قلعي واري جڳهه باقي شهر کان اوچيءَ جاءِ تي تعمير
ٿيل آهي، جيڪا شهر جي ڏکڻ اوڀر واري حصي ۾ آهي.
قلعي جي ماپ
42.5x48.5
ميٽر ٿيندي. قلعي اندر ساڄي پاسي واريون گهٽيون
هڪٻئي سان گونيءَ ڪنڊ
(Right Angle)
تي ملن ٿيون. جنهن ڪري جڳهن جا جدا ويڙها
(Blocks)
بڻجي پيا آهن. هرهڪ ويڙهي جي جڳهن جي تعمير ۾
پڪيون ۽ ڪچيون سرون گڏائي ڪتب آنديون ويون آهن.
اهو پتو ڪونه ٿو پوي، ته هنن جڳهن جو استعمال ڪهڙو
هو؟ انهن مان هڪ بلاڪ جو بنياد ويڪرو ۽ مضبوط آهي،
جيڪو وڏين ڪچين سرن سان اوساريل آهي. جنهن لاءِ
چيو وڃي ٿو، ته اهو ڀانڊو
(Ware House)
آهي. هيءَ جڳهه هوبهو موئن جي دڙي واري ان جي
ڀانڊي
(granary)
جهڙي آهي. تنهن ڪري اندازو ڪيو ويو آهي، ته هيءَ
تعمير به ضرور ڪو ڀانڊو هوندي، ان جي هڪ ورانڊي
(Corridor)
مان پنجهتر ٺپا هٿ آيا آهن. اهم ڳالهه اها آهي، ته
هن جي ڀرسان گودي
(Dockyard)
واري جڳهه موجود آهي. اهم ڳالهه اها به آهي، ته
مٿي قلعي واريءَ جڳهه ۾ ٻارنهن وهنجڻ جا حمام
(Bath Rooms)
آهن، جن ۾ پاڻيءَ جي نيڪر جو بهترين نظام موجود
آهي. هنن
۽
موئن جي دڙي جي حمامن ۾ هڪجهڙائپ ڏسجي ٿي.
هيٺيون شهر به بلاڪن يا مختلف ويڙهن ۾ ورهايل آهي،
جيڪي گهٽين وسيلي هڪٻئي کان جدا آهن ۽ مختلف
گهٽيون هڪٻئي سان گونيءَ ڪنڊ تي ملن ٿيون. جن جو
رخ مکيه طرفن ڏانهن سڌو آهي. يعني اهي سر اتر، سر
ڏکڻ، سراوڀر ۽ سر اولهه ڏانهن وينديون ڏسجن ٿيون.
پتو نه آهي ته شهر ۾ ڪل ڪيترا ويڙها يا بلاڪ آهن،
پر انهن مان فقط ڇهن جي کوٽائي مڪمل طور ٿي چڪي
آهي. هن هيٺئين شهر ۾ رهڻ جي مقصد سان ننڍڙا گهر
ٺهيل آهن. ٻيون ڪي اهڙيون جڳهون به آهن، جن کي
ڪارخانو گهرُ سڏي سگهجي ٿو. هن قسم جي تعمير بابت
بحث اڳتي موقعي جي مناسبت سان ڪيو ويندو.
لوٿل جي هن تعمير بابت اتفاق راءِ موجود نه آهي،
جنهن کي گودي
(Dockyard)
جي نالي سڏيو وڃي ٿو. هيءَ جڳهه شهر جي اوڀر پاسي
واقع آهي، جنهن جي عمارت پڪسري ۽ شڪل ۾ چؤڪنڊي
(Rectangular)
آهي. سندس ماپ
37x219
ميٽر ٿيندي. چوڌاريءَ ڏنل ڀتيون پڪسريون آهن، جن
جا بنياد هيٺ گهرا آهن ۽ اوچائي
4.5
ميٽر آهي. سامان جي لاهڻ ۽ چاڙهڻ واسطي گهاٽ
(Wharf)
به شهر پاسي سان واقع آهي. ٻئي طرف قلعو به هن
جڳهه جي ويجهو آهي. هن جڳهه کي ڪهڙي مقصد سان
استعمال ڪيو ويندو هو؟ سو به هڪ سوال بڻيل آهي. هن
جڳهه لاءِ اتفاق راءِ پيدا ٿي ڪونه سگهيو آهي، ته
هن کي يعني گودي
(Dockyard)
سڏجي يا نه. هڪ اهم نقاد جو مختلف نقطهء نظر آهي
[34]. سندس راءِ آهي ته چوديواري واريءَ جڳهه پوکي
راهيءَ لاءِ پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ واسطي هڪ
هودي
(Tank)
آهي. پر اڃا تائين هن نتيجي تي ڪونه پهتا آهن، ته
مذڪوره اڏاوت گودي
(Dockyard)
آهي يا پاڻيءَ
جي هودي
آهي. جيڪڏهن اها تعمير پاڻيءَ جو تلاءُ آهي، جنهن
کي زرعي مقصد لاءِ تعمير ڪيو ويو هو، ته پوءِ هڪ
اهم سوال پيدا ٿئي ٿو، ته اهڙي تلاءَ جي لوٿل شهر
اندر ڪهڙي ضرورت هئي؟ ڇاڪاڻ ته پوکيءَ راهيءَ لاءِ
موسمي چاڙهه وارو پاڻي ئي گهڻو هو. ان کان سواءِ
باقي موسم دوران جر وارو پاڻيءَ ڌرتيءَ جي مٿاڇري
کان ٿورو هيٺ هو. جنهن تائين پهچ ڏاڍي سولي هئي.
هودي
واري پاڻيءَ کي استعمال لاءِ مٿي ڇڪڻ واري ڳالهه
به هڪ مسئلو بڻيل آهي. ليشنڪ جو خيال آهي، ته اهو
پاڻي شدوف
(Shaduf)
طريقي سان مٿي ڇڪيو ويندو هوندو. انقر
(Anchor)
جهڙا پٿر به چؤديواري مان مليا آهن، جن کي مخالف
پاسي رکي پير جي بار جي آڌار تي پاڻي مٿي ڇڪيو
ويندو آهي. هن مصنف به لوٿل ۾ اهڙا پٿر ڏٺا آهن.
هنن پٿرن ۾ نڪتل سوراخ سوڙها آهن. جن جي ويڪر ٻه
ٽي انچ مس ٿيندي. سوراخن جي اهڙي ويڪر ورت ٻڌڻ
لاءِ هوندي. مخالف طرف کان پنجاهه پائونڊن جو پٿر
واڍ سان ٻڌي لڙڪائڻ صحيح ڪونه ٿو لڳي. تنهن ڪري
اهڙي خيال کي هڪدم رد ڪري سگهجي ٿو. ٻيو ته
هوديءَ
جي جاءِ وقوع شهر جي بلڪل پاسي سان آهي. تنهن ڪري
اهو ممڪن ڪونه ٿو لڳي، ته هن
هودي
جي پاڻيءَ کي پوکيءَ راهيءَ لاءِ ڪتب آندو ويندو
هوندو. جيڪڏهن اها
هودي
شهر کان پري وٿيرڪو هجي ها، ته پوءِ سمجهي سگهجي
ها، ته هن جو پاڻي اوسي پاسي جي کيتيءَ لاءِ ڪم
ايندو هوندو. ٻي اهم ڳالهه هيءَ به آهي، ته
هودي
اندر هيٺ وڃڻ لاءِ ڪا ڏاڪڻ به تعمير ٿيل ڪانه ٿي
ڏسجي. تنهن ڪري هن
هودي
جي پاڻيءَ کي زرعي يا گهرو مقصدن لاءِ ڪتب ڪونه ٿو
آڻي سگهجي. ان کان سواءِ هن تعمير ۽ قلعي جي وچ تي
هڪ ٿلهي
(Platform)
جي مرڪز ۾ هڪ کوهه موجود آهي. امڪان آهي ته لوٿل
شهر جا ماڻهو گهرو استعمال لاءِ هن کوهه جو پاڻي
ڪتب آڻيندا هوندا. پر هن
هودي
جو بيٺل پاڻي استعمال ڪونه ڪندا هوندا، جيڪو ڪنو ۽
بدبودار هوندو. ايس. آر.
