مسئلو
هن مصنف سنڌو سڀيتا جو ابتدائي مطالعو ڪيو آهي ۽
ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو آهي، ته هن سڀيتا جي
مکيه ٻن مرحلن جي چڱيءَ ريت سمجهاڻي ڏئي سگهجي ٿي
[5] جن مان هڪ قديم ترقي يافته شهري ثقافت جو
مرحلو
(Earlier Mature Urban Phase)
آهي. جڏهن ته ان جو ٻيو مرحلو، شهري ثقافت کان
پوءِ وارو مرحلو
(Post Urban Phase)
آهي. انهن ٻنهي مرحلن کي پنهنجي پنهنجي دؤر جي
ثقافتي شين جي گڏيل طرزن ۽ نمونن مان اخذ ڪري
سگهجي ٿو. هيءُ هڪ بنيادي اهم نقطو آهي، جتي دؤر
جي تبديليءَ کي ثابت ڪري سگهجي ٿو. پر تحقيق ۾
وڌيڪ ڌيان شهري ثقافت کان پوءِ واري مرحلي
(Post Urban Phase)
جي
وصف
(Definition)
ڏانهن مرڪوز ۽ خاصيتن
(Characterization)
ڏانهن مرڪوز ڪيو ويو آهي. جنهن کي دؤر جي تبديلي
واري سڌي ۽ سادي تعارف
(Introduction)
کان وڏي اهميت حاصل آهي. اها ڳالهه ان تصور ۾
تبديلي آڻي ڇڏي ٿي، ته سنڌو تهذيب ختم ٿي وئي آهي.
معلوم ايئن ٿي رهيو آهي، ته سنڌو تهذيب جي ترقي
يافته شهري ثقافت واري مرحلي ۾ خاص نوعيت ڏسڻ ۾
اچي ٿي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ ڌيان ئي ڪونه ڏنو ويو
آهي. هيءَ هڪ مشهور حقيقت آهي، ته سنڌو تهذيب جا
ماڻهو ٻه وڏا شهر موئن جو دڙو ۽ هڙاپا خالي ڪري
هليا ويا هئا. اهو دؤر قديم آثارن جي علمي اصولن
مطابق ثابت ڪري سگهجي ٿو. پر هيءَ تهذيب مٿين وڏن
شهرن جي خالي ٿي وڃڻ ڪري ختم ٿي ڪانه وئي هئي، پر
ٻين ننڍن شهرن ڏانهن منتقل ٿي وئي هئي. هن سان گڏ
سنڌوسڀيتا جي ترقي يافته شهري ثقافت ۽ اُن جي
پوئين مرحلي جي خاصيتن ۽ خوبين معلوم ڪرڻ لاءِ،
انهن دؤرن جي ٺڪر ۽ ٻين ثقافتي شين جي جاچ پرک ڪرڻ
ته نهايت ضروري آهي. انهن ڳالهين مان هيءَ حقيقت
ظاهر ٿي ويندي، ته هن تهذيب جي ثقافتي روايت ختم
ٿي ڪانه وئي آهي. هن تهذيب جي تسلسل بابت تحريري
ثابتيون ۽ تفصيل هن ڪتاب جي ٻئي باب ۾ ڏنا ويا
آهن. هن تهذيب جي خاتمي واري سبب کي به نهايت
خطرناڪ ٻڌايو ويندو آهي ۽ چيو ويندو آهي ته هيءَ
تهذيب قيامت خيز مرحلن مان گذري آخر ختم ٿي وئي
هئي. اهڙا ماڻهو ظاهر ظهور غلط آهن يا وري سوچ فڪر
جي نقطهء نظر کان بالغ ڪونه ٿا ڏسجن. تهذيب جي
خاتمي جي معنيٰ هيءَ ٿيندي، ته ثقافتي تاريخ جي
اهم واقعن جو اهڙو تسلسل جيڪو شهرن جي مرحليوار
زوال جو نقشو ٻڌائيندو هجي يا اهو تسلسل ان رستي
ڏانهن اشارو ڪندو هجي،
جنهن تهذيبي نظام کي بگاڙي کنا کيڙا ڪري ڇڏيو هجي.
