معلوم ايئن ٿيندو ته تحقيق جي هن ڪم ۾ جزوي دؤر
بي. ٻيو
(Sub Period B-II)
۽
(Period C-II)
کي گڏائي هڪ دؤر جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويو آهي. اهڙو
فيصلو ان ڪري ڪيو ويو آهي، ته هنن ٻنهي دؤرن کي
ڇني الڳ ڪري بيهارڻ لاءِ
Index Fossils
موجود ڪونه آهن. ٻنهي دؤرن کي گڏائڻ جو ڪم خود
ايس. آر. راءَ پاڻ ڪيو آهي. نظر ايئن اچي رهيو
آهي، ته هن تحقيق جو اهڙو معيار شماريات (ڳڻپ) جي
اصول تي رکيو ويو آهي. هن جي معنيٰ اها ٿيندي، ته
انهيءَ دؤر کي ٺڪر وارن ٿانون جي گهاڙ ۽ چٽ جي طرز
۾ تبديليءَ جي رفتار جي آڌار تي بيهاريو ويو آهي.
پر هتي نمونن وٺڻ واري اصولي پابنديءَ کان ڪم ڪونه
ورتو ويو آهي. جنهن جو بنياد، تهه تان هٿ آيل
ثقافتي شين جي دؤر تي بيٺل هوندو آهي. اهو طريقه
ڪار نسبتاً ڏکيو هوندو آهي. اهڙي ريت تحقيق سان
لاڳاپيل رپورٽ ۾ مدي خارج اصول کي ڪم آندو ويو هو.
۽ مختلف ٻن جزوي دؤرن
(Sub Periods)
کي گڏي سڏي هڪ بنايو ويو هو. انهيءَ ڪري مختلف تهن
جي تسلسل ۾ رخنو اچي وڃي ٿو. ۽ ان اهم ڳالهه ڏانهن
توجهه ڪونه ڏنو ويو هو. انهيءَ ڳالهه تي ٽيڪا ٽپڻي
ايندڙ صفحن ۾ ڪئي ويندي.
خاڪو 6: لوٿل ۽ رنگپور ۾ طبقات الارض جي ترتيب
رنگ پور جي دؤرن سان لاڳاپيل حقيقت رنگ پور ٽي
(Rangpura III)
جي تهه تي انهن ٿانون جي گهاڙ ۽ طرز تي مدار رکي
ٿي جيڪي چمڪدار ڳاڙها ٿانوءَ
(Lustrous Red Ware)
آهن. اهي ٿانو پنهنجي وَڙَ ۽ گهاڙ ۾ ڪي وچولا ۽ ڪي
تمام ڀلا آهن. سندن ڌاءُ
(Slip)
ڳاڙهو ۽ ٿانءُ چمڪدار آهي. انهن مان ڪي وڌيڪ
چمڪدار آهن. هن قسم جو ٿانءُ رنگپور جي جزوي دؤر
سي ٻئي
Sub Period)
(IIC
۾ نظر اچي ٿو. پر رنگپور
III
۾ گهاڙ، وڙ ۽ چمڪ ۾ عروج تي پهچي وڃي ٿو. ڳاڙهي
رنگ جو هي چمڪدار ٿانءُ
(Lustrous Red Ware)
هر قديم ماڳ تي ڏسجي ٿو ۽ سڄيءَ گجرات ۾ موجود
آهي. اهڙي ٿانءَ جو مختلف ماڳن تان ملڻ ڪري، ڪنهن
دؤر جو تعين ڪري سگهجي ٿو.