راؤ
هن کي گودي
(Dockyard)
سڏي ٿو. جڏهن ته ليشنڪ ۽ ٻيا ماهر سندس هن نظريي
سان اختلاف راءِ رکن ٿا. لڳي ٿو ته ايس. آر.
راؤ
جو خيال وڌيڪ وزندار آهي. جيڪڏهن
هوديءَ
وارو نقطهء نظر اعتراض جوڳو آهي، ته گوديءَ
(Dockyard)
جي واري تصور خلاف به ته سوال اٿي سگهي ٿو، ته
لوٿل جهڙي شهر لاءِ ايڏي وڏي گودي
(Dockyard)
ڇو ضروري هئي؟ اڄ به سامونڊي جهازمٺي پاڻيءَ جي
وهڪري سان اندر هليا ايندا آهن. ۽ کنڀات جي ڀرسان
اچي بندر ڀيٽيندا آهن ۽ انقرن
(Anchors)
وسيلي گهري پاڻيءَ ۾ بيهي مٽيءَ جي دڙن تي سامان
لاهيندا چاڙهيندا آهن. انهيءَ ڪم ۾ کين ڪنهن به
قسم جي سهوليت مليل ڪانه هوندي آهي.
اهو ڏاڍو سولو طريقو به آهي. ايس. آر.
راؤ
جي خيال مطابق جيڪڏهن هيءَ تعمير گودي آهي، ته اها
ڳالهه وسهڻ جوڳي نه آهي. ڇاڪاڻ ته لوٿل شهر نديءَ
جي ڪناري واقع آهي. جڏهن اها جڳهه شهر جي ٻئي پاسي
آهي، جنهن کي گودي سڏيو وڃي ٿو. جيڪڏهن هيءَ تعمير
گودي هجي ها ۽ نديءَ جي ڪناري سان واقع هجي ها ۽
شهر جون حدون ان کان پوءِ شروع ٿين ها. مٿي بيان
ڪيل صورتحال مطابق جهاز کي گونيءَ ڪنڊ تي وڪڙ ڪري
پوءِ گوديءَ وٽ پهچڻو
پوي ٿو. ان ڪري گودي وارو تصور مناسب ڪونه ٿو لڳي.
ايس. آر.
راؤ
جي نئين تعمير واري نقشي ۾ هڪ جاءِ تي وهڪري ۾ ٻه
گونيون ڪنڊون ڏيکاريون ويون آهن. سندس هن تصور تي
ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ ضروري آهي. يقين سان چئي سگهجي ٿو،
ته اختيار ڪيل سندس طريقو سنئون سڌو ڪونه آهي. اهو
فقط تڏهن ٿي سگهي ها، جڏهن گودي نالي واري تعمير
لوٿل شهر جي نديءَ واري پاسي واقع هجي ۽ لنگهه
(Entrance)
به پيچيده هجڻ بدران سولو هجي ها. هن کان سواءِ هن
تعمير جي چوڌاري ڏنل ڀت ڏانهن مٿي ويندڙ رستو تمام
سوڙهو آهي. جيڪو ماپ ۾ لام ۾ لڳل ستن سرن جيترو
ويڪرو آهي ۽ اهو ٻه فوٽ به مس ٿيندو.
انهن ڳالهين کان سواءِ ان چوديواريءَ واري تعمير
بابت بيانن ۾ گهڻو تضاد ڏسڻ ۾ ايندو. اهڙن تضادي
نڪتن کي هتي ورجائي ڪونه ٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته هتي
اهڙا نڪتا اٿاريا ويا آهن، جو پاڻيءَ جي
هوديءَ
واري نظريي ۽ گودي سمجهڻ واري ڳالهه شڪ ۾ پئجي وئي
آهي. اهڙو بحث ڪو اهم به نه آهي. جيڪڏهن اها تعمير
پاڻيءَ
جي هودي
نه آهي يا اها جڳهه گودي نه آهي، ته هن شهر جي
اهميت کي ڪوبه نقصان ڪونه ٿو پهچي ۽ نه وري هن شهر
کي سمجهڻ ۾ ڪو مونجهارو ٿئي ٿو.
معلوم ٿي رهيو آهي، ته لوٿل جي تعمير ۾ نهايت
خبرداريءَ سان رٿابندي ڪئي وئي هئي ۽ اقتصادي
ضرورتن مطابق ان کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو هو. هي
شهر ايراضيءَ ۾ ننڍو آهي. سندس پکيڙ ساڍا ست هيڪٽر
آهي. معلوم ايئن ٿي رهيو آهي، ته هرهڪ هنر لاءِ
جدا صنعتي گهر آهي. جتي مهان ڪاريگر ۽ وچولي درجي
جا هنرمند پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ جو اظهار ڪندا هئا.
عام طور تي اهو ڏٺو ويو آهي، ته هر وسنديءَ ۾
رٿابنديءَ جي کوٽ هوندي آهي. ان کان سواءِ اتي
ٻاهران ايندڙ هر شيءِ جي اوسر ۾ ترقي هوندي آهي.
تنهن ڪري رٿابنديءَ ۾ اڃا به وڌيڪ گڙ ٻڙ ٿي ويندي
آهي. هتي هن اصطلاح تي پابنديءَ سان عمل ٿيندو
آهي، ته هر شيءِ هڪ جڳهه تي ٿيندي آهي ۽ هر شيءِ
پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ٿيندي آهي. اها چوڻي ٻين
وسندين کان وڌيڪ لوٿل سان ٺهڪي بيهي ٿي.
جڳهين جا مختلف نمونا ڏسبا. اهڙن ويڙهن، محلن يا
بلاڪن جي موجودگي آهي، جنهن کي ماڻهو ڏسڻ سان
سڃاڻي سگهن ٿا. خاص ڪم ڪار لاءِ خاص جڳهون آهن.
جيڪڏهن ڪم ڪار جي نوعيت گهٽ قسم جي آهي، ته انهن
لاءِ ڪوٺيون
(Rooms)
ٺهيل آهن. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو، ته لوٿل ۾ هر
قسم جي صنعت جو هڪ ڄار وڇايل هو. اهڙي قسم جي وسيع
صنعت جو اندازو ثقافتي شين جي مجموعن مان به
سولائيءَ سان ڪري سگهجي ٿو. ان کان سواءِ هن
وسنديءَ ۾ اڻ تيار ٿيل ۽ ڪچي مال جا به ڍير ڏسجن
ٿا. تيار ٿيل مال به جهجهو ڏسجي ٿو. ڪيتريون
ثقافتي شيون تيارٿيڻ جي جدا جدا مرحلن ۾ نظر اچن
ٿيون. تيار ٿيل مال جو گند ڪچرو ۽ ٽڪرا ٽوٽا جام
آهن. پٿر جون نهابون
(Anvils)
، ڪانسي يا ڪنجهي جون شيون، هر
ڌات جي ڪوٺاري
(Crucible)
جن ۾ ڌاتن کي گرم ڪري پگهاريو ويندو هو. سنکرن
(Conch Shell)
مان تجارتي شيون ٺاهڻ کان پوءِ، باقي بچيل گند
ڪچرو، ٽامي جون وٽيون
(Ingots)
، اڻ ڪمايل سالم ڪچو عاج، ڪپيل
عاج جا ٽڪرا به هيڏي هوڏي پکڙيل نظر ايندا. هن مان
معلوم ٿيندو، ته هن ننڍڙي شهر ۾ ايڏا وڏا صنعتي
ادارا هئا، جتي هر ڪم جا مهان ڪلاڪار پنهنجي ڪلا
جو ڪمال ڏيکاريندا هئا. مڻين جا به ڪيترائي قسم
آهن، جيڪي سون، ٽامي، سنکرن، هڏن ۽ عاج مان ٺاهيا
ويندا هئا. هن تجارتي مال جي تياريءَ لاءِ به وڏا
ڪاريگر ويهاريا ويندا هئا. ڇاڪاڻ ته واپار ۽ تجارت
۾ هن قسم جي مال جي ڏاڍي کپت ۽ اهميت هوندي هئي.
لوٿل دؤر اي
(A)
۾ هن هنر کي عروج حاصل هو ۽ هتي جي هر صنعت کي
ترقي يافته حيثيت حاصل هئي.