معلوم ايئن ٿي رهيو آهي، ته شهرن اندر ثقافت جي
ٻين شعبن ۾ آيل تبديلين کي قلمبند ڪڏهن به ڪونه
ڪيو ويو آهي. اهڙو تصور رکندڙ ماهرن ثقافتي تاريخي
حقيقتون اهڙيون ته اڻ چٽيون ڏنيون آهن، جو جيڪڏهن
ڪو ماڻهو سنڌو تهذيب جي خاتمي جي ڪارڻن جو گهرو
مطالعو ڪندو، ته کيس اها حقيقت سمجهه ۾ ئي ڪانه
ايندي، ته آخر ڪهڙي ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
آهي؟ تنهن ڪري هن ڪتاب ۾ وڌيڪ ڌيان ثقافتي تاريخ
ڏانهن ڏنو ويو آهي ۽ سمجهڻ لاءِ انهن خالن کي ڀرڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ته سنڌو تهذيب جي شهري مرحلي
(Urban Phase)
تي پهچڻ وقت ۽ ان کان پوءِ ڇا ٿيو هو؟ هن ڪتاب ۾
جيڪڏهن پڙهندڙ سنڌو تهذيب جي خاتمي جي نئين نظرئي
کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو، ته کيس مايوسي ٿيندي.
سنڌو - تهذيب ۾ آيل تبديلين ۽ ڦيرين گهيرين جي
مطالعي واسطي گجرات علائقي جي قديم وسندين کي جاچ
پرک جو مرڪز بنايو ويو آهي. (ڏسو نقشو 1) - هي
علائقو اولهه هندستان سان واسطو رکي ٿو ۽ سنڌو -
تهذيب جي هڪ اهم صوبي جي حيثيت رکي ٿو. هن قسم جي
تحقيق لاءِ هيءَ ڪا اهم جڳهه ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته
هن علائقي جو جاگرافيائي نقطهء نظر کان تفصيلي
احوال موجود آهي. ٻي ڳالهه ته هتي قديم سنڌوتهذيب
جا ڪيترا ئي ماڳ موجود آهن، جن جو احوال چڱيءَ ريت
قلمبند ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري هن تهذيب جي تبديل
ٿيندڙ نظرئي کي گجرات ۾ جاچڻ، پڙهڻ وڌيڪ سولو ۽
ممڪن ٿي پوندو، ته هتي سنڌوتهذيب جي شهري مرحلي
(Urban Phase)
۽ ان کان پوءِ ڪهڙيون تبديليون آيون هيون. ان کان
پوءِ ايندڙ بابن ۾ هيٺ بيان ٿيل عنوان ڏنا ويا
آهن:
خاڪو 1: گجرات جا علائقا ۽ مکيه جايون
خاڪو 2
1. گجرات وارو ماڳ :
چراگاهن سان لاڳاپيل هڪ جوءِ هئي، جتي سنڌو تهذيب
جي شهري مرحلي (ترقي يافته شهري ثقافت وارو دؤر)
دوران موسمن جي تبديلي مطابق سنڌ ۾ هڙاپا جا ماڻهو
اچي گڏ ٿيندا هئا. (2) ڊرامائي طور اهڙن ڳوٺن جي
تعداد ۾ اضافو اچي وڃڻ، جيڪي پوکي راهي جا به اهم
مرڪز بڻجي ويا. اهي ماڻهو موئن جي دڙي ۽ هڙاپا جي
ڦٽي وڃڻ ڪري لڏي پلاڻي اچي گجرات واري علائقي ۾
ويٺا هئا. (3) هن علائقي جو ترقي يافته اڪيلو شهر
