نزولِ قرآن:
قرآن شريف ۾ هڪ هنڌ هي لفظ آيا آهن: وما ينطق عن
الهويٰ* ان هو الاوحي يوحيٰ*
پيغمبر ﷺ جيڪي به بيان ڪري ٿو، سو پنهنجيءَ مرضيءَ
موجب ڪونه ٿو ڪري. پر، خدا جي وحي آهي، جا کيس
پهچائي وڃي ٿي.
قرآن شريف ”ڳالهايل لفظ“
(Spoken word)
جو معجزو آهي. وحيءَ جي ذريعي نازل ٿيل آهي. وحي
عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ”ڪا
شيءَ ڪنهن جي من ۾ تيزيءَ سان وجهڻ.“
لغت ۾ وحيءَ جي معنيٰ آهي ”تيزيءَ سان اشارو ڪرڻ.“
وحي رڳو خدا جي طرف کان ٿيندي آهي ۽ پيغمبرن تي
نازل ٿيندي آهي. هونئن، عام معنيٰ ۽ مفهوم ۾ ته
حضور جڏهن به مٿن وحي نازل ٿيندي هئي، ته
پاڻ فوراً صحابين کي ٻڌائيندا هئا، جي بروقت لکي
ڇڏيندا هئا.
ان زماني ۾ عربستان ۾ ڪاغذ اڃا رائج ڪونه ٿيو هو.
سو، لکڻ پڙهڻ جو ڪم، جانورن، مثلاً هرڻن جي سڪل ۽
نرم کلن تي يا وري ڪن وڻن جي وڏن پنن وغيره تي
ٿيندو هو. دنيا ۾ ٻين به گهڻن هنڌن تي ائين ٿيندو
هو. ايران ۾ زرتشت جو مذهبي ڪتاب ”اوستا“ ڍڳي جي
سوين کلن تي لکيل هو. فردوسيءَ شاهنامي ۾ چيو آهي
ته، ”سڪندر بادشاهه، ايران فتح ڪرڻ کان پوءِ، اهو
پاڪ ڪتاب باهه ۾ ساڙائي ڇڏيو هو.“
مون کي ”شاهنامي“ جو ڏاڍو شوق هو. پر، مليو ڪونه
ٿي. سال کن ٿيو، ته تهران ۾ مليو. ايران مان، امام
خميني ڪانگريس جي دعوت ملي. تهران ۾ ويهاروکن معزز
مهمانن جي مانَ ۾ الوداعي دعوت ڏنائون، جنهن ۾
امام خمينيءَ جو پوٽو حسن به اسان جي اعزاز طورَ،
تشريف فرما ٿيو. اتي وزير داخلا ايران (جيڪو ڪو
وڏو ديني عالم هو) مون کي ۽ بولانُ يونيورسٽيءَ جي
وائيس چانسيلر کي، ”شاهنامي“ جا ”ڊيلڪس ايڊيشن“
تحفتاً ڏنا. ٻين مهمانن کي به سٺا ڪتاب ڏنائون.
گهر اچي ڏٺم، ته شاهنامي جو هي نسخو انگريزيءَ سان
گڏ، ٻين به ٻن ٽن ٻولين ۾ ترجمي سان آهي. سوچيم ته
”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ به هيئن شاهه سائينءَ جو
ڪلام ٻن ٽن ٻولين ۾ ترجمي سان ڇاپي، ته سٺو.
ڊاڪٽر حميدالله وحيءَ ۽ حديث جي وچ ۾ فرق بيان
ڪندي ٻڌايو آهي ته هڪ دفعي حضور پيغمبر ﷺ جن ڪن
صحابين سان صلاح و مشورو ڪري، ڪو فيصلو ڪيو.