ڪو وقت هو جو لوٿل هڪ وڏو صنعتي شهر هو، جيڪو پري
سنڌو تهذيب جي سرحد تي واقع هو. يقين سان چئي
سگهجي ٿو، ته هن شهر جي صنعت ڏاڍي وسيع هئي، اتان
جو تيار ٿيل تجارتي مال ان شهر ۾ رهندڙ ماڻهن جي
تعداد کان تمام گهڻو هو.
اهو به چئي سگهجي ٿو، ته لوٿل جا پنهنجي چوڌاري
علائقن سان واپاري ناتا ۽ واسطا قائم هوندا. مثال
انهن ويجهن اوڏن علائقن ۾ اهڙا ماڻهو يا ماڻهن جا
گروهه هوندا، جيڪي لوٿل جي واڌو تيار ٿيل مال کي
ڪتب آڻيندا هوندا، جيڪا شاهدي اڄ به هن شهر جي
کنڊرن ۾ موجود آهي. اهڙو اشارو ڪونه مليو آهي، ته
لوٿل جو تيار ٿيل تجارتي مال سنڌو ماٿريءَ جي
مرڪزي شهرن ڏانهن ويندو هو. پر انهن شين جو مختصر
حصو هتان مقامي آبادي استعمال ضرور ڪندي هئي.
انهيءَ کان سواءِ صنعتي ادارن کي اڻ تيار ڪچي مال
جي
سدائين
ضرورت هوندي هئي. تنهن ڪري هن شهر جا انهن ايراضين
سان ضرور تعلقات هوندا. جتان صنعت جو گهربل ڪچو
مال جهڙوڪ: ٽامو، عاج، مختلف قسم جا ڌاتو، سنک
(Conch)
ڪوڏ
(Shell)
وغيره ايندا هوندا. هي اهڙيون شيون هيون، جنهن جي
آڌار تي لوٿل وارو ماڳ زنده رهندو آيو هو. اهڙو
گهربل ٽامون راجسٿان مان ايندو هو. عقيق
(Agate)
سوراشٽر، نرمدا ۽ ڪڇ جي کاڻين مان هٿ ايندو هو.
سنک عربي سمنڊ جي پيداوار آهي. امڪان آهي ته مانار
(Manar)
واري سامونڊي علائقي کان هت ايندو هوندو. عاج
(Ivory)
ته مقامي طور ملندو هو. پر ان ڌنڌي سان آهيڙي نيات
جا ماڻهو لاڳاپيل هوندا، جن کي هاٿين جي شڪار جي
مقصد لاءِ ڏورانهينءَ جوءِ کي وڃي جهاڳڻو پوندو
هوندو. هنن ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو، ته لوٿل واري
وسندي اهڙي اهم جڳهه تي واقع هئي، جتي هر قسم جي
ڌنڌي جو مهاڄار وڇايل هو. هن قسم جي ڏيتي ليتي جي
وسعت بابت مڪمل معلومات نه ملي سگهي آهي. هن قسم
جي ڪاروهنوار ۾ نه رڳو سنڌي ماڻهو مصروف هئا، پر
اهي ماڻهو به جاکوڙ ۾ جـُـٽيل هئا، جيڪي وٽن اڻ
تيار ٿيل ڪچو مال کڻي ايندا هئا. لوٿل جي اوسي
پاسي آهيڙي ۽ ڏوٿي نياتون به آباد هيون. اهڙو بحث
مٿي اچي چڪو آهي. پر ان بحث جو مقصد هن عنوان تي
مختصر تعارفي نقطهء نظر پيش ڪرڻ هو. گجرات واري
علائقي ۾ پٿرن مان ننڍڙن اوزارن ٺاهڻ واري دؤر
(Microlithic)
جا بيشمار ماڳ آهن. اهڙيون وسنديون ماحول مطابق
قائم ڪيون ويون هيون ۽ اهڙين جڳهين تي هيون، جتي
سنڌو تهذيب جا ماڻهو پهچي ڪونه سگهيا هئا. اهو
معلوم ٿيو آهي، ته اهڙي نموني جي زندگي لاڳيتو
هلندي وڃي تاريخي دؤر تائين پهچي ٿي. ڇاڪاڻ ته
لانگهنج
(Langhanj)
ٻين ماڳن تان سندن جوڙيل ٻين شين سان گڏ لوهه به
مليو آهي. ريڊيو ڪاربان جي تجربي وسيلي پتو پيو
آهي، ته هيءُ ماڳ لوٿل جو سهيوڳي هو. هي ماڳ ان
ڪري اهم آهي، جو اتان اهڙيون ثقافتي شيون هٿ لڳيون
آهن، جن مان سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو، ته هتي
آباد آهيڙين، ڏوٿين ۽ سنڌو تهذيب جي هارين نارين
وچ ۾ ڏيتي ليتي جو وهنوار موجود هو. لوٿل جو ماڳ
مکيه طور تي هڪ صنعتي علائقو ڏسجي ٿو. پر اهڙيءَ
جاءِ تي واقع آهي، جتي هتان جي صنعت لاءِ ڪچو مال
موجود ڪونه هو. پر جاگرافيءَ جي نقطهء نظر کان
اهڙي اهم جاءِ تي آهي، جو اتر گجرات جي آهيڙين ۽
ڏوٿين سان سولائيءَ سان ناتا ۽ واسطا پيدا ٿي
سگهيا ٿي. تنهن ڪري معلوم ٿي وڃي ٿو، ته لوٿل جي
ماڻهن ۽ هنن آهيڙين ۽ ڏوٿين وچ ۾ مٽاسٽا ٿيندي
هئي. منجهن اهڙو وهنوار نهايت ويجهو ۽ شعوري هو.
هيءُ ماڻهو کاپي
(Utilization)
جي تجارتي مال لاءِ اڻ تيار ڪچو مال فراهم ڪندا
هئا. لوٿل جا سنڌي ماڻهو تيار مال مقامي کپت کان
واڌو
(Surplus)
تيار ڪندا هئا، جيڪو امڪان آهي، ته موجوده دؤر
واري سنڌ ۽ اوسي پاسي وارن علائقن ڏانهن موڪليو
ويندو هوندو. موجوده دؤر جي آهيڙي ۽ ڏوٿي نسل جي
ماڻهن جو ڀارت جي هارين سان اڄ به مٽاسٽا جو
وهنوار هلندو آهي. هتي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو، ته ڇا
ڀارت جو اڄ جو آهيڙي ۽ ڏوٿي قديم ثقافت جو تسلسل
آهي يا يادگار قسم جو انساني اتحاد آهي. هنن ماڻهن
لاءِ رچرڊ فاڪس
(Richard Fox)
پنهنجي راءِ هن ريت ڏني آهي ته:
”قديم
دؤر سان واسطو رکندڙ هي ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ ڏاڍا
آزاد آهن. هندستان جا هي آهيڙي ۽ ڏوٿي ماڻهو ڊکڻن،
موچين ۽ ڌنارن وانگي ڌنڌي سان واڳيل هئا ۽ اهي
پنهنجن ٺاهيل شين وسيلي هتان جي هاري ۽ ٻيءَ ذات
جي ماڻهن سان مٽاسٽا ڪندا هئا. سندن پيٽ گذر جو
اهو هڪ عام طريقو هو. هندستان ۾ ڏٿ ڏورڻ ۽ شڪار
ڪرڻ ڪنهن اقتصادي معاملي سان تعلق ڪونه ٿو رکي.
ڇاڪاڻ ته هن قسم جي پيٽ گذر لاءِ ماحول ئي مختلف
نه هوندو آهي. هيءَ ڪار ڪرت خاص خوبين واري ٿيندي
آهي ۽ فطري ماحول جي ڄاڻ سان تعلق رکي ٿي. اهڙن
ماڻهن جو عام واهپو جهنگن ۽ ٻيلن سان هوندو آهي.