لوٿل
(Lothal)
هو (ڏسو نقشو 2). هن ماڳ جي ترقي يافته شهري تهذيب
دؤر
(Mature Urban Culture al period)
۽ شهري ثقافت کان پوءِ واري مرحلي
(Post Urban Phase)
دوران ڪهڙي اقتصادي حيثيت
هوندي هئي؟
گجرات واري علائقي کي هن قسم جي تحقيق لاءِ ان ڪري
چونڊيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ سنڌو تهذيب جو
نهايت اهم خطو آهي. اهڙيءَ ريت سمجهيو پئي ويو ته
هن تهذيب کي جن تبديلين متاثر ڪيو آهي، تن جي ان
اثر کي مجموعي طور حساس طريقي سان قلمبند ڪري
سگهجي ٿو، جيڪو سنڌو تهذيب جي مرڪزي علائقي طور
وڌيڪ نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻين لفظن ۾ هن ريت چئي
سگهجي ٿو، ته ڪن ڳالهين ۾ سمجهيو پئي ويو ته اها
تبديلي ٻين جڳهن کان وڌيڪ هن تهذيب جي حدن اندر
صاف ۽ چِٽي هئي. معلوم ايئن ٿي رهيو آهي، ته هي
تحقيقي ڪم جيئن جيئن اڳتي وڌي رهيو آهي، تيئن تيئن
محسوس ٿيندو پيو وڃي، ته اهو نقطهء نظر بلڪل صحيح
آهي.
گجرات اندر هي تحقيقي ڪم، هڪ تهه تي پهچي ڏاڍو
سولو ٿي ويو. تحقيق جي ان مرحلي دوران سنڌو سڀيتا
جي قديم آثارن جي روايتن سان هڪجهڙائپ رکندڙ وسيع
۽ اهم معلومات به هتان گجرات مان ئي ملي آهي. هن
مقصد خاطر چئن قديم ماڳن جي کوٽائي ۽ کوجنا ڪئي
ويئي هئي. اتان جي لاڌِ
(Finding)
جي آڌار تي،
هڪ سن وار ڍانچو
تيار ڪيو ويو هو. ننڍي کنڊ جي هن علائقي ۾ موجود
قديم ماڳن جون کوٽايون ڪري، هڪ سؤ نوي(190) اهڙا
ماڳ ظاهر ڪيا ويا، جن جو لاڳاپو
هڙپا
سڀيتا سان هو. اهڙي کوٽائيءَ ۽ کوجنا وسيلي لوٿل
(Lothal)
نالي هڪ قديم شهر به هٿ لڳو آهي، جنهن مان هٿ آيل
ثقافتي شين کي ڇاپي پڌرو پڻ ڪيو ويو آهي. صورتحال
مان لڳي ٿو، ته سنڌو تهذيب جي ترقي يافته شهري
ثقافت واري دؤر ۾ گجرات وارو هيءُ علائقو سنڌو
سڀيتا جو هڪ اهم
”اقتصادي
لازمي جزو“
هو. هن حقيقت جي پس منظر کي پڻ ثابت ڪيو ويو آهي،
ته گجرات، ٻيءَ هزاري ق.م
(Second Millennum B.C)
دوران سنڌو تهذيب جو اهم حصو
هو. هيءَ حقيقت به يقين سان بيان ڪري سگهجي ٿي، ته
سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت واري دؤر ۽ اُن کان
پوءِ واري ۽ وچ واري عبوري دؤر جي چڱيءَ ريت
ڇنڊڇاڻ به هتي گجرات ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿي.