گجرات جي حدن کان ٻاهر هي ٿانءُ گهٽ مليو آهي. هن
قسم جو ٿانءُ راجسٿان اديپور
(Udaipur)
ڀرسان آهر
(Ahar)
۽ نرمدا جي ڪٺار سان نوُد تولي
(Novdatoli)
ماڳ تان گهڻو لڌو آهي. هنن ٻنهي ماڳن جي ٿانون کي
ريڊيوڪاربان سان جاچي پرکي ڏٺو ويو آهي ۽ اهڙيون
ڇپيل رپورٽون موجود آهن [24]. اهو ڳاڙهو چمڪندڙ
ٿانءُ آهر جي تهه سي هڪ
(IC)
تان لڌو ويو آهي. هن ٿانءُ کي
ڪاربان 14
(14C)جي
چئن نمونن سان پرکي ڏٺو ويو آهي. جنهن کي
جدول-5
(Table-5)
[25] ۾ ڏسي سگهجي ٿو. نوَ دتولي مان هٿ آيل اهڙي
ٿانءَ کي
"Sprinkling of Lustrous Red Ware"
(چمڪڻو لسو گاڙهو ٿانُ) سڏيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته
اهو ٿانءُ عام جام نظر ڪونه آيو آهي. ۽ انهن چئن
تهن تان مليو آهي، جن جو تعلق دؤر ٽئين
(III)
سان آهي.
جدول - 5
آهر جون ريڊيو ڪاربان تاريخون/دؤر
TF-31 |
1273+108 B.C |
(1630
کان
1300 B.C) |
TF-37 |
1310+113 B.C |
(1650
کان
1370 B.C) |
TF-32 |
1552+108 B.C |
(1950
کان
1650 B.C) |
TF-34 |
1727+140 B.C |
(2170
کان
1780 B.C) |
جدول - 6
نودتولي
جون ريڊيو ڪاربان تاريخون/دؤر
TF-59 |
Phase I |
1531+108 .BC |
(2020
کان
1600 B.C) |
P-475 |
Phase I |
1605+73 B.C |
(2060
کان
1710 B.C) |
P-200 |
Phase II |
1616+130 B.C |
(2110
کان
1690 B.C) |
P-201 |
Phase II |
1657+131 B.C |
(2140
کان
1690 B.C) |
P-476 |
Phase III |
2299+69 B.C |
(2940
کان
2650 B.C) |
P-202 |
Phase III |
1658+131 B.C |
(2140
کان
1710 B.C) |
P-204 |
Phase III |
1602+130 B.C |
(2090
کان
1680 B.C) |
P-205 |
Phase III |
|
|
|
or Phase IV |
1443+128 B.C |
(1900
کان
1510 B.C) |
اهڙيءَ ريت پهرئين تهه هڪ (I)
کان وٺي تهه چوٿين
(IV)
تهه تائين ترتيب ڏئي رکيو ويو آهي. انهن لاءِ مقرر
ڪيل دؤر
Table-6
۾ ڏسي سگهجن ٿا [26]. هنن مان ٻه دؤر اهڙا آهن،
جيڪي ٻين سان ميل ڪونه ٿا کائن. وڌيڪ واضح دؤر
2299+69 آهن. اهو نه رڳو عام تسلسل کان مختلف آهي،
پر هيٺين تهن کان به ڪيترائي سؤ سال وڌيڪ قديم نظر
اچي ٿو. تنهن ڪري هن کي اڳتي ايندڙ بحث کان خارج
ڪجي ٿو.
P-476
وارو دؤر 108 + 1531 پڻ مشڪوڪ آهي. هن لاءِ کوٽائي
ڪندڙ ماهر جو چوڻ آهي، ته هيءُ نمونو کوٽائي کان
ٻه سال پوءِ مليو هو. ان وقت تائين کوجنا لاءِ
کنيل کڏ پاڻيءَ جي بيهي وڃڻ ڪري ڊهي پئي هئي. تنهن
ڪري ان نموني
(Sample)
جي سطح خراب ٿي وڃڻ جو قوي امڪان هو [27].