ڪن صحابين پڇيو ته ”حضور. اهو وحيءَ موجب آهي؟“
پاڻ فرمايائون ته ”جيڪڏهن وحيءَ موجب هجي ها، ته
مان توهان سان صلاح و مشورو ڪونه ڪيان ها.“
ٻيو مشهور واقعو آهي ته جڏهن پاڻ سڳورا مديني ۾
آيا، ته ماڻهن کي نر کجور جا گل (تخم) ماده کجور
جي گلن (تخمن) سان ملائيندي
(Polination)
ڏٺائون. پڇا تي ڪنهن کين ٻڌايو ته ائين ڪرڻ سان
فصل سٺو ٿيندو. پاڻ سڳورن اهو ٻڌي، فرمايو ته
جيڪڏهن اوهان ائين نه ڪندو ته به صحيح ٿيندو. پر،
انهيءَ سال کجور جو فصل سٺو ڪونه ٿيو. سو، ماڻهن
دانهن ڪئي، ته هن سال ٻج ڪونه وڌوسون، ته فصل خراب
ٿيو. پاڻ سڳورن جواب ڏنو ته: ”توهان دنيا جي
معاملن ۾ وڌيڪ ڄاڻو ٿا.“
حضور ﷺ جن جي صحابه سان صلاح ڪرڻ واريءَ سوچ جي
تصديق ”جنگ خندق“ جي واقعي مان به ٿئي ٿي. قريشي
مڪي مان وڏي تعداد ۾ مديني تي ڪاهي آيا ۽ سندن
ساٿي ۽ حمايتي به لشڪر وٺي آيا. حضور ﷺ جن صحابه
سان صلاح ڪئي. حضرت سلمان فارسيءَ دفاعي لحاظ کان
”خندق“ کوٽائڻ جو مشورو ڏنو، جو اصل ۾ ايران جو
رهاڪو هو. اتان لڏي مديني آيو هو ۽ کيس دفاعي
معاملن جي چڱي معلومات هئي. پاڻ سڳورن سندس مشورو
قبول ڪيو، ۽ خندق يعني کاهي کوٽائي. اها ڳالهه مڪي
جي ڪافرن لاءِ نئين هئي. سي، منجهي پيا. ڪن پنهنجا
گهوڙا ڊوڙائي، کاهي ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻه ٽي ڄڻا
کاهي ٽپڻ ۾ ڪامياب ٿيا. پر، اتي جو اتي قتل ٿيا.
سو، ٻيا پنهنجن منحوس ارادن ۾ مايوس ٿي ويا.
آخرڪار، اڳتي هلي، سڀ مڪي موٽي ويا.
ساڳيءَ ريت، تاريخ طبريءَ ۾ اهو به لکيل آهي ته
حضور ﷺ جن حضرت سلمان فارسيءَ جي مشوري تي، طائف
جي جنگ ۾ منجنيق استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
ڊاڪٽر حميدالله لکيو آهي ته، ”اڪثر ڪري پاڻ سڳورا
صحابين سان صلاح مشورو ڪندا هئا. پنهنجي روءِ سوءِ
جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا، سا هڪ ازحد ذهين ۽
فهيم انسان جي ڳالهه ته ضرور هوندي هئي، پر ’خدائي
ڳالهه‘ ڪانه هوندي هئي.“ اهو به لکيو اٿس ته حضور
ﷺ جن جي سيرت ۾ اهڙا مثال موجود آهن، ته ڪڏهن ڪڏهن
نماز ۾ چئن رڪعتن بدران ٽن رڪعتن کان پوءِ سلام
ورايو اٿن. يا ٻن رڪعتن بدران ٽي پڙهيون اٿن.
کانئن سهو ٿي. سهو جو ٻيو مثال هي ڏنو اٿس، ته هڪ
ڀيري، سفر ۾، ٿڪاوٽ جي ڪري، فجر جي نماز جو وقت
قضا ٿي ويو. پاڻ سڳورا ننڊ جي غلبي ۾ رهيا. سهو
يعني ڀُلَ، چُڪَ، جيڪا هڪ بشري ڪمزوري آهي. ڊاڪٽر
حميد الله لکيو آهي ته اها پاڻ سڳورن کان به ٿيندي
هئي، ۽ خدا جي مصلحت موجب ٿيندي هئي، ڇو ته قرآن
شريف جي هيءَ آيت چٽي بيٺي آهي: ”مان اوهان،
جهڙوئي انسان آهيان.“
پر، ان جو مطلب اهو به ڪونهي، ته رسول پاڪ جن،
اسان عام انسانن وانگر انسان هئا. خداوند تعاليٰ
کين مصحف مبارڪ ۾ ”خيرالبشر“ ڪوٺيو آهي ۽ سندن
اعليٰ اخلاق جي تعريف ڪئي آهي. ڪوبه پيغمبر ٻين
انسانن لاءِ ”اسوه حسنه“ ۽ ”انسانن لاءِ ڪامل
نمونو“ ته تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو، جڏهن هو پاڻ انساني
دائري ۾ رهي، ۽ انساني زندگي گذاري. (تڏهن ئي ته
ٻيا انسانَ به سندس مثالُ سامهون رکي، سندس نقش
قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪندا.)
