هنن انگن اکرن ۾ هڪ تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن جو
واسطو هڪ علائقي ۾ وسندين جي گهڻائي آهي ۽ اها
حقيقت غور طلب ۽ سمجهائڻ جوڳي آهي. پر اهڙي ڪم جي
شروع ڪرڻ کان اڳ اسان کي يقين ڪرڻو پوندو، ته اسان
جي ڪيل سروي ۾ ڪابه غلطي ڪانه آهي. رپورٽ ۾ درج
ڪيل ماڳن جو تعداد به علائقي ۾ موجود قديم آثارن
جيترو آهي. صحيح جي يقين دهاني مان مراد آهي، ته
نمونن وٺڻ واري سلسلي ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي ۽
کوٽاين ۽ کوجنائن دوران به عقلمنديءَ جو مظاهرو
ڪيو وڃي.
گهيلو - ڪالوڀر نئن واري ايراضيءَ ۾ ڪوشش اها ڪئي
وئي هئي، ته هن علائقي ۾ موجود انهن سڀني قديم
آثارن جي ماڳن جو رڪارڊ رکيو وڃي، جيڪي اسان پيرين
پنڌ هلي ڏٺا هئا. انهيءَ مقصد سان ته جيئن ڏٺو
وڃي، ته هن ننڍڙي پر هڪ مڪمل نموني ۾ آيل ڪنهن خاص
دؤر ۾ تبديلي ڪنهن وڏي نموني ۾ آيل تبديليءَ سان
هڪجهڙائي
رکي ٿي يا نه؟ جنهن جو نمونو بنا ڪنهن رٿا بنديءَ
جي تڙتڪڙ ۾ ورتو ويو هو. جيڪڏهن ٻه نمونا هڪ ٻئي
سان ٺهڪندڙ آهن، ته معلوم ٿي ويندو، ته حقيقتن ۾
موجود لاڙا نمونن جي غلطين ڪري ڪونه هئا، پر اهي
حقيقي ۽ اهم هئا.
اهڙا نتيجا هيٺ ڏنا ويا آهن، جن مان معلوم ٿيندو،
ته نمونن واري غلطيءَ کي تبديليءَ لاءِ ڪتب آڻي
ڪونه ٿو سگهجي. اهڙي جانچ پڙتال نهايت خبرداريءَ
سان ڪئي وئي هئي ۽ ڏٺو ويو هو، ته ڪن ماڳن اندر
اهڙي تبديلي موجود هئي. دؤر به اهو ساڳيو آهي،
جيڪو هن کان اڳ واري تحقيق ۾ نظر آيو هو. جنهن مان
معلوم ٿيو هو، ته وڏو نمونو وڌيڪ ويساهه جوڳو هو،
جيڪو ننڍي نموني سان سهمت ڪونه هو. اهڙي حقيقت جي
پٺڀرائيءَ لاءِ بلڪل ساڳين
طريقن سان مڪمل نمونن وٺڻ جي ڪوشش جو ارادو ڪيو
ويو هو، جيڪو ڀونگر جي قديم ماڳن جي تحقيق وقت
اختيار ڪيو ويو هو. اهڙو نتيجو جدول
--8 ۾ ڏسي سگهجي ٿو:
جدول - 8
|
IIA |
II B.C |
III |
جاچ پڙتال يا سروي کان اڳ ٻڌايل ماڳ
جاچ پڙتال کان پوءِ لڌل وڌيڪ ماڳ |
18
0 |
95
25 |
20
12 |
ڪل جوڙ |
18 |
120 |
32 |
هنن حقيقتن کي روايتي ڀيٽوار اڀياس
(Comparative Study)
۽ تجزئي
(Analyzing)
کان اڳ ٻن طريقين سان وڌيڪ صحيح ۽ قابل يقين بڻائي
سگهجي ٿو. پهريون طريقو هي آهي، ته نهايت ڌيان ۽
گيان سان چئن ماڳن جي سروي (جاچ پڙتال) ڪئي وئي
هئي. اهڙي رپورٽ به تيار ڪئي وئي هئي. هنن ماڳن جي
دؤر جو تعلق سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت کان پوءِ
واري
مرحلي سان هو. اهي ماڳ اهڙا هئا، جتي ڪاريگرن ويهي
پٿرن جي گهڙائي ڪئي هئي. مذڪوره چارئي ماڳ کنڊريو
I،
لاکاڻڪا، رام پاڙا ۽ اٽاريا آهن. جن جو ٻن دؤرن
جهڙوڪ: جزوي دؤر بي.سي
II
۽
III
(Sub Period B.C II and III)
سان واسطو ٻڌايو ويو آهي. پر انهن دؤرن کي الڳ ڪري
بيهارڻ لاءِ اصولي معيار ڪونه ٻڌايو ويو. ليڪن
اهڙا دؤر مختلف اوزارن جي نمونن جي آڌار تي جدا
ڪيا ويا آهن. ٻيو ته هي ڳالهيون چوڌاري موجود
نياتن
(Communities)
جي ڏهاڙي جي ڪمن ڪارين سان واسطو رکن ٿيون. تنهن
ڪري انهن کي ٻين رهيل نمونن سان ڀيٽائي ڪونه ٿو
سگهجي. بهتر اهو آهي ته انهن کي ماڳن جي فهرست مان
ڪڍي ڇڏجي.
هنن ۾ ٻي بهتري هن ريت به آڻي سگهجي ٿي ته ڪڇ مان
هٿ آيل ماڳن کي نمونن
(Samples)
مان خارج ڪري ڇڏڻ کپي. ايئن ڪرڻ سان جاگرافيائي
اهميت ۾ تبديلي اچي ويندي. پر هن کي ڪڇ علائقي
(Sub Region)
جي خاص خوبين جي نقطهء نظر کان هڪ جواز ضرور آهي.
جيڪڏهن ايئن ڪيو ويو ۽ جيڪڏهن هنن چئن ماڳن کي ڪڇ
ضلعي جي نمونن مان ڪڍيو ويو جيڪي ڪاريگري واري
پورهئي سان لاڳاپيل آهن ته پوءِ ايئن ڏسڻ گهرجي
جيئن جدول نمبر 9
(Table-9)
۾ موجود آهن:
جدول - 9
|
IIA |
B.C II |
III |
ايراضيءَ ۾ ڪل ماڳ
ڪم ڪار سان لاڳاپيل ماڳ
فرق |
0
0
0 |
25
4
21 |
12
4
8 |
ڪڇ جي ڇڏيل ماڳن سان انگ اکر |
سروي کان اڳ ٻڌايل ماڳ |
18 |
95 |
20 |
ڪجهه ڄاتل ماڳ |
14 |
10 |
2 |
فرق |
4 |
85 |
18 |
هاڻي حقيقتن جو وچور هن خاڪي نمبر ڏهه ۾ ڏنو ويو
آهي، جنهن مان سولائيءَ سان اهو پتو پئجي وڃي ٿو
ته تحقيق کان اڳ ۽ تحقيق ڪرڻ وقت ڪهڙا قديم ماڳ
موجود هئا. ڇا انهن ٻنهي قسمن جي ماڳن جو تعداد
تناسب ۾ هڪجهڙو آهي يا رڳو جوڙ ۾ فرق آهي. جيڪڏهن
انگن اکرن جي جانچ پڙتال ڪبي، ته اهي پاڻ ۾ ويجهو
نظر ايندا. اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي، ته
انگن اکرن ۾ عام تبديلي گهٽ وڌ ساڳي آهي. هن امڪان
کي وڌيڪ صحيح ڪرڻ لا، ڏاڍي ڌيان ۽ گيان سان تحقيق
ڪئي وئي هئي ۽ هنن انگن اکرن کي
اچي
اسڪائر
(Chi Square)
جي تجربي مان به گذاريو ويو هو. جنهن مان معلوم
ٿيو ته
0.99
واري ليول
(Level)
تي ٻن ڊگرين کي ڇڏي، پوءِ ڏٺو ويو ته ڀونگر وارو
تجربي وارو نمونو
(Test Sample)
وڏي نموني
(Large Sample)
مان کنيو ويو آهي. هن حقيقت مان اهو ظاهر ٿئي ٿو،
ته مقرر هڪ وقت ۾ ماڳن جي تعداد ۾ آيل تبديلي بلڪل
صحيح آهي، جيڪا فقط نموني جي غلطيءَ ڪري ڪانه آهي.
پر هڪ سوال جيڪو ڏاڍو منجهيل ۽ ڏکيو، پر اهم آهي
سو آهي، اهڙيءَ تبديلي بابت صحيح سمجهاڻي.
تبديلي جي سمجهاڻي لاءِ مثال
هڪ مقرر وقت دوران قديم ماڳن جي تعداد ۾ تبديليءَ
جي ڄاڻ نهايت اهم هوندي آهي ۽ قديم آثارن جي تحقيق
لاءِ ڪا نئين ڳالهه به ناهي هوندي. حقيقت اها آهي
ته ان جي اهميت جو تعلق ان وقت کان شروع ٿئي ٿو،
جڏهن ماڻهن قديم آثارن جي ماڳن ۾ دلچسپي وٺڻ شروع
ڪئي هئي [14]. عام طور تي سمجهاڻيءَ جو طريقو پيٽ
گذر جي طريقي ۽ لڏپلاڻ ڪري آدمشماريءَ ۾ گهٽ وڌائي
سان تعلق رکي ٿو. مرڪزي حيثيت حاصل ڪرڻ واري سلسلي
کي شهري مرڪزن جي تعداد جي اضافي سان شامل ڪيو ويو
آهي. هن قسم جي سمجهاڻين کي عام قسم جي تنقيد لاءِ
کليو ڪونه رکيو ويو آهي. هن ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي
ڪا ڳالهه ڪانه آهي ته اهي ڳالهيون انهن قديم آثارن
جي ماڳن ۾ آيل تبديلين جو ذريعو آهن، جيڪي هڪٻئي
پٺيان مختلف دؤرن ۾ لڌا ويا آهن. تاريخي خاصيت
واري ۽ تسلسل جي خوبيءَ واري نئين تعمير وسيلي به
مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي. پر زير بحث معاملن ۾ اڳواٽ
ايئن ڪرڻ مناسب نه آهي. مثال طور: آدمشماري بابت
اڳئين حصي وارو اندازو گهيلو - ڪالوڀر نئن جي
ڀرپاسي تان مليل حقيقتن جي آڌار تي ڪيو ويندو هو.
اندازي ڪرڻ واسطي مختلف انگن اکرن کي آڏو رکيو ويو
آهي، جنهن وسيلي معلوم ٿيو ته اتان جي ايراضيءَ ۽
آدمشماريءَ ۾ مناسب ضرورت هئي. گجرات سان لاڳاپيل
اهي حقيقتون ٽڪرن ٽڪرن جي شڪل ۾ موجود آهن. تنهن
ڪري اهڙو نقطهء نظر قائم ڪرڻ مناسب ڪونه ٿو لڳي.