جتي هو شڪار به ڪندا رهندا آهن ۽ ٻيلن سان لاڳاپيل
شيون به چونڊيندا وتندا آهن. جيڪو هنن لاءِ مٽاسٽا
واسطي قيمتي هوندو آهي ۽ انهن جي بدلي لوهه جا
اوزار، چانور ۽ تيرن جون اَڻيون وٺندا آهن. سندن
پيٽ گذر جو سڌو ۽ سارو دارومدار ٻيلن جي شين تي به
ڪونه هوندو آهي. پر هو زمين جي طبعي حالتن جو به
سانگي سان فائدو وٺندا آهن. تنهن ڪري هندستان جا
هي آهيڙي يا ڏوٿي ماکي لاهي گڏ ڪرڻ، رسن ۽ نوڙين
وٽڻ، کارين ٺاهڻ، ڀولن ۽ هرڻن جو گوشت گڏ ڪرڻ جو
ڌنڌو به ڪندا آهن، انهن شين جي مٽاسٽا به ڪندا
آهن. ماڻهن جو وڏو حصو سندن اهي شيون وٺندو آهي.
هن نيات جا ماڻهو آسٽريليا جي اصلوڪن رهاڪن
(Aborigines)
يا پائيوٽس
(Paiutes)
جيان ڪونه آهن، پر سندن اقتصادي تسلسل ۽ خوشحال
زندگيءَ جو دارومدار ڀروارن ميداني علائقن ۾ رهندڙ
هارين ۽ ڪاريگرن سان ٿيندڙ شين جي مٽاسٽا تي
هوندو آهي، جن کان هو کاڌ خوراڪ ۽ ڪاريگريءَ جون
ٺهيل شيون وٺندا آهن. شڪار ۽ ڏٿ ڏورڻ وارو پيٽ گذر
جو طريقو به کين پنهنجن ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليو
آهي. ان ڪري هن ذات جو تعلق به ان ڌنڌي سان آهي.
پر هو آسٽريليا جي پائيوٽس لوڪن جيان سدائين هڪ
ماحول مان فائدو ڪونه وٺندا آهن [35
].“
رچرڊ فاڪس
(Richard Fax)
جي پيش ڪيل مٿين ڌرين جي لاڳاپن جي خاڪي مان هيءَ
حقيقت واضح ٿئي ٿي، ته اهڙيون ڳالهيون تاريخ کان
اڳ واري دؤر ۾ به موجود هيون. جن تي هاڻي بحث ٿي
رهيو آهي. معلوم ٿيندو ته حقيقتون ساڳيون آهن، پر
بيان ڪجهه مختلف آهي. لوٿل شهر جون خوبيون ۽
خاصيتون ۽ سندس هنڌ
(Location)
۽ اتي آهيڙين ۽ ڏوٿي نسل جي ماڻهن جو وجود، سندن
ڌاتوءَ ۽ ٺڪراٺا ٿانوءَ ڪتب آڻڻ وارن ماڻهن سان
ميل ميلاپ مان اها حقيقت ڳولهي سگهجي ٿي، جنهن جو
اشارو رچرڊ فاڪس ڪيو آهي ۽ اهڙين حقيقتن جون پاڙون
تاريخ کان اڳ واري دؤر ۾ پيٺل آهن. البت سندس هن
بيان ۾ ڪجهه ترميم ڪري سگهجي ٿي. مثال طور: هن
لوٿل جي هاري سان گڏ ذات
(Caste)
جو لفظ ڪتب آندو آهي، جنهن کي درگذر ڪرڻ گهرجي.
رچرڊ فاڪس جي عام قسم جي ماڊل سان ڪي بيان شامل
ڪيا ويا آهن. جن جو تعلق خاص قسم جي صورتحال سان
آهي. انهن کي اهڙين خاص حالتن سان شامل ڪرڻ گهرجي،
جيڪي جاچ پڙتال هيٺ آهن. هن حقيقت ڏانهن به ڌيان
ڏيڻ گهرجي، ته قديم دؤر جي جنهن مٽاسٽا واري طريقي
جو منظر پيش ڪيو ويو آهي،
اهو
ٿورن گروهن جي وچ ۾ هوندو هو يا ايئن کڻي چئجي، ته
آهيڙي ۽ ڏوٿي قبيلن جي مختصر ماڻهن سان هو. ان قسم
جي مٽاسٽا ۾ ٿوريون شيون ڏنيون ورتيون وينديون
هيون. هن ڏي وٺ ۾ ٽامون شامل هو، جنهن ۾ ڪچو اڻ
تيار ٿيل ٽامون به هوندو ته خالص ٽامون ۽ ان مان
ٺهيل شيون به هونديون هيون. ان کان سواءِ مڻيا،
ٺڪر جا ٿانءُ يا ڪو ٻيو ڪچو اڻ تيار مال جنهن جو
وچور مٿي ڏنو ويو آهي. هن ۾ پيٽ گذر سان تعلق
رکندڙ شين جي فهرست ڪانه ڏني وئي آهي. هن وقت قديم
دؤر جي معاملن ۽ ڏيتي ليتيءَ جي جاچ پڙتال ڪئي پئي
وڃي، جن جو تعلق تاريخ کان اڳ واري دؤر سان آهي.
ممڪن آهي ته اهي خاص نوعيت جا معاملا ۽ اهم قسم جي
مٽاسٽا ڪانه هوندي. جنهن جو تعلق اهڙي ردعمل سان
هجي جنهن جو اشارو موجوده دؤر جي آهيڙي ۽ ڏوٿي
قبيلن ڏانهن رچرڊ فاڪس ڪيو آهي.
هن وقت اهم ڳالهه هيءَ آهي، ته اهم بحث جي ڌارا کي
ڇڏي، قديم دؤر جي واپار کي وسيع نظر سان ڏسون.
امڪان آهي ته هن وسيلي خاص نوعيت جي زير بحث
لاڳاپن
کي سمجهي سگهون، جيڪي اڃا به منجهيل آهن. ان سان
گڏ هن باب جي ڪن رهيل ڳالهين کي وڌيڪ چٽو ڪري
سگهون.
واپار ۽ تجارت هڪ پيچيده
معاملو
آهي، جنهن تي سوچ ويچار وارو ڪم هاڻي شروع ٿيو آهي
۽ اهو چڱو ڪم به قديم آثارن جي ماهرن ڪيو آهي. هن
اهم ڪم جي ابتدا ڪارل پولاني
(Karl Polanyi)
۽ سندس ساٿين [36
] ڪئي هئي. ان تحقيقي ڪم مطابق تجارت جو هڪ جدا ۽
خاص ماحول آهي. ان ۾ اهي خوبيون ۽ خاصيتون ڪونه
هونديون، جيڪي جديد دؤر جي مارڪيٽنگ جي ماحول ۾
آهن. ڪارل پولاني خود هن حقيقت ڏانهن اشارو ڪري
ٿو، ته قديم دؤر ۾ [37
] مارڪيٽ ايترا گهڻا ڪونه هوندا. ان دؤر ۾ اهڙي
تجارت ڪنهن بااثر اداري وسيلي هلندي هوندي، جيڪو
ٻن تجارتي ڌرين وچ ۾ رابطو پيدا ڪندو هوندو. ڪولن
رينفريو
(Colin Renfrew)
جو خيال آهي، ته اهو ماڻهو جنهن جو اٺ ئي پهر ڌنڌو
تجارت هوندو يا ڀلاوڻو
(Middleman)
انهيءَ قديم زماني ۾ موجود ڪونه هوندو، پر اها
جديد دؤر جي تجارت جي تقاضا آهي [38
]. ڏٺو وڃي ته تجارت ۽ ڀلاوڻي وارو ڪم پيٽ گذر جو
طريقو آهي. امڪان آهي ته قديم تجارت لاءِ قائم ڪيل
اسان جا مفروضا تنقيد جو نشانو بنجن. تنهن ڪري ان
ماحول ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، جنهن ۾ مذڪوره تجارت
هلندي هوندي.
اوون لئٽيمور
(Owen Lattimore)
پنهنجي راءِ جو هن ريت اظهار ڪيو آهي:
تجارت جو اهو تصور نهايت خطرناڪ آهي، جيڪو عام طور
تي
تاريخ
جا ڄاڻو سمجهندا آهن ته تجارت جو قديم طريقو
موجوده تجارتي طريقي جهڙو هو، جنهن جي صنعت ۾ شين
جو استعمال نظر اچي ٿو. ان کان پوءِ سرمائيداري
(Capitalism)
اُڀري اچي ٿي ۽ بئنڪنگ جو هڪ مربوط نظام وجود ۾
اچي ٿو. اڳئين زماني ۾ آرائشي سامان جي مٽاسٽا
هلندي هئي، جيڪو وقت جي حڪمران
ڏن
(Tribute)
طور پيش ڪيو ويندو هو. دربار جي اميرن ۽ نوابن کي
سوکڙيون پاکڙيون پيش ڪيون وينديون هيون.