وحيءَ جي ڪيفيت:
ڪوبه ذهين ماڻهو وحيءَ جي متعلق سوچيندو، ته کيس
اهو به خيال ايندو، ته ان جي نوعيت الائي ڪهڙي
هوندي هئي، ڇو ته هاڻي ته وحي ڪنهن به انسان تي
ڪانه ٿي اچي. نه وري اسان مسلمانن جي عقيدي موجب،
ڪنهن به شخص تي اچي سگهي ٿي. سو، ڊاڪٽر حميد الله
جهڙن عالمن ۽ محققن، سيرت ابن اسحاق، سيرت ابن
هشام ۽ طبقات ابن سعد جهڙن بنيادي ڪتابن مان مستند
روايتون گڏ ڪري، مثال ڏنا آهن، ته وحي نازل ٿيڻ
وقت، حضور پيغمبر ﷺ ڪهڙيءَ حالت ۾ هوندا هئا؟ ڪي
مثال هي ڏنا اٿن:
1-
وحيءَ جي وقت اڪثر ڪري پاڻ سڳورن جي حالت ائين
بدلجي ويندي هئي، جو ڀانئبو هو، ته مٿن ڪو وڏو
بارُ پيو آهي. انهيءَ جي اثر ڪري، خود سندن جسماني
بار وڌي به ويندو هو. مثلاً ڪنهن ڏاچيءَ تي سوار
هوندا هئا، ته اها دانهون ڪندي هئي، بعضي ته ويهي
به رهندي هئي.
2-
حضرت زيد بن ثابت، ڪاتب وحي هو. سندس چوڻ آهي ته
هڪ ڏينهن مسجد نبويءَ ۾ ويٺا هئاسون. ماڻهن جي
ڪثرت هئي. حضور صلعم جن جو گوڏو منهنجي گوڏي مٿان
هو. اوچتو مٿن وحي نازل ٿي. مون محسوس ڪيو، ته
اچانڪ سندن بار وڌي ويو. ايڏو، جو ڀانيم ته منهنجي
ٽنگ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي. حضور ﷺ جن جي ادب ۽
احترام ڪري ضبط ڪيم، نه ته جيڪر دانهون ڪريان ها.
3-
جڏهن وحي نازل ٿيندي هئي، ته سندن ذهن مبارڪ تي
ايڏو بار پوندو هو، جو نرڙ تي پگهر جا قطرا نظر
ايندا هئا. بيبي عائشه رضي الله عنها انهيءَ ڳالهه
جي تصديق ڪندي چيو آهي، ته سخت سياري جي مند ۾ به
وحيءَ جي نازل ٿيڻ وقت کين پگهر اچي ويندو هو، ۽
پگهر جا ڦڙا سندن پيشانيءَ تي چمڪندا نظر ايندا
هئا.
4-
هڪ دفعي پاڻ سڳورا مسجد ۾ منبر تي تقرير فرمائي
رهيا هئا، ته اوچتو مٿن وحي نازل ٿي. پاڻ بلڪل
خاموش ٿي ويا. جڏهن وحي پوري ٿي، ته وري تقرير
شروع ڪيائون.
5-
وحيءَ جي نازل ٿيڻ وقت حضور جن هميشه خاموش، بلڪ،
ساڪت ٿي ويندا هئا. هڪ ڀيري ماني کائي رهيا هئا.
اوچتو وحي نازل ٿي. جيڪو گرهه سندن هٿ ۾ هو، سو،
اتي ئي رهيو. جڏهن وحي پوري ٿي، تڏهن پاڻ اهو گرهه
وات ۾ وڌائون.