مليل انگن اکرن مان ته ايئن معلوم ٿي رهيو آهي، ته
ماڳن واري ايراضيءَ جي تبديليءَ جو ۽ ماڳن جي
تعداد جي تبديليءَ جو آدمشماريءَ جي گهٽجڻ وڌڻ سان
ڪوبه تعلق نه آهي. ٻين لفظن ۾ هن ريت به چئي سگهجي
ٿو، ته ماڳن واري ايراضيءَ ۾ تبديلي ماڳن جي تعداد
۾ تبديلي ۽ آدمشماريءَ ۾ تبديلي جو ڪنهن حد تائين
هڪٻئي سان ڪو تعلق ڪونه آهي. اهڙيءَ ريت جو جڏهن
انهن مان هڪ ۾ يا ٻن ۾ تبديلي ايندي آهي، ته باقي
هڪ يا ٻن ۾ تبديلي نه به ايندي آهي. ثقافت جو
اهڙين تبديلين سان خاص قسم جو تعلق هوندو آهي.
اهڙي نسبت جي اظهار ڪرڻ جو بار جاچ پڙتال ڪرڻ واري
ماهر جي ڪلهن تي هوندو آهي. اهڙا سبب اڳتي ايندڙ
صفحن ۾ بيان ڪيا ويندا. ڇاڪاڻ ته فيصلو ڪيو ويو
هو، ته اهڙي رٿابندي ڪئي ويندي، جنهن ۾ هن قسم جي
بحث کي قلمبند ڪيو ويندو. قديم ماڳن جي تبديلين جي
گهڻي ڀاڱي سمجهائڻ جو تعلق انهن وسندين جي هنن
ڳالهين سان آهي، ته انهن وسندين جي وجود ۾ ڪهڙا
عنصر ڪار فرما هئا؟ انهن ۾ ايندڙ اضافي، گهٽتائي ۽
ماڳ ڇڏي وڃڻ جا ڪارڻ ڪهڙا هئا؟ خاص دؤر ۾ وسندين ۾
ايندڙ تبديلين جا پنج سبب ڏسڻ ۾ آيا آهن. انهن مان
پهريون ۽ واضح ڪارڻ آدمشماريءَ جي تبديلي آهي. ٻيو
ڪارڻ لڏپلاڻ آهي. هنن ٻنهي ۾ موت ۽ ڄم جيترو فرق
آهي. هنن ٻنهي معاملن ۾ علائقي جي ساري آدمشماريءَ
کي وسندين جي تعداد ۾ تبديلي سڏي سگهجي ٿو. ٽئين
قسم جي تبديلي ماڻهن جي پيٽ گذر جي طريقن ۾ تبديلي
آهي. جنهن ڪري پڻ وسندين جي تعداد ۾ تبديلي اچي
وئي هئي. مثال طور: پهرئين دؤر جي مالوند ماڻهن
چؤپائي مال کي ڇڏي، ٻني ٻارو ڪرڻ شروع ڪيو هو.
تنهن ڪري هي سماج مال چارڻ ۽ گاهه واري سائي
جـُـوءِ جي تلاش ۾ ڏينهن رات ڏورڻ بدران جهڳا جوڙي
هڪ جاءِ تي ٿانيڪا ٿي ويهي رهيا. پوئين صورتحال جي
نقطهء نظر کان قديم آثارن سان لاڳاپيل گهڻيون
حقيقتون سامهون اينديون. جڏهن ته لاڏائو قسم جي
سماج سان لاڳاپيل حقيقتون مختصر هونديون آهن.
اهڙيءَ ريت جيڪڏهن ڪنهن خاص ماڳ جي احوال کي
آدمشماريءَ جي تبديليءَ طور سڌو ڪتب آڻبو، ته ظاهر
۾ آدمشماري گهٽ وڌ ضرور ڏسڻ ۾ ايندي. پر
آدمشماريءَ جا اهي انگ اکر حقيقي ڪونه هوندا. اهي
عنصر جيڪي وسندين کي هڪ جڳهه تي قائم ٿيڻ لاءِ
ڇڪين ٿا يا انهن وسندين کي خالي ڪري ڇڏي وڃڻ جو
ڪارڻ بڻجڻ ٿا، سي به زير بحث تبديلين سان لاڳاپيل
عنصر آهن. اهڙن عنصرن جو چوٿين قسم جي تبديليءَ
سان واسطو آهي. جنهن تي هيٺ وضاحت سان بحث ڪيو
ويندو. پنجين تبديلي وسندي جي موجودگي واري عرصي
سان تعلق رکي ٿي، جنهن جي معنيٰ اها ٿيندي، ته
جاگرافيائي صورتحال مطابق ان وسنديءَ جا ماڻهو
ڪيتري آسانيءَ سان پيٽ گذر ڪري سگهن ٿا ۽ اهڙن
سببن ڪري وسندين جي تعداد ۾ تبديلي ايندي آهي.
آدمشماريءَ ۾ تبديلي:
آدمشماريءَ جي اضافي ۽ گهٽ ٿيڻ ۾ موت ۽ ڄم جهڙو
فرق موجود آهي. آدمشماريءَ جي گهاٽي واڌي اهڙن
امڪانن ڏانهن منسوب ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن دؤر اي
ٻئي
(Period A II)
۽
(Period B.C II)
جي دؤرن جي وچ واري وسندين جي تعداد جي فرق ڏانهن
ڌيان ڏبو ته معلوم ٿيندو، ته انهيءَ اهم جزوي دؤر
(Sub Period)
دوران وسنديون ستوڻ تي وڌي
ويون آهن. پر ماڳن جي پکيڙ ۾ خاص اضافو نظر ڪونه
ٿو اچي، جنهن جو وڌيڪ تفصيل اڳتي ايندو. آدمشماري
۾ اها تبديلي ٽن حصن ۾ ورهايل ڏسجي ٿي ۽ اهڙي
تبديلي جوڳو ڌيان لهڻي ٿي. پهرئين ڀيري جي ڏسڻ سان
ايئن معلوم ٿيندو، ته آدمشماريءَ جا اهي انگ اکر
معمول جي خلاف ڪونه آهن.
تاريخ کان اڳ واري دؤر
(Pre-Historic)
جي آدمشماريءَ جي سيڪڙي ۽ في سال اضافي بابت
ويساهه جوڳي معلومات موجود ڪانه آهي، پر جيڪڏهن
موجوده دؤر جي آدمشماري في سال اضافو هڪ فيصد
ٻڌجي، ته مٿي ڏيکاريل ٽن سون سالن ۾ ستوڻ تي وڌيل
آدمشماريءَ جا انگ اکر وڏا ڏسڻ ۾ ايندا، پر غير
مناسب ڏسڻ ۾ ڪونه ايندا [15]. جيڪڏهن اضافي جي هن
شرح مطابق آدمشماريءَ جو حساب ڪبو، ته ڏسڻ ۾ ايندو
ته هر سٺ سالن ۾ آدمشماري ٻيڻي ٿي وڃي ٿي. اهڙيءَ
ريت ٻن سون سالن کان گهٽ عرصي ۾ آباديءَ جو انگ
وڌي وڃي ستوڻ تي پهچي ٿو. گجرات ۾ نظر ايندڙ
تبديلين مان ظاهر ايئن ٿئي ٿو، ته هتان جي
آدمشماريءَ جي اضافي جا انگ اکر بلڪل ساڳيا آهن.
ڪارنيريو
(Carniero)
۽ هلس
(Hulse)
جو ڏنل حوالو مٿي ڏنو ويو آهي. سندن نقطهء نظر
آهي، ته آدمشماريءَ ۾ هڪ فيصد ساليانو اضافو ۽ هڪ
صديءَ لاءِ اضافو تمام گهڻو آهي. جڏهن ته آدمشماري
جي اهڙي اضافي جو تعلق ٻي هزاري ق.م آهي. حقيقت
اها آهي، ته انهي قديم دؤر ۾ آدمشماريءَ جي اضافي
جي شرح بلڪل ئي گهٽ هوندي. ان دؤر جي آدمشماريءَ
جي
في سيڪڙي
اضافي جي يقين جوڳي ڪا ڄاڻ موجود ناهي. تنهن ڪري
ان لاءِ ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگهجي. تڏهن به
آدمشماريءَ جو هڪ
سيڪڙو
ساليانو اضافو مناسب آهي. آدمشماري جو اهو اضافو
امڪاني حدن اندر به ڏسجي ٿو ۽ ان تبديليءَ لاءِ
اهو ڪارڻ کوڙ آهي.
لڏپلاڻ:
انساني نقل مڪاني هن قسم جي حقيقتن ۾ تبديليءَ جو
هڪ حصو آهي ۽ اهڙيءَ تبديليءَ جي ممڪن سمجهاڻي به
اها آهي. جيڪڏهن سنڌو تهذيب جي سنڌ ۽ پنجاب جا
ماڻهو شهري مرڪزن کي هڪ ڊرامائي نقطهء نظر مطابق
خالي ڪري هليا ويا آهن، ته پوءِ مٿي بيان ڪيل
ڳالهه به سچ سمجهڻ گهرجي. هيءَ لڏپلاڻ شهري مرڪزن
کي خالي ڪري هليو
وڃڻ سان تعلق رکي ٿي. جنهن ڪري آباديءَ جو هڪ وڏو
حصو هن اٿل پٿل جو شڪار بڻيو هوندو. هنن ماڻهن
نئين سر آباد ٿيڻ لاءِ [16]، گجرات جي چونڊ ڪئي
هوندي. ڇاڪاڻ ته ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ هيءُ علائقو
وڌيڪ موهه ۽ ڇڪ رکندڙ هوندو.
بحث هيٺ آيل وسندين جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي، ته
اهي ڪهڙن هنڌن تي قائم ڪيون ويون هيون. پر سندن
قيام ۾ ٻه رخ نظر اچن ٿا. هنن وسندين جو پهريون اڌ
جزوي دؤر اي ٻئي ۽ بي. سي ٻئي
(Sub Period A II & B.C II)
وچ واري دؤر سان تعلق رکي ٿو. پوئين دؤر ۾ انهن
وسندين جي تعداد ۾ گهٽتائي نظر اچي ٿي، جيڪا غور
طلب آهي. سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٿيل اهڙن واقعن بابت ڪوبه
ڀيٽوار اڀياس
(Compasative study)
پيش ڪري ڪونه ٿو سگهجي، ته ان زماني ۾ اتي ڇا ٿي
گذريو هو؟ هن کان سواءِ آدمشماريءَ جي اضافي واسطي
يقين جوڳي سمجهاڻي به موجود ڪانه آهي. ان سان گڏ
اهو به سمجهائي ڪونه ٿو سگهجي، ته ماڻهن جي لڏپلاڻ
ڪري وسندين جو تعداد گهٽجي ويو هو.
قديم آثارن جي رڪارڊ ۾ نقل مڪاني جي نشاندهي ڪرڻ
ڏکيو معاملو آهي. ڏکيو ان ڪري آهي، جو انسان
انهيءَ لڏپلاڻ ۾ جسماني طور سفر ڪندو آهي. پر ان
جون ثانوي ثقافتي خوبيون سفر ۾ ڪونه هونديون آهن.
گڏيل آمريڪي رياستن
(United states of America)
جي ڏکڻ اولهه مان مليل ثقافتي حقيقتن جي آڌار تي
ايمل هاري
(Emul Haury)
نقل مڪانيءَ جي تسلسل جي سڃاڻ واسطي پنهنجي طرفان
تجويز پيش ڪئي آهي ۽ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي
چوي ٿو ته:
نقل مڪاني هڪ ممڪن انساني عمل آهي، پر ماضيءَ جي
ماڻهن جي قديم آثارن جي رڪارڊ ۾ فقط “نقل مڪاني”
اڪيلي ۽ مڪمل سمجهاڻي ڪانه هوندي آهي. پر ان عمل
سان گڏ ڪي ٻيون ڳالهيون به شامل هونديون آهن، جيڪي
هي آهن:
1. جيڪڏهن ثقافتي تسلسل اندر طرزن جو ڪو مجموعو
اوچتو نظر اچي وڃي، جنهن کي هڪدم سڃاڻي وٺجي، ته
اهو اوپرو ۽ نئون آهي ۽ ان جو نمونو مقامي نه آهي.