ريڊيو ڪاربان جي تجربي مطابق نودتولي جي دؤر ٽئين
(III)
(I
کان
IV
تهن وارو مرحلو) 1650 ق.م (2020
کان
2000
ق.م تائين) ممڪن ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته مرحلي ٽئين (III)
کان چوٿين
(IV)
تائين جو امڪاني دؤر 1450 ق.م (1680
کان
1600
ق.م) ٿي سگهي ٿو. مرحلي چوٿين
(IV)
لاءِ يقين سان ڪوبه حتمي دؤر مقرر ڪري ڪونه ٿو
سگهجي، چمڪدار ڳاڙهو ٿانءُ هن تهه ۾ هن کان هيٺ
وارن تهن تان پڻ مليو آهي. آهر مان مليل هن ٿانءَ
جو دؤر 1273 کان 1727 ق.م (2080
کان
1490
ق.م) آهي. هتي اهڙن ٿانون جو تعداد به جام آهي.
جڏهن ته نودتولي ۾ هن ٿانو جو دؤر 658 ق.م کان
1443 ق.م (2040
کان
1660
ق.م) تائين ڏسجي ٿو ۽ اهو مناسب دؤر آهي. تنهن ڪري
هي چوڻ صحيح ٿيندو، ته چمڪدار ڳاڙهو ٿانءُ پهريون
ڀيرو 1800 ق.م (2060 ق.م) ۾ ڏٺو ويو هو جيڪو 1200
ق.م (1400
کان
1380
ق.م) تائين مسلسل ٺهندو آيو آهي. پوئين دؤر آهر ۾
هن جي گهاڙ جي معيار ۾ ٿورو فرق اچي وڃي ٿو.
اهڙيءَ ريت چئي سگهجي ٿو، ته آهر جو مذڪوره دؤر
نودتولي چوٿين
(IV)
سان هڪجهڙائپ رکي ٿو. جنهن جي دؤر جو هن وقت تائين
تعين نه ٿي سگهيو آهي.
هن بحث جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو، ته رنگ پور جي
تسلسل جو خاتمو، دؤر ٽئين (III)
جو خاتمو آهي. ان جي چمڪدار ڳاڙهي ٿانو جي فهرست
کي 1200 ق.م (1400 کان 1380 ق.م) تائين بيهاري
سگهجي ٿو. ساڳئي ماڳ تي چمڪدار ڳاڙهو ٿانءُ پهريون
ڀيرو ۽ ٿوري تعداد ۾ جزوي دؤر سي. ٻئي
(Sub Period C- II)
واري مرحلي ۾ موجود ڏسجي ٿو. جيڪو ٽئين (Period-III)
مرحلي کان ٿورو اڳ آهي [28]. اهڙيءَ ريت آهر
(Period C-I)
۽ نودتولي جون پهريون صديون رنگپور جي سي. ٻئي
(Period C-II)
سان
سهمت
آهن.
تنهن ڪري رنگپور جي ٽئين (III)
لاءِ 1500 ق.م (1710 کان 1690 ق.م) مقرر ڪري سگهجي
ٿو. اهڙيءَ ريت رنگپور جي ٽئين (III)
دؤر جو آخري مرحلو 1200 کان 1500 ق.م (1710 کان
1380 ق.م) تائين سمجهي سگهجي ٿو. جزوي دؤر
(Sub Period)
وارو دؤر رنگپور جو وچون بي. ٻيو
(IIB)
۽ سي. ٻيو
(IIC)
منجهيل ۽ ڏکيو آهي. پر انهن جو هاڻي تعين ڪرڻ سولو
آهي. اهڙيءَ ريت جزوي دؤر بي. ٻيو
(IIB Sub Period)
، 1850 ق.م (2160 ق.م) ڌاران
شروع ٿئي ٿو. جڏهن ته سي. ٻيو
(IIC)
1500 ق.م (1710 کان 1690 ق.م) تائين ختم ٿي چڪو
هوندو. هيءُ دؤر لوٿل بي
(Lotahal B)
جي ٻن دؤرن جي سهمت آهي، جن کي
ڪاربان 14
جي مدد سان معلوم ڪيو ويو آهي. جيڪي هن ماڳ جا
آخري مرحلا آهن. مذڪوره ٻئي دؤر هن ريت آهن.