6-
هڪ صحابيءَ کي اشتياق هو، ته ڏسان ته وحيءَ وقت
حضور جن جي ڪيفيت ڪيئن ٿئي ٿي؟ حجة الوداع جي
موقعي تي هڪ ڏينهن اوچتو متن وڃي نازل ٿي. ڏٺم ته
حضور اجازت وٺي، ٿورڙو پردو سرِڪائي ڏٺم، ته
پاڻ سڳورا ليٽيل هئا. سندن چهرو سُرخ هو، ۽ زور
زور سان ساهه کڻي رهيا هئا. مون وري پردو ڏئي
ڇڏيو، ۽ ادب سان پنهنجيءَ جاءِ تي اچي ويٺس.
7-
حارث بن هشام نالي سندن هڪ صحابيءَ کانئن سوال
ڪيو، ته ”حضور، وحيءَ جي نازل ٿيڻ وقت اوهان ڪيئن
محسوس ڪندا آهيو؟“
پاڻ سڳورن کيس ڪيترائي مثال ڏنا ۽ ائين به فرمايو
ته ”ڪڏهن ڪڏهن ڪنن ۾ گهنڊڻين وڄڻ جهڙا آواز ٻڌڻ ۾
ايندا اٿم، جنهنڪري سخت تڪليف ٿيندي اٿم. ليڪن،
انهيءَ مهل ڪي انساني آواز به ٻڌندو آهيان، جي مون
کي ياد ٿي ويندا آهن.“
حضور ﷺ جن وحيءَ جي ڪيفيت بيان ڪندي، ٻيا به مثال
ڏنا، جن ۾ فرمايائون ته ڪڏهن ڪڏهن وري وحيءَ جي
نزول وقت ڄڻ ته ڪو شخص مون سان عام ماڻهن وانگر
ڳالهائيندو آهي. وحيءَ جي اهڙيءَ صورت ۾ مون کي
ڪابه تڪليف ڪانه ٿيندي آهي.
اسلامي عقيدي موجب، خداوند تعاليٰ انسان کي هن
ڌرتيءَ تي پنهنجو خليفو مقرر ڪيو آهي. خلافت جو
بارُ ته ڏاڍو ڳورو هوندو. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته
Un-easy lies the head that wears the crown.
قرآن شريف جي سورة ”الاحزاب“ ۾ هڪ هنڌ هي لفظ آهن:
”بيشڪ اسان آڇي هئي امانت آسمانن تي ۽ زمين تي ۽
جبلن تي، پوءِ انڪار ڪيائون ان جي کڻڻ کان، ۽ ڊڄي
ويا انهيءَ کان، ۽ کنيو ان کي انسان، جو اهو هئو
ظلوم جَهول.“
(الا خزاب 72)
ڪن مفڪرن جو رايو آهي ته دنيا جي ساهوارن ۾، اڪثر
ساهه وارا پنهنجيءَ فطري حِسَ تي هلن ٿا. البت،
انسانُ پنهنجو عقل ڪم آڻي، قدرتي قانونن تي ڪنٽرول
ڪري، پنهنجيءَ پسند ۽ ناپسند
(Choice)
موجب پنهنجي دنيا بنائي ٿو. مثلاً، سانوڻ جي مُندَ
۾ گرميءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ايئرڪنڊيشنر استعمال
ڪري ٿو ۽ سرديءَ ۾ هيٽر هلائي ٿو. پر، قدرتي ڪمن ۾
رڳو پنهنجي سک ۽ سهنج لاءِ دَخلُ ڪونه ٿو ڏئي، ٻين
قومن ۽ قبيلن جا خِيالَ يا سندن ڪا ڳالهه نٿي
وڻيس، ته پنهنجو عَقُلُ ”موتمار اوزار وانگر“ ڪم
آڻي ٿو. هٽلر پنهنجن مخالفن، خاص ڪري، يهودين،مردن
۽ زالن ۽ ٻارڙن کي گئس جي چيمبرن ۾ جيئرو ساڙي،
خاڪ جا ڍير ڪري ڇڏيندو هو. آمريڪين ٻيءَ مهاڀاريءَ
لڙائيءَ ۾ جپانين تي ايٽم بم اڇلائي لکين انسان هڪ
لحظي ۾ ماري ڇڏيا. انهيءَ معنيٰ ۾ ”عقل“ جو
استعمال،
”امانت“ جي بارَ جو ”مفهوم“ رکي ٿو.