2. جيڪڏهن ٻاهران آيل گروهه جون تيارٿيل شيون
هوبهو ميزبان ملڪ جي تيار ٿيل شين جي طرزن جهڙيون
آهن، پر انهن شين جي طرزن جو ڪجهه معمولي ۽ اڻ لکو
لاڙو نئين آيل گروهه جي اصليت ڏانهن اشارو ڪري ٿو،
ته سمجهي وڃڻ کپي ته اهو گروهه نئون آيل آهي ۽
سمجهي وڃڻ کپي ته اها لڏپلاڻ وارن ماڻهن جي ثقافت
آهي.
جيڪڏهن بيان ڪيل مٿيون ماحول ڪنهن ٻي ڳالهه جي نه،
پر فقط ٻاهران آيل ماڻهن جي طرزن جي نمائندگي ڪري
ٿو ۽ اهو ماحول ڪا ثقافتي ترغيب به ڏئي ٿو: ته ان
ڳالهه جو امڪان وڌي وڃي ٿو .
1. جيڪڏهن ان ايراضيءَ جي سڃاڻ ممڪن آهي، جنهن جون
نظر ايندڙ اهي منفرد طرزون عام رواجي يا روايتي
نمونا هوندا آهن.
2. جيڪڏهن گهٽ وڌ دؤر اندر ٻاهران آيل گروهه جي
اصلي وطني طرز ۽ لڏپلاڻ دوران ڌارئين ديس ۾ ٺاهيل
شيءِ جي طرز هوبهو ميزبان ملڪ جي شين جي طرز جهڙي
ثابت ٿي وڃي ٿي [17]. پر اها ميزبان ملڪ جي اصلي
شيءِ نه آهي، ته ان مان نقل مڪانيءَ جو اهڃاڻ
محسوس ڪري سگهجي ٿو.
هيءَ حقيقت آهي ته نقل مڪانيءَ جي سڃاڻڻ لاءِ اهي
راهنما اصول آهن، پر هاري جي بيان ڪيل شرطن ڏانهن
ڌيان ڏبو، ته پوءِ معلوم ٿيندو ته گجرات ڏانهن
لڏپلاڻ سان لاڳاپيل حقيقتون تبديل ٿي وڃن ٿيون ۽
سمجهه ۾ ايندو ته اهڙي نقل مڪاني جزوي دؤر اي. ٻئي
Sub Period A II))
دوران ڪانه ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته هن دؤر ۾ ڪابه اوپري
نئين ثقافتي شيءِ ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. پر جزوي دؤر
بي. سي ٻئئي(Sub
Period B.C II)
کان وٺي ويندي دؤر ٽئي
(Period III)
تائين گهڻو ڪري سڀ سنڌي ثقافتي شيون تبديل ٿي
چڪيون آهن. پر ان هوندي به يقين سان چئي سگهجي ٿو،
ته گجرات علائقي ڏانهن نقل مڪاني ڪري ايندڙ سنڌو
تهذيب جي ماڻهن کان سواءِ ٻيا ڪونه هئا. اهامڪمل
ثقافتي تبديلي هئي. سنڌو تهذيب جي ماڻهن جو گجرات
واري ثقافتي علائقي ۾ هڪدم ظاهر ٿيڻ جو واقعو ايمل
(Emul Hury)
هاري جي قائم ڪيل نظريي مطابق ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن
کان اڳ واري باب ۾ اهو ذڪر ضرور ڪيو ويو آهي، ته
گجرات مان لڌل سنڌو تهذيب جي ثقافتي شين جي مجموعي
۾ گڏيل ثقافتي شيون به مليون آهن، جن مان ڪن جو
تعلق سنڌو تهذيب سان آهي ۽ جڏهن ته ٻين جو تعلق ان
تهذيب سان ڪونه ٿو ڏسڻ ۾ اچي. هنن حقيقتن مان ايئن
معلوم ٿي رهيو آهي، ته ٻاهران لڏي آيل ماڻهن مقامي
شين جي طرزن کي پنهنجي ثقافتي شين جي طرزن ۾ شامل
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي يا پنهنجي نظام جي دائري ۾
آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها ايراضي به واضح آهي،
جتان سنڌو تهذيب جا ماڻهو پنهنجي ثقافت کڻي اچي
پهتا هئا. جزوي دؤر اي ٻئي
(Sub Period A II)
سان لاڳاپيل قديم آثار ڪڇ ۾ واقع آهن. هي ننڍڙو
علائقو سنڌو ماٿريءَ سان تعلق رکي ٿو ۽ سنڌو تهذيب
جا ماڻهو هن علائقي وسيلي گجرات تائين پهتا هئا.
ان کان سواءِ هي اهو علائقو آهي، جتي لڏيندڙ
پهريان ماڻهو پهتا هئا. اها لڏپلاڻ لاڳيتو ڪانه
هئي. پر سفر ڪرڻ کان پوءِ، ڪنهن ايراضيءَ ۾ اجها
اڏي اتي والار به ڪئي وئي هئي، جيڪا قديم آثارن جي
روايتي خاصيتن واري رڪارڊ جي بلڪل خلاف آهي.
طرز زندگيءَ جي قدرن ۾ تبديلي:
بحث هيٺ آيل ثقافتي حوالن ۾ طرز - زندگيءَ ۾
تبديليءَ جي وضاحت نظر ڪانه ايندي. پر هن جو واسطو
بني نوع انسان جي نسل ۽ ثقافت جي اوسر جي
علم
(Ethnographic)
واري
رڪارڊ سان وڌيڪ آهي. طرز زندگي جي هر شڪل خاص ڪري
پيٽ گذر جي مختلف طريقن قديم آثارن جي رڪارڊ ۾
پنهنجي خاص خوبين جا نشان ڇڏيا آهن. اهي منفرد
دستاويز ڪجهه طاقتور ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن کي سولائي
سان معلوم به ڪري سگهجي ٿو. ڪجهه ٻيا اهڙا آهن، جن
کي ڏاڍي ڏکيائي سان معلوم ڪري سگهجي ٿو. نقل مڪاني
ڪندڙ مالوند ماڻهو جيڪي سکئي ستابي ۽ سائي ڍائي
جوءِ لاءِ سدائين لٺ ۽ گهر ڪلهن تي رکيو وتندا
آهن،
سدائين
هلندا وتندا آهن. هنن سان گڏ ڪي آهيڙي
(Hunters)
۽ ڏوٿي
(Gatherers)
قبيلا به هوندا آهن، جيڪي پنهنجي چـُـوڻي پاڻي
لاءِ وتندا آهن، راتو ڏينهن هلندا.
“کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهين.”
اهڙن ماڻهن قديم آثارن جا رڪارڊ اڻ چٽا نشان ڇڏيا
آهن. اهڙا ماڻهو اڳيئي اڏيل انهن ڳوٺن جي ڀرپاسي ۾
پنهنجا پکا پيهون اڏي ويهي رهندا آهن، جن جو تعلق
پوکي راهيءَ سان هوندو آهي. اهڙيون تبديليون جزوي
دؤر اي ٻئي
(Sub Period A II)
جي ابتدا ئي کان وٺي
دؤر
بي سي ٻئي
(Period B.C II)
جي خاتمي تائين محسوس ڪري سگهجي ٿو.
بحث هيٺ جاچ پڙتال ۾ هڪ قسم جو قبيلائي تسلسل
موجود آهي. هن نقطهء نظر جي تائيد لاءِ اهڙيءَ
تحقيق جو ڪم هٿن ۾ کنيو آهي. اهو تصور موجود آهي،
ته گجرات ۾ ڪي آهيڙي ۽ ڏوٿي قبيلا سنڌو تهذيب جي
ماڻهن سان گڏ وانڍيون ۽ وسنديون اڏي ويهي رهيا
هئا. هنن ماڻهن جو اڳتي هلي نهايت وضاحت سان ذڪر
ڪيو ويندو [18]. قوي امڪان آهي، ته انهن قبيلن مان
ڪن يا سڀني ماڻهن هڪ جاءِ تي ويهي سنڌو تهذيب جي
ماڻهن جيان پوکيءَ راهيءَ جو ڌنڌو اختيار ڪيو
هوندو، جن جي ڀرپاسي ۾ هو پنهنجا اجها اڏي اچي
ويهي رهيا هئا. اهڙيون تبديليون ڀارت جي قبيلائي
بلڪ دنيا جي ٻين حصن جي قبيلائي ماڻهن ۾ نظر آيون
آهن. ان کان پوءِ مالوند لاڏائو قبيلن ۽ پوکي
راهيءَ سان واسطو رکندڙ وسندين جي وڌ گهٽ تعداد تي
پڻ بحث ڪيو ويندو. اها هڪ معاشرتي تبديلي جو قسم
آهي، جنهن کي اولهه هندستان ۾ [19]، ڌيان ۽ گيان
سان قلمبند ڪيو ويو آهي. اهڙن مالوند ماڻهن کي
سنڌو تهذيب جي لڙهه ۾ شامل ڪيو ويندو، جن ڌنارڪي
ڌنڌي واري زندگي کي ڇڏي سنڌو سڀيتا جي ماڻهن وارو
ڌنڌو /پوکي راهي واري ڪار ڪرت اختيار ڪئي هئي.
پهرين ڳالهه ته هي ماڻهو هارين نارين وانگي ڳوٺ
ٻڌي ويهي رهيا هئا ۽ پيٽ گذران لاءِ ڌنڌو به ساڳيو
شروع ڪري ڏنو هئائون. ڪنهن سمجهاڻي واري مرحلي
دوران هي ڳالهه به يقين سان چئي سگهجي ٿي، سنڌو
تهذيب جي ماڻهن جون پيٽ گذر لاءِ اقتصادي حالتون
چوپائي مال تي دارومدار رکنديون هيون. ڇاڪاڻ ته ان
وسيلي طاقت جي نمائش به ٿي ويندي هئي، کاڌ خوراڪ
جو مسئلو به حل ٿي ويندو هو. چوپائي مال جي وارن ۽
کلن مان مختلف شيون جڙنديون هيون. چوپائي مال کي
چراگاهن ۽ مالڪ جي سار سنڀال جي ضرورت هوندي آهي.
انهن مان ڪجهه جانور اهڙا به هوندا آهن، جن کي
نهايت خبرداريءَ سان پاليو ويندو آهي ۽ ڪلهي تي لٺ
رکي ڌنارن وانگي سندن سار سنڀال لهڻي پوندي آهي.
ٻي ڳالهه ايل فيئر سروس
(L.Fair Serivs)
پنهنجي ڪتاب ۾ ڪئي آهي، جنهن جو واسطو سنڌو سڀيتا
جي ماڻهن جي پيٽ گذر سان آهي. سندس خيال آهي، ته
شهري ثقافت جي عروج واري زماني ۾ هتان جي ماڻهن کي
سنڌ ۾ چراگاهن جي ضرورت جو احساس ٿيو هو [20].