جيئن
مٿي بيان ڪيو ويو آهي، ته سنڌو تهذيب جي شهري
مرحلي
(Urban Phase)
۽ شهري ثقافت کان پوءِ واري مرحلي
(Post Urban Phase)
جي جاچ پڙتال ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جو واحد ذريعو، هن قديم
ماڳ جي اڏاوتي طرز جو تحقيقي مطالعو هوندو. معلوم
هئڻ گهرجي، ته هر قديم ماڳ جون تعميري طرزون،
سماجي ۽ ثقافتي تسلسل جون عڪس هونديون آهن. جن جي
وسيلي اندازو لڳايو
ويندو
آهي، ته زمين کي ڪهڙن طريقن سان ڪتب آندو ويندو
هو؟ انتظامي وحدتون ڪهڙي طريقي سان ڪاروهنوار
ڪنديون هيون؟ سماجي گروهه ڪهڙي نموني سان ڪم ڪندا
هئا؟ تجارتي لاڳاپا ڪهڙيءَ ريت قائم هئا؟ خاص
خاندان ۽ عام ماڻهو ڪهڙن طبقن ۾ ورهايل هئا [6]؟
تنهن ڪري هنن وسندين جو تحقيقي مطالعو منطقي طور
قبل تاريخ کان اڳ واري حياتي ۽ ثقافتي تسلسل کي
سمجهڻ لاءِ هڪ ابتدائي نقطو هوندو. قديم وسندين
سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي حقيقتون موجود آهن، جن کي
تحقيقي نموني طور ڪتب آندو ويندو ۽ اهڙا قديم ماڳ
گجرات ۾
موجود
آهن.
تحقيق
هن جاچ پڙتال ۽ ڇنڊڇاڻ جي ڪم ۾ تحقيق جو اهو نمونو
ڪتب آندو ويو آهي، جيڪو سنڌو تهذيب جي ترقي يافته
دؤر
(Mature Urban Period)
۽ اُن کان پوءِ واري مرحلي دوران
گجرات جي قديم ماڳن جي جاءِ وقوع
(Location)
۽ قديم ماڳن کي ويجهو ويجهو قائم ڪرڻ واري لاڙي
مان اخذ ڪيو ويو آهي. ان ناتي فيلڊ ريسرچ
(Field Research)
محدود دائري اندر ڪئي وئي هئي. جڏهن ته تحقيقي طرز
جي جوڙجڪ مقامي صورتحال مان اخذ ڪئي ويئي هئي. هن
بحث جي نقطهء
نظر کان هن تحقيق کي ٽن مربوط حصن ۾ ورهائي سگهجي
ٿو.
اهڙيءَ ريت هن تحقيق جو پهريون حصو انهن عنصرن جي
ڇنڊڇاڻ سان لاڳاپو رکي ٿو، جيڪو ظاهر ۾ سنڌو سڀيتا
جي مختلف وسندين جي
جاءِ وقوع
(Location)
جي تعين ڪرڻ سان تعلق رکي ٿو. هن تحقيق جي تناظر ۾
ڏٺو ويو آهي، ته اهڙيون وسنديون ٻن ڳالهين کي ڏسي
اڏيون ويون ٿيون ڀانئجن. پهرين ڳالهه ته پاڻيءَ جي
وهڪري جي ويجهڙائي کي ضرور نظر ۾ رکيو ويو هو. ٻي
ڳالهه ته زمين جي زرخيزي کي ڏٺو ويندو هو. سوراشٽر
(Saurashtra)
جي ضلع ڀونگر
(Bhavnagar)
۾ وسيع پيماني تي کوٽائي ڪرائي وئي. ڏٺو ويو ته
اهڙيون وسنديون ٻن پوروڇوٽ وهڪرن جي ڪنارن سان
قائم هيون ۽ ڪي وري وسيع زرعي علائقن تائين به
پکڙيل ڏسڻ ۾ آيون. انهن وسندين جي کوٽاين ۽
کوجنائن مان معلوم ٿيو، ته سنڌو تهذيب جي ماڳن ۽
دريائي ماحول وچ ۾ هڪ مضبوط ۽ مربوط لاڳاپو موجود
هو. هنن درياهن جي ڇوڙ وٽ موجود زرعي زمينن ۾ وڌيڪ
کوٽائي ڪرائي وئي، جتان اهڙا ماڳ هٿ آيا، جتي ڪپڙي
اُڻڻ جا آڏاڻا هئا، جن جي اوسي پاسي واري زمين
ڪاري هئي، جنهن کي ڪاريءَ ڪپهه جي پوکي واري جاءِ
سڏي سگهجي ٿو. هيءَ گجرات جي روهه جي ترائيءَ واري
ڪاري جوُءِ آهي.