فارسي زبان جي شاعر، حافظ شيرازيءَ پنهنجي هڪ شعر
۾ انسان کي مليل ”امانت“ جي پنهنجي انداز سان
تشريح ڪئي آهي:
آسمان بار امانت نتوانست کشيد
قرعِه فال بنام منِ ديوانه زدند
(آسمان امانت جو بار کڻي نه سگهيو،
ڦار وڌائون، ۽ پُکو مون ديواني جي نالي ڪڍيائون.)
بهرصورت، اها ته عام عقل جي ڳالهه آهي، ته قدرت
انسانذات جي رهبريءَ لاءِ ڪونه ڪو اهتمام ڪيو
هوندو. ”آسماني حڪم احڪام“ پهچائڻ جو بار کڻڻ لاءِ
به خاص خاص ماڻهو منتخب ڪيا هوندا. اهي ئي اعليٰ
انسانَ پيغمبر سڏبا هئا. پيغمبر يا پيغامبر، معنيٰ
جيڪو پيغام کڻي اچي. سو، جيڪڏهن دين اسلام جي
ڳالهه ڪبي، ته ائين ئي چئبو ته ”آسماني لهرن“
(Heavenly Tidings)
پهچڻ جو مرڪز، حضور پيغمبر ﷺ جن جي ذات پاڪ هئي.
قرآني آيتن کي ”آسماني لهرن يا آفاقي يا بهشتي
لهرن“ سان تشبيهه ڏيڻ جو محارو دراصل مغربي
دانشور، گائي ايٽن استعمال ڪيو آهي. حضور پيغمبر ﷺ
جن تي سڪ سان لکيل پنهنجي ڪتاب ﷺ
Muhammad
جي اختتام تي، سندن وصال جو ذڪر ڪندي، هي اکر لکيا
اٿس:
Then all the people of Medina visited him and
prayed over him. They came in relays, and each
small gathering prayed the funeral prayer-
firstly the men, group after group, and then
when all the men had visited him, the women
came, and after them, the children.
Great was the sorrow in the City of Light, as
Medina now is called. The Companions rebuked
each other for weeping, but wept themselves.
“Not for him do I weep,” said Umm Ayman, when
questioned about her tears. “Know I not that he
hath gone to that which is better for him than
this world? But I weep for the tidings of Heaven
which have been cut off from us.”
پوءِ مديني جا سڀ ماڻهو سندن حضور ۾ حاضر ٿيا.
ٽولن پٺيان ٽولا ۾ آيا. پهريائين مردن جا ٽولا
هڪٻئي پٺيان آيا، پوءِ زالون آيون ۽ انهن کان پوءِ
ٻارڙا. ننڍڙيءَ کان ننڍڙيءَ ٽوليءَ به سندس جنازي
نماز پڙهي.
ڏاڍو ڏک هو علم ۽ روشنيءَ جي شهر ۾، جنهن کي هاڻي
مدينو ڪوٺن ٿا. صحابي هڪٻئي کي روئڻ کان منع ڪري
رهيا هئا. پر، پاڻ روئي رهيا هئا.
”مان حضور ﷺ جن جي وفات تي ڪونه ٿي رئان.“ هڪ
بيبيءَ
(Umm Ayman)
ٽمندڙ اکين سان چيو: ”ڇا مون کي خبر ڪانهي ته هو
اتي ويو آهي، جيڪو هَنڌُ هن لاءِ هن دنيا کان بهتر
آهي. پر، مان آسماني، آفاقي ۽ بهشتي لهرن
(HEAVENLY TIDINGS)
لاءِ رئان ٿي، جيڪي هاڻي اسان وٽ اچڻ بند ٿي
ويون.“
هو به ائين! ـــــــ ڄڻ ته رحمت جو هڪ شاهي دروازو
مٿن بند ٿي چڪو هو.