اهڙا ڏن
۽ سوغاتون ان وقت ڏنيون وينديون هيون، جڏهن زرعي
علائقي کان مالوندن جي جوءِ ۾ وينديون هيون، جتي
پوکي راهي ممڪن ڪانه هوندي هئي. ان قسم جي وهنوار
۾ ٻئي ڌريون هڪٻئي سان مختلف شين جي مٽاسٽا ڪنديون
هيون. اهو فقط تڏهن ٿي سگهندو هو، جڏهن ٻنهي سماجن
۾ امن ۽ آشتي هوندي هئي [39
].
هن قسم جو قديم واپار معاشري جي مختصر ماڻهن تائين
محدودهوندو هو. انهيءَ ڪري ٻن يا گهڻن گروهن اندر
سماجي ثقافتي تعلقات
(Socio Cultural Relations)
پيدا ٿيندا هئا. اهي فطري ۽ سماجي، باهمي تعلقات
هوندا هئا. تجارت جي ڪري اڳيئي
موجود بهتر تعلقاتن ۾ وڌيڪ مضبوطي اچي ويندي هئي.
انهيءَ ڏيتي ليتيءَ کي نيڪ نيتي جو اهڃاڻ سمجهيو
ويندو هو. اهڙن تعلقاتن وسيلي هرڪا ڌر پاڻ تي اهو
فرض سمجهندي هئي، ته آئيءَ ويل ڏکن ڏاکڙن ۾ هڪٻئي
جي لاءِ اجها ۽ آڌار ثابت ٿين. ماحوليات جي نقطهء
نظر کان اهي تعلقات خطرن جي پکيڙ
(Spread of Risk)
هئا يعني خوف ۽ خطرا ٻنهي ڌرين جي علائقن ۾ هڪجهڙا
پکڙجي ويندا هئا. ان جو مفهوم اهو هو، ته جيڪڏهن
هڪ ڌر ڏڪار جي ڏچي ۽ دشمن جي حصي جي ور چڙهي ويندي
هئي، ته ڏيتي ليتيءَ جي وهنوار ڪرڻ واريءَ ڌر کي
اڳتي وڌي سهائتا ڪرڻ جي نينڍ ڏني ويندي هئي.
تنهن ڪري تجارت جي وصف کي هن ريت بيان ڪري سگهجي
ٿو:
انساني آمدورفت وسيلي تجارتي شين جي مٽاسٽا جي
مقصد سان چرپر [40
]، هن تجارتي ماحول لاءِ وڌيڪ مناسب لفظ “مٽاسٽا”
آهي. هن قسم جي مٽاسٽا
(Exchange)
واري ڌنڌي ۾ ٻن ڳالهين جي موجودگيءَ جو تاثر ملي
ٿو. پڙهندڙ کي محسوس ٿيندو، ته هن ڪتاب ۾
”مٽاسٽا“
جهڙي لفظ جو گهڻو ورجاءُ آهي. ان جو ڪارڻ به اهو
آهي، ته جڏهن تجارت لفظ جي معنيٰ ۽ مفهوم مختلف
آهي، جيڪو مٽاسٽا کان وسيع آهي، جنهن جي وصف مٿي
بيان به ڪئي وئي آهي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو، ته
تجارت جي دائري ڪار جو افق وڌيڪ وسيع آهي. ڪلا رنگ
(Kula Ring)
کان وٺي پولاچ
(Pollatch)
تائين. آمريڪا جي تجارتي جڳهين کان هندستان جي
انگريزن جي ڪارخانن تائين ۽ اتان کان سـمير
(Sumer)
جي عبادتگاهن تائين، چين جو اناج سرحدي لاڏائو
قبيلن تائين پهچڻ، اهڙين ڳالهين جا مثال آهن،
جيڪڏهن تفصيل ۾ وڃبو ته معلوم ٿيندو ته مٿي بيان
ڪيل ماڳن وچ ۾ ٿيندڙ تجارتي شين جي مٽاسٽا جدا جدا
طريقن سان هلندي هئي. جيڪڏهن هن معاملي ۾ اسان
اوون
لئٽيمور جي نقطهء نظر کي صحيح سمجهندا سون يا ڪارل
پولاني ۽ ڪولن رينفريو جي اصولن کي
درست
تصور ڪريون، ته پوءِ هرهڪ صورتحال لاءِ سوالن جو
هڪ وڏو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو. مثال هڪ سوال يا
سوالن جو هڪ سلسلو هي به آهي، ته تجارت جو اهو
يقين جوڳو طريقو ڪهڙو هو يا صحيح واپار جو طريقو
ڪيئن ظهور ۾ آيو، يا ڌرين جي وچ ۾ موجود تجارتي ڏي
وٺ جا لاڳاپا سماجي - ثقافتي
لاڳاپن
جي ڪري اڳيئي موجود هئا يا نه؟ ٻين لفظن ۾ هن ريت
به چئي سگهجي ٿو، ته اهڙي مٽاسٽا، سماجي - ثقافتي
لاڳاپن
ڪري هئي يا سماجي ثقافتي تعلقات مٽاسٽا جي ڪري
وجود ۾ آيا؟ پر جيتري قدر گجرات جو سوال آهي، ته
اهو پڇي سگهجي ٿو ته سنڌو تهذيب جي ماڻهن، آهيڙين
۽ ڏوٿين وچ ۾ ٿيندڙ مٽاسٽا جي ابتدا هنن ڌرين تي
ڪهڙو اثر پيدا ڪيو هوندو؟ پيدا ٿيندڙ تجارت جي ڪري
سنڌو تهذيب جي حڪمرانن ۽
ڏن
ڏيندڙن جي وچ ۾ ڪهڙي قسم جا تعلقات موجود هوندا؟
ڇا ان زماني ۾ سنڌو تهذيب جي ماڻهن جا رويا اڳرائي
پسند
(Aggressive)
ڪونه هوندا؟ ڇا ڏيتي ليتي جو اهو حصو اهم ڪونه
هوندو؟ ڇا هنن ٻنهي ڌرين ۾ سماجي ثقافتي
لاڳاپن
جا ڪهڙا نتيجا نڪري نروار ٿيا هوندا، جن جي طرز -
زندگيءَ ۾ زمين آسمان جيترو فرق موجود هوندو؟ تنهن
ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته اهڙن تعلقاتن ڪري
آهيڙي ۽ ڏوٿي سماجن ۾ هڪ وڏي تبديلي آئي هوندي.
سماجي ثقافتي تبديليءَ واسطي هنن عنصرن جهڙوڪ:
اقتصادي ميدان ۾ نين تيار ٿيل شين جو اچڻ، دولت جي
فراواني ڪري مختلف فردن جي سماجي حيثيت ۾ فرق اچڻ،
پيداواري ذريعن جهڙوڪ: ٽامو، عقيق پٿر ۽ ابرق پٿر
(Steatite)
کي ڪتب آڻڻ، جن کي اڳ ۾ غير اهم شيون سمجهيو ويندو
هوندو، خاص هنڌ (جاءِ وقوع) ڪري مختلف علائقن جي
حدن تي امڪاني دعوائن جي سلسلي جو پيدا ٿيڻ وغيره.
اهڙي صورتحال ۾ هنن ڳالهين جو به قوي امڪان هوندو،
ته ٿوري ئي عرصي دوران انساني ادارن ۾ به ضرور
تبديلي آئي هوندي. اهڙي ماحول ۾ سماجي - ثقافتي
تبديلي هوريان هوريان ۽ مرحليوار ڪانه آئي هوندي
[41
].