تنهن ڪري هنن ماڻهن لاءِ اوڀر پنجاب، ڏکڻ راجسٿان
۽ گجرات جا ساوا پٽ مناسب جڳهيون هيون، جيڪي
سنڌوسڀيتا جي سرحدن اندر واقع هيون. اهي علائقا
تمام گهڻو پري هئا، تنهن ڪري اوڏانهن ماڻهن جا فقط
اهي گروهه يا فرد وڃي ٿي سگهيا، جن وٽ وڃڻ لاءِ
وقت يا جن کي مال جي چاري لاءِ ڪنهن سرسبز جوءِ جي
سخت ضرورت هئي. هن معاملي ۾ جيڪڏهن اڃا به ٿورو
اڳتي وڃبو، ته ان حقيقت جو اظهار هن ريت به ڪري
سگهجي ٿو، ته سنڌو سڀيتا سان لاڳاپيل هنن ڏورانهن
علائقن ۾ هتان جا ڌنار مال ڪاهي اڳي به وڃي چڪا
هئا. پوکي راهي وارو ڌنڌو ان کان پوءِ اتي شروع
ٿيو هو. ان کان پوءِ هتان جي ڌنارن جو هڪ وڏو
تعداد پنهنجا ڌڻ ڌڪي اوڏانهن روانو ٿيو ۽ پنهنجون
وسنديون اڏي اتي ويهي رهيا. جن کي سنڌو تهذيب جا
آبادڪار سڏيو ويندو آهي. معلوم ٿئي ٿو، ته جزوي
دؤر
(Sub Period A II)
۾ وسندين جو تعداد تمام ٿورو آهي. هن مان اندازو
ڪري سگهجي ٿو، ته ان زماني تائين سنڌو تهذيب جا
گهڻا ماڻهو اڃا گجرات ڏانهن متوجه ڪونه ٿيا هوندا.
ڪڇ ۾ اهڙا فقط چار ماڳ آهن جنهن جو تعلق دؤر اي
ٻئي
(Period AII)
دؤر سان آهي ۽ اُهي هڪٻئي کان گهڻو پري به واقع
آهن. ڪوٺ
(Koth)
واري وسندي ته لوٿل جي ويجهو آهي، پر ساڳئي دؤر
سان لاڳاپيل ڪڇ واريون وسنديون هڪٻئي کان ٻه سو
ڪلوميٽر پري آهن. هتي ڳوٺ ٻڌي هڪ جاءِ تي ٿانيڪو
ٿي ويهڻ وارين وسندين جو تعداد بلڪل ٿورو آهي. پر
هڪ مفروضو ضرور قائم ڪري سگهجي ٿو، ته وسندين جي
وچ تي خالي جوءِ ۾ ڌنارن جون وانڍيون ۽ وايون
هونديون. جيڪي سنڌو تهذيب جي مرڪزي حصي ۽ ان جي
سرحد سان واقع ڏورانهن علائقن وچ ۾ رابطن جي وسيلي
جو ڪم ڏيندا هوندا. جيڪڏهن اهو صحيح آهي، ته پوءِ
هن ڳالهه جو به امڪان سمجهڻ کپي ته:
”اهي
ايل
پنهوار جن جو ڌنڌو پسون پهرائڻ هوندو“
سي 2000 کان 1500 ق.م (2340-2330 کان
1710-1690ق.م) گجرات ۾ ڳوٺ ٻڌي هڪ جاءِ تي ويهي
رهيا هوندا. جيڪڏهن سڀني ماڻهن کڻي نه پر ڪن ٿورن
ضرور ايئن ڪيو هوندو، جن کي نقشي - 10 ۾ ڏسي سگهجي
ٿو، جن جو امڪاني جزوي دؤر بي سي ٻيو
(Sub Period BC II)
ٿي سگهي ٿو. جيئن ته هن قسم جي تحقيق جو ڪم وسندين
جي تعداد جي معلومات ڏيڻ آهي. پر ان جو آدمشماريءَ
جي انگن اکرن ٻڌائڻ سان واسطو ڪونه آهي. تنهن ڪري
وسندين جو مقدار ٻڌائڻ لازمي آهي. جنهن جو مطلب
اهو ٿيندو، ته ان لاءِ تبديليءَ جي سگهاري قسم جي
سمجهاڻيءَ جي ضرورت آهي، ته وسنديءَ جي ڪيتري پکيڙ
آهي ۽ انفرادي يا اجتماعي طور اهي ڪيتري جڳهه
والارين ٿيون. ان دؤر جي مدت کي ڏسڻو پوندو، جنهن
۾ وسندين جو تعداد ٿورو هوندو ۽ انهن جي چوڌاري هڪ
وسيع علائقو هوندو. ٻين لفظن ۾ هن ريت به چئي
سگهجي ٿو، ته اهي مختلف دؤر جن دوران وسنديون
گهڻيون هونديون. اهڙي سمجهاڻي ٽڙيل پکڙيل
آدمشماريءَ جي ناتي سمجهائي سگهجي ٿي. هن قسم جي
تبديليءَ کي سال جي عرصي واري يا دائمي سڏي ڪونه
ٿو سگهجي. اهڙي تبديلي موسمي ٿيندي آهي، جنهن کي
ٿور وقتي تبديلي چئي سگهجي ٿو. اهڙا ماڻهو وڏين
وسندين جي پسگردائيءَ ۾ رهندا آهن ۽ وسڪارن دوران
مال سان گڏ نڪري پوندا آهن. ۽ وس چرڻ کان پوءِ
موٽي اچي اصلوڪي ماڳ پهچندا آهن. ٿيندو ايئن هو ته
ڪي ماڻهو پنهنجي اصلي نيات
(Community)
جي وڏيءَ وسندي کان پري وڃي، وانڍيون اڏي ويهي
رهندا هئا. معلوم ايئن ٿي رهيو آهي، ته اهڙيون
وانڍيون ان
مند
دوران اڏيون وينديون هونديون، جڏهن پوکيءَ راهيءَ
جي موسم چوٽ تي هوندي ۽ هاريءَ کي مٿي کنهڻ جي به
واندڪائي ڪانه هوندي.
علائقي جي نقطهء نظر کان گجرات جون وسنديون ڪي
ايڏيون وڏيون ڪونه آهن. لوٿل جو ماڳ گجرات جي هڪ
وڏي وسندي آهي، پر سندس پکيڙ فقط ڏيڍ هيڪٽر
(Hector)
آهي، جنهن ۾ گودي
(Dockyard)
به آهي. هن صورتحال کي ڏسي شڪ پيدا ٿئي ٿو، ته ڇا
هن وسنديءَ واري ايراضي هڪ ئي وقت والاري وئي
هوندي؟ سومناٿ ۽ روجڙي جي ٻنهي وسندين لاءِ ڪجهه
به چئي نه ٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته انهن ماڳن جي مڪمل
کوٽائي ۽ کوجنا ٿي نه سگهي آهي. تنهن ڪري انهن جي
ايراضيءَ بابت يقين جوڳو بيان نه ٿو ڏئي سگهجي.
البت کوجنا ڪندڙ ماهرن هنن ماڳن کي ڏٺو آهي. سندن
چوڻ آهي ته سنڌو تهذيب جا تهه ٻنهي وسندين جي ساري
ايراضي والاري ڪونه بيٺا آهن. گهيلو - ڪالوڀر نئين
جي ڪنڌين ۽ ڪنارن سان جاچ پڙتال ڪئي وئي آهي. ان
ڪري وسندين جي پکيڙ بابت ڪجهه وڌيڪ يقين سان خيال
جو اظهار ڪري سگهجي ٿو. هن جـُـوءِ ۾ سنڌو سڀيتا
جا ستٽيهه ڳوٺ آهن. هيٺ جدول - 10 ڏجي ٿي. جنهن ۾
لکيل احوال ضميمي الف تان کنيو ويو آهي.
جدول - 10
وسندين جو تعداد |
II B.C
گهٽ ۾ گهٽ پکيڙ |
III
گهٽ ۾گهٽ پکيڙ |
ڪل وسنديون |
5.3
هيڪٽر |
3.1
هيڪٽر |
پٿر جون صنعتي جاين کان سواءِ ڪل
وسنديون |
5.9
هيڪٽر |
3.6
هيڪٽر |
پٿر جي صنعتي جاين سان گڏ ڪل وسنديون |
2.0
هيڪٽر |
2.0
هيڪٽر |
مٿي ڏيکاريل تبديليءَ جو ڀيٽ وار اڀياس دؤر بي سي
ٻئي
(B.C II)
جي اٺاويهن وسندين ۽ ٽئين
دؤر
(III)
جي ٻارنهن وسندين جي آڌار تي ڏنو ويو آهي. هن جدول
۾ پيش ڪيل انگن اکرن مان معلوم ٿي رهيو آهي، ته
اٽڪل 1500 ق.م (1710 کان 1690 ق.م) کان پوءِ نه
رڳو وسندين جو تعداد گهٽ ڏسجي ٿو، پر انهن جي پکيڙ
۾ به گهٽتائي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.
پکيڙ گهٽجڻ جو هڪ ٻيو سبب به ٿي سگهي ٿو. اها
حقيقت هن سوال سان تعلق رکي ٿي، ته قديم آثارن جون
اهي وسنديون ڳوٺ به هيون يا نه؟ اهو نقطهء نظر
نهايت اهم آهي. زير بحث تبديليءَ تي گهڻو سوچيو
ويچاريو ويو آهي، جنهن جو تعلق قديم آثارن جي
وسندين جي تعداد سان آهي. هنن وسندين جو ڳوٺن سان
ڪنهن به قسم جو لاڳاپو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. ڪي
وسنديون پري ۽ صفا ڌار آهن. انهن مان ڪي وسنديون
وڏيون آهن، ڪارڪرت جي لحاظ کان به اهم آهن ۽ يقين
سان چئي سگهجي ٿو، ته اهي پنهنجي پر مڪمل نياتون
(Communities)
آهن. جيڪڏهن اهڙين وسندين جي خبرداريءَ سان جانچ
پڙتال ڪبي، ته ڪٿي وري ننڍڙيون وسنديون
(Hamlets)
به نظر اينديون، جيڪي ڄڻ اڻ پوري نيات جي شڪل آهن.
جيڪڏهن اهڙي جاچ پڙتال سماجي ثقافت طور ۽ مجموعي
طور ڪبي، ته وري ايئن محسوس ٿيندو، ته اهي وسنديون
مڪمل نياتون آهن. هن قسم جي ماپ ۽ ڪٿ ڪرڻ ۾ اهي
ٻئي ڳالهيون محسوس ٿينديون آهن.