هن دنيا ۾، هڪ محتاط اندازي موجب، پنجن اربن کان
وڌيڪ انسانَ رهن ٿا، جن جِي پنجين پتي يعني هڪُ
اَربُ مسلمانَ آهن. اهي هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات ۾، پنج
دفعا نماز پڙهن ٿا. (ڪي ته سڄيءَ عمر ۾ هڪ دفعو به
ڪونه ٿا پڙهن.)
نماز لاءِ ماڻهن کي سڏڻ واسطي بانگ ڏيندا آهن.
بانگ فارسي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي
صدا يا سَڏُ. اسلامي تاريخ ۾ پهرين پهرين بانگ
حضرت بلال ڏني هئي، جو حبشي هو ۽ حضور ﷺ جن جو
صحابي هو. سندن ئي ارشاد تي، مديني منوره ۾ مسجد
نبويءَ ۾ بانگ ڏني هئائين، سو، سنڌي اصطلاح ۾،
بلال بانگو مشهور ٿي ويو. ڪجهه ٻاتو هو، سو ”اشهد“
جو اچار صحيح ڪونه ڪندو هو. ”اسهد“ چوندو هو ۽ ان
مهل شاهديءَ طور اشهد آڱر حضور ﷺ جن ڏانهن کڻندو
هو. پاڻ سڳورن جي وصال کان پوءِ، ڏک ۾ بانگ ڏيڻ
ڇڏي ڏنائين.
جڏهن مسلمان دمشق فتح ڪيو ته حضرت عمر به موجود هو
۽ بلال به هو. مسلمانن جي لشڪر اصرار چيو ته اڄ هن
فتح جي خوشيءَ ۾ بلال بانگ ڏئي. حضرت عمر بلال کي
حڪم ڏنو. هن بانگ ته ڏني.
پر، جڏهن پوري ڪيائين، ته خوشيءَ جو سمو غم ۾
تبديل ٿي ويو. مسلمانن کي حضور ڪا اک ڪانه
هئي، جنهن ۾ ڳوڙها نه هئا. وڏا وڏا اصحابي سڏڪا
ڀري رهيا هئا. خود حضرت عمر جي اکين مان وڏڦڙو وسي
رهيو هو.
روايت آهي ته بلال ان کان پوءِ بانگ ڪانه ڏني. پر،
جيڪڏهن تاريخ جو بين السطور اڀياس ڪبو، ته معلوم
ٿيندو، ته بلال جي بانگ ڪڏهن به بند ڪانه ٿي. سو،
هيئن ته هر ڏينهن ۽ هر رات، مسجدن مان، ميدانن
مان، صحرائن مان ۽ پهاڙن جي ميدانن مان اڄ به پنج
وقت بانگون اينديون رهن ٿيون.
ڏينهن رات هيئن ٿين ٿا، ته ڌرتي سدائين سج جي ۽
پنهنجي چوڌاري ڦرندي رهي ٿي. سو، جتي سج جي روشني
پهچي ٿي، اتي ڏينهن ٿئي ٿو ۽ جتي ڪانه ٿي پهچي،
اتي رات ٿئي ٿي.
ڌرتيءَ جي هر وقت ڦرڻ ڪري، دنيا جي مختلف ملڪن ۾،
ڪاٿي صبح ٿئي ٿو، ته ڪاٿي سانجهي، ڪاٿي ڏينهن، ته
ڪاٿي رات. انهيءَ ڪري، هر ملڪ ۾، نماز پڙهڻ جو وقت
به جدا جدا ٿئي ٿو. سو، جدا جدا ملڪ ۾، جدا جدا
وقتن تي، نماز لاءِ بانگون اچن ٿيون، جن ۾ هڪ جملو
هيءُ هوندو آهي ته:
”اَشهَدُ اَنّ مُحّمداً رّسُولُ اللهِ“
مان شاهدي ڏيان ٿو ته محمد الله جو رسول آهي.