سنڌو تهذيب جي پوئين دؤر واريون وسنديون دريائي
ماحول ۾ موجود ڏسجن ٿيون. جتي ڪاري ڪپهه اُپائڻ جي
زمين هئي. معلوم ايئن ٿي رهيو آهي، ته اُن دؤر جي
ماڻهن جو پيٽ گذر ووئڻن جي پوکي راهيءَ سان
لاڳاپيل هوندو هو. هن تحقيق وسيلي ڪيل اندازي مان
پتو پئجي وڃي ٿو، ته گجرات جي دريائن جي ڪنارن،
سنڌو تهذيب جي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو هو.
ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن اهڙيون زمينون انهيءَ مقصد
سان اڳواٽ ئي صاف ڪري ورتيون هيون. ان کان سواءِ
هي به معلوم ٿي رهيو آهي، ته هن تهذيب جي پوئين
مرحلي جي ماڻهن وونئڻن جي اهڙي جنس پوکڻ ڏانهن
ڌيان ڏنو هو، جن ۾ ڪاري ڪپهه ٿيندي هئي. اهو به
معلوم ٿيو آهي، ته هنن ماڻهن هتي ٻاجهريءَ جي پوک
جو رواج به وڌو، جيڪو هڪ اهم کاڄرو اناج هو.
علائقائي نقطهء
نظر کان اهي وسنديون هڪ وڏي علائقي ۾ پکڙيل هيون،
جن جي جاچ پڙتال پڻ ڪئي وئي آهي. اتر گجرات واري
علائقي ۾ کوٽائي ۽ کوجنا کان اڳ هڪ سرسري جاچ
پڙتال ڪئي وئي هئي، جنهن مان پتو پيو ته هتي سنڌو
تهذيب جي ترقي يافته شهري ثقافت واري دؤر
(Mature urban cultural)
۽ شهري ثقافت، جي پوئين مرحلي
(Post Urban Phase)
سان لاڳاپيل ڪي به قديم ماڳ موجود ڪونه هئا.
باوجود ان جي سنڌو تهذيب جي ماڻهن جا ماڳ، ۽ ڪڇ
سوراشٽر ۽ ڏاکڻي سمنڊ جي ڪنارن تي موجود آهن.
هن کان اڳ واري قياس آرائي جنهن تحت کوجنائن ۽
کوٽاين جو ڪم جاري هو سا اها هئي، ته علائقائي
طرزن واري لاڙي کي قائم ڪونه رکيو ويندو. معلوم
ايئن ٿي رهيو هو، ته سنڌو تهذيب جا ماڳ اتر گجرات
۾ به ضرور موجود هوندا [7]. هن نقطهء نظر پٺيان
منطق اهو هو، ته اتر گجرات جو ماحول موئن جي دڙي ۽
هڙاپا جي علائقن جيان دريائي هو. ان هوندي به نظر
اچي رهيو هو، ته سنڌو تهذيب جي پوکي راهي سان
لاڳاپيل ماڻهوءَ اهڙي علائقي کي پسند ڪونه ڪيو هو.
معلوم ايئن ٿي رهيو آهي، ته ٻي هزاريءَ
(Second Millennium B.C)
دوران
آهيڙي
(Hunters)
۽ ڏوٿي
(gatherers)
لوڪن اچي هي علائقو وسايو هو. ڇاڪاڻ ته قديم دؤر
جي وسندين جي کوٽاين مان وچين پٿر جي دؤر
(Mesolithic Period)
جا اوزار مليا آهن.