ٻيا سوال ان وقت اٿن ٿا، جڏهن ماحولياتي فطرت جي
لاڳاپن
تي سوچيون ٿا، جيڪي گجرات واري علائقي ۾ قائم ٿي
چڪا هئا. رچرڊ فاڪس جو جديد دؤر جي آهيڙي - ڏوٿي
ماڊل وسيلي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ٿو، ته پيٽ
گذر لاءِ ٺاهيون ويندڙ شيون باهمي
لاڳاپن
جي قيام لاءِ لازمي عنصر هونديون آهن. ڇا اهڙيون
ڳالهيون تاريخ کان اڳ واري گجرات لاءِ به صحيح ٿي
سگهن ٿيون؟ موجوده دؤر جي شين جي آڌار تي چئي
سگهجي ٿو، ته “نه”. پر اها به هڪ حقيقت آهي، ته
اهڙين مناسب قديم جڳهين جي نه کوٽائي ٿي آهي، نه
وري انهن بابت ڪي رپورٽون ظاهر ڪيون ويون آهن، جن
وسيلي اهڙن تعلقاتن جي موجودگيءَ جي معلومات ملڻ
جو امڪان هو. ان کان سواءِ هڪ سياسي ماحول کي ڳولڻ
لاءِ به جاچ پڙتال ڪئي وڃي. مثال طور: لوٿل ۽
ڀرپاسي ۾ موجود آهيڙي ۽ ڏوٿي قبيلن ۾ هڪ سياسي ۽
فوجي اتحاد هوندو، هڪ نه ٻيءَ شڪل ۾ ضرور هوندو.
ڇاڪاڻ ته هر دؤر ۾ ٻاهريون خوف خطرو موجود هوندو.
تنهن ڪري خطري جو سماجي ۽ ثقافتي نقطهء نظر کان
هنڌين ماڳين پکڙجي وڃڻ واري ڳالهه کي نظرانداز ڪري
ڪونه ٿو سگهجي. هن معاملي ۾ هيءَ ڳالهه به
دلچسپيءَ کان خالي ڪانه آهي، ته لوٿل هڪ خطرناڪ
جاءِ وقوع
(Location)
تي قائم ٿيل ماڳ آهي. جنهن جي سر تي سدائين خوف
خطري جي تلوار لڙڪندي رهندي هئي. هن شهرجي ڀرسان
ٻي ڪا انساني وسندي موجود ئي ڪانه هئي، جيڪا ڏکئي
وقت
۾ هن کي سڏ ۾ سڏ ڏئي سگهي. ٿوري ترميم ڪرڻ کان
پوءِ رچرڊ فاڪس جو بيان ان اقتصادي نظام جي وڏي
حصي جي پس منظر لاءِ صحيح مفروضو ثابت ٿي سگهي ٿو،
جنهن اندر قديم زماني ۾ لوٿل جو شهر موجود هوندو.
اهو مفروضو لوٿل جي جاءِ وقوع کي چڱيءَ ريت سمجهڻ
۾ مدد ڪري ٿو ۽ اهو سبب به معلوم ٿي وڃي ٿو، ته
هيءُ شهر ايڏو ڳتيل ڇو هو؟ لوٿل جو شهر فقط پيٽ
گذر جي مقصد سان ڪونه تعمير ڪيو ويو هو، جنهن ۾
سمهڻ وارا ڪمرا وڏا هئا. هيءُ شهر جتي کپت جو
تيار مال ۽ اڻ مڪمل تيار مال ٺهندو هو. بعد ۾ اهو
تيار مال تجارتي مقصد لاءِ ٻين شهرن ڏانهن موڪليو
ويندو هو. جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل مفروضو صحيح آهي،
ته پوءِ لوٿل جا ڪاريگر اهو سارو تيار مال فقط
لوٿل جي استعمال لاءِ ڪونه ٺاهيندا هوندا. ان مان
ڪجهه تيار مال ڪچي ۽ اڻ تيار مال جي مٽاسٽا لاءِ
به ڪتب آندو ويندو هوندو. باقي تيار مال ٻيڙين
۾لڏي چانهوءَ جي دڙي ۽ موئن جي دڙي وارن شهرن
ڏانهن موڪليو ويندو هوندو. اهو به هڪ مفروضو آهي،
ته لوٿل جو ڪجهه تيار ٿيل تجارتي مال سامونڊي
تجارت وسيلي سنڌو سڀيتا جي اندرين تجارتي مرڪزن کي
پهچندو هوندو يا نه!
جاگرافيءَ مان هڪ دلچسپ ماڊل تيار ڪيو ويو آهي،
جيڪو لوٿل کي وڌيڪ سمجهڻ جي ڏس ۾ ضرور سهائتا
ڪندو. ان ماڊل مان پتو پوي ٿو ته لوٿل درآمدي ۽
برآمدي ڦاٽڪ
(gate
way)
هوندو هو.
جاگرافيءَ ۾ برآمدي ڦاٽڪ
(gateway)
جو لفظ عام ڏسبو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو تيار مال جي
ڪتب آڻيندڙ ماڻهن لاءِ هڪ بهتر تصور جو مالڪ شهر
هو. اهڙا برآمدي ڦاٽڪ يا لنگهه مختلف شهرن لاءِ
آمدورفت لاءِ گذرگاهه هوندا آهن. هن لفظ ۾ هڪ
متحرڪ خاصيت آهي، جنهن جي معنيٰ آهي جسماني چرپر ۽
مختلف تجارتي مال جي اچ وڃ. پر ان برآمدي ڦاٽڪ يا
لنگهه اندر ڪي غير متحرڪ خوبيون به ٿينديون آهن.
ڪن بند ڳالهين اندر ڪي کليل حقيقتون موجود هونديون
آهن، جن جو تعلق شهر جي ديوار ۽ سرحد سان هوندو
آهي. شهرن جي برآمدي ڦاٽڪ واري حيثيت معنيٰ لنگهه
واري وسندي آهي، جنهن ۾ مٿي بيان ڪيل تجارتي
آمدورفت واريون خاصيتون موجود هونديون آهن. اهڙيءَ
ريت برآمدي ڦاٽڪ
(gateway)
۽ برآمدي دڳ وارن شهرن جي حيثيت مختلف علائقن،
پرڳڻن ۽ مختلف سماجن جي ماڻهن لاءِ ڳانڍاپي واري
هوندي آهي. اهڙن شهرن مان تيار مال ٻين علائقن
ڏانهن برآمد ٿيندو آهي. ۽ مختلف علائقن کان درآمد
ٿيندو آهي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو، ته هي شهر
مختلف تجارتي شين جي ميلاپ جا ٿاڪ به ٿيندا آهن.
اهي اهڙي جڳهه تي قائم ڪيا ويندا آهن، جتان
اقتصادي رستا ڦٽندا آهن. ايئن معلوم ٿيندو آهي، ته
اهو شهر هڪجهڙن نسلن جو وچُ هوندو آهي [42]. ڇاڪاڻ
ته اهڙيون وسنديون غير متحرڪ ٿينديون آهن ۽ انهيءَ
هڪ جاءِ تي بيٺل شهر کان ماڻهو ۽ تجارتي مال متحرڪ
ٿيندو آهي. تنهن ڪري انهن جي خاصيت نقل ۽ حرڪت
(Transportation)
واري هوندي آهي ۽ اهڙي جاءِ وقوع
(Loation)
تي هوندا آهن، جتان چرپر نهايت آسانيءَ سان ٿي
سگهندي آهي. ان قسم جي شهر کي وڌيل آمدورفت جي
مسئلن کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو آهي. پوءِ جيئن شهر
وڏو ٿيندو ويندو، ته اهڙي ممڪن صورتحال کي منهن
ڏيندو ويندو. درآمدي ۽ برآمدي ڦاٽڪ وارن شهرن کي
مرڪزي حيثيت رکندڙ ماڳن سان ڀيٽائي سگهجي ٿو.
شايد اها ڀيٽ شهر جي مصروف ايراضيءَ سان ڪري سگهجي
ٿي. جيڪڏهن مرڪزي جاءِ جي
وصف
ڪبي ته مذڪوره جڳهه اهڙو مرڪزي ماڳ هوندو آهي،
جتان اقتصادي مدد ملندي آهي. جڏهن ته ڦاٽڪ شهر هڪ
ڇيڙي تي قائم اها وسندي هوندي آهي، جنهن کي پنهنجي
خاص اهميت جي ڪري مرڪزي حيثيت حاصل هوندي آهي [43
].
