26 جمادي الاول
1436هه
18- مارچ 2015ع |
الهڏتو وگهيو
سيڪريٽري |
پيش لفظ
هيءُ ڪتاب منهنجي پي ايڇ. ڊي جو مقالو آهي،
جنهن جو اصلي نالو
(Variation and Change in the Indus
Civilization: A study of prehistoric
gujrat
with special reference to the post urban
Harappan)
آهي. جيڪو شڪاگو يونيورسٽي جي انٿراپالاجي
(Anthropology)
جي شعبي
۾
پيش ڪيو ويو
هو.
ان مقالي
۽
هن ڪتاب ۾ ٻه واضح فرق موجود آهن: پهريون فرق
هيءُ آهي، ته اصلي متن جي اصلاح ڪري ان کي
مختصر ڪيو ويو آهي. ايئن ڪرڻ سان اهو مقالو
ننڍو ۽ جامع ٿي پيو هو، جيڪو اڳ مسئلن ۽ اضافي
حقيقتن ڪري گهڻو ڊگهو ٿي ويو هو. ان ڪري پڙهڻ
۾ سولو ۽ سمجهه ۾ اچڻ جوڳو ٿي پيو آهي. ٻي
ڳالهه هيءَ ٿي آهي، جو هن اهم نظرثانيءَ کان
پوءِ چوٿين ضميمي جو اضافو ٿي ويو آهي. جنهن ۾
گجرات جي گهيلو
(ghelo)
۽ ڪالوڀر
(Kalubhar)
جي ماٿريءَ مان دريافت ٿيل قديم ماڳن مان
ثقافتي شين جي تفصيلي معلومات ملي وئي آهي.
هتي ڏنل قديم آثارن مان هٿ آيل شين جو تفصيلي
ذڪر موجود آهي ۽ اهو مستقبل ۾ انهن ماڻهن جي
ڪم ايندو، جيڪي گجرات جي قديم آثارن تي تحقيق
ڪرڻ چاهيندا.
هن نظرثاني جي عمل ۾ ڪيترن ئي ماڻهن مون سان
تعاون ڪيو آهي.
جناب لوئس فليم
(Mouis Flam)
۽ مس مارشيا فينٽريس
(Ms Marcia Fentress)
(هاڻي ڊاڪٽر)
ڪيتريون ئي نيون تصويرون ٺاهيون آهن.
مسز جينيفر ڪئڪ
(Jennifer Quick)
هن مواد کي نئين سر ٽائيپ ڪرڻ جي ذميواري قبول
ڪئي هئي، پر خاص ڪري ضميمي
ڊي
(D)
کي ته نئين سري سان ٽائيپ ڪيو هو.
آءٌ
پي ايڇ. ڊي جي هن مقالي جي پيش لفظ ۾ ساڳين
ماڻهن جا نالا ٻيهر ورجائڻ چاهيان ٿو، جن اصل
مواد تي سوچي ويچاري تنقيدون ۽ تبصرا ڪيا، جن
کي بعد ۾ اصلاح ٿيل مواد سان شامل ڪيو ويو.
انهن دوستن منهنجي هن تحقيقي ڪم ۾ گهڻي دلچسپي
ورتي هئي ۽ پنهنجو قيمتي وقت ڏنو هو، تن جا
ٿورا آءٌ ته لاهي ڪونه ٿو سگهان.
هن کان سواءِ
آءٌ
سمٿ سونين فارين ڪرنسي پروگرام
(Smithsonian Forgien Currency Program)
۽ آمريڪن انسٽيٽيوٽ آف انڊين اسٽڊيز
(American Institute of Indian Studies)
جو ٿورائتو آهيان، جن گجرات جي فيلڊ ورڪ
۽
هن ڪتاب ڇاپڻ ۾ منهنجي مالي سهائتا ڪئي.
هن پيش لفظ ۾ جيڪڏهن
”انڊين
آرڪيالاجيڪل
سوسائٽي“
جي ڊاڪٽر ايس. پي. گپتا
(Dr. S.P
gupta)
جو ذڪر نه ڪندس ته ڪم
اڻپورو
ثابت ٿيندو، جنهن مهرباني ڪري هن ڪتاب ڇاپڻ جي
آڇ ڪئي. هن سوسائٽيءَ جو منصوبو نهايت اعليٰ
آهي
۽ هن سوسائٽي سان لاڳاپيل هئڻ تي مون کي ڏاڍي
خوشي آهي.
نئين دهلي
نومبر 1980ع
مڃتا
منهنجي لاءِ اها وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو
آءٌ
هن مقالي جي منڍ ۾ انهن مهان ماڻهن ۽ عظيم
ادارن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، جن
منهنجي علمي زندگيءَ
۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو ۽
هن اڀياس کي ممڪن بڻايو.
اهڙا ماڻهو گهڻين جڳهن تي موجود آهن، جن جا
نالا هن مختصر جڳهه ۾ سمائي ڪونه ٿو سگهان.
تڏهن به آءٌ اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو ته سڀ
کان پهرين مون کي انٿرپالاجي
(Anthropology)
۽ ڪنهن رهبري ڪئي. هتي
آءٌ
اهڙو ذڪر منظم نموني ۽ عهدوار مرحلن مطابق ڪرڻ
چاهيان ٿو.
آءٌ
سڀني کان
پهرين
والٽر اي.
فيئر سروس جونيئر
(Walter A.Fairservis, Jr.)
جو ذڪر ڪندس، جنهن جو آءٌ تمام گهڻو ٿورائتو
آهيان، جنهن واشنگٽن يونيورسٽي ۾ اعليٰ تعليم
حاصل ڪندڙ هڪ نوجوان شاگرد کي هيءَ ڳالهه
مڃائي هئي، ته هو پنهنجي تعليم ان اداري مان
حاصل ڪري. اها به سندس ڪوشش هئي، ته
آءٌ
پنهنجي تحقيقي ڪم جي ابتدا ڏکڻ ايشيا ۾ اچي ڪريان.