TF-19
2310)
کان
(2110
1809+140
۽ ٻيو
]292310
B.C)
] کان
(2110
TF-23 1866+108
کان
2310
لوٿل
B
آخري (پنج) مرحلي سان تعلق رکي ٿو، جيڪو رنگپور جي
دؤر
بي ٻيو
(Period B-II)
واري سان سهمت آهي [30]. پر هن ڳالهه لاءِ هيئن به
چئي سگهجي ٿو، ته اهي دؤر ايس. آر. راءَ جي هڪ
مثال سان ته ٺهڪي بيهن ٿا [31
]پر ٻئي مثال سان ڪونه ٿا ٺهڪن.
ماڳ ۽ انهن جا دؤر
سنڌو تهذيب سان لاڳاپيل قديم ماڳن جو ذڪر جدول - 7
۾ ڏنو ويو آهي جيڪي هيٺ ڏنل ايراضين مان لڌا ويا
هئا.
جدول - 7
سنڌو تهذيب سان لاڳاپيل گهيلو ۽ ڪالوڀر واديءَ
وارا ماڳ
جريان نمبر |
ماڳ جو نالو |
(Site Name) |
دؤر
Period |
حوالو
Reference |
1.
|
وهارووٽبو |
(Vaharvo Timbo) |
11 B.C |
gsda,
EAR |
2.
|
پاسيگام |
(Pasegam) |
11 B.C |
gsda,
EAR |
3.
|
ڪيرلاوالا |
(Kerlavalo) |
11 B.C |
gsda,
EAR |
4.
|
اوريو |
(Oriyo) |
III |
gLP |
5.
|
چيراڻيو |
(Charanio) |
II B.C |
gsda,
EAR |
6.
|
جيواني نوڍورو |
(Jiwini-No-Dhoro) |
II B.C |
gsda,
EAR |
7.
|
ڦل ٽبو |
(Phul Timbo) |
III |
gLP |
8.
|
ڀوجوادر |
(Bhojavadar III) |
II B.C |
gLP |
9.
|
ڦل وڏي |
(Phul Wadi) |
III |
gLP |
10. |
راجپپلا -
I |
(Rajpipla I) |
II B.C |
gLP |
11. |
راجپپلا -
II |
(Rajpipla II) |
III |
gLP |
12. |
راجپپلا -
III |
(Rajpipla III) |
II B.C |
glp |
13. |
راجپپلا -
IV |
(Rajpipla IV) |
II B.C |
gLP |
14. |
راجپپلا -
VI |
(Rajpipla VI) |
II B.C |
gLP |
15. |
سمقنالا -
IV |
(Samadhinala IV) |
II B.C |
gLP |
16. |
راجپپلا -
VII |
(Rajpipla VII) |
III |
gLP |
17. |
تتن |
(Tatana) |
II B.C |
gLP |
18. |
مالگام |
(Malgam) |
II B.C |
gSDA,gLP |
19. |
سيڊ فارم ماڳ |
(Seed Farm Site) |
II B.C |
glp |
20. |
هنومان نوٽبو |
(Hanuman-No-Timbo) |
II B.C |
glp |
21. |
کانڊيريو |
(Khanderio) |
II B.C, III |
gSDA |
22. |
مالگام |
(Malgam) |
II B.C |
gsda |
23. |
کيتروالو |
(Khetarvalo) |
III |
gsda, EAR |
24. |
چوسلا |
(Chosla) |
II B.C |
gcLp |
25. |
لکاڻڪا |
(Lakhanka) |
II B.C, III |
glp |
26. |
ڀوڪلي ڏهر |
(Bhokli Dhar) |
II B.C, III |
glA |
27. |
ڇوڪا اسويريا |
(Chota Isveria) |
III |
glp |
28. |
اداتالا |
(Adatala) |
II B.C |
gSDA, EAR |
29. |
مهان ديووُ |
(Mahandevio) |
II B.C |
gsda, ear |
30. |
نشادو |
(Neshdo) |
II B.C |
gsda, ear |
31. |
لکاوا |
(Lakhavav) |
II B.C |
gsda, ear |
32. |
کانڊيريو
II |
(Khanderio II) |
II B.C |
gsda |
33. |
رامپاڙا |
(Rampara) |
II B.C, III |
glp |
34. |
رامپاڙا
II |
(Rampara II) |
II B.C |
glp |
35. |
اٽاريا |
(Itaria) |
II B.C, III |
glp |
36. |
گهيلو بند |
(ghelo
Bund) |
II B.C |
glp |
|
|
|
|
|