ڇا ڪار ڪرت سان لاڳاپيل وسندين يا منظم قسم جي
ننڍن ڳوٺن کي گهيلو ۽ ڪالوڀر نئن جي ڀر وارين
وسندين مان مليل حقيقتن جي آڌار تي تبديلي جو اهم
وسيلو سمجهي سگهجي ٿو؟ جواب ته “ها” ڏبو. پر ان
سان ڪجهه شرط آهن. ڪارڪرت سان لاڳاپيل ڪجهه
وسنديون آهن، جتي پٿر جا ڪاريگر ويهي پٿر گهڙي
ثقافتي شيون ٺاهيندا هئا. اهڙين وسندين جو ذڪر
مٿي اچي چڪو آهي. هڪ نقشي ۾ ٻن نئن جي ماٿرين جو
ذڪر موجود آهي. جنهن ۾ مختلف وسندين جو ڀيٽوار
اڀياس ڏنو ويو آهي. ان مان هڪ يقين جوڳو اشارو ملي
وڃي ٿو. انهن ماٿرين ۾ اندر دؤر بي. سي ٻئي واري
(Period B.C II)
۾ اهڙيون ڪارڪرت وسنديون گهڻيون هونديون، جن جي
ويجهو اوڏو ڪي ڳوٺ به موجود نه هئا. جڏهن ته 7، 8
تصوير وارن نقشن ۾ جزوي دؤر بي. سي ٻئي
(Sub Period B.C II)
سان لاڳاپيل وسنديون ڏيکاريون ويون آهن، جيڪي
ڪالوڀر ماٿريءَ ۾ آهن. هنن وسندين لاءِ چئي سگهجي
ٿو، ته اهي وسنديون ايراضيءَ جي لحاظ سان ننڍيون
آهن ۽ منجهن آبادي به ڇڊي پاڊي آهي. هنن مان ڪجهه
وسنديون وڏيون آهن ۽ آدمشماري به چڱي ڏسبي ۽ انهن
جي مختصر تهن تي ثقافتي شيون به موجود آهن. ڪالوڀر
ماٿريءَ ۾ ’جيوڻي-نو – ڍورو‘، ’وهاروو‘، ’چارڻيو‘
۽ ’پاسيگام‘ اهم وسنديون آهن. هن کان سواءِ چوسلا
نالي وارو ماڳ وڏو ته آهي، پر سندس تهه تان تمام
ٿوريون ثقافتي شيون هٿ لڳيون آهن. گهيلو ماٿريءَ ۾
’هنومان - نو – ٽمبو‘ ۽ ’کنڊيريو
II‘
اهم ماڳ آهن. باقي ٻيون وسنديون ننڍيون آهن ۽ اتان
ثقافتي شيون به ٿوريون مليون آهن. معلوم ايئن ٿي
رهيو آهي، ته انهن وسندين ۾ ماڻهو ٿوري وقت لاءِ
رهيا هوندا. پاسيگام جي اوڀر پاسي وارين وسندين
لاءِ به ايئن چئي سگهجي ٿو. هنن ماٿرين اندر موجود
وسندين جي مختلف جهڳٽن ۾ يا ڪنهن ٻئي هنڌ جي
وسندين ۾ فقط چار وڏيون وسنديون آهن، جن کي ننڍڙا
ڳوٺ به سڏي سگهجي ٿو، ته صنعتي واهڻ به ڪوٺي سگهجي
ٿو.
والار جو سلسلو:
والار جو لڳاتار سلسلو تبديليءَ جو آخري وسيلو
آهي، جنهن جو ذڪر هاڻي اچي رهيو آهي. هن قسم جي
نقطهء نظر کي مٿي به بيان ڪيو ويو آهي. اهو سلسلو
هڪ وڏي جهڳٽي جي شڪل ۾ نظر ڪونه ايندو. هن مان فقط
هي معلومات ملي ويندي، ته ڳوٺن ڪيترا ڀيرا نقل
مڪاني ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪو ڳوٺ هڪ جاءِ تي پنجن
صدين لاءِ ٿانيڪو ويٺل ڏسجي ٿو، ته قديم آثارن جي
ماهرن کي سمجهڻ کپي، ته ساري عرصي دوران هيءَ
وسندي فقط هڪ ماڳ آهي. ٻئي طرف جيڪڏهن هڪ ڳوٺ هڪ
سؤ سالن کان پوءِ پنهنجي جڳهه
(Location)
بدلائي ٿو ۽ جيڪڏهن ان کان پوءِ ماڳن پٺيان ماڳ
مٽائيندو پنهنجا پراڻا پڊ ڇڏيندو اڳتي وڌندو
ويندو، ته قديم آثارن جو ماهر سمجهي ويندو، ته هڪ
دؤر ۾ هڪ ڳوٺ جي سماج پنج ماڳ بدلايا آهن. جيڪڏهن
ڏٺو وڃي ته هن قسم جي ماحول تي خاص قسم جو اثر
آهي، پرهن ڳالهه کي اهم سمجهڻ کپي ته اهو اثر دؤرن
جي گروهه ڪري آهي. مثال طور: هڪ ڳوٺ مختلف دؤرن ۾
هڪڙا ماڳ ڇڏي ٻيا آباد ڪيا آهن، ته سمجهڻ کپي ته
لاتعداد ڳوٺن به مختلف دؤرن ۾ هڪڙا لاتعداد ڳوٺ
ڇڏي ٻيا لاتعداد ڳوٺ آباد ڪيا هوندا. اهڙيءَ ريت
مختلف دؤرن جو هڪ گروهه يا مجموعو بڻجي وڃي ٿو. ان
صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ قديم آثارن جي ڪنهن ماهر
کي نه رڳو مختلف ڳوٺن کي ملائي هڪ مجموعي جي شڪل
ڏيڻي پوندي، پر انهن ماڳن جي کوٽاين مان مليل
ثقافتي شين ۽ انهن سان لاڳاپيل مختلف دؤرن جا پڻ
مجموعا تيار ڪرڻا پوندا. جيڪڏهن
واقعن جي سن وار ترتيب
(Chronology)
جي اصول جي نقطهء نظر کان دؤر ننڍڙا آهن ۽ قديم
ماڳن کي صحيح طريقي سان قلمبند ڪيو ويو آهي، ته
اهڙيون ڳالهيون وسندين جي چرپر تي نهايت گهٽ
اثرانداز ٿينديون. پر جيڪڏهن
واقعن جي سن وار ترتيب
سان لاڳاپيل دؤر ڊگها آهن ۽ جيڪڏهن انهن ۾ وسندين
جي چرپر به موجود آهي. يعني اهڙا دؤر جن کي هن
تحقيق ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ته پوءِ معاملو صفا
مختلف ٿي ويندو.
گهيلو - ڪالوڀر واري ايراضيءَ ۾ موجود وسندين بابت
اهو يقين ڪونه آهي، ته جيڪي ماڳ جزوي دؤر بي سي
ٻئي
(Sub Period B.C II)
۾ درج ٿيل آهن، سي ضرور هڪٻئي
جا
سهيوڳي هوندا. امڪان آهي ته انهن مان ڪن جو ساري
جزوي دؤر
(Sub Period)
سان تعلق هوندو ته ڪي وري ان جزوي دؤر
(Sub Period)
۾ ٿورن سالن لاءِ موجود هوندا. اها ساڳي ڳالهه
جزوي دؤر ٽئين
(Sub Period III)
لاءِ به چئي سگهجي ٿي. هي نتيجا انهن ماڳن جي “تهن
سان موافق آهن”. ڇاڪاڻ ته انهن مان ڪن تان ثقافتي
شيون تمام ٿوريون هٿ لڳيون آهن.
هن ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيڻ به ضروري آهي، ته هنن
ماڻهن خشڪ قسم جي پوک ڏانهن رجوع ڪيو آهي. اهڙو
ذڪر هن کان اڳ واري باب ۾ اچي چڪو آهي. ساڳئي باب
۾ مختلف ڳوٺن جي آباد ڪرڻ جي تسلسل جو ذڪر به
موجود آهي. جيڪڏهن پوکي راهي ۽ پاڻيءَ جي نظام جو
ڀيٽوار اڀياس ڪيو ويندو، جيڪو سنڌو تهذيب جي شهري
ثقافت واري دؤر ۾ پوکيءَ راهيءَ جو طريقو آهي، ته
محسوس ٿيندو ته خشڪيءَ سان لاڳاپيل پوک وارو طريقو
محدود نه پر وسيع پيماني تي هو. اهڙي قسم جا فصل
زمين کي ڪجهه
ساهي
ڏيڻ کان پوءِ ڪاهيا ويندا هئا. يعني هڪ فصل ڪاهڻ
کان پوءِ زمين کي ٻن ٽن سالن لاءِ غير آباد رکيو
ويندو هو. تنهن ڪري ان دؤر جي ماڻهن لاءِ ضروري
هو، ته پنهنجي پيٽ گذر جي زمين جو اهو ٽڪرو ڇڏي
وڃي ٻيو آباد ڪن. ان سان گڏ هاري چاهيندو آهي ته
سندس گهر گهاٽ ٻنيءَ جي ڀرسان هجي، ته جيئن ان جي
چڱيءَ ريت سار سنڀال لهي سگهجي. اهو ئي ڪارڻ آهي
جو ماڻهو هڪ ڳوٺ کي آباد ڪري وري ان کي جلد ئي ڇڏي
هليا ويا آهن.
خاص مدت دوران وسندي تبديل ڪرڻ واري نقطهء نظر جو
اختصار
هن خيال جو ته اڳ ۾ ئي اظهار ڪيو ويو آهي، ته سنڌو
سڀيتا جي ماڻهن پهرين لڏپلاڻ گجرات ڏانهن ڪئي آهي.
قوي امڪان آهي ته هن علائقي ڏانهن نقل مڪاني ڪندڙ
ماڻهو سنڌي هئا. گجرات کي آباد ڪرڻ ۾ سنڌ جي
مالوندن نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ انهن جي
اهڙي ڪردار کي بلڪل ويجهو ٿي ڏٺو ويو آهي، جيڪو اڄ
به موجود آهي. هن علائقي جي آبادڪاري جي ابتدائي
دؤر کان ستت ئي پوءِ سنڌو تهذيب جا شهري مرڪز خالي
ٿيڻ شروع ٿين ٿا ۽ گجرات ۾ وسندين جي تعداد ۾ بي
پناهه اضافو به اچي وڃي ٿو. پر هن جو ماحول ڪجهه
منجهيل به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته جزوي دؤر بي. سي
ٻئي
(Sub period
B.C-II)
۾ ڌنارن جون وسنديون به ڏسجن ٿيون، جيڪو هڪ منفرد
قسم جو امڪان آهي. هن دؤر ۾ سندن آبادڪاري پوري
سال لاءِ هڪ جاءِ تي ڪانه هوندي. ڇاڪاڻ ته اهڙيون
وسنديون ٿور وقتيون
(Transitory)
آهن ۽ هڪ وسندي قائم ڪرڻ کان پوءِ ان کي ڇڏي هڪ
نئين وسندي آباد ڪئي وئي آهي. اهڙيءَ ريت ڳوٺ ٻڌڻ
۽ وري جلد ئي نقل مڪاني ڪرڻ جو هڪ تسلسل موجود
آهي. انهن وسندين مان ڪي صنعتي علائقا به هوندا،
جتي ويهي پورهيت ڪاريگرن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ جو
عملي اظهار ڪيو هوندو. هنن مان ڪي ماڳ ظاهر ظهور
هم مزاج
(Conqectural)
به آهن. جيڪڏهن انهن کي فيلڊ ورڪ دوران جاچي پرکي
ڏسبو، ته انهن جو تعلق سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت
جي پوئين مرحلي سان آهي.