واشنگٽن فئڪلٽي جي ٻين ميمبرن جهڙوڪ رابرٽ اي.
گرينگو
(Robert E.
greengo)
ائڊگار وي. ونانس
(Edgar V. Winans)
۽ ريمنڊ فوجيلسن
(Raymond Fogelson)،
جو به احسانمند آهيان، جن جي رهبري هيٺ مان
آرٽس ۾ ماسٽر ڊگري حاصل ڪري ورتي. هنن ماڻهن
سان ڊاڪٽر والٽر اي. فيئر سروس جونيئر به گڏ
هو.
سکيا
۾
ٿوريءَ وِٿيءَ کان پوءِ، مان شڪاگو يونيورسٽي
هليو ويس. منهنجي اختيار ڪيل منصوبي
جي
صلاحڪار پروفيسر رابرٽ مئڪ ائڊمس
(Robert Mec.Adams)
منهنجي تحقيق واري پروگرام مرتب ڪرڻ ۾ ڏاڍي
سهائتا ڪئي هئي. هي اهو ماڻهو هو، جنهن جي
رهنمائيءَ هيٺ تحقيق جي هن مقالي لکڻ جو
منصوبو تيار ڪيو ويو هو. فيلڊ ورڪ دوران هي
مهان ماهر مون سان لڳاتار رابطي ۾ رهندو آيو.
هن پراجيڪٽ جي هر مرحلي مطابق منهنجي تحقيقي
ڪم تي تنقيد ۽ تبصرا ڪيا ۽ عالماڻه مشورا ڏنا.
سندس اهڙن قيمتي مشورن ڪري منهنجي تحقيقي ڪم ۾
سڌارو ۽ خوبصورتي آئي، جنهن منهنجي سکڻ واري
تجربي کي وڌيڪ اهم بڻائي ڇڏيو هو.
آءٌ
پنهنجي هن تحقيقي مقالي جي ڪميٽيءَ جي ٻين
ميمبرن جهڙوڪ: رابرٽ جي. برئيڊوڊ
(Robert J. Braidwood)
۽ رونالڊ انڊن
(Ronald Inden)
جو به ٿورائتو آهيان، جن هن تحقيقاتي مقالي جي
ابتدائي تجويزن تي ماهرانه تنقيد ڪئي هئي.
آءٌ
پروفيسر ليسلي جي فريمئن
(Leslie
g.
Freeman)
۽ پروفيسر ڪارل ڊبليو بزر
(Karl W. Butzer)
جا احسان لاهي ڪونه ٿو سگهان، جن شڪاگو
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران منهنجي سوچ ۽
فڪر کي گهڻو متاثر ڪيو هو.
هندستان ۾ دکن ڪاليج جو پروفيسر ايڇ. ڊي
سناڪليا
(Snakalia)
منهنجو استاد ۽ گرو رهيو.
آءٌ
هن عظيم انسان
جي مهربانين جو ذڪر ئي نه ٿو ڪري
سگهان. هن ماڻهوءَ جي جَتن
۽ جاکوڙ سان
آءٌ
هندستان جي هڪ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل
رهيس،
جنهن ڪري مون ۾ فيلڊ ورڪ ڪرڻ جو اڻ ٿڪ اتساهه
پيدا ٿي پيو هو. ماڻهو اڻ ڏٺا ۽ ملڪ اڻ پويون
هو. ان کان سواءِ فيلڊ ورڪ ۾ نوان مونجهارا
پيدا ٿيندا رهندا هئا، تنهنڪري مون کي دکن
ڪاليج ۽ هن پروفيسر جي آفيس ۾ گهڻيون سهوليتون
مليل هيون.
آءٌ
ڊاڪٽر ايم. ڪي. ڌواليڪر
(M.K. Dhavalikar)،
ڊاڪٽر وي. اين مسرا
(V.N. Misra)،
ڊاڪٽر زيڊ. ڊي انصاري
(Z.D. Ansari)،
ايس. اين راجگرو
(S.N. Rajgduru)،
ڊاڪٽر جي.جي مجمدار
(g.g.
Mujumdar)
۽ ڊاڪٽر ايم. نگر
(M. Nagar)
جو به ٿورائتو آهيان، جن جو تعلق دکن ڪاليج جي
قديم آثارن واري شعبي سان آهي. هي ماڻهو ڪيترن
ڪلاڪن تائين منهنجي هن تحقيقي ڪم تي بحث
مباحثو ڪندا رهندا هئا ۽ مفيد مشورن سان
نوازيندا هئا. منهنجي مدد ڪرڻ ناتي هندستان جي
ٻين ماڻهن به کيرون لهڻيون، جن ۾ گجرات جي
آرڪيالاجي
(Archaeology)
کاتي جي ڊائريڪٽر جناب جي. ايم. ناناوتي
(J.M. Nanavati)،
ڊاڪٽر ڊي.پي اگروال
(D.P. Agrawal)،
جيڪو تنهن زماني ۾ ممبئي جي ٽاٽا انسٽيٽيوٽ آف
فنڊامينٽل ريسرچ ۾ ڪم ڪري رهيو هو،
۽
هاڻي گجرات جي احمد آباد واري فزيڪل ريسرچ
ليبارٽري ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. احمد آباد جي
وِديه پيٿ
(Vedyapeth)
جو ڊاڪٽر سومان
(Suman)
۽ ڊاڪٽر هوورڊ ايل.ايرڊمن
(Howard L.Erdman)
۽ سندس ساٿي، گاڍادا
(gadhada)
۽ امرملا تعلقن جي پئنچائتن جو به شڪرگذار
آهيان، پر خاص ڪري ڀاوَنگر
(Bhawnagar)
ضلعي جي انتظاميا جو به ٿورائتو آهيان، جن
منهنجي هن تحقيقي ڪم ۾ مدد ڪئي. ڊاڪٽر سومان
پانڊي
(Suman pandy)
پاڻ به ان زماني ۾ پي ايڇ.