ڀوڪلي ڏهر
(a)
ماڳ جي ضميمي الف
A،
اندر درج ڪيو ويو آهي. پر امڪان آهي، ته ان کي
ڪنهن ٻئي هنڌ ۽ مختلف نالي سان قلمبند ڪيو ويو
هجي. مون کي شڪ آهي، ته هولي والو
(Holivalo)
ماڳ شايد ڀوڪلي ڏهر آهي. هن رپورٽ کي جاچڻ مهل
اوليت ضميمي الف کي ڏني وڃي. هيءَ فهرست انهيءَ
مقصد سان ڏني وئي ته جيئن کوٽائي ٿيل انهن ماڳن کي
هڪ جاءِ تي رکي سگهجي، جيڪي گهيلو ڪالوڀر نئين
واري جوءِ مان مليا آهن. هنن ماڳن جي ترتيبوار جاچ
پڙتال به ڪئي وئي هئي. هن فهرست کي مڪمل ڪئٽيلاگ
(Catalogue)
تان نقل ڪيو ويو آهي، جيڪو ضميمي الف جي شڪل ۾ هن
ڪتاب ۾ موجود آهي.
مٿي فهرست ۾ ڏنل ماڳ جدول 7 ۽ 8 ۾ به ڏسي سگهجن
ٿا.
خاڪو7: اڀرندي گهيلو/ ڪالوڀر وادين ۾ ماڳ مڪان
خاڪو 8: الهندي گهيلو/لالوڀر وادين ۾ ماڳ مڪان
Bibliography & References
[1] B.J.L،
Berry and A.M Baker, "geographic
Sampling," in Spatial Analysis, ed. B.J.L berry
and D.F Marble (Englewood Cliffs : Prentice
Hall, 1961), p. 92.
[2] Ibid, p. 94.
[3] It Should be noted that this research did
not include a rigorous assessment of these
similarities between the Bhal tract and the
North gujarat
Plain but the soils within these two areas have
come to play an important role in
interpretation. Yet, there was no primary soils
analysis performed. It is emphasized that this
should be a priority task within any future
research strategy aimed at the
gujarat
region.
The required analysis was not performed during
the first phase of research because the
investigator was simply not qualified to carry
it out himself nor could he find the required
assistance.
[4] The Chinese pilgrim Hsuan Tsang visited the
city in the seventh century A.D.
[5] This was reported in IAR: 1960-61, pp. 7-9.
[6] Intensive search of an area of this size
usually, took between five and seven hours of
walking. On some days when several sites were
found, the time was expanded to ten hours.
[7] During the first days of survey, and at
several other points in the work I was joined in
the exploration by Dr. (then Miss) Suman Pandya.
Sites which were discovered through her
assistance have been so nor appendix A.
[8] A note of caution is necessary in the use of
local informants. It is common practice in India
for a survey to proceed making heavy, if not
exclusive, use of such people. Needless to say
they can be of help. However they were rarely
aware of the small sites, especially if there
was no noticeable topographic change or very
light scattering of artifacts.