ان کان سواءِ هن باب ۾ مٿي بيان ڪيل ڳالهين تي
ويچار ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي ۽ هيءَ گذارش ڪئي وئي
آهي، ته ماڻهوءَ ۽ ڌرتيءَ جي رشتي ۾ هاري سماج جي
ڳوٺن جي تعداد ۾ ايندڙ ڦيرگهير واري دؤر ۽ ثقافتي
تسلسل تي ويچاريو وڃي. تنهن ڪري هن بحث جو مرڪزي
نقطو ٻهراڙي آهي. تنهن ڪري اهو ضروري ٿي پيو آهي،
ته اهڙي فرق کي ختم ڪيو وڃي. جيڪو ان وقت جي گجرات
اندر سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت ۽ ٻهراڙيءَ ۾ موجود
هو.
اهڙي تبديلي ٻهراڙي کان شروع ٿئي ٿي، جيڪا اڳتي
هلي شهري ثقافت جو روپ ڌاري وٺي ٿي ۽ هڪ ڳوٺ مان
ڦري هڪ شهر بڻجي وڃي ٿو. ان ناتي هتي اهڙا نوان
ويچار ونڊيا ويندا، جيڪي هن وقت تائين نظر مان
ڪونه گذريا آهن. هن بحث جو مرڪزي نقطو فقط انساني
پيٽ گذر، وسندين جو هنڌ
(Location)،
پاڻيءَ جي دستيابي ۽ پوکي راهيءَ لائق زمين جي
موجودگي ڪانه هوندي. گجرات واري علائقي ۾ لوٿل
(Lothal)
هڪ اهڙو ماڳ آهي، جيڪو سنڌو تهذيب جي عروج جي
زماني ۾ به هڪ شهر جي روپ ۾ هتي موجود هو. پر هي
شهر سنڌو ثقافت جي پوئين مرحلي کان ئي اڳ خالي
ٿيندو ڏسجي ٿو. وقت هن قسم جي عمل کي روڪي ڪونه
سگهندو. اهڙو بحث هن باب جي ابتدائي حصي ۾ به ڪيو
ويو آهي. ماڻهوءَ ۽ ڌرتيءَ جي رشتي ۽ لوٿل جي اوسي
پاسي موجود انساني وسندين جي پيٽ گذر تي پڻ بحث
ڪيو ويندو. پر ايندڙ بحث اصلي شيءِ کي اندروني طور
پرکي ڏسڻ سان واسطو رکي ٿو ۽ مختلف نقطهء نظر سان
پيش ڪيو ويندو.
سڀ کان پهرين ۽ ڌيان طلب ان وسندي جي اها تبديلي
آهي، جيڪا گهڻ رنگي آهي. جنهن ۾ مختلف ڪمن ڪارين ۽
هنرن سان لاڳاپيل مختلف نياتون موجود آهن. پر انهن
وسندين جي گروهه جي تبديليءَ تي بحث ڪونه ڪيو ويو
آهي، جيڪي فقط هڪ نيات سان واسطو رکن ٿيون. گجرات
اندر لوٿل هڪ منفرد وسندي آهي. تنهن ڪري ان تي بحث
به منفرد هوندو، جنهن جهڙو اڳي ڪونه ٿيو آهي. ٻي
ڳالهه ته قديم آثارن جي جاچ پڙتال ٿيندڙ علائقي جي
حدن کي وڌايو ويو آهي. ان کان سواءِ موجوده
جاگرافيائي حدن اندر موجود گجرات جون خوبيون ۽
خاصيتون بيان ڪونه ڪيون وينديون. پر هن علائقي کي
سنڌو تهذيب جي هڪ اهم ماڳ طور پيش ڪيو ويندو.
اهڙيءَ ريت گجرات جي اوسي پاسي واري انهيءَ علائقي
۾ وڌيڪ دلچسپي ورتي ويندي، جنهن جي ٻولي سنڌو
ماٿريءَ جي ٻوليءَ جهڙي آهي.
مختصر ته هن باب جو سڌو واسطو شهري ثقافت جي جاچ
پڙتال سان هوندو، پر ٻهراڙيءَ واري ماحول جو تسلسل
نه هوندو، جنهن گجرات جي ساري علائقي کي ڇڪي سنڌو
تهذيبي جوڙجڪ ۾ آندو هو. ليڪن اهڙين خاصيتن جي
تسلسل جو ذڪر ضرور ڪيو ويندو، جيڪي هن علائقي ۾
واقع ٿيون هيون.
لوٿل ۽ اتر گجرات جنهن لاءِ تصور آهي ته هي ماڳ
سنڌو سڀيتا جي علائقائي راڄڌاني هو
هن باب جي ابتدا ۾ اهڙو بيان موجود آهي، جنهن ۾
اشارو ڪيو ويو هو، ته اهڙيون شاهديون موجود آهن،
جن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو، ته اتر گجرات واري
علائقي کي سنڌ جي هاري سماج آباد ڪونه ڪيو هو. ان
کان پوءِ هن حقيقت ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو هو، ته
لوٿل جو ماڳ سنڌو تهذيب جي سرحدن وٽ واقع آهي. هتي
اهڙو تصور پيش ڪيو ويو آهي، ته لوٿل ۽ شهري ثقافت
واري دؤر سان لاڳاپيل ٻين شهرن کي سمجهڻ لاءِ انهن
جي وسيع مطالعي ۽ معلومات جي ضرورت آهي.
جاچ پڙتال واري ابتدائي دؤر ۾ عام طور تي سمجهيو
پئي ويو، ته سنڌو سڀيتا جا ماڳ اتر گجرات واري خطي
۾ هنڌين ماڳين موجود هوندا. هن منطق پٺيان هي
مفروضو هو ته لوٿل سرحد تي واقع نه، پر علائقي جي
مرڪز ۾ موجود هڪ وسندي هوندي. اهڙو مفروضو غلط
ثابت ٿيو هو. پر هن خلاف هي مفروضو قائم ڪيو ويو
ته لوٿل وارو ماڳ سڀني سماجن جي ڪارڪرت جو مرڪز
هو. جتي آهيڙي
(Hunters)
۽ ڏوٿي
(gatherers)
پنهنجي ڪاريگريءَ واري ڏات ۽ ڏانءُ جو مظاهرو ڪندا
هئا. جن سان گڏ سنڌو تهذيب جي وسيع معاشري ڪجهه
ٻيا حصا به ثقافتي شين جوڙڻ ۾ جـُـٽيل هئا. هن
مفروضي جو بحث ان قديم آثارن جي تحقيقي ڪم سان گڏ
شروع ڪيو ويندو، جيڪو اتر گجرات جي ميداني علائقي
۾ ڪيو ويو هو. هن کان پوءِ انهن وسندين جو ذڪر ڪيو
ويندو، جتي پٿر جون ننڍڙيون ثقافتي شيون جوڙيون
وينديون هيون، جيڪي سنڌو سڀيتا جي ماڻهن جي ٺاهيل
قديم وسندين جون
سهيوڳي هيون. ان کان پوءِ لوٿل جو هن قسم جي
جاگرافيائي ثقافتي حوالي سان ذڪر ڪيو ويندو.
اتر گجرات وارو پـَـٽُ:
اتر گجرات وارو علائقو قائم ڪيل ان تصور کان وڌيڪ
اهم ۽ مختلف رنگن سان ڀرپور نظر آيو آهي، جنهن هن
مقالي لکڻ، هن قسم جي تحقيقي ڪم ڪرڻ تي اتساهيو
هو. سن 1974ع ۾ جڏهن هي تحقيقي ڪتاب مڪمل ٿيو هو،
ته ان وقت تائين اها خبر ڪنهن کي به ڪانه هئي، ته
هن وارياسي خطي ۾ سنڌو تهذيب ۽ شهري ثقافت ۽ شهري
ثقافت جي پوئين دؤر
(Post Urban Phase)
سان لاڳاپيل ڪو اهم ماڳ به هوندو. ان هوندي به
قديم آثارن جي ماهرن هن خطي کي غير اهم سمجهي ڇڏي
ڪونه ڏنو هو. حقيقت اها آهي ته هيءُ قديم وسندين
جي موجودگيءَ وارو خطو آهي (ڏسو نقشو 9 ۽ 11) جنهن
بابت ايل. ليشنڪ پنهنجي خيال جو هن ريت اظهار ڪيو
آهي:
هيءُ پهريان هڪ مفروضو هو، جنهن قديم آثارن جي
ماهرن کي کوٽائي ۽ کوجنا لاءِ اتساهيو هو، ته هن
اتر گجرات واريءَ جوءِ ۽ مارواڙ جي لوڻي نديءَ جي
ڪنڌين ۽ ڪنارن سان وچين پٿر دؤرسان لاڳاپيل قديم
دڙن جي ملي وڃڻ جو امڪان آهي. پر جاچ پڙتال کان
پوءِ تاريخ کان پهرين واري دؤر
(Pre-Historic)سان
لاڳاپيل ڪوبه دڙو هٿ ڪونه لڳو. اسان کي پڪ هئي، ته
سروي جي طريقي وسيلي اهڙا ماڳ جيڪڏهن هوندا ته
ضرور ملي ويندا. اسان جو مشاهدو هن ڳالهه کي خارج
ڪونه سمجهي رهيو هو، ته هن خطي ۾ ٽين هزاري
(Third Millennium)
جي پوئين حصي ۾ ٻي هزاري جي ابتدائي حصي سان
لاڳاپيل ڪو قديم ماڳ ڪونه هوندو. ان کان سواءِ
دماغ ۾ اهڙا خيال به اچي رهيا هئا، ته هتي اهڙا
قديم ماڳ ضرور هوندا، پر امڪان آهي ته هيٺ ايترا
پورجي ويا هوندا، جيڪي زميني جاچ پڙتال واري محدود
ٽيڪنڪ وسيلي دريافت ٿي نه سگهندا. هن ماڳ جي
دريافت جو امڪان ڪونه ٿي لڳو [21].
مليل معلومات مطابق ڊاڪٽر آر. اين. مهتا ۽ ايم.
ايس يونيورسٽي بڙودا جي استادن جو جاکوڙي جٿو هن
ماڳ جي ڳولا ۾ نڪري پيو هو. آزمائش کان پوءِ کين
پتو پيو ته کين مليل اطلاع صحيح ڪونه هو. هنن
1980ع [22
] واري
سرءُ
جي موسم ۾ ڪيترائي قديم ماڳ ڳولي لڌا هئا، جن جو
تعلق شهري ثقافت جي پوئين مرحلي سان هو، جن سڀني
جو لاڳاپو اتر گجرات واريءَ جوءِ سان هو. هيءَ هڪ
اهم حقيقت هئي جنهن جو هن بحث تي اهم اثر ٿيو هو.
هن تهذيب جي وسعتن کي سمجهڻ وقت کان اڳ جي ڳالهه
آهي. پر ان وسيلي اهم معلومات ضرور ملي ويندي،
ليڪن خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوندو. هن کان علاوه
ڊاڪٽر آر.اين مهتا کي اهڙو موقعو ضرور ملڻ گهرجي،
ته جيئن هو هنن قديم ماڳن جي نهايت کليءَ دل سان
کوٽائي ۽ کوجنا ڪري سگهي. انهيءَ کان اڳ جو سندس
جاچ پڙتال واري ڪم تي ٻاهران ڪي تبصرا شروع ٿي
وڃن. هن سڄاڻ شخص مهرباني ڪري مون کي ان اهم
دريافت جي اعلان ڪرڻ جو سونهري موقعو فراهم ڪيو
آهي. هن لاڌ
(Finding)
سان لاڳاپيل ٻه ڳالهيون آهن، جن جو هتي بيان ڪرڻ
ضروري آهي.