هنن حقيقتن مان معلوم ٿي رهيو آهي ته ٻي هزاري ق.م
(Second Millennium)
دوران
گجرات واري علائقي ۾ سنڌو تهذيب جي هارين نارين
سان گڏ آهيڙي ۽ ڏوٿي قبيلا به هڪ ئي وسنديءَ ۾
جهڳا جوڙي ويٺا هئا. لانگهنج
(Langhanj)
واري قديم ماڳ جي کوٽائيءَ مان اهڙيون ثقافتي شيون
مليون آهن، جن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو، ته انهن
ٻنهي مختلف ڌنڌن وارن ماڻهن گڏجي ان وسنديءَ کي
آباد ڪيو هو. ان دؤر کي ريڊيو ڪاربان
(Radio Carbon)
وسيلي معلوم ڪيو ويو آهي، ته ٻنهي قسمن جون سهيوڳي
آهن. اهو به معلوم ٿيو آهي، ته اهي ماڻهو هڪ جاءِ
تي گڏ ويٺا هئا ۽ هڪٻئي سان اقتصادي ڏيتي ليتي به
ڪندا هئا. هنن ٻنهي سماجن جي ماڻهن جي زندگي گذارڻ
جو طريقو هڪجهڙو هو. جن ۾ پوکي راهي ڪندڙ هاري
ناري، آهيڙي
(Hunters)
۽ ڏوٿي
(gatherers)
شامل هئا. هن کان سواءِ لوٿل
جو هڪ منفرد شهر انهن ننڍن علائقن جي سرحدي پٽي
سان اڏيل نظر اچي ٿو. جن ۾ مٿي بيان ڪيل ٻن سماجن
جا ماڻهو [8] جنرس. ڊي وائي جي ڪلچرل جاگرافي واري
نظرئي مطابق
(genres
de vie)
رهندا هئا.
هي هندستان جي نسلي رڪارڊ مطابق هڪ منفرد ۽ عجيب
غريب نمونو
(Model)
آهي، جنهن کي هيٺ وڌيڪ تفصيل سان سمجهايو ويو آهي.
پهريائين هن تحقيق جي “ٻئي عنوان” مطابق وقت گذرڻ
سان سنڌو تهذيب جي وسندين جي نمونن
(Patterning)
۾ نظر ايندڙ تبديليءَ تي به خيال جو اظهار ڪرڻ
گهرجي.
ذڪر ڪيل کوٽائيءَ ۽ کوجنا ڪرڻ کان اڳ شروعاتي جاچ
پڙتال
(Pre Field work)
ڪئي وئي هئي، جنهن مان وري به ساڳئي قسم جي
معلومات ملي، ته خاص وقت دوران
سنڌو تهذيب جي وسندين اندر هڪ اهم تبديلي موجود
آهي. جيڪڏهن گجرات ۾ موجود سنڌو تهذيب کي لمبدي
(Lembdi)
(ڏسو
خاڪو
2- ص.23)
ڀرسان رنگپور
(Rangpur)
جي قديم ماڳ جي کوٽائيءَ مان مليل ٽن تهن جي
ثقافتي شين مطابق ٽن مرحلن ۾ ورهائبو، ته هيٺ ڏنل
نمونو ڏسڻ ۾ ايندو [9]. اهڙيءَ ريت پهريون مرحلو
2150 ق.م (2590 ق.م) [10] کان شروع ٿيندو ڏسڻ ۾
اچي ٿو، جيڪو ٽي سؤ سال هلي ٿو. گجرات اندر اهڙا
ارڙهن قديم ماڳ آهن، جن جو هن مرحلي سان واسطو
آهي. ان کان پوءِ ايندڙ مرحلو 1850 ق.م (2160 ق.م)
کان شروع ٿئي ٿو، جيڪو اڳتي هلي 1500 ق.م (1710
کان پوئتي 1690 ق.م) تائين هلي ختم ٿي وڃي ٿو. هن
مرحلي سان لاڳاپيل پنجانوي ماڳ نظر ايندا. ٽيون
مرحلو ته ٻئي مرحلي ختم ٿيڻ شرط شروع ٿي وڃي ٿو ۽
1200 ق.م (1400 کان 1380 ق.م) ۾ پڄاڻيءَ کي پهچي
ٿو. هن آخري مرحلي سان ويهن ماڳن جو تعلق ڏسجي ٿو.
جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل وقت دوران
سنڌو تهذيب جي وسندين جي تعداد ۾ حقيقي تبديلي
موجود آهي، ته پوءِ انهن ڏانهن اسان جو ڌيان ۽
انهن بابت اسان جي ڏنل سمجهاڻي اهميت کان خالي
ڪانه هوندي. پر هي وچور اهڙين حقيقتن جي آڌار تي
ڏنو ويو آهي، جن جي گڏ ڪرڻ ۾ ڪنهن اصول ۽ قاعدي جي
پابندي ڪانه ڪئي وئي هئي. تنهن ڪري غلطين جو امڪان
وڌيڪ هو. هن تحقيق جو اهم مقصد هي آهي، ته قديم
ماڳن جي جاچ پڙتال، سوچ ويچار ۽ ڌيان گيان سان ڪئي
وڃي. انهيءَ لاءِ ته جيئن غلطين جو گهٽ ۾ گهٽ
امڪان هجي.
ضلع ڀونگر
(Bhavnagar)
جي قديم ماڳن جي کوٽاين مان اهڙيون يقين جوڳيون
حقيقتون مليون آهن، جن مان پتو پوي ٿو، ته اهي مٿي
ڏنل دورن
جي ورهاست مطابق آهن ۽ ٻي هزاري ق.م
(Second Millennium)
دوران
سنڌو تهذيب جي وسندين جو تعداد کوٽائي ڪيل قديم
ماڳن جي تعداد جيترو آهي، جن جي تعمير جو تعلق ٻي
هزاري ق.م سان آهي. ڀونگر ماٿريءَ جي قديم ماڳ
گهيلو
(ghelo)
۽ ڪالوڀر
(Kalubhar)
جي اوسي پاسي موجود قديم وسندين جو، جيڪڏهن ڀيٽوار
اڀياس ڪبو، ته 1800 ق.م کان 1500 ق.م تائين انهن
وسندين جو تعداد پنجوڻ تي وڌيڪ نظر ايندو. ڳوٺن جو
اهو تعداد آدم شماري وڌڻ ڪري ڪونه وڌيو آهي.
وسندين جي انهيءَ اضافي ۾ ٻه ڳالهيون نظر اچن
ٿيون، جنهن ڪري ڳوٺن جو تعداد ته وڌيڪ آهي، پر آدم
شماري ڪانه وڌي آهي.
پهرين ڳالهه هيءَ آهي، ته هڪ ئي نيات
(Community)
جي ماڻهن هڪ ئي ثقافتي دؤر ۾ هڪڙا ڳوٺ ڇڏي ٻيا وڃي
وسايا آهن. جيڪڏهن هڪ ئي ڳوٺ، هڪ ئي ثقافتي دؤر ۾
ٽي ڳوٺ بدلائيندو، ته قديم آثارن جا ماهر ته ٽي
وسنديون قلمبند ڪندا. ٽنهي قديم وسندين جي فرش جي
ايراضي مجموعي طور تي تيستائين ٻڌائي ڪانه سگهبي،
جيستائين صحيح تاريخ جي تعين ڪرڻ لاءِ هر دؤر جي
خوبي ۽ خاصيت جي اصولي پابنديءَ سان جاچ پڙتال نه
ڪئي ويندي. دورن
جي صحيح تعين ڪرڻ لاءِ گجرات ۾ باقاعده ضابطي رکڻ
لاءِ ڪجهه به ڪونه آهي.