[9] Charles Redman and P.J. Waston, "Systematic,
Intensive Surface Collection." American
Antiquity 35 (1970) : pp. 279-91 and
gregory
L. Possehl, "An Approach to Surface Collecting."
in Radiocarbon and Indian Archaeology, ed. D.P.
Agrawal and A.
ghosh
(Bombay: Tata Institute of Fundamental Research,
1973), pp. 462-75.
[10] The village of Itaria within this portion
of the survey is known as one of the poorest
villages in Gadhada Taluka. Some of the fields
appear to be little more than plowed Pea graval
with coarse thin soil.
[11] government
of India, Census of India 1961, vol. 5, pt. VI,
no. 13 : Velavadar Village Survey Monograph
(Delhi :
government of India, 1968), p. 18.
[12] Ibid, p. 1.
[13] The bibliography for these two sites is
fairly extensive. For Rangpur yearly reports are
available in IAR : 1953-54, pp. 7-8; IAR :
1954-55, pp. 11-12. A final report on Ranpur was
published. See EAR. There were three earlier
excavations at the site. M.S Vats, "Rangpur,"
Annual Report of the Archaeological Survey of
India, 1934-35 (New Delhi : Archaeological
Servey of India, 1937), pp. 34-38, and pls. XII,
XIV; g.S.
ghurye,
"Two sites in Kathiawar," Journal of the
University of Bombay 8, pt. i (1939): pp. 3-12;
M.g.
Dikshid, "Excavations at Rangpur : 1947,"
Bulletin of The Deccan College Research
Institute 11, no. 1 (1950) : pp. 3-55. Lothal,
the larger and more completely excavated of the
two sites, has yet to be published in final
form. Yearly reports are available in : IAR :
1954-55 p. 12; IAR : 1955-56 pp. 6-7; IAR :
1956-57, pp. 15-16; IAR : 1957-58, pp. 11-12;
IAR : 1958-59, pp. 13-15; IAR : 1959-60, pp.
16-18; IAR : 1961-62, pp. 9-10; IAR : 1962-63,
p. 7. There are two very fine, well illustrated
reviews of Lothal in Lalit Kala, S.R. Rao,
"Excavations at Lothal," Lalits Kala, pp. 83-89;
and S.R. Rao, "Further Excavations at Lothal,"
Lalit Kala, pp. 14-30. Another source has also
recently appeared. S.R. Rao, Lothal and the
Indus Civilization (Bombay : Asia Publishing
House, 1973). Also, S.R. Rao, Lothal Excavations
(New Delhi, Archaeological Survey of India,
1980).
[14] J.M. Nanavati, R.N. Mehta, and S.N.
Chowdhary, Somnath 1956 (Baroda : M.S University
of Baroda, 1971).
[15] For Rojdi the best reports are to be found
in IAR : 1957-58, pp. 18-23, and IAR: 1958-59,
pp. 19-21.
[16] J.P. Joshi, "Exploration in Kutch and
Excavations at Surkotada and New Light on
Harappan Migration," Journal of the Oriental
Institute M.S. University of Baroda 22, nos. 1-2
(1972) : pp. 98-114.
[17] The best review of the Rangpur report can
be found in V.N Misra, review of Ancient Indian,
Nos.18-19 in the Eastern Anthropologist 18, No.
1 (1965) : pp. 44-52.
[18] The following is offered as documentation
of this int. The compariosns are exclusively
between Rangpur and Mohen jo daro as reported in
the Marshal volumes. Compare EAR Fig. 19, No. 28
to MD P1. LXXXIV Nos. 16 and 14; EAR Fig. 19,
No. 27 to MD P1. LXXIX, No. 23; EAR Fig. 23,
Nos. 84, 83a and 83b to MD Pl. LXXXI, Nos. 50,
51 and 52; EAR Fig. 23, No. 82 to MD pl. LXXX,
No. 14; EAR Fig. 23, No. 81 to MD pl. XXX, No.