ڇاڪاڻ ته انهن ڳالهين جو هن کان پوءِ شروع ٿيندڙ
بحث سان سڌو واسطو آهي. پهرين ڳالهه ته لوٿل تي
ٿيندڙ بحث ۽ تاريخ کان اڳ واري گجرات ۾ سندس حيثيت
جو دارومدار ڪنهن پوئين دؤر سان لاڳاپيل نه، پر
سنڌو تهذيب جي عروج واري دؤر سان هوندو. اهڙيءَ
ريت مختلف دؤرن جو تعين ڪندڙ ڪرونالاجي
(Chronology)
جي نقطهء نظر کان هٿ آيل نوان ماڳ اهميت لائق
سمجهيا ويندا. ڇاڪاڻ ته اهي سنڌو تهذيب جي پوئين
ثقافتي مرحلي جي نمائندگي ڪن ٿا.
ٻي ڳالهه ته نين لڌل وسندين جي نياتن
(Communities)
جي خاصيت ۽ خوبين بابت معلومات حاصل ڪرڻ نهايت
ضروري آهي. خاص ڪري ان دؤر جي ماڻهن جي پيٽ گذر جي
طريقن، وسيلن ۽ سندن ڀر وارن علائقن جي ماڻهن سان
قائم
لاڳاپن
بابت معلومات به اهم آهي. اهڙي معلومات به اهميت
کان خالي نه آهي، ته اهي ماڻهو ڪهڙي جاءِ تي هڪ
سال ويٺا ۽ ڪٿي فقط هڪ مهيني لاءِ ويهي
وري اتان
لڏو پٽي وڃي ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي وڃي اجها اڏيا
هئائون؟ ان جوءِ ۾ ڪهڙو اناج پوکيو ويندو هو؟ هي
تصور ته اڳي ئي موجود آهي، ته وٽن پاڻيءَ جي
استعمال جو هڪ نظام هو، جيڪڏهن واقعي وٽن پاڻي جي
استعمال جو ڪو نظام هو، ته اهو ڪهڙو هو؟ جيڪڏهن
اهي هاري هئا، ته وٽن پوکي راهي جو ڪهڙو طريقو
رائج هو؟ هنن سماجن جي ماڻهن جو ڏکڻ راجسٿان جي
آهر، سوراشٽر ۾ اتر گجرات وارين مختلف سماجن سان
ڪهڙا تعلقات هئا؟ اها ڄاڻ آهي ته هن خطي ۾ آهيڙي ۽
ڏوٿي سماج جي ماڻهن جي تمام گهڻي آبادي هئي. پٿر
جي ننڍڙن اوزارن ٺاهڻ جون وسنديون به گهڻيون ۽
هنڌين ماڳين موجود هيون.
پٿر جي پوئين دؤر
(Late stone Age)
تي بحث ڪرڻ کان اڳ اتر گجرات جي انهن وسندين جو
ذڪر ضرور ڪيو وڃي ۽
Micro lithic
لفظ جي معنيٰ ضرور ٻڌائي وڃي. ماضيءَ ۾ هن لفظ جي
معنيٰ غلط ٻڌائي وئي آهي. هندستان ۾
ته هن لفظ جون ڪيئي معنائون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون،
مصنف خطي ۽ وقت مطابق پنهنجي معنيٰ پئي ٻڌائي آهي.
ڪٿي هن لفظ جي معنيٰ پٿر جا ننڍڙا اوزار” ٻڌائي
وئي آهي جنهن ۾ خاص وقت ۽ ثقافتي حوالو موجود ڪونه
هوندو آهي [23]. حقيقت ۾ هن لفظ جي معنيٰ پٿر مان
اوزارن ٺاهڻ جي هڪ روايت، جنهن جو خاص قسم جي
ننڍڙن اوزارن ٺاهڻ سان واسطو هجي ۽ انهن اوزارن
جون شڪليون جاميٽري طرز تي هونديون آهن. انهن جون
ٻيون ننڍڙيون شڪليون ته بيشمار هونديون آهن، جن کي
ڏسي ماڻهو وائڙو ٿي وڃي ٿو. هڪڙا اهڙا پٿر جا
اوزار آهن، جيڪي ٻين سان لازمي طور گڏ رکيل ڏسبا
آهن. جهڙو ڇريون
(Blades)
۽ رهڙا
(Scrapers)
وغيره ننڍڙين وسندين مان پٿر جا ننڍڙا اوزار مليا
آهن. جن جون شڪليون جاميٽري طرز جون يعني اَليڪي
آهن. اهڙين وسندين اندر نظر ايندڙ
فن تعمير غير جٽادار آهي.
انهن وسندين مان انهن جانورن جا هڏا لڌا ويا آهن،
جيڪي گهرو جانور ڪونه آهن. جنهن مان اهي اهڃاڻ ملن
ٿا، ته انهيءَ نسل جا ماڻهو آهيڙي ۽ ڏوٿي هئا.
سندن پيٽ گذر به جهنگلي جانورن جو شڪار ڪرڻ ۽ ڏٿ
ڏورڻ هو. اهڙا آهيڙي ۽ ڏوٿي نيات جا ماڻهو لاڏائو
هوندا هئا ۽ هر هڪ لڏ ۾ چاليهه يا پنجاهه ماڻهو
شامل هوندا هئا. انهن جي چرپر به موسم جي آڌار تي
هوندي هئي. شڪاري جانورن جي هوند ۽ اڻ هوند کي به
ضرور نظر ۾ رکيو ويندو هو. ساڳيءَ ريت ڏٿ ڏورڻ
وارا ڏوٿي اوڀڙ جي مختلف شين جهڙوڪ: پـَـنَ،
ڦـَـلَ ۽ پـَـاڙَ کي نظر ۾ رکندا هئا. اهڙيءَ ريت
سندن چرپر اڳتي وڌڻ جو دائرو به مقرر هو.
پٿر جي گهربل طرز جي ڄاڻ ۽ وسنديون قائم ڪري ويهڻ
واري دؤر ۾ هڪ وٿي موجود ڏسجي ٿي. اها هڪ سماجي
تبديلي هئي، جيڪا تمام وڏي هئي. هيءَ حقيقت گجرات
واري علائقي لاءِ ٺهڪي بيهي ٿي. جتي لانگهنج جي
نالي هڪ ماڳ آهي، جنهن ۾ آهيڙي ۽ ڏوٿي سماج جا
ماڻهو موجود آهن. هن قديم ماڳ جي سلسليوار کوٽائي
۽ کوجنا ٿي چڪي آهي ۽ مليل نتيجن جي رپورٽ به ظاهر
ٿي چڪي آهي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي، ته هن
وسنديءَ جي موسمن جي نقطهء نظر کان تحقيق ٿي ڪانه
سگهي آهي. هن ماڳ کان ٿورو اتر راجسٿان ۾ ٻن ماڳن،
باگور
(Bagor)
۽ تلوارا
Tilwara))
جي کوٽائي ۽ کوجنا مڪمل ٿي چڪي آهي. جن جي رپورٽ
مقالن جي شڪل ۾ هوريان هوريان ڇپجي رهي آهي. هنن
مان ڪي اهڙيون ڳالهيون اخذ ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي
گجرات جي ماڳن ۾ موجود نظر اچن ٿيون. پر اڄ تائين
ڪنهن کوجنا ڪندڙ اهڙي لاهي پاهي جاکوڙ ڪانه ڪئي
آهي. جنهن وسيلي آدمشماريءَ جو تعين ڪري سگهجي، ته
ماڻهن جو ڪيترو تعداد هنن وسندين ۾ رهندو هو ۽ اهي
ماڻهو ڪيترا ڀيرا پيٽ گذر لاءِ اهي ماڳ ڇڏي ويا
آهن ۽ ڪيترا ڀيرا موٽي اچي پنهنجا پراڻا پڊ وسايا
آهن. آهيڙي ۽ ڏوٿي سماجن جا بنياد فقط لانگهنج
واريءَ وسنديءَ ۾ موجود ۽ واضح آهن. جتي جهنگلي
جانورن جا هڏا موجود آهن. هتان جا رهواسي هنن
وسندين کي مستقل ماڳ ڪري ڪونه ويٺا آهن. اها ثابتي
هن ڳالهه مان ملي وڃي ٿي، ته هن وسنديءَ جا
گهرگهاٽ مستقل نوعيت جا نه آهن. ٻيو ته اتان
ثقافتي شيون جهجهي انگ ۾ ڪونه هٿ لڳيون آهن. پر
سوال اهو آهي، ته اتان ڪهڙي قسم جو ثقافتي سامان
مليو آهي؟ صورتحال اڳيئي قائم ڪيل تصور کان وڌيڪ
پيچيده آهي. اتر گجرات مان هٿ آيل ثقافتي شين کي
مڪمل رپورٽ اچڻ کان اڳ ئي ان کي نظر ۾ رکڻ ضروري
آهي. معلوم ٿئي ٿو ته سنڌو تهذيب سان لاڳاپيل لوٿل
واري ماڳ مان اهي ساڳيون ثقافتي شيون هٿ لڳيون، جن
بابت کوٽائيءَ کان اڳ هڪ مفروضو قائم ڪيو ويو هو
[24]. ان کان سواءِ گجرات ۾ پٿر مان ننڍڙا اوزار
ٺاهڻ وارن آهيڙي ۽ ڏوٿي قبيلن جون وسنديون به
مليون آهن، جيڪي نهايت اهم آهن. تنهن ڪري انهن
قبيلن سان لاڳاپيل هڪ ماڳ تي بحث ڪجي ٿو.
لانگهنج
Longhanj
لانگهنج [25
] جو ماڳ احمد آباد کان پندرنهن ميل پري اتر طرف
اتر گجرات جي ڪوهن ۽ روهن واري جوءِ ۾ واقع آهي.
کوٽائيءَ وسيلي معلوم ٿيو آهي، ته هن ماڳ کي ٽي
ثقافتي تهه آهن، جن تان ڊگها، بي ترتيب چوڪنڊا
ڀتر،
(Trapezoids)
۽ متوازي پاسن واريون
ڇُريون
(Blades)
۽ مگرا
(Cores)
هٿ لڳا آهن. هن جي صفا هيٺئين تهه نمبر هڪ تان ٺڪر
جا اڌورا پڪل ڀيلا ۽ ٽاڪوان ٿانءَ پڻ هٿ آيا آهن.
هنن ثقافتي شين سان هڏن جو وڏو تعداد به مليو آهي.
انهن مان پتو پوي ٿو هي ماڻهو ڪهڙي قسم جا جانور
شڪار ڪندا هئا. اهڙو تفصيل اڳتي ايندو. ان کان
پوءِ تهه نمبر ٻه تان ٺڪر
جي
ٿانون سان گڏ پٿر جا گهڙيل ننڍڙا اوزار موجود هئا.
هن تهه تي جانورن جي هڏن جو ايترو گهڻو تعداد ڪونه
هو. ان کان سواءِ پٿر جون ٻه اهڙيون شيون مليون
هيون، امڪان آهي ته انهن کي پيهڻ جي مقصد واسطي
ڪتب آندو ويندو هوندو. ڳجهارت سان لاڳاپيل هڪ
(ring
Stone)
هٿ آيو هو. پٿر جي ڪهاڙي ۽ ٽامي جو چاقو
پڻ هٿ لڳو هو.