ڊي جو شاگرد هو ۽ دکن ڪاليج سان لاڳاپيل هو ۽
گهڻو ڪري فيلڊ ورڪ ۾ مون سان گڏ هوندو هو ۽
مون کي گجرات جي ثقافت بابت سمجهائيندو رهندو
هو.
هن علمي تحقيق لاءِ منهنجي مالي مدد شڪاگو
يونيورسٽيءَ جي اَن اينڊوڊ اسڪالرشپ فنڊ
(Unendowed Shcolarship Fund)
”آمريڪن انسٽيٽيوٽ آف
انڊين اسٽڊيز“ ۽ نيشنل سائنس فائونڊيشن ڪئي
هئي.
آخر ۾ مان هنن شاگردن ڪينٽ آر. ريڪس
Kent R. Weeks
، رابرٽ سي. هپٽن
(Robert C. Hupton)
، چارلس ايل. ريڊمين
(Charles L.Redman)،
ڊينيئل
بومين
(Daniel Bowman)
۽ جيوفري ڪلارڪ
(geoffrey
Clark)
جو به شڪرگذار آهيان، جن سان خيالن جي ڏي وٺ
ڪندو هئس
۽ مون جن کان پرايو آهي.
- گريگوري ايل.پوسيل
باب پهريون
تعارف
ننڍي کنڊ جي شاندار تهذيب جي دريافت قديم
آثارن واري کاتي جي جاکوڙ ۽ جتن جو ڪمال آهي.
هتان
جي
قديم شهرن جهڙوڪ: موئن جي دڙي ۽ هڙپا جي
ابتدائي کوجنا ۽ کوٽائي ڪرائي وئي هئي. جنهن
غير متوقع طور سنڌو سڀيتا جي تشڪيلي مرحلن تان
پردو کنيو.
سر جان مارشل
(Sir John Marshall)
۽ سندس ساٿين پنهنجي راءِ
جو اظهار ڪندي انڪشاف ڪيو هو ته:
”هن
تهذيب جي شهري زندگي ميسوپوٽاميا
(Mesopotamia)
جي شهري زندگيءَ جيتري قديم آهي.“
سر جان مارشل جي کوجنائن ۽ کوٽاين هن تهذيب تي
پهرين روشني وڌي هئي، نه ته هن مهان تهذيب جي
دنيا ۾ ڪنهن کي خبر به ڪانه هئي. ان کان سواءِ
هن تهذيب جي ٻين قديم ماڳن جي کوٽاين جو سلسلو
جاري رهندو آيو. جتان ملندڙ ثقافتي شين کي
دنيا جي قديم آثارن جا عالم هميشه مانُ ۽ مڃتا
ڏيندا رهيا آهن. مثال طور: انجيل ۾ مصري
حڪمران خاندانن جي موجودگيءَ جو ذڪر موجود
آهي. ساڳيءَ ريت سمير
(Sumer)
جي بابل
(Babylonia)
سان لاڳاپيل هڪ ئي شجري سان تعلق رکندڙ
حڪمرانن جي موجودگيءَ جون شاهديون به هن ڪتاب
۾ نظر اچن ٿيون. چين جي تصنيفن ۾ شئنگ
(Shang)
جي دؤر سان تعلق رکندڙ قديم شهرن جو ذڪر ملي
ٿو. جن مان معلومات ملي ٿي، ته چين جي تهذيب
جو به هڪ قديم تاريخي سلسلو موجود آهي، پر
اهڙو ڪو قديم ڪتاب ڪونه ملي سگهيو آهي، جنهن
وسيلي قديم آثارن جي عالمن کي ننڍي کنڊ جي
قديم شهرن جي معلومات ملي سگهي. هندو ڌرم جا
ويد هتان جا قديم ڪتاب آهن، جن ۾ پڻ هن قديم
سنڌوتهذيب بابت ڪو چٽو اشارو موجود ڪونه آهي.
انهن تصنيفن ۾ فقط هيءُ ذڪر موجود آهي، ته
آرين ۽ هڙاپا جي ماڻهن وچ ۾ جنگ لڳي هئي. ٿي
سگهي ٿو، ته ڪن ماڳن جا نالا پڻ هنن ڪتابن ۾
موجود هجن، پر اهڙا امڪان فقط ڪن واقعن کان
پوءِ معلوم ٿيا آهن. اهڙا واقعا مذهبي ڪتابن
جي تاريخي سلسلن جي اصطلاحن ۾ باقاعده
سمجهاڻيءَ وسيلي معلوم ٿيا آهن.
اهڙيءَ طرح سر جان مارشل جون اهي دريافتون
خاص
مڃتا جي لائق آهن. هن قديم آثارن جي کوجنائن ۽
کوٽاين سان جذباتي لاڳاپي ۽ اتان جي لاڌ
(Findings)
کي ڇپائي پڌري ڪرڻ مان چڱيءَ ريت سمجهي سگهجي
ٿو، ته هو اتان جي ثقافتي باقيات کي وڏي اهميت
ڏئي رهيو هو. ڪيترن ماڻهن مٿس ان ڪري تنقيد به
ڪئي آهي. ان اهم ثقافتي مواد جي فطري تهن
(Natural Stratigraphy)
جي کوٽائي ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو هو، جنهن کي
هن بعد ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ان کان سواءِ هن
ٻيون حقيقي ۽ غير حقيقي غلطيون به ڪيون هيون،
جن جو تعلق سندس خيال سان هو. انهن نقادن انهن
ڳالهين کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، ته مارشل به
سندن ئي دؤر سان تعلق رکي ٿو. هن کوٽائي ۽
کوجنا دوران اهي تحقيقي طريقا ڪم آندا هئا،
جيڪي سندس سهيوڳي دوستن ميسوپوٽاميا، مصر ۽
ٻيءَ دنيا جي قديم ماڳن جي کوٽائيءَ دوران ڪتب
آندا هئا. اهو به يقين ڪري سگهجي ٿو، ته سنڌو
تهذيب جو باقي رهيل ڪم
سر
جان مارشل
(Sir John Marshall)
جي حاشين لکڻ کان گهڻو قديم آهي ۽ اهڙو ڪم
اضافي سمجهيو ويندو.