19; EAR Fig. 23, No. 79 to MD pl. LXXXIII, Nos.
57 and 60; EAR Fig. 22, No. 67 to MD pl. LXXIX,
Nos. 11 and 15; and EAR Fig. 18, Nos. 15 and 16
to MD pl. LXXXIII, Nos. 9 and 12.
[19] EAR, Pl. XVII, A. 13. Other blades of this
material are known from Lothal.
[20] For illustrations of these types see: EAR,
Fig.23, Nos. 92, 92A and 92B and Fig. 20 Nos. 32
and 33.
[21] This style is illustrated in Rao. "Further
Excavations at Lothal," Fig. C. In this example
the designs themselves and the stylistic
arrangement of design elements can be widely
compared to vessels from the Indus Valley. It
should be noted as well that the vessel form of
this example is one of Wheeler's Diagnostic
features of the Civilization. See R.E.M.
Wheeler. The Indus Civilizaiton, 3rd ed.
(Cambridge: Cambridge University Press, 1968),
p. 68. For a stylistic analysis of Indus pottery
see R.F.S. Starr, Indus Painted Pottery
(Princeton: Princeton University Press, 1941),
and O. Manchanda. A Study of Harappan Pottery
(Delhi: Oriental Publishers, 1972). The latter
book is more descriptive than Starr; however
(Mrs.) Dr. Manchanda did have access to at least
part of the Lothal pottery, and the book is
valuable for that reason.
[22] Dates TF-22, 26, 27, and 29 can be found in
S.Kusumgar, D. Lal, and R.P. Saran, "Tata
Institute Radiocarbon Date List I," Radiocarbon
5 (1963) : p. 277. Dates TF-133, 135, and 136
can be found in D.P. Agrawal. S. Kusumgar, and
D. Lal, "Tata Institute Radiocarbon Date List
III," Radiocarbon 7 (1965) : p. 294. It should
be noted that
dates
TF-133, 135, and 136 were mixed with soil and
contamination is said to be not unlikely.
[23] For Mohen jo daro
dates
see, Robert Struckenrath, Jr., "University of
Pennsylvania Radiocarbon Dates X," Radiocarbon 9
(1967) : pp. 333-34, and D.P. Agrawal et al., "Tata
Institute Radiocarbon Date List II,"
Radiocarobon 6 (1964) : p. 231.
[24] H.D. Sankalia, S.B. Deo, and Z.D. Ansari,
Excavations at Ahar (Poona : Deccan College,
1969). H.D Sankalia, B. Subbarao and S.B. Deo.
The Excavations at Maheswar and Navdatoli,
1952-53 (Poona Baroda : Deccan College-M.S.
University of Baroda, 1958). H.D Sankalia, S.B.
Deo, and Z.D. Ansari, Chalcolithic Navdatoli
(Poona-Baroda: Deccan College-M.S. University of
Baroda, 1971).
[25] S. Kusumgar, D. Lal, and R.P. Sarna, "Tata
Institute Radiocarbon Date List I," Radiocarbon
5 (1963) : pp. 275-76. There are five other
detes for this site, V-54 through V-58. These
date earlier cultural phases without Lustrous
Red Ware.
[26] This arrangement and the following
interpretation are taken from Sankalia, Deo, and
Ansari, Chalcolithic Navdatoli, p.40. The dates
have been converted to the 5730 half life for
radiocarbon and the MASCA correction factors
based on dendrochronology added.
[27] Ibid., p. 39.
[28] EAR, p. 31.
[29]
S. Kusumgar, D. Lal, and R.P. Sarna, "Tata
Institute Radiocarbon Date List I," Radiocarbon
5 (1963): p. 277.
[30] EAR, p. 181.
[31] Ibid.
[32] Ibid., p. 27. |