حضرت بلال جي ڏنل اذان ۽ شاهدي فضا ۾ جيئن بلند ٿي
آهي، ته اڄ ڏينهن تائين ختم ڪانه ٿي آهي. هميشہ ۽
هر وقت گونجندي رهي ٿي. آدم جي پيدا ٿيڻ کان وٺي،
اڄ ڏينهن تائين، اربين آدمي پيدا ٿيا آهن، پر،
ڪنهن به ٻئي انسانَ جو نالو ڪونه ٿو سُجهي، جو
صدين جون صديون، ائين، فضا ۾ هر وقت گونجندو رهيو
آهي.
اهو منظر ذهن ۾ رکي، آسمان ڏي نهاربو، ته قرآن
ڪريم جي هيءَ آيت چوڏهينءَ جي چنڊَ مِثل چمڪندي
نظر ايندي:
وَرَفَعنَا لَکَ ذِکرکَ
۽ اسان تنهنجو ذڪر بلند ڪيو.
عالمِ اسلام جي برگزيده عالمن، حضور پيغمبر ﷺ جن
کي ”قرآن ناطق“ ڪوٺيو آهي. قرآن ناطق جو سليل سنڌي
ترجمو ٿيندو: ”ڳالهائيندڙُ قرآن.“ حضور ﷺ جن گويا
”ڳالهائيندڙ قرآن“ هئا. چنانچ، ڊاڪٽر حميد الله
پنهنجي ڪتاب خطبات بهاولپور ۾ چيو آهي ته:
حضور ﷺجن جي ارشادات يعني حديثن جي اهميت، قرآن
شريف جي اهميت کان گهٽ ڪانهي. ٻنهي ۾ فرق هي آهي،
ته حديث اسان کي قرآن شريف وانگر ڪانه ٿي ملي. پر،
اسان جو ايمان آهي، ته قرآن شريف جي زيرِ ۽
زَبَرَ، هڪ هڪ لفظُ، بلڪ هڪ هڪ نقطو، اڄ به اسان
وٽ ائين ئي محفوظ آهي، جيئن حضور ﷺ جن جي زماني ۾
هو. حديثن لاءِ اها خاطري ڪانهي.
مشرقُ
(EAST)
عشق ۽ مستيءَ جي سرزمين آهي. خواجه غلام فريد
سرائڪي زبان جو مڃيل آخرين عظيم شاعر
(Last of the Great)
آهي. هُنَ، حضور پيغمبر ﷺ جن سان پنهنجي عشق جو
اظهارُ هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
ميڏا عشق وي تون، ميڏا يار وي تون
ميڏا دين وي تون، ايمان وي تون
ميڏا جسم وي تون، ميڏا روح وي تون
ميڏا قلب وي تون، جند جان وي تون
ميڏي فرض فريضي، حج زکواتان
صوم صلواة اذان وي تون
ميڏا قبله، کعبه، مسجد، مندر
مصحف تي قرآن وي تون
عشق، محبت ۽ نفرت فطري ڳالهه آهي. انسان کي انسان
سان ته محبت ٿئي ٿي. پر، جانورن ۽ پکين سان به ٿئي
ٿي. محبت هڪ جذباتي رويو آهي.
ليڪن، مغربَ
(WEST)
جي اڪثر دانشورن زندگيءَ جي هر معاملي ۾ عقل کي
پنهنجو امام ڪيو آهي. سو، مائيڪل هارٽ عقل جي آڌار
تي قائم ڪيل معيار مطابق
“A RANKING OF 100 MOST INFLUENTIAL PERSONS IN
HUMAN HISTORY.”
۾، حضور پيغمبر ﷺ جن جي عظمت جو اعتراف هنن لفظن ۾
ڪيو آهي:
He was the only man in history, who was
supremely successful, on both the religious and
secular levels. Today, fourteen centuries after
his death his influence is still powerful and
pervasive. It is this un-paralleled combination
of secular and religious influence, which I feel
entitles Muhammad to be considered the most
influential figure in human history.
تاريخ ۾ هو اڪيلو شخص هو، جنهن ديني توڙي دنياوي
معاملن ۾ انتهائي درجي جي ڪاميابي ڪئي. سندس رحلت
کان چوڏهن صديون پوءِ به سندس اثر وڌي رهيو آهي ۽
غلبو حاصل ڪري رهيو آهي.