مختصر ته هڙپا ثقافت
(Harappan Culture)
جي کوجنا جو ڪم مختلف ثقافتي طرزن وارين شين
جي تهه
(Typological Level)
تائين پهچائي بند ڪيو ويو آهي. اهم ۽ توجهه
طلب درجابندي، مختلف ثقافتي شين جي طرزن جو
غور ۽ فڪر سان مطالعو، سنڌو لکت ۽ ابرق جي پٿر
(Steatite)
جي مهرن
(Seal)
اندر رکيل وٿين، ڌاتن جي توجهه طلب ڄاڻ ۽ انهن
مان ثقافتي شين ٺاهڻ جو علم ۽ جڳهن جي
تعميراتي فن ۽ ڪاريگريءَ جو مطالعو باقي رهيل
ڪم ۾ شمار ٿيڻ گهرجي. هن تنقيد مان هرگز اهو
مطلب وٺڻ نه گهرجي، ته سر جان مارشل
(Sir John Marshall)
جي کوٽاين ۽ کوجنائن جو ڪم
اهميت کان خالي آهي. يقين ڪرڻ گهرجي ته سندس
ڪيل کوٽايون ۽ کوجنائون قديم آثارن جي علم ۽
اعليٰ اصول مطابق آهن. ڪئٽلاگ ٺاهڻ ۾ قديم
آثارن ۽ مختلف ثقافتي باقيات جي طرزن جي وچور
کي قلمبند ڪرڻ ۾ به هڪ ڪارج موجود آهي. اهڙيءَ
ريت زمان ۽ مڪان
(Time and
space)
جو لاڳاپو به هتي موجود نظر ايندو، پر اهڙين
شين جي فن جو مطالعو ثقافت جي نظريه ِّ
ڪـُـليت
(Cultures holistic)
جي نقطهء نظر کان غلط آهي.
ٻڌايو ويو آهي، ته سنڌو تهذيب هڪ منفرد حيثيت
جي مالڪ آهي. هن تهذيب جو تعلق زمان ۽ مڪان
يعني ٻنهي سان آهي. سنڌو تهذيب اندر هڪ
جاگرافيائي وحدت آهي. ان ڪري سندس ثقافتي
باقيات ۾ ساڳيائپ موجود نظر ايندي. اهڙي خوبي
ڀر وارين ثقافتن ۾ ڳوليو ڪانه لڀندي. اهڙي
انفرادي خاصيت هن کان اڳ وارين ثقافتن ۾ ته
ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي، پر هن کان پوءِ ايندڙ
ثقافتن اندر به موجود ڪانه آهي. هن تهذيب يا
سڀيتا ۾ هڪجهڙين شين جو هڪ تاڃي پيٽو موجود
آهي، جنهن اندر هڪ ثقافت جو وجود نظر ايندو.
جنهن جي ڇنڊ ڇاڻ پڻ ڪري سگهجي ٿي. هن کان
سواءِ هن تهذيب جون ڪي ٻيون خاصيتون به آهن،
جن کي هڪٻئي کان الڳ ڪري بيان ڪري سگهجي ٿو.
مثال طور: اهو پتو ڪونه آهي، ته موهن جي دڙي ۽
هڙاپا وارن لاڳاپن جي قدامت ڪيتري آهي. ان کان
سواءِ علائقائي جاگرافيءَ جي به سـُـڌ سـُـڻس
ڪانه آهي يا شهرن کان پري حدن جو به ڪو پتو
پـَـرو به پئجي ڪونه سگهيو آهي. هڙاپا جي
ثقافتي تهه تي پهچي، اتان جي سياسي اقتصاديات
(Politico-economics)
جي جوڙجڪ جي ڇنڊڇاڻ ۽ کوجنا به ڪانه ڪئي وئي
آهي.
اهو به هڪ تصور موجود آهي، ته سنڌو تهذيب سنڌو
سڀيتا ۾ هڪ بي مثال اندروني هڪجهڙائي
(Internal homogeneity)
موجود آهي. اهو تصور ان ڪري ويٺل آهي، جو ٻين
تهذيبن
جو تقابلي جائزو گهٽ ورتو ويو آهي. سنڌو سڀيتا
جون ثقافتي باقيات چڱيءَ ريت سڃاڻي سگهجن
ٿيون. انهن کي ٻين تهن تان ملندڙ شين سان زمان
۽ مڪان
(Time and Space)
واري ضابطي واري اصول مطابق انهن جي ڀيٽوار
ڇنڊ ڇاڻ به ڪري سگهجي ٿي. ٻين هنڌن تي اهڙي
قسم جي تحقيقاتي طريقيڪار تي گهڻي تنقيد ڪئي
وئي آهي. جنهن کي هتي ورجائڻ جي ضرورت ڪانه
آهي [1]. هيءَ حقيقت ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي
ته
سنڌو تهذيب جي عروج جو دؤر پنج سو سالن کان به
وڌيڪ رهيو آهي. ۽ ان جي تهذيبي ايراضي ٽي لک
هم چورس ميل
(300000 S.q. Mile)
رهي آهي. تنهنڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته
ان وسيع ايراضيءَ اندر ماحولياتي ساڳيائپ نه
هئڻ ڪري ثقافتي شين جي تخليق ۾ ضرور فرق آيو
هوندو. ۽ انهيءَ ڪري مختلف قسمن جون تنظيمون
موجود هونديون. پيٽ گذر لاءِ ڪيئي قسم جون
ڪـِـرتون ۽ ڌنڌا موجود هوندا. جهڙوڪ: چوپايو
مال ڌارڻ، مڇي مارڻ، سماج جو ڪو طبقو کاپي جي
شين کي تيار ڪرڻ لاءِ ڪچي مواد کي گڏ ڪندو
هوندو يا اناج ۽ ساين ڀاڄين جي پوکي راهي
ڏانهن ڌيان ڏنو ويو هوندو. هنن مختلف قسم جي
ڌنڌن لاءِ مختلف قسم جي مـُـندن جو خيال رکيو
ويندو آهي. ان ڪري سماجي تنظيمون به مختلف
هونديون. هڪ مضبوط ۽ مربوط تهذيبي ڪاروهنوار
اندر انهن جي سماجي جوڙجڪ کي پنهنجي جدا جدا
حيثيت هوندي. ٻن ڊگهين مـُـندن هئڻ ڪري ماحول
مختلف ٿي ويندو هوندو، تنظيمون ۽ ڌنڌا به ڌار
ڌار نمونن جا هوندا. جيئن ته سنڌو تهذيب هڪ
وسيع علائقي تائين پکڙيل هئي،
تنهنڪري هڪ علائقي ۾ موسم، ماحول، نظام ۽ ڌنڌن
جي تبديليءَ ۽ ان جي اثرن کي رهبر سمجهي،
ايندڙ اهڙي موسم لاءِ اڳواٽ ئي ماحول، تنظيمن
۽ ڌنڌن جي بهتريءَ لاءِ قدم کنيا ويندا هوندا.