ٻي ڳالهه ته هنن قديم ماڳن جو تعداد ظاهري طور به
زياده ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر سماجي طور تي وڌيڪ سماجي
نياتون
(Sociological Communities)
ڏسڻ ۾ ڪونه ٿيون اچن. اهڙيءَ ريت هر ڳوٺ جي ٻاهران
ڪار ڪرت ۽ روزگار جو ذريعو به ان ڳوٺ جي ماڻهن جي
مس پورت جيترو هوندو هو. اهڙن ڳوٺن جي تعداد کي
جيڪڏهن جاچ پڙتال ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري نه ڏسبو، ته ظاهري
طور انهن جو تعداد ته گهڻو ڏسڻ ۾ ايندو. تنهن ڪري
چئي سگهجي ٿو، ته انهن قديم ماڳن جي تعداد جو وچور
ڀروسي جوڳو نه آهي. قديم وسندين جي ايراضين جو
مٿاڇرو مطالعو يا ڪنهن قديم وسندي لاءِ اکيون
ٻوٽي آدمشماريءَ جو اندازو ڪرڻ به غلط آهي.
هتي پهچي اسان کي وري به قديم وسنديءَ جي جاءِ
وقوع
(Location)
بابت سوچڻو ويچارڻو پوندو. ان لاءِ لوٿل جو ماڳ
اهم آهي. مٿي به اهڙيءَ حقيقت کان آگاهه ڪيو ويو
آهي. لوٿل واري وسندي سنڌو تهذيب جي سرحد تي موجود
آهي. هي قديم ماڳ ايراضيءَ ۾ ننڍڙو ضرور آهي پر
منجهس گهڻيون اندروني تبديليون ڏسڻ ۾ اينديون.
اهڙيءَ تبديلي ۾ هڪ عوامي نوعيت جي تعمير به شامل
ڪرڻ گهرجي. هتي اسان کي شهري رٿا بنديءَ جو هڪ
واضح نقشو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ صنعتي پيداوار لاءِ
مختلف اڏاوتون به موجود نظر اچن ٿيون. جهڙوڪ: ڌاتن
کي رجائڻ جو ڪارخانو، مڻين
(Beads)
ٺاهڻ جي صنعت، عاج، سنکن، سپين ۽ ڪوڏين کي وڍڻ ڪپڻ
۽ لسي ڪرڻ جو ڪارخانو ۽ وينجهارڪي ڌنڌي سان
لاڳاپيل ڪارخانا به هئا، جتي مختلف قيمتي پٿرن کي
ڪپڻ، ڪورڻ، لسي ڪرڻ ۽ ونڌڻ جو ڪم ٿيندو هو. ثقافتي
شين جي موجودگيءَ مان پتو پوي ٿو، ته مختلف ڌنڌن
سان انهيءَ سماج جي مختلف سطحن جا ماڻهو لاڳاپيل
هئا. ثقافتي شين جي صنعتڪاري جهجهي انداز ۾ هئڻ جي
ڪري، چئي سگهجي ٿو، ته لوٿل شهر ڪنهن ڳوٺ کان
مٿڀرو ۽ منفرد حيثيت جو مالڪ هو ۽ ڳوٺاڻي نيات
(Community)
واري دائري کان گهڻو پري هو. هن شهر جي جاءِ وقوع
هن ريت آهي، ته هڪ طرف کان سنڌو تهذيب جي سرحد تي
واقع هو ته ٻئي طرف آهيڙي
(Hunters)
۽ ڏوٿي
(gatherers)
قبيلا هن جي
ويجهو
موجود هئا، جيڪي اتر گجرات جي وسيع علائقي ۾
پنهنجون وسنديون اڏي ويٺا هئا. تنهن ڪري يقين سان
چئي سگهجي ٿو، ته لوٿل جي هيءَ قديم وسندي ٻنهي
نياتن جي لهه وچڙ جو مرڪزي ماڳ هو. هن شهر جي اهڙي
جوڙجڪ جو ڀيٽوار اڀياس
(Comparative Study)
به هن تحقيقي ڪم جو هڪ حصو تصور ڪرڻ گهرجي.
|