جيڪو
98.12 سيڪڙو خالص ٽامي مان جڙيل آهي. تنهن ڪري
نهايت اهم آهي. نرم پٿر جو چپٿرو مٺيو به هن تهه
نمبر ٻه تان هٿ لڳو هو. هن تهه نمبر ٻه تان لڌل
ثقافتي شيون اهڙيون آهن، جن جي سنڌو سڀيتا جي
مشهور ماڳن لوٿل ۽ رنگپور مان لڌل ثقافتي شين سان
هڪجهڙائپ آهي. تهه نمبر ٻه تي نظر ايندڙ ٺڪر
جو
ٿانءَ وڌيڪ سڌريل آهي، جن ۾ هٿ جي گهاڙ وارا ۽ چڪ
جي مدد سان ٺهيل ٿانءَ آهن. ساڳئي تهه تان تير جي
لوهه جي اَڻي به ملي آهي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو،
ته ان تهه جو دؤر تاريخي دؤر کان ٿورو اڳ جو آهي.
لانگهنج مان لڌل هڏا هندستاني بگهڙ
(Canis lupus)،
نور
(Herpestes edwardsi)
هڪ سڱي گينڊي
One horned Rhinoceros
يا
(Rhinoceros unicornis)
، جهنگلي سوئر
wild boar
(Sus scrofa)
، چيتل
(Axisixis)
ٻارنهن سڱي
(Cervus duvauceli)،
روجهه
(Bose laphus trago camelus)
۽ ڳائي مال جي ٻن ٽن جنسن جا آهن. هڏن مان لڳي ٿو
ته اهي گهرو جانور ڪونه هئا [26
].
لانگهنج جو ريڊيو ڪاربان وسيلي فقط هڪ دؤر جو پتو
پيو آهي، جيڪو هن ريت آهي
TF-744 2040+110 B.C
(يعني 2600 کان 2180 ق.م) دؤر جو اهو تعين هڪ
هڏيءَ جي آڌار تي ڪيو ويو آهي. هن تي تبصرو هن ريت
ڪري سگهجي ٿو، ته ان نموني جو اهو ويساهه جوڳو دؤر
ڪونه آهي. هن معلومات لاءِ مختلف تهن تان هڏا کڻي
ڪاربان
14
وسيلي
دؤر معلوم ڪيو ويو هو. ان ڪري ڇا ٿيو هو. هڏي تي
لڳل بي جان
(Inorganic)
مواد جي ذري جي دؤر جي معلومات ملي آهي. تنهن ڪري
غلطيءَ جو وڏو امڪان آهي [27
].
ان کان سواءِ ٽامي جو چاقو
لڌو آهي (جنهن جو ٽامون
98.12
سيڪڙو خالص آهي) ٿورن مڻين ۽ ڪجهه تعداد پٿر جي
اوزارن جي دؤرن ۾ به شڪ آهي. هنن سڀني ثقافتي شين
جون طرزون سنڌو تهذيب جي مقامي ماڳن مان لڌل ساڳين
شين جهڙيون آهن. هيٺ ڏيکاريل نموني جو به مٿي
ڏيکاريل دؤرن جي اصول مطابق غلط دؤر ڪڍيو ويو آهي.
پر ان نموني تي بحث ڪرڻ کان اڳ حقيقت جي هرهڪ حصي
تي ڪجهه ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ ضروري آهي، ته دؤر لهڻ وارو
طريقو صحيح طريقي مطابق ڪرڻ گهرجي. پر ايئن ته
جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي. ٽيڪنيڪل نقطهء نگاهه
کان اهو طريقو ويساهه جوڳو نه آهي. امڪان آهي ته
اهو دؤر صحيح به هجي. پر دؤر جي تعين ڪرڻ واري
موقعي کي هروڀرو هٿان نه وڃڻ ڏجي. ان تهه تان لوهه
جو ملڻ به هڪ مثبت حقيقت آهي. پيهڻ واري پٿر سان
گڏ به هڪ دؤر موجود آهي. پٿر مان جڙيل ننڍڙن
اوزارن جي هندستان اندر هڪ وڏي تاريخ آهي. مثال
طور راجسٿان جو باگور
(Bagor)
ماڳ آهي. جنهن جو پٿر مان اوزارن ٺاهڻ جو دؤر
4480+200 B.C
(يعني 5320 کان 5000 ق.م) کان شروع ٿئي ٿو ۽
2110+90B.C
(يعني 2680 - 2630 کان 2560 ق.م) تائين هلندو ڏسجي
ٿو [28
]. لانگهنج ۽ اولهه هندستان جي ٻين ماڳن تان پٿر
جي ننڍڙن اوزارن سان گڏ لوهه جون شيون ۾ به هٿ
لڳيون آهن [29
]. ان مٿئين تهه تان هٿ آيل شين جو دؤر يڪو هلندو
اچي. تاريخ کان ٿورو اڳ واري زماني وٽ ختم ٿئي ٿو.
ٽامي جي چاقوءَ
جي گهاڙ مان لڳي ٿو، ته ان ڌاتوءَ کي رجائي ٺاري،
بعد ۾ ڪـَـٽي چاقوءَ
جي شڪل ڏني وئي آهي [30
]. ان ۾ خالص هجڻ واري خاصيت
98.12
سيڪڙو آهي. چـَـاقو
ٺاهڻ جو اهو طريقو نهايت سڌريل آهي. ڌاتوءَ مان
اوزار ٺاهڻ جي هيءَ ڄاڻ لانگهنج جي پنهنجي مقامي
ٽيڪنالاجي ڪانه ٿي لڳي. اهڙي ڄاڻ ڪنهن ٻئي هنڌ کان
ورتي وئي ٿي ڀانئجي. ٽامي جا ٻيا اوزار پٿر جي
ٺهيل ننڍڙن اوزارن سان گڏ پيل ڏٺا ويا هئا. انهن
مان پڻ نموني جو پتو پئجي وڃي ٿو. مثال طور: وي.
اين. مسرا
(V.N Misra)
تير جون ٽي اُڻيون کوٽائيءَ دوران باگور مان لڌيون
هيون [31
] جن جو نمونو هوبهو سنڌو تهذيب جي تير جي اڻين
جهڙو هو. اهڙا ٻيا ذريعا به معلوم ٿيا آهن، جن
وسيلي چاقو
ٺاهڻ جي ٽيڪنالاجي هتي پهتل ڀائنجي ٿي.
ٽامي جي اولهه هندستان ۾ اچڻ جي پهرين شاهدي آهر
اي هڪ
(A-I)
، رنگپور
(A-II)
، لوٿل اي
(A)
، نوَ دتولي ۽ نگدا
(Nagda)
آهي. هنن ماڳن جي تهن تي هن ڌاتوءَ جا اوزار ڳاڙهي
رنگ تي ڪاري چٽسالي وارا ٺڪر جا ٿانوَ موجود آهن،
جن کي ڪارسرا ڳاڙها (ڪاري چٽساليءَ وارا ڳاڙها
ٿانءُ)
(Black and Red ware)
ٿانوَ سڏيو ويندو آهي. هنن ثقافتي شين سان گڏ پيهڻ
جي پٿر جا اوزار به مليا آهن. بلڪل ايئن جيئن
لانگهنج مان مليو آهي. مختلف ماڳن تان
14C
وسيلي دؤر هن ريت آهن:-
لوٿل اي
(A)
، رنگپور
(A-II)
، 2100 ق.م (2550 ق.م)، آهر اي
پهريون
(A-I)
، 2000 کان 1900 ق.م (2440 کان
2180 ق.م) ۽ نوَ دتولي 1500 ق.م (1710 کان 1690
ق.م). لانگهنج جو دؤر به هن ئي دؤر سان متفق آهي.
مٿئين تهه تان تير جي لوهي اَڻي ملي آهي. جنهن مان
خاص دؤر جو پتو پوي ٿو ۽ معلوم ٿئي ٿو، ته ان تهه
جو به مٿي بيان ڪيل ساڳئي دؤر سان لاڳاپو آهي.
سنڪاليا
(Sankalia)
هن اوزار جو دؤر پهرين صدي عيسوي ٻڌائي ٿو [32
].
هن قسم جو مٿي به اشارو ڏنو ويو آهي، ته لانگهنج
(Langhanj)
مان هٿ آيل ٽامي جو چاقو
تجارت رستي هتي پهتو آهي ۽ ٻاهران آيل آهي. چپٿرن
مڻين لاءِ به ساڳيءَ راءِ جو اظهار ڪري سگهجي ٿو.
هنن مڻين جو تعلق سنڌو تهذيب جي ثقافتي شين سان
آهي. هن ڳالهه جي پڪ ڪانه آهي، ته ڪاري چٽساليءَ
وارو ڳاڙهي رنگ جو ٿانءُ هتان جو آهي يا نه؟ ڇاڪاڻ
ته هن جي طرز هوبهو سنڌو تهذيب جي ان ٿانوءَ جهڙي
آهي، جنهن کي ڪاري چٽساليءَ وارا ڳاڙها ٿانءَ
(Blak and Red ware)
سڏيو ويندو آهي. هتان مليل مجموعي حقيقتن جي آڌار
تي چئي سگهجي ٿو، ته اتر گجرات ۾ موجود آهيڙي ۽
ڏوٿي نياتن جو هتي رهندڙ سنڌو تهذيب جي ماڻهن سان
اقتصادي رشتو هو. اهڙيءَ ريت لوٿل ۾ به هنن نياتن
جي ماڻهن وچ ۾ ڏيتي ليتي هلندي هئي.
لوٿل
قديم ماڳ لوٿل جي کوٽائي ۽ کوجنا سن 1954ع کان
1960ع تائين ايس. آر.
راؤ
(S.R. Rao)
ڪرائي هئي. جنهن جو تعلق آرڪيالاجيڪل سروي آف
انڊيا سان هو [33
]. هيءَ حقيقت ياد رکڻ گهرجي ته هيءُ قديم ماڳ ٻن
مختلف دؤرن
A
۽
B
۾ ورهايو ويو آهي. دؤر
A
جو تعلق 1850 کان 2150 ق.م تائين آهي (جيڪو 2590
کان 2160 ق.م تائين ٿي سگهي ٿو). هيءُ سنڌو سڀيتا
جي نهايت عروج جو زمانو آهي، جنهن کي سنڌو تهذيب
جي شهري ثقافت
(Urban Culture)
سڏيو ويندو آهي. لوٿل،
A
۾ چار
(IV-I)
تهه آهن. هر هڪ تهه هڪ ٻئي کان الڳ آهي. جانچ
پڙتال ڪندڙ ماهرن جو خيال آهي، ته هرهڪ تهه تي
پاڻيءَ جي اٿل جا نشان موجود آهن. لوٿل بي،
(B)
جو فقط هڪ تهه آهي، جيڪو هيٺين ٻين تهن کان پاڻيءَ
جي اٿل جي نشانن وسيلي الڳ آهي. هي تهه (لوٿل
B
) رنگپور جي تهه، بي سي ٻئي،
(B.C II)
جو سيهوڳي آهي، جيڪو 1850 کان 1600 ق.م (2160 کان
1800 ق.م) آهي. هن شهر ۾ ٽي وڏيون ايراضيون نظر
اچن ٿيون. جهڙوڪ: قلعو
(Citadel)
، هيٺيون شهر
(Lower Town)
۽ گودي
(Dockyard)
. |