تنهن ڪري هن شهري نظام کي هڪ اهڙي تنظيم ڪري
ڏسڻ گهرجي، جيڪا زمان ۽ مڪان سان تبديل ٿيندي
رهي آهي. سنڌو تهذيب جي نئين سر اڀياس ڪرڻ
لاءِ مختلف شين مان ترتيب ڏنل ڍانچي کي اوليت
۽ اهميت ملڻ گهرجي، جيڪو مختلف علائقن جي
ثقافتي مرحلن جي حدبندي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار اد
اڪري ٿو.
سنڌو تهذيب کي سندس سهيوڳي مصري ۽ سميري تهذيب
کان بلڪل منفرد تصور ڪيو ويندو آهي. پر انهن
تهذيبن ۾ ڪجهه هڪجهڙايون
به موجود ڏسڻ ۾ اينديون.
مثال طور: موئن جي دڙي واري ماڳ ۽ هڙاپا کي
سمير
(Sumer)
جي اروڪ
(Uruk)
، اُر
(Ur)
يا اتان جي ٻين اڌ درجن ٻين شهرن جي پکيڙ سان
ڀيٽائي سگهجي ٿو. هيءَ حقيقت به سولائيءَ سان
معلوم ٿي وڃي ٿي، ته سمير ۾ شهري آباديءَ وارا
ماڳ گهڻا آهن. سنڌو تهذيب جا فقط ٻه وڏا شهر
آهن. پر هن تهذيب جي پکيڙ ٽي لک هم چورس ميل
آهي. پر سمير ۾ اهڙا وڏا ڇهه يا اٺ شهر موجود
آهن. جڏهن ته هن تهذيب جي پکيڙ سنڌو سڀيتا جي
پکيڙ جي اڌ يا ٽئين حصي جيتري ٿيندي. ان کان
سواءِ سمير ۾ شهري رياست
(City State)
جو هڪ نظام موجود آهي ۽ ان جي مختلف علائقن ۾
مناسب قسم جي سياسي آزادي به ڏسجي ٿي. اهڙين
حقيقتن تي مڪمل يقين ان ڪري آهي، ته اهڙيون
شاهديون اتان جي لکتن ۾ موجود آهن. اهڙيون
خوبيون ۽ خاصيتون
هڙپا
۾ ڪونه آهن. اهڙيءَ ريت حقيقتن جي وچور ۾ گهڻو
فرق آهي. مٿين خوبين ۽ خاصيتن کي نظر ۾ رکي
يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته
هڙپا ۾ اهڙي ڪنهن تنظيم جو ڪو اشارو نه ٿو
ملي.
اها به هڪ حقيقت آهي، ته سنڌو تهذيب جي ايڏي
وڏي ايراضيءَ ۾ فقط ٻه وڏا شهر آهن. هن تهذيب
جون لکتون اڃا تائين پڙهجي ڪونه سگهيون آهن.
ممڪن آهي ته هتان جي لکتن جي پڙهڻ کان پوءِ،
ڪنهن سياسي نظام جو پتو پئجي وڃي. امڪان آهي،
ته موئن جو دڙو ۽ هڙاپا ٻه جدا ۽ آزاد شهري
رياستون هجن. سمير ۾ هڪ مربوط ۽ مضبوط سياسي
نظام آهي. اهو هروڀرو ممڪن نه آهي، ته قديم
سنڌو تهذيب ۾ به ساڳيو نظام موجود هجي. هن قسم
جي هڪجهڙائيءَ لاءِ سنڌو ۽ نيل جي وچ ۾
هڪجهڙائي ممڪن ٿي سگهي ٿي. نارمر
(Narmer)
جي دؤر ۾ مصر متحد هوندي به ڪنهن حد تائين
ورهايل رهي. ٻنهي حصن جو سياسي نظام ۽ ثقافت
به جدا ڏسجي ٿي. هڪ حصي جو نالو مٿين مصر
(Upper Egypt)
۽ ٻيءَ جو نالو هيٺئين مصر
(Lower Egypt)
آهي. سياسي نظام ۽ ثقافت سان لاڳاپيل حقيقتون
به تحريرن وسيلي معلوم ٿيون آهن، جن کي لکيل
دستاويز سڏجي سگهجي ٿو. جن مان معلوم ٿئي ٿو،
ته اهو ڏاڍو مـُنڌل وايو منڊل هو. اهڙي ريت
سنڌو ۽ مصري تهذيب جي وچ ۾ ڀيٽاوار اڀياس
(comparative Study)اُُتاڇرو
۽ مٿاڇرو ثابت ٿيندو. پر سنڌ يعني موهن جو دڙو
۽ پنجاب معنيٰ هڙاپا آهي. اهڙيءَ ريت هن
علائقائي صورتحال کي مٿين مصر ۽ هيٺئين مصر
سان مشابهت ڏئي سگهجي ٿي، ليڪن اها ڀيٽ مضبوط
۽ مستحڪم نه پر ڍلي ۽ جهڙي تهڙي آهي. هن قسم
جي ڀيٽاوار اڀياس لاءِ هڪ حد موجود آهي.