شهر جي مصروف ايراضي شڪل ۽ صورت ۾ بي ترتيب هوندي
آهي ۽ بي
ترتيب
طريقن سان شهر جي اصل ايراضيءَ کان پري هلي ويندي
آهي. ٻي ڳالهه ته درآمدي ۽ برآمدي ڦاٽڪ وارو شهر،
تجارتي گهڻي مال ۽ وڏي صنعت جو مرڪز ٿيندو آهي.
تنهن ڪري اهڙي ايراضي شهر جي هڪ پاسي ڏانهن وڌندي
ويندي آهي ۽ شهر جي حدن کان ٻاهر نڪري ويندي آهي.
برآمدي ڦاٽڪ واري شهر جي هن نقطهء نظر ڪري لوٿل
شهر لاءِ گهڻو ڪجهه چئي سگهجي ٿو. ڦاٽڪ شهر لاءِ
چيو ويندو آهي، ته اهو سرحد يا دنگ تي واقع هوندو
آهي ۽ انهن علائقن جي وچ ۾ ڳانڍاپو هوندو آهي،
جتان مختلف قسمن جو ڪچو مال ان ڦاٽڪ واري شهر
ڏانهن ايندو آهي ۽ اهڙي حيثيت جو هڪ ڪارج به هوندو
آهي. لوٿل وارو ماڳ به اهڙين خوبين ۽ خاصيتن واري
وسندي آهي، جيڪو آهيڙي، ڏوٿي ۽ سنڌو سڀيتا جي
ماڻهن جي وچ ۾ ڳانڍاپو رهيو آهي. جيڪڏهن هن
وسنديءَ جي طرز ڏانهن نظر ڪبي ته ڪچي مال جي درآمد
۽ تيار مال جي برآمد بابت سوچبو ته هيءُ لوٿل وارو
شهري ماڳ اتر گجرات جي نهايت بهتر ٿاڪ تي واقع
آهي. هن شهر جون جاگرافيائي خاصيتون به بي ترتيب
نظر اينديون آهن. تنهنڪري هيءَ وسندي مٿئين بيان
سان ٺهڪي بيهي ٿي ۽ مٿي بيان ڪيل برآمدي ۽ درآمدي
ڦاٽڪ واري شهر جو ڄڻ ماڊل آهي. هيءَ وسندي کوٽائي
ڪندي اوچتو ظاهر ٿي پئي هئي. جنهن جي ويجهو اوڏو
اهڙي ڪاٻي وسندي ڪانه آهي، جنهن سان هن کي ڀيٽائي
ڏسجي. هيءُ شهر هڪ صنعتي علائقي هئڻ سان گڏوگڏ
اهم تجارتي مرڪز به هو. ان کان سواءِ سنڌو تهذيب
جي اهم شهري علائقن کان به گهڻو پري هو، جتان هن
شهر کي مدد ملڻ جو امڪان هجي. تنهن ڪري چئي سگهجي
ٿو، ته هن شهر جي تجارتي پيداوار جي اوسر جو
دارومدار انهن ماڻهن تي هو، جن جو تعلق سنڌو تهذيب
سان ڪونه هو، جيڪي سنڌو سڀيتا جي دنگ تي پنهنجا
اجها اڏيو ويٺا هئا. هن ڳالهه مان هڪ حقيقت واضح
ٿي وڃي ٿي، ته هن شهر کي اچ وڃ جا ڀروسي جوڳا
وسيلا هئا. معلوم ٿئي ٿو، ته هتي گودي آهي. جنهن
ڪري هيءَ ڳالهه اخذ ڪري سگهجي ٿي، ته ان جي تجارت
سمنڊ وسيلي هلندي هوندي. ڇاڪاڻ ته
سُمير
جي رٿابنديءَ مان ايئن محسوس ٿي رهيو آهي، ته
خشڪيءَ وسيلي اهڙي تجارتي آمدورفت ڪڇ جي رڻ وسيلي
هلندي هوندي، جيڪا ڌنار لاڏائو قبيلن معرفت قائم
هوندي. ممڪن آهي ته اها نقل و حرڪت ٻين وسيلن سان
به هلندي هجي، جن ۾ ڪي ماهر ماڻهو به شامل هجن.
اهڙي ڳالهه صورتحال مان ڪڍي ڪئي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته
قديم آثارن سان لاڳاپيل اهڙي شاهدي موجود ڪانه
آهي.
اختصار
هن ڳالهه لاءِ قديم آثارن سان لاڳاپيل شاهديون پيش
ڪري سگهجن ٿيون، ته ٻي هزاري ق.م
(Third Millennium B.C)
دوران اتر گجرات ۾ آهيڙي ۽
ڏوٿي سماج موجود هئا. امڪان آهي ته اهي ماڻهو هن
دؤر کان اڳ ئي هتي موجود هوندا. غير اهم، پر مناسب
ثقافتي شين جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو، ته هتي جا
ماڻهو سنڌو سڀيتا جي ماڻهن سان شين جي مٽاسٽا ڪندا
هئا. اهڙي مٽاسٽا سنڌو ماٿريءَ جي وسندين تائين
پکڙيل هئي. هنن ماڻهن جي قائم ڪيل وانڍين مان
اهڙيون شيون مليون آهن، جن جي آڌار تي چئي سگهجي
ٿو، ته اهي آهيڙي ۽ ڏوٿي سنڌو تهذيب جي ماڻهن سان
شين جي مٽاسٽا ڪندا هئا. اهڙيون ڳالهيون پڌري پٽ
ٻڌائين ٿيون، ته ان مصروف تجارت جو مرڪز لوٿل جو
شهر هو. هن وسنديءَ اندر اهڙيون رد نه ٿيڻ جوڳيون
شاهديون آهن. جن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو، ته هتي
بهترين قسم جو ۽ گهڻو تجارتي مال تيار ٿيندو هو.
جيڪو هن شهر جي ماڻهن جي کپت کان وڌيڪ هو ۽ انهن
سنڌي وسندين جي کاپي کان به گهڻو هو، جيڪي هن شهر
کان پري اوري واقع هيون. اهو هڪ اهم نقطو ۽ حقيقت
آهي، ته لوٿل سنڌو سڀيتا جي سرحد تي آهي، جيڪو
مٽاسٽا واري مفروضي کي صحيح ثابت ڪري ٿو.
Bibliography & References
[1] J.B. Mitchell, Historical
geography
(London: Methuen, 1954), pp. 84-65.
[2] This chronology is based on the occurrence
of the so-called Red Polished Ware. This ceramic
may extend back as far as the second or third
century B.C. For a general discussion see S.R.
Rao, "Excavations at Amreli," Bulletin of the
Baroda Museum and Picture
gallery,
vol. 18 (1966).
[3] There is little direct evidence to suggest
that these rivers were entrenched during the
Harappan period. Observations at the heads of
the modern mullah system which connect to these
rivers indicate that they are completely grass
covered today. This indicates that erosion, at
least in this locus, is not currently active. It
shold also be noted that portions of sites near
the river banks are frequently truncated, in a
way which suggests that some lateral expansion
of the width of question as to whather or not
these rivers were entrenched is one further
problem which should be systematically addressed
in future research. For the purposes of this
duscussion it will be assmued that in this
regard the distant past was not significantly
different from the present and that the rivers
were entrenched during the Harappan period.
[4] This figure has been derived from Appendix
A.
[5] See Dhavalikar and Possehl, "Subsistence
Pattern," with references for these figures.
[6] I am foreed to note that there is some
chance that this population estimate could be
substantially incorrect. There is, first, no
assurance that every one of the five sites noted
here was occupied at exactly the same moment in
time. It is only certain that they fall
somewhere within Sub-period II B.C. Moreover,
the population estimate does not include
subsistence specialists such as pastoral nomads.
[7] For these estimates see Walter A.
Fairservis, "The Origin, Character and Decline
of an Early Civilization"; Lawrence S. Leshnik
"The System of Dry Farming in the
west
Nimar District of Central India," Jarbuch des
Sudasien Institute der University at Heidelberg,
1967, pp. 56-74, and M.K. Dhavalikar and G.L.
Possehl "Subsistence Pattern."