هن بي مثال ديني ۽ دنياوي ڪاميابيءَ جي ڪري مڃڻو
پوي ٿو ته محمد ﷺ سڄيءَ انساني تاريخ جي سڀ کان
بااثر شخصيت آهي.
دنيا ۾ هن وقت موجود، هڪ ارب (يعني هڪ سؤ ڪروڙ)
مسلمانن جي عقيدي ۽ ايمان
(Faith)
جو سرچشمو قرآن شريف آهي. اهو انهيءَ ئي امي (اڻ
پڙهيل) پيغمبر ﷺ جو سڄيءَ انسانذات کي ”عطيئه
خداوندي“ آهي.
هر مسلمان جي گهر ۾، مرڻي ۽ پرڻي جهڙن نازڪ موقعن
تي، قرآن شريف جي حڪمن جي ئي پيروي ڪئي وڃي ٿي.
هونئن به، هر مسلمان شخص ڄمڻ کان مرڻ تائين ان جي
تعليم تي، پنهنجي حال ۽ توفيق سارو عمل ڪري ٿو: ڪو
گهڻو ته ڪو ٿورو. پر، هر شخص اُن جو ازحد احترام
ڪري ٿو.
سنڌ جي ڳوٺن ۾ اهڙو ڪو گهَرُ مشڪل ملندو، جنهن ۾
قرآن شريف رکيل نه هجي. اڪٽر ڪري مٿي طاق تي رکيل
هوندو آهي. پر، جي هيٺ رَحَلَ تي تلاوت لاءِ رکيل
هوندو آهي، ته ڪير به شخص، عورتَ يا مردُ، ڄاڻي
واڻي، ان کي پٺي ڏيئي ڪونه لنگهندو آهي. پير علي
محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“
۾، سنڌ جي ڳوٺاڻي ڪلچر ۾، قرآن ڪريم جي تعظيم ۽
تڪريم جي ڪا مثال ڏنا آهن. مون کي پنهنجي ڳوٺ ۾،
هڪ دفعي، هڪ شخص قرآن شريف جو ذڪر ڪندي، چيو ته،
”ادا، ڪلام الله ته ٻنهي جهانن کان ڳؤرو آهي.“
سنڌ جي ڳوٺن ۾، ڪي ماڻهو روزانو قرآن شريف جي
تلاوت ڪندا آهن. پر، تلاوت لاءِ به هڪ بنيادي شرط
آهي، جيڪو ڪنهن عالم جو مقرر ڪيل ڪونه آهي. خود
قرآن ڪريم جو ارشاد آهي:
لايَمَسُہ اِلاَلُطَهَروُنَ
هن قرآن کي اهي ئي هٿ لائن، جيڪي پاڪ آهن.
سو، تلاوت ڪرڻ کان اڳ، شرعي نموني ۾، پاڪائيءَ
لاءِ وضو ڪرڻو پوندو آهي، (يعني هٿ، منهن، ٻانهون،
پير وغيره مقرر ٿيل مذهبي طريقي موجب) ڌوئڻا پوندا
آهن. ان ڳالهه جي به خاطري ڪرڻي آهي ته ڪپڙا پاڪ
آهن، يا نه؟
جيڪڏهن قرآن شريف کي هٿ لائڻ لاءِ به اهو شَرِطُ
آهي، ته پوءِ انهيءَ کي ترجمو ڪرڻ يا ان جو پيغام
اصل عربيءَ ٻوليءَ مان ڪنهن ٻيءَ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ
به ڪي شَرِطَ شروط هوندا يا نه؟ ان لاءِ به ڪنهن
نه ڪنهن قسم جي پاڪائي ضروري هوندي يا نه؟ پر،
پهريائين اها وضاحت ٿيڻ گهرجي، ته ”پاڪائي“ مان
مراد ڇا آهي؟ ڀٽائيءَ فرمايو آهي ته:
گندُ جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ
اُنين جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو
گويا، گند ڀريل گوڏ، پاڪائيءَ جو بنيادي مسئلو
ڪونهي. بنيادي شرطُ انسانَ جي اندر جي پاڪائي آهي.
راجا انهن وٽ ئي ريجهي آئيو، جن جي پوشاڪ پاٻوڙا
هئي ۽ گوڏِ گند سان ڀريل هئي. |