هنن ٽنهي تهذيبن لاءِ هي بيان نهايت مناسب
ٿيندو، ته هي تهذيبون هڪ تهه تي مجرد
(Abstract)
۽ هڪجهڙيون ۽ ڪنهن ٻئي تهه تي شاندار ۽ بي
مثال آهن. اهڙي ثقافتي تخليقي عمل کي تهذيب جي
نالي سڏيو ويندو آهي. لفظ تهذيب
(Civilization)
جي هن کان سواءِ ٻي معنيٰ ڪانه آهي ۽ هن لفظ
جو مطلب هڪ قسم جو تسلسل به آهي. رياست
(State)
2]]
جي معنيٰ ۽ مفهوم آهي، خاص قسم جي اڳواڻيءَ
سان هڪ سياسي جوڙجڪ، جتي فرد جي حيثيت جو تعين
رت جي ويجهڙائي جي ناتي نه، پر علائقي جي نسبت
(Territorially)
سان هوندي آهي. سماجي تهن
(Social Stratification)
جي موجودگي، پنهنجي ڌنڌي ۾ مهارت جو ڪردار
جهڙوڪ: پنڊت
(Priest)
۽ لپيڪر (Scribes)
جيڪي شهري زندگيءَ سان گڏ هوندا آهن، سماجي
تنظيمن جي مڪمل تشڪيل جيڪي ماڻهن کي هڪ جاءِ
تي گڏ ڪري عام ماڻهوءَ جي ڀلي لاءِ يادگار قسم
جو ڪم ڪنديون آهن. اهڙن ماڻهن کي تهذيب جي
نظرئي
(Concept of Civilization)
تحت گڏ ڪري سگهجي ٿو. اهڙيون حقيقتون ڪن
دستاويزن جي شڪل ۾ موجود هونديون آهن يا
حڪمران گهراڻي واري مصر
(Dynastic Egypt)
سمير ۽ سنڌو تهذيب جي مختلف صورتحال مان اخذ
ڪري سگهبيون آهن. اهڙيءَ طرح انهن خاص خوبين ۽
ٻين ڳالهين کي اڳتي وڌائي هڪ ٺوس شڪل ڏني وئي.
انهن تي عمل ڪرڻ جو نمونو مختلف دؤرن ۾ مختلف
رهندو هو. اهڙيءَ ريت رياست جو خاص نوعيت جو
نظام، اڳواڻيءَ جو منفرد مزاج، اقتدار ۽
اختيارن کي استعمال ڪرڻ جو طريقو سڀ جو سڀ جدا
هوندو
هو،
تنهنڪري ثقافت جي هڪ سماجي تهه تي مختلف قسم
جون ڳالهيون موجود ملنديون. اهڙيءَ ريت ڌنڌي
جي مهارت ۽ ماڻهن جي گڏيل تخليقي عمل ۾
هڪجهڙائي جو موجود نه هئڻ ڏسبو. هتي ٺوس قسم
جي تشڪيل تي بحث ٿي رهيو آهي ۽ ان نقطهء نظر
کان سنڌو تهذيب وارو پاسو گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
سنڌو تهذيب جي شهري نظام وسيلي اخذ ڪيل
ڳالهين، ابرق - پٿر جي مهرن، مورتين ۽ ٻين
ثقافتي شين جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو، ته هتي
وسيع قسم جون ڪيئي سماجي تنظيمون مختلف ڪمن
ڪارين ۾ جُنبيل هيون. پر سنڌو تهذيب بابت ڪي
تفصيلي سوال نهايت ڏکيا آهن. هن تهذيب سان
لاڳاپيل ٻه اهم نقطا تازي تحقيق وسيلي آڏو آيا
آهن، جن جو تعلق، طرز ۽ طريقي سان آهي. پهريون
اهم نقطو هيءُ آهي، ته هيءَ وسيع ماٿري ڪنهن
وڏي تهذيب جي مرڪز هئڻ جي لائق آهي. هيءُ هڪ
جدا يا ڪو اڪيلو علائقو ڪونه آهي، نه وري
محدود ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن جي چوڌاريءَ
سرحدي ٻنو ڏئي سوڙهو ڪيو ويو هجي. هي هڪ وسيع
نظام
(System)
جو فقط هڪ پاسو چئي سگهجي ٿو. هن جي اندروني
نظام کي هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو: هن ماٿريءَ
جي ماحول اندر بلوچستان جو جابلو علائقو ۽ ان
جي اولهه ۽ ڏکڻ وارا علائقا به موجود آهن.
بلوچستان جي روهه ۽ ڪوهه واريءَ جالاري
جـُـوءِ ۾ سنڌو تهذيب جون گهڻيون شيون موجود
آهن. جنهن ۾ ٺڪر جو ٿانو جهجهي انگ ۾ ڏسڻ ۾
اچي ٿو، پر اهڙين ثقافتي شين سان گڏ اتان جو
ڪجهه مقامي طور تيار ٿيندڙ ثقافتي مواد پڻ هٿ
لڳو آهي. اهڙا ثقافتي ماڳ اتر بلوچستان جي
ڪولي
(Kulli)،
زوب
(Zhob)
۽ لورالائي
(Loralai)
۾ موجود آهن. انهن مان گهڻا ماڳ ترقي ڪري، ذري
گهٽ اچي شهري ثقافت تائين پهتا آهن. انهن ماڳن
جي اڏاوتي نموني کي به قديم آثارن سان لاڳاپيل
هڪ يادگار سڏي سگهجي ٿو. انهن جي تعمير جو
نمونو سنڌو ماٿريءَ جي جڳهن جهڙو آهي، جيڪي
دؤر جي لحاظ کان هڪٻئي جي سهيوڳي آهن ۽ انهن
جي تعميراتي ايراضي به گهٽ وڌ هڪجيتري ٿيندي.