[8] Lawrence S. Leshnik, "Prehistoric
Exploration in North Gujarat and Parts of
Rajasthan," East and West 18, nos. 3-4 (1968) :
p.295.
[9] R. Wallace, India in 1887 (Edinburgh :
Edinburgh University Press, 1888), pp. 180-81.
[10] See EAR, p. 172. Bajra seeds were recovered
from Rangpur III.
[11] The first of these sites to have been
excavated is Desalpur. See IAR : 1964-65, pp.
11-12. Surkotada is the second site excavated in
Kutch. This excavation was a major one which
exposed approximately one-half of the site's
surface area. See J.P. Joshi, "Fresh Light on
the Archeaology of Kutch," Archaeological
Congress and Seminar Papers (Nagpur : India
Archaeological Society, 1972). pp. 21-35, and
"Exploration in Kutch and Excavation at
Surkotada and New Light on Harappan Migration,"
Journal of the Oriental Institute, nos. 1-2
(1972), pp. 98-144. This author had the good
fortune of visiting Surkotada in the company of
the excavator, J.P. Joshi.
[12] EAR, pp. 205-7.
[13] A Complete list of all sites of Harappan
affiliation in
gujarat
is given as Appendix A.
[14] Examples can be taken from early work such
as G.R. Willey, "Prehistoric Settlement Patterns
in the Viru Valley. Peru," or that from the
present : Robert McC. Adams and Hans J. Nissen,
The Uruk Country side.
[15] See John Clarke, Population
geography
(oxford : Pergamon Press, 1965), pp. 138-52. The annual
population growth rate for the world between
1950 and 1960 was approximately 1.8 per cent as
taken from : United Nations, Demographic
Yearbook, 1961 (New York : United Nations,
1961). However, a figure of one percent has been
seriously questioned as one suited for long term
growth in perhistoric times. See R.L. Carneiro
and D.F. Hulse, "On Determining the Probable
Rate of Population
growth
During the Neolithic," American Anthropologist
48 (1966) : pp. 177-81.
[16] The issues involved in these hypothesized
events have been discussed elsewhere. See R.E.M
Wheeler, The Indus Civiliztion, pp. 126-34 for
the most general treatment. Walter A. Fairservis,
"The Chronology of the Harappan Civilization and
the Aryan Invasions," Man 56, no. 173 (1956) :
pp. 153-56 is a fine treatment of the
aryan
problem. For the flood theory see R.L. Raikes,
"The End of the Ancient cities of the Indus,"
American Anthropologist 66 (1964) : pp. 56-68,
H.T. Lambrick, 'The Indus Flood Plain and the
Indus Civilization,"
geographical
journal
133 (1967) : pp. 483-95, and
gregory
L. Possehl, "The Mohen jo daro Floods : A
Reply," American Anthropologist 69 (1967) : pp.
32-40.
[17] E.W. Haury, "Evidence at Point of Pines for
a prehistoric Migration from Northern Arizona"
in Migration in new world Culture history, ed.
R.H. Thompson (Tucson University of Arizona
Press, 1958), pp. 1-8.
[18] See the section of this chapter titled
"Lothal and North Gujarat,"
[19] F. Barth, Nomands of South Persia (new
york
: Humanities Press, 1961).
[20] Fairservis, Jr., "The Origin, Character and
Decline of an Early Civilization."
[21] Leshnik, "Prehistoric Exploration in North
Gujarat and Parts of Rajasthan," pp. 309-8,
Leshnik also visited the village of Sujnipur
near pathan
in Mehsana District in North Gujarat. An
Harappan site of Sub-period III has been
reported in this vicinity. See Appendix A.
Leshnik was however unable to locate this site
and its existence and chronological position
must be placed in doubt.
[22] Information kindly supplied by the M.S.
University of Baroda.
[23] For example "microliths"
have been reported from several sites in
Surashtra. Rojdi, Amreli and Rangpur. An
examination of the appropriate reports and some
of the original specimens has convinced this
author that these reports are dealing with only
"small stone tools" which have no necessary
relationship to a particular genre da vie. There
is one technological feature which can be used
to separate the "microliths"
as defined below, from the small stone blade
industries associated with the Late Harappan
occupants of Gujarat. In the latter case a core
preparation technique known as the "crested
guiding ridge" is extensively utilized. This
feature is not found in the "microlithic"
hunting and gathering sites of
north
Gujarat and Rajasthan, see, H.D. Sankalia,
Excavations at Langhnaj : 1944-63. Archaeology
(Poona : Deccan College, 1965).
[24] Gregory L. Possehl, Variation and Change in
the Indus Civilization. Unpublished PhD
Dissertation, University of Chicago (1974) : p.
213-26.
[25] There is an extensive bibliography for this
site. The final report covering several season
of excavation between 1944 and 1963 has been
published in three parts : H.D. Sankalia,
Excavations at Langhnaj : 1944-63, Archaeology;
Juliet Clutton-Brock, Ecavations at Langhnaj :
1944-63, The Fauna (Poona : Deccan College,
1965); and s. Ehrhardt and K.A.R. Kennedy,
Excavations at Langhnaj : 1944-65, The Numan
Remains (Poona : Deccan College, 1965).
Substantive periodic reviews of the site are
available in H.D. Sankalia and I. Karve, "Early
Primitive Microlithic Culture and the People of
Gujarat," American Anthropologist 51 (1949) :
pp. 28-34; H.D. Sankalia, "Excavations at
Langhnaj. Gujarat, "Man 55 (1955): p.26. "The
Micro lithic Industry of
langhanj,
Gujarat." Tournal of the Karve-Corvinus and
K.A.R - to pp.44-57, pp. 275-84; and
g.
Karve-Corvinus and K.A.R.
[26] See Clutton-Broch, Excavations at Langhnaj
: 1944-63, The Fauna, pp. 4-5 for species list.
[27] D.P. Agrawal and S.
kusumgar,
"Tata Institute Radiocarbon Date List VI,"
Radiocarbon 11, no. 2 (1969) : p. 191.
[28] V.N. Misra, "Cultural Significance of Three
Copper Arrowheads from Rajasthan, India,"
Journal of Near Eastern Studies 9 (1970): p.
232. Domesticated sheep and goats are also
associated with this site.
[29] Jerome Jacobson, "Cultural Correlates of
Some Microlithic Sites in Central india" paper
presented at the 68the Annual Meetings of the
American Anthropological Association, New
Orleans, November 23, 1973.
[30] Hegde, "Metalluragical Analysis," in
Excavations at Langhnaj " 1944-63, Archaeology,
ed. H.D. Sankalia, pp. 66-67.
[33] As has been noted above the site is not yet
published in final form. A bibliography of
primary sources has been given above in the
chronology section of Chapter III.
[34] Lawrence S. Leshnik, "The Harappan 'Port'
at Lothal : Another view," American
Anthropologist 70, no. 5 (1968) : pp. 911-22.
[35] Richard Fox, 'Professional Primitives' :
Hunters and gatherers of
nuclear
South Asia," Man in India 49, no. 2 (1969) : pp.
141-42.
[36] K. Polanyi, C.M. Arensberg, and H.W.
Pearson, Trade and Market in the Early Empires (new York : Free Press, 1957).
[37] Ibid., pp. v-xi.
[38] Colin Renfrew, "Trade and Culture Process
in European
history,"
Current Anthropology 10, nos. 2-3 (1969) : p.
152.
[39] Owen Lattimore, "Inner Asian Frontiers of
China," American
geographical
Society Research Series, no. 21 (1940), p. xlii.
[40] Renfrew, "Trade and Culture Process in
European
History," p. 152.
[41] See Robert McC. Adams, "Anthropological
Perspectives in Ancient Trade," Current
Anthropology, no. 3 (1974), pp. 239-58. In the
paper Adams makes this important point
concerning the gradualist evolutionary view of
Cultural change and another which sees the
importance of short periods of rapid change. It
is possible to see this view expressed in its
nascent form in his Evolution of Urban
society (chicago
: Aldine, 1966) where he questions the utility
of the steadily progressing ramp of culture
change over that of a step model.
[42] A.F. Burghardt, "A Hypothesis About
gateway
Cities," Annuls of the Association of American
geographers
61, no. 2 (1971): p. 270.
[43] Ibid., pp. 269-70. |