَ پهرين صديءَ جو شاعر).
شيخ اياز
ڇا لاءِ بلندين تي پهچي، تون هر هر هيٺ نهارين ٿو؟
هو ماڻهو ڪيڙا ماڪوڙا، ڇا لاءِ اُنهن کي سارين ٿو؟
هي ساري مايا سپنو هئي، ڄڻ وهندي جرتي ڦوٽو هئي،
جا گذري وئي سا گذري وئي، تون لڙڪ اجايو هارين ٿو!
بي انت ستارا پِرڪرتي، تون کاءُ وري تن ڏي ڦِرتي،
اک ٻوٽ ته ٻوٽا ڪاڏي ويا، ڇو ڪڻ ڪڻ ريت سنڀارين
ٿو؟
ڏس هاڻ مٽيءَ سان مٽي ٿي، هي تنهنجو گهر هي گهٽي
ٿي،
هي ساڀيا ڪوڙي ساڀيا آ، جا سپني سنگ اُڀارين ٿو.
جا وڃڻي آ سا وڃڻي آ. سا ڪنهن جي مور نه مڃڻي آ،
تنهن لاءِ ”اياز“ ڏسي پٺتي، تون ڇا لئه ڳوڙها
ڳارين ٿو.
*
عشق جي موت تي اوڇنگارون ڏئي،
روءُ تون، ڀل ڏسي لوڪ اي بي چئي!
پاڻ پنهنجو وڃائيه چنيسر ڏئي،
چيز هو، حيف توتي هُئي!
عشق تارا نيارا ڏئي ٿو ڇڏي،
گهور ۾ ٿو چئي ڳالهه جا اَڻ چئي!
قافلا ٿا وڃن دور، تون ننڊ ۾،
ٿا ستارا ڇُپن رات ايڏي رَئي!
تون معافي طلب آءُ آهيان نه رب،
ياد رهندي سدا آهه جا تو ڪئي!
هيل آڪاس کي ٿو سمندَر ڇُهي،
هونءَ ٿوريون سٽون، وير آئي وئي!
بيهه اي چنڊ! توکي وري مان چمان،
نينهن آهي نئون، رات آهي نَئي.
مُنڌ ڪائي ڄڀيءَ جيئن ڄرڪي ”اياز“،
باهڙي ٿي ٻري رات بَر ۾ پَئي.
*
اڪيلو ڇڏي ڏينم، من ٿو چوي،
پري گهر اَڏي ڏينم، من ٿو چوي.
زمانا! لڳي دل نه ٿي هِت ائين،
پرين تون گڏي ڏينم، من ٿو چوي.
رُليو آهيان ڪيترو آنءُ، اڄ،
لَڏائي تڏي ڏينم، من ٿو چوي.
نه آ دور ڪا شيءِ، اُنهيءَ کان ”اياز“،
متان هو سڏي ڏينم، من ٿو چوي.
*
ڪيترو ڪالهه آنءُ پڇتايو!
هيئن ڇا لاءِ مون هرڻ گهايو؟
گَڊ جي گهاوَ جيئن وقت آهي،
هي تتو روهه، سج جو سايو!
چنڊُ سوچي پيو ته گهوڙي جي،
ڪنهن پُٺيءَ تان سوار ڪيرايو!
هي ڪنڊيءَ تي قطار هيڙهن جي،
بازُ آيو، اِجهو مٿان آيو!
ڪئن نه واري وٽيءَ وڃون ٿا پيا،
ڪئن نه سڀ کي زمين ڳڙڪايو!
موتُ تنهنجي اُداس واديءَ تي،
آهه ڪاري ڪڪر جيان ڇايو!
سانت ۾ ڀانت ڀانت گيتَ آهن،
گوڙ جو گيت تو رڳو ڳايو!
جندڙي، جيت هار، سڀ سپنو،
ڇا سجايو به آهه ڪو لايو؟
هيءَ اوطاق ڪانه آ منهنجي،
جيتري وقت لاءِ ترسايو.
بي گهري اوچتي چمي تنهنجي،
زندگيءَ جو عجيب سرمايو.
زندگيءَ ۾ ”اياز“ هن ڀيري،
چنڊ ڪيڏو نه ويجهڙو آيو!
*
ڪيتري پيهه ۾ تڳين پيئي،
گلِ لالا جيان لڳين پيئي.
عمر اڳ جئن روان دوان آهين،
هي ڪنارا رڳو ٺڳين پيئي!
ڇا نه اُلجهاءُ آهه مايا ۾،
چيڙهه جئن آهه اڄ چڳين پيئي؟
هاڻ هل! ڇو پهاڙ تي پڳلي،
پيرَ کوڙي وري ڦٻين پيئي!
ٿي ڪويتا اچي ”اياز“ اڄڪلهه،
ڄڻ ته امرت جيان رڳين پيئي.
*
ماڪ ۾ تون گلاب جي گل جان،
آنهه ڄڻ ڪنهن ثواب جي ڀُل جان!
ننڊ ڏاڍي اچي وئي آهي،
ڪويليون دور ٿي ويون هُل جان!
چنڊ تائين پڳي به يا نه پُڳي،
شاعري ڪالهه سمنڊ جي ڇُل جان؟
هيءَ چُمي ڪيتري وڻي پيئي،
اي پرين، پيار جي ڳري مُل جان!
گل مَهر سڀ ويا ٽڙي پکڙي،
آ هوا سرد، جيءَ جي جُل جان!
ڏات جي ڏيهه ۾ اڃا تائين،
نانهه ڪوئي ”اياز“ جي ڪُل جان!
*
پيار تي ايترو لهي پيو آ!
شام ٿي، ڪاڪ ڏي ڪهي پيو آ!
ڪالهه جهولو لڳو هيو ڏاڍو،
ڏس ته آکيرڙو ڊَهي پيو آ؟
بند ٿي وئي سراءِ، وقت ٿيو،
هي مسافر اڃا رهي پيو آ!
هو سهو ڪوڙڪيءَ ۾ ڪيڏو،
چُپ ڪري سور کي سهي پيو آ!
هو اُڏامي ويو هِتان، سچ پچ!
کٽ تي ڪير هيئن هِي پيو آ!
ويڙهه ڏاڍي هلي ”اياز“ مگر،
موت جي مات ٿي ڊهي پيو آ!
*
درد جي رات آزمائي ڏس!
جا ڏني ڏک ڏات، ڳائي ڏس!
وقت وهندي ندي، ڪٿي نه بهي،
سور سڀ سير ۾ سمائي ڏس!
اي پرين! آڱريون مِڙي نه وڃن،
آءُ بريط وري وڄائي ڏس!
سمنڊ اونهو، اُداس سانجهي آ،
هيکلو هلائي ڏس!
ڇو ڇڻين ٿو گلاب! ترس اڃا،
آهه ٿوري سڳنڌ ڳائي ڏس!
هيءُ رستو سڌو سنئون آهي،
نه سَڄي ڏانهن ڏس، نه ڏائي ڏس!
پاڻ رابيل ٿا ٽڙن تولئه،
تون رڳو هٿ کي وڌائي ڏس!
ڪيترا گل اڃا ”اياز“ آهن،
ڪنڌ ڌرتيءَ مٿان نِوائي ڏس! |