اهڙو مثال ننڊ واري
(Nindwari)
نالي قديم ماڳ جي ابتدائي کوٽائي سان لاڳاپيل
رپورٽ مان ڏئي سگهجي ٿو، جيڪو بلوچستان جي
قلات ضلعي جي ڪولي
(Kulli)
سان واسطو رکي ٿو.
اهڙو احوال هن ريت آهي، ته ننڊواري ڳوٺ
(Kud)
ڪد نـَئن جي ساڄي ڪناري تي موجود آهي. گهر ڪچا
آهن، ڪي پڪا ۽ پيهيون ڪانن يا نڙن جون به ٺهيل
آهن. اهو ڳوٺ هڪ قديم دؤر جي وسنديءَ ويجهو
آهي. پوئين دؤر جي وسندي چنڊ جهڙي شڪل تي
تعمير ٿيل آهي. جنهن جي ايراضي هڪ هزار گز کان
ٻارنهن سو گزن
(1000 Sqard to 1200 yards)
تائين ٿيندي. جڏهن ته اولهه کان اوڀر ماپ مٿي
ڏنل ماپ جي اڌ جيتري ٿيندي. ڄاڻايل وسندي نئن
جي ڪناري کان شروع ٿي، مرڪزي حصي تائين پهچي
ٿي. اها اڏاوت ڦڏي سڏي چوڪنڊي ٿلهي جهڙي
مٿاهينءَ جڳهه تي ڏسجي ٿي، جنهن جي پاسن جي
چوڌاري اهم ۽ قديم يادگار آهن. ان ماڳ جي وچ
تي هڪ مرڪزي حيثيت جو دڙو آهي، جيڪو اڻ گهڙيل
پٿرن جو هڪ ڍير ڏسجي ٿو. انهن مان ڪي پٿر پنج
کان ست فوٽ ڊگها ۽ تور ۾ هڪ ٽن کان وڌيڪ ڳرا
ٿيندا. ان دڙي جو مٿيون پاسو مـُنڊيءَ
جهڙي شڪل
(Ring Shaped)
۾ آهي، جنهن جي وچ تي کڏ آهي. اها اڏاوت اڻ
پوري چؤڪنڊي ٿلهي کان 25 فوٽ ۽ نئن کان 75 فوٽ
اوچي آهي.
ان وچين حصي جي چوڌاري پٿر سان اوساريل ڀتين
جا اُهڃاڻ موجود آهن، جن کي اڄ
به
محسوس ڪري سگهجي ٿو. تعمير جي رٿابنديءَ مان
معلوم ٿئي ٿو، ته ڀتين جو اهو سلسلو ٿلهي کي
جهلي بيهڻ لاءِ ٽيڪ طور ڏنو ويو آهي، جيڪو نئن
کان مٿي هوريان هوريان ٿيندو مٿي اچي ٿو.
اهڙيءَ ريت ڀتيون به هڪٻئي مٿان اُوساريون
ويون ٿيون ڏسجن. ٻن ڀتين جي وچ تي پٿرن جي
ٽڪرن ۽ ٽوٽن کي ڪتب آندو ويو آهي. هن اڏاوت جي
صفا هيٺئين حصي ۾ هڪ نهايت اهم اڏاوت آهي،
جيڪا نئن جي ڪناري سان هلندي وڃي ٿي [3].
ڳوٺ
”نند
واري“
مان ابرق پٿر جون ٺهيل مهرون به مليون آهن،
جنهن جو تعلق سنڌو تهذيب سان آهي. تنهن ڪري
يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته بلوچستان جي مٿاهن
پٽن وارا قديم ماڳ سنڌو ماٿريءَ واري تهذيب
کان ڪڏهن به الڳ ڪونه رهيا آهن. قديم آثارن جي
بيان ڪيل حقيقتن مطابق انهن ٻنهي ۾ نهايت
مربوط ۽ مضبوط تعلق موجود ڏسجي ٿو. ان سان گڏ
اندروني طور هڪ سماجي ۽ ثقافتي فرق به موجود
آهي. اهڙي صورتحال ٽين هزاري ق.م
(Third millennium B.C)
دوران ڏسجي ٿي. هيءُ هڪ
اهڙو نظام ۽ طريقه ڪار آهي، جنهن وسيلي نظر
ايندڙ هڪجهڙايون چڱيءَ ريت سمجهائي سگهجن
ٿيون. اهڙيون حقيقتون ماحول ۽ صورتحال مطابق
به نظر اچن ٿيون. بلوچستان روهه ۽ ڪوهه وارو
مٿانهون پٽ آهي، جيڪو سوڙهين ماٿرين سان چٽيل
ڏسجي ٿو. سياري ۾ هي علائقو ڏاڍو ٿڌو هوندو
آهي. هن موسم ۾ جتي برفباري پڻ ٿيندي آهي. مٿي
ذڪر ڪيل سوڙهين ماٿرين ۾ آباديءَ لائق زمين به
هوندي آهي. ڪوئيٽا جي اوسي پاسي به اهڙيون
ماٿريون موجود آهن. هتان جي ماڻهن جو پيٽ گذر
ڪڻڪ، جوَن ۽ ٻئي اناج تي هوندو آهي. ان کان
سواءِ رڍون، ٻڪريون ۽ ٻيو چوپايو مال ڌاري به
زندگي گذاريندا آهن. بلوچستان ۾ سياري جي رُت
دوران پوکي راهي گهٽ ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ ته
آبادي لائق جوءِ به برفباريءَ ڪري ڍڪجي ويندي
آهي. هن موسم ۾ هتان جي آبادي پيٽ گذر لاءِ
سنڌو ماٿري ڏانهن لڏي پلاڻي هلي ويندي آهي.
قديم دؤر کان وٺي اهڙيءَ لڏپلاڻ وسيلي اتان جا
ماڻهو سنڌو ماٿريءَ جي آباد علائقن ۾ آباد
ٿيندا رهيا آهن. اهڙيءَ ريت بلوچ هڪ ثقافتي
نظام ۾ داخل ٿيندا رهيا آهن. اهوئي ڪارڻ آهي،
جو ٻنهي علائقن جي قديم آثارن مان مليل ثقافتي
شين ۾ هڪجهڙائپ موجود آهي. اهڙيءَ ريت سماجي ۽
ثقافتي نظام مان پڻ اهڙيون حقيقتون سولائيءَ
سان اخذ ڪري سگهجن ٿيون. جدا نسل جي ماڻهن جي
رهڻ ڪري هنن علائقن کي ماحولياتي نقطهء نظر
کان ڪڏهن به الڳ ڪري نٿو سگهجي. ساڳيو حال
گجرات ۽ سنڌو ماٿريءَ جي ماحولياتي هڪجهڙائيءَ
جو آهي، جنهن جو احوال هيٺ ڏئي رهيا آهيون.
اهڙيون ڪي حقيقتون موجود آهن، جن جي آڌار تي
چئي سگهجي ٿو، ته سنڌو تهذيب هڪ سماجي -
ثقافتي نظام جو منفرد تجربو هو، جيڪو ڪامياب
ٿي ڪونه سگهيو. ايراضيءَ جي نقطهء
نظر کان هي نظام هڪ وسيع علائقي تائين پکڙيل
هو، پر اڳتي وڌي ڪمال حاصل ڪري ڪونه سگهيو. هن
تهذيب جو عروج پنج سؤ سال هليو ۽ هن حقيقت کان
انڪار ڪري به ڪونه ٿو سگهجي ته هن تهذيب اعليٰ
نوعيت جون ڪجهه ڪاميابيون به حاصل ڪري ورتيون
هيون. قديم آثارن جي نقطهء نظر کان سنڌوتهذيب
جو کاتو (رڪارڊ) ڄڻ ڪنهن مرحوم خاندان جو
داستان آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته سنڌو تهذيب
پوءِ واري انڊين تهذيب (ننڍي کنڊ جي ثقافت) کي
هڪ قسم جي هٿي ضرور ڏني آهي، پر چين جي شئنگ ۽
سمير جي تهذيب جي برابر نه آهي.
والٽر فيئر سروس
(Walter Fairservic)
سنڌو تهذيب بابت چوي ٿو ته:
”سنڌو
- تهذيب جي مطالعي مان سولائيءَ سان سمجهي
سگهجي ٿو، ته منجهس ڳوٺاڻيون خاصيتون موجود
آهن.“
هيءُ
بيان ظاهر ۾ ته غلط ڏسبو، پر اها هڪ واضح
حقيقت آهي، ته مغربي نقطهء نظر مطابق هيءَ
تهذيب شهري تهذيب هجڻ کان وڌيڪ هڪ ڳوٺاڻي
تهذيب آهي، جيڪا عـُبيد
(Ubaid)
جي آخري شهري ثقافتي مرحلي دوران ڏسجي ٿي. اهو
دؤر انهن وسيع تبديلين کان اڳ واري زماني سان
تعلق رکي ٿو، جنهن جو تعلق اروڪ
(Uruk)
سان هو. هيءَ تهذيب ٽيڪنالاجي جي نقطهء نظر
کان عبيد جي ثقافت کان گهڻو اڳتي ضرور هئي.
سمير ۾ پنهنجون ثقافتي شيون ته موجود آهن، پر
ان سان گڏ هتي ڌاريو اثر به گهڻو ڏسجي ٿو.”
هنن ڳالهين مان محسوس ٿي رهيو آهي، ته ڪن
حقيقتن تي پردي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
سنڌو تهذيب ۾ اڳتي وڌڻ واري سگهه موجود ڪانه
هئي. جڏهن ته سميري تهذيب اڳتي وڌڻ واري طاقت
۽ صلاحيت سان مالا مال هئي ۽ اها هئي تاريخي
تهذيب سميريا
[4].
تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو، سنڌو تهذيب جون جيڪي
خوبيون ۽ خاصيتون اسان تائين پهتيون آهن، تن
جي آڌار تي محسوس ڪري سگهجي ٿو، ته هيءَ سڀيتا
يا تهذيب هڪ اهڙي سگهاري ٻار جيان آهي، جيڪو
ٻئي چڱي ۽ سگهاري ماڻهوءَ جي ترغيب قبول ڪندڙ
آهي. قديم آثارن جا ماهر هن تهذيب کي قديم ته
سمجهندا آهن، پر سندن تصور آهي، ته هي هڪ
ڳوٺاڻي ۽ مقامي سڀيتا آهي. منهنجي خيال ۾ سندن
هي نقطهء نظر غلط آهي.
هتي سنڌو تهذيب لاءِ مغرب جو هڪ عجيب
۽ غريب نقطهء
نظر آهي. هيءَ تهذيب ڪمال تائين پهچي
ڪانه سگهي. جڏهن ته سهيوڳي سڀيتائن کي
نهايت ترقي يافته تهذيب تصور ڪيو وڃي
ٿو, پر ڏسجي ٿو, ته سمير تهذيب جي
کوٽاين مان ڪيئي ثقافتي شيون مليون
آهن. جهڙوڪ: “اُرَ” مان لڌل ڳاڙهي رنگ
جي عقيق
(Carnelian)
جو مڻيو جيڪو “ار” جي شاهي قبرستان
مان هٿ آيو آهي. ڏو وولي
(Wooley)
- اُر تختي
X
- نمبر 2 - هڪ مڻيون اُر جي راڻي شبيد
(Shubade)
جي قبر مان مليو آهي. ساڳئي قسم جو
مڻيوميڪي
(Mackay)
کي موهن جي دڙي مان هٿ لڳو آهي. مئڪي
a
1929 - پليٽ 6 -
خاڪو
54 هن قسم جي مڻين جو تعلق سنڌو
تهذيبن سان آهي. مختلف قسم جو قيمتي
پٿر بدخشان جي علائقي مان کوٽي آندو
ويندو هو, جنهن جي گهڙائي ۽ لسائي
موهن جي دڙي ۾ ٿيندي هئي.